”ھن عظيم ۽ نيڪ شخص جي
اِن طرح جي بيدخليءَ“، والٽيئر لکيو. ”مون کي
چڪرائي، بنھه ڪيرائي ڇڏيو آھي ... اِن منحوس ڏينھن
کان پوءِ آءُ ڪجھه سوچي ئي نه سگهيو آھيان. ڪنھن
ماڻھوءَ سان ڪجھه ڪُڇي ئي ته نه سگهيو آھيان ۽ چپ
چاپ حيرت ۾ ورتو ويٺو آھيان _ ڀل ته ڪو اچي منھنجي
گلي تي ڇُري ئي ڦيري ڇڏي!“ ۽ فرينچ قوم جي ٻين عام
سمجھه وارن ماڻھن به ڳالھه کي ائين ئي ڪري ورتو
ھو. ۽ ھُنن کي اُن تي عجب کائڻ ۽ رنجيده ٿيڻ جو حق
به ھو. 1770ع ۽ 1780ع جي ڏھاڪن ۾ ائين ئي ثابت ٿيڻ
لڳو ھو ته فرينچ سرڪار سياسي ۽ اقتصادي ڏيوالي ۾
وڃي رھي ھئي. يورپ جي بئنڪرن کان اُھا ڳاٽي ڀڳا
قرض وٺي رھي ھئي، ۽ سڄي اُن ماليات جي گهوٽالي کي
لڪائڻ لاءِ جُڙتو ۽ ڪوڙن حسابن جا ڪتاب ٺاھي رھي
ھئي! تنھن سان گڏ پادري برادريءَ جي اعليٰ درجن تي
فضول خرچين جون ڳالھيون. مھاراڻي ميري آئنٽونئيٽ
جي ذاتي زندگيءَ جون بدناموسيون (ھُن تي الزام ھو
ته ھوءَ ھڪڙي مھا پادريءَ سان، جيڪو وڏو ڪارڊينل
ھو، ھيرن جي ھڪ ھار جي عوض محبت جا پيچ لڙائي رھي
ھئي)؛ ۽ سڀ کان اھم ۽ ھاڃيڪار ڳالھه ته عام اناج
جي فصلن ۽ فرينچ شراب جي پيداوار ۾ لاڳيتو ٻن سالن
کان گهاٽي ۽ ناڪاميءَ جا افواھه ھُلي رھيا ھئا _
سڀني انھن ڳالھين گڏجي سڄيءَ فضا کي ڊيڄاري ۽ بي
چين بڻائي ڇڏيو ھو.
لوئيءَ سورھين پوءِ صورتحال جي ڪجھه تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
1787ع ۾ ھُن ملڪ جي مالي گهوٽالي کي مُنھن ڏيڻ
لاءِ پاڻ وٽ ملڪ جي مُکَ ماڻھن جي ھڪ ڪائونسل
گهرائي. اُن ’قدم‘ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، وري،
1789ع ۾ ھُن اسٽيٽس _ جنرل، يعني فرينچ قوم جي ٽن
روايتي طبقن _ پادرين،
اميرن ۽ باقي عام ماڻھن _ جي عيوضين جي وڏي
اسيمبلي سڏائي.
اِسٽيٽس _ جنرل جي اُن اسيمبليءَ ۾ ھڪدم پوءِ ھيءُ تڪراري مسئلو
اُٿيو ته اُھا اسيمبلي پنھنجي ڪاروائي ڪيئن ھلائي!
ھونئن به اُھا 175 سالن کان پوءِ پھريون ڀيرو گڏ
ٿي رھي ھئي، ان جي اختيارن جو به ڪڏھن سنئون سڌو ۽
صاف فيصلو ٿيل نه ھو. امير طبقو ۽ پادري برادريءَ
جي ڪوشش ھئي ته ھو پنھنجا پنھنجا روايتي رتبا ۽
خاص ’حق‘ ڪنھن طرح بحال رکن ۽ وڌيڪ مضبوط ڪن؛ ان
لاءِ ھُنن گهريو ٿي ته اسيمبلي ءَ ۾ ٽنھي ڌرين مان
ھر ڌر، ڇُڙ مُڙھيءَ، الڳ الڳ اِڪائيءَ طور، ووٽ
ڪري. اِن طرح اسيمبليءَ تي ضابطو سندن (يعني ٻن
مٿين طبقن جو) ئي قائم رھي ٿي سگهيو. عام ماڻھو
جيڪي ”ٽِي اسٽيٽ“ سڏيا ٿي ويا _ پھرين اسٽيٽ پادري
برداريءَ جي ۽ ٻي اسٽيٽ امير لوڪن جي ھئي _ تن
گهريو ٿي ته اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيل ھر ميمبر، فرد
فرد ٿي، ووٽ ڪري، اسيمبليءَ ۾ تازو اُنھن جا عيوضي
وڌائي، جملي تعداد جو پنجاھه فيصد ڪيا ويا ھئا، ۽
ھنن کي ٻن اُوچين ڌرين مان ڪن نيڪ خيال ۽ انصاف
پسند ماڻھن جي پٺڀرائيءَ جي اميد به ھئي، ۽
اِنھيءَ طرح ھنن جي آڏو اسٽيٽس _ جنرل ۾ تعدادي
طور پنھنجي برتري حاصل ٿيڻ جا امڪان موجود ھئا.
ٻاھر عام خلق ۾ ھن سوال تي ڪافي چـؤٻول ۽ ھلچل متل ھئي ۽ ماڻھن
۾ انقلابي جوش ڪافي وڌيل ھو. بھرحال، بادشاھه جڏھن
’ٽيءَ اسٽيٽ‘ (يعني شھري ملڪيت دارن، مزورن ۽
ھارين) جا اُھي مطالبا نه مڃيا، تڏھن،اُھي ٽيءَ
اسٽيٽ جا عيوضي اسٽيٽس جنرل کان ڇڄي، جدا پنھنجي
”قومي اسيمبلي“ ٺاھي ويٺا _ ائين چئي ته ”قوم جي
اصل اسيمبلي ته ھو ھئا، پادري ۽ امير برادريون ته
اُن جون فقط ڪاميٽيون ھيون.“
14 جولاءِ 1789ع تي پئرس جي ڪاوڙ ڀريل انبوھه بئسٽيل قلعي جي
شاھي جيل تي چڙھائي ڪئي. بادشاھه وڌيڪ صورتحال کي
پنھنجي قبضي ۾ رکي نه سگهيو؛ اُن کان پوءِ، فرينچ
قوم جي ٽي اسٽيت يعني فرينچ عوام _ جيڪي پادري
برادريءَ ۽ اميرن جي طبقي کان 24ڀيرا گهڻا ھئا، ڇو
ته اُھي قوم جو 96فيصد ۽ پادري ۽ امير گڏجي فقط
چار فيصد ھئا _ پنھنجي ملڪ ۾ ھڪ جيئري جاڳندي
سياسي قوت شمار ٿيڻ لڳا. ساڳئي سال جي آگسٽ جي آخر
تائين امير طبقي جا اڪثر روايتي جاگيرداريءَ ”خاص
حق، مفاد ۽ مُرتبا“ ٻھارجي وڃي گهٽين جي ڪَسين ۾
پيا، ۽ ھڪ دليرانو ۽ پرجوش اعلان نامو ”انسان جي ۽
شھريءَ جي حقن جو“ اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ملڪ جي
بنيادي قانون جي صورت وٺي بيٺو.
