مُٺ مُٺ موتين جي
انساني معاشرو (يا سماج) جيڪو مھذب نظام کان خالي آھي، ۽ جتي
قانون جي حڪمراني ڪانھي، اُھي نِراجيتَ (Anarchy)
جي حالت ۾ ورتل معاشرو ھجي ٿو. اھڙي معاشري ۾ ڪو
به قانون، سواءِ جھنگلي قانون (Law
of Jungle)
جي ڪونه ٿو ھلي. اُھو ھڪ وحشي معاشرو آھي . دراصل
اُھو انساني معاشرو ئي ڪونھي. اُن کي وڌ ۾ وڌ ته
به انساني درجي کان ھيٺ وارو (Sub_human)معاشرو
چئي سگهجي ٿو.
اڄ پنھنجي ملڪ ۾ جنھن معاشري ۾ رھڻ تي اسين مجبور ڪيا ويا آھيون
(ڇاڪاڻ ته اسان جا حڪمران آپيشاھه آھن ۽ پاڻ کي
زور وارا، ۽ اسان کي ھيڻو ۽ ھِيچ سمجھن ٿا)، اُھو.
اِن ئي طرح جو، انساني درجي کان ڪِريل، نراجيت جي
حالت ۾ ورتل، ھڪ حيواني معاشرو آھي.
وحشي حيوانَ، زمين سان واڳيل يا پاڻيءَ ۾ وھندڙَ، پنھنجي جياپي
لاءِ، نيم_ ڪُٽَنبِي درجي تي بيٺلَ، رڳو ھيڪاندي
ڄم تي زور رکندي، ڪافي ڪجھه وَلَرن، ڌڻن ۽ ڪَٽَڪَن
جي صورت ۾ ته رھن ٿا، پر مخالفَ يا مخالفن لاءِ،
مُنھان مُنھِن ھجڻ طور، ھُنن وٽ وري به پنھنجي
(گهٽ يا وڌ) حيواني زور کان سواءِ ٻي ڪا صلاحيت يا
ٻيو ڪو مھذب ۽ معقول دليل ڪونه ھوندو آھي. ۽ اِن
ڪري سندن سڄي دنيا سڏبِي ئي آھي ”نيشَن ۽ نُنھنِ“
(Tooth and nails)واري
دنيا، ” چُھنبُن ۽ چَنبنِ“ (Beak and Claws)
واري دنيا!
اسان جي ئي ھن ملڪ ۾، عيسوي سَنَ کان سَتَ سـؤ کن ورھيه اڳ واري
ھڪ دور جي اھڙي ھڪ سماج کي تاريخ ۾ ”مڇيائون سماج“
(”Matsyanyaya“)سڏيو
ويو آھي _ جتي، بنھه اسان جي اڄوڪي سماج وانگر،
ڇڙواڳ مقابلي بازيءَ (Unbridled
Competition)جو
ھڪ ئي ”جھنگلي قانون“ ھلندڙ ھو، ۽ زور وارا چند
ماڻھو ۽ سندن جوڙيوال ، خلق خدا جي عام اڪثريت کي،
بنان ڪنھن جھلَ پلَ جي چَڪيندا، پٽيندا ۽ کائيندا
رھندا ھئا _ تڏھوڪين لکيتن ۾ آيل ٻوليءَ ۾ : ”جتي
وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائينديون ۽
ڳڙڪائينديون رھنديون ھيون!“
نراجيت جي اھا صورتحال ھميشه وڏين مڇين لاءِ _ وڏي پيٽ ۽ وڏيءَ
