ٻارن جو مسيح
مهاتما گوتم ٻڌ ۽ حضرت عيسيٰ عليـه
السلام جون زندگيون منهنجي لاءِ گهڻي وقت کان
انساني عظمت جا يگانا مثال رهيون آهن. هو انساني
پيار ۽ انساني ڪهل جا مبلغ هئا. هنن اسان کي هر
جيو جي عزت جو سبق ڏنو آهي.
۽ اڄ اسان کي_ جئين بني نوع انسان کي اُن جي تمام ڊگهيءَ، لکن
سالن جي زندگيءَ ۾، هميشه _ سڀ کان وڌيڪ اُنهن ٽن
شين جي ضرورت آهي، يعني پيار، ڪهل ۽ زندگيءَ جي
احترام جي.
مهاتما گوتم ٻڌَ ته پنهنجي سڄيءَ تعليم جو بنياد ئي اِن ڳالهه
تي رکيو ته ’الڳ الڳ نجات ڪا شيءَ ڪانهي، گڏيل
نجات لاءِ ڪم ڪرڻ سان ئي ماڻهوءَ کي آتما جي شانتي
۽ آخر ۾ (دک کان ) نروان پراپت ٿئي ٿو.‘ حضرت
عيسيٰ مسيح عليـﮧ اسلام جي بنيادي تعليم اها هئي
ته ”جيئن اوهين چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان سان هلن.
اوهين به اُنهن سان اُئين هلو“....”پنهنجن
پاڙيسرين کي ائين ڀانيو جيئن اوهين پنهنجي پاڻ کي
ٿا ڀانيو“....”جئين اوهان جو اپائڻهار رحم وارو
آهي. اوهين به ائين رحم وارا ٿيو“....”مبارڪ آهن
اُهي. جيڪي صلح[يعني، انصاف ۾ امن] قائم ڪن ٿا،
ڇاڪاڻ ته اُهي ئي خدا جا ٻالڪ سڏبا.“·
زندگيءَ جو حق، زندگيءَ جو موقعو ۽ زندگيءَ جي خوشي_هر ڪنهن کي
گهرجن، پر ٻئي ڪنهن پاڻ جهڙي فرد، گروهه يا قوم جي
مجبوريءَ يا محروميءَ جي قيمت تي نه.
اڄ اسين پاڻ وٽ ۽ دنيا ۾ اڪٽر ملڪن ۽ سماجن ۾ محبت بدران نفرت،
رحم بدران فيض ۽ غضب ۽ زندگيءَ جي احترام بدران
اُن جي بي حرمتي ۽ ذلت ئي ڏسون ٿا. فرد آهن ۽، اُن
کان وڌيڪ، گروهه آهن ۽ فومون آهن، جيڪي فقط پنهنجي
ڏاڍ ۽ طاقت جي آڌار تي ، پاڻ کان هيڻن فردن، گروهن
۽ قومن کي زندگيءَ جي حق کان . زندگيءَ جي موقعي
کان ۽ زندگيءَ جي خوشيءَ کان محروم رکن ٿا، ۽
اُنهن جي بُک ۽ ڏک، غلاميءَ موت جي بنياد تي
پنهنجي زندگيءَ جي آزادي، سک ۽ سلامتي حاصل ڪن ٿا
۽ ماڻين ٿا، ۽ اُن پنهنجي نفس پرستيءَ ۽ وحشي پڻي
کي بيحد وڏن، ڏاڍن اوچن ۽ تمام سهڻن لفظن ۽ دعوائن
جي غلافن ۾ ويڙهين ٿا ۽ لڪائين ٿا.
طاقت (جسم، دولت ۽ علم جي طاقت) پنهنجي ذاتي ۽ گروهي’نجات‘
(يعني، سک ۽ سلامتيءَ) لاءِ شروع کان اهو ئي عمل
جو حيواني طريقو پئي اختيار ڪيو آهي: ۽ اُن جي
برداشت کان ٻاهر گرفت ۽ گُهٽ کان بچڻ لاءِ اُن جي
ليٽ ۾ آيل فردن، گروهن ۽ قومن هر وقت (شروع ۾
پنهنجي ڪمال هيڻائيءَ هوندي به) اُن جو مقابلو پئي
ڪيو آهي ۽ وقتي طور اُن مان پوري پوري آزادي ۽
نجات به حاصل پئي ڪئي آهي. پر محدود عرض ڪاري ۽
وحشيپڻو_ يعني انفرادي ۽ گروهي مفادن جي برتريءَ ۽
لٽيرپ جو دٻاءُ_ وري وري پئي. هڪ نه ٻيءَ صورت ۾
غريب ۽ اڄاڻ انسانيت جي مٿان غالب پيو آهي. ۽
اهڙيءَ طرح هيءُ انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر هلندو
ئي آيو آهي ۽ هلندو ئي رهي ٿو. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي
دائمي جنگ اها آهي، ۽ اُن جو هر معرڪو نيڪيءَ جي
عملي قوت کي وڌائي ٿو ۽ آئنده معرڪي جي سوڀ لاءِ
اُن کي وڌيڪ لائق بڻائي ٿو ۽ تيار ڪري ٿو. بني نوع
انسان، مجموعي طور، پنهنجي انساني تهذيب جي جنهن
منزل تي اڄ پهتل آهي. اُتي هو ائين ننڍيون ننڍيون
سوڀون حاصل ڪري ۽ ڏاڪو ڏاڪو چڙهي، پهتو آهي ۽ ائين
هو آهستي آهستي، پر پڪ ئي پڪ پنهنجي آسماني
بادشاهت جي آدرش ڏانهن وڌي رهيو آهي. جنهن جي نيٺ
به قائم ٿيڻ جي خوشخبري مسيح عليـه
اسلام، ۽ پڻ ٻين سڀني نيڪ ۽ ڏاهن گن، اُن کي ڏني
آهي.
حيوانيت (ذاتي محدود مفاد) ۽ انسانيت (اجتماعي مفاد) جي هر اهڙي
تصادمي معرڪي جي واقع ٿيڻ لاءِ پهريون شرط هيءُ
آهي ته اُن محدود مفاد يا حيوانيت جي مُنهن تان هر
قسم جي حسين غلاف کي هٽايو وڃي. ۽ اُن جي نيڪ ۽
اعليٰ دعوائن جي ڍونگ کي سمجهيو ۽ پڌرو ڪيو وڃي.
حيوانيت کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي. ڇو ته اها لڪي
لڪي پنهنجو شڪار ڪندي آهي، ۽ ان جو ظاهر ٿي پوڻ
اُن جي وجود لاءِ خطري جو باعث بڻبو آهي_ ڇاڪاڻ ته
پوءِ اُن کي نيڪيءَ جي حملي کان پاڻ بچائڻ لاءِ
وڙهڻو پوندو آهي. انهيءَ ڪري حيوانيت هميشـﮧ سچ کي
لڪائڻ ۽ اُن کي ظاهر ٿيڻ کان روڪڻ جي جتن ۾ لڳل
هوندي آهي _ يعني، پهرين پهرين خود پاڻ کي اُها حق
تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ چوندي آهي ته اُها
پاڻ ئي عين انسانيت ۽ نيڪي آهي، ۽ اُن ڪوڙ کي سچ
ڪري پکيڙڻ لاءِ هُنن وٽ پنهنجا ڀٽ ۽ ڍنڍورچي
(اڄوڪيءَ دنيا ۾ پريس، ٽيليويزنون ۽ ريڊيا وغيره
به_) بيهاريل ۽ رکيل هوندا آهن، جيڪي چند سڪن تي ۽
پنهنجي خسيس سُک ۽ سڻڀين آسامين کي بچائڻ لاءِ رڳو
پيا اُن جي اُها ڪوڙي مشهوري ۽ تعريف ڪندا آهن: ۽
ٻيو ته اصل سچ جي هر قسم جي اظهار کي اُها پيئي
گُهٽيندي ۽ ٻوساٽيندي آهي، ۽ ڪٿان ڪا روشنيءَ جي
ڇيت پنهنجي ويڙهيل ڪاري قبيح مُنهن تي پوندي
ڏٺائين ته سک ڦٽي ويندو اٿس ۽ بيبجي بيهندي آهي_
جيسين ڪا تاڪي ڏيئي اُن روشنيءَ جي ڇيت کي پنهنجي
مٿان پوڻ کان روڪي نه ڇڏي يا مرڳوئي جتان اُها ڇيت
ايندي هوندي اُن کي وڌي هيڪر وسائي نه ڇڏي ! پر سچ
کي ڪي به ڀتيون ۽ تهه خانا اندر اچڻ کان روڪي نه
سگهيا آهن ۽ نه ڪڏهن روڪي سگهن ٿا. سچ اچڻ وارو
هوندو آهي ته ضرور ايندو آهي، ۽ پوءِ ان جي اچڻ
سان اوندهه ازخود گم ٿي ويندي آهي _ ڇو ته اوندهه
هوندي ئي گم ٿي وڃڻ لاءِ آهي، ۽ روشنيءَ کي هر ڪو
چاهيندو آهي ، ۽ اُنهيءَ ئي معنيٰ ۾ روشنيءَ کي
”خدا يا خدا کي ”روشني“ چيو ويو آهي.
حضرت عيسيٰ مسيح به، نيڪيءَ ۽ انسانيت جي علامت بڻجي، اهڙيءَ ئي
هڪ اوندهه ۾ روشني بڻجي آيو هو. هُن ڪُوڙ جي اِهڙي
ئي هڪ ڪاري قبيح مُنهن تان پردو هٽايو هو. هُن
لاءِ ماڻهن جي دل ۾ گهڻي محبت ۽ عزت هئي. ۽ هو
هزارن ۽ لکن ۾ هن جي پٺيان هئا“ (ص_230)·.
