سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: ڳالهيون ڪتابن جون

[1947-1992]

باب: --

صفحو : 9

 

”ايميليءَ“ جي مهاڳ ۾ روسو ٻڌائي ٿو ته ”ڪنهن به خاص طريقي ڪار کي سمجهڻ لاءِ ٻن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. پهريون ته اهو طريقو بذات خود صحيح آهي يا نه، ۽ ٻيو ته ان تي عمل ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ پهرينءَ ڳالهه جي فيصلي ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪافي آهي ته ڏسجي ته اهو طريقو فطرت جي عين مطابق آهي يا ان جي برعڪس فطرت جي قانونن ۽ تقاضائن جي بغاوت ۽ خلاف ورزيءَ تي مبني آهي؟ ٻيءَ ڳالهه جو فيصلو حالتن تي مدار ٿو رکي؛ مثلاً هڪ قسم جو طريقو فرانس ۾ ڪامياب ٿيندو پر سئٽزرلئنڊ ۾ شايد نه به ٿئي. هاڻي ڪامياب ٿيندو، پر 100 سالن کان پوءِ شايد نه به ٿئي، وغيره وغيره. مون جيڪو تعليم جو طريقو ’ايميليءَ‘ ۾ بيان ڪيو ۽ سمجهايو آهي. تنهن ۾ مون اهڙين مختلف حالتن کي خيال ۾ رکيو آهي . مون فقط عام انساني فطرت جي قانون ۽ تقاضا کي خيال ۾ رکي. پنهنجو طريقو مرتب ڪيو آهي، ۽ منهنجي دعويٰ به اها آهي ته ان ۾، ڪنهن به وقتي ۽ ملڪي مصلحتن ۽ ضرورتن کي خيال ۾ نه آڻي، مون فقط اهي اصول ٻڌايا آهن، جيڪي عام انسانن لاءِ هر هنڌ ۽ هر حالت ۾ يڪسان مفيد ۽ ڪا آرمد ثابت ٿي سگهن ٿا.“

آخر ۾، روسي ته ڪن تعليمي ماهرن طرفان جيڪي عام اعتراض ڪيا ويندا آهن انهن جي باري ۾ ٻه_ چار لفظ لکڻ ضروري ٿو ڄاڻان.

پهريون اعتراض هيءُ آهي ته روسي جي طريقي تعليم ۾ امڪان هيءُ آهي ته ٻار جي عمر جا پهريان 12 ورهيه فضول ٺينگ ٽپي ۾ ضايع ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ روسي جو تعليمي اصول حقيقتاَ هيءُ آهي:

’12ورهين جي عمر تائين ٻار کي ٻار سمجهي، ۽ کيس سماجي قانونن ۽ بندشن جي غلاميءَ سيکارڻ بدران فقط فطرت جي قانونن جي پابنديءَ تي هيرائجي. يعني فقط سندس بدن، عضون، حواسن ۽ قوت کي مشق ڏيندو رهجي. ته جيئن سندس ذهن کي نصابي يا امتحاني تعليم جي ڪمهلي ۽ اڻ وڻندڙ بار ۽ بوجي کڻن بدران، فطرتي گهرجن مطابق اڀرڻ ۽ اسرڻ لاءِ خاطر خواهه موقعو ۽ فرصت ملي وڃي.‘

جيتوڻيڪ اعتراض جو جواب خود انهيءَ اصول ۾ اڳ ئي موجود آهي، تنهن هوندي به ان مزيد جواب روسو پاڻ هنن لفظن ۾ ٿو ڏئي: ”اوهان کي ڊپ ٿو وٺي ته هو (ٻار) پنهنجي اوائلي عمر بيڪار ۽ نڪمي گذريندو؟ ڇا خوش گذارڻ بيڪاري آهي؟ ڇا، ڊوڙڻ ڊڪڻ، ٽپڻ ڪڏڻ، کلڻ خوش ٿيڻ بيڪاري آهي؟ آءُ ته چوندس ته هو آئنده سڄيءَ عمر ۾ ايترو مشغول وري ڪڏهن به ڪين گذاريندو! خود افلاطون به کيل تماشي، راند روند، راڳ روپ ۽ ٻين اهڙين وندر وارين مشغولين دوران ئي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لازمي ٺهرائي آهي، ۽ سندس نظر ۾ تعليم جو بنيادي مقصد ڄڻ پورو ٿي ويو جڏهن ٻارن کي اها ڳالهه سيکاري ويئي ته هو خوش ڪيئن گذارين ! اوهان مون کي 12 سالن جو ٻار آڻي ڏيو. جنهن کي ڪجهه به نه ايندو هجي. پندرهن سالن جي عمر ۾ آءُ کيس موٽائي اوهان جي حوالي ڪندس. اوهين ڏسندا ته هن کي ڪم از ڪم اهو سڀڪجهه اچي ٿو. جو اوهان پنهنجي شاگرد کي ٻالڪپڻي کان وٺي ’سيکاريو‘ آهي. فرق فقط اوها کي هيءُ ڏسڻ ۾ ايندو ته اوهان جو شاگرد جيڪي ڄاڻي ٿو سو رڳو طوطي وانگر بر زبان ياد آهي، ۽ منهنجو شاگرد جيڪي ڄاڻي ٿو تنهن کي زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ به کيس اچي ٿو.“

ٻيو اعتراض جو عام طرح روسي جي ڏسيل تعليمي طريقي تي ڪيو ويو آهي، سو هيءُ آهي ته هو ٻار جي تعليم فقط قدرت يا فطرت (Nature) تي ڇڏي ٿو ڏئي، جنهن جو نتيجو ممڪن آهي ته فقط هيءُ نڪري ته ٻار هڪ وحشي يا ، گهڻي ۾ گهڻو، هڪ خودپرست ۽ خودپسند انسان بنجي پوي.هن اعتراض جي باري ۾ جيتوڻيڪ فقط هيءُ چوڻ ڪافي ٿيندو ته روسو ٻار جي تعليم فطرت تي ڇڏي ڏيڻ هرگز نٿو چاهي، پر سندس تعليم ۾ فطرت جي فقط رهنمائي لازمي ٿو ٺهرائي، تنهن هوندي به ضروري ٿو ڄاڻان ته روسي جا ان باري ۾ مفصل خيال هتي پيش ڪري ڇڏيان.

”ايميليءَ“ جي شروعات روسو اجهو هيئن ٿو ڪري:

”خداوند تعاليٰ سڀني شين کي نيڪ ۽ نيڪيءَ  ڏانهن مائل ٿو پيدا ڪري. انسان انهن ۾ دست اندازي ڪري کين خراب ۽ خرابيءَ ڏانهن مائل بنائي ٿو ڇڏي. هڪڙيءَ زمين جي پيدائش هو ٻيءَ زمين مان زوريءَ اپائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هڪڙي وڻ جو ميوو هو ٻئي وڻ مان حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. وقت، جاءِ قدرتي حالتن کي هو موڙي ۽ مروڙي، انهن ۾ فضول بکييڙو ۽ انتشار پيدا ڪري ٿو ڦٽي ڪري. هو پنهنجي دروازي جي ڪتي، سواريءَ جي گهوڙي ۽ خدمت گذار غلام جي فطرت کي پنهنجي فائدي خاطر اهڙيءَ طرح ته بيڪار ۽ معطل ڪري ٿو ڇڏي. جو سندن سڃاڻپ ئي مشڪل ٿيو پوي، هر ڪنهن چيز کي هو بدتهذيب ۽ بدشڪل بنائي برباد ڪرڻ پٺيان لڳل رهي ٿو ؛ کيس ڪابه چيز پنهنجي اصول ڪيءَ صورت ۽ فطري حالت ۾ نٿي پسند پوي؛ خود پاڻ جهڙي هڪ انسان کان به سندس فطرت جا خزانا ۽ جوهر ڦري. کيس پنهنجي سواريءَ واري گهوڙي وانگر هو خاص قسم جا پنڌ سيکارڻ گهري ٿو. ۽ پنهنجي باغ جي وڻن وانگر سندس شڪل شبيهه جي ، پنهنجيءَ مرضيءَ موجب، هو  از سر نو تعمير ۽ تشڪيل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو.

