مھڪريءَ جا مضمون
محترم عزيز ڊاڪٽر جي .ايم. محڪريءَ جو سنڌ سان تعارف پاڪستان
کان ڪجھه اڳ جو آھي. مون کي بھرحال سندن واقفيت جو
شرف پاڪستان کان پوءِ نصيب ٿيو، ۽ اُن لاءِ آءُ
پنھنجي بزرگ دوست _ ڳڻَ، ڳتِ ۽ ڌنَ جي ڳولائوءَ
محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم، جو شڪر گذار آھيان.
غالباَ، پنجاھه جي ڏھاڪي جي شروع ۾ ھڪ موقعي تي
آءُ اُن لائق صد احترام پنھنجي ساٿيءَ، ڏيپلائي
مرحوم، سان گڏجي، ڊاڪٽر صاحب جي جاءِ تي، پاڪستان
گورنمينٽ آفيسرس ڪوارٽرس، گارڊن نارٿ، ڪراچيءَ، ۾
ويو ھوس، ۽ سندن ڪمال محبت ۽ اخلاص جي ورتاءَ سان
گڏ سندن وسيع علم ۽ آزاد خياليءَ کان بيحد متاثر
ٿي موٽيو ھوس، ۽ اُن کان پوءِ اڄ تائين منھنجو
ساڻن نيازمنديءَ ۽ عقيدت جو سٻنڌ جيئن پوءِ تيئن
وڌندو ۽ پختو ٿيندو پئي آيو آھي. پاڻ اصل بئنگلور،
انڊيا، جا آھن، ۽ اِنھيءَ ڪري بعضي پنھنجو ادبي
نالو ’بئنگلور‘ به لکندا رھيا آھن.
سندن مضمونن جي ھِن سنڌي مجموعي لاءِ ٻن اکرن لکڻ لاءِ نياپو
موڪليو مانِ، ته موٽ ۾ ھيءُ ھڪڙو پُر لطف مختصر خط
ڏياري موڪليائون:
”منھنجا پيارا جويو جِي،
”دوست مظھر يوسف کان ٻُڌي، دل ڏاڍي خوش ٿي ته اوھين منھنجي
چاليھارون کن’ٽڪرن ٽوٽن‘ جو پنھنجو مُلھائتو ترجمو
پريس ۾ ڪتابي اشاعت لاءِ موڪلي رھيا آھيو. ڇا،
منھنجا لفظ ’اوھان جي ڏاڍي مھرباني!‘ منھنجي
احسانمنديءَ جي جذبي جو پورو اظھار ڪري سگهندا! سچ
ته ھيءَ مون لاءِ ۽ مظھر لاءِ حيرت جي ڳالھه آھي
ته سڀ کان وڌيڪ جويو منھنجي اِنھن ’روڙيل رَنڊن‘
جو ايترو قدر ڪري! پنھنجي فوٽي جي نِگيٽِو، ھِن گڏ
موڪليان ٿو، ۽ ڏاڍي خوشي ٿينديم ته ڪتاب ۾ ھيءَ
منھنجي تصوير به ڇپجي، ته سنڌي، منھنجا ھم وطن ۽
ھم قوم ڀينرون، ڏسن ته ڏسڻ ۾ آءُ ڪھڙو ھوس! منھنجي
پڇڻ کان سواءِ منھنجن مائٽن مون تي ’غلام محي
الدين مِھڪري‘ نالو رکيو ھو. اُن کي مون ننڍو ڪري،
پاڻ کي ’جي .ايم. مِھڪري‘ سڏيو. پر اُن مان منھنجو
ھاڻي مطلب پنھنجو ادبي نالو ’گلاب _ موتيا مِھڪ‘
آھي! اميد اٿم ته اِھو منھنجو نالو اوھان کي پورو
دنيوي نالو لڳندو! مون پوريءَ طرح معلوم ڪيو آھي
ته ڪنھن به عرب پنھنجي نالي کي ڪڏھن به ’غلام‘ جِي
اڳياڙي ڪانه ٿي ڏني، جيتوڻيڪ لفظ ’غلام‘ خالص عربي
لفظ آھي، ۽ وٽن خريديل ٻانھي ۽ .... لاءِ مخصوص
آھي. آءُ سمجھان ٿو ته لفظ ’غلام‘ اُنھن ماڻھن جي
ذھنيت جي ئي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي پنھنجن اڀاڳن ۽
بيوس معصومن جي پيشانيءَ تي ڳولي ڳولي اِھا مُھر
داغي ٿا ڇڏين _ توڻي جو وٽن ڄمي، اُنھن ڪو سندن
ايڏو وڏو ڏوھه به ڪونه ٿي ڪيو! ڪنھن به عرب کي پاڻ
تي پنھنجي اولاد تي اِن نالي رکڻ لاءِ چئبو، ته
اوھان کي اُنھن جو غضبانڪ رد عمل اُنھيءَ ئي مھل
معلوم ٿي ويندو. اِنھيءَ سبب کان ڏسجي ٿو ته عرب
پاڪستان ۽ انڊيا جي مسلمانن کي ’رفيق‘به سڏين ٿا،
پر اوھين جواب ۾ اُنھن کي ’رفيق‘ سڏيو ته اوھان کي
اُتي ئي ھوندو ڪچو کائي ڇڏين! ’رفيق‘ مان، مون ٻڌو
آھي ته سندن مطلب .ماڻھو‘ نه پر .... ھوندو آھي.‘
(ھن ۾ ، اصل لفظن جي جاءِ تي، خالَ راقم جا ڇڏيل
آھن.)
ڊاڪٽر محترم جي نالي جي صفاتي حصي _
Mehkri
جي ڳالھه به ھڪ سمجھاڻي گهري ٿي. سندن مضمونن جي
سنڌي ترجمن جي اخباري اشاعت ۾، سڄو وقت مون پاڻ
اِن سندن ادبي نالي ’گلاب _موتيا مِھڪ‘ (مِھڪ
بمعنيٰ ’سُرھاڻ‘) جي نسبت سان سندن نالو ’مھڪري‘
پئي ڪئي ڪم آندو ۽ ڇپايو آھي. پر سندن مضمونن جي
ھِن مجموعي ۾ سندن دستوري آزاد فڪر ۽ اُن جي بي
خوف اظھار جِي نسبت ’مَحَڪ/مِحَڪ‘(بمعنيٰ ’ڪسوٽي‘،
’پئمانو‘) سان ڪندي، سندن سڃاڻپ ’محَڪري‘ جي نالي
سان ڪرائڻ جي جرئت ڪئي اٿم_ سندن عالي ظرف ۽ ڪشاده
دليءَ ۾ اميد رکندي، ته ھيءَ حُجت پاڻ مون کي معاف
ڪندا.
ڊاڪٽر مَحڪري واقعي پاڻ وٽ ھڪ ڪسوٽي، ھڪ سڃاڻپ، ھڪُ پيمانو رکن
ٿا_ کري ۽ کوٽي جو، روشنيءَ ۽ تاريڪيءَ جو، سچ ۽
ڪوڙ جو؛ ۽ اِن خيال کان پاڻ اسان لاءِ ھڪ ٻھڪندڙ
روشن مشعل آھن. نه رڳو روشني ڏيڻ ۽ روشني پکيڙڻ
پنھنجي زندگيءَ جو پاڻ مقصد سمجھن ٿا، پر اُھو
مقصد ھو پورو ڪندا رھيا آھن، ڪندا رھن ٿا ۽ ڪندا
رھندا _ اوستائين جيستائين، چـؤڦير پنھنجي انساني
دنيا ۾، پاڻ تاريڪي ۽ جھالت ڏسندا، اونداھه ڏسندا_
’اوھان من ۾ مڃتا‘ جي اوندھه.
ھڪڙو وڏو وھم، جنھن اسان جي ذھنن کي، اسان جي پنھنجين زندگين ۾
، دنيا جي اسان پنھنجي حصي ۾، چـؤکنڀو ٻڌي ۽
چڪرائي رکيو آھي، اُھو ’نظريي جو وھم‘آھي _ پاڻ کي
اُھو ’نظريو‘ چوارائي ٿو ۽ جيتوڻيڪ، پاڻ کي نظريو
سڏيندي، اُن لاءِ پاڻُ ثابت ڪرڻ به پھرين ضروري
ھو، ته جيئن اُھو اصولي طور قبوليو يا رد ڪيو وڃي
_ ۽ ائين ڪنھن به ريت يا نِيتِ سان اُھو اڃا تائين
ڪري به نه سگهيو آھي_ اِھو پوءِ به اسان سان
چنبڙيو پيو آھي ۽ اسان تي مڙھجي ويو آھي، توڻي جو
پنھنجي ڪارج، يعني برصغير جي سياسي تقسيم جي ڪارج،
ادا ڪرڻ کان پوءِ اُھو، ٻئي ڪنھن ڪم جي شيءِ نه
ھجڻ سبب، ڇڏي ڏيڻو ھو_ جيئن وقت سر قائداعظم جھڙي
ذميدار ماڻھوءَ پاڻ اُن کي ڇڏي ڏيڻ جو واضح، پرعزم
۽ ٻي ڌڙڪ اعلان ڪيو_ (ملاحظو ٿئي سندن تقرير، آگسٽ
13، 1947ع جو متن)
اُن کان پوءِ اُن نظريي جي وڌيڪ پاڻ وٽ سياسي پذيرائي ۽ پرورش
نه رڳو ھڪ وھم پرستي ھئي_ خالص ۽ محض _ ڇو ته اُن
وٽ باقي اسان لاءِ ڪوبه انسان دوست افادي ڪارج ادا
ڪرڻ لاءِ رھيل نه ھو؛ وڌيڪ اُن جي پذيرائيءَ اُن
کي اسان لاءِ ھڪ بت ئي بنائي ڇڏيو، بلڪ فقط اسان
جي عقل ۽ ماڻھپي کي توائي ڪرڻ لاءِ اُن کي ھڪ
ڀينڪر راڪاس جي صورت ملي ويئي _ بي حس ۽ مبھم
راڪاس جِي _ جنھن اسان کان، قومن ۽ ماڻھن طور،
اسان جي بندگيءَ، اسان جي رت ۽ اسان جي غيرت جو،
اُٿندي ويھندي، بَکُ ٿي گهريو، ۽ فوراً ئي اُھو
ڦِري ھڪ دليلُ يا جھَلو بڻجي پيو_ ھڪ سڀَ زوري
اندوني پرمار مفاد ۽ ٻيو سڀَ زوري بيروني پرمار
مفاد جي ھٿن ۾ پاڪستان جي ماڻھن ۽ قومن جي قطعي
غلاميءَ جو _ اندروني طور بيٺڪي مفاد جي غلاميءَ
جو، جنھن کي
Colonialism
ٿو چئجي، ۽ بيروني طور گهڻ قومي نـؤ بيٺڪي مفاد جي
غلاميءَ جو، جنھن کي
Neocolonialism
ٿو چئجي.