هن جي دور ۾ ذاتي ۽ محدود مفاد رکندڙ ۽ اُن جا
محافظ_ حاڪم ۽ مذهبي پيشوا. ماڻهن جا ’اڳواڻ‘ ۽
سردار_ ”هن جي وڌندڙ اثر ۽ طاقت کي سهي نٿي سگهيا
، ۽ هنن جي دل ۾ حسد جي باهه ٻري رهي هئي. هُنن
کيس ڌڪاريوٿي، ڇاڪاڻ ته هن سندن نيڪيءَ ۽ نيڪ هجڻ
جي ڍونگ کي سمجهيو ٿي. ۽ ماڻهن کي چيو ٿي ته هو
اُنهن جهڙا نه ٿين ۽ اُنهن جي پيروي نه ڪن. نيڪ
هجڻ جو ڍونگ ڪرڻ نيڪ هجڻ کان گهڻو گهڻو آسان هو،
پر جيڪي حاڪم ۽ سردار هئا اُنهن جو اهو ڍونگ جڏهن
ظاهر ٿي ٿيو تڏهن اُهي سخت بي آرام ٿي ٿيا ۽ ڪاوڙ
۾ تپي باهه ٿي ٿي ويا“ (ص 233). ”هن کي معلوم هو
ته اُهي ڏاڍا هٺيلا، خود غرض، ڪوڙا، تنگدل ۽ ڪٺور
هئا، ۽ هو سدائين ماڻهن کي جهليندو هو ته هُنن کي
پاڻ ڪڏهن به اُنهن عالمن ۽ مفيتن جهڙو ٿيڻ نه
گهرجي، ڇو ته اُنهن رڳو نيڪ هجڻ جو ڍونگ ٿي ڪيو.
اُنهن پنهنجي نيڪيءَ ۽ نياز منديءَ جو وڏو ڏيکاءُ
ٿي ڪيو، پر دعوتن ۾ پهرين ۽ مُکُ جاين والارڻ ۽
خُدا جي گهرُ ۾ پهرينءَ صف ۾ ۽ اوچي کان اوچي منبر
تي پهچڻ جو ڪيڏو نه اُنهن کي شوق هو! ۽ ڪيڏو نه
حرص هو اُنهن کي ته ماڻهو کين ’سائين‘، ’مولا‘، يا
’حضرت‘ چئي، سندن اڳيان نمن ۽ ٻانهون ٻڌي بيهن !“
(ص_219_220) ”تحقيق هو هڪڙو حيرتناڪ ۽ بي مثل
ماڻهو هو_ خدا جي آڏو ۽ سڀني ماڻهن جي آڏو قول ۽
فعل ۾ هڪ عظيم انسان . هن کي ربين [مذهبي پيشوائن]
۽ حاڪمن ڏوهي ڪري، صليب تي چاڙهي، شهيد ڪري ڇڏيو“
(ص 284). هُن لاءِ ”پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي ڪمال کي
پهچڻ واسطي اُهي سڀ تڪليفون ۽ ڏک سهڻ ضروري هئا.“
۽ پوءِ ئي هو ”سوڀيا جي ڪڪر سمان اُڀري، مٿي [عظيم
انساني تاريخ جي] آسمان تي چڙهي ويو هو“ (ساڳيو
صفحو). ”هن ايڏا سور ۽ ڏک سَٺا، پر پنهنجي طاقت ۽
پنهنجو اثر پاڻ کي مدد ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ
[يعني، پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ] استعمال نه ڪيائين:
هو سدائين ٻين کي بچائيندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو
رهيو“ (ص 281)_ انهيءَ لاءِ ته هن ڌرتيءَ تي جيڪا
آخرڪار امن ۽ انصاف جي بادشاهت قائم ٿيڻي هئي.
جنهن کي هُن آسماني بادشاهت‘ سڏيو ٿي. اُن لاءِ
ماڻهو ڏک ۽ سُور سهن. پنهنجو رت هارين ۽ پنهنجي
جان جي قرباني ڏين، ته جيئن اُن جي قائم ٿيڻ لاءِ
سماجي حالتون سازگار ٿين ۽ زمين هموار ٿئي.
مسيح انسانن کي پنهنجي لاءِ هيٺ ڌرتيءَ تي اُن آسماني بادشاهت‘
جي قيام لاءِ تيار رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو رستو ڏسيو:
”هن کي خبر هئي ته نفرت ۽ بي رحمي لڙائيءَ، جهيڙي ۽ موت جا
بنيادي سبب هئا. هن کي خبر هئي ته ’يرو شلم‘ جا
ماڻهو فقط امن، پيار ۽ سهڪار جو سندس پيغام ٻڌڻ ۽
اُن تي عمل ڪرڻ سان ئي موتمار خطرن کان محفوظ رهي
سگهيا ٿي.
”هڪڙي ڏينهن شام جو هُن جي ساٿين عبادتگاهه جي عمارت جي وڏن
پٿرن ڏانهن ڏسندي، ڏاڍو عجب ظاهر ڪيو ۽ چيو: ’خدا
جي گهر جا هي پٿر اڏول ۽ اَمٽ آهن: سچ پچ به ته
اُنهن مان هڪ هڪ پٿر ايڏو وڏو هو، جو اُهو ڪنهن
غريب جي ڪٽنب لاءِ پريان ٽڪريءَ جي پاسي تي اَڏيل
اڇي رنگ جو سڄو ڪو گهر ٿي معلوم ٿيو!‘ ” هن اُنهن
وڏن پٿرن ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏاڍي هڪڙي عجيب ڳالهه ڪئي.
”’جلدئي‘، هن چيو، ’اِنهن پٿرن مان ڪو هڪڙو به ٻئي
جي مٿان سلامت نه رهندو! اِهي سڀئي ڪري، اچي پٽ
پوندا. ڇو ته هر عمارت، جنهن جو ڪم نه رهندو،
ساڊهندي.‘
”سائين ، اهو سڀڪجهه ڪڏهن ٿيندو؟‘ هن جي ساٿين عجب ۽ خوف ۾ ڀرجي
هن کان پڇيو.
”۽ پوءِ هُن اُنهن سڀني کي ٻڌايو ته ڏاڍو هڪ خطرناڪ وقت ويجهو
اچي رهيو هو، جڏهن انساني ڌڪار ۽ ساڙ ’يروشلم‘ کي،
۽ گهڻين قومن کي، ڌڪي جنگ جي کوري ۾ اڇلائي
ڇڏيندو.
”’جنگين جون ڳالهيون نڪرنديون ۽ جنگيون ٿينديون‘، هُن چيو. ’۽
قومون هڪٻئي جي خلاف وڙهنديون. زلزلا ايندا ۽ ڏڪار
پوندا ۽ خطرناڪ بيماريون پکڙنديون. اوهين جيڪي
منهنجا ساٿي آهيون، منهنجي ڪارڻ تمام گهڻا ڏک
ڏسندا ۽ تمام گهڻيون تڪليفون سهندا، ڇاڪاڻ ته هو
اوهان کي ماريندا، سزائون ڏيندا، ۽ گهلي حاڪمن ۽
بادشاهن وٽ وٺي ايندا ، ۽ اُڇلي بنديخانن ۾
وجهندا. پر اوهان کي ڊڄڻ نه گهرجي، ڇو ته ائين
اوهان کي موقعو ملندو هر ڪنهن کي منهنجي پيغام ۽
منهنجي مقصد بابت ٻڌائڻ جو، ۽ اُن لاءِ اوهان جي
زبان تي پورا ۽ صحيح لفظ پاڻيهي تري ايندا.
”’يروشلم پورو ناس ٿيندو.....۽ زمين تي اوندهه ۽ انڌڪار ڇانئجي
ويندو. پر هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن منهنجي بادشاهت
قائم ٿيندي، ۽ منهنجا دوست ڳولي ڳولي لهبا ۽ گڏ
ڪيا ويندا. انهيءَ ڪري اوهين چوڪس رهو، جڏهن گهرجو
مالڪ[حق جو داعي ۽ اُن لاءِ قرباني گهرندڙ] اُٿندو
۽ اوهان وٽ ايندو_ اُنهيءَ گهڙيءَ لاءِ اوهين تيار
رهو ۽ جا ڳندا رهو!“ (ص 222_223)....
ڇاڪاڻ ته ڪهڙي خبر ته اها“ آسماني بادشاهت“ ڪڏهن اچي ۽ هڪڙي
ڏينهن قائم ٿئي‘!“ (ص226).
مسيح جو جنم. مسيح جي حياتي، مسيح جي تعليم، مسيح جو موت ۽ هُن
جو جي اٿڻ ۽ آسمان ڏانهن عروج ۽ هُن جي (عام عقيدي
يا اميد موجب) وري موٽي اچڻ جو ’واعدو‘_ هي سڀ
شيون علامتي اهميت جون آهن.هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ،
جنهن ۾ اهي شيون ڳالهين جي صورت ۾ آيل آهن. انهن
جي اها اهميت ظاهر ٿئي ٿي.
