مذھب جي ”غيب“ ۽ ”معجزي“ جي ڳالھه يا ڳالھيون. انساني زندگيءَ
جي مطلقاَ بنيادي ۽ اصلوڪي ٻه _ تُڪي مسئلي. يعني
”مقاصد ۽ ذرائع“ (Ends
and Means)
جي دائري ۾ ايندڙ ڳالھيون آھن: ھڪ راسخ العقيده
مسيحي وڏي عالم، مائيڪل _ ڊي اُنمُونو، جي لفظن م
”خدا جي ھئڻ کي مڃڻ معنيٰ ته خدا جي ھئڻ جي خواھش
رکڻ، ۽ تنھن کان وڌيڪ اِھا ته عمل ائين ڪرڻ ڄڻ ھو
آھي.“ ٻئي ھڪڙي اھڙي ئي راسخ مسيحي عالم.لِي ڪامٽي
ڊُونُو وي. جنھن ئي اِھا مٿين ڳالھه پنھنجي ڪتاب
”ماڻھوءَ جي منزل “ (Human
Destiny)·
۾ لکي آھي. جو چوڻ آھي ته ”جيڪو تصور خدا جو اسين
تخليق ڪريون ٿا، اُھو خدا جي ھئڻ جو ثبوت ڪونھي،
پر جيڪا ڪوشش اُن تصور جي تخليق ڪرڻ ۾ اسين صرف
ڪريون ٿا، اُھا اُن جو ثبوت آھي. ”اسان جي دنيا جي
صوفي درويشن مان جڏھن ڪو ’ڪل انسان‘ جي صورت ۾
پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندي،يا پاڻ کي ’ڪل انسان‘ جو
مثال سمجھي، چوي ٿو ته ”اَلھه آدمي بن آيااِ“ يا
”آھيان پاڻ الله، عشقؤن کڻي عبد سڏايم“ _ ته اُھو
به اِھا ساڳي ڳالھه ٿو ڪري. ٻئي پاسي. سماج ۾
رھندڙ انسان جي ازلي اُمنگن يا قدرن، يعني ”امن،
اتحاد ۽ ترقي“. يا ”پيار، سُٻَنڌُ ۽ سُکَ“،يا
”حسن، نيڪي ۽ خير“ جي ھر آدرش جي ھئڻ جي ڳالھه به
ائين آھي _ يعني، اسان جي خواھش اِھا آھي ته اُھي
ھجن ۽ تنھن کان وڌيڪ ھي ته اسان جي عمل جو اظھار
ائين ٿئي ڄڻ اُھي واقعي آھن، ۽ ٻيوته اُنھن جي ھئڻ
جو ثبوت به اِھو ڪونھي ته اسان اُنھن جو ڪو تصور
ڪيوآھي، پر اُھا ڪوشش اُن جو ثبوت آھي جيڪا اُنھن
جي تصور تائين پھچڻ يا اُن کي حقيقت جي روپ ڏيڻ
لاءِ اسين ڪريون ٿا. اِنھيءَ طرح، دراصل ، آدرش به
ھڪ غيب آھي، جيئن غيب به ھڪ آدرش آھي، ۽ ائين غيب
۾ ايمان ۽ آدرش ۾ ايمان جو فرق رڳو سمجھڻ لائق (Academic)
يا رڳو لفظي يا اصطلاحي قسم جو وڃي ٿو بيھي _ ۽
پوءِ ڳالھه وڃي اُتي ٿي ڇيھه ڪري ته ڪھڙيءَ
صورتحال ۾ ڪھڙي اصطلاح جي لباس وارو تصور يا فڪر
حقيقت جي دنيا ۾ وڌيڪ صورت پذير يا بارآور ثابت ٿي
رھيو آھي. ۽ اِھو خالص ذرائع (Means
)جي مقابلي ۾ مقاصد (Ends)
جو، علم(Theory)
جي مقابلي ۾ عمل (Practice)
جو، ۽ قول (Words)
جي مقابلي ۾ فعل (Deeds)
جو سوال بڻجي ٿو بيھي ! ۽ اِن ۾ سمجھڻ جي ڳالھه
ھيءَ نڪري ٿي اچي ته بدلجندڙ (وڌندڙ، سڌرندڙ) سماج
۾ رھندڙ انسان جي ازلي مقاصد _ پيار، سٻنڌ ۽ سک
جا، امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جا، حسن، نيڪيءَ ۽ خير جا
_ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ عميق ۽ وڌيڪ وسيع ٿيندا رھن
ٿا. ۽ انھيءَ ڪري اُنھن جي حاصل ڪرڻ جا يا اُنھن
کي حقيقت جي روپ ڏيڻ جا ذريعا به مٽبا، بدلجندا،
بلڪل نوان نه ته به، مختلف، گهڻ _ پاساوان ۽ مشڪل
ضرور بڻجنداٿا رھن. ۽ اُن صورت ۾، خصوصاَ جڏھن غيب
جي واسطي سان مذھبي انقلاب جو سلسلو به بلڪل ختم
ٿيل آھي، ته اُن جي حمايت يا وساطت جو اُن کان اڳ
يعني اُن جي پنھنجي دور ۾ عقلي طور ڪھڙو به جوازيا
تعبير ھو يا نه ھو، اُن کي ھاڻي غير ضروري نه ته
به ناممڪن سمجھي (ڇو ته نزول وحيءَ جي اِلقاء کان
قطعاَ محروم آھيون)، اسان لاءِ سواءِ پنھنجي عقل
جي راھه تي ھلڻ جي باقي ٻيو رستو رھيو به ڪھڙو
آھي، جو اُھو وٺي ھلون! ھاڻي، البت، اُن رستي سان
ويندي ويندي، اسين اڳين رستن جا پراڻا آثار ڏسي،
جانچي، نشانن کي سڃاڻپ، اُنھن جي تورتڪ ۽ ڇنڊڇاڻ
ڪري سگهون ٿا _ ته ڪھڙين ڪھڙين حالتن ۾ ، ڪھڙيءَ
منزل ۽ ڪھڙي درجي جي مقصدن لاءِ ڪھڙا ذريعا_ نظري
۽ علمي، ڊيڄاريندڙ ۽ ھر کائيندڙ، عقلي ۽ معجزائي،
معلوماتي ۽ پروپيگنڊائي وغيره وغيره_ ڪم آندا ويا
۽ اُنھن مان ڪھڙن ڪھڙن، ڪٿي ۽ ڪيئن پنھنجو ڪم ڪرڻ
ڇڏي ڏنو، ۽ اسين، ھاڻي ، جيڪا ڪجھه سمجھه، جو ڪجھه
فڪرُ، وسيلي طور، پنھنجي عقل جي رستي سان اڳتي وڌڻ
لاءِ، ساڻ کڻي سگهون، سو ڪھڙو ۽ ڪيترو؟ ڇو ته اسين
اُن سلسلي نزول وحيءَ جي قطع ٿيڻ کان پوءِ به ڪافي
اڳتي وڌي آيا آھيون، ۽ اسان کي ائين اڳتي وڌندي
رھڻوئي آھي _ جيئن اسين ۽ ٻيا جيڪي اُن سلسلي جي
ھر قدم کي اھم سمجھون ٿا ۽ اُن ھرقدم لاءِ پنھنجي
وقت جي ڌڻيل اڳواڻ يا اڳوڻن کي مڃون ٿا، تن کي
مسيح جا ھي لفظ اھڙيءَ ريت اڳتي ۽ نت اڳتي وڌڻ
لاءِ اُڀاريندا ۽ للڪاريندا رھن ٿا، جيڪي ھُن آخر
۾ پنھنجن ساٿين کي چيا ھئا: ”آءُ اوھان کي سچ ٿو
چوان ته اوھين ھي ڪم جيڪي آءُ ڪريان ٿو [انساني
عقل جا، ۽ پڻ عقل کي عاجز ڪرڻ جا يعني ’معجزا‘_]
سي به ڪندا، پر اُنھن کان به وڏا ڪم ڪندا!“·
۽ اُن عظمت جي وڌ کان وڌ بلندين تائين پھچندي رھڻ لاءِ، ذريعي
طور، ھُن اسان کي سڀ کان اول پنھنجي ’اکين کان ڪم
وٺڻ‘لاءِ يعني پنھنجي مشاھدي، پنھنجي تجربي ۽
پنھنجي ڄاڻ (ٻين لفظن ۾، پنھنجي عقل) کي استعمال
ڪرڻ ۽ ان سان پنھنجي راھه کي روشن رکڻ لاءِ چيو
آھي _ ”اوھان جون اکيون اوھان لاءِ سوجھري جا ڏيا
آھن. ائين ھر گز نه ٿيندو آھي ته ڪو ڏيا ٻاري،
اُنھن کي مٽ ھيٺان لڪائي رکي ڇڏي! ڏين کي ٻاري پاڻ
مٿي رکبو آھي ته جيڪي اندر اچن سي اُنھن جي سوجھري
۾ سڀڪجھه ڏسن. اوھان جون اکيون درست آھن [۽ ڏسن
ٿيون]، ته اوھين سوجھري ۾ آھيو. پر جڏھن اوھان
جون اکيون ناقص آھن [۽ نٿيون ڏسن]، ته اوھين سڄا
اونداھيءَ ۾ آھيو. انھيءَ ڪري، پوري سعيي سان
سدائين پاڻ وٽ اونداھه بدران سوجھري کي موجود رکو.