۽ اسين اُن ھولناڪ وھم جي، اُن وڏي بت جي، بي حس ۽ رٿيل ٺھيل
’خدائيءَ‘ جي پيرن ۾ چِپجي ۽ چيڀاٽجي، ڇا مان ڇا
ٿي وياسون، اُن جڳ ھڪ تُز بيان مون فريڊرڪ نٽشي (Nietzsche)جي
مقالن ۾ تازو پڙھيو_ جيڪو پڻ منھنجي معزز دوست،
ڊاڪٽر محَڪريءَ، وانگر پنھنجي زندگيءَ جي پوين
ڏينھن ۾ پنهنجي ملڪ جرمنيءَ تي ڇانيل تاريڪيءَ جي
خلاف _ سماجي، روحاني ۽ ھرقسم جي تاريڪيءَ جي
خلاف_ گفتن ۽ مثالن جي صورت ۾ پنھنجي حڪيمانه
ٻوليءَ ۾ بي ڌڙڪ ڳالھائيندو ۽ لکندو رھندو ھو.
ھِن موقعي تي، جڏھن ڊاڪٽر مَحڪريءَ جي ھِنن مضمونن کي پيش ڪرڻ
جي خوشي ۽ اعزاز حاصل ڪري رھيو آھيان_ جن مان ھر
ھڪ مضمون کي آءُ پنھنجي چـؤگرد ڇانيل تاريڪيءَ ۾
روشنيءَ جي شعاع مثل سمجھان ٿو_ فريڊرڪ نٽشي جو
اُھو مقالو، بعنوان ’رياست _ مھڪ نئون بت‘ اميد ته
لائق پڙھندڙن کي موزون ۽ مناسب نظر ايندو. ۽ آءُ
پنھنجي طرفان اُن مقالي کي ھِن موقعي تي، خود
محترم بزرگ ڊاڪٽر محَڪريءَ جي خدمت ۾ پنھنجي دلي
عقيدت جي ھڪ ڳڻائتي پيشڪش سمجھان ٿو. ۽ مون کي پڪ
آھي ته، ھِتي پيش ٿيندڙ ڳالھه جي حوالي سان، سڀني
کان ۽ سڀ کان بھتر، اِئين ھِن منھنجي اُڌاريءَ
آندل پيشڪش جو قدر سڃاڻي، پاڻ اُن کي قبوليت جو
مانُ ڏيندا_ ڇو ته پاڻ ئي سمورو وقت، يڪسمانو ۽
پوريءَ ھمت سان، ھِن وھمن جي وھم، سرد روح مبھم
وھم، بي ترس لُوءَ، ڪِني سُوڻل بُت، سان ھيءَ سڄي
ساري طويل مدت، پوري پنھنجي فھم ۽ دليل سان،
جھيڙيندا رھيا آھن _ جنھن وھمن جي وھم سڄي پنھنجي
آھني چنبي ۾ _ رڳو”ڏينھَن جي انڌن چٻرن، زبان
بندين، فرمانن، قيد وبند جي ڌپ، سنترين جي مَٽ
سَٽ، ھٺ ڌرميءَ ۽ بنھه کِٿل سمجھه“ سان_ ھيلتائين
رڳو ئي پئي اسان کي چاپوٽيو ۽ نپوڙيو آھي. نٽشي جي
ھن مقالي ۾ مون رڳو ھڪ لفظ کي تبديل ڪيو آھي_ اُن
جي بلڪل آخر ۾، پنھنجي روان مراد ۽ حوالي جي خيال
کان، لفظ ’فوق البشر‘ جي جاءِ تي مون ’آزاد بشر‘
(’آزاد انسان‘) رکيو آھي _ اِنھيءَ لاءِ ته آزاد
بشر کان وڌيڪ ٻيو ڪو فرق البشر ٿي ئي نٿو سگهي _
در حقيقت آزاد بشر ئي فوق البشر ھجي ٿو.
نئون بُت
”ڪٿي ڪنھن ھنڌ اڃا قومون ۽ ماڻھو آھن، پر اسان وٽ نه آھن،
منھنجا ڀائرو: ھِتي اسان وٽ رياستون آھن. رياست؟
اِھا ڇا آھي؟ چڱو، ھاڻي پنھنجي ڪن کي کولي منھنجي
ڳالھه ٻڌو، ڇاڪاڻ ته آءُ اوھان کي ھاڻي قومن جي
موت متعلق پنھنجو فيصلو ٻڌايان ٿو.
”رياست نالو آھي بي حس راڪاسن مان ھڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس
جو. ھو ڪوڙُ به بي حسيءَ سان ڳالھائي ٿو؛ ۽ اُھو
ڪوڙُ، سُرندو، اُن جي وات مان ٻاھر نڪري ٿو: ’آءُ،
رياستَ، قومَ آھيان!‘
”اِھو ھڪ ڪوڙ آھي! تخليق ڪارھئا اُھي جن قومون تخليق ڪيون، ۽
اُنھن کي ايمان ۽ محبت جي چادر ڍڪايائون: ۽ اِئين
اُنھن زندگيءَ جي خدمت ڪئي.
”تباھه ڪار آھن ھِي، جيڪي گهڻن لاءِ ڄار پکيڙين ٿا، ۽ اُن کي
رياست سڏين ٿا: اُنھن جي مٿان ھو تلوار لٽڪائين ٿا
۽ آڏو سوين لالچون پکيڙين ٿا.
”جتي اڃا ماڻھو آھن، قومون آھن، اُتي رياست جي اِھا معنيٰ
ڪانھي، بلڪ ’نظربند‘ وانگر اُن کان نفرت ڪئي وڃي
ٿي، ۽ اُن کي پنھنجي قانونن ۽ رواجن خلاف گناھه
سمجھيو وڃي ٿو.
”آءُ اوھان کي ھڪ نُڪتو ٻڌايان ٿو: ھرقوم پنھنجي ڀَلي جِي ۽
بُري جي ٻولي ڳالھائي ٿي: اُھا اُن جي پاڙيسري قوم
نٿي سمجھي. ڇو ته اُن پنھنجي ٻولي، پنھنجي لاءِ،
پنھنجي قانونن ۽ رواجن ۾ رھي ايجاد ڪئي آھي.
”پر رياست ڀَلي ۽ بُري جي سڀني ٻولين ۾ ڪوڙ ڳالھائي ٿي؛ ۽ جيڪي
ڪجھه اُھا ڳالھائي ٿي، اُھو ڪُوڙ ڳالھائي ٿي؛ ۽ جو
ڪجھه به وٽس آھي سو چوريءَ جو مال آھي.
”اُن جي ھر شيءِ کوٽي آھي، فريب آھي؛ چڪُ ھڻي ٿي، ته چوريءَ جي
ڏندن سان، لِڪي. خود سندن پيٽ جا آنڊا به دوکي جا
آھن.
”ڀَلي ۽ بُري جي ٻوليءَ جو مونجھارو: اِھو نُڪتو آءُ اوھان کي
رياست جي سڃاڻپ جي نشانيءَ طور ٻڌايان ٿو. سچ پچ
اِھا نشاني ’موت جي مبلغن‘ کي اڳتي وڌي اچڻ لاءِ
سڏي ٿي.
”گهڻا، تمام گهڻا، ماڻھو ڄمن ٿا: ۽ بي ضرورت ۽ زائد ماڻھن لاءِ
ئي رياست ايجاد ٿِي.
”ڏسو، ھيءَ اُنھن کي، گهڻن_ تمام_ گهڻن کي، ڪيئن ڌتاري ۽
لالچائي پنھنجي طرف سڏي ٿي! ڪيئن اِھا اُنھن کي
ڳڙڪائي ٿي، چٻاڙي ٿي ۽ اوڳاري وري چٻاڙي ٿي!
”’ڌرتيءَ تي مون کان وڏو ٻيو ڪوبه نه آھي: مان ئي آھيان، جيڪا
خدا جي منتظم آڱر آھيان‘_ ھيءُ راڪازس اِئين ٿو
گجڪاري، ۽ اُن گجڪار جي آڏو رڳو ڪي ڪوتاھه نظر ۽
دراز گوش ماڻھو ئي سربسجود نه ٿا ٿين!
