تعارف
هي سائين محمد ابراهيم جويي جو ٽيون ڪتاب آهي، جنهن تي پنهنجيءَ
سمجهه آهر، مهاڳ طور، ٻه اکر لکڻ جو اعزاز مون کي
حاصل ٿي رهيو آهي. جويي صاحب جي شخصيت تي، سنڌي
سماج جي آجپي ۽ اوسر لاءِ سندن علمي ۽ عملي خدمتن
۽ ڪردار جي حوالي سان، مون پنهنجا ويچار تفصيل سان
سندن ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“ جي مهاڳ ۾ قلمبند
ڪيا هئا. پنهنجي ۽ سنڌي ٻوليءَ توڙي ادب جي هن
محسن بابت پنهنجا ويچار قلمبند ڪري، جا سرهائي ٿي
هيم، ان کي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. قومن جي
تاريخ ۾ ڪي ڪي ڪردار ايترا ته قداور هجن ٿا ته جو
انهن جو ذڪر هر سطح تي ۽ بار بار ٿيڻ گهرجي، ته
جيئن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور زندگي، جوتِ ۽
اُتساهه حاصل ڪري سگهن. سائين محمد ابراهيم جويو
اهو ڏاهو ۽ استاد آهي، جنهن جي لکيل سِٽ سِٽ
کي زندگيءَ ۾ مون ڏاڍي ڌيان سان ۽ بار بار پڙهيو
آهي. سندن ٻوليءَ ۽ علميت مان لطف اندوز ٿيندي، ان
جي گهرائيءَ ۽ پيغام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ مون
پنهنجو اولين فرض پئي سمجهيو آهي. ڪيترين ڳالهين ۾
فڪري سطح تي جزوي اختلاف رکڻ باوجود، مان کين
پنهنجو استاد تصور ڪندو آهيان، ۽ ائين هو رڳو
منهنجو نه پر سنڌ جي ادب توڙي سياست جي دنيا جي
ڪيترن نسلن جو استاد آهي. مان ته ائين چوڻ ۾ به ڪا
هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته ويهين صديءَ جي سنڌي
سماج، ادب توڙي سياست جو ذڪر محمد ابراهيم جويي
کان سواءِ هميشه اڻ پورو رهندو.
جويي صاحب جو هي ڪتاب، ”ڳالهيون ڪتابن جون“، جيڪو مواد توڙي
سٽاءَ جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. دراصل
سندس لکيل انهن فڪر انگيز مهاڳن جو مجموعو آهي،
جيڪي هن سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز ۽
پنهنجي ترجمو ڪيل توڙي اصلوڪن ڪتابن تي مختلف دورن
۾ لکيا هئا. مهاڳُ ادبي دنيا جي اُها اهم صنف آهي،
جيڪا دنيا ۾ ٺلهيءَ روايت طور به استعمال ڪئي وئي
آهي، ۽ ساڳئي وقت ان کي پرک، ڇنڊڇاڻ، تنقيد ۽
اڀياس جي فن جي ڪمال ۽ بلندين تي پڻ رسايو ويو
آهي. ادب جي دنيا ۾ ڪيترن ”مهاڳن“ کي اصلوڪن ڪتابن
تي به فوقيت حاصل پئي رهي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
۾ جيتوڻيڪ علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پرک، ڇنڊڇاڻ ۽
اڀياس جو علم ۽ فن اڃا ايترو اُسريو ۽ بالغ نه ٿيو
آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اهو اڃا هڪ پورو ضابطو
نه بڻجي سگهيو آهي، پر ان باوجدو سنڌي ادب ۾ محمد
ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر الهداد
ٻوهيي، پروفيسر محرم خان ۽ ٻين عالمن ۽ ادب جي
پارکن ان شعبي جا مضبوط بنياد ضرور وڌا آهن. سنڌي
ادب ۾ مهاڳ کي باقاعدي هڪ صنف طور سڃاڻپ محمد
ابراهيم جويي ڏني ۽ اهو به عجيب ۽ سٺو اتفاق آهي
ته جديد سنڌي ادب (شاعريءَ توڙي نثر) جي ڪجهه
بهترين ڪتابن جا مهاڳ به جويي صاحب جا ئي لکيل
آهن. اِن سان نه رڳو اُنهن ڪتابن کي جويي صاحب
جهڙي اسڪالر جي پرک جو موقعو نصيب ٿيو، پرخود جويي
صاحب جي لکيل مهاڳن کي به پنهنجي اظهار جو وسيع
ميدان ۽ اُتساهه مليو. جويو صاحب سنڌي ادب ۾ ڪيترن
حوالن سان هڪُ سونهون ۽ ڏسُ ڏيندڙُ
(Trend setter)
رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ مهاڳ جي صنف جي جديد ۽
عالمانه سطح جو ڏسُ ڏيندڙ به جويو صاحب رهيو آهي.
ان ڏِس ۾ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو دليل ٿي سگهي ٿو
ته سنڌ ۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجي، الهداد ٻوهيي،
حسام الدين راشدي، سراجالحق ميمڻ، نورالهديٰ شاهه
جهڙن برک شاعرن، اديبن ۽ اسڪالرن جي ڪتابن جا اڪثر
مهاڳ جويي صاحب جا لکيل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو اُنهن ڏهن ساهه ۾ سانڍڻ جهڙن روح افروز
۽ پرمغز مهاڳن تي مشتمل آهي، جيڪي جويي صاحب سنڌي
ٻوليءَ جي عظيم جديد شاعر شيخ اياز جي ڪتابن_ ”جي
ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (ڏانهس ئي لکيل خطن جو مجموعو)
۽ شعر جي ڪتابن ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”جل جل مشعل جل
جل.....“، ”هي گيت اُڃايل مورن جا“، ”ڪي جو ٻيجل
ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آئيون،“ ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري،“
”لڙيو سِج لڪن ۾“، ”راج گهاٽ تي چنڊ“ ۽ ”بڙ جي
ڇانو اڳي کان گهاٽي“_ تي لکيا ويا آهن. جيئن شيخ
اياز رڳو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعرئي نه پر هڪ
موضوع پڻ آهي. تيئين ”اياز_شناسي“ به سنڌي ادب جو
هڪ مڪمل عنوان آهي ۽ ان عنوان کي سنڌي ادب ۾
متعارف ڪرائڻ، ان جاخد ۽ خال واضع ڪرڻ، ان کي
بلاغت ۽ بلوغت جي اعليٰ درجي تي وٺي وڃڻ ۾ جويي
صاحب جو بنيادي هٿ ۽ ڪردار رهيو آهي، جنهن جو خود
شيخ اياز به پنهنجي جيئري معترف هو. سندس ڏهن
ڪتابن تي جويي صاحب جا مهاڳ ئي اِن جي ثابتيءَ جو
وڏو سامان ۽ دليل آهن. جيئن زندگيءَ ۽ فطرت ۾ هر
شيءِ سُري، وڌي ۽ ويجهي ٿي، تيئن هر تخليقي فنُ ۽
فنڪارُ به پنهنجي سفر ۾ عجيب رستن تان لنگهي ۽ گسن
تان گذري، وسعتون ۽ منزلون ماڻي ٿو. هر وڏو فن ۽
فنڪار ساڳئي وقت هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ ڳوڙهو لقاءُ
به هجي ٿو. سنڌ ۾ شيخ اياز به ائين هو. هنن مهاڳن
۾ جويي صاحب، شيخ اياز جي اِن سموري سفر جا پنڌ ۽