اعلان نامي ۾ ”روشنيءَ جي تحريڪ“ جا اڪثر مطالبا شامل ڪيا ويا؛
ٻين ڳالھين سان گڏ اھو به اعلان نامي ۾ چيو ويو ته
”فرانس اُن جي بادشاھن جي ذاتي ملڪيت ڪونه ھو، پر
ھڪ آزاد ۽ خود مختيار وطن ھو، جيڪو اُن جي ماڻھن
جي ملڪيت ھئي. اعلان نامي جي ٻولي گهڻي قدر تعميمي
۽ خيالي ھئي ، جيئن اھڙن دستاويزن جي ٿيڻي ئي
ھوندي آھي، پراُن جا جداجدا نڪتا سڀ فرينچ عوام جي
تاريخي تجربن جا ترجمان ۽ عڪس ھئا. اُن ۾ ”روشنيءَ
جي تحريڪ“ جا آدرش ۽ ”نئينءَ جمھوري سياست“ جا
اصول اختصاريل ۽ يڪجا ٿيل ھئا.
پر 1789ع ۾ به، بھرحال، دورانديش شخص ڏسي سگهيا ٿي ته، اعلان
نامو، پنھنجي سچيءَ سچائيءَ ۽ حق گوئيءَ سان به،
پراڻي مضبوط بيٺل نظام کي ايتريءَ آسانيءَ سان
اُکوڙي نٿي سگهيو. فرينچ سماج سچ پچ پاڻ کي بدلائي
سگهي. تنھن کان اڳ ان کي سياستڪارن جي حرفتبازين
کان، جاڳيل ۽ اُٿي بيٺل پر ناتجربيڪار ۽ غير تربيت
يافته شھري ماڻھن جي مطالبن جي زور کان، ۽ موجود
حڪومت ۽ قائم_ مفاد رکندڙ ضدي ۽ مضبوط بيٺل گروھن
جي مخالفت ۽ مقابلي کان پاڻ وٽ ايترا مضبوط جھليو
ويٺي ھئي، سا ڪنھن مقابلي يا ٽَڪرَ کان سواءِ
پنھنجي شڪست قبول ڪري ۽ آڻ مڃي وڃي. اِھا به
اڻٿيڻي پئي لڳي ته تخت ۽ تاج تي قابض فرينچ سلطان
شاھي جنھن پنھنجي ڇڙواڳ ۽ غير محدود حاڪميت لاءِ
صديون ويڙھه پئي کاڌي ھئي. اُھا آئيني سلطاني نظام
اندر پنھنجن اختيارن جي محدود ٿيڻ جي صورت ۾ اُنھن
تي اُن نظام جون بندشون ۽ ضابطا چپ چاپ تسيلم ڪري
ويھي رھي. ۽ آخر ۾، پادريت جي نظام کان اِھا اميد
رکڻ ته اُھو محصولن کان آزاد پنھنجي حيثيت تان ھٿ
کڻي، آسانيءَ سان لوڪ راڄ جي ضابطي ھيٺ فقط ھڪ
پگهاردار دفتري نظام طور رھڻ ۽ ڪم ڪرڻ قبولي سگهي!
۽ سڀ کان آخر ۾ ۽ سڀ کان وڌ، ائين به ڪو آسانيءَ سان ممڪن ڪونه
ٿي لڳو ته فرانس کان ٻاھر سڄي يورپ جا سمورا سلطان
شاھي نظام ائين ھٿ ھٿ رکي ويھي رھن ۽ پنھنجن مفادن
۽ پنھنجي وجود جي دشمن خيالن ۽ اصولن جي فتح ۽
سوڀياري پيشرفت کي خاموش تماشبين بڻجي، بيھي ڏسن،
جڏھن خود سندن پنھنجن ملڪن جي اندر جدت پسند،
ڪشاده خيال ۽ پادريت جا پرجوش ۽ سرگرم مخالف موجود
ھئا، جن فرينچ انقلاب کي پنھنجن ملڪن ۾ ساڳئي اھڙي
انقلاب جي فقط ھڪ تمھيد ٿي سمجھيو!
عين اِنھيءَ طرح فرانس ۾ ۽ سڄي يورپ ۾ ”روشنيءَ جو دؤر“ بدلجي
”انقلاب ۽ جنگ جو دؤر“ بڻجي ويو. ارڙھين صديءَ جي
خاتمي وارن سالن جي ڏھاڪي جي مختصر مدت ۾، فرانس،
”بادشاھت“ مان ڦري ھڪ ”عام رعيتي راڄ“ جي صورت ۾
بدلجي ويو، ۽ ھڪ ئي جولان ۾ اُن پنھنجي بادشاھه جو
سرقلم ڪري ڇڏيو، ھڪ بي خوف ۽ جفاڪش پراندروني طور
گروھه بندين ۾ آيل انقلابي حڪومتي نظام قائم ڪري
ورتو، ۽ اُتان کان به اڳيتي مَٽي، ڪافي ڪجھه
منجھيل فضا ۾ ورتل ھنگامي دؤر مان لنگهندي، ھڪ
اَجھل ”راڄ _ مَٽَ جي ھلان“ جو شڪار بڻجي، 1799ع ۾
نئپوليني اقتدار جي سرواڻيءَ ۾ اچي ويو، ۽ سڄو
اُھو عرصو فرينچ قوم باقي يورپ سان وڙھندي ۽
لڳاتار جنگين ۾ مصروف به رھي.