”افسوس، اي عالي دماغـؤ، خود اوھان جي ڪَنن ۾ اِھا پنھنجا ڪارا
ڪُوڙ ڀري ٿي! اِھا اُھي وزني دليون به ڳولي ھٿ ڪري
ٿي، جيڪي اُن جي چائنٺ تي پنھنجي رضا خوشيءَ سان
سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏين ٿيون.
”ھائو، اِھا اوھان کي به ڳولي لھي ٿي، جن پراڻي ’خدا‘کي جيتيو
ھو! اوھين اُن معرڪي ۾ وڙھندي، ٿڪجي پيا آھيو، ۽
ھاڻي اُھا اوھان جي نِستائي ھِن نئين بت کي ڪم اچي
ٿي ۽ اوھين اُن جي ٻانھپ ۾ لڳي ويا آھيو!
”ھيءُ نئون بت وڏن وڏن سورمن ۽ عزت مابن کي ميڙي پنھنجي چـؤڌاري
گڏ ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿو! ۽ تمام گهڻي اطمينان سان
نيڪ ضمير جي اُس ۾ ويھي پاڻُ سيڪي ٿو_ ھيءُ سرد
راڪاس!
”ھر شيءِ، ھيءُ نئون بت اوھان کي ڏيندو، بشرطيڪ اوھين ھِن جي
پوڄا ڪريو: اِئين ھيءُ اوھان جي نيڪيءَ جي رونق ۽
اوھان جي پروقار اکين جي چمڪ اوھان کان خريدي ٿو.
”اِھو اوھان جي وسيلي گهڻن_ تمام _ گهڻن کي ڀنڀلائي پنھنجي پاسي
ڪرڻ ۾ لڳو رھي ٿو! اِھو ھڪُ جھنمي سَنجَٽ انھيءَ
ريت اڏيو ويو آھي _ ھڪُ موت _جو_ گهوڙو، اِلاھي
اعزازن جي وڄندڙ گهنگهروئن سان جھنجھيل!
”ھائو، عام خلق لاءِ، گهڻن_ تمام _ گهڻن لاءِ، اِئين نسورو ھيءُ
ھڪ موت ايجاد ڪيو ويو آھي، پر پاڻ کي زندگي سڏي،
اِھو پاڻُ واکاڻي ٿو ۽ چـؤڦير جَسُ وٺي ٿو: تحقيق
وڏي ھڪ دعوت آھي ھيءَ ’موت جي مبلغن ‘لاءِ!
”آءُ اِن کي اسٽيٽ (State)[بمعنيٰ،
مَسنَدَ، ڪُرسي] سڏيان ٿو، جتي سڀيئي، ڀلا ۽ بُرا،
زھر جو پيالو پيئن ٿا: جتي سڀيئي، ڀلا ۽ بُرا،
پاڻُ وڃائين ٿا: جتي سڀ کان ڍرو خودڪشيءَ جو عمل
’زندگي‘ سڏجي ٿو.
”ڏسو، ھِنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! ھي ڏاھن جا خزانا ۽
ايجاد ڪندڙن جون ايجادون چورائين ٿا. پنھنجي اُن
چوريءَ کي ثقافت سڏين ٿا_ ۽ ھر شيءِ اُنھن جي ھٿ ۾
بدلجي محض بيماري ۽ بدبختي بڻجيو پوي!
”ڏسو، ھِنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! بيمار روح آھن اِھي
سدائين؛ پنھنجو پِتُ قيءِ ڪري ڪڍن ٿا، ۽ اُن کي ھو
’اخبار‘ سڏين ٿا. ھڪٻين کي ھو ھڙپ ڪن ٿا، ۽ ھڪٻين
کي ھو ھضم به نٿا ڪري سگهن!
”ڏسو، ھِنن غير ضروري، زائد ماڻھن کي ڏسو! دولت ھو حاصل ڪن ٿا،
۽ اُن سان ھو وڌيڪ غريب ٿا بڻجن. ھي بي _ سَتا،
طاقت ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا_ اُن کان به وڌ، ھو
طاقت جي ڪُنجيءَ پٺيان _ پئسي پٺيان، وڌيڪ پئسي
پٺيان _ ڊوڙون پائين ٿال
”اِنھن تيز باندرن کي مٿي چڙھندي ڏسو! ھڪٻين کي لتاڙيندا، ھڪٻين
تي ليٿڙندا، پاڻ ۾ وڙھندا، سڌا گپ ۽ ڪِن جي کَڏن ۾
ڪرندا ٿا رھن.
”سڀيئي مَسنَدَ ڏانھن وڌڻ جي جاکوڙ ۾ لڳل آھن: ڇا نه ديوانگي
آھي اِنھن جي! ڄڻ خوشي ۽ سک مَسنَدَ تي ھُنن لاءِ
آتا ويٺا آھن! پر مَسنَدَ تي، گهڻو ڪري، ته گندئي
ويٺل ھجي ٿو_ ۽ گهڻو ڪري ته مَسنَدَ خود به گند تي
ويٺل ھوندي آھي!
”مون کي اِھي سڀ پاڳل نظر ٿا اچن، بازوليون ڏيندڙ باندر ٿا
ڏيکارجن_ بيحد بي صبر ۽ بدحواس. مون کي اِن سندن
بت مان، اِنھيءَ سرد راڪاس مان، بدبوءِ ٿي اچي:
اِھي سڀيئي اِن جا پرستار پاڻ به فقط بدبوءِ ئي
ڦھلائين ٿا.
”منھنجا ڀائرو، اوھين اِنھن جي پيٽن جي بدبودار بخارن ۽ بُک جي
ولوڙن ۾ گهُٽجي مري ويندا. چڱو آھي ته بدبوءِ جي
اِنھيءَ چـؤديواريءَ جون دريون ڀڃي، ٽپو ڏيئي،
ٻاھر کُليءَ ھوا ۾ نڪري اچو!
”ان بدبوءِ جي سڄيءَ پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! چوان ٿو ته اِنھن
غير ضروري، زائد، ڪچري ۽ ڪِن جي گُندن جي پوڄا ڇڏي
ڏيو!
”اِن بدبوءِ جي سڄيءَ پھچ کان ٻاھر نڪري اچو! انساني ٻَليُن جي
اِنھيءَ زھريلي دونھانٽ کان بچو ۽ نڪري ٻاھر ٿيو!
”اعليٰ دلين لاءِ زمين جون وسعتون اڃا به کليل آھن تنھا دل توڙي
ساٿي دلين لاءِ ، زمين جا ڪيترائي گوشا اڃا خالي
پيا آھن، جتي سانتيڪن سمونڊن جون ھُٻڪار ڀريل
ھيرون گهُلي رھيون آھن.
”اعليٰ دلين لاءِ اڃا به آزاد زندگيءَ جا دڳ کليل آھن. سچ ته
جنھن وٽ جيترو گهٽ اوترو وڌو اُھو آزاد. جيترو ڪو
گهٽ قابض اوترو گهٽ اُھو مقبوض: مبارڪ آھي وچٿري
غريبي!
”جتي رياست ختم ٿئي ٿي، فقط اُتان ئي اُن انسان جي وجود جي
ابتدا ٿئي ٿي، جو زائد نه آھي، غير ضروري نه آھي.
اُتان ئي ضروري انسانن جو، اصلي انسانن جو، گيت
شروع ٿئي ٿو، واحد ۽ بي بدل نغمو!
”منھنجا ڀائرو، اُتي، اُن هنڌ تي، نظر رکو، جتي رياست ختم ٿئي
ٿي! دور، افق تي، اوھان کي اِنڊلٺ جا رنگ ۽ آزاد
بشر جون پُليون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن؟“_
”فريڊرڪ نٽشي:”بقول زردشت“، ص 64_66)
آءُ راقم ھاڻي اِن کان وڌيڪ اوھان مھربان پڙھندڙن ۽ محترم عزيز
ڊاڪٽر مَحڪريءَ جي حڪمت ڀريل مضمونن جي وچ ۾ روڪ
بڻجي بيھڻ نٿو گهران، ۽ اِن اميد ۽ اعتماد سان ته
اوھين سندن ھِن ”مَحَڪِ زرين“ بلڪ ”مَحَڪِ زرِ
ايمان“ کي توجھه سان پڙھندا ۽ اُن مان پورو افادو
ڪندا، ۽ وڌيڪ سنڌ ۽ ھند جي عظيم بلڪ بي دل فارسي
شاعر، حضرت ابوالفيض”فيضي“ جي ھيٺين سُونَ ۾ تُرڻ
جھڙي ڳالھه اوھان جي گوش گذارش ڪرڻ سان، اوھان کان
اجازت ٿو وٺان_ يار زندھه صحبت باقي!
مرد بايد ڪ زبان آئينه ء دل سازد،
خواه ڪافر بود وخواھه مسلمان گردد.
مڪنش باور اگر باتو فلاطون گويد،
آنچه بر عقلِ تو ثابت نه ببرھان گردد.
سر بزانو بنھه و دل بتگاپوي در آر،
گوي شرطست ڪ در عرصه بچو گان گردد.
_ اِھا ئي ڳالھه، ۽ بلڪل اِئين ئي، ڊاڪٽر مَحڪري ھِنن پنھنجن
مضمونن ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو.
حيدرآباد
سنڌ
_
محمد ابراھيم جويو
16_ جون، 1985ع
فرينچ انقلاب
ھيءُ ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آھي، فرينچ
انقلاب جي ڪھاڻي آھي، جيڪا فرانس جي ھڪ ’ھاريءَ‘
جي واتان ٻڌايل آھي .... مچيل بئسٽيان (Michel
Bastien)
جي واتان، جيڪو ھاريءَ جو پُٽ ھو. ۽ جيڪو سڄيءَ
ڪھاڻيءَ جو ھڪ ھِيرو ۽ مرڪزي ڪردار پڻ آھي.
اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو ھيءُ ڪتاب ”L`Histoire
d`un Paysan
“ جيڪو پھريون ڀيرو 1868ع ۾ شايع ٿيو، يعني فرينچ
انقلاب (1789ع) کان لڳ ڀڳ 80 ورھيه پوءِ، ٻن مصنفن
جو گڏجي تصنيف ڪيل ڪتاب آھي (اُھي پاڻ به سڄي اُن
دور جا اکئين ڏٺا شاھد ھئا)، جن مان ھڪڙي جو نالو
ايمِل ايرِڪمَن (Emile
Erckmann)
ھو، جو اُستاد ھو، ۽ ٻئي جو نالو اليگزاندر
چيتريان (Alexander
Chatrian)
ھو، جيڪو ھُن جو شاگرد ھو.
ٻنھي، اُستاد ۽ شاگرد، گڏجي، قومي تاريخ، سوانح، ڊراما وغيره جي
موضوعن تي ٽيھارو کن ٻين اعليٰ ڪتابن کان علاوه،
’قومي داستان‘ (Contes
Nationaux)
جي ھڪڙي خاص تصنيفي سلسلي جا الڳ الڳ نالن وارا،
سَت ٻيا به ڪتاب لکيا، جن ۾ انقلاب کان پوءِ فرانس
۾ قائم ٿيل لوڪ راڄ (Republic)
۽ 1804ع کان 1815ع تائين نيپولئن بوناپارٽ (Napoleon Bona Parte)
جي شھنشاھت (Empire)
جي واقعن جا احوال بيان ٿيل آھن. زير نظر ڪتاب
تاريخي طور ستن ڪتابن جي اُن خاص سلسلي جي آخر ۾
عمل ۾ آئي.
’قومي داستانن‘ جي ھِن ڪم ۾ ٻنھي مصنفن، استاد ۽ شاگرد،جي دل جو
محرڪ جذبو ھڪ ئي ھو_ ”وطن جي حُب جو جذبو، اُجھل ۽
نبار، جيڪو جيتوڻيڪ جنگ کي جنگ طور ته رد ٿو ڪري
،بلڪ ڌڪاري ٿو، پر جڏھن آزادي، انصاف ۽ بنيادي
(بلڪ، ابتدائي) انساني حقَ يلغار ھيٺ آيل ھجن، ته
اُھو ئي جذبو انسان کي مياڻ مان تلوار ڪڍي، سِر
تان آھو کڻي، پنھنجي مقدس فرض طور،ميدان ۾ نڪري
بيھڻ تي مجبور ڪري ٿو.“
’قومي داستان‘ جي ھِنن ستن ڪتابن جي سلسلي، توڙي سڄيءَ عمر جي
ٻيءَ ٽيھارو ڪتابن جي تصنيف ۽ تحقيق ۽ ادبي تخليق
جي ايڏي وسيع ۽ طويل ڪاوش ۽ سچ پچ اُن ھڪ بي مثال
شراڪتَ عملَ ۾، ٻنھي، استاد ۽ شاگرد، مان ڪھڙي
ھڪڙي جو وڌيڪ ھٿ يا حصو ھو، اُن ڏانھن اشارو ڪندي،
زير نظر ”ڪھاڻيءَ“ جي انگريزي مترجم، سي. جي .
ھوگارٿ (C.J.Hogarth)
ڪنھن فيصلي ڏيڻ کان حذر ڪيو آھي، ۽ فقط ايترو چوڻ
ضرور سمجھيو آھي ته ”راءِ، بھرحال، اِن سوال جي
سلسلي ۾، ھِن ويساھه ڏانھن مائل ڪري ٿي ته:
”Erichmann!
Conceived the plots and Chatrian worked the
details.
يعني، ”ايرڪمن [داستانن، ڪھاڻين وغيره جي] سِٽاءَ يا ڊؤل جي
ٻَڌڻ يا ترتيبڻ جو ڪم ڪيو، ۽ [اُنھن تي] تفصيلي ڪم
چيتريان جو ٿيل آھي.“
اصل ڪتاب ”L`Historie d`un Paysan“
جو انگريزي ترجمو، اُن جي مترجم ”ھڪ ھاريءَ جي
ڪھاڻي.“ (The
Story of a Peasant)“)جي
نالي سان ٻن جلدن ۾ ڪيو، ۽ اُھو ڪم ھُن پھرينءَ
مھاڀاري لڙائيءَ (1918_1914ع)واري عرصي ۾، يعني
اصل ڪتاب جي اشاعت کان تقريباَ اڌ صدي پوءِ، ڪيو
ٿو ڀانئجي، جيئن پنھنجن تعارفي جملن ۾ ھُن اُن جو
واضح اشارو به آھي:
Could Erchmann and Chatrian come to life again
and behold the war which is raging at the
present day’ they would be moved to an
enthusiasm even greater than that which Inspired
Michel Bastian, the hero of the
”Story“,
to brave horrors and privations of campaigning
in Vendee and on the Rhine in order that the
yoke of clerical and aristocratic oppression
might be lifted from the neck of the French
people.”
(جي اِئين ٿي سگهي، جو ايرِڪمَن ۽ چيتريان وري
جيئرا ٿي پون ۽ ڏسن ته اڄ به جنگ آھي، جا ڪيڏي متل
آھي ۽ خونخوار آھي، ته ھو اُنھيءَ کان به وڌ ھوندو
جولان ۾ ڀرجي وڃن، جنھن سندن ’ڪھاڻيءَ‘ جي ھِيري،
مچيل بئسٽيان، کي گرمايو ھو ته ھو وينڊيئي جي
ميدان ۽ رائين نديءَ جي گَپُن چِڪُن ۾ بکيو ۽
اُڃيو، مُنھانوان گهاءِ سھندو، ڪِرندو اُٿندو،
اُٿندو ڪرندو، ۽ وڙھندو رھيو _ ته جيئن فرينچ قوم
جو گردن مذھبيت ۽ آمريت جي ظلم جي پاڃاريءَ کان
آجو ٿي سگهي.“)
انگريزي ترجمي ”The Story of a Peasant“
جي ٻن جلدن مان مون کي فقط پھريون جلد 18 مارچ
1949ع تي حيدرآباد ۾ پراڻن ڪتابن جي گاڏي مان مليو
(جڏھن مان ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد، ۾ استاد
ھوس)، ۽ اُھو مون چئن ڏينھن ۾ پڙھي پورو ڪيو _ _
پُورن چار سـؤ صفحن جو آھي، ۽ ٻه ڀاڱا اٿس. پھريون
ڀاڱو اُن جو 204 صفحن جو آھي _ ”The States General“
عنوان اٿس _ جنھن ڀاڱي جو ھي سنڌي ترجمو، ٽي
ڌريون، ٽي نظام“ جو عنوان سان، منھنجي ھِن مختصر
پيش لفظ سميت، 374 صفحن تي پکڙيل“، لائق پڙھندڙن
جي آڏو آھي. جلد جو 196ع صفحن وارو رھيل ڀاڱو جنھن
جو عنوان ’The Country in Danger‘
(’وطن خطري ۾‘) آھي، اميد ته ھِن ئي سال 1990ع
اندر پيش ڪيو ويندو _ جي صحت رِھي، ۽ ٻئي ڪنھن
اَڻٽر جھنجھٽ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ڪئي. اصل انگريزي
ترجمي جي ٻئي جلد جي ڳولا جاري رھندي؛ مشھور
انگريزي ڪتابن جي اشاعتي سلسلي، ’Everyman,s
Library‘(’ھرماڻھوءَ
جي پنھنجي لئبرريءَ)جي ياداشت تي ٻيئي جلد اشاعت
نمبر 7_706 طور، ادب جي مصنف
Fiction ھيٺ درج ٿيل آھن. ممڪن آھي ته پھرئين جلد جي پھرئين
ڀاڱي جي ترجمي جي ھيءَ اشاعت ٻئي جلد جي دريافت
لاءِ ترت ڪنھن سَبيل جو ڪم ڏئي _ _ اھا دريافت
تحقيق منھنجي ذاتي طور ڪافي گهڻين خوشين ۾ وڌيڪ ھڪ
خوشيءِ جي اضافي جو ڪم ڏيندي.
فرينچ انقلاب ارڙھين صديءَ جو ئي نه، تاريخ يورپ جو ئي نه، پر
تاريخ انساني جو ھڪ تمام اھم واقعو ھو _ انساني
قدرت جو ھڪ عظيم ڪرشمو، اھڙو ڪرشمو جنھن ۾ بني نوع
انسان جي سوچ، ارادي ۽ حوصلي جا جملي ڪرشما سمايل
ھئا. اِھو فرينچ انقلاب جي واقع ٿيڻ سبب ئي ھو، جو
علمَ سياستَ جي تاريخ ۾ فرانس کي، سڄيءَ اوڻيھين
صديءَ لاءِ ”دنيا جي سياسي تحريڪن جو ملڪ“ سڏيو
ويو آھي. آليڪ وِڊلر، پنھنجي ڪتاب، “The
Church In an age of Revolutio (1961)“
(”ھڪ انقلابي جُڳ ۾ مسيحي مذھب“) ۾ فرينچ انقلاب
کي ”ھڪ قسم جو اَئٽم بم“ سڏيو آھي، جنھن جا جوھري
’وسڪارا‘ اڃا تائين دنيا ۾ پنھنجا اثر ڏيکاري رھيا
آھن .... اُن سان ھڪ ابتدا ٿي ۽ ھڪ انتھا به ٿي،
اِبتدا نئينءَ کان نئينءَ تعمير لاءِ ڪوششن جي ھڪ
سلسلي جي، جيڪو اڃا جاري آھي _ _ اُن نظام جي جاءِ
ڀرڻ لاءِ جيڪو پنھنجي انتھا تي پھچي، ۽ ڊھي، اچي
پَٽ پيو ..... اُھو ھڪ انقلاب جيڪو شايد سڀني
انقلابن کان وڌ تاريخ ساز ھو، ۽ جنھن جي پيٽ مان
انقلابن جي ڪيترن ٻين سلسلن کي وجود مليو.“
فرينچ انقلابُ يورپ جي بيداريءَ (1500_1300ع)، احتجاج
(1700_1500ع) ۽ روشنيءَ (1800_1700ع) جي تحريڪن جو
ڏنل دنيا لاءِ ھڪ تحفو ھو. يورپ جي اُن روشنيءَ جي
تحريڪ جي حوالي سان ارڙھين صديءَ کي روشنيءَ جو
دؤر (Age
of Enlightenment).