طاقت وارن ”مانگر مڇن“ لاءِ سازگار رھي ٿي. ھو
سدائين اُن صورتحال کي پوري پنھنجي زورسان قائم
رکڻ جي ڪوشش ۾ رھندا آھن، ڪي به ماڻھپي جا قدر، ڪي
به اُنھن جي بنياد تي آڌاريل ادارا _ سياست، مذھب
يا تھذيب جي دائرن جا (اِلاھيات، روحانيت، اخلاق،
عدل ۽ انصاف، ادب، فن، تعليم، ابلاغ وغيره جا)_ سڀ
سندن اوڙھيل پاکرون ۽ بيس لِبيس ھُنن جي اُن انسان
دشمن ڪوشش جي آڏو رڪاوٽ بڻجي نه سگهندا آھن. ھو
پاڻ پنھنجي حيوانيت ۾ بيھوش بڻيا، آپيشاھي مفادن
لاءِ، رڳو پنھنجي ھَٿِيَن طور، استعمال ڪندا رھندا
آھن. تان جو اُن بي اصول، ھر قدر کان خالي، ڇڙواڳ
حاڪمشاھيءَ جي نَرغي ۾ آيل صورتحال ۾، ڪا انساني
شعورُ ۽ انسانيت جو درد رکندڙَ، اھل دل ۽ اھل وفا
مَھندارپ (Leadership)اُٿندي
آھي، ۽ خلق خدا جي عام اڪثريت جي راءِ جي ترجمان
ھجڻ طور ۽ اُن جي اعتماد جي اَڌار تي، طاقت جي انڌ
۾ ورتلن اُنھن ظالمن کي ائين ليڪا لتاڙيندي ڏسي .
سِرن پنھنجن تان اُھو کڻي، آڏو ايندي آھي، ۽
للڪاري چوندي آھي:
متا آھيو مَڇَ، ٿُلھا ٿا ڦونا ھڻو!
جيڪا ڀانيوَ آڇَ، تَنھن پاڻيءَ پُنَوَ ڏيھڙا!
انساني تاريخ ۾ انقلابن جون راھون ھميشه ائين کليون آھن، رت ۾
وھنتل انقلاب سدائين ائين آيا آھن_ پھرين به اُھي
اِئين آيا، ۽ اڳتي به اُھي اِئين ايندا _ ڪو مڃي
نه مڃي. ڏاڍُ ۽ ظلم قائم آھي، ته مظلوم ۽ محروم
انسانَ پنھنجي آجپي لاءِ، ٻيو نه ته پنھنجين
’سراپائن‘جون ئي مشعالون جلائي، پاڻ پنھنجو تماشو
ڏسڻ لاءِ ئي سھي، وڌي ميدان تي ايندا آھن، ۽
انقلابُ جو اچڻو ھوندو آھي، اُن جي سواگت ۾، ٻرندڙ
شمعون بڻجي، قربانيءَ جو ناچ نچندا آھن ۽ پنھنجن
امر شاعرن جا امر گيت ڳائيندا آھن._
پُري پتنگ آئيا، سِرِي سُھائي جَلَ،
ڪندا ڪنڌ اُڇَلَ، مٿو ڏيندا مچَ کي.
*
پُري پتنگ آئيا، سِرِي سُھائي ھيٺَ،
ٿيندا ڏيٺاريءَ ڏيٺِ، مٿو ڏيندا مچَ کي.
*
چڙھيو چڪاسِن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وِھسنَ واڙيءَ ڦُلَ جئن، محبتي مچ لاءِ.