مسيح جو جنم هر انساني ٻار جي جنم جي علامت آهي_ خاص طرح مظلوم
۽ محڪوم قوم جي هر ٻار جي جنم جي. اُن جي به هر
پورهيت ۽ مسڪين گهرجي ٻار جي جنم جي. جنهن ۾ هُن
جي مائٽن، هُن جي طبقي جي سڀني ماڻهن ۽ هُن جي
سڄيءَ قوم، بلڪ سڄيءَ انساني برادريءَ جون اميدون
ٿين ٿيون يا ٿي سگهن ٿيون ته هو سند ڇوٽڪاري ۽
خوشحاليءَ جو سبب بڻبو ۽ اُڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري
سگهندو.(پهرينءَ کان ڇهين ڳالهه ص 33_69). انهيءَ
ڪري ئي چيو ويو آهي ته ’ٻار انسان جي پيءُ آهي‘ ۽
پڻ بلڪل صحيح طور تي چئي سگهجي ٿو ته ’ٻارُ ئي
آئيندي جو مسيح آهي‘. ٻار جي تربيت صحيح ٿئي. ٻار
جي تعليم صحيح ٿئي، ٻار جي آڏو زندگيءَ جو مقصد
صحيح ۽ اعليٰ ۽ واضح مقرر ٿئي ته اهو ٻار پنهنجي
حياتيءَ جي عمل سان ”غريبن کي خوشحاليءَ جي، قيدين
کي آزاديءَ جِي، انڌن کي بينائيءَ جِي ۽ ماريل ۽
پيڙيل انسانن کي سلامتيءَ ۽ ڇوٽڪاري جي خوشبري“·
ڏيندو. اُهو ٻار ”پنهنجي طاقت
۽ پنهنجو اثر پاڻ کي مدد ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ
استعمال نه ڪندو“ (ص281)_ يعني هو غرض ڪار ۽
خودمفادي نه ٿيندو، پر هو ”سدائين ٻين کي بچائيندو
۽ ٻين جي مدد ڪندو رهندو“ (ساڳيو صفحو) يعني هو
عام مفاد جو حامي ۽ پر اُپڪاري ٿيندو ۽ اُن لاءِ
جيڪي به ڏک ۽ سور، تڪليفون ۽ عذاب غرضڪارن ۽
خودمفادي فردن ۽ گروهن طرفان هن کي ڏنا ويندا، سي
هو صبر ۽ همت سان سهندو ، ۽ نيٺ اُن ’مسيحي‘ راهه
۾ هو پنهنجي مٿي تي حقارت ۽ ملامت جي ڪنڊن جو تاج
پائي، پنهنجي صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي، کلندي
ڪڏندي پنهنجن پراون، سڀني لاءِ من ۾ نيڪ تمنائون
کڻي، ضرورت ٿي ته وڃي سوريءَ تي به چڙهندو، ۽
ائين” پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي ڪمال “ (ساڳيو صفحو)
کي پهچڻ واسطي پنهنجي بهترين املاڪ، يعني پنهنجي
املهه حياتي به، قربان ڪري ڇڏيندو_بلڪل اهڙيءَ طرح
جيئن اُن بي مثل شهيد، خدا جي معصوم بندي ۽ پياري
ٻالڪ، مسيح عليـﮧ السلام، پاڻ ڪيو ۽ اهڙيءَ شهادت
کان پوءِ، جڏهن پيو ڏسبو آهي ته اُن سان گڏ خود
مقصد به شڪست کائي ختم ٿئي ويو، تڏهن ٿورا ڏينهن
(”ٽي ڏينهن“) ئي نه گذرندا ته قربانيءَ جو اهو
مثال سامهون رکي. اُن ئي راهه عمل جا مسافر اُن
مقصد اعليٰ کي وري جيئاريندا ۽ اُن جي تعميل ڪندا.
۽ پوءِ جڏهن اُها راهه وڃي ڪٿي کُٽندي ۽ اُن جو
وڌيڪ ڪم نه رهندو، تڏهن وري ٻيو ڪو مسيح انسانيت
کي ان اوجهڙ مان نڪري. اڳتي وڌڻ لاءِ ٻي ڪا نئين
راهه ڏسيندو. ۽ ائين دنيا ۾ هدايت ۽ رهبريءَ جي
ضرورتمند مظلومن ۽ محڪومن جي دلين ۾ پنهنجي ئي
اولاد مان، پنهنجي ئي آئنده نسل ۾، ڪنهن مسيحا جي
امر آس سدا موجود رهي ٿي_ ۽ اُنهيءَ مضبوط ۽ سدا
حيات اميد جي بنياد تي ئي انسانيت پنهنجي نجات
لاءِ حيوانيت سان پنهنجي جنگ قائم رکيو آئي آهي ۽
اُن کي، سواءِ آخري ۽ ڪامل سوڀ جي، جڏهن انساني
سماج ۾ آسماني بادشاهت‘ قائم ٿيندي، هوءَ ڪڏهن به
ختم ڪانه ڪندي.
مسيح عليـﮧ السلام جي ٻارن سان ڏاڍي گهڻي دل هوندي هئي_ ڇو ته
هن جي نظر ۾ هو ئي سندس ’آسماني بادشاهت‘ يعني
سموري انساني شرف ۽ شان، نيڪيءَ فضيلت جا وارث،
محافظ ۽ معمار هئا. هو پاڻ به ٻارن جهڙو ٻار هو_
معصوم، بيقرار ۽ شيدائي_ ڄاڻڻ لاءِ ۽ نيڪيءَ جي
ڪامل مسرت لاءِ، ڪٿي به هو ڪو ٻار ڏسندو هو ته وڌي
اُن جي آجيان ڪندو هو. هو ٻارن کي آکاڻيون
ٻڌائيندو هو، ۽ اُهي هنن کي ڏاڍيون وڻنديون هيون.
هو هنن سان بيهي ننڍيون ننڍيون رانديون ڪندو هو ۽
هنن کي وندرائيندو هو. هڪڙي ڀيري هن جا ساٿي ٻارن
کي ڏانهس ايندي ڏسي، اُنهن ڏانهن وڌي ويا ۽ چوڻ
لڳا _ ”هو ماڻهن سان ڳالهائي رهيو آهي. هيءَ ڪا
مهل آهي، جو ٻارَ هُن کي ڪڪ ڪن ! هينئر وڃو ؛ ٿورو
رکي، پوءِ موٽي اچجو!“ مسيح جڏهن ڏٺو ته سندس ساٿي
ٻارن کي وٽس اچڻ کان منع ڪري رهيا آهن، تڏهن اُنهن
کي سڏ ڪري چيائين : ”انهن کي مون ڏانهن وٺي اچو!
ٻارن کي مون ڏانهن اچڻ کان نه روڪيو. اِهي منهنجي
بادشاهت جا واسي آهن. جيئن اوهين آهيو_ ۽ سچ پچ به
ته، جيسين اوهان وٽ ٻار جي دل جهڙي ڪشادي ۽ معصوم
دل ناهي. تيسين اوهين منهنجي بادشاهت ۾ داخل ٿي
نٿا سگهيو !“ (ص206)
اينڊ بلائٽن(Enid Blyton)
جو مون جڏهن هيءُ ڪتاب ” ٻارن لاءِ يسوع جي سوانح
عمري“ (Children’s
life of Christ)
پڙهيو، تڏهن هڪدم مون اُن کي سنڌيءَ ۾ آڻي، 1979
جي ٻارن جي عالمي سال جو تحفو ڪري، سنڌي پڙهندڙ
ٻارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڪيئي سال
منهنجي لئبرريءَ ۾ پيو رهيو. پر اُن کي ٻيهر پڙهڻ
جي صورت ائين پيدا ٿي، جو مون کي ”الوحيد“ جي ”سنڌ
آزاد نمبر“ جي ٻئي ڇاپي لاءِ پيش لفظ لکڻ جي سلسلي
۾ حضرت عيسيٰ مسيح جي حياتيءَ جي هڪ ٻن ڳالهين ۽
ڪن مشهور قولن جي تصديق لاءِ ڪتاب کي ڏسڻو پيو، ۽
اُن خيال کان هيءُ ڪتاب به پڙهيم، ۽ ائين اُن جي
پهرين ڳالهه ۽ ڇٽيهين ڳالهه الوحيد جي ”آزاد نمبر
“ جي اُن پنهنجي پيش لفظ ۾ شامل به ڪيم. اُهو پيش
لفظ بهرحال پوءِ ”نمبر“ جي اُن ڇاپي ۾، جيڪو پڻ
ٻارن جي عالمي سال جي هڪ اشاعت طور تجويز ٿيل هو،
ڪن ناموافق حالتن سبب اچي نه سگهيو (آئنده ڪو
موقعو مليو ته اُهو مضمون به پنهنجي لائق پڙهندڙن
جي اڳيان پيش ڪيو ويندو.)
اڄ اسان وٽ، جيئن دنيا جي گهڻي حصي ۾، اجتماعي مفاد تي محدود
مفاد غالب آهي، ۽ نيڪيءَ ۽ صداقت جي سَند زور ۽
طاقت جي وس آهي، ۽ فعل جو خيال بلڪل نه آهي پر قول
جو هو ڪو ۽ غوغاءُ عرشين ٻُري رهيو آهي. مسيح چيو
ٿي ته ”نيڪيءَ جا ڪم ماڻهن جي سامهون ڏيکاءَ لاءِ
نه ڪريو.... ۽ جڏهن خيرات ڪريو ته پنهنجي اڳيان
اُن جا توتارا نه وڄارايو...۽ جڏهن بندگي ڪريو ته
رياڪارن وانگر بازارين جي چونڪن تي بيهي نه
ڪريو....۽ ’غير قومن‘ وانگردعائن گهرڻ مهل بڪ بڪ
نه ڪريو_ جئين هو سمجهندا آهن ته هنن جي ڏيکاءَ
ڪرڻ سان ماڻهو هنن جي بزرگيءَ جا گيت ڳائيندا، ۽
سندن غوغاءَ ۽ بڪ بڪ سان سندن دعائون [۽ دعوائون]
ٻڌيون وينديون ۽ مڃيون وينديون،“
·
پر اڄ ته چڱن ڪمن جي ڏيکاءَ ۽ غوغاءَ بدران بُرن
ڪمن_ دٻاءَ، ڦرلٽ ۽ ظلم جي ڪمن_ جا توتارا وڄن ٿا۽
ڏيکاءَ ٿين ٿا ۽ اُنهن کي مقدس نالن ۽ اصطلاحن جي
پٺيڀرائي ۽ مقبوليت ڏني وڃي ٿي_ ۽ اهوئي سچ پچ ته
سدائين غرض ڪاريءَ لاءِ زور ۽ طاقت جي عمل جو
حيواني طريقو رهيو آهي.
اهڙن ذاتي ۽ گروهي مفاد بازن ۽ ڪوڙن دعويدارن ۽ ڳلٿيبازن کان
خبردار ڪندي، مسيح چيو هو ته ”اِهي اوهان وٽ رڍن
جي ويس ۾ اچن ٿا، پر اصل ۾ اِهي وحشي بگهڙ آهن.
اُنهن کي اُنهن جي ڪمن مان اوهين سڃاڻي سگهندا.