جيڪڏھن اوھين پوري سوجھري ۾ ھوندا ۽ ڪابه اونداھه
اوھان وٽ نه ھوندي، ته اوھين سڄو ڏيک چٽو ڏسندا.
ڄڻ اوھين پاڻ ڏيا آھيو [۽ اوھان جي پنھنجي روشنيءَ
سان اوھان جو رستو روشن آھي].·
”مقاصد“ (Ends)
جي سلسلي ۾ ھيئن ٿو چئي سگهجي ( ۽ اِن تي سماوي ۽
ارضي طرز فڪر ٻنھي جو اتفاق آھي) ته مقصدن جو مقصد
انسان پاڻ آھي _ ھر ڪوشش، ھر ڀلائي ۽ ھر ترتيب ۽
ھر تنظيم انسان جي پنھنجي نجات ۽ پنھنجي عروج لاءِ
آھي _ انفرادي طور به ۽ اجتماعي طور به؛ بلڪ جڏھن
کان انسان سماجي طرز زندگيءَ ۾ پير رکيو ۽ مٿس،
يعني انسانن مان ڪنھن ھڪ انسان تي به، اِھا حقيقت
روشن ٿي ته ٻن جي باھمي تعاون سان ئي ٻنھي جي مشڪل
ڪشائي ۽ احتياج رسائي آسان ٿي سگهي ٿي، تڏھن کان
سماجي زندگيءَ جي ھر صحيح نظام ۽ ھر صالح انقلاب
جي پھچ جو نشان يعني اُن جو مقصد فقط ۽ فقط انسان
جي گڏيل نجات ۽ انسان جو مشترڪ عروج يا ترقي ئي
مقرر ٿيو _ نجات پنھنجي ڳاڻيٽي کان ٻاھر جُڳن جي
حيوانيت ۽ اُن جي گڏ ٿيل ۽ گڏ ٿيندڙ اثرن ۽ آثارن
کان ۽ عروج پنھنجي لاحد، ترقي پذير، اعليٰ کان
اعليٰ تر انسانيت ڏانھن. ۽ مسيحي تعليم جو ان
سلسلي ۾ ڏنل سبق ڪُلي طور فصليه ڪن حيثيت رکي ٿو_
”۽ يوحنا جا پوئلڳ ۽ فريسي [يھودي عالم ۽ فقيھه] روزا رکندا ھئا
[جيڪو اُنھن جي شريعت جو ھڪ دستور ھو]. ڪي ماڻھو
يسوع وٽ آيا ۽ پڇيائون ته ڇو سندس پوئلڳن به روزا
نٿي رکيا! يسوع جواب ڏنو، ’ڇا، ڄاڃي، جيڪي گهوٽ
جا دوست ھوندا آھن شاديءِ جي ڀت کائڻ کان انڪار
ڪندا آھن؟ ۽ جڏھن گهوٽ ساڻن ھوندو آھي تڏھن ھو ڏک
ڪندا آھن؟ پر جڏھن گهوٽ کانئن وڇڙندو تڏھن ھو ڏک
ڪندا. [تنھن کان سواءِ، بک ڪڍڻ عمل جو پراڻو طريقو
آھي.] اِھا ڳالھه ائين آھي جيئن پراڻي ڪپڙي کي
نئين ڪپڙي جي چَتي ھڻڻ. پوءِ ڇا ٿيندو آھي؟[نئين]
چَتي سوس کائي ويندي آھي، ۽ [پراڻي ڪپڙي جو] ٽُڪُ
يا ڦاڙُ اڳي کان به ويڪرو ٿي ويندو آھي. اوھان کي
ڄاڻ آھي ته انگورن جو تازو رس پراڻين مَشڪن ۾ ڪونه
وجھبو آھي، ڇو ته اُھي ڦاٽي پونديون. انگورن جو
تازو رس به ھارجي ويندو ۽ مشڪون به بيڪار ٿي
پونديون. انگورن جو تازو رس نئين مشڪن ۾ وجھبو
آھي!‘
”ٻئي ڀيري. ھڪڙي سبت جي ڏينھن، يسوع جا ساٿي. يسوع سان گڏجي،
[پنھنجن] کيتن ۾ ويا ۽ ڪڻڪ لڻڻ ۽ سنگن مان اَن ڪڍي
کائڻ لڳا. [تنھن تي] فريسين [وڌي ،] يسوع کي چيو،
’ھِنن کي ائين نه ڪرڻ کپي . سبت جي ڏينھن لاباري[
يا ٻئي ڪنھن ڪم] ڪرڻ جي شريعت ۾ جھل آھي،‘يسوع
جواب ڏنو، ’ڇا، اوھان کي خبر ڪانھي ته دائود ڇا
ڪيو ھو، جڏھن ھن کي ۽ ھن جي ساٿين کي ضرورت ھئي ۽
ھو بکايل ھئا؟ ھو، سردار ربيءَ اِبياترَ جي ڏينھن
۾، ڇو خدا جي گهر
۾ گهڙي ويو ھو ۽ ڇو اُتي نذر ۾ آيل روٽ پاڻ به کاڌائين ۽ پنھنجن
ساٿين کي به کارايائين. جڏھن اھي روٽ پاڻ کائڻ فقط
ربين ۽ ڪاھنن لاءِ جائز ھئا؟ ائين ڪرڻ جي به ته
شريعت ۾ جھل ھئي! پر[آءُ اوھان کي سچ ٿو چوان]
”سبت“ [مذھب، نظريو، اُن جو ڪو رڪن يا ڳالھه _ ھر
چيز ۽ ھر عمل] ماڻھوءَ لاءِ آھي، نه ماڻھو ”سبت“
لاءِ _ ابن آدم ”سبت“ جو مالڪ آھي‘“
·
انساني زندگيءَ جي ”مقاصد ۽ ذرائع “ جي بنيادي ٻه _ تُڪي مسئلي
جي سلسلي ۾ ”مقاصد“ جي برتريءَ مقصدن ۾ انساني خير
۽ خلق جي اوليت جي ترغيب ۽ بيان، مسيح جي انھيءَ
تعليم کان وڌيڪ اثرائتن ۽ پڌرن لفظن ۾ ٿي ئي نٿو
سگهي.
۽ اھا تعليم. اِھا ترغيب، اھو بيان، اِنھن لفظن ۾ ۽ انھيءَ
انداز سان، دکي ۽ مجبور انسانن کي فقط ”مسيح“ ئي
ڏيئي سگهيو ٿي. جيڪو انساني پيار، انساني ڪھل ۽
زندگيءَ جي احترام جو پيغمبر ھو.
ھن جا آخري لفظ ھئا: ”ڌرتيءَ ۽ آسمان جي طاقت منھنجي [ابن آدم
جي ] آھي!“
·
پنھنجي آخري دم تائين، ھو ڪمزور، معصوم، مظلوم ۽ محروم انسانن
کي، پنھنجو ”رڍون“ ۽ پنھنجا ”گهيٽڙا“ سڏيندي،
پنھنجي پوئلڳن کي اُنھن جي ”چارڻ ۽ پيارڻ“ جي پارت
ڪندو ويو _ ته جيئن بني نوح انسان، پِنھنجي
حيوانيت جي بگهڙ کان پاڻ بچائيندو، پنھنجي انسانيت
جي خيرَ ڪبيرَ ۽ خُلقَ عظيمَ جي اعليٰ تر آدرش
ڏانھن وڌندو رھي.