”عقل جي صدي“، ”جذبي جي صدي“، ”انقلاب ۽ جوش جي
صدي“ وغيره نالن سان ياد ڪيو ويو آھي. ھن ئي صديءَ
جيئن انگلنڊ کي آئزڪ نيوٽن، ڊئوڊ ھيئوم، ائڊم سمٿ،
ايڊورڊ گبن ڏنا، جرمنيءَ کي اُن جو سڀ کان وڏيءَ
ڏيا ۽ ڏات وارو ۽ عظيم عارف گوئٽي ۽ پڻ اُھڙو ئي
جڳ مشھور فيلسوف امئنيوئل ڪانٽ ڏنو، تيئن فرانس کي
فڪر، جذبي ۽ آمر آواز جي حوالي سان سندس عظيم
انقلاب جا داعي ۽ مفڪر مانٽيسڪيو، والٽيئر،روسو ۽
ٻيا ڪيئي امل ملوڪ لافاني انسان عطا ڪيا.
يورپ جي ’روشنيءَ‘ جو اُھو دور خاص ڪھڙيءَ تاريخ کان شروع ٿيو.
اُن لاءِ سڀ کان وڌيڪ تُز ۽ منطقي طور مناسب اُھا
تاريخ شمار ڪئي وڃي ٿي جڏھن انگلنڊ جي آئزڪ نيوٽن
(Isaac Newton)
جڳ مشھور ڪتاب ”قدرتي فلسفي جا رياضي اُصول“
(Mathematical Principles of Natural Philosophy”)جي نالي سان پڌرو ڪيو. عجب اتفاق ھو، جو نيوٽن جو جنم
1642ع ۾ ٿيو _ _ جنھن سال يورپ جي ”تحريڪَ احتجاج“
جي مجاھد ۽ جديد سائنس جي ھڪ عظيم بانيءَ،
گَلِيلو، وفات ڪئي! نِيوٽن پنھنجي دؤر ۾ انساني
علم جي تاريخ ۾ پنھنجي ڏات جا جيڪي امٽ نشان ڇڏيا،
اُنھن جي تسليميءَ طور انگريزي شاعر، اليگزانڊر
پوپ (1744_1688ع) جو ھڪ لافاني شعر اڪثر ياد ڪيو
ويندو آھي:
“Nature
and nature’s laws lay hid in Night_
“God said, let Newton be! And ali was light.”
(”قدرت ۽
قدرت جا قانون رات جي اونداھه ۾ اُڄاتل لڪا پيا
ھئا.
”خداوند چيو، ’نيوٽن پيدا ٿئي!‘ ۽ جت ڪٿ روشني ٿي ويئي.“)
”روشني جي دور“ جا سڀئي مفڪر ۽ فيلسفوف ھٺ ڌرميءَ جي ھر قسم تي
تنقيدي نگاھه رکڻ جا قائل ھئا_ خاص طرح مذھب جي ھٺ
ڌرميءَ تي. ھُنن جو ڪرامتن ۾ ويساھه ڪونه ھو، ۽
”جي خدا ۾ ھُنن جو ويساھه ھو به ته اُن کي ڪائنات
جو واحد استاد ڪاريگر ئي سمجھيائون_ ھڪ طرح جو
آفاقي واچ_ ميڪر“، جنھن ڪائنات جي سُپر_ مشين ٺاھي
ھئي، اُن جي ھلڻ جا قانون جوڙيا ھئائين، ۽ اُن کي
اُنھن تي چالو ڪري، ھلائي، پاسي ٿي بيھي رھيو ھو.“
اِن طرح ھُنن جي طرفان اِھو عام ويساھه ڏنو ٿي ويو
ته خدا جي رٿائن جي ڀروسي جوڳي علم جو واحد رستو
سائنس ھئي، نه مذھب؛ مشاھدي سان ۽ تجربي ذريعي، ۽
نه عقيدي يا بشارت ذريعي. ھو منظم مسيحي مذھب جا
مخالف ھئا، ۽ اِئين ٿي سوچيائون ته زندگيءَ کي،
ڌرتيءَ کي، مرڪز بڻائي، اُن تي، پاڻ تي، ۽ ٻاھر
ڏور مفاصلن تي نگاھه وجھڻي ھئي، _ اِئين نه، جو
ڌريائين ٻاھر بيھي، ’ويساھي‘ نگاھن سان غيبائن،
ھُيولائن کي تڪبو رھجي. ۽ پاڻُ ڳاربو رھجي.
ارڙھين صديءَ ۾، سڄو فرانس سياسي اقتدار جي سوال تي اونھي ھڪڙي
اختلاف ۾ ورتل ھو. ڪن ماڻھن بادشاھه ۽ ھُن جي
وزيرن جو پاسو ٿي کنيو، جن جي دعويٰ ھئي ته
بادشاھه ئي قانون ٺاھي ٿي سگهيو، ۽ ھُن جي ارادي
جي آڏو ڪابه طاقت رڪاوٽ بڻجي نٿي سگهي. ڪن وري ان
سوال ۾ ملڪ جي ’پارليامينٽن‘ (Parliaments)
يعني فرانس جي قانوني عدالتگاھن (Law Courts)
جو پاسو ٿي ورتو، جن تي اڪثر ڪري ۽ خاص طرح
علائقائي عدالتگاھن تي اميرن جو غلبو ھو. اُنھن جي
دعويٰ ھئي ته ’پارليامينٽن‘کي قانونن جي چڪاسڻ ۽
اھڙن قانونن کي رد ڪرڻ جو يا بحال رکڻ جو اختيار
ھو. ٻنھي پاسن جا پنھنجا پنھنجا ڪيئي دليل ھئا، جن
جي اڪثريت جي اختلافن جي سڄي ترجماني فرينچ سماج
جي ٽن وڏن مفڪرن _ _ مانٽيسڪيو، والٽيئر ۽ روسو _
جي خيالن ۾ موجود ڏٺي ٿي ويئي.
مانٽيسڪيو (جنم:1689ع) خود ھڪ امير ماڻھو ھو، والٽيئر
(جنم:1694ع) بُورجوا (شھري ملڪيتدار) طبقي منجھان
ھو. ۽ رُوسو (جنم:1712ع) شھري ھنرمند ۽ پيشه ور
طبقي سان وابسته ھو.
مانٽيسڪيو (Montesquieu)
تاريخ، مذھبيات، قانون، سيرَ سفر جي دائرن وغيره ۾
پنھنجي سالن جي تحقيق ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ پنھنجا
خيالَ ۽ رايا پنھنجي وفات کان اڳ (1748ع)۾ وڏي ھڪ
شاھڪار”The
Spirit of Laws“
(”قانونن جو روح“) جي صورت ۾ قلمبند ڪيا. مانٽيسڪو
حڪومتن جي بنياد ۾ ھڪ”روح“ جي دريافت پيش ڪئي. ۽
ھن جو چوڻ ھو ته اُھوئي حڪومتن کي قائم ٿي رکي
سگهيو. سلطاني يا ملوڪيتي طرز جي حڪومتن جي حالت ۾
اُھو روح ”عزت ۽ شان“ (Honour)
ھو _ _ درجي ۽ ذميداريءَ جو روح (يا ’غيرت‘) جيڪو
ڪار گذار اشرافيه جي ارادي ۽ عمل ۾ ڪار فرما ٿي
رھيو. لوڪ راڄن جي بنياد ۾ اُھو روح ھو ”نيڪي ۽
سداچار“ (Virtue)_
شھريت جو احساس ۽ شعور. ۽ آپيشاھي راڄن يا
استبدادي حڪومتن جي بنياد ۾ اُھو روح ھو”خوف،
ھيبت“ (Fear).
جڏھن به اِھي سھڪاري يا پُشتيبان اصول جتي ڪمزور
ٿي ٿيا، اُتي اُھا حڪومت به لوڏن ۾ ٿي آئي ۽ ڊھي
وڃي پَٽ ٿي پيئي.
اُن سان گڏ، مانٽيسڪيو ائين به چيو ته حڪومتون طبعي حالتن جي
مطابقت ۾ به صورت پذير ٿي ٿيون. آب ھوا انساني ھلت
چلت تي اُونھو اثر ڪري ٿي، ۽ سماج جا رنگ ۽ رخ اُن
ڪري به ٺھن ٿا ۽ پختا ٿين ٿا.
قانونن جي روح جو مقصد، بھرصورت انسانن کي آزاد رکڻ جو ھجي ٿو.