ڇا. اوهان کي ڪنڊن مان انگور ۽ ڪانڊيرن مان انجير
ملي سگهن ٿا؟ اِنهيءَ طرح، سڀڪو سٺو وڻ سٺو ميوو
ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ خراب ميوو ڏئي ٿو. سٺو وڻ ڪڏهن
به خراب ميوو نٿو ڏيئي سگهي، نه خراب وڻ ڪڏهن سٺو
ميوو ڏيئي ٿو سگهي. جيڪو وڻ سٺو ميوو نٿو ڏئي، اُن
کي وڍي باهه ۾ وڌو ويندو آهي. انهيءَ ڪري اُنهن کي
[هيمشـﮣ] اوهين اُنهن جي ميوي مان [يعني، اُنهن جي
ڪمن مان] سڃاڻو !“1
مسيح اهڙن غرض ڪار مفاد پسندن کي ”غير قومن جا
امير ۽ سردار“ سڏيندي، پنهنجن ساٿين کي اُنهن جي
مثال کان پري رهڻ لاءِ ٿي چيو، ڇو ته ”اُهي اُنهن
تي حڪومت ڪندا آهن ۽ اُنهن تي اختيار هلائيندا
آهن...پر اوهان مان ڪنهن کي ائين ٿيڻو ڪونهي. بلڪ
جيڪو اوهان ۾ وڏو ٿيڻ چاهي، اُن جو ڪم آهي ته
اوهان جو خادم ٿئي، ۽ جو اوهان ۾ اڳواڻ ٿيڻ چاهي،
اُهو سڀني جو ٻانهو بڻجي، ڇاڪاڻ ته ابن آدم [يعني،
مسيح پاڻ] به انهيءَ لاءِ نه آيو آهي ته خدمت وٺي
پر انهيءَ لاءِ آيو آهي ته خدمت ڪري، ۽ پنهنجي جان
گهڻن لاءِ قربان ڪري.“2
هڪڙي ڀيري مسيح جي ساٿين ۾ بحث اچي نڪتو ته منجهن وڏو ڪير هو_
هُنن پوءِ مسيح کان پڇيو: ”سائين، آسماني بادشاهت
۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟“ مسيح هڪڙي ننڍڙي ٻار کي
پاڻ وٽ سڏي .اُنهن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو، ۽ چيائين:
”آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان [هيءُ پياري مسيح جو
تڪيوڪلام هو] ته جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا
نه ٿيندا، تيسين ڪنهن به طرح آسمان جي بادشاهت ۾
داخل ڪين ٿيندا، تنهنڪري [اوهان مان] جيڪو ڪو پاڻ
کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو . اُهو ئي
آسماني بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو“1
هيءُ ڪتاب ”ٻارن جو مسيح“، سنڌيءَ ۾ اهڙن ئي ٻارن لاءِ ٻارن جي
عالمي سال 1979ع جو هڪ تحفو آهي ۽ ان کي سنڌي ٻار
ضرور پڙهندا، پر ٻارن کان وڌيڪ اهو اسان وڏن کي
پڙهڻ گهرجي_ ڇو ته ٻار پنهنجي مسيح کي سمجهن، تنهن
کان اڳ اُنهن جي وڏن لاءِ ضروري آهي ته اُهي مسيح
کي سمجهن. مسيح جي حياتيءَ ۽ مسيح جي تعليم مان
اسين زندگيءَ جون ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ بنيادي
حقيقتون سکون ٿا ۽ انساني تهذيب جي سڀ کان وڌ
بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته ٻارن جي پرورش ۽ تربيت
وڏن کي ڪرڻي آهي_ ۽ ان لاءِ مسيح جو چوڻ آهي ته
”هي ننڍڙا ٻار _ جن جو مون ۾ ايمان آهي [ڇاڪاڻ ته
اِهي معصوم آهن، ۽ شيدائي آهن نيڪيءَ جي ڄاڻڻ ۾
ماڻڻ جا]_ تن مان ڪنهن هڪڙي کي به جيڪو گمراهه
ڪندو. اُن لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته هڪڙو وڏو جنڊ جو
پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس اونهي سمنڊ ۾ ٻوڙي
ڇڏجي.“2
انهيءَ ڪر ي، هن ڪتاب کي اسان جا وڏا به ايترو ئي
پڙهن جيتري اسان کي اميد آهي ته اسان جا ننڍا اُن
کي پڙهندا، تنهن لاءِ اُن جو هيءُ پيش لفظ ڪجهه
تفصيل سان ۽ ڪجهه ڏکيريءَ ٻوليءَ ۾ ۽ پڻ ڪجهه
ڳوڙهي نموني لکيو ويو آهي. زندگيءَ جون بنيادي
حقيقتون ۽ ڳالهيون، جيڪي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان،
مسيح جي مثالي ۽ اعليٰ ڪردار جي صورت ۾ ٻارن جي
سامهون اچڻيون آهن_ مثلاَ انسانيت ۽ اُن جا مخصوص
قدر ۽ نشان _ اُنهن ڏانهن خصوصي طور هن پيش لفظ ۾
ڪجهه کولي ۽ ڪجهه اشارن ۾ پڙهندڙن جو ڏيان ڇڪايو
ويو آهي_ اُنهيءَ لاءِ ته اسين وڏا، جيڪي پاڻ کي
وڏو ۽ پنهنجن ٻارن کي پاڻ کان ننڍو ٿا سمجهون، سي
نه رڳو هنِ ڪتاب جي پڙهڻ لاءِ سڀ کان اول پاڻ
آماده ٿيون، پر پنهنجن اُنهن پاڻان ننڍن کي
انسانيت جي اُن خلق عظيم جي راهه تي هلائڻ جي
صلاحيت پرائي سگهون، هلائڻ جي ڪوشش ڪريون ۽
هلايون.
مون فلسفي جي تاريخ پڙهي آهي، مون سائنس جي تاريخ پڙهي آهي ، ۽
مون مذهب جي تاريخ به پڙهي آهي. فيلسوف ۽ سائنسدان
ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن بيان يا خيال جي هڪ کان وڌيڪ
معنيٰ يا تفسير يا تعبير ڪونه ڪندا آهن_ جيئن
مذهبي عالم پنهنجي هر خيال يا بيان جو تقريباَ هر
حالت ۾ ڪن ٿا ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ علميت جو مانڊاڻ
اُن معنيٰ ۽ تعبير جي ڪثرت تي بيهارين ٿا. ۽ ٻيو
ته فيلسوفن ۽ سائنسدانن ۾ اختلاف ته ٿين ٿا. پر
دشمنيءَ جي حد تائين نه، جو ڳالهه وڃي جنگ ۾ جدل
تائين پهچي! هو مذهب جي عالمن وانگر هڪٻئي کي ڪنهن
به صورت ۾ واجب القتل ڪونه سمجهندا آهن ۽ نه ڪڏهن
برادريءَ مان خارج ڪندا آهن، ۽ نه ائين ڪرڻ لاءِ
ڪڏهن هڪٻئي جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي، اصليت کان
بگاڙي، ٻئي کي گهٽ ۽ فقط پاڻ کي ئي مٿي ڪندا آهن.
مذهب ۾ ائين ڇو هوندو آهي ۽ مذهب جا عالم ائين ڇو
ڪندا آهن ۽ فيلسوف ۽ سائنسدان ائين ڇو نه ڪندا
آهن_ اِهو هڪڙو بيحد اهم سوال آهي، ۽ جواب به اُن
جا ڪيئي ۽ ڪيترين ئي صورت ۾ ڏيئي سگهجن ٿا. پر
هڪڙو سبب اِن جو ، جيڪو ٻين سڀني سببن تي حاوي
آهي، سو هيءُ آهي ته فلسفو ۽ سائنس پاڻ کي سياست ۽
سياسي اقتدار جي ڪشمڪش کان پري رکن ٿا، ۽ خود
پنهنجي برتريءَ ۽ بچاءَ لاءِ به ڪڏهن زور ۽ طاقت
کان ڪم ڪونه ٿا وٺن، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جي ڪوشش
جو دائرو سدائين سچ ۽ سچ جي ڳولا تائين محدود رهي
ٿو ؛ پر مذهب جا عالم سياست ۽ سياسي اقتدار جي ڪشش
۽ حرص·
۾ اچي سچ جي اُن دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. ۽
ائين پنهنجي ايمان ۾ به ردبدل ڪن ٿا ۽ پڻ پنهنجي
پاڻ ۾ توڙي پنهنجن مخالفن سان فقط سياسي (رياستي)
اقتدار جي رسه ڪشيءَ ۾ ”تون تون ۽ مان مان“ جي فرق
۽ فساد ۾ وٺجي وڃن ٿا.
۽ اهڙيءَ ئي ايماني ردبدل ۽ خالص ’فرق ۽ فساد‘ جي ذهنيت حضرت
مسيح جي تعليم سان پڻ، ٻين ڪيترين عجيب غريب
ڳالهين سان گڏ، هڪهڙي ڳالهه هيءُ به آڻي وابسته
ڪئي آهي ته ان ۾ خدا کي پيءُ ۽ مسيح کي خدا جو پٽ
مڃيل آهي_ بلڪل ائين جيئن جاندار شين ۾ هوندو آهي
(حالانڪ وحدانيت جي تصور وارو خدا ڄمڻ ۽ ڄڻڻ جي
تعليم ۾ ائين هرگز مڃيل نه آهي، جتي انجيل مقدس ۾
مسيح پاڻ کي خدا جو پٽ ۽ خدا کي پنهنجو پيءُ چيو
آهي، اُتي ان ئي ڪتاب مقدس ۾ سوين ڀيرا هُن پاڻ کي
”ابن آدم“ يا ”آدمزاد“ (Son
of man)
به چيو آهي، ۽ خدا کي هر انسان جو ، بلڪ سڀني
انسانن جو پيءُ ۽ اُنهن کي خدا جا پُٽَ يا ٻالڪ (Children of God)
سڏيو آهي
1
ظاهر آهي ته ”پٽ“ ۽ ”پيءُ“ هتي تشبيهه يا استعاري
جي لفظن طور ڪم آيل آهن، جن مان مراد هڪ پاسي
”مخلوق“، ”بندو“ وغيره ۽ ٻئي پاسي ” اپائڻهار“
(خالق)، ”پالڻهار) (ب)، ”ٻاجهارو“ (رحمان) ۽
”مهربان“ (رحيم) ئي آهي، جيئن پيءُ پنهنجي پٽ لاءِ
ٿيندو آهي_ ۽ ٻي ڪابه ڪانهي اِهي لفظ به ائين
مسيح پنهنجي تعليم ۾ انهيءَ ڪري استعمال ٿي ڪيا،
جو اُنهن ڏينهن ۾ اُتي، خاص طرح يهودين ۾ جن وٽ ئي
هن کي پنهنجي دعوت پيش ٿي ڪرڻي پيئي، اُهي لفظ
مذهبي اصطلاح طور، اُنهيءَ ئي معنيٰ ۾ رائج هئا_
مثلاَ يهودين جا پادري پاڻ ئي سڄيءَ پنهنجي
اسرائيلي قوم لاءِ چوندا هئا ته ”اسان جو هڪ ئي
پيءُ آهي ۽ اهو خود خدا آهي“.2
انجيل ۾ ٻئي هنڌ خود مسيح پنهنجي ساٿين کي هدايت
ڪندي چيو آهي:“ ۽ زمين تي ڪنهن کي به پنهنجو پيءَ
ته چئو ڇاڪاڻ ته اوهان جو پيءُ هڪ ئي آهي، جو
آسمان تي آهي.“·
مسيح اهي لفظ فقط تشبيهي ۽ استعاري لفظن طور
استعمال ٿي ڪيا، اُن جو پڌرو مثال انجيل جي ٻئي هڪ
بيان ۾ به ملي ٿو.