آڻـــــي پــــاڻَ آڙاءِ، کڻِــي کــــــوري وچ ۾. (شاھه)
نراجيت جي حالت ۾ ورتل معاشري جي رياست کي فريڊرڪ نِٽشي ”بُتُ“
سڏيو آھي، بلڪ ”نئون بُتُ“ _ ڇو ته ھڪ ته نراجيت
جي موجودگيءَ ۾ رياستَ، ڪنھن به رياستَ، جو قانونن
ڪو جواز ڪونه ھوندو آھي، ۽ وڌيڪ ھيءُ ته اُھا ھڪ
کان وڌيڪ معاشرن تي قابض ھئڻ سبب پنھنجي جواز جي
تلاش ۾ سڄي پنھنجي دائري تسلُطَ ۾ نراجيت جي
سرپرستي ڪرڻ تي مجبور ھوندي آھي. اِن ڪري نِٽشي
اھڙيءَ رياست ۽ نراجيت کي لازم ملزوم قرار ڏنو
آھي. اسان جو معاشرو اھڙي ئي نوع جي ھڪ رياست جي
ور چڙھيلُ آھي. اِنھيءَ ڪري اِن بابت نٽشي جو شھره
آفاق مقالو ”نئون بُتُ“ اسان لاءِ پڙھڻ، غور سان
پڙھڻ، ۽ سمجھڻ تمام ضروري آھي_ ۽ اُھو اِنھيءَ ڪري
به، جو نٽشي اُن جي نه رڳو ھڪڙي ابلاغي اداري ،
”اخبار“، کي اُن جو غليظ باطن جو ”پِت ۽ قيءِ“ سڏي
ٿو، پر سموري اُن جي ابلاغي نظام کي سڄيءَ اُن جي
صحافت سميت، اُھو ڪوڙُ سڏيو آھي، جيڪو ھڪ زھرناڪ
بلا وانگر ”سُرندو، اُن جي وات مان ٻاھر نڪري ٿو!“
”نئون بت“
”ڪٿي ڪنھن ھنڌ اڃا قومون ۽ ماڻھو آھن، پراسان وٽ نه آھن، منھنجا
ڀائرو: ھتي اسان وٽ رياستون آھن.
”رياستون؟ رياستون ڇا آھن؟ چڱو، ھاڻي پنھنجا ڪن کولي، منھنجي
ڳالھه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوھان کي ھاڻي قومن جي
موت متعلق پنھنجو فيصلو ٻڌايان ٿو.
”رياست نالو آھي بي حس راڪاسن مان ھڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس
جو. ھو ڪوڙ به بي حسيءَ سان ڳالھائي ٿو؛ ۾ اُھو
ڪوڙُ سُرندو اُن جي وات مان ٻاھر نڪري ٿو: ’مان،
رياست، قوم آھيان!‘
”اِھو ھڪ ڪوڙ آھي! تخليق ڪارَ ھئا اُھي جن قومون تخليق ڪيون، ۽
انھن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون: ۽ ائين
اُنھن زندگيءَ جي خدمت ڪئي.
”تباھڪارَ آھن ھِي، جيڪي گهڻن لاءِ ڄارَ پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي
’رياست‘سڏين ٿا: اُنھن جي مٿان تلوار لٽڪائين ٿا ۽
آڏو سوين لالچون پکيڙين ٿا.
”جتي اڃا ماڻھو آھن، قومون آھن، اُتي رياست جي اِھا معنيٰ
ڪانھي، بلڪ نظريي وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي ٿي،
۽ اُن کي پنھنجن قانونن ۽ رواجن خلاف گناھه سمجھيو
وڃي ٿو.
”آءُ اوھان کي ھڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: ھر قوم پنھنجي ڀَلي جي ۽
بُري جي ٻولي ڳالھائي ٿي: اُھا اُن جِي پاڙيسري
قوم نٿي سمجھي، اُن پنھنجي ٻولي، پنھنجي لاءِ،
پنھنجي قانونن ۽ رواجن ۾ رھي ايجاد ڪئي آھي. ”پر
رياست ڀلي ۽ بري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالھائي ٿي؛
۽ جو ڪجھه به وٽس آھي سو چوريءَ جو مال آھي.
”اُن جي ھر شيءَ کوٽي آھي، فريب آھي: چڪُ ھڻي ٿي، ته چوريءَ جي
ڏندن سان، لِڪي؛ خود سندس پيٽ جا آنڊا به دوکي جا
آھن.
