(ث) جميعت العلماءَ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي:
هيءَ جماعت ان وقت قائم ٿي، جڏهن 23 نومبر 1919ع ۾
خلافت ڪانفرنس جو پهريون اجلاس دهليءَ ۾ ٿي رهيو
هو. ان ۾ جشن صلح ۾ شرڪت ڪرڻ جي هڪ فتوى مرتب ڪئي
ويئي، جنهن تي بر صغير جي عالمن صحيحون ڪيون.
انهيءَ ئي وقت هڪ مجلس شورى منعقد ڪئي ويئي، جنهن
۾ طئي ڪيو ويو ته صرف گڏيل مذهبي و سياسي ڳالهين ۾
مسلمان عالم اسلام جي رهنمائيءَ جو فرض ادا ڪن.
انهيءَ تي حاضرين مجلس طرفان اتفاق راءِ سان
”جميعت العماءَ هند“ قائم ڪئي ويئي، جنهن جو مستقل
صدر مفتي ڪفايت الله ٿيو ۽ ناظم مولانا احمد سعيد
کي مقرر ڪيو ويو(4).
”جميعت العلماءَ هند“ جو پهريون اجلاس 28 ڊسمبر
1919ع ۾ امر تسر ۾ منعقد ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اتي
ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت ڪميٽيءَ جا جلسا ٿي
رهيا هئا. جمعيت العماءَ جي اجلاس ۾ پهرين جلسي جي
صدارت مولانا قيام الدين عبدالباريءَ ۽ ٻئي جلسي
جي مفتي ڪفايت الله ڪئي. انهن جلسن ۾ اهو فيصلو
ڪيو ويو ته مسجدن ۾ سلطان المعظم جو خطبو پڙهيو
وڃي. هن جماعت جا خاص مقصد هئا:
غير مسلم برادريءَ سان همدردي ۽ اتفاق سان رهڻ.
مذهبي حقن جي نظرداريءَ ۽ حفاظت ڪرڻ.
مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻ.
جميعت العلماءِ جو ٻيو اجلاس 19 کان 21 نومبر
1920ع ۾ دهليءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن جو صدر شيخ
الهند مولانا محمود حسن ديوبندي هو، جو تازو مالٽا
کان آزاد ٿي آيو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد به جيل
مان آزاد ٿي، ان جلسي ۾ شريڪ ٿيو جنهن ۾ ”ترڪ
موالات“ جو ٺهراءُ پاس ٿيو. ان ۾ خاص ڳالهيون
هيٺيون هيون:
مسلمانن کي شرعي حڪمن ڏانهن متوجه ڪيو وڃي.
حڪومت طرفان مليل خطاب، عهدا، ڪائونسل ميمبريون،
ملازموت، فوج ۽ سرڪاري تعليم کي ترڪ ڪيو وڃي.
انگلستان سان تجارتي تعلق ختم ڪيو وڃي ۽ عدالتن ۾
ڪيسن جي پيروي نه ڪئي وڃي.
خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ ڀائرن کي عزت جي نگاهه
سان ڏٺو وڃي ۽ ساڻن خوشگوار تعلقات قائم ڪرڻ
گهرجن.
قومي بيت المال ۽ تبليغي شعبه قائم ڪرڻ گهرجي
قومي درسگاهون سرڪاري امداد وٺڻ بند ڪن.
انهيءَ جلسي جي ڪارروائي پنج سئو عالمن جي صحيحن
سان شايع ڪئي ويئي، جنهن کي حڪومت ضبط ڪيو ۽
انگريز جميعت العلماءَ جا دشمن ٿي پيا.
ان باري ۾ هڪ مغربي مورخ مسٽر سمٿ پنهنجي ڪتاب
“Modern Islam in India” ۾ لکي ٿو ته:
”اسلام جا پوئلڳ برٽش حڪومت جي بلڪل خلاف هئا.
انهيءَ ســلــســلــي ۾ هــو ”جمييعت العماء
هند“ جي وسيلي ڀرپور پروپئگنڊا ڪندا رهيا“
(1).