[صليب تي چڙهڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مسيح آخري بار يروشلم ۾
آيو هو، ۽ ماڻهن جا انبوهه هن وٽ اچي رهيا هئا، ۽
هن کي شهيد ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون هيون، تڏهن ڪن
ماڻهن جن ۾ يوناني به هئا، هن سان ملڻ جي خواهش
ڏيکاري: هن جي ساٿين جڏهن اها ڳالهه هن سان ڪئي،
تڏهن] ”يسوع جواب ۾ اُنهن کي چيو اُهو وقت اچي ويو
آهي جڏهن ابن آدم جلال حاصل ڪندو آءُ اوهان کي سچ
ٿو چوان ته جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين تي ڪري مري
نٿو وڃي. تيستائين اهو اڪيلو ٿو رهي. پر جڏهن مري
ٿو وڃي تڏهن اُهو گهڻو ڦل ٿو ڏئي، جيڪو پنهنجو
ساهه پيارو ڪندو. اُهو اُن کي وڃائيندو. ۽ جيڪو
دنيا ۾ پنهنجو ساهه ڪڙو ڪندو. اُهو اُن کي هميشه
لاءِ بچائيندو. جيڪڏهن ڪو شخص منهنجي خدمت ڪرڻ
گهري ٿو ته منهنجي پيروي ڪري : پوءِ جتي مان آهيان
اُتي اُهو به هوندو. جيڪو منهنجي خدمت ڪندو،
[منهنجو سڀني جو] پيءُ اُن جو مانُ مٿي ڪندو. هاڻي
منهنجو ساهه ڪنبي ٿو، ته پوءِ مان ڇا چوان؟_ اي
بابا! مون کي انهيءَ گهڙيءَ کان بچاءِ،؟ پر مان
انهيءَ ئي لاءِ ته ان گهڙيءَ کي پهتو آهيان!
[انهيءَ ڪري] آءُ چوان ٿو ’اي بابا! پنهنجي نالي
کي جلال ڏي [يعني، پنهنجيءَ ڳالهه کي اوچو ڪر،
ڪامياب ڪر] پوءِ آسمان مان آواز آيو_ مون
[هميشه]ان کي جلال ڏنو آهي ۽ وري به ڏيندس‘. جيڪي
ماڻهو بيٺا هئا ۽ ٻڌي رهيا هئيا، اُنهن چيو هيءَ
ڪڪرن مان ڪهڙو آواز آيو! ٻين چيو ته فرشتو هن سان
هم ڪلام ٿيو.‘ يسوع جواب ۾ چيو هيءُ آواز مون لاءِ
نه هو، بلڪ اوهان لاءِ هو. هاڻي دنيا جي عدالت جو
فيصلو ٿيڻو آهي. ۽ دنيا جي سردار کي ڪڍيو ويندو. ۽
مون کي جيڪڏهن زمين کان مٿي واري هنڌ تي چاڙهيو
ويندو. ته سڀيئي ماڻهو مون ڏانهن ڇڪجي ايندا.‘
[هُن انهيءَ ڳالهه سان اشارو ڪيو ٿي ته هُن جو موت
ڪيئن ٿيڻو هو.] ماڻهن هن کي جواب ڏنو ته اسان
شريعت جي ڳالهه ٻڌي آهي ته مسيح ابد تائين رهندو_
پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته ابن آدم جو مٿي چڙهڻ
ضروري آهي؟ هيءُ ابن آدم ڪير آهي؟ پوءِ يسوع اُنهن
کي چيو ته اڃا ڪجهه وقت نور اوهان جي وچ ۾ آهي.
جيستائين نور اوهان وٽ آهي[اُن جي روشنيءَ ۾]
هلندا هلو. ائين نه ٿئي، جو اوندهه اچي اوهان کي
گهيرو ڪري. [يعني، جيڪو اوندهه ۾ هلندو آهي، اُن
کي خبر نه پوندي آهي ته ڪيڏانهن ٿو وڃي.] جيستائين
نور اوهان وٽ آهي. نور تي ڀروسو رکو، ته جيئن
اوهين نور جا فرزند بڻجو.
_مطلب ته ڪڏهن ڪڏهن جڏهن مسيح پنهنجي تبيليغي مهم ۾ پاڻ کي خدا
جو پٽ ۽ خدا کي پنهنجو پيءُ ٿي چيو، ته اُهو هن
تشبيهي، استعاري ۽ علامتي انداز ۾ ٿي چيو_ هن جي
مراد اُنهن اصطلاحن جي لفظي معنيٰ سان هرگز ڪانه
هئي.
ساڳئي طرح غير مسيح عالمن توڙي مسيحي شريعت جي ڪن فرقن ۾ ٻي هڪ
اهڙي ئي غلط فهمي مسيحي تعليم بابت هيءَ پکڙيل يا
پکيڙيل آهي ته اُن ۾ مسيحي مومن کي گناهه ڪرڻ جي
شهه بلڪ ترغيب مليل آهي. ڇاڪاڻ ته مسيحي خلق جي
اجتماعي توڙي انفرادي گناهن جو بار حضرت مسيح پاڻ
تي کنيو آهي ۽ اُنهن جو سڄي سزا پنهنجي پاڻ تي
هموار مسيحي تعليم ۾ اِهو عقيدو ائين هرگز ڪونهي_
بلڪ اُن جي بلڪل ابتڙ آهي. ڏسجي ٿو ته هِن تهمت جو
بنياد انجيل مقدس جي هيٺين ٻن آيتن جي غلط مطلب تي
بيهاريو ويو آهي:
(1) [بيبي مريم جي مڱيندي، يوسف بن دائود، کي مسيح جي جنم جي
بشارت ڏيندي، خدا جي فرشتي چيو:]”....تون اُن جو
نالو يسوع رکج، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجن ماڻهن کي سندن
گناهن کان نجات ڏيندو“.1
(2)”ٻئي ڏينهن هُن [يوحنا بپستمي واري، جنهن مسيح جي اچڻ جي
مُنادي ٿي ڪئي] يسوع کي پنهنجي طرف ايندي ڏسي چيو
_ هُو ڏسو، اهو خدا جو گهيٽڙو آهي، جو دنيا جا
گناهه کنيو پيو وڃي!2
”ماڻهن کي گناهن کان نجات ڏيڻ“ يا ”دنيا جا گناهه کڻي وڃڻ“ جي
معنيٰ سنئين سڌي هيءَ آهي ته ماڻهن کي (يا دنيا
کي) براين کان پاڪ ڪرڻ_ انهن اصطلاحن جي ٻي ڪنهن
به صورت ۾ ڪا معنيٰ ڪانهي_ جيئن ماڻهن هن کي ڏسي
چيو ٿي ”هن اسان جون بيماريون لاٿيون ۽ اگهايون
دور ڪيون“3.