”’ڀُلي ۽ بُري جي ٻوليءَ ۾ مونجھارو‘: اِھو نُڪتو آءُ اوھان کي
رياست جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ،
اھا نشاني موت جي خواھش ۽ موت جي ارادي جو دليل
آھي! سچ پچ اِھا نشاني موت جي مبلغن کي اڳتي وڌي
اچڻ لاءِ سڏي ٿي.
”گهڻا، تمام گهڻا، ماڻھو ڄمن ٿا: ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻھن لاءِ
رياست ايجاد ٿي.
”ڏسو، ھيءَ انھن کي، گهڻن _ تمام _گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽
لالچائي پنھنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِھا اُنھن کي
ڳرڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي!
”ڌرتيءَ تي موت کان وڏو ٻيو ڪوبه نه آھي: مان ئي آھيان، جيڪا
خدا جي منتظم آڱر آھيان‘ _ ھيءَ راڪاس ائين ٿو
گجڪاري. ۽ اُن گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاھه نظر ۽
دراز گوش ماڻھو ئي سر بسجود ڪونه ٿا ٿين!
”افسوس! اي عالي دماغـؤ، خود اوھان جي ڪنن ۾ اِھا پنھنجا ڪارا
ڪوڙ ڀري ٿي! اِھا اُھي وزني دليون به ڳولي ھٿ ڪري
ٿي، جيڪي اُن جي چائنٺ ٿي پنھنجي رضا خوشيءَ سان
سڀڪجھه لُٽائي ڇڏين ٿيون.
”ھائو، اِھا اوھان کي به ڳولي لھي ٿي، جن پُراڻي خدا کي جيتيو!
اوھين، اُن معرڪي ۾ وڙھندي، ٿڪجي پيا، ۽ ھاڻي اُھا
اوھان جِي نستائي ھِن نئين بُت کي ڪم اچي ٿي ۽
اوھين اُن جي ٻانھپ ۾ لڳي ويا آھيو!
”ھيءَ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنھنجي چوڌاري
گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿو! ۽ تمام گهڻيءَ نيڪ ضميرن جي
اُس ۾ ويھي پاڻُ سيڪي ٿو _ اطمينان سان ھي سرد
راڪاس!
”ھر شيءِ، ھيءُ نئون بت، اوھان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوھين اُن جي
پوڄا ڪريو: ائين ھيءُ اوھان جي نيڪيءَ جي رونق ۽
اوھان جي پُروقار اکين جي چمڪ اوھان کان خريدي ٿو.
”اھو اوھان جي وسيلي گهڻو _تمام _ گهڻن کي ڀنڀلائي پنھنجي پاسي
ڪرڻ ۾ لڳو رھي ٿو. اِھو ھڪ جھنمي سَنجَٽُ انھيءَ
ريت اڏيو ويو آھي _ ھڪ موت _ جو _ گهوڙو، الاھي
اعزازن جي وڄندڙ گهُگهروئن سان جھنجھيل!
”ھائو، عام خلق لاءِ، گهڻن _تمام_ گهڻن لاءِ ائين نسورو ھيءُ ھڪ
موت ايجاد ڪيو ويو آھي، پر پاڻ کي زندگي سڏي، اِھو
پاڻُ واکاڻي ٿو ۽ چـؤڦير جس وٺي ٿو: تحقيق وڏي
دعوت آھي ھيءَ، موت جي مبلغن لاءِ!
”آءُ اِن کي اسٽيٽ (State)
[يعني مَسندَ، گادي] سڏيان ٿو، جتي، سڀيئي، ڀلا ۽
برا، زھر جو پيالو پيئن ٿا: جتي سڀيئي، ڀلا ۽ برا،
پاڻُ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل
”زندگي“ سڏجي ٿو.
”ڏسو، ھنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي سڏيو! ھي ڏاھن جا خزانا ۽
ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنھنجي اُن
چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا_ ۽ ھر شيءِ اُنھن جي ھٿ ۾
بدلجي، محض بيماري ۽ بدبختي بڻجيو پوي.