اهڙيءَ طرح انگريزن جي طرفدار ”امن سڀا“ طرفان
پڌرائي ڪئي ويئي ته:
”اڄڪلهه جيڏانهن ٿو وڃجي تيڏانهن سوراج، قطع
تعلقات يعني سرڪار سان لاڳاپا ٽوڙڻ جي ڳالهه پيئي
ٻڌجي جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”نان ڪوآپريشن“ چيو وڃي
ٿو، جتي ڪٿي گهٽين ۾ بازارن ۾ ننڍا توڙي وڏا ڇوڪرا
سوراج جا گيت عجيب سنڌي سرن ۾ پيا ڳائيندا وتن.
اهو نمونو هاڻي ڳوٺن ۾ به پيو ٻڌجي“(2).
جميعت العلماءَ هند طرفان مختلف هنڌن تي هيٺيان
مکيه جلسا ٿيا:
مورخه 19 نومبر 1921ع تي مولانا ابوالڪلام جي
صدارت هيٺ لاهور ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ هندستانين کي
ولايتي شين جي واپرائڻ، فوج ۽ پوليس ۾ ملازمت کان
منع ڪئي ويئي.
اپريل 1922ع تي سهارنپور ۾ مولانا حسين احمد
مدنيءَ جي صدارت ۾ جلسو منعقد ٿيو، جنهن ۾ هندستان
جي سياسي حالتن جو جائزو ورتو ويو.
مورخه 31 ڊسمبر کان 2 جنوري 1924ع تائين ڪئناڊا ۾
جلسو ڪيو ويو. جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا وڏا علماءَ
شريڪ ٿيا هئا. ان ۾ مولانا حسرت موهاني جي مبارڪ
باد جي ٺهراءَ پاس ٿيا، جنهن جيل جون تڪليفون
برداشت ڪيون هيون(1).
مورخه 11 کان 16 جنوري 1925ع ۾ مولانا سيد محمد
سجاد جي صدارت هيٺ مرادآباد ۾ جلسو منعقد ٿيو.
مورخه 14 مارچ سنه 1926ع ۾ مولانا سيد سليمان
ندويءَ جي صدارت ۾ ڪلڪتي ۾ جلسو ٿيو جنهن ۾
آزاديءَ جي قرارداد پاس ڪئي ويئي. هن جلسي کي سنڌ
مان مولانا امروٽيءَ به خطاب ڪيو هو(2).
مورخه 2 کان 5 ڊسمبر 1927ع ۾ پشاور ۾ جلسو منعقد
ٿيو جنهن ۾ شيين، سُنين جي جهڳڙن تي افسوس جو
اظهار ساڻن ڪيٽن سان بائيڪاٽ ۽ جناح صاحب جي چوڏهن
نڪاتن جي تائيند ڪئي وئي.
مورخه 3 کان 6 مئي 1930ع ۾ شاهه معين الدين
اجميريءَ جي صدارت هيٺ امروهه ۾ جلسو منعقد ٿيو.
جنهن ۾ هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪانگريس سان شرڪت
جي عمل جي تائيد ڪئي ويئي.
مورخه 31 مارچ کان پهرين اپريل 1931ع تي مولانا
ابوالڪلام آزاد جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ جلسو منعقد
ٿيو جنهن ۾ سڄي هندستان جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان ۾
سول نافرماني، ديسي ڪپڙي واپرائڻ جي ترغيب ۽ پرسنل
لا جي حفاظت جا ٺهراءَ پاس ٿيا. هن جلسي کي ڪامياب
بنائڻ لاءِ حڪيم صاحب گهڻو پاڻ پتوڙيو. (ان جلسي
جي سموري ڪارروائي ”الوحيد“ ۾ ڄاڻايل آهي)(3).
مورخه کان 6 مارچ 1939ع ۾ زير صدارت مولانا
عبدالحق مدني جي دهکيءَ ۾ جلسو منعقد ٿيو جنهن ۾
هندستانين جي فائدي ۾ سترهن قراردادون پاس ٿيون.