”خدا جو گهيٽڙو“ اصطلاح ۾ به مسيح جي هيڻائي ۽
معصوميت ۽ هُن جي بيگناهه شهادت جو مفهوم موجود
آهي، جنهن جو پسمنظر توڙي مقصد انجيل مقدس مختصر
لفظن ۾ هيٺينءَ طرح بيان ٿيل آهي:
[جڏهن يسوع جي ڳالهين ۽ ڪمن کان متاثر ٿي، عام ماڻهن جا ٽولن
پٺيان ٽولا هن وٽ اچڻ لڳا، تڏهن يهودين جي] ”وڏن
فقيهن ۽ شرعي عالمن پنهنجي ’صدر مجلس ‘ گڏ ڪئي ۽
اُن جي اڳيان دانهون ڪيو ته ”هي اسين ڇا پيا ڪريون
؟ هيءُ ماڻهو ته معجزا پيو ڏيکاري ! جيڪڏهن اسين
ڳالهه کي ائين ڇڏي ڏينداسين ته سڀيئي ماڻهو هن جي
پٺيان لڳي پوندا، ۽ رومي حاڪم اسان جي وڏي
عبادتخاني ۽ پڻ سڄيءَ اسان جي قوم کي اچي وٺندا.‘
۽ اُنهن ۾ ڪائفا نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو اُنهيءَ
سال جو سندن سردار ربي [مذهبي پيشوا] هو، تنهن
اُنهن کي چيو ’اوهان کي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي، ۽ نه
اوهين ڪجهه سوچيوئي ٿا. اوهان لاءِ بهتر آهي ته
هڪڙو ماڻهو قوم لاءِ مري، پر سڄي قوم نه مري.‘ هُن
اِها ڳالهه شخصي طرح پنهنجي پاران ڪانه ٿي ڪئي، پر
اُن سال جي سردار ربيءَ جي حيثيت سان، پيش بيني
ڪندي، هُن ائين ٿي چيو ته ’يسوع کي قوم لاءِ مرڻو
آهي_ ۽ نه رڳو اُن [يعني يهودي] قوم لاءِ پر اِن
لاءِ به ته هو [پنهنجي شهادت سان] سڀني ٽڙيل پکڙيل
خدا جي فرزندن کي گڏي هڪ ڪري.‘ پوءِ هو اُنهيءَ
ڏينهن کان هُن کي قتل ڪرڻ جون سٽون سٽڻ لڳا“·
هيءُ يهودين جو سردار ربي، ڪائفا، مثال آهي تاريخ جي هڪ اُنهيءَ
ڪردار جو، جيڪو اجتماعي مفاد جي نالي ۾ خالص گروهي
مفاد جي محافظ طور مذهبُ سياست سان گڏ جي ادا ڪندو
آهي. اُن مرحلي تي اُهو عام نجات يا عام مفاد جي
پنهنجي ابتدائي عمل جي صلاحيت وڃائي، رڳو گروهي
مفاد ۽ غرض ڪاريءَ جو هٿيو بڻيل هوندو آهي، ۽ اُن
گروهي مفاد جي بچاءَ واسطي عوام کي سندن نجات جي
هر انقلابي تعليم ۽ عمل ۽ اُن تعليم ۽ عمل جي هر
مبلغ ۽ اڳواڻ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ۽ اُن
لاءِ پنهنجي هر پروپيگنڊائي حربي_ سڌي اڻ سڌي،
جائز ناجائز _ کي ڪم آڻيندو آهي: حقيقتن کي . هر
صداقت کي ۽ خود پنهنجيءَ تعليم جي اصليت کي موڙڻ
مروڙڻ ۽ بگيڙڻ اُن غرض ڪار پروپيگنڊا جو سڀ کان وڌ
اثرائتو ۽ چالو طريقي ڪار هوندو آهي. يهودي عوام
کي مسيح جي اڳواڻيءَ ۽ مسيح جي انقلابي تعليم جي
اثر کان پري رکڻ لاءِ ڪائفابه اُهوئي طريقو ڪم
آندو ۽ اڳتي هلي خود مسيحي شريعت جي عالمن توڙي
اُن جي مخالف مذهبي عالمن به پنهنجي گروهي غرض
ڪاريءَ لاءِ اِهو ئي پروپيگنڊائي حربو استعمال
ڪيو. مسيح لاءِ ائين چوڻ ته هو پنهنجي امت جا
گناهه کڻي ويو ۽ اُن جي عيوض پاڻ صليب تي چڙهي
سڄيءَ امت جي گناهن جي سزا به هُن پاڻ تي هموار
ڪئي_ ۽ اها ڳالهه اُن جي عام پسند ۽ ظاهري معنيٰ ۾
ائين چوڻ_ محض هڪ اهڙي ئي شاطرانه يا پروپيگنڊائي
ڳالهه آهي_ ۽ اُن کان وڌيڪ اُن جو ٻيو ڪو وزن يا
اهميت نٿي ٿي سگهي.
برخلاف اِن جي مسيح جي سون جهڙي صاف ۽ موتين جهڙي اوجل ۽ املهه
تعليم، جيڪا عمل ۾ انقلاب جي تعليم آهي، جنهن جو
بنياد سنئون سڌو انسان جي پنهنجي ڪرڻيءَ ۽ اُن جي
ڦل تي رکيل آهي، ۽ جنهن جو هِن ڌرتيءَ تي انسان جي
روشن کان روشن مستقبل ۾ يقين آهي_ اُهو مستقبل
جنهن ۾ انسان کي پاڻ لاءِ نيڪيءَ ۽ پيار، ڪهل ۽
انصاف جي آسماني بادشاهت اڏڻي آهي_ اُن پنهنجي
تعليم لاءِ مسيح جو پنهنجو چوڻ هي آهي:
•[گناهن کان] توبهه ڪيو ته ان مطابق عمل ڪيو.....پنهنجي دلين ۾
هي چوڻ جوخيال نه ڪريو ته ابراهيم اسان جو پيءُ
آهي_ ڇاڪاڻ ته آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته خدا هنن
پٿرن مان ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگهي ٿو_ ۽
هاڻي وڻن تي ڪهاڙو رکيو آهي. پوءِ جيڪو وڻ سٺو
ميوو نه ڏيندو.اُهو ڪاٽبو ۽ باهه ۾ وڌو ويندو (متي
_3/7_10).
•آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته خدا جي بادشاهي اوهان کان کسي
ويندي ۽ اُن قوم کي ڏني ويندي. جيڪا اُن مان ڦل
پيدا ڪندي (متي_21/43).
•حرامڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي، بت پرستي، جادوگري، عداوتون،
جهڳڙا، حسد، غصو، تفرقو، جدايون، بدعتون، بغض، نشه
بازي، ناچ رنگ، ۽ ٻيون اهڙيون بُرايون _اِنهن بابت
اوهان کي پهرين چئي ٿو ڇڏيان _ جيئن اڳي به چتائي
چڪو آهيان _ ته اهڙن ڪمن ڪرڻ وارا خدا جي
بادشاهيءَ جا وارث نه ٿيندا (گلتيون _5/19_21).
• [ياد رکو] هر هڪ کي اُن جي ڪمن مطابق بدلو ملندو (متي
_15/27).
•اوهين ڇاٿا سمجهيو؟ هڪڙو ماڻهوءَ جا ٻه پٽ هئا. اُن پهرئين وٽ
وڃي چيو ته ’وڃ، اڄ تاڪستان [انگورن جي باغ] ۾ وڃي
ڪم ڪر،‘ اُن جواب ۾ چيو ’مان نه ويندس_‘ مگر پوءِ
پڇتايائين ۽ [ڪم ڪرڻ لاءِ اوڏانهن] هليو ويو. پوءِ
ٻئي پٽ وٽ وڃي هُڻ اهڙيءَ ئي طرح چيو، جنهن جواب
ڏنس ’حاضر بابا!‘ پر هو ڪم تي نه ويو. اُنهن ٻنهي
پٽن مان ڪهڙي پٽ پنهنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي ؟
اُنهن چيو’ پهرئين‘ (متي 21/28_31).
•جيڪڏهن اوهين اِهي ڳالهيون ڄاڻو ٿا ته مبارڪ آهيون، بشرطيڪ
اوهين اُنهن تي عمل ڪريو (يوحنا_13/17).
•اي رياڪارفقيهو ۽ فريسيـؤ [طريقت جا صاحبـؤ]. اوهان تي افسوس
جو آسماني بادشاهيءَ جا دروازا ماڻهن تي بند ٿا
ڪريو_ نه اوهين پاڻ اُن ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نه داخل
ٿيڻ وارن کي اُن ۾ داخل ٿيڻ ٿا ڏيو (متي_ 23/12).
•[ياد رکو]’سبت‘ ماڻهوءَ لاءِ اهي نه ماڻهو ’سبت‘ لاءِ _ابن آدم
’سبت‘ * جو مالڪ آهي (مرقس 3/ 37).
•....اڄ تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي زور [جهيڙو]ٿيندو پئي رهيو
آهي ۽ زوراور اُها کسيندا ۽ پنهنجي حوالي ڪندا پئي
رهيا آهن (متي 11/12).
•پوءِ
اوهين....اُنهن کي هيءَ تعليم ڏيو ته اُنهن سڀني
ڳالهين تي عمل ڪن، جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو
آهي.(متي27/20).
•نئون شراب پراڻين مشڪن ۾ نه ڀريو آهي، ڇو ته ائين اُهي ڦاٽي
پون ٿيون ۽ شراب هارجي ٿو وڃي ۽ مشڪون برباد ٿي
وڃن ٿيون. نئون شراب نين مشڪن ۾ ڀريو آهي، ۽ ائين
شراب ۽ مشڪون ٻيئي بچنديون آهن [۽ ڪم اينديون
آهن.]. (متي 9/17).
•ڪوبه نئين پوشاڪ مان ڦاڙي پراڻيءَ پوشاڪ کي اڳڙي ڪانه ٿو هڻي_
ائين نئين به ڦاٽندي ۽ اُن جي اڳڙي پراڻيءَ سان
ميل به ڪانه کائيندي (لوقا 5/37/38).
•آءُ اوهان کي سچ ٿو چوان ته جيڪو مون تي ايمان ٿو رکي. هي ڪم
جيڪي آءُ ڪريان ٿو، سي به ڪندو. پر اُنهن کان به
وڏا ڪم ڪندو (يوحنا 14/12).
مسيح 33 سال ۽ 9 ميهنن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ صليب تي چڙهي شهيد
ٿيو. ٽيهن سالن جي عمر کان پوءِ ئي هُن پنهنجي
پيغام، پنهنجي تعليم يا هن ڌرتيءَ تي پنهنجي
’آسماني بادشاهت‘ اڏڻ جي ماڻهن کي دعوت ڏيڻ شروع
ڪئي. هن کي فقط پـؤڻا چار ورهيه پنهنجي دعوت جي
عام ڪرڻ لاءِ مليا. هن ٿورڙي وقت ۾ هُن جي دعوت جو
اثر ۽ نتيجو هر لحاظ کان بي مثل ۽ حيرتناڪ ثابت
ٿيو. اڄ به مذهبي سڃاڻپ جي خيال کان. مسيحي دنيا،
مقدار توڙي ماهيت ۾، باقي سڄيءَ دنيا ۾ اڳڀري ۽ پڻ
مٿڀري ڏسجي رهي آهي. لامذهب دنيا کي ڇڏي. ٻي سڄي
دنيا. صيهوني ۽ اسلامي دنيا سميت، اڄ هر طرح مسيحي
دنيا جي ئي آڌار ۽ اڳواڻيءَ هيٺ آهي.