پيچرا ۽ اُن جا رَندَ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽
اِهو ڪو ننڍو ۽ سولو ڪم نه آهي. هڪ فنڪار_ مفڪر
فنڪار، ۽ اُهو به شيخ اياز جهڙو ڳرو ۽ جبل جيڏو
فنڪار، پنهنجي سفر ۾ فن ۽ فڪر جا جيڪي پنڌ ۽ پيچرا
اختيار ڪري ٿو، اُن جا پيرا ۽ سي به پيرائتا پيرا
لهڻ جو ڪم، ڪو جويي صاحب جهڙو انساني تاريخ جي
صدين جي سفر تي گهري نگاهه رکندڙ سونهون ئي ڪري
سگهيو ٿي. هُن ائين نهايت ڪاميابيءَ سان ڪري
ڏيکاريو، جنهن جي شاهدي سندس هي مهاڳ ڏين ٿا. شيخ
اياز جي عظيم شاعريءَ جو سفر هڪ فرد جي احساسن ۽
تصورن جو سفر ناهي پر اُهو هڪ پوريءَ قوم، اُن جي
سماج ۽ تاريخ جي احساسن، خوابن، تصورن، محبتن،
نفرتن، قدرن، ۽ مجموعي طور انسانذات جي بهترين
تخليقي جوهر جي ارتقا جو سفر آهي، اُن جي پرک به
اوڏو نه ته به تمام وڏو ڪم ضرور آهي_ جنهن جا
آئينه دار هي مهاڳ آهن. هن سلسلي ۾ جويي صاحب جا
اياز جا ٻين ڪتابن _ ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ ۽ ”بڙجي
ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“_ جا مهاڳ جيڪي هن ڪتاب جي
ص551 کان115 تي آيل آهن، مهربان پڙهندڙن جو خاص
ڌيان لهڻن ٿا.
سائين ابراهيم جويو، بنيادي طور هڪ آدرشي ۽ ترقي پسند اسڪالر ۽
ڪمٽيڊ اديب آهي. هو انهن قلم ڌڻين منجهان آهي، جن
سدائين پنهنجي عوام، قوم ۽ مجموعي طور انسانذات
لاءِ سوچيو ۽ لوچيوآهي. مون جويي صاحب جي اڄ تائين
ڪا هڪ سِٽَ به اهڙي نه پڙهي آهي، جيڪا بامقصد ۽
فڪرانگيز نه هجي. سنڌي ٻوليءَ جي غير افسانوي ۽
سنجيده ادب ۾ جويي صاحب جو وڏو مقام آهي، ڪتاب جي
ٻئي ڀاڱي ۾ جويي صاحب جا چند اُهي مهاڳ شامل آهن،
جيڪي هُن پنهنجن اصلوڪن ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن تي لکيا
هئا. هِن ٻئي ڀاڱي ۾، پهرئين اسم طور، جيڪو ليک
ڏنو ويو آهي، اُهو جويي صاحب جي مشهور ۽ هڪ تاريخي
قومي دستاويز جي صورت اختيار ڪري ويل ڪتاب ”سنڌ
بچايو، کنڊ
(save sindh, save the continent)
بچايو“، جو مهاڳ آهي. جيڪو اصل انگريزيءَ ۾ لکيل
آهي، پر هتي ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي.
هوئين ته جويي صاحب جو اُهو مٿي ذڪر ڪيل سڄو ڪتاب
بار بار پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙو آهي، پر هيءُ ليک، جيڪو
اُن جو مهاڳ آهي سڄي ڪتاب جي روح جو ترجمان آهي.
جويو صاحب هڪ وطن دوست ۽ قومي سوچ رکندڙ ترقي پسند
دانشور آهي، اُن ڪري هن وٽ قوم، قوميت، قومي
جدوجهد ۽ قومي سماج جي اڏاوت جو تصور خالص سائنسي،
انسان دوست، عوام دوست ۽ ترقي پسند آهي. هيءُ
مختصر ليک اُن تصور جو نچوڙ آهي. هونئن اُن جو هڪ
خاص تاريخي ۽ فڪرياتي پس منظر به آهي. هي ڪتاب
ورهاڳي کان چند مهينا اڳ، جون1947ع ۾ شايع ڪيو ويو
هو ۽ بعد ۾ اهو دور سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ لاءِ
اهم ترين ۽ عجيب دور هو. جيتوڻيڪ هوئين ته مذهبي ۽
نظرياتي فرقه پرستي هندستان ۾ صدين کان رهي هئي،
پر اُن دور جي مخصوص حالتن ۾ اُن سوچ ۽ روش خاص
طور کنيو. نه رڳو مجموعي طور هندستاني سماجُ
مٿينءَ سطح تي ان جو شڪار ٿيو پر هيٺينءَ سطح تي
به اُن جو هر عوامُ ان رجهان جو شڪار ٿيو. اهڙن
دورن ۾ نه رڳو قومون ۽ سماج بي راه رويءَ جو شڪار
ٿيندا آهن پر قوم پرستيءَ توڙي فرقه پرستيءَ جي
جنون ۾ فاشسٽ سوچ ۽ روين جي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاسنديون
آهن. جويي صاحب جو اُهو سڄو ڪتاب ۽ خاص طور ان جو
هي مهاڳ ان حوالي سان باشعور عوام جي رهبريءَ جو
هڪ رهنما دستاويز آهي، جنهن ۾ نهايت سادگيءَ سان
هڪ عالمگير اصول کي واضع ڪيو ويو آهي. جويو صاحب
لکي ٿو:
”.....انهيءَ ڪري اِها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هرڀائيچاري جي
قيام لاءِ، سڀ کان اڳ، ڀائيچاري ۾ شامل اڪائين جي
وچ ۾ آزادگيءَ ۽ برابريءَ جي درجي جي صورت جو هجڻ
لازم آهي. اِهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور
اندوروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري
قومن جي وچ ۾ بين القوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن
لاءِ، ۽ پڻ وسيع تر سڄي نوع انسانيءَ جي هڪ انساني
ڀائيچاري لاءِ_ ۽ اهڙائي ڀائيچارا، جيڪي پنهنجي
عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين
القوامي ۽ انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا
پاسدار آهن ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽
آزادگيءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پرامن بين
القوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽
ان لاءِ تيار آهن، اُهي ئي هندستان جي وسيع برصغير
جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي
قومن جي خير ۽ بهتريءَ جي ضمانت جا حامل ٿي سگهن
ٿا.“
جيتوڻيڪ ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ شامل مهاڳَ مختلف ۽ نهايت بنيادي
موضوعن ۽ شعبن متعلق آهن، ان ڪري جيڪڏهن انهن شعبن
يا موضوعن جي تفصيل ۾ وڃبو ته ڳالهه گهڻي طويل ٿي
ويندي، جا ”مهاڳن“ جي هن مهاڳ جي دائري کان ڏور
نڪري ويندي، پر تنهن هوندي به ڪجهه ضروري ڳالهين
جو ذڪر مناسب ۽ لاڀائتو ٿيندو. جويو صاحب ڇاڪاڻ ته
پنهنجي پيشي توڙي ذهني رجحانن سبب سڄي ڄمار هڪ
استاد رهيو آهي، ان ڪري تعليم هن جو سدائين خاص
موضوع رهي آهي. تعليم بابت هن جو تصور تخليقي،
سائنسي، انقلابي ۽ عوام دوست رهيو آهي. هن ڪتاب ۾
به ٽي مهاڳ تعليم جي موضوع سان لاڳاپيل آهن.