مورخه 7 کان 9 جون 1930ع ۾ سيد حسن احمد مدنيءَ جي
صدارت هيٺ جونپور ۾ جلسو منعقد ٿيو.
اهڙيءَ طرح مورخه 20 کان 22 مارچ 1942ع ۾ مولانا
حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ لاهور ۾ جلسو ٿيو.
جنهن ۾ قومي اتحاد، وطن جي آزادي ۽ ملڪي شين
واپرائڻ تي زور ڏنو ويو(1).
”جميعت العلماءَ“ اها جماعت هئي جنهن جڏهن ترڪيءَ
جي ظالم سلطان وحيد الدين، عيسائي اتحادين سان ملي
جمهوريه پسند نوجوان ترڪن کي پسپا ڪرڻ ۽ سلطنت جي
تائيد ۾ شيخ الاسلام قسطنطنيه فتوى ڏني ته ”جيڪي
شخص مصطفْى ڪمال ۽ ان جي ساٿين کي قتل ڪندا اهي
جنت ۾ ويندا“ تڏهن هن جماعت جي علمائن ان فتوى جي
سخت مخالفت ڪئي ۽ مصطفى ڪمال جي حمايت ۾ بيان ڏنا“(2).
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي شروع کان آخر تائين هن
جماعت سان نڀائيندو آيو، ۽ جميعت العلماءَ جي مکيه
اڳواڻن مان هڪ هو. مولانا محمد صادق (کڏي) وارو
حڪيم صاحب علي الترتيب انهيءَ جماعت جا صدر ۽ جنرل
سيڪريٽري ٿي رهيا. هن جماعت سنڌي عوام جي ڀرپور
سياسي خدمت سر انجام ڏني. هن جماعت جو بنياد به
سنڌ ۾ خلافت تحريڪ سان گڏ شروع ٿيو هو. مولانا
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن جماعت کي سنڌ ۾ مقبول
بنائڻ ۽ پکيڙڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. سندس اخبار
”اصلاح“ هن جماعت جو مکيه آرگن ۽ ترجمان هئي(1).
هن جماعت ۾ رهي، وس آهر پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت
ڪيائين. خاص طرح ٻهراڙيءَ جي سنڌي مسلمانن جي
اقتصادي حالت ڏسي، کيس دلي درد محسوس ٿيندو هو.
اهڙو اظهار محترم جي ايم سيد ڏانهن لکيل هڪ خط ۾
ڪيو اٿائين ته:
”ڏسان ٿو ته اسان جي سنڌ جا مسلمان سخت کان سخت ۽
جلد کان جلد ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ دنيا ۾ رهڻ جي
لائق ٿي ڪين سگهندا. آخر سنڌ جا غريب مسلمان به ته
خدا جي مخلوق آهن. هو به هڪ شاندار تاريخ جا مالڪ
آهن. هو جهالت ۽ دنيا جي حالت کان بي خبر هئڻ ڪري
ذليل زندگي گذاري رهيا آهن. افسوس جو هنن جا ليڊر
به خود غرض ۽ هنن جي جهالت مان ناجائز فائدو وٺندڙ
آهن“(2).
جميعت العلماءَ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ به اهم
ڪارناما سر انجام ڏنا، انهن مان پهريون هو ”سنڌ جي
بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ“ جي پٺڀرائي ۽ ٻيو
هو ”ڏيهي واپار ۽ صنعت کي ترقي ڏيارڻ جي تحريڪ.“
سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي جي مسئلي کي سنڌ کان
سواءِ هند جي مختلف سياسي پارٽين جي پليٽ فارم تي
هن جماعت سڀ کان اڳ پهچايو، جيئن ته هيءَ جماعت
ڪانگريس جي ڪنهن حد تائين هم خيال هئي، ان ڪري
هندستان جي انهيءَ مکيه جماعت هن مسئلي تي به سوچڻ
۽ لوچڻ شروع ڪيو.