انسانيت جو ھيءُ ارتقائي سفر لاحد لاءِ اکٽ آھي _ ڪٿان جو ڪٿان
ٿيندو، ايامن جا ايام گذاريندو، جِيوَ جي صورت وٺڻ
کان پوءِ به لکن جا لک سال سڪندو، سَھڪندو ۽
سھندو، انسان وحشيپڻي مان اُڀري، تھذيب جي اڄوڪي
ڏاڪي تي پھتو آھي. ھيءَ ته ھن جي تھذيبي ترقيءَ ۽
اخلاقي اوسر، يعني پنھنجي حيواني اوصافن جي ضبط ۽
ضابطي، جي اڃان ابتدا پيئي معلوم ٿئي. اڄ بني نوع
انسان جي تھذيب ۽ اخلاقيات جو عَمَل دَخَل قوميت
جي مَحَوَرَ (دائري) اندر ئي محدود آھي _ خود قومي
محور جي اندر به گروھه آھن. ۽ گروھن ۾ فرد آھن،
جيڪي سچ ۽ نيڪيءَ جو فيصلو گروھي يا شخصي طور
پنھنجي فائدي ۾ ڪرڻ لاءِ، حيواني وسائل ، يعني
طاقت جا ذريعا _ تعداد، دولت، علم، عقل ۽ سياسي
اقتدار جي فوقيت ۽ سڀرائيءَ جا _ ڪم ۾ آڻڻ کان
پوئتي ڪونه ٿا ھٽن. مذھب (يا، مذھبن) جي معلوم
تاريخ (ڪم از ڪم. عملي طور) رڳو پنھنجي پنھنجي خاص
قوم جي تھذيبي ۽ اخلاقي تربيت جي ڪوشش جي تاريخ
آھي _ اسرائيلي (سامي) سلسلي جا مذھبي اڳواڻ سڀ جا
سڀ، ۽ ائين اريائي سلسلي جا پڻ سڀ _ مسيح ۽ گوتم
ٻڌ جي استثنيٰ (Exception)
سان _ اِھي ٻيئي سلسلا تاريخ جا قريب قريب ھمعصر
سلسلا ئي آھن)، تاريخ جي مطالعي مان ائين پيو ڏسجي
ته ڄڻ پنھنجي پنھنجي قوم جا جنگي سالار ھئا، جن
امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي دعوت عملي طور فقط
پنھنجيءَ قوم تائين محدود رکي ٿي ۽ ٻي ھر ڪا غير
قوم ۽ ان جي خاص ڌڻيءَ جي وعدي ڪيل رعيت، وعدي ڪيل
زمين ۽ مال غنيمت ھئي! اڄ به آسانيءَ سان ڏسي
سگهجي ٿو ته قومن ۾ فردَ ۽ گروھَه، ۽ جدا جدا
قومون. ٻين (پاڻان ھيڻن) کي زير ڪرڻ ۽ ڳرڪائڻ ۾
ڪيتري قدر پنھنجن حيواني اوصافن تي ضبط رکن ٿيو ۽
اُنھن کي ڪم آڻڻ کان پرھيز ڪن ٿيون! اِنھيءَ ڪري،
انساني اوصافن_ پيار، ڪھل ۽ زندگيءَ جي احترام _
جي ترتيب ڪرڻ. فردن ۾، گروھن ۾ ۽ قومي سطح تي _ ۽
حيوانيت جي ھر اظھار۽ عمل جي سامھون ٿي بيھڻ _ ۽
انسانيت جي ارتقائي راھه ۾ ائين پيرُ پيرَ ۾ ڏيئي
اڳتي وڌڻُ، ڪيتري نه اھم ۽ ضروري ڳالھه آھي!_ تان
ته انساني نجات لاءِ ھتي ھيٺ، اسان وٽ، ”آسماني
بادشاھت“ جي قائم ٿيڻ جي زمين ھموار ٿئي_ جنھن
لاءِ خدا جي نماڻي يسوعَ، انسانيت جي مسيحَ مٿي تي
ڪنڊن جو تاج پاتو ۽ ڪلھي تي پنھنجي صليبَ پاڻ
کنئي. ۽ ھو ماڻھن جي وچ ۾ ۽ ماڻھن سان گڏجي پنھنجي
مقتل ڏانھن وڌيو، ته جيئن پنھنجي قتل جو پاڻ تماشو
ڏسي سگهي.
مسيح کان اڳ ۾ ۽ ھُن کان پوءِ پڻ اڳتي _ ھيءَ راھه _ انساني
تھذيب ۽ اخلاق جي ارتقا جي راھه _ ڪنڊن جي تاج جي
۽ صليب تي ٽنگجڻ جي راھه_ مسيحن جي راھه آھي، ۽
ھِن راھه تي ھلڻ لاءِ خدا جو ھر ٻالڪ، انسان جو ھر
ھمعصر ٻار آئيندي جو مسيح آھي _ شرط آھي ته اُن
ٻالڪ جي ڄڻڻ ۽ نپائڻ جي سعادت ڪھڙي ماءُ پيءُ کي
ٿي ملي، ۽ مسيحيت جو اُھو عظيم انساني درجو، اُھو
اعليٰ خدائي رتبو ۽ شانُ ڪھڙي خوش نصيب ٻالڪ کي ٿو
نصيب ٿئي : ۽ ٻي وڏي ڳالھه ته اسين، جيڪي مظلوم ۽
محروم، عام ماڻھو آھيون، سي، پنھنجي نجات لاءِ،
اھڙيءَ ڪنھن مسيحي راھه جي سلسلي ۾ ڪھڙو ٿا ڪردار
ادا ڪريون _ ڪنھن يھوداه جو، ڪائفا جو، پلاطس جو
يا ھُن جي پيسن ڳڌل ڀاڙيتو سپاھين ۽ جلادن جو، _
يا پاڻ جھڙن ھيڻن، ايذايلن ۽ ڏکويلن سان ساٿ ڏيڻ ۽
نباھڻ جو ۽ اُن لاءِ ڏک سھڻ ۽ سر جي سَٽ ڏيڻ جو!
حيوان ۽ ماڻھوءَ جي ۽ پڻ ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي پرک،
سچ پچ، جي آھي ته اِھا آھي، ۽ اِتي آھي _
ٻَري ته ٻيلي گهڻا، سائي پُڇي سُکَ
رفاقت رُڃن ۾، ڏونگرُ ڪاري ڏکَ
اَريءَ جا اَھُکَ، مون رھُنما راھهَ ٿيا.(شاھه)
حيدرآباد سنڌ
_ محمد ابراھيم جويو
ڊسمبر 12، 1979ع
عورتازاد
غلاميءَ کان وڌ ماڻھوءَ جي ٻي بدبختي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. پر پيچ
در پيچ غلامي ھُن لاءِ جيئري موتُ آھي. سڌيءَ
غلاميءَ جي ماڻھوءَ کي ڄاڻ رھي ٿي، احساس رھي ٿو،
۽ اُن کان نجات جا امڪان ھُو پنھنجي جدوجھد ۽
قربانيءَ ۾ ڏسي سگهي ٿو. پيچ در پيچ غلامي ماڻھن
جا سنڌ چَٽي ٿي، ھانءُ کائي ٿي ۽ ھُن کي ھوش کان
بيھوش ڪريو ٿي ڇڏي.
اڄ جو سنڌي سماج _ جاگيردار سماج، تاريخ جو ڌَڪيل ۽ دسيون پوئتي
ڇڏجي ويل سماج _ پيچ در پيچ غلاميءَ ۾ ورتل آھي. ۽
اُن جي سڀ کان اونھي پيچ ۾ ڦاٿلَ سنڌي عورت آھي ۽
اُتي ھوءَ نه ماءُ آھي، نه ڀيڻ آھي ۽ نه ڌيءُ، نه
ھُن جو ڪو جيون ساٿي آھي، نه ھوءَ ڪنھن جي جيون
ساٿياڻي. ھوءَ پنھنجي وجود جي اھميت ۽ تقدس کان
ڪُلي اَڄاڻ آھي. پڙھيل توڙي اڻ پڙھيل، شاھوڪار
توڙي غريب، ٻھراڙيءَ توڙي شھري گهر ۾ اسان وٽ ھوءَ
بي قدرائين وٿُ آھي. ۽ اُن پنھنجي ھلڪائپ ۽ دک ۾
جيڪو نئون نسل ھوءَ اُپائي ٿي ۽ نپائي ٿي. اڪثر
اُھو پنھنجي ذھن توڙي ارادي ۾ غلام ئي ھجي ٿو، ۽
نه نه ته به خود کيس، يعني پنھنجي ماءُ کي ، ڀيڻ
کي ۽ پنھنجي ئي ٻچن جي ماءُ کي، ساڳئي غلاميءُ جي
پيچ ۾ سوگهي رکڻ جي مھارت ته ھُو ضرور ڄاڻي ٿو.