نئين صديءَ جي صبح ٿيندي ٿيندي، فرانس کي ڪن حاصل ڪيل فائدن تان
ھٿ کڻڻو پيو ۽ ڪافي ڪي ٻيا بچايا به ويا ۽ مضبوط
ڪيا ويا. پر ٻه ڳالھيون واضح ٿيون؛ پراڻو يورپ
باقي نه رھيو، ۽ فرانس ۾ روشن خيالي، بھرحال بچي
ويئي ۽ محفوظ رھي. جڏھن انقلاب اڃان جوان ھو، ھڪڙو
باخبر ۽ ڊگهي نگاه رکندڙ شخص اُنھن ٻنھي نتيجن جي
پيش بيني ڪري سگهيو. 1792ع جي اونھاري جي پوين
ڏينھن ۾ جرمن شاعر، گوئٽي، جرمنيءَ جي ويمار
علائقي جي فوجين جي ھڪ دستي سان وابسته ھو، جيڪي
اُنھن ڏينھن ۾ فرانس تي ڪاھي ويل پَرشيا _ آسٽريا
جي فوج سان گڏ جنگ جي محاذ تي وڙھي رھيا ھئا.
گوئٽي، پنھنجي روحانيت جي ترنگ ۽ پنھنجيءَ پوريءَ
غير جانبداريءَ جي ڪيفيت ۾، انقلابي مقصد سان نه
مواقف ھو نه مخالف. ھُن پوريءَ طرح انقلابين جي
شڪست ۽ پئرس تي جرمن فوج جو قبضو ممڪن ٿي ڄاتو. پر
ٿيو اِن جي مختلف. سيپٽمبر مھيني جي ويھين تاريخ
تي فرينچن انقلاب دشمن”اتحادي فوجن“ کي والمي جي
ميدان تي شڪست ڏني، ۽ انقلاب جي فتح ٿي. گوئٽي
لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ پنھنجن خاموش ۽ دلگير
ساٿين سان گڏ دائري ۾ ويٺي ويٺي، اُن ڏينھن جي
واقعن جي معنيٰ ۽ اھميت کي ھيٺين لفظن ۾ سھيڙڻ
مناسب سمجھيو:
”ھِتي ۽ اڄ،“ گوئٽي چيو، ”دنيا جي تاريخ جو ھڪ نئون جُڳُ شروع
ٿيو آھي. ڪنھن ڏينھن اوھين سڀ ائين چئي سگهندا _
’آءُ اُن جي ڄمڻ مھل اُتي موجود ھوس!‘“
”فرينچ انقلاب جي ڪھاڻيءَ “ جي ھِن پھرئين ڀاڱي _ ٽي ڌريون، ٽي
نظام _ جي پڄاڻي، ٽيءَ اسٽيٽ (عوام جي ڌر) جي ھڪ
عيوضيءَ، مئٿورين شاويل، جي جولاءِ 1789ع جي
پھرينءَ تاريخ تي، پنھنجي سياسي تڪ جي ووٽرن
ڏانھن، لکيا ھڪ ڊگهي خط (ص 356_297) تي ٿئي ٿي:
جنھن ۾ ھُن، جو ڪجھه اسٽيٽس _ جنرل (پادرين، اميرن
۽ عوام جي گڏيل اسيمبليءَ) ۾ وھيو واپريو پئي، ۽
اُن ۾ پاڻ پنھنجو ذميداريون ڪيتري قدر ٿي نباھيون،
اُن جا تفصيلي احوال، موٽَ _ اطلاح طور، پنھنجو
فرض ڄاڻي، ھُنن ڏانھن لکي موڪليا ھئا: اُھا اسٽيٽس
_ جنرل، جيڪا 5مئي 1789ع تي، فرانس جي خاص شاھاڻي
شھر، ورسائيلز، ۾ لڳ ڀڳ ٻن صدين کان پوءِ گڏ ٿي
ھئي: ۽ پوءِ جنھن جي عوامي ڌر، پادرين ۽ اميرن تي
حاوي ٿي، پھرين اُن کي ”قومي اسيمبلي“ ۽ پوءِ
”قومي آئين ساز اسيمبلي“ سڏيو، ۽ چيو ته اِن طرح
اُھا، يعني اُن ۾ ھو پاڻ، پنھنجي ملڪ جو آئين
ٺاھيندا _ ھڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جو آئين _ جنھن
ھيٺ فرينچ قوم پنھنجي ”ھزار سالن جي خواب(Millennium)
جو تعبير حاصل ڪندي“، ۽ اوترائي سال (مطلب ته
ھميشه لاءِ) خوب اُھو ماڻيندي: ”انصاف، امن ۽ محبت
جو آسماني راڄ“. عام ماڻھن جي خوشحاليءَ ۽ اعليٰ
خوشيءَ جي زندگيِءَ جو ”ڌرتيءَ تي قائم ڪيل راڄ“،
جنھن جو ساڻن ”واعدو“ ٿيل ھو، ۽ سندن امير ۽ پادري
کين جنھن کان سدائين محروم رکندا ٿي پئي آيا. اِن
ئي سندن قومي آئين ساز اسيمبليءَ پوءِ ٻئي مھيني،
يعني آگسٽ، 1789ع جي ڇويھن تاريخ تي، اُنھن لاءِ،
اُن خواب جي پھروٺيءَ ساڀيان طور، ”انسان ۽ شھريءَ
جي حقن جو اعلان نامو“ بحال ڪيو _ اُھو اعلان نامو
به ”ڪھاڻيءَ“ جي ھِن پھرئين ڀاڱي جي آّخر ۾ پيش
ٿيل آھي.
”ڪھاڻيءَ“ جي ھِن ڀاڱي ۾ بيان ٿيل سماجي خود _ اصلاح لاءِ
انساني جدوجھد جي اِن منزل تي پھچڻ ۾، فرينچ قوم،
اُن جي پورھيتن، اديبن، عالمن، سماجي خادمن، انسان
دوست سياستدانن، مطلب ته اُن جي مظلوم ۽ محروم سڄي
ھيڻي ۽ دکي عوام، جو ڪجھه ڏٺو، جو ڪجھه سَٺو ۽ جو
ڪجھه ڪيو، اِھو اسان جي پنھنجي دکي عوام لاءِ ۽
اسان پڙھيلن ڪڙھيلن لاءِ ۽ سڄيءَ اسان جي آفت زده
قوم لاءِ به وڏو ھڪ عبرت جو داستان آھي، ۽ اسان
لاءِ وڏيءَ ھڪ قوت بلڪ پوري ھڪ نئين جياپي جو علاج
به ثابت ٿي سگهي ٿو _ جيڪڏھن اُن مان اسين پنھنجي
اڄ جي سماجي ۽ سياسي حقيقتن کي ڄاڻڻ ۽ انھن جي
تَھَه ۾ موجود پنھنجي صدين جي روڳ کي سڄاڻڻ جو ڪم
وٺون، ۽ پڻ اُڻ مان آجائيءَ لاءِ ڪنھن ذھني سوجھري
۽ ڪنھن ڍنگ جي پيچري سان، پنھنجي پاڻ تي اعتماد
رکي، اُٿي اڳتي وڌون.