”باوجود انهيءَ جي، هيءَ حقيقي آهي ته اِنهيءَ تعليم ۽ سکيا کان سواءِ حالتون تنهان ئي وڌيڪ بدتر ۽ حوصله شڪن ٿي پونديون ۽ مهذب انسان اِنهيءَ باهمي تعليم کان سواءِ پنهنجي موجوده مقام تي هڪ پل به قائم رهي نه سگهندو. موجوده حالتن ۾ هڪ شخص کي ڄمڻ کان وٺي جيڪڏهن پنهنجي حال ۾ آزاد ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڏجي. ته هو يقيناَ ٻين سڀني کان زياده وحشي درندو ٿي پوندو. ذهن جون مصنوعي خود فريبيون، ٻين جي خيالن جي تقليد ۽ خوش اعتقادي، حيواني ضرورتن جو دٻاءُ، روزمره پيش ايندڙ قابل نفرت مثال ۽ اهڙيون ٻيون سماجي حالتون، جي هونئن به اسان تي هر گهڙيءَ اثر انداز ٿينديون رهن ٿيون، تن جي ماتحت کانئس پنهنجي ذاتي فطرت جي نعمت به هٿان ڇٽي ويندي، ۽ ان جي جاءِ تي کيس ٻيو ڪجهه به مفيد قابل تعريف خزانو ميسر نه ايندو ۽ سندس فطرت هڪ انهيءَ نازڪ سلي وانگر وڃي رهندي. جو آمدرفت جي هڪ عام رستي جي وچ ۾ اتفاقاَ ڦٽي پيو آهي، جنهن کي سڀڪو ايندو ويندو هيڏانهن هوڏانهن پيو ٿيلهي ۽ ٿڏي، تان جو هو ڪنهن نه ڪنهن جي پيرن هيٺان لتاڙي جي، آخر مرڳوئي ختم ٿي وڃي!

”اي، نازڪ ۽ معصوم ٻالڪ جي رحمدل ۽ ساهه صدقي ڪندڙ ماءُ! آءُ توکي واسطو ٿو ڏيان تنهنجي محبت جو؛ تون  پنهنجي انهيءَ نازڪ انگور کي انهيءَ عام رستي تان هڪ پاسي ڪر سگهين تي، ۽ ان کي سماجي رسم رواج جي تباهه ڪن چڀاٽ کان محفوظ رکي سگهين ٿي: ان کي تون پنهنجي ساهه سان سنڀال ۽ پنهنجي خالص محبت جا پاڻي ڏي: هڪ ڏينهن توکي هو اُهي رس ڀريا ميوا کارائيندو. جو هيڪر تنهنجا سڀ ڏک ڏولاوا ڏور ٿي ويندا: هاڻي ئي تون هن جي چوڌاري پنهنجي مهر ۽ شفقت جي عالم پناهه ڏيئي ڇڏ: آءُ ٿو توکي ترتيب ڏيکاريان، پر ان کي عملي صورت تون ۽ فقط تون ئي ڏيئي ٿي سگهين.

”جيئن فصل کي زراعت رستي اپائي سگهجي ٿو، تيئن انسان کي تعليم رستي سڌاري ٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو شخص شروع ۾ ئي قداور ۽ قوي ڄمي پوي، ته سندس قد ۽ سندس قوت کيس ڪهڙي ڪم جا ٿيندا. جي کيس انهن جي استعمال جو هنر حاصل نه هوندو ؟ اِهي ته پاڻ کيس نقصان ۾ وجهندا، ڇاڪاڻ ته سندس ڊگهو قد ۽ پوري قوت ڏسي. ڪوبه کيس ڪنهن قسم جي مدد ۽ دستگيريءَ جو محتاج ڪيئن ڀائيندو، ۽ هو پاڻ، ڳالهائڻ جي هنر کان محروم ۽ ڳالهائڻ معرفت جيڪي به خيال ظاهر ٿا ڪجن تن کان بنهه بي خبر هئڻ سبب، ڪنهن ٻئي تي پنهنجي محتاجي ظاهر به ڪري ڪين سگهندو؛ نتيجو هيءُ نڪرندو  ته کيس پنهنجي ضرورتن جو احساس ۽ گهرجن جو پورو علم ئي اڃا حاصل ڪين ٿيندو ته هو ان پنهنجي ڊگهي قد ۽ ضرورت کان زياده قوت سميت وڃي قبر حوالي ٿيندو! اسين هڪ صغير ٻالڪ جي ڪمزوريءَ ۽ بيچارگيءَ تي پنهنجو افسوس ٿا ظاهر ڪيون. پر اسين هيءُ نٿا ڄاڻون ته جيڪڏهن انسان جو جنم اهڙيءَ طرح هڪ صغير ٻالڪ جي صورت ۾ ايامن کان وٺي نه ٿيندو اچي ها، ته هوند انسان ذات گهڻو گهڻو اڳي نيست ونابود ٿي چڪي ها.

”اسين ضعيف ۽ ڪمزور ڄمون ٿا، اسان کي زور ۽ طاقت جو احتياج آهي؛ بيڪس ۽ بيچارا پيدا ٿيون ٿا، مدد دستگيريءَ جي اسان کي گهرج ٿي ٿئي ؛ بي سمجهه ۽ بي عقل ٿي دنيا ۾ پير ٿا پايون، عقل ۽ سمجهه جي اسان کي درڪار محسوس ٿي ٿئي. ڄمڻ وقت جن چيزن کان اسين هٿين خالي آهيون. انساني جامي پهرڻ وقت جن شين جو اسان کي احتياج آهي، اهي ئي شيون. اُهي ئي چيزون، اسان کي اسان جي تعليم معرفت بطور تحفي جي عطا ٿين ٿيون.

”اها تعليم اسان کي قدرت يا فطرت (Nature) هٿان، انسانن (Men) هٿان ۽ طبعي شين (Things) هٿان پلئي پوي ٿي. اسان جي عضون ۽ اسان جي صلاحيتن جو اندروني اڀرڻ ۽ اُسرڻ_هيءُ آهي فطرت جي تعليم جي ڪارروائي؛ پنهنجي عضون ۽ صلاحيتن جي هن تدريجي واڌ جي استعمال جو هنر ۽ انهن مان فائدن حاصل ڪرڻ جي ترتيب_ هيءُ آهي انسانن جي تعليم جو نتيجو : پنهنجي طبعي ماحول سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري، شخصي تجربي دوران، جيڪي ڪجهه پرايون ٿا_ هيءَ آهي طبعي شين جي تعليم جي ڪارگذاري.

”اهڙيءَ طرح اسان مان هر هڪ گويا ٽن استادن جي هٿ تي علم ٿو سکي. هاڻي جيڪڏهن هنن ٽنهي استادن جي تعليم جو هڪٻئي سان ٽڪر ۽ مقابلو ٿي ٿو پوي، ته ويچاري شاگرد جي تعليم ناساز ۽ ناقص ٿي پوي ٿي. ۽ پوءِ هر غريب ڪڏهن به رڳو پنهنجو پاڻ سان به همشريڪ ۽ همصلاح نٿو رهي ؛ پر جيڪڏهن انهن ٽنهي استادن جي تعليم ۾ وحدانيت ۽ هم آهنگي واقع ٿيو ٿي وڃي، ته پوءِ اسان جو شاگرد سڌو پنهنجي منزل مقصود تي وڃي ٿو رسي؛ هن جي شخصيت ۾ يڪ وجودي ۽ تنظيم پيدا ٿي ٿئي. ۽ پوءِ هو هڪ صحيح تعليم يافته انسان سمجهڻ ۽ سڏجڻ ۾ ايندو آهي.