مانٽيسڪيو جو چوڻ ھو ته آپيشاھي ۽ استبداد ھر طرح
خراب شيءِ ھئي، ۽ ماڻھن کي اُن کان بچڻ جي ڪوشش
ڪرڻ ۽ اُن جي واڌ کي روڪڻ گهرجي. ھُن جو خيال ھو
ته اُن مقصد جي حاصلات لاءِ ھُن ھڪڙو ڀروسي جھڙو
رستو دريافت ڪيو ھو، ۽ اُھو اُن دؤر جي برطانوي
پارليامينٽ (Parliament)
جو رستو ھو. مانٽيسڪيو جو چوڻ ھو ته برطانوي
شھريءَ جي آزاديءَ جو احساس ۽ ھن جي اطمينان ۽
سلامتيءَ جا پَراءَ حڪومتي اختيارن جي ٽن حصن ۾
تقسيم تي بيٺل ھئا. بادشاھه جي ھٿ ۾ عامله جا
اختيار ھئا؛ قانون فقط پارليامينٽ ٺاھي ٿي سگهي؛ ۽
عدليه اُنھن ٻنھي جي اثر کان فارغ، پنھنجي رُءِ
سُوءِ ڪم ٿي ڪيو. باعزت روايت طور سلطاني شاھيءَ
جي اختيارن تي اُنھن سياسي _ سماجي قوتن روڪ جو ڪم
ٿي ڏنو جيڪي بادشاھه ۽ سندس عام رعيت جي وچ ۾
موجود ھيون، خاص طرح عامل (ڪارگذار) اشرافيه يا
امير طبقو. مانٽيسڪيو پاڻ امير شاھيءَ جي نظريي جو
ترجمان يا حامي ڪونه ھو. ھن جي پرجوش تبليغ سڀني
ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ ھئي، نه رڳو اميرن جي
آزاديءَ لاءِ، اُن سلسلي ۾ ھُن غداريءَ جي عملن کي
(جن جي سزا قانون جي دائري ۾ آئي ٿي)، غداريءَ جي
خيالن (جيڪي اُن دائري ۾ نٿي آيا)، ۽ پڻ غداريءَ
جي لفظي يا زباني اظھار کان اڳ ٿي سمجھيو (جيڪو
غداريءَ جي دفعي ۾ رڳو تڏھن ٿي اچي سگهيو جڏھن اُن
غداريءَ جي عمل يا عملن جي صورت اختيار ٿي ڪئي).
اِن طرح ”انقلابي صديءَ“ جا سڀيئي سياسي مفڪرَ مانٽيسڪيو جي
سمجھايل قانونن جي روح ۾ موجود شريفانه، انسان
دوست ۽ قانون پسند فلسفي تي متفق ٿي سگهيا ٿي_ ۽
ھئا به، جيئن اڳتي ھلي، انقلاب جي ابتدائي صورتحال
جي مختصر وضاحت ۾ ڏسنداسين.
بھرحال، والٽيئر (Voltaire)،
فڪري طور، مانٽيسڪيو جي اُن ڪشاده خياليءَ (Liberalism)
کي تسليم ڪندي به امير شاھيءَ جي شرافتَ نفس ۾ ھُن
جي مضبوط اعتقاد کان مطمئن نه ھو، بلڪ اُن جو سخت
مخالف ھو. والٽيئر، جيتوڻيڪ پاڻ وچ واري طبقي،
بُورجوا، مان ھو، بلڪ گهڻي قدر اُن ڪري به، سلطان
شاھيءَ جو حامي ھو. ھُن جو پڪو عقيدو ھو ته جيڪي
به سڌارا فرانس کي گهربل ھئا، جن جي امير ميمبرن
پنھنجي ذاتي ۽ گروھي مفادن کي ئي سدائين حڪومت جا
مفاد ٿي سمجھيو. سماج ۾ گهربل سڌارا يا تبديليون،
ھُن جي خيال ۾ فقط بادشاھه جي معرفت ئي حاصل ٿي ٿي
سگهيون. جيڪڏھن ڄاڻو وزير بادشاھه کي سٺيون صلاحون
ڏين ۽ پوريءَ طرح باخبر رکن، ته بادشاھه ذاتي پسند
نا پسند کان مٿي اُڀري، جو ڪجھه رياست جي ڀلي لاءِ
آھي ان جا احڪام صادر ڪري سگهيو ٿي. والٽيئر
ھروڀرو ڪو ”روشن خيال آپيشاھيءَ“ جو_ _ ڪنھن ڇڙواڳ
پر رحمدل فرمانروا _جو حامي ڪونه ھو: ھو ’سياسي
ڪارج _ پسنديءَ (Political
Pragmatism) جو حامي ھو. ھُن جودليل ھو ته سڀيتا يا تھذيب ۽ تاريخي حالتون
ھر ملڪ جون الڳ الڳ ھيون. ۽ اُھي آراڌيون يا نرالپ
واريون ڳالھيون حساب ۾ آڻڻ ضروري ھيون. ھو آزاد
تقرير، آزاد پريس ۽ شھري آزادين جو روادار بلڪ
جوشيلو طرفدار ھو، ۽ ھُن ائين ٿي سمجھيو ته فرانس
۾ تنگ نظر ۽ خود _مفادي پارليامينٽن بدران، اُنھن
جو ھڪ سگهاري ۽ نيڪ صلاح بادشاھه جي ھٿان حاصل ٿيڻ
وڌيڪ ممڪن ھو.
جيتوڻيڪ والٽيئر آزاديءَ جي انفرادي محرومين ۽ اختيار ۽ اقتدار
ھٿان اُنھن جي ڀڃڪڙين جي آڏو سِرُ تريءَ تي رکي.
پُرجوش ۽ بي خوف، مرد ميدان ٿي بيھندو ھو، پر ھڪڙي
ڳالھه ھئي جنھن ۾ ھو _ ۽ ٻيا سڀ مفڪر _ لڏي ويندا
ھئا ۽ ٻڏتر ۾ رھندا ھئا: عام خلق سان ورتاءَ يا
اُن بابت جي پڙھيل ھئا ته به پنھنجو رڳو نالو به
مس لکي سگهندا ھئا. ھو پنھنجين بنيادي گهرجن ۾ ۽
اڻ ھُوند جي انتھا ۾ ورتل ھئا، ڏاڍيءَ گندگيءَ ۾
رھيا ٿي ۽ بيحد نراس ھئا، ھو مالي ڦرلٽ جي گهڻائي
۾ پيڙيا ٿي رھيا، ۽ سندن جسم بيمارين جا گهر ھئا.
ايترا ھو بي سمجھه ۽ سادا ھئا، جو پاڻ تي ضابطو
مشڪل ھُئن، پنھنجن اُتساھن ۽ ڇرڪن آڏو ايترا بيوس
ھئا. جو ذميدار ۽ چڱا شھري نٿي رھي سگهيا، جنھنڪري
”خوف“ جي وسيلي اُنھن کي ضابطي ۽ اطاعت ۾ رکڻو ٿي
پيو. ۽ اِن نقطي تي سياست ۽ مذھب جون دلچسپيون ۽
مفاد پاڻ ۾ اچي ٿي گڏيا. مذھبي خوف _ دوزخ جو ۽
ابدي عذاب جو _ مفڪرن جو چوڻ ھو ته اھي سماجي
اطاعت ۽ ضابطي لاءِ ھڪ وسيلي طور استعمال ڪيا ٿي
ويا. اِھو ڪجھه ڏسندي، پر وري به ائين سوچيندي ته
عام خلق، زالن توڙي مردن، کان سماجي انصاف (=
سماجي ضمير) جي اميد رکڻ به اجائي ھئي _ ڇو ته ھو
ذاتي انصاف (=انفرادي ضمير) کان ڪم وٺڻ جھڙائي نه ھئا _ اڪثر مفڪر ماٺ ٿي ٿي ويا، ۽ قديم
روم جي شھنشاھي دور بابت جو ڪجھه سندن ئي ھمعصر
ايڊورڊ گِبن (1794_1737ع)چيو ھو، اُن کي ھو پنھنجي
دور سان لاڳو ڪري، سڄي مسئلي کان اگوندرا بڻجي
ويھي ٿي رھيا:
”رومن دنيا ۾ عبادت جا مختلف طريقا جيڪي ھلندڙ ھئا،“ گِبَن لکيو
ھو، ”ماڻھن اُھي سڀيئي ھڪجھڙائي صحيح ٿي سمجھيا؛
فيلسوفن اُنھن کي اُھڙو ئي ھڪجھڙو غلط ٿي سمجھيو ،
۽ حاڪمن لاءِ اُھي اُھڙائي ھڪجھڙا فائديمند ھئا.
پر سڀئي اُھي اوترائي پُراميد به ھئا ته ڪنھن
ڏينھن عقل جي انڌ وشواس (عقيدي) تي، ۽ علم جي
جھالت تي، ۽ سچ جي ڪوڙ تي ضرور سوڀ ٿيندي.“
۽ اُنھيءَ ئي ترنگ ۾ والٽيئر لکيو: [وري به] سڀڪجھه ويو ناھي،
[پر تڏھن] جڏھن ماڻھن کي اھڙيءَ حالت ۾ آڻجي، جو
ڏسي سگهجي ته اُھي سڄاڻ آھن. اُن جي ابتڙ ته.