بنيادي ڳالھه آھي ته ڌرتيءَ تي اڄ جي دنيا ۾ جن ماڻھن جو اڳرو
قدم آھي، يعني يورپ جون قومون، ۽ ٻيا جيڪي به ننڍا
وڏا ملڪ اُنھن سان برادريءَ ۾ اڳتي وڌندڙ آھن،
اُنھن سڀني گذريل ڏھاڪو صدين ۾ جن تبديلين جو پاڻ
وٽ سواگت ڪيو آھي _ بيداريءَ، احتجاج، روشنيءَ ۽
جمھوري عمل وسيلي_ ڇا، اُھي تبديليون، اُھي فڪر ۽
عمل جا وسيلا اسان لاءِ ڪا معنيٰ ڪانه ٿا رکن؟ڇا،
اُھي اسان لاءِ به اوترائي بلڪ اُن کان به وڌ،
ضروري نه آھن؟ ڇو نه اسين به بيدار ٿيون؟ ڇو نه
اسين به احتجاج ڪريون؟ ڇو نه اسين به پست خياليءَ
جي تاريڪيءَ مان نڪري بلند خياليءَ جي روشنيءَ ۾
گذاريون ۽ اڳتي وڌون؟ ڇو اسين اِھي ڏھاڪو صديون
نارَ ۾ وھندڙ ڍڳن جيان، اجتماعي طور خصوصاَ، آزاد
سوچ ۽ فيصلي کان محروم ۽ تبديليءَ جي عمل کان
محفوظ رھيا آھيون؟ ڇو اسين فڪر ۽ عمل ۾، کوپن سان
اکيون ٻڌلَ، ھڪ ئي پِڙَ ۾ ڦرندا ۽ ڀنوانٽيون
کائيندا رھيا آھيون؟ ڪنھن اسان کي ايتريون صديون
”واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ _ وھيڻي!“ جي ذھني
اَوائپَ ۾ بند رکيو آھي؟ اِنھيءَ ھڪ سوال جو جواب
ئي آھي، جو اسان کي فرينچ انقلاب جي ھِن داستان جي
ھڪ ھڪ سٽ، ھڪ ھڪ واقعي ۽ ھڪ ھڪ ڪردار ۾ موجود
ملندو. فرينچ عوام کي به سڀ کان اول ان سوال جي
جواب جي تلاش ھئي، ۽ اُن کان پوءِ ئي ھو پنھنجو
تقدير جا ڌڻي بڻجي اُٿيا ھئا، ۽ ھيءَ ڌرتي ۽ ھو
آسمان جيڪي سندن اميرن ۽ سندن پادري حضرات جي ھٿ ۾
ھئا _ ڇو ته حڪومت ۽ مذھب ٻئي سندن ظالم ۽ اڏول
محلن جا محافظ بڻيل ھئا_ فرينچ عوام، اڳتي وڌي،
اُنھن کان اُھي کسي، پنھنجي ھٿ وس ڪيا ھئا: اِئين
ھُنن پنھنجا جسم ۽ پنھنجا روح ٻيئي اُنھن پنھنجن
’ماس خور‘ ۽ ’رت پياڪ‘ دشمنن کان، ھڪ ئي وارِ ۽
ھميشه لاءِ کسي، آزاد ڪري ورتا ھئا.ڇا، اُھي جن
جي پيرن ھيٺان زمين نڪتل ھجي ۽ جي آسمان جي سايي
کان محروم ھجن، اُنھن جي آڏو جيئڻ لاءِ ٻيو ڪو
رستو به ھو، سواءِ ھڪ رستي جي: ته جن سندن جيئڻ
ائين حرام ٿي ڪيو، اِنھن کان ھو بغاوت ڪن ۽ آزاد
جيئڻ جي حق ۽ فرض ادائيءَ لاءِ، سِرَ تريءَ تي
رکي، ميدان تي نڪري اچن؟
ھيءَ ڪنڌَ _ ڪڪوريل آزادي،
ماڻھوءَ ۾ موريَلَ آزادي،
ٿِي پرکي پاڻَ _ وَھيڻن کي،
جا ھانءُ ڏئي ٿي ھيڻن کي.
(اياز)
*
نَوَ نيئَرَ، ڏھه ڏانوڻيون، پندرھن پَيدَ پياس،
جڏھن سڄڻَ ياد پاس، ڇرڪَ ڇنائين ھيڪڙي!
(شاھه)
تصويرون
ڪَوَرَ تي ٻه تصويرون ۽ پھريائين اندرئين ورق جي ٻئي پاسي تي
تصويرَ، ڪتاب ۾ فرانس جي بيان ٿيل تاريخي دور جي
سماجي حالتن جي تصويري عڪاسي ڪن ٿيون، جيئن
اندرئين ٽائيٽل پيچ تي ڏنل اختصاري صفتي جملو اُن
جي لفظي ترجماني ڪري ٿو:”سڀ رڳو ٺلھو ڏيک؛ زندگي
اميرن لاءِ رونشو ۽ غريبن لاءِ عذاب ھئي!
رنگين اُڪرَ (1776ع)، ’جِين _ مچيل موريولِي جُون‘ جي ”رات جي
ماني“ _ عيشي جيئڙن جي چونڪڙي، رات جي مانيءَ کان
پوءِ، اوڀاريُن لھواريُن مان لطف اندوز ٿي رھي
آھي. چونڪڙيءَ جو ھڪڙو جوڙو ھڪڙو محبت نامو ڏاڍيان
پڙھي، روشني ۾ اُڦرڪي رھيو آھي.