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ جڏهن ”خلافت تحريڪ“ دوران
”عدم تعاون“ ۽ ”ترڪ موالات“ جون تحريڪون هليون
هيون ته ان وقت سنڌ ۽ هند جي سياستدانن عوام کي
ڏيهي تجارت ۽ واپار کي ترقي وٺرائڻ ڏانهن متوجه
ڪيو هو. ماڻهو ظالم حڪمرانن جي هر هڪ شيءِ ۽
مصنوعات کان مستنفر ٿي چڪا هئا. هنن ولائتي ڪپڙو
پائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ غير ملڪي مال جو بائيڪاٽ ڪيو
هو. اها وقت جي ضرورت هئي ته عوام جي انهيءَ جذبي
کي صحيح موڙ ڏنو وڃي. پر بدقسمتيءَ سان ”خلافت
تحريڪ“ جو خاتمو اچي ويو. مگر ان کان سواءِ ”جميعت
العلماءَ“ انهيءَ عوام جي قيادت ڪئي ۽ قوم کي دڳ
ڏسيو. هن جماعت عوام جي جذبن ۽ امنگن جي ڀرپور
پٺڀرائي ڪئي. ولائتي ڪپڙي پهرڻ خلاف فتوائون ڪڍيون
۽ ڏيهي وسيلن کي ترقي وٺرائڻ جي حق ۾ تبليغون
ڪيون. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي قيادت ۾ هن
جماعت اهو فرض ڀلي ڀت پورو ڪيو. سنڌ ۾ هن جماعت جا
جيڪي به مکيه جلسا ۽ فيصلا ٿيا، سيوهاڻي مرحوم
انهن سمورن واقعن کي متاثر ڪيو ۽ جماعت جي مڪمل
قيادت ڪئي. هن جماعت خاص طرح هندو مسلم اتحاد تي
زور ڏنو. حڪيم صاحب جيتوڻيڪ هندو مسلم اتحاد جو
حامي هو ۽ ٻنهي قومن (هندن ۽ مسلمانن) ۾ اتحاد
پيدا ڪرڻ لاءِ جي ايم سيد صاحب سان شامل ٿي تمام
گهڻيو ڪوششون ڪيائين، پر ان ۾ کين ڪاميابي حاصل نه
ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ پير علي محمد راشديءَ جي ايم
سيد ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ ڄاڻائي ٿو ته:
”تون مسلم عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ گهرين ٿو،
ان لاءِ قومي اتحاد ضروري ٿو سمجهين. ائون سمجهي
نٿو سگهان ته ان قومي اتحاد کي هندو ڪيئن قبول
ڪندا(1).
راشدي صاحب جي اها ڳالهه ڪنهن حد تائين سچي هئي .
هندو اڪثر ڪري ظاهريءَ طرح اتحاد جا حامي نظر آيا
ٿي پر اندرونيءَ طور سخت مخالف هئا. جيئن ته ڀڳوان
تولاڻي لکي ٿو ته:
”اها هڪ بيهودي ڪوشش ٿيندي ته هندستان ۾ رهندڙ ڌار
ڌار فرقن، جن ۾ هندو ۽ مسلمان مکيه آهن، انهن ۾ اڻ
مندائتو اتحاد آڻجي. ڀل ته هندو پاڻ کي هندو
سمجهن، ڇو ته مسلمان، مسلمان ئي رهڻا آهن(1).“
(د) مسلم
ليگ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي:
اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صدي جي آغاز ۾ بر
صغير ۾ تحريڪ آزادي شروع ٿي ته هند نهايت چالاڪي ۽
عياري سان مسلمانن کي پاڻ سان ملائي برطانيه
سامراج خلاف هڪ متحده محاذ ٺاهيو. هندن دور انديشي
ڪري مسلمانن کي اقليتي جماعت جي حيثيت سان سياسي
طور هندو اڪثريت ۾ ضم ڪري کين متحده هندستاني
قوميت جا حسين و دلڪش خواب ڏيکاري مسلمانن جي جدا
گانه حيثيت کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيون. مهاتما گانڌي
انهيءَ مڪروهه سازش جو مرڪزي ڪردار هو، کيس يقين
هو ته هندستان ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور آزاد ٿيندو ۽
انگريزن کي آخر هي ملڪ ڇڏڻو پوندو. ان بعد هندستان
جا هندو پنهنجي اڪثريتي بنياد تي کين محڪوم
بنائيندا(2).