سڀڪجھه ئي وڃائي ڇڏبو، جڏھن اوھين ماڻھن سان ائين
ورتاءُ ڪندا ڄڻ اُھي ڍور آھن؛ ڇو ته ترت يا دير
سان اُھي پوءِ پنھنجن سڱن سان اوھان جو پيٽ ڦاڙي
ڇڏيندا!“
رُوسو (Rousseau)
اُنھن مفڪرن مان ھو جن جي نظر ۾ ماڻھن جي اُن
سُڄاڻپ جي چاٻي ”تعليم ۽ تدريس“ ۾ ھئي؛ سڀني
انسانن ۾، فطرت مطابق، سوچ
جي صلاحيت ھئي، پر بادشاھن ۽ پادرين سندن اُن
صلاحيت کي گهُٽي ۽ بگاڙي، ڪم مان ڪڍي ڇڏيو ھو؛ ۽
ھاڻي ھو جھالت جي لوھي سلاخن ۾ بند ھئا، تعليم
انسانن کي اُن جھالت جي سلاخن مان آزاد ڪندي. ھِن
نُڪتي ۾ اِھا ڳالھه موجود آھي ته خود سماج ئي عام
جي اُن پست حالت لاءِ ذميوار آھي. روسو اِن سلسلي
۾ سماج جي نقادن جي بنھه سرواڻن مان ھڪ ھو. پنھنجي
دؤر جي مصنوعيت تي، ظاھريت تي، سطحي پيار تي ۽
ٺلھي تڪلف تي ھن جا تکا ۽ تُند حملن تي حملا ٿيندا
ٿي رھيا. پر اِن سلسلي ۾ نه روسو ۽ نه ھُن جا ساٿي
مفڪر، خود سماج کان نراس نه ٿيا ھئا _ ھو ناراض ۽
بيزاريل ھئا، پرسڀيتا ۽ تھذيب کان نه، اُن جي
فضوليات ۽ اڍنگائين کان؛ قانون کان نه. پر بدقانون
کان؛ سھج سڀاءَ ۽ قربائتيءَ ھلت چلت کان نه، پر
اُن جي ھٿراڌو ڏيکاءَ ۽ مٿاڇريءَ کان. ھُنن لاءِ
انساني سماج، پوءِ اُن جي صورت ڪيتري قدر به
اوائلي يا ڄٽائي ڏانءَ جي ھجي. ھڪ انساني اداري جي
حيثيت ۾. دنيا جو ھڪ زنده معجزو ھو، ۽ اُھو ائين
رھڻو ھو.
سماج جي نڪتچينيءَ ۽ نقص شناسيءَ جي ھِن فضا ۾ روسو بھتر کان
بھتر سماج متعلق پنھنجن خيالن کي ظاھر ڪندو،
وڌائيندو ۽ وڌ کان وڌ معتبر بڻائيندو رھيو. تان جو
سطحي ۽ پڻ مفادي سوچ جي ماڻھن ھُن لاءِ ائين
ھُلائڻ شروع ڪيو ته ھو خوابن جي دنيا ۾ رھڻ وارو
ھو، منظم سماج کي ختم ڪرڻ ٿي گهريائين، ماڻھن کي
شروع واريءَ فطري ڪيفيت ڏانھن موٽائڻ ۽ ”معتبر
وحشيءَ“ جي درجي تائين وٺي وڃڻ ٿي چاھيائين. پر
حقيقت ۾ اُھي ۽ اھڙا ٻيا اصطلاح روسي جا استعمال
ڪيل ئي نه ھئا. ھُن ته وري وري پئي چيو ته ھڪ ڀيرو
انسانَ سماج جي ايوان ۾ قدم رکيو، ته اُن کان
پوئتي ھٽڻ ھن لاءِ نه ڪڏھن ممڪن ھو ۽ نه مفيد.
انساني فطرت جھنگلي درجي ڏانھن موٽ نه کائي ٿي نه
کائڻ چاھي ٿي. پنھنجن ڪتابن
“Social Contract”
(”سماجي معاھدو“) ۽
“Emile or Education”
(”ايملي عرف تعليم“) ۾ بار بار ھن اھڙي وضاحت ڪئي
آھي ۽ اُن تي زور ڏنو آھي. جڏھن انسان فطرت جي
اوائلي حالت کي ڇڏي ٿو. روسي لکيو، تڏھن ھن ۾ ھڪ
بيحد اھم تبديلي اچي ٿي: سندس اندر۾ ”جبلت“ جي
بدران ”ويچار“ جاءِ وٺي اچي ويھي ٿو، ”اَلڇڻي“ مان
بدلجي ھو ”سلڇڻائيءَ“ جي سوچ ڏانھن مائل ٿئي ٿو.
ائين ٿيڻ سان ھو ”اصلوڪيءَ فطري حالت جون ڪي
سھولتون“ به حاصل ڪري ٿو، جو جيڪڏھن رڳو سماج جي
خرابين جي ڳالھه نه ھجي ھا، ته ھو ابد تائين اُن
ڏينھن کي دعائون ڪندو رھي ھا، ڇو ته اُن ئي ڏينھن
ھو ھڪ ”ڪند فھم ۽ بي خيالي حيوان“ مان ڦري، ”ھڪ
بيدار ۽ ڄاڻڻھار ھستي يعني ھڪ انسان“ بڻجي پيو ھو.
اِن طرح، روسي جي ته اڃان ئي اِھا مرضي ھئي ته
اھڙو ڪو بھتر سماج تخليق ڪجي جيڪو انسان جي لائق
ھجي، ۽ اھڙا ڪي بھتر انسان پلجن ۽ تربيت پائين، جي
اُن بھتر سماج جي لائق ھجن!
ارڙھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، فرينچ انقلاب کان اڳ ئي، فرانس جا
ھي ٽي اعليٰ مفڪر ۽ عظيم انسان، سياست جي دنيا ۾
قومي آزاديءَ، جمھوريت ۽ انسان دوستيءَ جا سگهارا
علمبردار، رڳي پنھنجا چند ڪتاب ۽ ڪيئي امولڪ خيال
ئي پويان ڇڏي، انتقال ڪري ويا _ _ مانٽيسڪيو 1755ع
۾، ۽ والٽيئر ۽ روسو ھڪٻئي پويان. ھڪ ئي سال 1778ع
۾.
پر اُنھن کان پوءِ، ترت ئي، ارڙھين صديءَ ئي جي آخر ۾، فرانس جي
انسانَ ۽ فرانس جي انساني سماج جو صلاحي عمل ، ھڪ
ئي وک سان ”انقلاب“ بڻجي، تاريخ جي عين تقاضا طور،
ڏاڍي ھڪ منفرد ۽ سحر آفرين انداز ۾ وڌي، دنيا جي
آڏو اچي بيٺو. جين جئڪس روسي ته پنھنجي عمر جي
پوين ڏينھن ۾ ھيئن چئي اُن جي اڳڪٿي به ڪئي ھئي:
”ھو ڏسو، منھنجي اکين سان ڏسو! انقلابن جو دؤر
اسان ڏانھن وڌي رھيو آھي!“
جرمن مفڪر، ڪانٽ (1804_1724ع)، کي پنھنجي سماجي دؤر تي تنقيدي
نظر وجھندي، ھڪ موقعي تي چوڻو پيو ھو ته توڻي جو
سندس دؤر ”روشنيءَ جو دؤر“ ھو، پر”روشن دؤر“ نه
ھو؛ اُھو اھڙو دﺂر ھو، جو ان جي ڄاڻن ۽ تعلمدانن،
عقل ۽ ايمان ۽ پنھنجن انساني ڀائرن لاءِ حسن سلوڪ
جي تبليغ ته ڪئي ٿي، پر اُھو اھڙو دؤر ڪونه ھو
جنھن اِھي نيڪيون حاصل به ڪيو ھيون. آلفريڊ رامبو
(Alfred Rambaud) اُن ئي ارڙھين صديءَ جي، خاص طور، فرينچ سماج، بابت گهڻو پوءِ
لکندي. ائين چيو ته ”سڀ رڳو ٺلھو ڏيکاءُ ھو؛ زندگي
اميرن لاءِ رؤنشو ۽ غريبن لاءِ عذاب ھئي .... مذھب
سڄو رڳو ھڪ زباني واعظ گوئي وڃي رھيو ھو _ معنيٰ
کان خالي، خشڪ ۽ بي اثر.“ اھڙي ھانءُ نپوڙيندڙ،
مايوس ماحول ۾ انقلاب جي آمد تي ۽ ان جي اوائلي
ڳالھين تي. اميرن مان به ڪن روشن خيال ۽ ڪشاده دل
شخصن سميت فرينچ ڪليسا جي عام پادرين کي به ڪا
پريشاني يا خطري جي ڳالھه ڏسڻ ۾ ڪانه آئي ھئي: بلڪ
آرليانس جي ديول جي ھڪ بزرگ پادريءَ ته، پُراميد
آھه ۽ نئون ساھه کڻي ائين لکيو، ”آءُ ٿورن ڏينھن ۾
98سالن جو ٿيندس: پنھنجي حياتيءَ جو ڪو ڏينھن اھڙو
خوشيءَ ڀريو ڪونه ٿو سنڀران جھڙو ھيءُ ڏينھن جنھن
جي پرھه ڦٽندي ڏسي رھيو آھيان! او، نعمتون آڻيندڙ
اڄ جا سج، جنھن سان ھيتريون ساريون نيڪيون اسان جي
ملڪ جي زمين تي جِي اُٿيون آھن!“
فرينچ انقلاب جو، اُن جي شروع ۾، خود انگلنڊ جي گهڻن ڄاڻو حلقن
۾ به آدرڀاءُ ٿيو ھو: ۽ ائين چوندي ته ”اُن سان
فِيوڊل (جاگيرداري) آپيشاھيءَ جو خاتمو ٿيوھو ....