ارڙهين صديءَ جي جڳ مشهور مفڪر ۽ اديب جين جئڪس
رُوسو جي تعليم بابت لکيل ڪلاسڪ ”ايميلي عرف
تعليم“، جنهن جو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ اختصار پيش
ڪيو هو. اُن جو مهاڳ، توڙي ٻه هزار اڳ جي يوناني
ڏاهي پليوٽارچ جي ”ٻارن جي تعليم“ بابت لکيل
مقالي، جيڪو صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، اُن جو
مهاڳ سندس تعليم جي انهيءَ تصور جي عڪاسي ڪن ٿا.
ساڳئي وقت پائلوفراري جي ڪتاب، جنهن جو جويي صاحب
سنڌيءَ ۾ ترجمو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ جي نالي
سان ڪيو هو، جو مهاڳ به پڙهڻ وٽان آهي. تعليم جي
موضوع سان لاڳاپيل اِنهن سمورن مهاڳن جو تَتُ
اهوئي آهي ته تعليم انسان ۽ انساني سماج جي اڏاوت،
واڌاري ۽ سُڌاري جو اهم ترين ذريعو آهي، انهيءِ
ڪري لازمي آهي ته اُها پنهنجي مزاج ۽ جوهر ۾
سائنسي، تخليقي ۽ گهڻائيءَ جي مفادن جي علمبردار
هجي. تعليم ۽ سچي تعليم اُهائي آهي جيڪا هڪ فرد
کان وٺي سڄي سماج کي فطرت، زندگيءَ، ڪائنات توڙي
سماج بابت سائنسي ۽ حقيقي مادي شعور ڏئي، سندن
تخليقي تعمير ڪري، منجهن چڱي ۽ مَٺي جي تميز پيدا
ڪري، ظلم ۽ ڪوڙ لاءِ حقارت جو احساس جاڳائي ۽
سچائيءَ توڙي حق جي واٽ لاءِ اُتساهه ڏياري.
جويو صاحب نه رڳو سدائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت تي زور
ڏيندو رهيو آهي پر هو پاڻ به دنيا جي مختلف ٻولين
جي بهترين ڪتابن جا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجما ڪندو
رهيو آهي_ پنهنجي ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ جي مهاڳ ۾،
خود ترجمي بابت هو لکي ٿو:
”.....ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري
سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾
جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي، ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي
ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هندستان ۽
يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل، ۽ يورپ جي
ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾
منتقل ٿيڻ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون اِهي زوردار
ٻه ڌارائون ئي اُن جو مهذب بنجڻ ۽ محذب هجڻ جو
مکيه سبب آهن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي
ادب ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ نه ته به
لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.“
جويي صاحب هونئين ته زندگيءَ ۾ انيڪ موضوعن تي دنيا جا نهترين ۽
شاهڪار ڪتاب، مقالا، مضمون ۽ شعر ترجمو پئي ڪيا
آهن، پر هتي مان اُنهن ٽن مختصر مهاڳن جو خاص ذڪر
ڪرڻ چاهيندس، جيڪي هن انهن موضوعن تي ترجمو ڪيل
پنهنجي ڪتابن تي لکيا هئا. انهن ۾ به ٽي مهاڳ يا
موضوع بنيادي اهميت رکن ٿا. انهن ۾ پهريون آهي،
هاورڊ موئر جي ڪتاب ”savage survivals“
جي سنڌي ترجمي جو مهاڳ فزيڪل ائنٿروپالاجيءَ
(physical Anthropology)
جي موضوع تي لکيل هِن زبردست ڪتاب جي اصلوڪي اشاعت
جي پيش لفظ لکندڙ، آدم گووانس وائيٽ ان کي
”اخلاقيات جو انجيل“ سڏيو آهي. هن ڪتاب کان اڳ ان
موضوع تي مون کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ان معيار جو ڪو
ڪتاب نه ٿو سجهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ جويي صاحب نهايت
آسان ۽ صاف انداز ۾ سڄي ڪتاب جو فڪر مختصر لفظن ۾
هيئن بيان ڪيو آهي:
”هن ڪتاب جو ’اخلاقيات‘ متعلق موقف هيءُ آهي ته چڱائيءَ ۽
برائيءَ جو خيال يا تميز انسان جي سماجي وصف آهي.
سماج کان ٻاهر اڪيلي انسانَ ۽ هن جي ان سماجي وصف
يعني هن جي چڱي يا بُري هجڻ جو تصور ناممڪن آهي.