سياسي شعور رکندڙ مسلمان اڳواڻن هندن جي انهيءَ
سازش کي تاڙي ورتو انهي ڪري جداگانه چونڊن ٿيڻ جي
مطالبي لاءِ مورخه 16 سيپتمبر 1906ع ۾ نواب وقار
الملڪ جي صدارت هيٺ لکنوءَ ۾ مسلمانن جي گڏجاڻي
ٿي، جنهن ۾ مسلم قوم جي تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو ويو ۽ انهيءَ تنظيم جو نالو ”دي انڊيا مسلم
ليگ“ رکيو ويو جنهن جو صدر هز هائينيس سر آغا خان
کي منتخب ڪيو ويو(1).
ان سلسلي ۾ محترم جي الانا پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان
موومينٽ“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته:
”مورخه 30 ڊسمبر 1906ع ۾ نواب وقار الملڪ جي صدارت
هيٺ مسلم اڳواڻن جي ڊاڪا ۾ گڏجاڻي ٿي ۽ فيصلو ڪيو
ويو ته هندستان جي سڀني حصن مان مسلمان نمائندا
ڊاڪا ۾ گڏ ٿين ۽ هڪ جماعت ٺاهين جيڪا انڊيا مسلم
ليگ“ جي نالي سان سڏي ويندي. ان جا هيٺيان مقصد
هوندا:
(الف)مسلمانن ۾ برطانيه حڪومت لاءِ وفاداريءَ جو
احساس پيدا ڪرڻ ۽ اهڙي غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ ته
مسلمان برٽش حڪومت جي ڪنهن به فيصلي جي خلاف آهن.
(ب)هندستان ۾ مسلمانن جي سياسي حقن ۽ مفادن جي
حفاظت ڪرڻ ۽ پنهنجا جائز مطالبا با وقار نموني
حڪومت اڳيان پيش ڪرڻ.
(ث)هندستان جي مسلمانن کي ٻين قومن جي تعصب کان يا
انهن جي مقابلي ۾ اچڻ جي احساس کان بچائڻ(2).“
آخر قائداعظم محمد علي جناح جڏهن مسلم ليگ جو صدر
ٿيو تڏهن مذڪوره پروگرام تي باقاعدي عمل ڪيو ويو.
سندس سرڪردگيءَ هيٺ مختلف وقتن تي مسلم ليگ طرفان
جمله 87 ريزوليوشنس پاس ڪيا ويا (تفصيلوار ذڪر
محترم جي الانا پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان موومينٽ“(3)۾
ڄاڻايو آهي) انهن لڳاتار ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ
بمبئيءَ کان جدا ٿي ۽ پاڪستان آزاد ٿيو.
سنڌ مسلم ليگ جي شاخ 3 نومبر 1917ع ۾ قائم ڪئي
ويئي، ان جو پهريون اجلاس تاريخ 11 نومبر 1917ع ۾
سيد اسد الله شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. جنهن ۾
صرف تعليم يافته ماڻهو شريڪ ٿيا(1).