”هاڻي، تعليمي عمل ۾ جن ٽن استادن جو هٿ آهي، تن مان فطرت جو استاد ته اسان جي بنهه وس کان ٻاهر آهي. مٿس اسان جو ڪوبه حڪم هلي نٿو سگهي: طبعي شيون به اسان جي مڪمل قبضي ۾ نه آهن: انسانن جي تعلم ئي آهي، جا اسان جي پنهنجي هٿ وس آهي ؛ پر هن دائري ۾ به اسان جي سموري طاقت محض خيالي ۽ وهمي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪير آهي، جو انهن سڀني انسانن جي هر هڪ گفتي ۽ هر هڪ عمل کي پنهنجي هٿ وس رکڻ جي اميد رکي سگهي ٿو، جن سان ٻار کي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾، ڄمڻ جي گهڙيءَ کان  وٺي، سنڌيءَ يا اڻ سنڌيءَ طرح ، واسطي ۽ لاڳاپي ۾ اچڻو ٿو پوي!

”تعليم کي جيڪڏهن هڪ فن يا هنر جي حيثيت ۾ خيال ۾ ٿو آڻجي ته پوءِ ڏسڻ ۾ هيئن ٿو اچي ته ان ۾ ڪاميابيءَ جو حاصل ٿيڻ قريب قريب هڪ ناممڪن امر آهي. ڇاڪاڻ ته ڪاميابيءَ جا جيڪي لازمي شرط آهن، سي اسان جي وس کان ٻاهر آهن؛ اسان جي ڪوشش ۽ اسان جي محنت ئي اسان کي پنهنجو مقصد اکئين ڏيکاري سگهن ٿيون. پر جيڪڏهن ان مقصد کي رسڻو ۽ اسان جي غريباڻي غوراب کي ساحل تي پهچڻو آهي، ته پوءِ اسان کي ضرور ڪنهن اتفاقي سڻائي واءَ لاءِ ترسڻو  ۽ انتظار ڪڍڻو پوندو.“

”اسان جو اهو ساحل ڪٿي آهي؟ اسان جو اهو مقصد ڪهڙو آهي؟ اهوئي جيڪو اسان جي فطرت اسان جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي_يعني صحيح ۽ صالح انسان بنجڻ. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ اشد ضروري آهي ته تعليم جا مٿي بيان ڪيل ٽيئي وسيلا همراءِ ۽ هم آهنگ رهي ڪري. اسان جي تعليم جي تڪميل ڪن. تنهنڪري اهي ٻه وسيلا. يعني طبعي شيون ۽ انسان، جيڪي ڪجهه قدر اسان جي هٿ وس آهن، تن کي ضرور ٽئين استاد، جو اسان جي وس کان بنهه ٻاهر آهي، يعني فطرت جي استاد جي ئي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان جي ئي پيرويءَ ۽ فرمانبرداريءَ ۾ پنهنجا اثر ۽ نتيجا ظاهر ڪرڻا آهن.“

”آءُ سمجهان ٿو ته روسي جي ايتريءَ مفصل ۽ واضح تشريح کان پوءِ مٿس اهو اعتراض ته سندس تعليم جي طريقي ۾ امڪان هن ڳالهه جو آهي ته ٻالڪ هڪ وحشي يا زياده ۾ زياده هڪ خود پرست ۽ خودپسند انسان بنجي پوي، ڪنهن به طرح هڪ معقول اعتراض نٿو رهي سگهي: ٻيءَ حالت ۾ محض اڻ ڄاڻائيءَ يا غلط فهميءَ کي انهيءَ اعتراض جو سبب سمجهڻو پوندو. ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته خود روسي کي به پنهنجي طريقي تعليم تي خاص انهيءَ اعتراض جي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو. تنهنڪري اهڙيءَ غلط فهميءَ جو ڪو امڪان ئي مرڳو پيدا نه ٿئي تنهن لا ءِ هن ”ايميليءَ“ ۾ ، اڳتي هلي، هيٺين لفظن ۾ پنهنجي خيال جي هڪ فيصله ڪن سمجهاڻي پيش ڪئي آهي:

”جڏهن آءُ ايميليءَ کي هڪ اهڙي انسان بنجڻ جي تربيت ڏيڻ ٿو چاهيان جو عين فطرت جي منشا مطابق هجي. تڏهن منهنجي هرگز اها مرضي ڪانهي ته آءُ کيس محض هڪ وحشي بنائي. موٽائي هڪ جهنگلي زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪريان ؛ برعڪس ان جي منهنجو مقصد ته فقط هيءُ آهي ته هو سماج ۾ رهي ڪري، ۽ سماجي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ضرورت آهر بهرو وٺندي به، ٻين ماڻهن جي شخصي حرص هوس ۽ پاروٿن خيالن ۽ عقيدن جو شڪار بنجڻ کان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت رکي سگهي: پنهنجا ڪن ۽ اکيون کولي هلي، ۽ جيڪي ڪي ڏسي وائسي، تنهن کي ضروري غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ ئي قبول ڪري ؛ پنهنجي دل کي هڪ احساس رکندڙ دل بنائي ؛ ۽ خالص عقل کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءَ جو قبضو ۽ غلبو پنهنجي دماغ مٿان قائم ۽ مسلط ٿيڻ نه ڏئي.“

هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي _ ۽ تعليم جي مڙني ماهرن ان کي هميشه تسليم پئي ڪيو آهي_ ته روسو ئي هو، جنهن تعليم جي دنيا ۾ بنيادي طرح هڪ نئين قدر، هڪ نئين زاويي ۽ هڪ نئين نظريي جو آغاز ڪيو: جديد تعليم جي سموري جدت ۽ سموري تازگي روسي جي ئي رهين منت آهي.

”برو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اجاريو،

ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،

آيو سو اَتور، جنهن ڏکيون ڏِکَ وهاريون!“

دنيا جي ههڙيءَ عظيم المرتبت شخصيت جي هڪ بهترين ۽ تاريخي شاهڪار جي چونڊ ۽ ان جي اختصار جو هيءُ نازڪ ۽ نفاست طلب ڪم. پنهنجي مڙني اوڻاين ۽ ڪمال ڪم مايگيءَ جي احساس رکڻ هوندي به، جو مون هٿ ۾ کنيو، سو فقط پنهنجن عزيز شاگردن جي بار بار تقاضا ۽ فرمائش تي، ۽ منجهن علم لاءِ جيڪو شوق ۽ دلي اشتياق ڏٺم، تنهن جي پوي ڪرڻ لاءِ. ڪيترا ڀيرا ڪلاس ۾ روسي جر فڪر ۽ تعليم تي تبصرو ڪندي. مون جيڪا سندن نگاهن ۾ چمڪ ۽ منهن تي مسرت ۽ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي. تنهن ئي آخر مون کي آماده ڪيو ته پنهنجي انتهائي عدم صلاحيت جي باوجود سندن سڪ ۽ پياس کي پنهنجي وس آهر ڪجهه قدر زياده سير آب ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. هن ڪم کي جنهن نماڻائيءَ ۽ جنهن ادب ۽ احترام سان مون هٿ وڌو. تنهن جي مون کي ئي ڄاڻ آهي، ۽ هن ”مجذوب مفڪر“ جي تصور حيات کي سميٽڻ ۽ سهيڙڻ ۾ مون کان ڪٿي ڪا سَهَوَ يا گستاخي نه ٿي وڃي، تنهن جو خوف ۽ خيال هميشه منهنجي دل تي رهيو. اميد اٿم ته اُهي. جن لاءِ جُرَت ڪري هي گل چونڊيا اٿم ۽ گلن جو عرق نچوڙيو اٿم، ۽ ٻيا سڀئي،جيڪي علم جا پياسا ۽ سچ جا سڪايل آهن، هن منهنجي ناچيز محنت مان اها سڳنڌ ۽ اها خوشبوءِ حاصل ڪندا، جيڪا گذريل ٻن سون ورهن کان وٺي علم ودانش جي دنيا کي پنهنجي پر بهار مسرتن ۽ دل نوازين سان زندگيءَ جي نت نون رازن ۽ رمزن ۽ تروتازگين جي نعمت سان مالامال ڪندي پئي آئي آهي.