انسان، جي چڱو آهي ته ٻين لاءِ چڱو آهي؛ هن جي
چڱائي، جا فقط سندس پنهنجي ذات تائين محدود هجي،
چڱائي نه آهي_ اُها هُن جي حيواني وصف ته ٿي سگهي
ٿي، ڇو ته حيوان ئي فقط پنهنجي لاءِ جيئي ٿو. سماج
۾ رهندڙ انسان جي چڱائي هيءَ آهي ته هو ٻين لاءِ
جيئي ۽ پوءِ ئي ٻيا هن لاءِ جيئندا. انسان جي
سماجي حيثيت جي تقاضا، بلڪ ان جو لازمي شرط ئي اهو
آهي ته جيترو ڪو انسان ٻين جي ڀلائيءَ ۽ سُکَ ۾
پنهنجي ڀلائي ۽ سک ڏسندو، اوترو هو وڌيڪ چڱو
ليکبو. اِنهيءَ ڪري انسانُ، جي سماجي طور چڱو ٿو
ٿئي ته درحقيقت ان ۾ هن جو پنهنجو ئي فائدو آهي،
انسان کي انهيءَ معنيٰ ۾ چڱي بنائڻ ۽ چڱي رکڻ جي
ذميواري سماج تي آهي، ۽ سماج انهيءَ ذميواريءَ جي
پوري ڪرڻ ۾ شروع کان رُڌل رهيو آهي ۽ ان ڪوشش ۾ هو
انسان کي، هن جي حيواني اوصافن کان آجو ڪندو، جيئن
پوءِ تيئن وڌيڪ چڱو انسان بنائيندو آيو آهي. سماجي
حيثيت ۾ انسان جي وڌيڪ بهتر انسان بنجڻ جي انتها
تصور ۾ ته اچي سگهي ٿي، پر ان سفر جي راهه ۾ هر
قدم ڏاڍي مشڪل سان کڄي ٿو، ڇو ته ان لاءِ انسان جي
اصلوڪن حيواني اوصافن کي، جن جا ڪيترائي زوردار
نشان هُن ۾ اڃا موجود آهن، پنهنجي وس ۽ ضابطي ۾
آڻڻ ۽ سماجي نقطي نگاهه کان چڱي رستي سان لائڻ
لاءِ، انسان کي پنهنجي سِر توڙي سڄي هُن جي سماج
کي مجموعي طور وڏيءَ ڪشمڪش ۽ وڏي جدوجهد کان ڪم
وٺڻو پوي ٿو. پر انسان پنهنجي انساني حيثيت ۾ بهتر
کان بهتر ٿيندو آيو آهي ۽ بهتر کان بهتر ٿيڻ ڏانهن
مائل آهي، ۽ بهتر کان بهتر ٿيندو رهندو، اِن ۾
ڪنهن به نراسائيءَ جي يا ڪنهن به شڪ جي گنجائش
ڪانه آهي.“
ٻيو موضوع جنهن بابت هن ڪتاب ۾ هڪ ليک شامل آهي، دراصل ”فلسفي
جو ابتدائي ڪورس“ نالي هڪ ڪتاب جي ترجمي جي مهاڳ
طور لکيو ويو هو. فلسفو ۽ اُهو به سائنسي، فطري
فلسفو دنيا جو عظيم ترين علم ۽ ڏاهپ جو سرچشمو
آهي، اسان جي ٻوليءَ توڙي ادب ۾ هوئين ئي فلسفي جي
موضوع تي اصلوڪا توڙي معياري ڪتابن جا ترجما نه
هئڻ جي برابر آهن، پر ان ۾ به خاص فڪري، سائنسي
فلسفي، جنهن کي ”جدلي ۽ تاريخي ماديت“ سڏجي ٿو، جي
موضوع تي ته ڪتاب بنهه اڻ لڀ آهن. مان ڀايان ٿو ته
هي سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي پهريون ڪتاب هو.
البت ان کان پوءِ ڊاڪٽر سڪندر مغل ”ڏاهپ جو اڀياس“
۽ رشيد ڀٽيءَ ”سچ جو فلسفو“ جي عنوانن سان اصلوڪا
ڪتاب لکيا. هن ڪتاب ۾ شامل ان جي مهاڳ ۾ به جويي
صاحب هميشه جيان هڪ تخليقي استاد وانگر ان ڳوڙهي
موضوع جو تَتُ آسان فهم سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ جي
ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.
ٽيون اهم ترين موضوع، جنهن بابت ليک هن ڪتاب ۾ شامل آهي، اُهو
آهي ”فرينچ انقلاب.“ اِهوئي دراصل جويي صاحب جي
ترجمو ڪيل ڪتاب جو موضوع ۽ عنوان به آهي، جنهن جي
مهاڳ کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ارڙهينءَ
صديءَ جو فرينچ انقلاب جديد عالمي انساني تاريخ جو
تمام وڏو ۽ تاريخ کي ڇال ڏياريندڙ واقعو آهي، ۽
اِهو فقط واقعو ئي نه پر ٻن نظامن جي هڪٻئي سان
ڇڪتاڻ ۽ پس و پيش، ويڙهه ۽ تبديل جو هڪ ڀرپور
تارريخي لقاءُ به آهي. ٻين بنيادي موضوعن جيان ان
حوالي سان به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو گهڻو مواد موجود نه
آهي. جيئن مون هن مهاڳ جي شروعات ۾ لکيو آهي ته
جويو صاحب هڪ آدرشي اديب آهي، جنهن سدائين وڏن
محرڪن لاءِ قلم کنيو آهي، فرينچ انقلاب جي موضوع
تي هڪ وڏو ڪتاب ترجمو ڪرڻ پٺيان به سندس اهڙي ئي
سوچ هئي، جنهن جو اندازو سندس هنن لفظن مان ٿئي
ٿو:
”بنيادي ڳالهه آهي ته ڌرتيءَ تي اڄ جي دنيا ۾ جن ماڻهن جو اڳرو
قدم آهي، يعني يورپ جون قومون ۽ ٻيا جيڪي به ننڍا
وڏا ملڪ انهن سان برادريءَ ۾ اڳتي وڌندڙ آهن،
اُنهن سڀني گذريل ڏهاڪو صدين ۾ جن تبديلين جو پاڻ
وٽ سُواگت ڪيو آهي_ بيداريءَ، احتجاج، روشنيءَ ۾
جمهوري عمل وسيلي_ ڇا، اُهي تبديليون، اُهي فڪر ۽
عمل جا وسيلا اسان لاءِ ڪا معنيٰ ڪانه ٿا رکن؟ ڇا،
اُهي اسان لاءِ به اوترائي بلڪ ان کان به وڌ ضروري
نه آهن؟ ڇو نه اسين به بيدار ٿيون؟ ڇونه اسين به
احتجاج ڪريون؟ ڇونه اسين به پست خياليءَ جي
تاريڪيءَ مان نڪري بلند خياليءَ جي روشنيءَ ۾
گذرايون ۽ اڳتي وڌون؟ ڇو اسين اِهي ڏهاڪو صديون
نارَ م وهندڙ ڍڳن جيان، اجتماعي طور خصوصاً، آزاد
سوچ ۽ فيصلي کان محروم ۽ تبديليءَ جي عمل کان
محفوظ رهيا آهيون؟ ڇو اسين فڪر ۽ عمل ۾ کوپن سان
اکيون ٻڌل، هڪ ئي پِڙ ۾ ڦرندا ۽ ڀنواٽيون کائيندا
رهيا آهيون؟ ڪنهن اسان کي ايتريون صديون ’واڳ
ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي!‘ جي ذهني اَوائپ ۾ بند
رکيو آهي؟ انهيءَ هڪ سوال جو جواب ئي آهي، جو اسان
کي فرينچ انقلاب جي هن داستان جي هڪ هڪ سِٽَ، هڪ
هڪ واقعي ۽ هڪ هڪ ڪردار ۾ موجود ملندو. فرينچ عوام
کي به سڀ کان اول ان سوال جي جواب جي تلاش هئي ۽
ان کان پوءِ ئي هو پنهنجي تقدير جا ڌڻي بڻجي اُٿيا
هئا ۽ هيءَ ڌرتي ۽ هو آسمان جيڪي سندن اميرن ۽
سندن پادري حضرات جي هٿ ۾ هئا_ ڇو ته حڪڪومت ۽
مذهب ٻئي سندن ظالم ۽ اڏول محلن جا محافظ بنيل
هئا_ فرينچ عوام، اڳتي وڌي، اُنهن کان اُهي کسي،
پنهنجي هٿ وس ڪيا هئا. ائين هُنن پنهنجا جسم ۽
پنهنجا روح ٻيئي انهن پنهنجن ’ماس خور‘ ۽ ’رت
پياڪ‘ دشمن کان هڪ ئي وار ۾ هميشه لاءِ کسي، آزاد
ڪري ورتا هئا. ڇا، اُهي جن جي پيرن هيٺان زمين
نڪتل هجي ۽ جي آسمان جي سايي کان محروم هجن، اُنهن
جي آڏو جيئن لاءِ ٻيو ڪو رستو به سواءِ هڪ رستي
جي، ته جن سندن جيئڻ ائين حرام ٿي ڪيو، انهن کان
هو بغاوت ڪن ۽ آزاد جيئڻ جي حق ۽ فرض ادائيءَ لاءِ
سِرَ تِريءَ تي رکي، ميدان تي نڪري اچن؟
’هيءَ ڪنڌ_ ڪڪوريل آزادي،
ماڻهوءَ ۾ موريل آزادي،
ٿي پرکي پاڻ_ وَهيڻن کي،
جا هانءُ ڏئي ٿي هيڻن کي.