سماج جي ھر ترقيءَ سُک ۽ فضليت وانگر، آزادي به ھڪَ ڪُل _
پاسائينءَ پاکر مثل آھي _ اُن ۾ سماج جي جسم جو
ڪوبه انگُ اڻ ڍڪيل رھيو ته اُھو سماج نه انساني
سماج رھي سگهي ٿو ۽ نه سڏجي سگهي ٿو. سماجي عافيت
۽ آزادي، جي بي مثل نعمتون آھن ته به سڀ لاءِ ۽ جي
بي بھا انعام آھن ته به سڀ لاءِ. اُھي کَٽبا ۽
حاصل ڪبا ته به گڏجي ۽ ماڻبا ته به گڏجي. سڄو سماج
سجاڳ ٿيندو. ان جون عورتون، مرد، هاري، مزدور،
شاگرد سڀ اٿندا. تحرڪ ۾ ايندا ۽ جدوجهد ڪندا، ته
سڄي سماج جي غلاميءَ جو سڄو ڄار ٽُٽندو. _
جاگيردار سماج بدلبو ۽ اُن جي پيچ در پيچ غلاميءَ
جون هٿڪڙيون کلنديون ۽ پيرن جا زنجير ٽُٽندا _
اسان جون مائرون آزاد ٿينديون. ڀينرون آزاد
ٿينديون، معصوم ڌيئرون ۽ پُٽ آزاد ٿيندا، ۽ اسان
جون محبوبائون، جيون ساٿياڻيون، آزاد ٿينديون _
اسان جا پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل، ٻھراڙيون ۽ شھر،
مسجديون ۽ مندر، مڪتب، مدرسا، اسڪول ۽ ڪاليج آزاد
ٿيندا، ۽ اسان جي سڄي انساني دنيا آزاد ٿيندي، _ ۽
پوءِ ئي وچ جا فرق ۽ مفاصلا مٽبا، ۽ شڪ، وسوسا،
ھوس ۽ حسد ختم ٿيندا، ۽ ماڻھوءَ جي بي اعتمادي
ٽُٽندي، ۽ محبت جي باغ ۾ بھار ايندو ۽ بھار جا گل
ٽڙندا ۽ اُنھن جي حُسن جو وستار ۽ خوشبوءِ جو واس
چـؤڏس پکڙندو. ۽ اسين اُن سڄي پنھنجي پُربھار
مستقبل جا جيئن اڄ سرچشما آھيون ۽ مقصد به، تيئن
وڌي اُن جا مالڪ به ٿينداسين. ۽ اسان جا نسل ۽
اُنھن جا ايندڙ نسل اُنھن جا وارث به اوس بڻبا.
انھيءَ يقين ۽ انھيءَ اُتساھه سَان ھيءُ ڪتابڙو، جنھن کي اسان
”عورتا زاد“ يعني ”عورتن جي تحريڪ آزاديءَ “ جي
ننڍي ڪيل لفظ جو عنوان ڏنو آھي. ”سنڌي عورت
ڪانفرنس _ 1982ع“ جي نالي سان خاص طرح منسوب ڪندي،
شايع ڪري رھيا آھيون، ۽ اُن جي نتيجي ۾ جيڪا ”سنڌي
عورت تحريڪ“ جُنَمي آھي، اُن جي لائق ڪارڪنن جو
ڌيان ان ڏانھن ڇڪائيندي، اُميد ٿا ڪريون ته ھو اِن
۾ پيش ڪيل مواد جو بغور مطالعو ڪنديون، ۽ پڻ سنڌي
سماج جا سڀ گهڻگهرا ۽ خذمتگذار، اسان جا نوجوان
دوست، ساٿي ۽ بزرگ ان کي پڙھندا ۽ اِن مان کين
سندن جدوجھد جي راھه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ٿورو ڪو سڏُ
ضرور ٻُڌبو، ٿوري ڪا روشني ضرور ملندي _ ڇو ته
ماڻھوءَ کان ماڻھوءَ جي دوري. مالڪ ۽ غلام جو
ويڇو، غريب ۽ امير، ظلم ۽ مظلوم جو تضاد، عورت ۽
مرد جو ڀيد ۽ مفاصلو، جن جو ھتي، ھِن ڪتابچي ۾،
ڪجھه ڪجھه بيان ٿيل آھي، اسان کي سڏي سڏي چئي رھيا
آھن_
مين فاصله ھون مجھي مِڻا دو،
ڪ مِيري مِٽني سي دل ملين گي_
حيدرآبادسنڌ _محمد ابراھيم جويو
8_6_1983ع
(جڏھن پائٿا گورس اول اول پاڻ کي
’فيلسوف‘ سڏيو ھو، تڏھن چون ٿا ته کانئس اُن جو
سبب پڇيو ويو ھو. ھن جو جواب ھو ته ”ھيءَ دنيا
ائين آھي جيئن اولمپيائي راندين جو ميدان، جتي آيل
ماڻھو ٽن قسمن جا ھجن ٿا_ ھڪڙا رانديگر، ٻيا تاجر
۽ ٽيان، جيڪي ڏاھا آھن، مشاھدي سان پنھنجو من شانت
ڪن ٿا: زندگي به ائين آھي _ اُن ۾ ڪي شھرت لاءِ
ڄاوا آھن ۽ ڪي دولت جي ھَوس لاءِ، ۽ ٻيا، جيڪي
ڏاھا آھن، سي سچ جي تلاش ڪن ٿا.“ ته ھِن پھرئين
‘فليسوف‘، پائٿا گورس، جي نظر ۾، سچ جي تلاش ئي
ھئي؟ جيڪو ’انساني‘ ڏاھپ جو، يعني فلسفي جو، اصل
ڪم ھو.)
فلسفي جو ابتدائي ڪورس
ھيءُ ھڪ فلسفي جو ڪتاب آھي: ۽ ترجمي جو ترجمو آھي:
ڪٿي ڏاڍو سادو ۽ سولو ۽ ڪٿي ڪٿي ڪافي ڏکيو ۽
ڳوڙھو: بھرحال، سڄو پوري ڌيان سان پڙھڻ لائق آھي:
اِن سڄي کي مڃڻ يا اِن سان پورو اتفاق به لازمي نه
آھي _ ڇو ته فلسفو علم ئي اِن قسم جو آھي، جنھن ۾
ماڻھوءَ کي نيٺ پنھنجي تجربي ۽ پنھنجي عقل تي
ڀاڙڻو پوي ٿو، ۽ نه ڪٿان ڪنھن مليل يا نصيب ٿيل
خبر يا چمتڪار تي. فلسفي جي ٻولي، ٻيءَ ھر سائنسي
ٻوليءَ وانگر، گهڙيل ٺھيل، تَڻيل ۽ تُرُ ھجي ٿي:
اُن جو لڳ ڀڳ ھر لفظ، اُن جي جملن جي ترڪيب ۽ اُن
جا دم ۽ وقفا سڀ اھم ۽ بامعنيٰ ھجن ٿا. اِئين به
ڪونھي ته اُن ۾ لفظ لفظ يا جملي جملي تي بيھي
معنائن جا موتي تلاش ڪجن يا لھجن: بلڪ ٿيڻ ائين
کپي ته ڪٿي ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه اچي ته منجھي نه
بيھجي، _ يا پوئتي وڃي ڳالھه جو پَرو اُتان کڻجي
جتان کڄي سگهي، يا اڳتي وڌي وڃجي، ڇو ته ممڪن آھي
ته اڳتي وڌڻ سان اُھا ڳالھه پاڻ ئي کلي پوي ۽ واضح
ٿي وڃي. فلسفي ۾ البت ھڪ شيءِ ڄاڻ جا ۽ ڄاڻ جي سند
يا صداقت جا وسيلا فقط انسان جو پنھنجو تجربو ۽
انسان جو پنھنجو عقل آھن، ۽ ھُن لاءِ ڄاڻ جا
سرچشما به فقط ٻه ئي آھن، يعني فطرت ۽ تاريخ، جن
جو مشاھدو، مطالعو ۽ چڪاس ئي سندس سڄو تجربو ۽ جن
تي تنقيدي ويچارئي سندس سڄي عقل جو عمل شمار ٿين
ٿا.