”ڏسو، ھِن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! بيمار روح آھن اِھي
سدائين ؛ پنھنجو پِت قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي ھو
’اخبار‘ سڏين ٿا. ھڪٻين کي ھو ھڙپ ڪن ٿا، ۽ ھڪٻين
کي ھو ھضم به نٿا ڪري سگهن!
”ڏسو، ھِن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! دولت ھو حاصل ڪن ٿا؛ ۽
اُن سان ھو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. ھي بي _ سَتا طاقت
ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا _ اُن کان به وڌ، ھو طاقت جي
ڪُنجيءَ پٺيان _ پئسي پٺيان، وڌيڪ پئسي پٺيان _
ڊوڙون پائين ٿا.
”اِنھن تيز باندرن کي مٿي چڙھندي ڏسو! ھڪٻين کي لتاڙيندا، ھڪٻين
تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙھندا، سِڌا گپ ۽ ڪِن جي کَڏَن
۾ ڪرندا ٿا رھن.
”سڀيئي مَسندَ ڏانھن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آھن: ڇا نه ديوانگي آھي
اِنھن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مَسندَ تي ھُنن لاءِ آتا
ويٺا آھن!
”پر مَسندَ تي، گهڻو ڪري، ته گندئي ويٺل ھجي ٿو_ ۽ گهڻو ڪري
مَسندَ خود به گند تي ويٺل ھوندي آھي!
”مون کي اِھي سڀ پاڳل نظر ٿا اچن، بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا
ڏيکارجن _ بيحد بي صبر ۽ بدحواس، مون کي اِن سندن
بت مان، اِنھيءَ سرد راڪاس مان، بدبوءِ ٿي اچي:
اِھي سڀيئي اِن جا پرستار پاڻ به فقط بدبوءِ ئي
ڦھلائين ٿا.
”منھنجا ڀائرو، اوھين اِنھن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بک جي
ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آھي ته بدبوءِ جي
اِنھيءَ چـؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي،
ٻاھر کليءَ ھوا ۾ نڪري اچو!
”اِن بدبوءِ جي سڄيءَ پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! آءُ چوان ٿو ته،
اِنھن غير ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪِن جي گندن جي
پوڄا ڇڏي ڏيو!
”اِن بدبوءِ جي سڄي پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! انساني ٻَليُن جي
اِنھيءَ زھريلي دونھانٽ کان بچو ۽ نڪري ٻاھر ٿيو.
”اعليٰ دلين لاءِ پنھنجيءَ زمين جون وسعتون اڃا به کليل آھن.
تنھا _ دل جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي پيا آھن، جتي
سانتيڪن سمونڊن جون ھٻڪار ڀريل ھيرون گهُلي رھيون
آھن.
”اعليٰ دلين لاءِ اڃا به آزادگيءَ جا دڳ کِليل آھن. سچ ته جنھن
وٽ جيترو گهٽ اوترو وڌ اُھو آزاد، جيترو ڪو گهٽ
قابض اوترو گهٽ ھو مقبوض: مبارڪ آھي وچٿري غريبي!
”جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جو وجود جي اتدا
ٿئي ٿي، جو زائد نه آھي، غير ضروري نه آھي. اُتان
ئي ضروري انسانن جو. اصلي انسانن جو، گيتُ شروع
ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو!