(اياز)“
آخر ۾ رسمي طور نه پر دل سان جويي صاحب کان معذرت: جو کين
منهنجين ذاتي ۽ پيشه ورانه مصروفيتن توڙي ڪنهن قدر
ڪاهليءَ سبب هن مهاڳ لاءِ چڱو وقت انتظار ڪرڻو
پيو. آءُ جويي صاحب جي لکڻين کي پڙهندو آهيان. ٿي
سگهي ٿو ته منهنجي هِن مهاڳ جي لکجڻ ۾ غير ضروري
دير جو هڪ سبب اِهو اخلاقي دٻاءُ به هجي ته جويي
صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي ڪتاب تي ٻه اکر لکجن ته
پوريءَ سنجيدگيءَ سان لکجن. آءُ ته هميشه جيان
اهوئي چوندس ته جويي صاحب جو رڳو هيءُ ڪتاب ئي نه
پر هن جو لکيل/ترجمو ڪيل هر جملو توڙي ڪتابُ پڙهڻ،
پروڙڻ، سمجھڻ ۽ ٻين تائين منتقل ڪرڻ جهڙو آهي.
ساٿ سلامت.
جامي چانڊيو
انچارج ايڊيٽر، روزانه ”عبرت“
گاڏي کاتو
حيدرآباد
تاريخ: 15_جنوري 2000ع
·
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
1955ع جي شروعات ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر
جي حيثيت ۾، سنڌي اديب دوستن کي خط لکيم، جن ۾ کين
گذارش ڪيم ته وقت بوقت علمي ۽ ادبي نوع جا خط اسان
ڏانهن لکي موڪلين، جيئن اُهي ”مهراڻ“ ۾، ان خاص
عنوان هيٺ، شايع ڪري سگهجن، ۽ ”مهراڻ“ ۾ اهو هڪ
مستقل ۽ خصوصي عنوان قائم ٿي وڃي. منهنجي عزيز
دوست ’اياز‘ کي چڱي من ۾ پيئي ۽ هڪڙو نهايت پيارو
خط لکي موڪليائين، جو هن مجموعي جي صفحي 133 تي
ڏنل آهي. ان هڪڙي خط کي ڪافي نه سمجهي، کائنس اهڙن
ٻين خطن جي گهر ڪيم، ۽ اهو سلسلو ائين شروع ٿيو، ۽
اياز جا پهريان پنج خط ”مهراڻ، 1955ع جي ’اونهاري‘
واري پرچي ۾ ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان هيٺ پيش
ڪيا ويا، جنهن مان پهرئين خط کان علاوه چار خط پڻ
هن مجموعي ۾ (صفحي 134، 136، 138 ۽ 142 تي) شامل
ڪيا ويا آهن. ان کان پوءِ، اياز جا ٽي خط ”ادب
لطيف“ جي عنوان هيٺ ”مهراڻ“ 1955ع جي ’سرءُ‘ واري
پرچي ۾ پيش ڪيا ويا، جي پڻ هن مجموعي جي صفحي 145،
149 ۽ 152 تي موجود آهن.
اهڙيءَ ريت، سواءِ هڪ خط جي، جو هتي صفحي 132 تي آندل آهي، هن
ڪتاب جا باقي 21 خط پهريائين ”مهراڻ“ ۾ ئي شايع
ٿيا: انهيءَ لحاظ کان، اياز جو هيءُ ڪتاب، گويا
”مهراڻ“ جي ئي ’دين‘ آهي.
اياز جي پهرين پنجن خطن شايع ٿيڻ تي، ڪن سنڌي ادبي حلقن ۾ ۾
عجيب تاءُ پيدا ٿيو، جو تپي تپي، ڪافي دير کان
پوءِ ڪجه قدر وڃي ماٺو ٿيو. ڪن خاص اخبارن ۾، ادبي
تنقيد جي نالي ۾، ادارين ۽ مضمونن جا لاڳيتا ۽
ڊگها سلسلا شايع ٿيا، جن ۾ ادب گهٽ ويڻ وڌيڪ ۽
تنقيد بدران تهمت بازي زيادهه هئي. ڪن صاحبن ته
”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان مان، لفطن جي آڙ وٺي،
اها به تهمت گهڙي ورتي ته ”مهراڻ“ وارا رڳو اياز
کي ئي ”اسان جو شاعر“ سمجهن ٿا ۽ ٻئي ڪنهن کي شاعر
تسليم ئي نٿا ڪن. ”مهراڻ“ ۾ ٻين شاعرن جو شعر به
پيش ٿيندو رهيو، پيش ٿيندو ٿو رهي، ۽ ان ۾ ٻين
شاعرن ۽ نثر نويسن جا ادبي خط به شايع ٿيندا رهيا،
۽ شايع ٿيندا ٿا رهن. پر اها ڳالهه ويچار ۾ ڪانه
آندي ويئي، ۽ اهي قلم ۽ قرطاس جا صاحب اياز جي
خلاف، ”مهراڻ“ جي خلاف، ۽ هر انهيءَ ڳالهه جي
خلاف، جنهن کي هنن نه سڃاتو ۽ نه سَٺو. پنهنجي
تحرير بازيءَ جا جولان ڏيکاريندا ئي رهيا. سهپ جو
مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت، جيئن زندگيءَ جي ٻين
ڳالهين ۾ تيئن ادبي سرچاءَ لاءِ پڻ بنيادي ضرورت
جو درجو رکي ٿي. خوددار ۽ صاحب ڪمال شخصن ۾، خود
پسنديءَ جي جيڪي سو زياده هجڻ سبب، اڪثر هيءُ سهپ
جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت قدري گهٽ ٿئي ٿي. حساس
دليون هڪ ڀيرو بگڙي بيهن، ته انهن جي وري ريجهڻ ۽
سرچڻ لاءِ وقت گهرجي. بهرحال، ورهاڳي واري سال
1947ع کان پوءِ خاص طرح، سنڌ جي ادبي دنيا ۾، جيڪا
چؤپاسِي ماٺ پئجي ويئي هئي، تنهن ۾ اياز جي شعر ۽
اياز جي نثر جي طفيل هڪ ڀيرو وري هلچل پيدا ٿي، ۽
سنڌي ادب، جيڪو پنهنجي بي مثل ڪلاسيڪي شاعرن ۽ نثر
نويسن جي گود ۾ ننڊ مان اکيون کولي، هيڏانهن
هوڏانهن ڏسي، آرس ڀڃي، وري پرڀات جي مٺيءَ هير تي
ٻيهر سمهي رهيو هو، تنهن اياز جي ان آواز تي پاسو
ورايو ۽ پنهنجي آئينده لافاني زندگيءَ جي پهرئين
صبح صادق جو سلام ڪيو. سنڌي ادب، جنهن هن پنهنجي
آئينده لافاني زندگيءَ ۾ هاڻي پير رکيو آهي، اياز
ان جي هن صبح صادق جو پهريون نديم ۽ پهريون پورهيت
آهي.