سنه 1919ع ۾ جڏهن قائداعظم محمد علي جناح کي مسلم
ليگ جو صدر بنايو ويو ته سنڌ جي مسلمانن هن تنظيم
۾ وڏي دلچسپي ورتي. محمد علي جناح، جنهن جو تعلق
سنڌ سان هو ۽ نوجوان تعليم يافته وچولي طبقي سان
واسطو رکندڙ، آئيني ۽ جمهوري اصولن تي هلندڙ هو،
انهيءَ ڪري هند جا مسلمان به مسلم ليگ سان دلچسپي
وٺڻ لڳا. مورخه 10 فيبروري سنه 1924 ۾ ڊاڪٽر
عبدالمجيد (سابق سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ) جي دعوت
تي ڪوٺايل جلسي ۾ اٽڪل چاليهه جدا جدا خيالن جا
مسلمان گڏ ٿيا. جلسو ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي صدارت
هيٺ ٿيو. مسٽر محمد خان مسلم جي اڳين ڪمن جو ذڪر
ڪيو ۽ شيخ عبدالمجيد، قاضي عبدالرحمان، حڪيم فتحم
محمد سيوهاڻي ۽ ٻين ڪيترن صاحبن مسلم ليگ کي وري
زندهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. حاجي عبدالله
هارون پنهنجي والده جي بيماريءَ سبب نه اچي سگهيو
۽ هڪ خط مجبوريءَ جو موڪليائين(2).
هن جلسي ۾ هيٺئين ڪارروائي ٿي:
ٺهراءَ پاس ٿيو ته مسلم ليگ کي وري زنده ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ ليگ جو پروگرام ڏنو وڃي.
جداگانه نيابت بابت سنڌي مسلمانن جا رايا گڏ ڪرڻ.
نوڪرين، مقامي جماعتن ۽ ڪائونسلن ۾ مسلمانن جي حقن
بابت فيصلو ڪرڻ.
سنڌ کي بمبئي صوبي کان جدا ڪرڻ. زبان جي اصول تي
جدا حڪومت جي صوبي بنائڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ.
هندستان جي حڪومت ۾ جيڪي آئنده سڌارا ٿيڻا آهن، تن
بابت سنڌ جي مسلمانن جا رايا معلوم ڪرڻ ۽ ٻيا
ضروري ڪم ڪرڻ.
ٺهراءَ پاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ جي ڪم لاءِ 25
ميمبرن جي ڪاميٽي ٺاهي ويئي.
ان بعد مسلم ليگ جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:
صدر: سيٺ حاجي عبدالله هارون
نائب صدر: محمد ڪامل شاهه
سيڪريٽري: ڊاڪٽر شيخ نور محمد
خزانچي:مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي(1).
حڪيم صاحب سنڌ جي وطن دوست ۽ عوام جي خير خواهه
سياستدانن مان هڪ هو، ان ڪري سنڌ جي ڀلائي ۽ ترقي
بابت جيڪا به پارٽي يا تنظيم قائم ڪئي ويندي هئي
ته پاڻ ان ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو. هي صاحب ان وقت
تائين مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، جيستائين اها
سنڌ سطح تي منظم ڪئي ويئي هئي، پر پوءِ جڏهن سنڌ
مسلم ليگ کي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ ضم ڪيو ويو، تڏهن
پاڻ ان کان علحدگي اختيار ڪيائين.
(ر) سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي ۽ حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي:
سنه1919ع ۾”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جي پراونشل
پولييٽيڪل ڪانفرنس هڪ پنجن ڄڻن جي سب ڪاميٽي مقرر
ڪئي، جنهن ۾ هڪ پارسي ۽ چار هندو ميمبر مقرر ڪيا
ويا هئا. اها ڪاميٽي فقط سنڌ جي جدائي بابت مڪمل
رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هئي، جنهن تحقياقت
ڪري رپورٽ ڏني ته سنڌ جو خودمختيار ۽ آزاد صوبو
ٿيڻ ضروري آهي. ان جا هيٺيان سبب هئا:
علحدگيءَ کان اڳ سنڌ تقريباً 90 سال کن بمبئيءَ
سان ملحق هئي، جنهن ڪري سنڌ جي تاريخي حيثيت ختم
ٿي چڪي هئي ۽ اقتصادي لحاظ کان وڏي نقصان هيٺ اچي
ويئي جو سنڌ جي ساليانه اپت چار ڪروڙ رپين جي لڳ
ڀڳ هئي ۽ بجيٽ ۾ مشڪل سان سنڌ کي ٻه ڪروڙ رپيا
ملندا هئا.