”منھنجا ڀائرو، اُتي، اُن ھنڌ تي نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي
ٿي! اوھان کي اِنڊلٺ جا رنگ ۽ فوق البشرَ، آزاد
انسانن، جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“_
اَسِيءَ جي ڏھاڪي تائين ايندي ايندي، ڪن دوستن جي اندازي مطابق
اِئين پئي ڏٺو ويو، ته اسان جي تاريخي قوم، اسان
جو اشراف پُرامن معاشرو، اسان وٽ نٽشي جي اُن
”نئين بُت “_ ”اُن بي حس راڪاسن مان ھڪ سڀ کان
زياده بي حس راڪاس، جيڪو ڪوڙ به بي حسيءَ سان
ڳالھائي ٿو“_ جي زھريلي نيشن جي پھچ تائين رَسي
ويو ھو يا رسڻ وارو ھو. پوءِ اُنھن اِھو ارادو ڪيو
ته پنھنجي قومي وجود جي بچاءَ لاءِ اسان جي باخبر
۽ ڄاڻو حلقن _ باشعور اديبن، استادن، صحافين،
وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين حساس ۽ دردمند حلقن جي ھٿان
جيڪي گهڻ_ طرفيون ڪوششون ٿِي رھيون آھن، اُنھن ۾
وڌيڪ ھڪ ننڍيءَ نماڻيءَ ڪوشش جو به اضافو ڪيو وڃي.
۽ اھڙيءَ طرح، جُون 1984ع جي 21 تاريخ تي ھفتيوار
”ھدايت“ کي جاري ڪيو ويو. اُن جي اشاعت پوءِ نومبر
29، 1984ع تائين ھلي سگهي، ۽ پوءِ ڪافي ڪن اڻ ٽر ۽
حل ٿي نه سگهندڙ مجبورين سبب اُن کي بند ٿيڻو پيو.
ھيءُ اسان جي لائق پڙھندڙن جي خدمت ۾ اُن ھفتيوار ”ھدايت“ جي
پنجن مھينن جي لاڳيتي ءَ اشاعت ۾ آيل مواد جي چونڊ
لِکيتُن جو ھڪ نذرانو آھي، جيڪو پيش ٿي رھيو آھي.
ھِن چونڊ مواد ۾ ڪي ڳالھيون اھڙيون ضرورآھن، جيڪي
بار بار پڙھڻ ۽ سوچڻ جھڙيون آھن. اسان جي مظلوم ۽
محروم قوم جي غلاميءَ ۽ بيچارگيءَ جي حالت تحقيق
ويرؤن وير وڌ آھي. عين ممڪن آھي ته قومي نجات جي
چند ڳالھين جي ھِن مجموعي ۾، جنھن کي وڏي سڪ ۽ دل
جي پاٻوھه سان ”مُٺ مُٺ موتين جي “ نالو ڏنو ويو
آھي، ڪا ھڪ ڳالھه اھڙي ھجي، جا اسان جي ڪنھن ھڪ ئي
مھربان پڙھندڙ کي ايترو ڪجھه متاثر ڪري، جو ھو
پنھنجو وطن ۽ قوم لاءِ نٽشي جي تصور وارو ’فوق
البشر‘ ثابت ٿئي! تحقيق اسان کي اڄ ڪنھن اھڙي، ڪن
اھڙن، فوق البشر (يعني ماڻھوءَ کان ڪجھه مٿڀرو)،
آزاد مردن جي ضرورت آھي، جيڪا قوم سان ساڻ رھي،
قوم کي ساڻ وٺي اڳتي وڌي، ۽ قوم جي پُنَرجنم (حيات
نـؤ) جي ضمانت بڻجي سگهي. تحقيق اسان مان ھر ھڪ کي
اڄ پنھنجي قومي شاعر شيخ اياز جي امر لفظن ۾ جيڪي
اسان لاءِ اسان جي تقدير جي چتاءَ جا ئي لفظ آھن،
اٿندي ويھندي، ستي جاڳندي، ائين ئي سوچڻو آھي ته
پنھنجي قوم ۾ وطن لاءِ پاڻ کي ڪجھه ڪرڻو آھي. يا
مرڻو آھي _ ڇو ته
ھيءُ جو منھنجو مچ آ
اڄ جي اُجھاڻو
صديون رھندو سيءَ ۾
گهرُ گهرُ گهراڻو!(اياز)
متان ائين ٿئي، جو وقتَ وِئي؛ پڇتاءُ ۾ ، اسان مان ڪنھن کي ائين
پاڻ کي ملامت ڪرڻي پوي:
ڪجِي جئن ڪيچين لئه، تئن تان ڪِينَ ڪيوءِ
وڃائي وڌوءِ، وک نه کنيئه ھڪڙي!