اياز جڏهن پنهنجي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چيو، تڏهن سچ
پچ ته آءُ منجهي پيس ته ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي. اياز
۽ سندس ادب تي گذريل ڏهن پندرهن سالن ۾ ايترو ڪجھ
لکيو ويو آهي، ۽ اڪثر مخالفت ۾ لکيو ويو آهي، جو
محض رسمي تعارف طور مٿس يا سندس ادب تي ڪجھ سٽون
لکي ڇڏڻ ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن، ۽ جيڪي ڪجھ واقعي
لکڻ گهرجي، تنهن جي لکڻ جي، سندس ئي ڪتاب جي مهاڳ
طور، منهنجي خيال ۾ گنجائش به ڪانهي_ خاص طور هن
حالت ۾، جڏهن مون کي اها به خبر آهي ته اهو ڪتاب،
جيڪو سچ پچ پڙهڻ لائق آهي ۽ پڙهندڙ لاءِ ان ۾ اجھل
ڪشش موجود آهي، تنهن جي مهاڳ کي پڙهڻ جي تڪليف ڪو
وٺي به ڪونه ٿو، ۽ ڪنهن کي وٺڻ به نه گهرجي.
اياز جي هِن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجھ ورق آندل
آهن، جن ۾ سندس شاعرانه ٻولي به آهي ۽ سندس انوکا
۽ تازهه دم فڪري نڪتا به موجود آهن. خطن جي ترتيب
تاريخ وار فقط ايتري قدر آهي، جو هڪ ئي قسم جي
ذهني ڪيفيت وارن خطن کي هڪ هنڌ تاريخن بٽاندر پيش
ڪيو ويو آهي. مثلاً، پهريان ٻه خط (ص 1_25) سنڌ جي
لافاني عظمت کان متاثر ٿي، ۽ سنڌي عوام سان دلي
وابستگيءَ جي جذبي هيٺ، لکيا ويا آهن. انهن کان
پوءِ ڇهه خط (ص 26_ 63) ٽيڪسلا، ڪوهه مريءَ ۽
ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر
ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾، اردو، پنجابي ۽ بنگالي ادب
متعلق ۽ ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀريءَ زندگيءَ جي
مشاهدي جيڪا سندس حساس روح کي اذيت رسائي آهي،
تنهن بابت لکيل آهن. ۽ اهڙيءَ ريت ص 64 کان ص 104
تائين چار خط، ص 105 کان ص 122 تائين هڪ خط مشرقي
بنگال جي سندربن مان لکيل، ۽ ص 133 کان ص 152
تائين سڀ کان اول لکيل اٺ خطَ سندس جدا جدا روماني
ڪيفيت جي عڪاسي ڪن ٿا. هڪڙي خط ۾ جيڪو ص 123 کان
132 تائين آيل آهي، اياز پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا ۽
مٺيون مٺيون ۽ ڪڙيون ڪڙيون چند ياد گيريون بيان
ڪيون آهن. ڪتاب جي ص 155 کان ص 183 تائين اياز جي
نوٽبڪ مان جَسته جَسته ڪي اقتباس پيش ڪيل آهن.
سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجي نوع جو پهريون ڪتاب آهي. ادبي خط
ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعر،
شعر ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي
اپٽار ملي سگهي ٿي_ بشرطيڪه لکندڙ دلي اخلاص، خالص
جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي. جڳ مشهور
فرانسيسي مصور پال گاگن (1848_ 1903) جنهن جي
زندگي ايڏي ته شديد غربت ۾ گذري، جو هڪ هنڌ پنهنجي
وڇڙيل زال کي پنهنجي ۽ پنهنجي معصوم پت ’ڪلووس‘
متعلق لکندي چوي ٿو، ”ڪلووس جي ڳڻتي نه ڪج. هن جي
عمر جا ٻار دک ڪونه سڃاڻن، بشرطيڪ کين ٿوري پيار
ڪرڻ وارو ڪو هجي. باقي کاڌي جي ڳالهه، سو اها ڪا
مشڪل ڳالهه ڪانهي: کائيندي، چڱو چڱو گرنهه آءُ هن
لاءِ ئي ڇڏي ڏيندو آهيان..... آءُ ڪاٺ جي تختي تي
پنهنجي سفر جي کَٿي ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو آهيان.
ڏينهن جا ڏک ۽ رات جو اوجاڳو ٻيئي هڪٻئي کي برابر
توريو بيٺا آهن..... منهنجي کيسي ۾ ويهه پئسا هئا،
۽ ٽن ڏينهن کان اسان اوڌر تي سڪل روٽي پئي کاڌي
آهي“:_ جنهن جي مرڻ کان پوءِسندس تخليق ڪيل هڪ هڪ
تصوير هزارن کان لکن رپين ۾ وڪاڻي:_ فرانس جو هيءُ
عظيم مصور پال گاگن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن اُن
پنهنجي شديد غربت جي حالت ۾ پنهنجي تازي تخليق ڪيل
تصوير بابت لکندي، هڪڙي خط ۾ چوي ٿو: ”ماڻهوءَ جي
هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي“، اياز
جو هيءُ ڪتاب اياز جي ”هٿن جي حاصلات“ آهي. اياز
جي تشريح اياز جا هي خط آهن.
_محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد
25_ ڊسمبر 1963ع
جل جل مشعل جل جل!
..... جنهن شعر کي شاعر هيئن چئي پيش ڪري رهيو هجي ته:
گوريءَ گجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟
گهر گهر گهنگرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!
_ ان جي پيشبنديءَ طور، آءُ سمجھان ٿو ته وڌيڪ ڪنهن فوري ڳالهه
جي چوڻ جي گنجائش ڪانهي. بهرحال، هڪ ته شاعر جي
مرضي اِها آهي، ۽ ٻيو ته سنڌي ادب جي هِن نئين
انقلاب آفرين قدم ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ جو شرف
حاصل هجيم، تنهنڪري هن موقعي تي، هڪ ڀيرو وري به،
هيءُ پاڻ اڳي ڪرڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان. سچ پچ
ته اياز جي هن تازي شعر جي مهاڳ جا هي ٻه لفظ
لکندي، جو فخر ۽ جا خوشي مون کي ٿئي ٿي، تنهن جو
آءُ بيان نٿو ڪري سگهان.