مس قلم جي اُڪر (1721ع)، ’واليمَ ھوگارٿ‘جِي: ”بحر جنوبيءَ جو
ڦوڪڻو“_ اِن نالي سان وڏي ھڪ واپاري گهوٽالي تي
(جنھن ۾ گهڻن جا جھُڳا جھَڻ ٿي ويا ھئا) مصور ھِن
خاڪي ۾ ھڪ ڳوڙھي تمثيل ڏيکاري آھي. سڄي گوڙ جي
ڏيکاءَ ۾ کاٻي پاسي شيطان بيٺل آھي، جو ’بخت‘جي
بگڙيل جسم مان ماس جا ٽڪرا ڪپي پنھنجي ھٻڇي
پرستارن ڏانھن اُڇلي رھيوآھي، جن مان ھڪڙي جو، وچ
تي، کيسو پيو ڪترجي. شيطان جي دوڪان جي ڀت سان
ڪليسا جا پادري آھن، جي پنھنجن جماعتين کي ڇڏي،
جُوئا کيڏڻ ۾ پاڻ وندرائي رھيا آھن، ۽ ’ايمانداري‘
چڪري سان زنجيرن ۾ جڪڙيل، ۽ ’عزت‘ڪلي سان ٻڌلَ،
’خود غرضيءَ‘ ۽ ’ڪميڻپ‘ جي ھٿا ڪوڙا کائي رھيون
آھن. وچ تي ’چـؤڏول کي ڏنڊي کان جھلي ھڪڙا ڦيرائڻ
۾ ۽ ٻيا ڏاڪڻ تي چڙھي، مٿي اُن تي ويھي، ڦيراٽيون
پائڻ لاءِ ڌِڪ ڌڪان ۾ لڳل آھن.(شيطان ۽ چـؤڏولُ
خاڪي جي ڇپائيءَ ۾ سڄا ڏيکارجي نه سگهيا آھن.)
مس قلم جي اُڪر(1720ع)، ’ھِيٿ گرويسٽ نافريل‘جِي: ”حماقت جو
آئينو“، تفصيلي ٽُڪرو_”بومبارئو“):”مسِسپي درياءَ
جو ڦوڪڻُ“ نالي سان ناٽڪ ۾، پئرس جي ھڪ پينوءَ
عجيب ھڪڙو ڪردار ادا ڪيو ھو: ھونئن ھو سَٽي
مارڪيٽ جي گهٽيءَ ۾ ڪجھه ڏوڪڙ پني گذارو ڪندو ھو.
اُن لاءِ ھو سٽيبازن جي آڏو پني، پنھنجي گُڪ اُنھن
کي ميز طور ڪم آڻڻ لاءِ ڏيندو ھو، جن تي پَنا رکي،
پنھنجا بل ۽ رسيدون لکندا ھئا!
آخر ۾ لائق پڙھندڙن جي خدمت ۾ ھن سنڌي ترجمي بابت ٻه اکر:
پنھنجي وس ۾ ھر ڪوشش ڪئي اٿم ته ترجمو سھڻو، صاف ۽
مائيدار ٿئي _ ھيءُ جون 1989ع جي آخر کان نومبر
1989ع جي شروع تائين، ڏينھن رات جي پورھئي جو ثمر
آھي. اُن جي ڇپائيءَ ۾ وقت ڪجھه وڌيڪ لڳي ويو،نه
ته ته، جيئن خيال ھو، نئين سال جي شروع ٿيڻ کان
اڳي ئي ڪتاب پڌرو ٿي وڃي ھا. ڏاڍي گهڻي ڌيان کان
پوءِ به ان جي ڀلنامي جي شامل ڪرڻ جي صورت محسوس
ٿي _ سو گذارش آھي ته پڙھندڙ سڀ کان پھرين ڪتاب ۾
اِھي درستيون ڪري ڇڏڻ جي تڪليف وٺن؛ ننڍيون ۽
رواجي ٻيون به غلطيون کين پڙھندي نظر اينديون،
پرخاطري اٿم ته پڙھڻ ۾ اُھي رڪاوٽ ثابت نه
ٿينديون.
ادب ۾ اعليٰ قدر واري نثر توڙي نظم جي تخليق ۾ ذوق ۽ ھڪمَنائيءَ
جي جيتري ضرورت آھي، اوتري ئي اُنھن جي مطالعي ۾
به لازم آھي. لکڻ توڙي پڙھڻ ۾ جيڪا تڪڙ ۽ بي
صبريءَ سان اڳتي وڌڻ ۾، مقصد، جي فوت نه، ته ھٿ
مان نڪري ۽ وڃائجي ضرور وڃي ٿو. پڙھڻ لکڻ ۽ دمن
جون نشانيون جيئرن جاڳندن لفظن جو ڪم ڏين ٿيون ۽
معنيٰ رکن ٿيون. اِن ڪري، لکڻ ۽ پڙھڻ ٻنھي ۾ دمن
جون نشانيون به پنھنجي حصي جو ڌيان گهرن ٿيون، جو
اُنھن کي ضرور ملڻ کپي.
ٻيءَ ٻوليءَ جا ڪي اصطلاح ۽ حوالا ترجمي ۾ جيئن جا تيئن آڻڻا
پون ٿا، ۽ اُنھن جي سمجھاڻي جيڪڏھن جملي ۾ اُتي ئي
ڪجھه نٿي ڏجي، ته ڳالھه کي اڳتي سمجھڻ ۾ پڙھندڙن
کي ڏکيائي ٿئي ٿي.ترجمي ۾ ان ڳالھه جو خيال رکيو
اٿم، سواءِ خاص ٽن حوالن جي، جن جي مختصر سمجھاڻي
ھِن ريت آھي:
1.”آگسبرگ جي بيعت“ (Augsburg Confession)،
صفحي 29 تي: رومن ڪليسائي شريعت جي خلاف احتجاجي (Protestant)
تحريڪ، جيڪا اصلاحي (Reformation)
تحريڪ جي نالي سان به مشھور ٿي، اُن جي مکيه
پوئلڳن آگسبرگ (جرمنيءَ ) جي ميڙ (1530ع) ۾ پنھنجن
عقيدن جو اعلان ڪيو ھو، جنھن سندن اعلان کي پوءِ
تاريخ ۾ ”آگسبرگ جي بيعت“ سڏيو ويو.