لفظ ’فلسفو‘ (Philosophy)
اصل ۾ يونان ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آھي: ’فلو‘
(=
ذوق، پسند) ۽ ’سوفيا‘ (=
ڏاھپ)، يعني ’ڏاھپ جو ذوق‘ يا ’ڏاھپ پسندي‘. چيو
وڃي ٿو ته لفظ ’ڏاھپ پسند‘ يا ’فيلسوف‘ پھريون
ڀيرون پائٿاگورس (ق.م 500 _ 580 )پاڻ لاءِ ڪم آندو
ھو، ۽ ھڪ خاص علم جي نالي طور ’فلسفو‘ تقريباَ ڏيڍ
سو سال پوءِ، استاد افلاطون (ق.م 347_428) استعمال
ڪيو ھو.
اوائلي يونانين جو سڄو سماجي شعور (فطرت ۽ تاريخ جو) ديو
وارتائي قسم جو (Mythological
) ھو. مثلاً ڪھڪشان (جنھن کي اسين اڄ به ’آڪاس
ندي‘ يا اُن تان تري ويندڙ ’نوح نبي جي ٻيڙيءَ جو
ليڪو‘ چئون ٿا،) اُن لاءِ ھُنن جي ’ڄاڻ‘ ھئي ته
اُھو سندن سورج ديوتا، اَپالو، جي پٽ زيئس، جي
ساھيڙيءَ، ھيرا ديويءَ، جي ٿڻن مان اُڌمجي وھيل
ٿَڃ جو پٽو ھو (جنھن تان ئي، شايد، انگريزيءَ ۾
اُن جو عام نالو اڃا تائين به
The milky way کير جو پٽو_ ھليو اچي ٿو). نيٺ جڏھن ڊيموڪريٽس (ق،م 375_460)
کين ٻڌايو ته اُھو ته رڳو تارن جو ھڪڙو اَننت ميڙ
ھو، ته ماڻھن وٺي گوڙ ڪيو ته ’اِئين چوڻ ته ڪفر
ھو!‘ ۽ اُنھن جي ھڪ ٻئي فيلسوف، افاڪساگورس
(ق،م.428_500) جڏھن سج لاءِ کين چيو ته اُھو سندن
’خلق ۽ مالڪ‘ اَپالو ديوتا نه پر باھه ۾ ويڙھيل
پٿر جي اننت ڇِپ ھو، ته ماڻھو ھن تي مڇرجي پيا ۽
طرحين طرحين ھن کي عذاب ڏنائون_ چي ’ماڻھوءَ‘ جي
ڳالھه ’خدا‘ جي ڳالھه کان مٿي ڪيئن ٿِي!
اِنھن ئي ڳالھين سبب، ۽ اُنھن قديم يونانين يا اُھڙن ٻين قديم
ماڻھن کي خيال ۾ رکندي، جيڪي ائين ’انساني‘ ڳالھه
يا ’انساني‘ ڏاھپ کي ڪجھه نه سمجھندا ھئا ۽ ’فوق
انساني‘ ڳالھه يا ڏاھپ ئي اُنھن لاءِ سڀڪجھه ھئي،
نامور انگريزي فيلسوف ۽ مضمون نويس فرئنسز بيڪ (A.D
1620_1561) کي چوڻو پيو ھو ته ”اوائلي ماڻھو سچ پچ
ته ٻار ھئا: اسين نئين دور جا ماڻھو آھيون ۽ بلوغت
۾ قدم رکي رھيا آھيون ..... پر سچ پچ ڳالھه ڪجھه
ائين به نه آھي _ ڇو ته انساني تجربي ۽ عقل جي
سلسلي ۾، بلوغت جو رتبو خاص ڪنھن دور جي انساني
نسل لاءِ مخصوص ھجي، اھو سوال اڃا جواب طلب آھي _
ڇو ته ’انساني‘ ڏاھپ لاءِ، جيڪا ’فوق انساني‘ ڏاھپ
جي تنقيد بلڪ انڪار جي حق جي دعوا ڪري سگهجي ٿِي،
”انسان لاءِ سڀ ڪجھه اڃا اڳتي، ھُن جي اَڪٿ مستقبل
۾ آھي.“
جڏھن پائٿاگورس اول اول پاڻ کي ’فيلسوف‘ سڏيو ھو، تڏھن چون ٿا
ته کانئس اُن جو سبب پڇيو ويو ھو. ھن جو جواب ھو
ته ”ھيءَ دنيا ائين آھي جيئن اولمپيائي راندين جو
ميدان، جتي آيل ماڻھو ٽن قسمن جا ھجن ٿا_ ھڪڙا
رانديگر،ٻيا تاجر ۽ ٽيان، جيڪي ڏاھا آھن، مشاھدي
سان پنھنجو من شانت ڪن ٿا: زندگي به ائين آھي _
اُن ۾ ڪي شھرت لاءِ ڄاوا آھن ۽ ڪي دولت جي ھَوس
لاءِ، ۽ ٻيا، جيـــڪي ڏاھا آھن، سي سچ جــــي تلاش
ڪن ٿا.“ ته ھِن پھرئين ’فيلسوف‘، پائٿاگورس، جي
نظر ۾، سچ جي تلاش ئي ھئي، جيڪو ’انساني‘ ڏاھپ جو،
يعني فلسفي جو، اصل ڪم ھو.
سچ لاءِ مڃيل آھي ته اُھو روشني آھي، ۽ روشنيءَ جي اچڻ سان
اونداھه گم ٿي وڃي ٿي_ جيئن قرآن شريف ۾ به آيل
آھي: جاءَ الحق و زھق الباطل اِن الباطل ڪان
زھوقا: ’سچ جي آمد سان باطل گم ٿي وڃي ٿو، تحقيق
باطل گم ٿي وڃڻ لاءِ آھي.‘ ھاڻي، مثبت (Positive) ۽ تُز (Exact)
سائنسن ۾ ته واقعي ائين ٿيندو آيو آھي ته اُنھن جو
سچ تاريخ جي رڳو ھڪ وقفي جي گذرڻ لاءِ ترسيل ھجي
ٿو_ جو موقوف به ان ئي سچ تي ھوندو آھي _ ۽ جيئن
ئي اھو دريافت ٿئي ٿو، قبولجي ٿو، چڪاسجي ٿو، ثابت
ٿئي ٿو، تيئن اُھو، جو سائنسي اڻ _ سچ ھو، فوراَ
ئي ختم ٿيو وڃي، پر فلسفي جو سچ _ جيڪو سائنسن جي
انھيءَ روءِ پڌر پوندڙ سچ تي ئي آڌاري ھجڻ گهرجي _
فلسفي جي ڪوڙ تي اِن طرح ھڪدم حاوي نٿو ٿئي، بلڪ
صدين گذرڻ کان پوءِ به ويسھه ۽ تعصب جي لوھي تھن
مان اُن جي روشنيءَ جو گذر نٿو ٿئي. ۽ اُھو
اِنھيءَ ڪري، جو سماجي_ اقتصادي نظام آھن، جن جا
نظرياتي بنياد اُھي فلسفي اَڻ _ سچ بنيل ھجن ٿا، ۽
اُھي نظام اُنھن کي ”فوق انساني“ ڏاھپ جو پاکرون (= زرھون) پيرن سوڌيون پھرائي، ايڏو ته بانورائي بيھن ٿا،
جو ’انساني‘ ڏاھپ جو ڪانُ اُنھن تي اثر ئي نٿو
ڪري. اِنھيءَ طرح، فلسفي جي سچ کي پنھنجي تسليميءَ
لاءِ سائنسي سچ وانگر رڳو پنھنجي اظھار لاءِ،
پنھنجي وجودجڻ لاءِ، ئي ترسڻو ڪونه ٿو پوي، پر اُن
کان پوءِ به طويل مدت اُن دور لاءِ ترسڻو پوي ٿو،
جيڪو اُن جي سامُھڻي سماجي _ اقتصادي نظام جي زير
تنقيد اچڻ، بلڪ اُن جي ڊھڻ ۽ بدلجڻ جو دور ھجي.