اياز جي هِن ڪلام جي هڪ غزل جو شعر آهي ته:
ماڱرِ ساري ٽانگر_ واس، لوئِي ناهه مڇيءَ جي لِيءَ!
_مون کي پڪ آهي ته اسان جي ادب شناس پڙهندڙن کي اياز جي هيءَ
شاعري اُنهيءَ معيار تي پوري نظر ايندي. اڄ روس جي
انقلابي شاعر ماياڪووسڪيءَ وانگر، اياز جو ٻڌندڙ
اياز جو عوام آهي. اياز جون علامتون به اُهي آهن
جن سان هن جو عوام چڱيءَ طرح آشنا آهي. اُنهن
علامتن وسيلي هُن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو اظهار
ڪيو آهي، جنهن جدوجهد ۾ سندس ٻڌندڙ سنڌ جو سمورو
عوام اڄ مصروف آهي. اياز جي ٻولي به عوام جي ٻولي
آهي. ۽ ان ٻوليءَ ۾ هن پنهنجي ماضيءَ جي روايت ۽
مستقبل جي تصور جو اظهار ڪيتريءَ بيساختگيءَ سان
آندو آهي، تنهن جو اندازو سندس باذوق پڙهندڙ خود
ڪري سگهن ٿا. اردوءَ جي عظيم شاعر فيض اهمد ”فيض“
جي شاعري عوام جي باري ۾ ته آهي، پر پوري جي پوري
عوام لاءِ نه آهي. اها گهڻي قدر فقط وچئين ۽ مٿئين
طبقي جي سمجھڻ جي آهي_ ڇو ته ان جون علامتون ۽
زبان عوامي نه آهن. انقلابي شاعريءَ لاءِ عوامي
روايتن ۽ عوامي زبان سان رابطو ضروري آهي.
اياز جي شعر جي فني عظمت تي علمي طور ڪي ڄاڻو ئي لکي سگهن ٿا.
عام طرح جڏهن ڪنهن شاعر جو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي،
تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو لفظ يا ڪو اکر گهٽ_ وڌ يا آجوڳي
انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪدم اهو ذهن ۾ کٽڪندو
آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هرِيل ڪَن، آواز توڙي لفظن
جي تار مڪانَ، نئي ۽ ترنم ئي ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو،
جو انهن جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي اُن کان
ڪڏهن بچي وڃي. آءُ سمجھان ٿو ته ڪَنَ جي اِها
چُستي ۽ ٻُوجھ شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾
آيل آهي. _تنهنڪري ان کي ڪا خصوصي اهميت به ڪانه
ٿي ڏجي. پر شعر ۽ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان
لاءِ اهو ڪَن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽
پيڙهائتي هجڻ جي يڪ ٽڪ ڪسوٽي پڻ اِهو ئي ڪن_رسُ
آهي.
اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ
هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪانهي، ڇو ته
ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان
ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر
۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجھ ڌيان ڏيڻ ضروري
آهي. مثال طور اياز جي هِن نئين ڪلام جو هيءُ
تعارفي بيت وري پڙهي ڏسو:
گوريءَ گجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟
گهر گهر گھنگھرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!
نانگي اڄ نچي، داتا تنهنجي دُوار تي.
پهرين ڳالهه اوهين ڏسندا ته هِن بيت جي پهرينءَ سِٽ جي پهرئين
بند ۾ ”گوريءَ“ ۽ ٻئي بند ۾ ”چوريءَ“ لفظ هم قافيه
آهن جيڪي سِٽ جي اندر ترنم پيدا ڪن ٿا. ٻيو ته
پهرينءَ سٽ جي پهرين ٻن لفظن ’گوري‘ ۽ ’گجري‘ ۾
اکرن گ، ر ۽ ي جو تڪرار آهي. گ جو تڪرار پوئينءَ
سٽ جي ’نانگي‘ لفظ ۾ به آهي. پهرينءَ سٽ ۾ ڀيرا گ
۽ ٻيءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو گ ۽ چار ڀيرا ’گهه‘ اکر پڙهڻ
کان پوءِ، جنهن جو صوتي اثر لڳ ڀڳ ’گ‘ جهڙو ئي
آهي، جڏهن اهو آواز تحت الشعور ۾ ويهي ٿو وڃي، ته
پوئينءَ سٽ ۾ آيل ’گ‘ وري ان جي صوتي اثر
(soud effect)
کي اڀاري ٿو. ساڳيءَ ريت پهرينءَ سٽ جي لفظن ۾ چار
ڀيرا ر، ٻيءَ سٽ ۾ ٽي ڀيرا ر ۽ هڪ ڀيرو ڙ (جنهن جو
آواز به لڳ ڀڳ ساڳيو آهي) ۽ پوئينءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو
ڪم آندل آهي. پوري بيت ۾ نَو ڀيرا اهو ر جو تڪرار
ترنم پيدا ڪري ٿو. تجسس حرفيءَ لفظن جي پهرين اکرن
جو تڪرار ڪافي نه آهي. لفظن جا وچان ۽ پويان هم
آواز اکر شعر ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح
پهرينءَ سٽ ۾ ڇهه ڀيرا ي اکر آيل آهي ۽ ٻيءَ ۾ ٻه
ڀيرا ۽ ٽينءَ ۾ چار ڀيرا. سڄي بيت ۾ نَو ڀيرا ن
اکر اچي ٿو. ٽينءَ سٽ جي پوئين اڌ ۾ ٽي ڀيرا ت جو
آواز موجود آهي. حرفن جي اها ۽ ايتري سڄي تنجيس
شاعر طرفان ڪا شعوري ڪوشش نه آهي، ڇو ته ڪٿي به
آواز جي تاثر لاءِ معنيٰ کي قربان نه ڪيو ويندو
آهي_ اها شاعر جي سڄيءَ زندگيءَ جي رياض جو نتيجو
معلوم ٿئي ٿي. جرمن شاعر
Rilke
يا انگريزيءَ جي شاعرن
Dylon Thomas ۽
T.S.lliot
جي ڪنهن ڪنهن سٽ ۾ جيڪڏهن اهڙي بيساخته
Alliteration
اچي ٿي، ته مغربي نقاد خوشيءَ ۾ ماپيا نٿا سمائجن.
سنڌيءَ ۾ اها ڳالهه ڀٽائيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي نظر
اچي ٿي، _۽ اياز ڀٽائيءَ کي پنهنجو ادبي مرشد
ڪوٺيو آهي، اياز جي سڄي شعر ۾ حرفي تجنيس جي اِها
يڪتائي نظر ايندي.