(شاهه)
حيدرآباد سنڌ. _ محمد ابراھيم جويو
1 مئي 1992ع
ھِن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان ھيٺ،
پنھنجن خيرطلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جِي پختي
راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آھي، ته اسان کي
پنھنجي اِھا ٻين جي سڻڀي گراھه بڻجي وڃڻ جي قسمت
قبول ڪانھي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست تعليم
۽ ھر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح
سچا آھيون ۽ سچا رھنداسين.
اسان جي ٻولي اسان جي تعليم
معاشري ۾ فرد جي ڳالھه ھجي يا قومن جي برداريءَ ۾ ڪنھن قوم جِي،
ھيڪلي ۽ ننڍي ھستي ھميشه پيارُ چاھي ٿي. ڀروسو
چاھي ٿي ۽ مانُ چاھي ٿي _ ڇو ته اُن کي پنھنجو
جيئڻ عزيز آھي. پر جڏھن اُن تي پڌرو ٿي وڃي ٿو ته
اُن سان پيار نه پر ڳَلٿو ٿئي ٿو، اُن تي ڀروسو نه
پرشڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اُن جو مانُ نه پر اُن سان
ڌﺂنسَ روا رکي وڃي ٿي _ ۽ اُھو سمــــورو وقت، اُن
جي اُپت ۽ اِثاثــــي، وسائـــــل ۽ ورثــــي ۾ ئي
ڏاڍي پکَ جـــــي ھَوَسناڪ اک کُتـــــل
آھــــــــي _ تڏھـــــن اُھا ’معاشري‘ کان
’برداريءَ‘کان، مُنھن موڙڻ تي مجبور ٿئي ٿي، ۽
پنھنجي جيئاپي لاءِ آراڌا ۽ الڳ جتن ڪري ٿي.
اھڙيءَ ڪيفيت جو آخري ۽ واحد عنوان ھيءُ بڻجي ٿو
ته اُن جي ڪابه ڳالھه نٿي ٻُڌجي، اَڌ ٻُڌجي ٿي، ۽
غلط ٻُڌجي ٿي، ۽ ڪڏھن به نٿي مڃجي _ ايتري قدر، جو
اُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سواءِ زور جي معاشري يا
برداريءَ کان اُن کي حق ملڻو نه آھي. ان حالت ۾
معاشري يا برداريءَ ۽ اُن ننڍيءَ ھستيءَ جي وچ ۾
ويڇي ۽ ڌاريائپ جي فولادي ڀت اُڀي ٿي وڃي ٿي، ۽
پوءِ اُھا آراڌي انساني ھستي، فرد جِي يا قوم جي،
پنھنجي ذات ۾ پاڻ ئي جدا ھڪ ’معاشرو‘، جدا ھڪ
’برداريءَ‘، بڻجي پوي ٿي: ۽ پوءِ موٽ ۾ زور جي عمل
سان اُھا انفراديت ۽ اُھا قوميت وري ڪڏھن مات نٿي
ٿئي _ سواءِ اِن صورت جي، جو مِٽجي وڃي يا پاڻُ
ميٽي ڇڏي. اھڙي خودشناس ۽ باشعور انفراديت يا
قوميت (جيسين پاڻُ نٿي ميٽي، تيسين) پنھنجي ذات ۾
ھڪُ پاڻ زورو ڪرشمو، ھڪ پاڻ_ پوري قدرت بڻجي جيئي
ٿي، يعني فقط خود_ اراديت جي شرط تي، ۽ اُن جي
وجود جو ڪُل انساني برادريءَ جي وجود ۾ پوءِ مستقل
۽ مساوي حصو قائم رھي ٿو.