آءُ پنهنجي معزز ۽ محترم محسن مسٽر غلام حسين سومري بي. اي.، ايل. ايل. بي.، بي. ٽيءَ جو نهايت شڪرگذار آهيان. جن پنهنجي بيش بها صلاح ۽ مشوري سان وقت به وقت مون کي نوازي، منهنجي قابل قدر رهبري ڪرڻ فرمائي. ڪتاب جي آخر ۾ جيڪا حوالن جي سمجهاڻي ۽ تشريح پيش ڪئي ويئي آهي، سا سندن ئي صلاح مشوري جو نتيجو آهي؛ نه فقط ايترو پر صاحب جن منهنجي هن ناقص پورهئي کي نظر مان ڪڍي ۽ پسند فرمائي، پنهنجو پر معنيٰ پيش لفظ لکيو ۽ منهنجي لاجواب حوصله افزائي ڪرڻ فرمائي.

آءُ پنهنجي عزيز ۽ مخلص دوست مسٽر شيخ عبدالله جو به بيحد ٿو رائتو آهيان، جنهن نه فقط وقت  بوقت منهنجي علمي ۽ ادبي اوڻاين ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائي، مناسب درستيون مون کي ڏسيون، ۽ ڪتاب جي طبعي تنظيم ۽ ترتيب ۽ طباعت جي سڀاويڪ غلطين درست ڪرڻ ۾، بلڪل پنهنجو ڪم سمجهي، منهنجي دستگيري ڪئي؛ پر ڪتاب جي سرورق توڙي ابتدا ۽ خاتمي واريون لاجواب تصويرون ڪڍي. انهن ۾ روسي جي تعليمي طريقي جو اهو باڪمال تصور پيش ڪيو آهي. جنهن مان جي هڪ پاسي سندس هڪ قابل فنڪار هئڻ جي ثابتي ٿي ملي، ته ٻئي پاسي وري سندس ڪمال علم دوستي ۽ ادب نوازي ظاهر ٿي ٿئي.

ٽريننگ ڪاليج فار مين.

حيدرآباد سنڌ                         محمد ابراهيم م. جويو

27_12_1949ع

 

پليو ٽارچ جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“ جيڪو هتي پيش ڪيو ويو آهي. سو  ان موضوع تي قديم زماني جي واحد مڪمل تصنيف جي حيثيت رکي ٿو. پليو ٽارچ جي سڀني تصنيفن مان هن مضمون جا ئي گهڻي ۾ گهڻا قلمي نسخا موجود آهن. يورپ جي ”نئين ساڳيءَ “ واري دؤر ۾ جيڪي به انسان دوست عالم ۽ سڌارڪ پيدا ٿيا، سي هن مضمون کان بيحد متاثر ٿيا، ۽ خصوصاَ. تعليم جي ميدان ۾ ان جي فيض جو پورو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي. تعليمي ترقيءَ جي هر تاريخ جو پهريون باب اڄ به هن مضمون جي حوالي سان ئي شروع ٿئي ٿو.

 

ٻارن جي تعليم

تقريباَ ٻه هزار ورهيه اڳي، پليو ٽارچ، پهرين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري، يونان جي ڊيلفي شهر جي ويجهو، ڪيرونيا نالي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو. هن يونان جي تاريخي شهر اٿينس ۾ تعليم ورتي،آسپاس جي ملڪن جو سير سفر ڪيا، ۽ آخر هو پنهنجي وقت جي بهترين عالم ۽ فاضل شخصن ۾ شمار ٿيو. ڪيتريون ئي اهم راڄنيتي ذميواريون هن جي سپرد ٿيون. جن هن انتهائي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏنيون.

رومي  شهنشاهت جي طاقت ۽ شان ان وقت پنهنجي چوٽيءَ تي بيٺل هئا. ٻين ڪيترن ملڪن کان سواءِ، خود يونان پڻ سندس قبضي ۾ هو. ان زماني جي ٻين يوناني عالمن ۽ بزرگن وانگر، پليو ٽارچ پڻ ڪجهه وقت روم ۾ رهيو، جتي کيس حڪومت جي هڪ اعزازي صلاحڪار جو رتبو پڻ حاصل ٿيو. پر ڌارين کان مليل ان اعزاز کي هن فخر جي قابل نه سمجهيو ۽ پنهنجيءَ ڪنهن به تحرير ۾ ان جو هن ذڪر ڪونه ڪيو آهي.

عين ان وقت جڏهن ڪاميابي سندس پير چُمي رهي هئي ۽ سندس شهرت پنهنجي عروج تي هئي. تڏهن اوچتو ئي اوچتو هو روم جهڙي مرڪزي ۽ نامياري شهر کي خيرباد چئي، موٽي پنهنجي ننڍڙي ۽ گمنام ڳوٺڙي ۾ اچي رهيو، جتي ڪنهن طرح پنهنجي غريباڻي روزگار جي بندوبست ڪرڻ کان پوءِ. هو فوراَ ڳوٺ جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي ڪم ۾ لڳي ويو. کانئس پڇيو ويو ته ”تو جهڙي نامياري ۽ قابل شخص کي ڪيرونيا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذارڻ ڪيئن ٿو پڄي؟“ تڏهن جواب ڏنائين: ”برابر، ڪيرونيا ننڍڙو ڳوٺ آهي ، پر منهنجي ڇڏي وڃڻ ڪري ته هيءُ ويتر ننڍڙو ٿي پوندو!“

پليو ٽارچ جو سڀ کان مشهور ڪتاب ”حياتيون“ نالي سان آهي، جنهن جي لکڻ مان سندس خاص مقصد هيءُ هو ته پنهنجي ديس ڀائين کي يونان جي عظمت ۽ يوناني تهذيب جي برتريءَ جا سبق ياد ڏياري ۽ کين ثابت ڪري ڏيکاري ته سندن يونان ديس ۽ يوناني تهذيب کي هر طرح روم ۽ رومي تهذيب تي فوقيت حاصل هئي. انگريزي ٻوليءَ جي جڳ مشهور شاعر، شيڪسپيئر، جا ناٽڪ گهڻي ڀاڱي پليو ٽارچ جي اُنهيءَ ڪتاب ۾ بيان ٿيل قصن ۽ واقعن تي بيٺل آهن. سندس ٻين سڀني متفرقه تصنيفن کي گڏي ”نصيحتون“ نالو ڏنو ويو آهي، جن ۾ ”محبت تي مڪالو “ ۽ برادرانه سلوڪ“، ”شادي“، ”ٻارن جي تعليم“، ”خوشامد ۽ دوستي“ ۽ ”قناعت“ تي مضمون ۽ ”پنهنجي زال ڏانهن پرچاءَ جا خط“ وڌيڪ مشهور آهن. پليو ٽارچ جي سڀني تصنيفن ۾ ماڻهپي ۽ اخلاقيات کي انسانن لاءِ هڪ عظيم ۽ بنيادي پيغام طور پيش ڪيو ويو آهي. ۽ سندس فڪر جو سارو رخ ۽ سندس قلم جو سمورو زور، خاص طرح پنهنجي ديس ڀائين کي اُڻهيءَ ئي پيغام ٻڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ استعمال ٿيل آهي.