مارٽن ليوٿرَ (1546_1483ع)، تحريڪ جي بانيءَ، اُن جي شروعات
جرمن ٻوليءَ ۾ بائيل جي (پھرئين) ترجمي سان ڪئي ؛
ھُن جو خيال ھو ته مذھب کي رياست جي ماتحتيءَ ۾
ھجڻ کپي ۽ اِن طرح پوءِ مذھب جي قومي رنگ تي زور
وڌيو؛ ۽ اِھو به سڄو ھن جي تحريڪ جو اثر ھو، جو
يورپ ۾ سياست کان مذھب جي علحدگيءَ جي شروعات ٿي،
جنھن کي پوءِ (Secularism)
(دنوِيَتَ، دنياپڻو يا دنيائپ)سڏيو ويو. ھُن لاءِ
چيل آھي ته ھُن ”پوپ جي ’تاج‘ تي ۽ سندس مھاپادرين
جي ’پيٽ‘ تي مُڪ ھنئي ھئي“_ ڇو ته ھن جي اصلاحي
عقيدن مان ھڪ بنيادي عقيدو ھيءُ ھو ته ”قانونَ _
فطري، اخلاقي يا شھري _ سڀ بائيبل جي ڏھن حڪمن (Ten
Commandments) ۾ اچي ٿي ويا، ۽ ٻي جيڪا به ڳالھه ھئي، رياست توڙي ڪليسا
جِي، فقط انتظامي ڳالھه آھي“، تنھنڪري بدلجي سگهي
ٿي.
2.”ستن سالن جي جنگ“ (Seven Years War)،
صفحي 30 تي آسٽريا ۽ فرانس جي پِرشيا ۽ انگلنڊ جي
خلاف 1756ع ۾ شروع ٿي. اُن ۾ آسٽريا ۽ فرانس
ھارايو ۽ ٻيءَ ڌر کٽيو؛ نتيجي ۾ فرانس کي تڏھوڪيون
سمنڊ پار پنھنجون بيٺڪون وڃائڻيون پيون ۽ يورپ ۾
پرشيا جو ملڪ وڌي ھڪ وڏي طاقت بڻجي پيو.
3. ”ٽَئنٽِيز جو حڪمنامو“ (Edict
of Nantes)،
صفحي 83 تي _ بادشاھه، ھينري چوٿين ، طرفان 1598ع
۾ شايع ٿيو ھو، جنھن ھيٺ پروٽسٽنٽ فرقي وارن کي
پنھنجي سڃاڻپ ۽ عقيدي تي قائم رھندي، فرانس ۾ رھڻ
جو حق ڏنو ويو. رواداريءَ ۽ سھپ جو ھيءُ حڪمنامو
پوءِ 1685ع ۾ فرانس جي بادشاھه لُوئي چوڏھين، رد
ڪري ڇڏيو.
ڪتاب ۾ جڳھه جڳھه تي فرينچ ٻوليءَ جا خطابي لفظ به ڪم آيل آھن.
اُنھن جي ٿوري سمجھاڻي به ضروري آھي. لفظ
”مونسيور“ (Monsieur)
فرينچ ٻوليءَ ۾ انگريزي لفظ ”مِسٽر“ (Mr.)
جي جاءِ تي ۽ اُن جي جمع جي صيغي ”ميسرس“ (Messer’s)
لاءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ ”ميسيور“ (Messieurs) لفظ آھي. اميرن لاءِ، جيئن زميندارن، جاگيردارن ۽
لاردن لاءِ ”سينيور“ (Seigneur/Seignior)،
۽ اُنھن کان به وڏن ماڻھن، خاص طرح شھزادن ۽
مھاپادرين لاءِ ”مانسينور“ (Monsignor)
جا خطاب ڪم آيا ٿي ۽، شايد اڄ به اچن ٿا!
بھرحال، ھيءُ ڪتاب ھاڻي عزيز پڙھندڙن جي ھٿ ۾ آھي _ وڌيڪ ھو
فيصلو ڪندا ته اُن تي ٿيل محنت ڪامياب آھي يا نه،
۽ ڪيتري قدر اُھا سجائي ٿي سگهي آھي،_
حسابِ ما در دلِ دوستانِ ما.
حيدرآباد سنڌ _ محمد ابراھيم جويو
22اپريل، 1990ع
’ماضيءِ جو مرسل‘ جنھن کي تاريخ چئون ٿا، سا شاھدي ڏئي ٿي ته
اڍائي ھزار سال کن اڳ يونان جي شھر اٿينس ۾ تنھن
زماني جو گامو سچار رھندو ھو. سندس نالو سقراط چون
ٿا. ھيءُ حق گو انسان پنھنجي محدود ماحول ۽
لامحدود ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام آدميت جي
صداقت جي اذان، عوام خاص طرح نوجوانن ۾ بلند ڪندو
رھندو ھو،جيڪا ڳالھه عِنانَ جي اَنا جي شريعت ۾ نه
ھئي. بس پوءِ جبر، ڏمر ۽ قھر جا نيش ۽ نُنھن سچ جي
چَم ۽ ماس کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ لاءِ تکا ۽ تيز ڪيا ويا،
سقراط ته زھر جو پيالو پي، جند ۽ جان جدا ۽ فدا
ڪري ويو، پر ھڪ طرف ھو آزاديءَ جي اظھار ۽ سچ جي
اُڏام کي تاريخ ۾ دائمي مقام ڏيئي ويو، ته ٻئي طرف
زھر ۽ پيالي کي رياستي دھشت جو نشان ڏيئي ويو. خدا
ڄاڻي ته ھي وقت جا حاڪم جتي ڪٿي عقل جا انڌا ۽
اونڌا ڇو ھوندا آھن، جو ائين سمجھندا آھن ته
ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪرڻ سان سندس خيالن کي به قيد
ڪري سگهبو. سقراط ته اڄ به زنده آھي، آباد آھي،
آزاد آھي، پر بادشاھه ديماس ڪٿي آھي؟ اِھا تاريخ
آھي. ماضيءَ جو مرسل آھي، ۽ مرسل ڪڏھن به ڪوڙ نه
ڳالھائيندا آھن.