۽ ائين ته گهڻو اڳي ٿيڻ گهربو ھو“، اُن جو پوري
مرحبا ڪئي ويئي ھئي، ۽ وڏيءَ خوشيءَ سان اُن اميد
جو به اظھار ڪيو ويو ھو ته ”فرينچ لوڪن کي به
اُنھن آئيني آزادين جي ماڻڻ جو وجھه ته ملڻو ھو،
جن تي انگلنڊ جي ماڻھن فخر ٿي ڪيو!“ البت، ڪجھه
اڳتي وڌي، ”فرانس جي انقلاب جي اصل مطلب“ بابت
يورپ لاءِ خطري جو گهنڊ، پھريون ڀيرو ايڊمند
بَرڪَ، پنھنجو ڪتاب
“Reflections on French Revolution”
(”فرينچ انقلاب بابت ويچارَ“) لکي، وڄايو، جيڪو
ڪتاب به ھُن انگلنڊ جي ھڪ وڏي ۽ محترم عالم، ڊاڪٽر
پرائيس، کان چِڙي ۽ خار کائي، لکيو ھو، جنھن فرينچ
قوم کي کليءَ دل سان ائين چئي، مبارڪباد ڏني ھئي
ته اُن انقلاب سان ھُنن رڳو انگلنڊ جي 1677ع واري
”مانائتي انقلاب“ (Glorious
Revolution)جي اصولن کي ئي اڳتي وڌايو! برڪ جو، بھرحال موقف ھو ته انگريز
قوم جو سياست بابت فھم ۽ رويو فرينچن جي سياسي فھم
۽ رويي کان بلڪل الڳ ھو: انگلنڊ جا ماڻھو روايت
پسند، معقول ۽ وچٿريءَ طبيعت جا ماڻھو ھئا، پر
فرينچ لوڪ جذباتي ۽ خطرناڪ حد تائين نظريي پرست ۽
آدرشي ھئا. فرينچ انقلاب جي ”اصل حقيقت“ (جنھن کان
برڪُ ائين اڳواٽ ڊنو ٿي) اڳتي ھلي جيڪا خوني صورت
ورتي ھئي. سا به دراصل انگلنڊ جي اُن ”مانائتي
انقلاب“ جي ئي راھه ھئي. جنھن پنھنجي دؤر جي مسترد
۽ منفي قوتن جي اڳراين کان ئي مجبور ٿي، بچاءَ ۾
پنھنجي بادشاھه چارلس پھرئين جو سر قلم ڪيو ھو.
اِن ئي مجبور امڪان جي اِن طرح پيدا ٿيڻ جي صورت
ڏانھن زير نظر ”ڪھاڻيءَ“ جي ھڪ مرڪزي ڪردار، استاد
جين، انقلاب جي اوائلي پُر امن ڪاميابين جي خبرن
ٻڌڻ تي، ھيٺين لفظن ۾ اشارو ڪيو آھي:
”خدا ڪري ته اسان جي راڻي ۽ [سندن حمايتي ] ڪائونٽ ڊي _ آرٽائس
ھاڻي ڪنھن دغا جي ڪوشش نه ڪن![کين خبر ھجي ته ] جن
وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجھه نه ھوندو آھي، سڀ ڪجھه تن جي
کُٽڻ لاءِ ھوندو آھي، ۽ [ھاڻي] جيڪڏھن جنگ ڇڙي ٿي
پوي، ته ڪوبه ماڻھو اُن جو خاتمو شايد ڏسي نه سگهي
....“ جنھن تي ”ڪھاڻيءَ“ جي ٻڌائيندڙ، مچيل
بئسٽيان، پنھنجي راءِ ظاھر ڪندي لکيو:
”۽ ھو[استاد جين] صحيح ھو، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به حال حيات ماڻھوءَ_
اميرن، بُورجوا يا ھارين مان _ انقلاب کي اڃان
پڄاڻيءَ تي رسندي نه ڏٺو آھي : نه ..... اُھو اڃا
جاري آھي؛ انقلاب پڄاڻيءَ تي فقط تڏھن رسندو جڏھن
فضيلت، نيڪ سوچ ۽ انصاف اسان وٽ موٽي ايندا ۽
سدائينءَ لاءِ اسان سان گڏ اسان وٽ رھندا!“
1774ع کان پوءِ فرينچ قوم کي، انقلاب جي راھه تي، وڏيءَ آزمائش
مان گذرڻو پيو. اُن سال فرانس جو بادشاھه، لوئي
پندرھون (”لوئي“معنيٰ ”شينھن“) 59 سالن جي راڄ کان
پوءِ فوت ٿيو. ھو پنجن سالن جي ڄمار ۾ تخت تي ويٺو
ھو، ۽ سڄي سندس طويل راڄ ۾، ملڪ جو ڪو سڌارو ته
سڌاري جي ماڳ پر بگاڙو سو گهڻو ٿيو ھو. سڌاري جي
ڪا ڪوشش به ھُن ضرور ڪئي ھئي _ وزيرن جي چوڻ تي
ھُن پادري برداريءَ تي ٽئڪس لڳائڻ ۽ فرينچ اميرن
تي به ڪي پابنديون ۽ ضابطا رکڻ ھُن گهريا ھئا _ پر
اُنھن ارادن ۾ ھو ناڪام ٿيو ھو. ھن جي جائنشين،
نوجوان لوئي سورھين، اچڻ سان، بھرحال، ائين ڏيکاءَ
ڏنا ته ھو واقعي به ڪي سڌارا آڻن وارو ھو.
ھن نئين لوئيءَ (شينھَن) پھريون جيڪي نيون مقرريون ڪيون، تن ۾
ھڪڙي رابرٽ جئڪس تَرگٽ جي به ھئي، جنھن کي ھُن
پنھنجو بحري معاملن جو وزير بڻايو، ۽ پوءِ، ھڪ
مھينو رکي، پنھنجو مالياتي ڪنٽرولر_ جنرل ڪيائين.
ترگٽ ھڪڙو پڙھيل ڳڙھيل ۽ تمام ھڪ ذھين ماڻھو ھو،
ويھارو سالن جي عمر ۾ ھُن انساني ذھن جي تاريخي
اوسر“ جي موضوع تي مضمون لکيو ھو. جنھن عالمن ۽
مفڪرن وٽ ھُن کي ڪافي شھرت ۽ مقبوليت ڏني ھئي.
پوءِ ھُن سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي، ۽ اُتي به ھُن
پنھنجي ڪم جو ڏاڍو سٺو رڪارڊ قائم ڪيو ھو. ھو ھڪ
علمي ماڻھو به ھو، دنياداريءَ جي ڳالھين کان واقف
ھو، ۽ رڳو خواب جي دنيا جو واسي ڪونه ھو.
وزارت جي ڪرسيِءَ تي ويھڻ کان پوءِ، ترگٽ مالياتي سڌارن جو ھڪڙو
پروگرام تيار ڪيو. جنھن ڪري سماج جي ڄاڻو حلقن جو
ھن جو اعتماد پختو ٿيو، پر مفادپرست گروھن ۾ ھُن
جي مخالفت ٿيڻ لڳي. وصوليءَ ۽ پڻ ڪاريگريءَ جي
گروه بندين (Trade
Guilds)
کي بند ڪرڻ جون تجويزون ھٿ ۾ کنيون، ڇو ته ھنڌ ھنڌ
چونگين جي ادائگيءَ سان اناج وغيره جي ڏي وٺ ۾ ، ۽
پيشن جي گروه بندين سان ھنر ۽ ڪاريگريءَ جي ڪمن جي
وڌاري ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي ٿيون. پنھنجي لاءِ وڌيڪ
ھُن مشڪلاتون پيدا ڪيون، جڏھن ھُن عام محصولن تي
نظرثاني ڪرڻ گهري ته جيئن اُنھن جو بار سماج جي
سڀني طبقن جي ماڻھن تي ھڪ جيترو پئجي سگهي، ۽ ھُن
پروٽيسٽنٽ فرقي وارن لاءِ به برابريءَ جي بنياد تي
شھري حقن جي رٿ پيش ڪئي. اِنھن ڳالھين جي ڪري ھو
پنھنجي عھدي تي گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو. آگسٽ
1774ع ۾ ھُن جي مقرري ٿي ھئي، ۽ مئي 1776ع ۾ ھن کي
ڪڍي ٻاھر ڪڍيو ويو. ”سماج جي ھيٺ مٿانھين کي مٽائڻ
۽ سڀني کي گڏو وِچڙ ڪري ڇڏڻ جو منھنجو ارادو ڪونھي
_ جيئن ترگٽ گهري ٿو!“ بادشاھه اعلان ڪيو. ترگٽ جي
بيدخليءَ، بھرحال، ڄاڻو حلقن ۾ گهڻي نراسائي پيدا
ڪئي . ھنن جي نظر ۾ ترگٽ جي بيدخلي صورتحال لاءِ
وڏي ھڪ خطري ۽ آزمائش جو معاملو ھو. ھو پوري اڌ
صدي سماج ۾ سڌارن آڻڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رھيا ھئا، ۽
ناڪام ٿيندا پئي آيا، ۽ وقت جي مھلت سندن نظر ۾
ھٿن مان نڪرندي پئي ويئي.جيڪڏھن ترگٽ جھڙو
تجربيڪار ۽ اعتبار جوڳو عملدار به حڪومت ۾ اندر
موجود خود غرض ۽ ھٺ ڌرم مخالفت کان بچي نٿي سگهيو.
ته پوءِ سماجي سڌارن جي ڪابه ڳالھه ڪيئن ٿي ڪامياب
ٿي سگهي! |