پليو ٽارچ جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“ جيڪو هتي پيش ڪيو ويو آهي، سو ان موضوع تي قديم زماني جي واحد مڪمل تصنيف جي حيثيت رکي ٿو. پليو ٽارچ جي سڀني تصنيفن مان هن مضمون جا ئي گهڻي ۾ گهڻا قلمي نسخا موجود آهن. يورپ جي ”نئين سجاڳيءَ“ واري دؤر ۾ جيڪي به انسان دوست عالم ۽ سڌارڪ پيدا ٿيا، سي هن مضمون کان بيحد متاثر ٿيا، ۽ خصوصاَ تعليم جي ميدان ۾ ان جي فيض جو پورو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي ، تعليمي ترقيءَ جي هر تاريخ جو پهريون باب اڄ به هن مضمون جي حوالي سان ئي شروع ٿئي ٿو. تعليمي عمل لاءِ جيڪي خاص هدايتون ۽ اخلاقي نُڪتا هن مضمون ۾ موجود آهن. سي اڄ به تعليمي مسئلن ۾ دلچسپي رکندڙ هر شخص لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا.

پليو ٽارچ جي هن لافاني تصنيف جو هيءُ سنڌي ترجمو پهريائين ”نئين زندگي“ ماهيانه رسالي ۾ ڇهن قسطن ۾ شايع ٿيو هو، ۽ سنڌ جي سڀني اديبن ۽ علم دوست شخصن ان کي گهڻو پسند ڪيو هو. هاڻي هيءُ مضمون هڪ هنڌ گڏ ٿي، هن ڪتابچي جي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته ان جا لائق پڙهندڙ، خاص طرح ٻارن جا مائٽ ، استاد ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ، مثلاَ تعليمي تربيت وٺندڙ شاگرد ۽ ٻيا سمورا صاحب، اِن مان جو ڳو فائدو حاصل ڪندا.

 

حيدرآباد سنڌ.                           _محمد ابراهيم جويو

28اپريل،1972ع

 

جڏهن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيس، تڏهن مون کي اتان جي بورڊنگ هائوس جي ’سردار هائوس‘ ۾ رهايائون جنهن جي ٻاهرئين در جي مٿينءَ ونگ تي چـؤ کٽ ۾ هڪڙي فارسي شعر جي مصرع وڏن سٺن اکرن سان لکيل ڏٺيم__ ”بغير از اخلاق، انسان حيوان است“، هن مصرع جو مون تي ايڏو اثر ٿيو. جو جيتر آءُ اتي هوس. پنهنجي هر نوٽبڪ ۽ ڪتاب تي اها لکي ڇڏيندو هوس. اٿندي ويهندي. ايندي ويندي، ان مصرع تي پيئي اک پوندي هئي. ۽ ان جي لفظ لفظ جي معنيٰ تي پيو سوچندو هوس: انسان ڇا آهي، حيوان ڇا آهي. ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي، ۽ اخلاق کان سواءِ. جو انسان حيوان ٿي پوي ٿو، سو اهو اخلاق ڇا آهي!

 

وحشي جيوت جا نشان

انسان ۽ حيوان ۾ فرق ٿئي ٿو. جاندار ٻيئي آهن_ ۽ انهيءَ خيال کان انسان به حيوان آهي_ پر ٻنهي ۾، بهرحال، وڏو فرق ٿئي ٿو.

اهو فرق منجهن رڳو جسماني به ڪونهي_بلڪ ان لحاظ کان ته، بناوت توڙي ضرورتن جي سلسلي جون، منجهن گهڻي قدر هڪجهڙايون موجود آهن. جسماني طور يا جسماني ضرورتن جي خيال کان. بلڪ خود ذهني نوع جا منجهن جيڪي ڪي فرق ڏسجن ٿا، خود اهي به منجن ان هڪڙي وڏي ۽ بنيادي فرق جي نتيجي طور اسريا ۽ وڌي وڏا ٿيا آهن.

انسان ۽ حيوان ۾ اُهو وڏو فرق ڪهڙو آهي؟_ جنهن جي نتيجي ۾ منجهن سڀ ٻيا فرق پيدا ٿيا آهن؟ اُهو فرق انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ قدرتي ۽ فطرتي به نه آهي، اُهو فرق انسان شعوري طور ۽ ارادتاَ پنهنجي ۽ حيوان جي وچ ۾ پاڻ پيدا ڪيو آهي، ۽ اُهو هيءُ آهي ته انسان سماج ۾ رهندڙ حيوان آهي. سماج يا معاشرو معنيٰ ته گڏجي رهڻ_ هڪٻئي جي سهولت خاطر هڪٻئي سان گڏجي رهڻ. رڳو گڏ رهڻ جا پهريان ۽ ادنيٰ آثار ته حيواني جيوت ۾ به موجود ڏسجن ٿا، پر اهو ٿورو يا گهڻو گڏجي رهڻ خالص جبلتي نوع جو گڏجي رهڻ آهي_ ان ۾ ارادي جو ، رٿا جو، اصلاحي ڪوشش جو، يا جبلتي سطح کان مٿي يا ان جي ابتڙ ڪنهن عمل جو ڪو دخل ڪونهي.انسانن جي گڏجي رهڻ ۾ اهي سڀ ڳالهيون موجود آهن. انهيءَ ڪري  انسان کي سماجي حيوان چئجي ٿو، پر حيوان به ٻولين ٿا ۽ حيوان به ڪجهه سمجهن ٿا، ڪجهه خوش ٿين ٿا ، ڪجهه ڏکوئجن به ٿا، پر حيوانُ ناطقُ يعني ڳالهائيندڙ حيوان يا سمجهندار حيوان يا کلندڙ حيوان يا روئندڙ حيوان وغيره فقط انسان کي چئجي ٿو، بامقصد، پائدار ۽ وڌندڙ سماج يا معاشرو انسان پاڻ پيدا ڪري ٿو. ۽ هو ان ۾ رهي ٿو . هن جي اها سماجي حيثيت ئي هن کي ٻئي سڄي حيواني عالم کان جدا ڪري بيهاري ٿي. هن جو سوچڻ سمجهڻ، ڳالهائڻ، هن جو محسوس ڪرڻ،کلڻ، روئڻ وغيره سڀ هُن جا سماجي اوصاف آهن، حيوان ۽ انسان جي وچ ۾ ٻئي هر قسم جو فرق بنيادي طور هن جي انهيءَ سماجي صورت منجهان ئي اسريو ۽ وڌيو آهي. مطلب ته سماج يا معاشرو ئي انسان جي انسانيت جو _ حيوان ۽ حيوانيت کان انسان جي علحدگيءَ جو_ بنيادي سنڌو آهي.