پيار ڪڻا
ھڪڙي ڏينھن جي ڳالھه آھي ته استاد محترم محمد
ابراھيم جويي ڳالھين ڳالھين ۾ چيو ته منھنجي
زندگيءَ جي ھڪڙي حسرت اھا به آھي ته ھڪ اھڙي اخبار
يا رسالو شروع ڪجي، جيڪو ”اٽو ۽ تُھه “ جدا ڪري
عوام تائين پھچائي . ان کي اتفاق چئجي، جو لڳ ڀڳ
ساڳئي وقت ڪجھه اھل دل سَرند دوستن خيال ظاھر ڪيو
ته سنڌي عوام کي وڌيڪ پختو سياسي شعور ۽ سکيا ڏيڻ
لاءِ ڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪجي. ھي دور ھو ضيا
شاھيءَ جو جڏھن ايم آر ڊيءَ جي جڏيءَ ۽ ڦڏيءَ ھلچل
جي رد عمل ۾ سنڌ جي وَسين ۽ واسين، مال ۽ مڏين تي
فضا ۾ ڳجھن جا لامارا ۽ زمين تي مِرن جا وَڄَ وارو
وار لايو ويٺا ھئا. ۽ جڏھن زياده تر اخبارون ۽
رسالا ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن مڪمل طور انسان دشمن
ڪردار ادا ڪري رھيا ھئا. ان وقت جو ذڪر ھيءُ مثال
ڏيئي ڪجي ته شايد حقيقت کي قريب ٿي وڃجي. سمجھيو
ته ھڪ دھشتگرد ھٿيارن جي زور تي زبردستيءَ گهر ۾
گهڙي آيو آھي. داخل ٿيڻ کان پوءِ ھو گهر ڀاتين کي
پنھنجي مدح ۽ ساراھه لاءِ مجبور ٿو ڪري. ھو گهر
ڌڻيءَ ۽ ڌڃاڻيءَ کي ڏھڪائي ماني ٿو طلب ڪري. ماني
کائي ڍؤ ڪري، ٽِڪڻ جو ارادو ٿو ڏيکاري ۽ پوءِ سڄي
رات گهر جي سڀني ڀاتين کي پنھنجي جنوني ۽ خوني
ارادن سان خوفزده ٿو ڪري. بس اھا ھئي حالت سنڌ جِي
۽ سنڌين جِي.
سو اھڙي دور ۾ رسالو شروع ڪرڻ ھو ته نانگ جي ٻر ۾ ھٿ وجھڻ
برابر، ۽ ان کان علاوه ڊڪليريشن وٺڻ، رسالي ڇپائڻ
لاءِ پريس واري جو تعاون حاصل ڪرڻ ۽ رسالي کي وڪڻڻ
لاءِ ايجنٽن کي آماده ڪرڻ وغيره مشڪل مرحلا ۽ حل
طلب مسئلا ھئا. پر نيٺ ھڪڙي ڪامريڊ کي پڳڙي (Goodwill)
ڏيئي، ڊڪليريشن اُڌارو ورتوسين. پريس واري صاحب وٽ
پھتس . ماجرا بيان ڪيم، ٺڙ ٺپ جواب مليو ته ”ڪا
مون کي پنھنجي پريس بند ڪرائڻي آھي، جو توھان جو
رسالو ڇپيان! جويي صاحب ۽ تو مان ھڪ جو نالو ئي
پريس بند ڪرائڻ لاءِ ڪافي آھي، باقي جي ٻَئي گڏ
آھيو ته پريس سان گڏ مون کي به بند ڪرائيندا.“پريس
واري جي جواب کان پوءِ ڊڪليريشن واري به اسان کي
سي. آءِ ڊيءَ جي نالي ۾ بلئڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، ته
ٻين پريسن وارن لڪ ڇپ ۾ رسالي ڇپڻ جا معمول کان
وڌيڪ پئسا طلب ڪيا، ۽ ايجنٽن اضافي ڪميشن گهُري.
پر اسان جو فيصلو اھو ھو ته رسالو نڪرندو. اڃا اھي
مرحلا وڃي مس پار ڪياسين ته آءُ بيمارٿي وڃي بستري
ڀيڙو ٿيس. ۽ محترم جويو صاحب اڪيلي سِر صبح شام
”ھدايت“ رسالي جي اشاعت کي عبادت سمجھي سَھَو ۽
قضا کان ان کي بچائيندو رھيو.
پوءِ ھڪڙو ڏينھن اھڙو به آيو، جو ھڪ ڦُل وارو پوليس عملدار ڌرتي
پھتو ۽ مون کي چيائين ته ”توکي ميجر صاحب مارڪيٽ
ٿاڻي تي گهرايو آھي ۽ ھاڻي جو ھاڻي مون سان گڏ
ھلو!“ ٻڌايو مانس ته ”بيمار آھيان.“ جواب مليو ته
”سرڪار کي توھان جي اگهائي سگهائيءَ سان ڪوبه غرض
ڪونھي. حڪم، حڪم آھي.“ رڙھي سڙھي ٿاڻي تي پھتس،
ھڪدم رعب سان نالو پڇيو ويو ۽ چيو ويو ته ”رسالو
بند ڪر، نه ته رسالو ته ٺھيو توکي بند ڪنداسين.“
جواب ۾ چيم ته ”علم ۽ قلم جا ويري ٻيو ڪري به ڇاٿا
سگهن!“ گستاخيءَ تي تنبيھه ٿي ۽ اصلاح جي ھدايت
ڪئي ويئي. شايد مون جويي صاحب سان ان جو ذڪر نه
ڪيو.
اڳ عرض ڪيم ته پريس ۽ ايجنٽن اسان کي زيربار ڪرڻ جا ڪيترا حربا
ھلايا ھئا، پر سڀ کان وڌيڪ ڪرتب ايجنٽن ڏيکاريو،
جڏھن ھنن رسالي جي ”قيمت ڪاٽُو ڪميشن“ مان ھڪ
روپيو به واپس نه ڪيو. پنڌ ڪري، جُتيون گسي ويون،
پر مجال آھي، جو ڪپتيا ڪوڙ کان بس ڪن! اسان جا
وسيلا محدود ھئا، سو ڪپتين جي سٽ جھلي نه سگهياسين
۽ رسالو بند ڪرڻو پيو. جيڪو ڪم ورديءَ وارا نه ڪري
سگهيا سو ڪپتين ايجنٽن ۽ لالچي پريس وارن ڪري
ڏيکاريو.
رسالي جو بند ٿيڻ ڏکوئيندڙ ڳالھه ھئي پر مون کي ان دور ۾ جويي
صاحب کي وڌيڪ ويجھڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.
اُڀرندڙ ۽ اُسرندڙ اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن جِي سندن
تحريري، تحقيقي ۽ علمي صحتمند سرگرمين ۾ دلچسپي
وٺي، ھمت افزائي ۽ رھنمائي ائين ڪرڻ جيئن والدين
پنھنجي ٻارن جي ڪندا آھن،جويي صاحب جي مِشن آھي.
ڏات ۽ ڏاھپ جي ورکا ۽ ورھاست ڪرڻ ۾ استاد محترم کي
خوشي ٿيندي آھي.