”ماڻھو ڪي خيال بيھي پيش ڪري، اِھا پنھنجي سِر ڪا
وڏي ڳالھه ڪانھي ۽ نه ڪنھن شمار ۾ اچي ٿي، اُن
لاءِ ضروري آھي ته اُھي خيال سمجھي به سگهجن ۽
سمجھيا به وڃن؛ اِنھيءَ طرح، خيال جي قبول ڪرڻ ۽
پڻ خيالن جي مُرتب ڪرڻ جا به خاص دور ھوندا آھن.“
(ھن ڪتاب جو صفحو 229)
جيڪڏھن سچ جي تلاش ئي انساني ڏاھپ جو اصل ڪم آھي ته ھِي به واجب
آھي ته ڏسجي ته انساني ڏاھپ ڇا آھي ۽ انساني
زندگيءَ ۾ اُن جو اظھار ۽ اثر ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪھڙو
ٿو ٿئي. ڊيموڪريٽس، جيڪو افلاطون جو ھمعصر ھو، ۽
جنھن ڪھڪشان بابت ماڻھن جو قبوليل ’ديو _
وارتائي‘ شعور رد ڪندي کين ’انساني‘ مشاھدي ۽
ويچار جي ڳالھه ٻڌائي ھئي ته اُھو ديوي ھيرا جي
ٿڻن مان وھيل کير نه پر تارن جو ھڪ اننت ميڙ ھو،
تنھن جي چوڻ موجب: ”ڏاھپ مان ٽي صلاحيتون اڀرن
ٿيون_ بھترين فيصلن جي صلاحيت، اُنھن جي صحيح بيان
جي صلاحيت ۽ جو ضروري ھجي ائين ڪرڻ جي صلاحيت.“
ڏاھپ جي ڳالھه اٿڻ سان ائين به عام چيو ويندو آھي
ته ماڻھو ’ھرڪو ڏاھو آھي _ پاءُ اٽي جو سڀڪو کائي
ٿو!‘ يعني پنھنجي پاءُ اٽي لاءِ، پنھنجي ذات لاءِ،
ھرڪو ڏاھو آھي. جي ڏاھپ اِھا آھي، يعني پاڻ لاءِ
ھرڪو ڏاھو آھي، ته اِھا حيواني ڏاھپ ٿي، انساني
ڏاھپ نه ٿي_ ايتري تائين ته حيوان به ڏاھا آھن.
ڏاھپ جي اِنھيءَ عام قسم کي ننديندي، فرئنسز بيڪن
پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”ڏاھپ، پنھنجي ذات
لاءِ _ اڪثر صورتن ۾، ھڪ ذليل شيءِ آھي: اھا ڪوئن
واري ڏاھپ آھي،جيڪي جڏھن گهر ڪِرڻ وارو ھوندو آھي.
سڀ کان اڳ ئي پڪ ئي پڪ اُتان ڀڄي ويندا آھن؛ اُھا
لومڙ واري ڏاھپ آھي، جيڪو پاڻان ھيڻي جانور جي
کوٽيل ڏر ۾ گهڙي. مالڪ کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندو آھي؛
اُھا واڳونءَ واري ڏاھپ آھي، جيڪو ڪنھن کي
ڳڙڪائيندو آھي ته ڳوڙھا به پيو ڳاڙيندو آھي.“ ڏاھپ
اِھا ناھي. ان کان وڌيڪ ٻي به ڏاھپ آھي، جيڪا
انساني ڏاھپ آھي. صحيح فيصلو، اُن جو صحيح بيان ۽
اُن تي اھڙو ئي صحيح عمل _ پنھنجي ذات جي پاءُ اٽي
لاءِ نه، انسانَ حيوان لاءِ نه، پر حيوان انسان
لاءِ، اُن انسانَ لاءِ جيڪو سماج ۾ رھي ٿو،
’انساني زندگيءَ جو گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سھڪار‘ ڄاڻي
ٿو، ۽ اِنھيءَ ڪري انسان سڏجي ٿو، ۽ انسانُ آھي_
انساني ڏاھپ اِھا آھي، جنھن کي بيڪن. اِنھيءَ ئي
’اجتماع انسان‘ جي حوالي سان، ”فطري فلسفو“ سڏي
ٿو.
فلسفي جي دنيا ۾ ماديت ۽ تصوريت جي دوئي موجود آھي. جيتوڻيڪ اڄ
اُنھن جي نظري بنيادن جي دوئي، يعني مادي (Matter)
۽ ذھن (Mind)جِي،
سائنسن جي جديد ترقيءَ ۽ اُن سان لاڳاپيل فلسفيانه
فڪر جي اڳتي وڌيل روشنيءَ جي آڏو باقي نه رھي آھي
_ ڪم از ڪم اُنھيءَ ڪنھن سطح تي، جن تي اُھا شروع
جي جاھلي دؤر، يورپ جي وچ واري ’اونداھي‘ دؤر ۽
ماضي قريب جي ’سُلجھيل‘ دؤرن ۾ موجود ھئي. سماجي _
اقتصادي نظام سي دنيا ۾ ائين آھن، جيڪي، وقت گذرڻ
سبب، پنھنجي عام انساني خير ۽ منفعت کي ڪُلي طور
ضايع ڪري، پنھنجن فائده گير گروھن/طبقن
Exploiting/classes))
جي برتريءَ ۽ پيٽ ڀرائيءَ خاطر، پنھنجي بقا چاھين
ٿا_ ۽ اُن لاءِ اُھي ھِن نظرياتي دوئيءَ کي نه رڳو
قائم رکڻ پر وڌائي شديد کان شديد تر ڪرڻُ چاھين
ٿا. ۽ ڇاڪاڻ ته اُن ڪوشش ۾ ھنن جي آڏو عام انساني
ڀلائي نه، پر خاص گروھي ڀلائي آھي، کين جنھن ڏاھپ
کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، سا انساني ڏاھپ نه آھي بلڪ
حيواني ڏاھپ آھي_ ڏاھپ، سندن ذات لاءِ _ ۽ اِنھيءَ
ڪري ھو غلط فيصلا ڪن ٿا. اُنھن فيصلن جا غلط بيان
ڪن ٿا ۽ سندن سڀ عمل به اُھڙا ئي غلط ھجن ٿا_ ۽
اُن سڀ جي پرده پوشيءَ ۽ رنگ آميزيءَ خاطر، ھو ڪوڙ
۽ منافقت کان ڪم وٺن ٿا_ ( فرئنسر بيڪن جي لفظن ۾)
”واڳونءَ وانگر ڳڙڪائين به ٿا ۽ ڳوڙھا به ڳاڙين
ٿا.“
ھيءُ ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان ظاھر آھي، فلسفي جي ابتدائي
ڪورس جو ڪتاب آھي_ فلسفو، جنھن کي فرئنسز بيڪن
فطري فلسفو (”
Natural Philosophy“)
ٿي سڏيو _ فلسفو، انساني ۽ انسان لاءِ ڏاھپ پسندي،
انسان جي ۽ انسان لاءِ، جنھن کي ڪنھن به ڳالھه جي
لڪائڻ ۾، وڌائڻ ۾ يا ٺاھڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانھي؛
جنھن کي نه ڪنھن سائنسي سچ کان ۽ نه ڪنھن فلسفي سچ
کان ڪو ڊپ آھي؛ ۽ جيڪو ھر ڳالھه کي کولڻ ۽ سمجھڻ
گهري ٿو _ انساني عقل جي مدد سان، جيڪو انسان وٽ
فطرت جي سدا روشن شمع آھي.
ھيءُ ڪتاب اصل فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ھو، جنھن جو انگريزيءَ ۾
ترجمو 1950ع ۾، سڊني، آسٽريليا، مان شايع ٿيو،
جنھن تان اُن جو ھيءُ سنڌي ترجمو ڪيو ويو آھي. اِن
جو اصلي رُوي سخن فرينچ پڙھندڙ ڏانھن آھي _ جنھن
جا آثار، ڪن جاين تي، ھن سنڌي ترجمي جي پڙھندڙن جي
ڌيان تي به ضرور ايندا، پر اميد ته ترجمي جي اِھا
۽ ٻيون اھڙيون فني حدبنديون، جن کان ڪُلي طور بچڻ
مشڪل ٿئي ٿو، پڙھندڙن لاءِ ڪتاب جي اصل ڳالھه جي
سمجھڻ ۾ رڪاوٽ ثابت نه ٿينديون.
گهڻي ڌيان کان پوءِ به ڪتاب ۾ ڇپائيءَ جون ڪي چڪون رھجي ويل
آھن. لائق پڙھندڙن کان معافي گهرندي، کين گذارش
ڪرڻ لازم آھي ته پڇاڙيءَ ۾ ڏنل ڀلنامي تان ٿي سگهي
ته اُھي درست ڪري، پوءِ ڪتاب پڙھڻ شروع ڪن _ اھا
سندن عين نوازش ٿيندي.