اڄ اسان جي اها سڄي مذهبي دنيا پنهنجي ’بچاءُ‘ ۾ ديوانه وار هٿ
پير هڻي رهي آهي. پر افسوس، هيءَ اسان جي اڄوڪي
دنيا ، ٻه هزار سال اڳ واريءَ صيهوني دنيا وانگر،
پنهنجن انبيائن سڳورن جي نالن ۾، جيڪي ڪجهه بچائڻ
گهري ٿي. سو اُهو نه آهي. جنهن کي اُنهن قائم ڪرڻ
گهريو ٿي بلڪ اهو ئي آهي جنهن کي اُنهن پاڻ ختم
ڪرڻ ٿي گهريو. مسيح پنهنجي دؤر جي اُنهيءَ ئي دنيا
جي سردار رَبيُن ۽ قومي بزرگن کي مخاطب ٿيندي
اهائي ڳالهه چئي هئي ۽ اڄ اسين به پنهنجي عالمن،
بزرگن ۽ مشائخن کي بلڪل اُنهن ئي لفظن ۾ اها ڳالهه
چئي ٿا سگهون ته_
•اي رياڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين ڦودني، سونفن ۽ جيري جي ته
ڏهين پتي ڪڍو ٿا، پر شريعت جي وڏين ڳالهين يعني
انصاف، رحم ۽ ايمان کي اوهان ڇڏي ڏنو آهي....اي
انڌا اڳواڻـؤ، مڇر ته ڇاڻي ٿا ڪڍو پر اُٺ ڳهيو ٿا
وڃو!
•اي رياڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهان پيالن ۽ رڪبين کي باهران ته
ملي صاف ڪريو ٿا، پر اُهي اندران ڦرلٽ ۽ ظلم سان
ڀريل آهن: اي انڌؤ، پهرين اُنهن جو اندريون پاسو
صاف ڪريو......
•اي رياڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين سفيد پوچيءَ لڳل قبرن وانگر
آهيو، جيڪي ٻاهران ته سهڻيون لڳن ٿيون، پر اُنهن ۾
اندر مئلن جا هڏا ۽ هر طرح جو ڪچرو ڀريل آهي.
•اي ريا ڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين نبين جا روضا ته اڏيو ٿا ۽
صاف رکو ٿا ۽ متقين ۽ صالحن جون قبرون ته
سينگاريون ٿا ۽ چئو ٿا ته اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن
جي زمانن ۾ هجو ها ته اُنهن نبين ۽ متقين جي مارڻ
۾ شريڪ نه ٿيو ها....اي نانگـؤ، ناگن جا ٻچـؤ....
•اي ريا ڪار فقيهو ۽ فريسيو، اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جا
دروازا بند ٿا ڪريو...نه پاڻ ٿا اُن ۾ داخل ٿيو ۽
نه ٻين کي اُن ۾ داخل ٿيڻ ٿا ڏيو.
•اي احمقـؤ، اي اکين کان انڌؤ، سونُ وڏي شيءِ آهي يا ’خدا جو
گهر‘....خبردار پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نه
ڪريو.....ڇالاءِ جو جتي مال هوندو اُتي اوهان جي
دل به هوندي، بدن جو ڏيئو اک آهي، ۽ جيڪڏهن اوهان
جي اک ٺيڪ هوندي، ته اوهان جو سڄو بدن روشنيءَ سان
ڀريل هوندو ۽ جيڪڏهن اوهان جي اک بڇڙي هوندي، ته
اوهان جو سڄو بدن اوندهه سان ڀريل هوندو، ۽ اوهان
۾ جيڪا روشني آهي، سا ئي جي اوندهه ٿي پيئي، ته
اُها ڪيڏي نه وڏي اوندهه چئبي !(متي 23/13، 16،
23/24، 6/19_23)
مسيح پنهنجي دؤر جي اُن زر پردست ۽ جاه پرست دنيا جي اِها
اوندهه ختم ڪرڻ گهري ٿي_ مال ۽ ملڪيت ۽ ڦرلٽ جي
اوندهه، ڏاڍ ۽ ظلم جي اوندهه، مالدارن ۽ ڏاڍن جي
حيوانيت جي اوندهه؛ ۽ اِها روشني قائم ڪرڻ گهري
ٿي_ انصاف، رحم ۽ ايمان جي روشني، پيار ۽ ڪهل ۽
زندگيءَ جي احترام جي روشني، انسانيت جي روشني_ ۽
اُنهيءَ ئي کي هن ”آسماني بادشاهت“ سڏيو ٿي.
مسيح جي اِن دعوت عظيم جي تياريءَ ۽ تعميل جي ڳالهه ڏاڍي هڪ
عجيب ۽ عبرت آموز ڳالهه آهي. هيءُ ڪتاب ”ٻارن جو
مسيح“ اُها ڳالهه ڏاڍن سهڻن ۽ سادن لفظن ۾ ۽ گهڻي
قدر سڄي ۽ سربرستي اسان کي ٻڌائي ٿو. مسيح جي اُن
اَسماني بادشاهت‘ جي اڏاوت جو ڪم، جيئن جُڳن جا
جُگ مسيح کان اڳ تيئن انساني سماج ۾ کانئس ٻه هزار
ورهيه پوءِ اڄ به جاري آهي. اُن لاءِ مسيح پنهنجي
دور ۾ ڇا سٺو ۽ ڇا ڪيو. مسيح جي عمل جي اُن رستي
جي واقفيت اُنهن لاءِ جيڪي ڌرتيءَ تي انسانن لاءِ
اُن ’اَسماني بادشاهت‘ جي تعمير ۾ حصو وٺڻ گهرن
ٿا، بيحد ضروري آهي.
ڏاڍو افسوس جو مقام آهي. جو اڄ جو عام انسان رڳو پنهنجي مذهب جي
ڳالهه سا به رڳو خالص پروپيگنڊائي نوع جي ، ٻڌيو
خوش خوش پيو هلي ۽ ٻين مذهبن جون ڳالهيون ٻڌڻ کان
سواءِ يا رڳو تبرائي نوع تي ٻڌيو. اُنهن لاءِ نفرت
يا ڪم از ڪم ٻيائيءَ ۽ ويڇي وارا ۽ هتڪ آميز خيال
۽ جذبا کنيو فارغ ۽ بي خطر گهمندو ٿو رهي_ ڄڻ اُن
عقيدي ۽ محبت ۽ اُن خيال ۽ نفرت سان هن جون پنهنجي
پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي سماج ڏانهن سڀ ذميواريون
پوريون ٿيون، ۽ وڌيڪ رڳو کيس پنهنجي پيٽ جي پوڄا ۽
وڌ ۾ وڌ ته پنهنجن يونگڙن جي بيت جي پورت ڪرڻي
آهي، جيڪي به سندس پنهنجي ئي غرضڪاريءَ جي نتيجي ۾
. ضمني طور، پيدا ٿي پيا_ ۽ اُن لاءِ هو چپ چاپ ،
بي سرتيو ۽ بي ساڃاهو هو، چوويهه ئي ڪلاڪ مک وانگر
مٿو پٽيندو رهي ! هيءَ هڪ خالص حيواني طرز زندگي
آهي، جا اسان جي عام تي مڙهي ويئي آهي. ته جيئن
اسان جا خواص زندگيءَ جي سڄي سهولت ۽ سمورو سک
ماڻي سگهن ۽ اوباري به سگهن. پر اِن صورتحال ۾
اُهي اسان جا خواص پاڻ به حيوان ئي رهن ٿا. ۽ اُها
سندن هڪ _ پاسائين مال ۽ اقتدار جي سڄي دنيا ائين
حيوانيت جي اوندهه ۾ ٻُڏي وڃي ٿي ۽ اُن ۾ انسانيت
جو ساهه گُهٽجي ٿو ۽ اُها روشنيءَ لاءِ واجهائي
ٿي_ پيار، ڪَهَلَ ۽ انساني احترام جي روشنيءَ لاءِ
_ بلڪل ائين جيئن چيو وڃي ٿو ته شروعات ۾ پيدائش
وقت هو. جڏهن ”زمين بي تربيت ۽ ويران هئي. ۽ خلا ۾
اوندهه هئي.... ۽ خدا چيو ته’روشني ٿئي!‘ ۽ روشني
ٿي ۽ خدا روشني ڏٺي ته روشني چڱي هئي ! ۽ خدا
روشنيءَ کي اوندهه کان جدا ڪيو...“·
مسيح هڪ ڀيرو جڏهن انساني ڌرتيءَ کي ازل کان گهربل ’روشنيءَ کي
اوندهه کان ڌار ڪرڻ جي هيءُ تعليم يروشلم‘ ۾ وڏي
’خدا جي گهر‘ ۾ ڏيئي رهيو هو، ته سردار رَبيُن،
فقيهن ، ۽ قوم جي بزرگن وڌي کانئس پڇيو ته ’تون
اِهو ڪم ڪنهن جي اختيار سان ڪري رهيو آهين ۽ اها
اختياري توکي ڪنهن ڏني آهي؟‘ مسيح جواب ۾ هنن کي
چيو ته ’مان به اوهان کان هڪڙي ڳالهه ٿو پڇان_
جيڪڏهن اُها مون کي ٻڌائيندا ته مان به توهان کي
ٻڌائيندس ته هي ڪم ڪنهن جي اختيار سان ڪريان ٿو.
(اوهين مون کي ٻڌايو ته) يوحنا جو بپتسمو (آسماني
بادشاهت لاءِ تيار ٿيڻ جو سڏ) ڪنهن جو هو؟ آسمان
جو يا انسانن جو‘ هو پنهنجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته
’جيڪڏهن ٿا اسين چئون آسمان جو هو‘ ته هو اسان کي
چوندو ته پوءِ اوهان ڇو اُن تي يقين نه ڪيو؟ ۽
جيڪڏهن چئون ٿا ته انسانن جو، ته اسين ڄڻ عوام کان
ڊڄون ٿا، ڇو ته سڄو عوام يوحنا کي نبي مڃي ٿو!
پوءِ هُنن جواب ۾ مسيح کي چيو ته ’اسان کي خبر
ناهي.‘ هُن به اُنهن کي چيو ته ’پوءِ اوهان کي مان
به نٿو ٻڌايان ته هي ڳالهيون ڪنهن جي اختياريءَ
سان ڪريان ٿو. پر اوهين ڇاٿا سمجهو؟....(ڀلا) هيءُ
ٻيو مثال ٻڌو. هڪڙو گهر جو مالڪ هو، جنهن انگورن
جو باغ لڳايو ۽ اُن جي چوڌاري ڀت ڏياري ۽ اُن ۾ رس
ڪڍڻ لاءِ حوض جوڙايو، ۽ پيهو اڏايو، ۽ اُهو
آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ پرڏيهه هليو ويو.