حالانڪ جويو صاحب پنھنجي سوچ، نظريي ۽ عقيدي جي حوالي سان تمام
سخت گير آھي ۽ انھن ۾ لچڪ محال آھي، پر سنڌي
ٻوليءَ جي خدمت، علمي ۽ تحقيقي ميدانن ۾ سندس
رھنمائيءَ جي طلبگار، باوجود مختلف ۽ متضاد سوچن
جي، ڪڏھين به مايوس نه ٿيندا. جويو صاحب پنھنجي
علم ۽ قلم جي دولت سان مالامال آھي، پر افسوس ته
دوستن جي سلسلي ۾ غريب آھي، جن سندس ڄاڻ مان کنيو
۽ کسيو ضرور آھي پر نه موٽايو آھي ۽ نه مڃيو آھي.
پر استاد صاحب جي وسيع القلبي اھا آھي ته سدائين
يڪطرفي دوستي ملھائيندو ٿو اچي. ڪيڏو نه اعليٰ ظرف
آھي اسان جو ھي دانشور، ڪيترو نه شفاف شيشي وانگر
اندر جو اُجرو آھي ھي اسان جو استاد محترم. جذبات
جي افراط ۾ ”موتين“ بدران وينجھار لاءِ لکي ويٺو
آھيان. اِن لاءِ ”مُٺ مُٺ موتين جي“ پڙھندڙن کان
معافي ضرور وٺندس پر افسوس نه ڪندس.
اخبارون ۽ رسالا قوم لاءِ روشني آڻيندڙ درين ۽ دروازن مثل
آھن.اِھي قومي باغيچي وانگر آھن. جن ۾ طرح طرح جي
ساوڪ ۽ خوشبوءِ، گَل ۽ ڦل ھوندا آھن ، ۽ جيڪي سچ
جو نياپو آڻيندا آھن. پر اھي خوبيون صرف مھذب ۽
منصف معاشري جون نشانيون آھن. ان جي برعڪس، جنھن
معاشري ۾ ٻڪر ٻوساٽ، رياستي ڏھڪاءُ ۽ ڏاڍُ قانون
جو لبادو ڍڪي معاشري جو تاڃي پيٽو تار تار ڪن، ته
اتي ته اخبارون پھرئين ڌڪ ۾ ”ميان مٺو“ ٿي اُھو ئي
ٻولين جيڪو سرڪار آکي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي رامجي
وارن ٺڳن جي ٻيگهي متل ھوندي آھي. اِھي سڀ گڏجي
رياءَ جي رسم پوري ڪندا رھندا آھن. صحافي سچ کي
قيمتي شيءِ سمجھي لڪائي رکندا آھن ۽ ان جو استعمال
ڪفايت سان ڪندا آھن؛ صحافت کي فائدي جو سودو، سٽي
جو ڇڪو ، مصلحت ۽ مطلب جي حرفت سمجھندا آھن. پر
ڪڏھين ڪڏھين ائين به ٿيندو آھي ته ’رڃ مان مورن جي
رڙ‘ ايندي رھندي آھي.
’ماضيءَ جو مرسل‘ جنھن کي اسين تاريخ چئون ٿا، سا شاھدي ڏئي ٿي
ته اڍائي هزار سال کن اڳ يونان جي شھر اٿينس ۾
تنھن زماني جو گامو سچار رھندو ھو. سندس نالو
سقراط چون ٿا. ھيءُ حق گو انسان پنھنجي محدود
ماحول ۽ لامحدود ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام
آدميت جي صداقت جي اذانِ، عوام خاص طرح نوجوانن ۾
بلند ڪندو رھندو ھو، جيڪا ڳالھه عِنانَ جي اَنا جي
شريعت ۾ نه ھئي. بس پوءِ جبر، ڏمر ۽ قھر جا نيش ۽
نُنھن سچ جي چم ۾ ماس کي چيرڻ ۽ ڦارڻ لاءِ تکا ۽
تيز ڪيا ويا. سقراط ته زھر جو پيالو پي، جند ۽ جان
جدا ۽ فدا ڪري ويو، پر ھڪ طرف ھو آزاديءَ جي اظھار
۽ سوچ جي اُڏام کي تاريخ ۾ دائمي مقام ڏيئي ويو،
ته ٻئي طرف زھر ۽ پيالي کي رياستي دھشت جو نشان
ڏيئي ويو. خدا ڄاڻي ته ھي وقت جا حاڪم جتي ڪٿي عقل
جا انڌا ۽ اونڌا ڇو ھوندا آھن، جو ائين سمجھندا
آھن ته ماڻھوءَ جو ساھه قبض ڪرڻ سان سندس خيالن کي
به قيد ڪري سگهبو. سقراط ته اڄ به زنده آھي ، آباد
آھي، آزاد آھي، پر بادشاھه ديماس ڪٿي آھي؟ اِھا
تاريخ آھي، ماضيءَ جو مرسل آھي، ۽ مرسل ڪڏھن به
ڪوڙ نه ڳالھائيندا آھن.
ھا، البت اُھو ڏينھن ۽ اڄوڪو. نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، پرجا ۽
راجا متصادم رخن ۽ روين جِا راھي آھن. سو پاڪستان
۾ ائين ٿيندو رھيو آھي ته روشن خيال مست ۽ ملنگَ،
مبلغ ۽ مصلح سقراط جي سنت تي ھلندا ٿا رھن، ۽ راجا
۽ راڻيون به پنھنجي بدعت کان بس نٿا ڪن.
جڳ مشھور فيلسوف روسو جو قول آھي ته ”آزاديءَ تان ھٿ کڻڻ
انسانيت تان دست بردار ٿيڻ جي برابر آھي. راءِ جي
آزادي کسڻ معنيٰ ماڻھوءَ جي عملن مان اخلاق کي
نيڪالي ڏيڻ. آزادي ماڻھن ۽ قومن لاءِ قدرت جو
تاحيات تحفو آھي، اھا فطرت جو مروج سڪو آھي، جيڪو
جاري ۽ ساري رھڻ گهرجي.“
”مُٺ مُٺ موتين جي“ جناب جويي صاحب طرفان سقراط ۽ روسي جي شريعت
لاءِ نذارانو آھي.
”ھي پيار ڪڻا ٿورا به گهڻا،
ڪَئي پِني آ پورت مون لوڪو!“ (اياز)
حيدرآباد سنڌ
مئي 2، 1992ع
جيئي سنڌ
پروفيسر عمر ميمڻ |