جڏهن آءُ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه پاڻ تي اثر انداز ٿيندي ڏسان ٿو، سا هيءُ ته هر ڪنهن _ منهنجن مائٽن، استادن، دوستن ۽ ساٿين ۽ ٻين عام ماڻهن_ چاهيو ٿي ته آءُ سٺو ٿيان، چڱو ٿيان، ’ڏاهو‘ ٿيان. هر وقت، جتي. ڪٿي، جنهن ڪنهن کان اهو ئي ٿي ٻڌم: سٺو ٿيءُ، ٺيڪ ٿي هل ؛ چڱو ٿيءُ، ’ڏاهو‘ ٿيءُ ماڻهو بڻج! جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه مون کان ٿي. ويندي هئي، جا ”سٺي“، ”چڱي“، يا ”ٺيڪ“ نه هوندي هئي، ته مون کي ”ڪنو“، ”گندو“، ”خراب“ ۽ وقتي ”جانور“، ”حيوان“ وغيره به چوندا هئا. تان جو ڪنهن ڳالهه تي اها ڇينڀ ۽ ڪاوڙ، ۽ ڪنهن ڳالهه تي شاباس ۽ واهه واهه منهنجي لاءِ ”چڱي“ ۽ ”خراب“ جوگويا هڪ اهڙو سنڌو بنجي ويئي، جو آءُ رڳو ماڻهن جي انهيءَ شاباس ۽ واهه واهه لاءِ پيو واجهائيندو هوس. ۽ هوڏانهن مون کي ڪنهن ”گندو“، ”خراب“ يا ٻيو ڪو اهڙو اکر چيو، ته هڪدم شرم کان سُسي ويندو هوس ۽ دل ئي دل ۾ جڪ پيو کائيندو هوس. چڱائي ۽ برائي منهنجي لاءِ گويا ماڻهن جي وڻڻ ۽ نه وڻڻ جي ڳالهه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ان سلسلي ۾ مون کي ڪنهن ٻيءَ هستيءَ جي وڻڻ ۽ نه وڻڻ جي ڳالهه به ٻڌائيندا هئا، جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺو ڪونه هو، پر در حقيقت ان ۾ به سندن پنهنجي وڻڻ ۽ نه وڻڻ ڄي ڳالهه هوندي هئي. مطلب ته سڀ ماڻهو. جن سان منهنجو واسطو رهندو هو، يعني سڄو منهنجو سماج مون کي چڱي بنائڻ جي ڪوشش ۾ هو : ۽ آءُ جيئن پوءِ تيئن، انهن جي راضپي ۽ پسند مطابق شايد چڱو ٿيندو به ويس_ يانه به ٿيندو ويس!

پر ماڻهن جي (يا ڪنهن جي به) وڻڻ ۽ نه وڻڻ کي ڇڏي ڪري، چڱي يا خراب ڳالهه خود ڪهڙي هيءِ هئي_ _ ڇو هڪ ڳالهه چڱي هئي ۽ ٻي ڳالهه خراب هئي؟ ڇو هڪ ڳالهه ماڻهن کي وڻي ٿي ۽ ٻي ڳالهه نٿي  وڻي_ _ ان مسئلي ڏانهن، عمر جي صغير پڻي يا ذهن جي _نارسائيءَ جي ڪري. منهنجو ڪو ڌيان ڪون هو ۽ نه وري ٻئي ڪنهن منهنجي بزرگ ئي مون کي ان مسئلي جي سمجهائڻ جي ڪا ڪوشش ٿي ڪئي؛ ممڪن آهي ته اُن کي هنن ايترو ضروري  به نٿي سمجهيو.

جڏهن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيس، تڏهن مون کي اتان جي بورڊنگ هائوس جي سردار هائوس ۾ رهايائون جنهن جي ٻاهرئين در جي مٿينءَ ونگ تي چـؤکٽ ۾ هڪڙي فارسي شعر جي مصرع وڏن سٺن اکرن سان لکيل ڏٺيم_ _ ”بغير از اخلاق انسان حيوان است“ . هن مصرع جو مون تي ايڏو اثر ٿيو. جو جيتر آءُ اتي هوس ؛ پنهنجي هر نوٽبڪ ۽ ڪتاب تي اها لکي ڇڏيندو هوس. اٿندي ويهندي، ايندي ويندي، ان مصرع تي پيئي اک پوندي هئي. ۽ ان جي لفظ لفظ جي معنيٰ تي پيو سوچيندو هوس : انسان ڇا آهي، حيوان ڇا آهي. ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي، ۽ اخلاق کان سواءِ جو انسان حيوان ٿي پوي ٿو، سو اهو اخلاق ڇا آهي ! اتي پڻ سڀ استاد ڪنهن نه ڪنهن نموني اخلاق جي ڳالهه پيا ڪندا هئا، اخلاق تي مضمون لکائيندا هئا. اکاڻين ۾، پهاڪن ۾، بيتن ۾ مطلب ته ڪتابن ۾ توڙي زباني ڳالهين ٻولهين ۾ جيڪڏهن ڪا هڪڙي شيءَ هوندي هئي، جيڪا هردم پيئي ٻڌبي ۽ پڙهبي هئي. سا هئي اخلاق جي ڳالهه. (۽ آءُ سمجهان ٿو ته انساني سماج ۾ هرهنڌ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڳي، به ائين هو، تڏهن به ائين هو. ۽ هاڻي به ائين آهي.) اخلاق جي ايتري ذڪر اذڪار کان پوءِ به، ڪٿان مون کي اها سمجهاڻي، ڪانه ملي ته اخلاق جي معنيٰ جيڪڏهن چڱيون ڳالهيون، چڱا ڪم ۽ چڱا خيال آهن، ته انهن کي آخر به چڱو ڇو ٿي چيو ويو، ۽ جن ڳالهين ۽ ڪمن کي خراب چيو ٿي ويو، اهي نيٺ به ڇو خراب هئا؟ فقط ماڻهن جي ، سو به خاص ڪري وڏن جي، پسند يا نا پسند، راضپي يا ناراضپي وڻڻ يا نه وڻڻ جو سوال هو، ته پوءِ ته ڪيترائي اهڙا وڏا هئا، جيڪي پاڻ ئي اهڙيون ڳالهيون يا ڪم پيا ڪندا هئا (۽ هاڻي به ڪن پيا)، جن کي ڪنهن به چڱو ڪونه ٿي چيو! ۽ ائين آخر ٿيو به ڇو ٿي، جو هڪ ڳالهه کي چڱو به سمجهجي پر ڪجي ان جي ابتڙ اها ڳالهه يا اهو ڪم، جيڪو خراب هجي_ يعني جنهن کي پاڻ به خراب چئجي ۽ ٻيا به خراب چون. سو نه ڪجي! منهنجي دل ۾ پنهنجي يا ماڻهن جي انهيءَ ”بي سمجهيءَ “ يا ”منافقائيءَ “ سخت رد عمل ٿي پيدا ڪيو ، ۽ پاڻ تي ۽ ٻين تي سخت ڪاوڙيو پيو گهمندو هوس.