حيدرآباد، سنڌ _ محمد ابراھيم جويو
ڊسمبر 27، 1983ع
علم تدريس مظلومن لاءِ
ھيءُ ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان ظاھر آھي، ھڪ
تعليمي ڪتاب آھي _ ۽ اِنھيءَ ڪري غور سان، ۽ ڪوشش
سان، پڙھڻو آھي، نه ھڪ آکاڻيءَ يا ناول وانگر.
سطحي يا مٿاڇرائي ويچار ۽ اونھي ويچار، ھلڪيءَ يا بي وزن ڳالھه
۽ وزندار ڳالھه. جي ڪرڻَ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ ۾ فرق ٿئي
ٿو. ھلڪا ويچار۽ توائي ڳالھيون ڪٿي به بيھي نٿيون
سگهن _ خود ماڻھوءَ جي پنھنجي مغز ۾ به. اُھي.
اُتي به ۽ ٻاھر به، فقط غبارآلود ۽ واچوڙائي ماحول
ئي پيدا ڪري ٿيون سگهن.
جيتري قدر ٻولين جو نثر ۽ نظم، فڪر ۽ معنيٰ جي خيال کان، ڳنڀير
۽ مايه دار ھجي ٿو اوتري قدر اھي ٻوليون ۽ اُنھن
جون ڳالھائيندڙ،لکندڙ ۽ پڙھندڙ قومون انساني دنيا
۾ مانُ ۽ مرتبو پائين ٿيون ۽ قبوليون وڃن ٿيون، ۽
امن ۽ خير ۾ رھن ٿيون ۽ اڳتي وڌن ٿيون.۽ اُن سڀ
لاءِ اُنھن کي وڏي جاکوڙ ۽ جيءَ _ جھنجھوڙ ڪرڻي
پوي ٿي.
ھر انسان مسئلي. ھر تاريخي ھرڪائناتي ڳالھه لاءِ رڳو ائين چون
ته قدرت جو اُھو عمل آھي ۽ قدرت ئي پنھنجي مصلحت
ڄاڻي ٿي. يا ھن يا ھنن ڪنھن ڪتاب ۾ ھر اُنھيءَ
ڳالھه يا مسئلي جي سمجھاڻي يا ڏس موجود آھي، ۽
قدرت جي حوالي سان اُن جي اُھا سمجھاڻي ۽ اُھو ڏس
حرف آخر سمجھي، خوشپسند ۽ خوشدل ٿي ويھڻُ _ ان کان
وڌيڪ غبارآلود، واچوڙائي ۽ ھولناڪ شيءِ انساني
دنيا لاءِ ٻي ٿي نٿي سگهي. ڇو ته اھا سوچ ۽ سوچ جي
اھا تعليم، سماجي طور، ”موجود _ سدا موجود“ (Status
quo)
جي پرستاريءَ ۽ پاسداريءَ جي ئي تعليم آھي. ۽ اُن
جي ئي غبارڻ ، غِلافڻ ۽ پنھنجي پر ۾ جيئن جــــو
تيئن بچائي رکـــڻ جو ڪــــم ڏئي ٿي: اُن تعليم کي
ھـــــن ڪتاب جي مصنف، پائلو فريري، ’بئنڪاري‘
تعليم، ’فرماني‘ تعليم، ’ڳالھه _ ٻولھه وروڌي‘
تعليم سڏيو آھي. يعني، جيئن بئنڪ ۾ ڪو پئسا وجھندو
آھي ۽ اُنھن تي پنھنجو فرمان ھلائيندو آھي ۽ اُنھن
بابت ٻئي جي ڪابه نه يا بنھه ڪا گهٽ ڳالھه ٻڌندو
آھي، تيئن موجود ۽ بيٺل سماجي نظام جا مفادي ۽
مفادباز گروھه به پنھنجي فائدي جي ’ڄاڻ پونجي‘
ماڻھن جي مغز ۾ وجھن ٿا _ موجود ۽ بيٺل سماجي نظام
جي ضربخاني ۾ گهڙيل ٺھيل ۽ ٺپي لڳل ڄاڻ _ ته جيئن
اُھو سندن نظامُ قائم ۽ دائم رھي ۽ اُن جي ڪنھن
تبديل جا امڪان پيدا نه ٿين ۽ پيدا ٿين ته وڌي اُن
جي بنيادن ۾ ڪو خلم نه ٻارين ۽ اُن جي ديوارين کي
ڪٿي لوڏي يا ڪيرائي نه وجھن. اُن پنھنجي ٺيٺ ۽
بنھه وڏيءَ ڄاڻ _ مايا کي ھو پنھنجو نظريو يا
’مذھب‘ سڏين ٿا.
جڏھن ڪو ’مذھب‘ يا ’نظريو‘مظلوم ۽ محروم خلق جي ترجمانيءَ ۽
طرفداريءَ کي ڇڏي. جنھن سان اُن جي ڪڏھن ابتدا ٿي
ھئي، سڄي سماج جي پيار ۽ پوڄا پاٺ جو بُت بنجي وڃي
ٿو (مطلب ته اُن کي ائين بنايو وڃي ٿو)_ يعني ظالم
خلق جو به اُھو مذھب ته مظلوم خلق جو به اُھو مذھب
_ تڏھن اُھو مذھب يا نظريو طاقتور ۽ ظالم خلق جي
ئي تصرف ۽ تحفظ ۾ ھئڻ سبب، صرف اُن ئي ظالم خلق جي
ھٿ جي ھٿيار جو ڪم ڏئي ٿو. ۽ اُن جي سڄي تعليم ۽
تدريس پوءِ پائلو فريري جي بيان ڪيل اُنھيءَ
’بئنڪاري‘، ’فرماني‘، ڳالھه ٻولھه وروڌي‘ تعليم جي
صورت ۽ رخ وٺي بيھندي آھي _ سڄي انساني فڪر۽ فلسفي
جي تاريخ اِن حقيقت جي شاھد آھي. ۽ اُھو نظريو يا
مذھب پوءِ ظالمن کان مظلوم خلق جي آزادگيءَ يا
ڇوٽڪاري جو وسيلو ھرگز بنجي نٿو سگهي _ پوءِ
ڪيتريون به اُھو پنھنجي ازلي ۽ ابدي، اصلي يا آخري
ھجڻ جون دعوائون ڪري_ اُن جون خود اُھي سڀ دعوائون
به اُھڙيون ظلم _ پسند ۽ ظلم مائل، بئنڪاري،
فرماني ۽ ڳالھه _ ٻولھه وروڌي دعوائون ھجن ٿيون.
اِن سڀ جي ابتڙ، پائلو فريري جو خيال آھي ته تعليم آزاديءَ ۽
سماجي تبديليءَ جو ھڪ رستو آھي_ ائين اُھا رھي آھي
۽ اُن کي ائين رھڻ گهرجي _ اُھو ھڪ ھٿيار، جنھن
سان انسان پنھنجي چـؤڦير دنيا کي ڏسي سگهن ٿا،
سمجھي سگهن ٿا، ۽ اُن جي تورتڪ ڪري ۽ اُن کي
بدلائي سگهن ٿا. بشرطيڪ اُھا تعليم بئنڪاري نه پر
’مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ‘ تعليم، فرماني نه پر
’آزاد ۽ جمھوري‘ (يعني پاڻ پاتل آزاد مرضيءَ سان
قبوليل) تعليم، ۽ ڳالھه _ ٻولھه وروڌي، نه
پر’ڳالھه _ ٻولھه پسند‘ تعليم ھجي.
فريي بئنڪاري تعليم کي ظلم پسند ۽ ظلم مائل ۽ ڏاڍ يا بالادستيءَ
جي ’مڙھيل‘ تعليم سڏيندي، سماج ۾ اُن جي پيدا ڪيل
عام تھذيبي فضا کي اکيون، ڪن ۽ چپ بند ڪري ڇڏيندڙ.