سنڌي معاشري ۽ سنڌي قوم کي به تاريخ ۾، ڪافي ڪجھه وقت، دنيا جي
ٻين اڪثر معاشرن ۽ قومن وانگر، ڌارين جي تسلط ھيٺ،
اِن طرح جي ڳلٿي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جو نشانو بڻجي رھڻو
پيو آھي. اڄ به اُن جي ڪنھن حقي ڳالھه کي ٻُڌو نه
ٿو وڃي، اَڌورو ٻُڌو ٿو وڃي، ٻجھي غلط ٻڌو ٿو وڃي،
۽ ھرگز مڃيو نٿو وڃي. اڄ به اُن جي اَنيڪ جائز
قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ
لازمي آھن، اُن جي پنھنجي قومي ٻوليءَ جي جائز
امنگن ۽ حقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن
سان دٻائڻ جي ساڳيءَ اُنھيءَ جارحانه ۽ قابضانه
پاليسيءَ تي عمل ٿي رھيو آھي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن
کي حرصائي، ’علائقي‘بي آب و گياھه پَٽَن مان ڪڍي،
’قومي‘ سرسبز چراڳاھن ڏانھن نيو وڃي ٿو؛ سگهارن
ابلاغي ذريعن _ پريس ريڊئي، ٽيليويزن_ کان،
’علاقائي‘ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌتاري رکڻ ۽ ’قومي‘
ٻوليءَ کي آڍي مکي، وڏو ڪري، مُلڪن ۽ ماڻھن مٿان
مڙھڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سھولتن ۽ موقعن کي
_ ادارائي، تنظيمي، تعليمي، ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ _
’قومي‘ ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ
لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو ته ڀل ته اُھا پنھنجي مُنھن
مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رھي؛ ھٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽
تعقيدات جي آڙ وٺي، ھڪ ساھيءَ ۾ مذھب کي قوم جو
واحد اِساس چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظراندازيءَ
جو جواز، ۽ ٻيءَ ساھيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو
اِساس چئي، قومي ٻوليءَ جي تقديس جو جواز موجود
ڪيو وڃي ٿو، ۽ اِئين اسين جيڪي پنھنجي مادري
ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلاف _ مذھب ۽
ملڪ _ دشمن، قوم _ دشمن، چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي
نشاني ھيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رھون.
پيش پئون، ۽ پنھنجي انفراديت، پنھنجي قوميت،
پنھنجي انسانيت تان ھٿ کڻون، ۽ معاشري ۾ ، قومن جي
برداريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم _ پُري لاءِ نرم نرم ۽
سڻڀو گراھه بڻجون.
ھن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان ھيٺ،
پنھنجن خير طلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جِي پختي
راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آھي، ته اسان کي
پنھنجي اِھا ٻين جي سڻڀي گراھه بڻجي وڃڻ جي قسمت
قبول ڪانھي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم
۽ ھر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح
سچا آھيون ۽ سچا رھنداسين.
اُميد ته خيالن جي ھيءَ ياداشت، جيڪا خاص طرح سنڌي ٻارن ۽
نوجوانن جي مائٽن ۽ استادن، ۽ سنڌ جي تعليم دانن ۽
تعليم ڪارن، ۽ تعليمي عملدارن ۽ اعليٰ حڪومتي
اختيار جي صاحبن جي توجهه لاءِ شايع ڪئي ويئي آهي
_ اُهي اسان جا عزيز، دوست ۽ ڪرم فرما سڀ ڌيان سان
پڙهندا، ويچاريندا ، ۽ جي اُن سان متفق ٿين ته اُن
کي، پنهنجي پنهنجي دائري ۾، عمل ۾ آڻڻ جا پورا جتن
ڪندا_ اهوئي اسان لاءِ اسان جي هِن نماڻي محنت جو
لائق صدتحسين عوض ٿيندو.
حيدرآباد _محمد ابراهيم جويو
24_آگسٽ،1985ع |