(1)
سنڌ بمبئيءَ کان ڏيڍ هزار ميلن جي مفاصلي تي هئي،
جنهن ڪري سنڌ جي عوام کي سرڪاري ڪمن سان اچڻ وڃڻ ۾
ڏاڍي مشڪلات در پيش ايندي هئي.
طبعي، آبهوا، تمدني ۽ معاشرتي لحاظ کان سنڌ ڌاريو
صوبو نظر آيو ٿي. مکيه ڳالهه اها هئي ته سنڌ جي
ٻولي بمبئي ۽ ان جي ٻين سڀني ڀاڱن جي ٻولي کان
نرالي هئي.
سڀني کاتن جا مکيه عملدار بمبئيءَ ۾ رهيا ٿي، جي
سال ۾ فقط هفتو ڏيڍ سنڌ جي سير تي ايندا هئا. جهن
ڪري نه ته هو سنڌ جي معاملات کان پوريءَ طرح وقف
ٿي ٿيا ۽ نه وري هتي جا مسئلا پوريءَ طرح هل ڪري
ٿي سگهيا. سنڌ تعليمي نقطئه نظر کان پست حالت کي
پهتل هئي. انهن ڳالهين کي خيال ۾ رکي سنڌ ديس جي
خيرخواهن، پبلڪ جي سچن خادمن ۽ قومي ڪارڪنن سنڌ جي
جدا ڪرڻ ۽ کيس مستقل صوبو بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع
ڪيون.
ڊسمبر سنه 1921ع ۾ ڪلڪته ۾ (هندن ۽ مسلمانن جي
گڏيل) ساليانه قومي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سنڌ مان شيخ
عبالمجيد ۽ حاجي مير محمد بلوچ شموليت ڪئي ۽ سنڌ
جي علحدگيءَ جو سوال اٿاريو(1).
ان کان پوءِ جلدي انڊين نيشنل ڪانگريس جو
ٻائيتاليهون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ کي ڌار
صوبو بنائڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ٿيو. انهيءَ معاملي ۾
سڀئي سياسي پارٽيون متفق شامل راءِ ٿيون. اهڙيءَ
طرح سنه 1919ع ۽ 1931ع ۾ سنڌ جي علحدگيءَ بابت
ڪانفرنسون منعقد ٿيون(2).
جيئن ته هن کان اڳ ۾ اهو ذڪر اچي چڪو آهي ته حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي جميعت العلماءَ جو سرگرم عمل رڪن
هو ۽ انهيءَ ئي جماعت جي پليٽ فارم تان ڪئي مرتبا
”سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي“ واري تحريڪ کي هٿي
ڏني ويئي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته خود حڪيم صاحب هن
تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
هن تحريڪ دوران ٻه قابل ذڪر واقعا رونما ٿيا. انهن
مان پهريون ۽ مکيه واقعو سنڌ جي هندو ۽ مسلمان
سياستدانن جو اهو سمجهوتو، جيڪو سندن وچ ۾ سنڌ جي
علحدگيءَ بابت ٿيو، حڪيم صاحب انهيءَ سمجهوتي جي
دستاويز تي صحيح ڪندڙن مان هڪ هو(1).
جيڪڏهن ائين چئجي ته هن انهيءَ سمجهوتي کي عمل ۾
آڻڻ ۾ هندو مسلم اتحاد کي قائم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ته
ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي تحريڪ جڏهن عوامي
تحريڪ بنجي ويئي ته سنڌ ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي
نالي سان مکيه چار ڪانفرنسون ٿيون. انهن سمورين
ڪانفرنس ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ شرڪت ڪئي. انهن
ڪانفرنسن جي نتيجي ۾ سنه 1927ع ۾ ”سنڌ آزاد
ڪانفرنس“ جي نالي سان هڪ سياسي پارٽيءَ جي
ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي ميمبر جي حيثيت سان کنيو ويو(2).