زندگيءَ جوهيءَ مرحلو هو، جڏهن مون کي ڪتاب، خاص طرح قصا ۽ ناول ڏاڍا وڻندا هئا، ۽ جڏهن پڙهڻ لاءِ اهڙو ڪو ڪتاب هٿ ۾ کڻندو هوس ته ان کي اڪثر پڙهي، پوري ڪرڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندو هوس_ ڇو ته انهن ۾ چڱائيءَ جي سدائين سوڀ ڏيکاريل هوندي هئي ۽  برائيءَ جي هر صورت ۾ هار، ۽ جيستائين ڪو ناول پڙهندي پڙهندي ان جي اِن ”سٺي“  نتيجي تي نه پهچندو هوس تيستائين دل ۾ آنڌ مانڌ ۽ ڏک رهندو هو ۽ وري وري روئي ويهندو هوس (انهن ڏينهن ۾ سئنيمائون ۽ ناتڪ به گهڻا ڏسبا هئا ۽ انهن ۾ به اهو ساڳيو حال هوندو هو)، ۽ قصي کي پڙهي پڄائڻ يعني ان جي چڱائيءَ جي سوڀ ۽ برائيءَ جي هار واري نتيجي جي ڄائڻ کان پوءِ، دل ۾ هڪ قسم جي نرمل خوشي ۽ بيان کان ٻاهر آرام محسوس ڪندو هوس. ڪتابن ۾ (يا فلمن ۽ ناٽڪن ۾ ) ماڻهن جي ائين سڄين سارين ۽ طويل زندگين کي ايتري تفصيل سان ۽ ايتري ننڍي پر چٽي پيماني تي ڏسڻ سان ٻه ڳالهيون معلوم ٿيم: پهرين هيءَ ته برائي زندگيءَ ۾ ڏک پيدا ڪري ٿي ۽ چڱائيءَ سان زندگيءَ ۾ سک ۽ خوشي اچي ٿي، ۽ ٻي هيءَ ته ٻين جي دُک ۾ ماڻهن پاڻ به دکي ٿئي ٿو ۽ ٻين جي خوشيءَ ۾ ماڻهو پاڻ به خوش ٿئي ٿو. انهن ٻن ڳالهين سان گڏ دل ۾ ڪي سوال به اڀريا ٿي ته جي برائيءَ ڏک ٿي ڏنو ۽ چڱائي سان سک ۽ خوشي ٿي ملي، ته ماڻهوءَ چڱائي ڇڏي. برائي ڇو ٿي اختيار ڪئي، ۽ ٻيو ته جي ٻين جي دک ۾ ماڻهو دکي ۽ ٻين جي خوشيءَ ۾ خوش ٿي ٿيو، ته پهرين ته ائين ڇو ٿي ٿيو، ۽ ٻيو ته ان هوندي به هڪڙو ماڻهو ٻئي سان برائي ڪري ان لاءِ پاڻ لاءِ دک ڇو پيدا ڪري رهيو هو، ۽ ان جي عوض خود پنهنجي ۽ پڻ ٻئي جي سک ۽ خوشيءَ لاءِ هُن چڱائي ڇو نٿي اختيار ڪئي؟

انساني سماج ۽ چڱائيءَ ۽ برائيءَ يعني ”اخلاقيات“ متعلق اهي سوال بنيادي سوال هئا_ يعني پهريون ته چڱائي دراصل، يعني ٻئي ڪنهن جي وڻڻ يا نه وڻڻ، راضپي ۽ ناراضپي کي ڇڏي ڪري، بذات خود ڇا هئي، ۽ ٻيو ته ماڻهو نيٺ به چڱو ٿئي، سو ڇو ٿئي، ۽ جي چڱي ٿيڻ ۾ هن جو پنهنجو ئي فائدو هو ته پوءِ به هو چڱي ٿيڻ بدران بُرو ڇو ٿي بڻجي پيو! ۽ انهن سوالن جا جواب. جي انساني عقل کي قبول پون، مون کي ڪي ملن ۽ ڪٿان ملن ، آءُ ان جو ڳولائو هوس_ دراصل اهي سوال سماج ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جا سوال آهن، جيڪو (شايد پاڻ کي ڇڏي) هر ٻئي ماڻهوءَ کان چڱي ٿيڻ جي اميد رکي ٿو. بلڪ تقاضا ڪري ٿو. اهي سوال سچ پچ ته سڄي انساني سماج جا سوال آهن، جيڪو پڻ هر انسان کان چڱي ٿيڻ جي اميد رکي ٿو، بلڪ تقاضا ڪري ٿو ، ۽ اُن اميد ۽ تقاضا جي حاصلات لاءِ ماڻهو اڪيليءَ حيثيت ۾ ۽ پڻ سڄو سماج ”چوڳي ۽ سيکت“ يا ”انعام ۽ سزا“ جي عمل ۽ ”قانون انصاف“ جي نظام کي وسيلي طور ڪم آڻين ٿا، ۽ ان سان گڏ گهڻي وقت کان پنهنجي مذهبي فڪر ۽ عمل جي دائري ۾ هو گناهه ۽ ثواب جا ويساهه، شريعت جا قانون ۽ آخرت جي انصاف، سزا ۽ جزا ۽ بهشت ۽ دوزخ جا انتظام پڻ موجود رکندا آيا آهن_ يعني، جيئن انفرادي طور هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کان. تيئن سماج هر ماڻهوءَ کان، خالص پنهنجي پسند ۽ نا پسند، راضپي ۽ ناراضپي جي بنياد تي يعني فقط پنهنجي وڻڻ ۽ نه وڻڻ مطابق ، چڱي ٿيڻ جو مطالبو به ڪري ٿو ۽ ان جي تعميل لاءِ اميد ۽ خوف جي وسيلي جي استعمال جا وڏا وڏا ۽ مفصل اهتمام به ڪري ٿو. پر هڪ ماڻهوءَ جي پسند ٻئي ماڻهوءَ جي پسند ڇو هجي، يا سماج جي پسند ڪنهن فرد جي پسند ڇو هجي، ۽ چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي فيصلو نيٺ به صرف ان پسند ۽ ناپسند تي ڇو هئڻ کپي. تنهن کان پوءِ ايتري ”جزا ۽ سزا“ ۽ ”قانون ۽ انصاف“ جي اهتمام_ هتي هن دنيا ۾ توڙي هتي هن دنيا ۾_ رکڻ جي باوجود، برائي ڇو موجود رهي ۽ زور هجي ۽ چڱائي ڇو ايتري محدود ۽ مختصر هجي؟ ماڻهوءَ جو ”اصلي گناهه“، هن کي گمراهه رکڻ يا ڪرڻ لاءِ ”شيطان“ جي موجودگي، ”ابدي حياتيءَ“ لاءِ ماڻهوءَ جي ”آزمائش“، ڏورانهون ”آخري انصاف“ وغيره_ اهي سڀ ڳالهيون برائيءَ  کي روڪڻ ۽ چڱائيءَ کي وڌائڻ لاءِ هر کائڻ ۽ ڊيڄارڻ جو ڪجهه ڪجهه ڪم ڪڏهن ڏيئي ته سگهيون ٿي، ۽ ممڪن آهي ته هاڻي به ڪٿي ڏينديون هجن، پر انهن ۾ اخلاقيات جي بنيادي سوالن جا جواب موجود نه آهن.