گگدام، ماٺ جي تھذيب (Culture
of Silence)
سڏيو آھي، جيڪا مظلوم ۽ غريب، ’پڙھيل‘ توڙي اڻ
پڙھيل، ۽ ھمت ھاريل خلق جي وسيع تعداد تي ڇانيل
رھي ٿي. سندس چوڻ موجب ھيءَ ’ماٺ جي تھذيب‘ اڄ
پوئتي پيل ۽ محتاج ۽ ماريل ملڪن کان علاوه خود
اڳتي وڌيل سرمايه دار ۽ سامراجي ملڪن لاءِ به وڏي
خطرو بڻيل آھي، جيڪو ھرھنڌ اُتان جي حد کان زياده
فضوليات ۽ کپتڪاريءَ جي حرص ۾ اڙيل ۽ حد کان زياده
ھيسيل ۽ انتظاميل ماڻھن جي وڏي حصي تي اڄ غالب
آھي. فريري پنھنجي ’ڳالھه _ ٻولھه پسند‘، ’مسئلن
کي کولي آڏو رکندڙ‘، ’آزاد ۽ جمھوري‘ تعليم جي
تصور کي اُھو ھڪ طاقتور ۽ زندگي بخش ھٿيار سمجھي
ٿو. جيڪو ماڻھن کي، مظلومن ۽ محرومن کي، پنھنجي
سماجي حقيقت سان تخليقي ۽ انقلابي انداز سان نبرڻ
۽ اُن کي بدلائڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو، جنھن سان انسان
آزاد ٿين ٿا. بھتر کان بھتر انسان بنجن ٿا. ۽ ائين
ھو وقت سان اڳتي ويندڙ تاريخي سلسلي جا حصا بنجن
ٿا ۽ اُن جي عمل ۾ شريڪ ٿين ٿا.
لغوي معنيٰ جي خيالن کان، فريري جي ھِن انقلابي تعليمي ڪتاب جو
نالو (Pedagogy
of the oppressed) ڪجھه سمجھاڻي گهري ٿو. ”علم تدريس، مظلومن لاءِ“، اُن
جي اِن انگريزي نالي جو ترجمو آھي. راقم جي ھڪ
محترم دوست. جيڪو تعليم جو ماھر ۽ لائق استاد آھي.
خيال ظاھر ڪيو ته ڪتاب جي نالي جو اِھو پورو ترجمو
نه ھو. اُن لاءِ ھُن وٽ پڌرو ھڪ دليل ھو. لفظ
”پيڊاگاگي“ (Padagogy)
يوناني ٻوليءَ جي مرڪب
Paedagogos
مان ورتل ھو، جنھن جي مُولُ لفظي معنيٰ ھئي“ اُھو
غلام (agagos)
جيڪو، قديم غلام دار يوناني سڀيتا جي زماني ۾،
ٻارن (Paed,
Ped, Paedo)
کي پوئتان لائي، اسڪول وٺي ويندو ھو، ۽ پوءِ
اصطلاحي طور اُن جي معنيٰ ڦِري ٿي ”ٻارن جو اڳواڻ،
سُونھون، اُستاد“، ۽ اُن کان به اڳتي وڌندي، ڦِري
ٿي فقط ”استاد“ (پر وري به. ٻارن جو!) ائين جيئن
ته ”پيڊاگاگيءَ“ جي لفظي معنيٰ ھئي ”ٻارن جي
تدريس، مظلومن لاءِ“ _ جيڪو ظاھر”آھي ته ڪجھه
ناموزون ئي ٿي لڳو. ۽ حقيقتن به اُھو ائين صحيح نه
ھو، ڇو ته لائق مصنف ھن ڪتاب ۾ جيڪو علمُ تدريس
بحث ھيٺ آندو آھي، سو ٻارن جي تعليم لاءِ نه پر
بالغن جي تعليم لاءِ ھو، پر ”پيڊاگاگي“ لفظ جي لغت
۾ اِن مُول لفظي معنيٰ کان سواءِ، اصطلاحي معنيٰ
به ڏنل ھئي، ۽ اُھا ھئي: ”تدريس يا سکيا (Teaching)
جو فن، علم يا پيشو“، ۽ اِنھيءَ اصطلاحي لحاظ کان
ڪتاب جو اصل انگريزي نالو توڙي اُن جي سنڌي ترجمي
وارو نالو ”علم تدريس، مظلومن لاءِ“ صحيح ھو، ۽ پڻ
اُن جي مضمون سان عين مطابقت ۾ ۽ پورو ٺھڪيل ھو.
ھِن ڪتاب ۾ سمجھايل ’تدريس جو علم‘ خاص بالغن جي تعليم لاءِ
پوئتي پيل قومن جي عام خلق جي ڪثير حصي، اُن جي
مظلوم ۽ محروم حصي، جي تعليم لاءِ ھجڻ سبب اُنھيءَ
عواميءَ خدمت جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ استادن،
تعليمڪارن، ۽ سماجي، تھذيبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ،
جيڪي اِن ڏِس ۾ ”انقلابي اڳواڻپ“ جو رول ادا ڪن
ٿا، بيحد ھڪ مفيد ۽ ڪارائتو رھنما ڪتاب ثابت ٿي
سگهي ٿو. ڇوته ”علم تدريس، مظلومن لاءِ “ اُنھن کي
به فقط ٻڌائي ٿو ته ڪثير مظلوم خلق کي ڪيئن
پاڙھجي، پر اِھو به ٻڌائي ٿو ۽ سمجھائي ٿو ته
اُنھن کي ڇا پاڙھجي! يعنيٰ ڪھڙي تعليم ڏجي ۽ اُن
تعليم لاءِ کين ڪيئن تيارڪجي ۽ منظم ڪجي _ ته جيئن
ھو خود _ خوابيءَ جي موت مان اٿي خود _ شناسيءَ جي
زندگيءَ ڏانھن وڌن ۽ غلاميءَ جي پناھه گاھه کي ڇڏي
آزاديءَ جي آماجگاھه ۾ اچن ۽ اُن لاءِ جدوجھد ڪن.
اميد آھي ته لائق پڙھندڙ ھيءَ ڪتاب غور سان پڙھندا_ ڪتاب جي
ترجمي بابت ساڻن ڪھڙي ڪا خاص ڳالھه ڪجي _ ھو راقم
جي اڳين ترجمن جي انداز ۽ اطوار کان واقف آھن:
ترجمي کي سھل ۽ سڦل بنائي پيش ڪرڻ ۾ وسان ڪونه ٿو
گهٽائجي. پر پوءِ به ڪافي ڪن ھنڌن تي، مضمون جي
ڳوڙھائيءَ ۽ غيررواجي ھئڻ سبب ٻولي به ڪافي مشڪل ۽
پيچيده ٿي وڃي ٿي، پر پڙھندڙن (يا ٻڌندڙ) کان
ڳالھه جو پيرائتو ڏس اوجھل نه ٿئي، ته پڪ آھي ته
اُھا پنھنجو اثر ۽ سلسلو بحال رکي سگهي ٿي_ ڇو ته
صحيح ۽ مفيد ڳالھه کي پنھنجي اٽل ڪشش ۽ طاقت ھجي
ٿي. اميد ته جتي جتي بيان يا پيشڪشن جي ڪوتاھي يا
ڪمزوري واقع ٿيل ھوندي، اُتي مھربان پڙھندڙ جي
پنھنجي سوچ ۽ ساڌنا ھُن کي ڳالھه جي تھه تائين
پھچڻ ۾ ساھه جو ڪم ڏيندي.
حيدرآبادسنڌ _ محمد ابراھيم جويو
17 _ نومبر، 1984ع
(ھڪڙو وڏو وھم، جنھن اسان جي ذھنن کي، اسان جي پنھنجين زندگين ۾
، دنيا جي اسان جي پنھنجي حصي ۾، چـؤکنڀو ٻڌي ۽
چڪرائي رکيو آھي. اُھو ’نظريي جو وھم‘آھي _ پاڻ کي
اُھو ’نظريو‘ چوارائي ٿو ۽ جيتوڻيڪ، پاڻ کي نظريو
سڏيندي، اُن لاءِ پاڻُ ثابت ڪرڻ به پھرين ضروري
ھو، ته جيئن اُھو اصولي طور قبوليو يا رد ڪيو وڃي
_ ۽ اِئين ڪنھن به ريت يا نِيت سان اُھو اڃا تائين
ڪري به نه سگهيو آھي _ اِھو پوءِ به اسان سان
چنبڙيو پيو آھي ۽ اسان تي مڙھجي ويو آھي. توڻي جو
پنھنجي ڪارج، يعني برصغير جي سياسي تقسيم جي ڪارج،
ادا ڪرڻ کان پوءِ اُھو. ٻئي ڪنھن ڪم جي شيءِ نه
ھجڻ سبب، ڇڏي ڏيڻو ھو_ جيئن وقت سر قائداعظم جھڙي
ذميدار ماڻھو پاڻ اُن کي ڇڏي ڏيڻ جو واضع، پرعز ۽
بي ڌڙڪ اعلان ڪيو. (ملاخطو ٿئي سندن تقرير، آگسٽ
13، 1947ع جو متن).
|