(ل) صوبائي خودمختياريءَ بعد حڪيم صاحب جو سنڌ جي
سياست ۾ حصو
سنڌ جي علحدگيءَ بعد هندو ۽ مسلمانن جا لاڳاپا حد
کان وڌيڪ خراب ٿي ويا. سنڌ جا سياستدان ٻن گروهن ۾
تقسيم ٿي ويا. مسلمان سياستدانن آل انڊيا مسلم ليگ
طرف توجهه ڏنو ته ٻئي طرف وري هندن آل انڊيا
ڪانگريس کي پنهنجو سهارو ڄاتو. انهيءَ ڪري صوبائي
خودمختياري کان پوءِ جيڪا وطن دوست سياستدانن کي
اميد پيدا ٿي هئي، سا پوري نه ٿي سگهي، ان جي بر
عڪس سنڌ جي سياست مذهبي ڪٽر پڻي جو شڪار ٿي ويئي.
حڪيم صاحب اهڙين حالتن پيدا ٿيڻ کان اڳ سياست ۾
هندو مسلم اتحاد قائم ڪرائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون
۽ پنهنجي هم خيال ساٿين ۽ سياستدانن سان ملي
”اتحاد پارٽي“ ۾ شامل ٿيو، مگر اها ڪوشس به ڪامياب
نه ٿي(1).
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هڪ مڃيل سياستدان هو. سنڌ
جي مختلف قومن ۾ قدر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو
هو. هن صاحب عملي سياست ۾ حصو وٺي عوام جي خدمت
ڪئي. سنه 1946ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو عوام
طرفان چونڊيل ميمبر ٿيو. انهيءَ دؤر ۾ سياسي
جوابداريون محسوس ڪندي پنهنجي تڪ (کڏي) جي باشندن
لاءِ پاڻ پتوڙي، سندن تڪليفون دور ڪرائي، کين
زندگيءَ جون بنيادي سهولتون ميسر ڪيائين. جهڙوڪ:
ڪراچيءَ جي ان علائقي ۾ پاڻي پهچائڻ (ان کان اڳ
اها سهولت کڏي وارن باشندن کي پوريءَ طرح ميسر نه
هئي) صفائيءَ جو انتظام رکڻ، سرڪاري پلاٽ تان عوام
جون بي دخليون بند ڪرائڻ تعليم جو پورو بندوبست
ڪرڻ، رستا ٺهرائڻ وغيره. انهيءَ ايراضيءَ ۾ قائم
ڪرايل ڇوڪرن جو ثانوي اسڪول اڃا تائين تعليمي
خدمتون سر انجام ڏيئي رهيو آهي(2).
ان کان پوءِ غريب ۽ پورهيت طبقي کي خوشحال ڏسڻ
لاءِ هاري پارٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ به حصو
ورتائين.
هن دور ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترا اهڙا دلخراش واقعا
ٿيا، جن کيس دل شڪستو ڪري وڌو، جهڙوڪ ”مسجد منزل
گاهه سکر“ وارو وقعو، جنهن جي مسلم ليگي اڳواڻن
پٺڀرائي ڪري، سياسي فائدا حاصل ڪرڻ ٿي گهريا ۽ ٻيو
”پاڪستان ٺهراءُ“ پاس ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ هندو مسلم
جهڳڙا زور وٺي ويا ۽ منجهن اتحاد آڻڻ نا ممڪن ٿي
پيو.
انهن حالتن حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي حد کان
زيادو متاثر ڪيو ۽ سندس صحت تي ڏاڍو برو اثر پيو،
تان ته سندس اچي پساهه پورا ٿيا ۽ اسان کان هميشه
لاءِ موڪلائي ويو(1).
Welferred K. Smith
“Modern Islam in India” London 1947 p. 23.
”مسلمانون کا روشن متقبل“ ص 633.
S.M. Ikram “Modern Muslim India and British
Pakistan” Lahore 1965 P. 165.
|