جڏهن فصل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن هن پنهنجا ماڻهو
آباد گارن ڏانهن فصل کڻڻ لاءِ موڪليا. آبادگارن هن
جي ماڻهن کي جهلي. هڪڙي کي مار ڏئي. ٻئي کي ماري
ڇڏيو ۽ ٽئين کي پٿر اڇلائي هنيا. پوءِ هُن ٻيا
اڳين کان گهڻا پنهنجا ماڻهو موڪليا، پر هُنن اُنهن
سان به اُهائي ڪار ڪئي. نيٺ هُن ائين چئي، پنهنجو
پٽ هنن ڏانهن موڪليو ته ”هو منهنجي پٽ جو ته لحاظ
ڪندا.“ جڏهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن هڪٻئي
کي چيائون ته ”هيءُ ئي واث آهي، اچو ته هن کي ماري
هن جي ميراث تي قبضو ڪري وٺون.“ ۽ هن کي جهلي. باغ
مان ٻاهر نيئي. ماري ڇڏيائون....هاڻي، ڀلا جڏهن
باغ جو مالڪ پاڻ ايندو ته اُنهن آبادگارن سان ڪهڙي
ڪار ڪندو؟‘ اُنهن جو اب ڏنو ته ”اُنهن بدڪارن کي
هو صفا ختم ڪري ڇڏيندو ۽ باغ جو ٺيڪو ٻين آبادگارن
کي ڏيندو. جيڪي مند تي فصل جو حساب ڏين.“ پوءِ
مسيح هنن کي چيو ته ’ڪتاب مقدس ۾ اوهان هي به
پڙهيو آهي ته ”جيڪو پٿر رازن ڇڏي ڏنو، اُهو ئي آخر
۾ عمارت جو مُهڙ جو پٿر بڻيو_ خدا جي مرضيءَ سان
ائين ٿيو ۽ اُهو ڏاڍو بهتر ٿيو.“‘ انهيءَ ڪري آءُ
اوهان کي ٻڌايان ٿو ته ”خدا جي بادشاهي اوهان کان
کسي ويندي ۽ اُنهيءَ قوم کي [يعني، اُنهن کي] ڏني
ويندي، جيڪي اُن جي فصل جو حساب ڏيندا، جيڪو هِن
پٿر سان پاڻ ٽڪرجندو سو پرزا پرزا ٿي ويندوءِ جنهن
تي اُهو ڪرندو سو پيسجي ويندو.“‘ جڏهن ربين ، ۽
فقيهن ۽ فريسين مسيح جا هي مثال ٻڌا، تڏهن سهي
ڪيائون ته ’هي اسان بابت ٿو چوي.‘“·
ڇا. اسين پنهنجي هن موجوده دنيا جا عالم ، فقيهه ۽ مشائخ ۽ قومن
جا بزرگ، جيڪا دنيا صيهوني ۽ اسلامي دنيا سان گڏ،
مسيحي دنيا جي اڳواڻيءَ ۾، پنهنجن انبيائن جي نالي
۾ ديوانه وار اڄ پنهنجي بچاءَ ۾ مصروف آهي، اِنهن
مسيحي ڳالهين ۽ مثالن سان سهي نٿا ڪري سگهون ته
اِهي مثال ۽ اِهي ڳالهيون سڀ اسان بابت ئي آهن!
يعني اسين اڄ اُنهن رياڪار فقيهن ۽ فريسين وانگر
پنهنجن نبين ۽ متقين ۽ متقدمين جي تعليم جو رڳو
نالو ڪيو ويٺا آهيون _ نه انهن جي ڪردارن ۽ مثالن
مان رهنمائي وٺون ٿا، نه اُنهن جي دعوت جي فعال
اصولن کي سمجهون ٿا. انهن کي قبولڻ ۽ انهن تي عمل
ڪرڻ ته پري رهيو، نه پنهنجي دور جي مسئلن کي
ديانتداريءَ سان حل ڪرڻ گهرو ٿا، ڇو ته اهي مسئلا
اسان جي پنهنجي سنئالي ۽ سڻڀي وجود جا ئي نتيجا
آهن ۽ اُنهن جي حل يا خاتمي ۾ اسان جي پنهنجي اُن
سنئالي ۽ سڻڀي وجود جوَ موت آهي ، ۽ انهيءَ ڪري ئي
اسين پنهنجو اڄوڪن ’نبين‘، ’متقين‘ ۽ ’صالحن‘ کي
به، جيڪي اُهي مسئلا حل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ انهيءَ ڪري
اسان جا زندهه مسيح آهن، رد ڪيون ٿا، اذيتون ۽
عذاب ڏيون ٿا. جيلن ۾ وجهون ٿا. ماريون ٿا ۽ قتل
ڪريون ٿا. فرعون پنهنجي ’موسيٰ‘ جي پيدا ٿيڻ جي
امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ مصر جي يهودين جي سڀني پٽن
کي ڄمڻ سان ئي مارايو ٿي، ۽ يهوديه جي رومن حاڪم
هيروڊ به ’مسيح‘ جي پيدا ٿيڻ جي امڪان کي روڪڻ
لاءِ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي سڀني معصومن کي
مارايو هو. اسان جي اڄ جي دنيا جا فرعون ۽ هيروڊ
ائين سو ڪونه ٿا ڪن_ ڪم از ڪم سڌيءَ طرح ۽ پڌري
پَٽ ائين ڪونه ٿا ڪن_ باقي ’مسيح‘ کان اُهي ۽ اُن
قديم دور جي يهودي سردار ربيءَ ڪائقا جهڙا اڄ جا
عالم ۽ فقيهه، صاحب شريعت جا ۽ صاحب طريقت جا ،
مفتي ۽ مشائخ به اُهڙائي خائف ۽ باغي آهن، ۽ هڪ ته
اُن کي ذهني طور اُسرڻ نٿا ڏين. ۽ جي ڪنهن طرح هو
سندن درسگاهن ۽ تربيت گاهن ۽ سندن ’سماج‘ ۾ اسري
به ٿو ته اُن سان هو اهائي ڪار ٿا ڪن جيڪا
اسرائيلين جي سردار ربين قومي بزرگن ۽ رومي حاڪمن
ان بي مثل باغي ۽ انقلابي نوجوان. مسيح عليـﮣ
السلام. سان ڪئي هئي_ فقط سندن ڏاڍ ۽ ظلم جا روپ
بدليل آهن ۽ سندن اذيتون ۽ عذاب، ۽ سندن صليبڻ جا
طريقا ٻيا ٻيا آهن.
پر جيسين فرعون موجود آهن تيسين اُنهن لاءِ موسيٰ به پيدا ٿيندا
ئي رهندا ۽ جڏهن ٻه هزار ورهيه اڳي رومنُ هيروڊُ
ٻالڪ مسيح کي ماري نه سگهبو ته اڄ ويهين صديءَ جي
آخر ۾ ڪو چنگيز، ڪو هلاڪو، ڪو نادر به ڪٿي ڪنهن
ٻالڪ جو وار ونگو ڪري نٿو سگهي؛ ۽ ڪهڙي خبر ڪنهن
ملڪ جو ڪهڙو ٻالڪ اُن ملڪ جي آئيندي جو مسيح بنجڻو
آهي ، ۽ ان لاءِ ڪهڙي خوش نصيب ماءُ پيءُ کي مريم
۽ يوسف ٿيڻو آهي ۽ اُن جي ولادت ۽ تربيت جو شرف
لهڻو آهي_ ڪيئن چئجي. اُهي اسان جي آسپاس. آسمان
سان بَرُ ميڃيندڙ ڪنهن محل جي اوٽ ۾ بيٺل ڪنهن
جهوپڙي يا ڪنهن مال جي واڙي جا ئي ڪي ڏتڙيل رهواسي
هجن!
هن ڪتاب تي ڪم ڪندي، مون کي محسوس ٿيو ته منهنجا ساٿي ۽ واقفڪار
جيڪي منهنجا خيال ڄاڻن ٿا، تن جي دل ۾ هن جي پڙهڻ
سان ضرور اِهو سوال ايندو ته مذهب ۽ مذهب سان لازم
ان جي”غيب“ ۽ ”فطرت کان اوچين“ ڳالھين بابت ڇا ٿو
چئي سگهجي. مذھب جو ڪرشمو منھنجو نظر ۾ ھڪ عظيم
ڪرشمو آھي، ۽ اُھو ڪرشمو انساني زندگيءَ جي تمام
ڊگهيءَ مدت، بلڪ ان جي لکن سالن مدت، سان واڳيل
رھيو آھي. ۽ اُن ڪرشمي جو اظھار جُڳن جا جُڳ
’مذھبي انقلابن‘جي صورت ۾ ٿيندو پئي آيو آھي ۽
ڪافي ايامن کان پوءِ انساني تاريخ جي ھڪ منزل تي
پھچڻ کان پوءِ مذھبي انقلابن جو ھي عبرتناڪ سلسلو
ختم ٿيو ۽ اُن خاتمي جي دعويٰ ۽ اعلان نبي
آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن پاڻ ڪرڻ فرمايو.
اُن جي معنيٰ اِھا به ناھي ته نزول وحيءَ جي خاتمي
سان خود انقلابن جو سلسلو ئي ختم ٿيو. حقيقت ھيءَ
آھي ته انقلابن جي مذھبي سلسلي جي خاتمي کان پوءِ،
دنيا ۾ ڪيئي سماجي انقلاب آيا، جن دنَيوي يا
دنيائي (Worldly/Secular)،
ارضي يا ارضياتي
Secular)/(Earthly،
انقلاب چئجي ٿو. ۽ جيسين ھيءَ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي
حضرت انسان جو قيام آھي. تيسين انسانيت جي ترتيب ۽
ارتقا جا انقلاب ايندا رھندا.
|