1934ع کان1938ع تائين ڪاليج جي زماني ۾ ۽ پوءِ معمليءَ جي پيشي واري عرصي (خاص طرح ان جي پهرين سالن) ۾ Thinker’s Library  (”مفڪرن جو ڪتابخانو“) سلسلي جي ڪتابن سان اسان جي ڏيٺ ٿي_ اسان جي معنيٰ ته اسان جي سڄيءَ ٽهيءَ جي ، ڪم از ڪم اهي جيڪي مون سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا، يا اهي جن سان،  ڪاليج ۾ يا ڪاليج کان ٻاهر، منهنجي گهاٽائي هئي. ان سلسلي جو ڪوبه ڪتاب ڏسندا هئاسين ته اهو ضرور پڙهنداهئاسين.هڪٻئي کي ڏيندا هئاسين، هڪٻئي کي پڙهائيندا هئاسين. شرطون رکندا هئاسين ته اسان مان ڪنهن ڪيترا اهي ڪتاب گڏ ڪيا آهن يا پڙهيا آهن. انهن ڪتابن ۾ هڪڙو ڪتاب، جيڪو مون1938ع ۾ پڙهيو، سو هيءَ زير نظر ڪتاب، جي _ هاورڊ موئر جوSavage Survivals   (”وحشي جيوت جا نشان“) هو، جيڪو ان ڪتابي سلسلي جو 36 نمبر ڪتاب هو. ٻين ڪتابن سان گڏ، گهڻو پوءِ، 1947ع ۾، هن قسم جو ٻيو ڪتاب ايل . ٽي. هاب هائوس جو The Rational Good (”نيڪيءَ جي معقول سمجهاڻي“). جيڪو ان سلسلي جو 113 ڪتاب هو، پڻ پڙهيم. هنن ٻنهي ڪتابن منهنجي دل تي ، اخلاقيات جي بنيادي سوالن جي سمجهائڻ جي سلسلي ۾ بيحد گهرو اثر پيدا ڪيو. خاص طرح Savage Survivals  ، جنهن جو ترجمو لائق پڙهندڙن جي اڳيان موجود آهي. انسان جي انسان بنجڻ، يعني انسان حيوان مان انسان ڪيئن ٿيو ۽ جيئن پوءِ تيئن هو، حيوان کي ڇڏيندو . پنهنجي انساني حيثيت ۾ ڪيئن اسرندو رهيو، ۽ اڄ به هن ۾ حيوانيت جا باقي آثار ڪهڙا موجود هئا، ۽ انهن کي ضابطي ۾ رکڻ يا بنهه ختم ڪرڻ لاءِ اڄ به هو ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪندو ٿي رهيو_ انهن سڀني ڳالهين جي عقلي سمجهاڻي مون کي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ملي. هن ڪتاب کي. ان جي اصلوڪي ءَ اشاعت جي پيش لفظ لکندڙ. آدم گووانس وائيٽ صاحب، ”اخلاقيات جو انجيل“ سڏيو آهي.

هن ڪتاب جو ”اخلاقيات“ متعلق موقف هيءُ آهي ته چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو خيال يا تميز انسان جي سماجي وصف آهي. سماج کان ٻاهر اڪيلي انسان ۽ هن جي ان سماجي وصف يعني هن جي چڱي يا بري هجڻ جو تصور ناممڪن آهي. انسان جي چڱو آهي ته ٻين لاءِ چڱو آهي؛ هن جي ”چڱائي“، جا لفظ سندس پنهنجي ذات تائين محدود هجي، چڱائي نه آهي_ اها هن جي حيواني وصف ته ٿي سگهي ٿي، ڇو ته حيوان ئي فقط پنهنجي پاڻ لاءِ جيئي ۽ پوءِ ئي ٻيا هن لاءِ جيئندا. انسان جي سماجي حيثيت جي تقاضا، بلڪ ان جو لازمي شرط ئي اهو آهي ته جيترو ڪو انسان ٻين جي ڀلائيءَ ۽ سک ۾ پنهنجي ڀلائي ۽ سک ڏسندو، اوترو هو وڌيڪ چڱو ليکبو. انهيءَ ڪري انسانُ. جي سماجي طور چڱو ٿئي ٿو ته در حقيقت ان ۾ هن جو پنهنجو ئي فائدو آهي. انسان کي انهيءَ معنيٰ چڱي بنائڻ ۽ چڱي رکڻ جي ذميداري سماج تي آهي، ۽ سماج انهيءَ ذميداريءَ جي پوري ڪرڻ ۾ شروع کان رڌل رهيو آهي، ۽ ان ڪوشش ۾ هو انسان کي ، هن جي حيواني اوصافن کان آجو ڪندو. جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ چڱو انسان بنائيندو آيو آهي. سماجي حيثيت ۾ انسان جي وڌيڪ بهتر انسان بنجڻ جي انتها تصور ۾ ته شايد اچي سگهي ٿي، پر ان سفر جي راهه ۾ هر قدم ڏاڍي مشڪل سان کڄي ٿو، ڇو ته ان لاءِ انسان جي اصلوڪن حيواني اوصافن کي ، جن جا ڪيترائي زوردار نشان هن ۾ اڃا موجود آهن، پنهنجي وس ۽ ضابطي ۾ آڻڻ ۽ سماجي نقطي نگاهه کان چڱي رستي سان لائڻ لاءِ، انسان کي پنهنجي سر توڙي سڄي هن  جي سماج کي مجموعي طور وڏيءَ ڪشمڪشا ۽ وڏي جهد کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، پر انسان پنهنجي انساني حيثيت ۾ بهتر کان بهتر  ٿيندو آيو آهي ۽ بهتر کان بهتر ٿيڻ ڏانهن مائل آهي ۽ بهتر کان بهتر ٿيندو رهندو، ان ۾ ڪنهن به نراسائيءَ جي يا ڪنهن به شڪ جي گنجائش ڪانه آهي.

هيءُ ڪتاب پڙهڻ سان ئي مون کي ايترو ته وڻيو هو، جو ان جي پهرين ٻن ڀاڱن جو ترجمو تڏهن ئي ڪري ڇڏيو هوم. ان جي رهيل ٽن ڀاڱن جو ترجمو ۽ اڳ ٿيل ترجمي جي اصلاح جو ڪم سرڪاري ملازمت کان رٽاير ٿيڻ بعد هاڻي 1974ع ۾ پورو ڪيو اٿم. آءُ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين محترم جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب جن جو ۽ بورڊ جي ٻين معزز ميمبر صاحبن جو ۽ پنهنجي دوست ۽ ساٿيءَ بورڊ جي لائق سيڪريٽريءَ محترم غلام رباني صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن هن جڳ مشهور ڪتاب جي هن سنڌي ترجمي جي اشاعت جو اهتمام ڪرڻ فرمايو.

ترجمي ۾ ڪٿي ڪٿي سمجهاڻيءَ جا ڪي مختصر نوٽ به ڏنا اٿم. جن کي ڪتاب جي اصل متن کان الڳ ڏيکارڻ لاءِ وڏين برئڪيٽن ۾ رکيو اٿم.

منهنجو ارادو هن ڪتاب جي موضوع سان تعلق رکندڙ ٻئي ڪتاب The Rational Good جي ترجمي ڪرڻ جو پڻ آهي. جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان( جي موقعو مليو ۽ طاقت ساري سگهيس ته اميد ته اُهو ڪتاب به ڪنهن طرح پنهنجي لائق سنڌي پڙهندڙ ڀائرن جي اڳيان پيش ڪندس.

حيدرآباد سنڌ.                    _محمد ابراهيم جويو

2سيپٽمبر 1976ع

اعليٰ ۽ فڪر انگيز نثر جي خاصيت هيءَ به هوندي آهي ته اُن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه ذهن تي زور به ڏيڻو پوندو آهي_ خسيس ۽ مٿاچريءَ ڳالهه کي ته مٿاڇري انداز ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو، ۽ ان مان ڪجهه پلئه به ڪونه ٿو پوي_ ڇو ته ان ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونهي جو پلئه پوي. پر مايه دار ۽ ڀريل نثر کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ذهن تي زور ڏيئي ان کي پڙهڻو پوي ٿو. ان جي ٿوري ڪا چُڪ_ لکڻيءَ جي يا ڇپائيءَ جي _ اُن جي معنيٰ جي ڌاڳي کي منجهائي ۽ وقتي گم به ڪري ڇڏي ٿي. انهيءَ ڪري علمي ۽ ادبي لحاظ کان ڌارين وڌيڪ تونگر ۽ اڳتي بيٺل ٻولين مان پوري توجهه ۽ ذميداريءَ سان ڪيل ڪامياب ترجما اسان کي پنهنجي مايه دار ۽ اعليٰ نثر جي روايت کي وڌائڻ ۽ پختي ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org