تنهن کان پوءِ اياز جي شعر جي هيءَ خصوصيت به پنهنجي جاءِ تي اڄ
يڪتا آهي ته هن جي شعر ۾ (تقطيع وقت) ڪنهن به اکر
کي حذف ڪرڻو نٿو پوي، _توڙي جو انهن کي شعري صنعت
هيٺ حذف ڪرڻ جائز پڻ آهي. ڪم از ڪم مشرقي شاعريءَ
۾ اهڙو ڪو ورلي شاعر آهي، جنهن پنهنجي پوري ڪلام ۾
ڪيترائي اکر ائين حذف نه ڪيا هجن. اکر جي حذف ڪرڻ
ڪري نه فقط شعر جي رواني گهٽجي ٿي، پر ڇاڪاڻ ته
اُن کي صحيح پڙهڻ لاءِ شعر جي تقطيع وغيره جي
آشنائي ضروري آهي، تنهنڪري عوام شعر کي ائين نٿو
پڙهي سگهي، جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اياز جي پهرئين
شعري مجموعي ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ ڪٿي ڪٿي اکر حذف
ٿيل ڏسي سگهجن ٿا. پر ان کان پوءِ جي سندس ڪلام ۾
ڪٿي به اکر حذف نه ٿيو آهي.
اياز جي شاعري سنڌي ٻوليِءَ جو هڪ ڪرشمو آهي. ٻولين جا اهڙا
ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ٿيندا
آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور
جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن. سنڌي
ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا
شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن. هن سرزمين تي انساني عظمت
جي نئين انقلاب جي سج_ اُڀارَ جا اُهي به داعي آهن
۽ سڀ گڏجي ان جو سبب بنبا. اسان جي سنڌي شعر ۽
سنڌي ادب جو اڄ اِهوئي مقصد آهي: اسان جي هر
مادياتي ۽ روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج پڻ اڄ اِهوئي
آهي. اسان مان جيڪو به هن ڏس ۾ جيترو حصو وٺندو ۽
ان جي پورائيءَ جي جيتري ڪوشش ڪندو، اوترو هو
پنهنجي همعصر نسل ۽ آئنده نسلن جو معمار ۽ محسن
شمار ٿيندو، ۽ تاريخ ان جا اوترائي ڳڻ ڳائيندي_
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،
نـــــوان نـــــوان متـــــــوالا ايندا هڻنـــــدا تن جي هــــام! (اياز)
اياز جو هيءُ نئون ڪلام پڙهندڙن جي اڳيان آهي_ اسان جي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ آهي، ۽ اسان جي پنهنجي تقدير جو داستان
آهي، ۽ اُن جي مُنهن تان نقاب هٽائي، اُن جي
حسناڪي به اهو اسان کي ڏيکاري ٿو. ڪابه چڱي ڳالهه
اهڙي ڪانهي. جنهن جو ڪو دشمن نه هجي. اڳي وانگر،
هاڻي به پڪ آهي ته اياز جو هيءُ ڪلام ڪِن کي
چيڙائيندو. پر حضرت سچل سرمست رحه جي چوڻ موجب:
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي!
ڪوڙيءَ دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي!
_سچ چوڻ وارا سچ چوندا رهندا، ۽ سختيون سهندا رهندا، ڇو ته هو
ڄاڻن ٿا ته ڪوڙ ترار کان ايترو ڪونه ٿو ڊڄي جيترو
قلم کان_ ۽ زبان قلم کان به طاقتور آهي: ۽ ڪوڙ
ڪيرائڻو آهي، ته قلم ۽ زبان کي وارو وار هڻبو
هلائبو ئي رهبو.
آگسٽ 1966ع ۾ اياز سان گڏ ٻه چار دوست ٿر گهمڻ ويا هئاسين. ڪجھ
مينهن وسيا هئا، پر نه جهڙا. ٿر جي مارن کي پنهنجا
پنهنجا رُڃائتا کيت کيڙيندي ۽ ’همرچا‘ ڳائيندي،
ڏٺوسين ۽ ٻڌوسين. ٿر جي مورن جون رڙيون به ڪٿي ڪٿي
ٻڌيونسين، جن مينهن کي پئي سڏ ڪيا، ۽ ٿر جي مارن
جو اُڃايل دليون اُنهن کي ڪَنائي بهار بهار پئي
ٿيون. ٿر پارڪر ۽ ڪارونجھر کان ٿي موٽياسين، ته
لاڙ ۾ نَند جي ڦٽل ڪوٽ ۽ رڙيءَ جي ڀڙڀانگ ميدان کي
ڏٺوسين، ۽ اُتان ڦِري مڪليءَ تي سنڌ جي عظمت کي
پٿر تي اُڪريل ڏسي، تماچي تڙ_ ڄام جي ڪينجھر، جا
هاڻي ڦري ’ڪلري‘·
ٿي پيل آهي، تنهن جي ڪناري تي نماڻيءَ نوري جي
پونيرن، گندَرَن غريبن، وٽ رات رهياسين. جن پنهنجي
ڪسمپرسيءَ جا سڄي رات دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا؛
جتي وياسين اُتي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن پنهنجا
اوراڻا اوريا ۽ اُهي اسان ڏينهن رات ۽ صبح شام
ٻڌا. شاعر جي دل تي انهن جي ڳالهين ۽ ڳاراڻن جا
ڪهڙا گهاوَ ٿيا، اُن جو اندازو اسان کي پوءِ ٿيو،
جڏهن اياز جي ڳهيلي ڪَوتا، پنهنجا وار ڳُنڌي ۽ چري
بنجي، ڀريل دل ۽ اڌميل آواز ۾ اسان جي اڳيان آڻي ۽
ٻئي مهيني جي رسالن ۾ هيءُ سندس پهريون غزل ڇپيو:
نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا!
آسارا آسارا، ڪِنجھر جا ڪنارا!
...........
اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ايئن سمجھين، مئا مور سارا!
...........
اڙي هِي اُمارا! مئي ناهه مڪلي،
”اياز“ اڄ وتاسي، پٿر جا پنارا!
اياز جي شعر جي هيءَ موتين مُٺ، جا هتي ”جَل‘ جَل‘ مشعل، جَل‘
جَل‘“ جي نالي سان پيش ٿي رهي آهي، سا سرزمين سنڌ
جي اِنهيءَ ٿر ۽ لاڙ جي ياترا کان پوءِ جي ميڙيل
آهي، ادب شناس پڙهندڙن کي ان ۾ ٿر ۽ لاڙ جو وڙاءُ
۽ وَرن وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو. ڏسجي ته پهڻ ۽ پارس جا
پارکو هِن جو ڪهڙو ٿا مُلهه ڪٿين!
_محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد، 2 مئي 1967ع.
«
هي گيت اُڃايل مورن جا
...ڏهه مهينا ٿيا ته ”جل جل مشعل جل جل!“ جا سدا ملوڪ ۽ روح ۾
اَمر جوت جاڳائيندڙ گيت شايع ٿيا. اُهو اپريل جو
مهينو هو. ٻه مهينا پوءِ، اُن سَٿ مان رهجي ويل ٻه
وايون_ ”پنهنجي رت ۾ ريٽو جھنڊو، اُڀ تائين
جھوليندو،_ اهڙو ڏينهن به ايندو!، ۽ ”هَيءِ هَيءِ
ڪونج نه مار،_ اڙي اَهيڙي!“ ۽ ٻه غزل_ ”وسڻو آهي،
هانءُ نه لاهه،_ ڇورا، ٻج ٻه ٽي ڪي ڇٽ!“ ۽ ”ڪهڙيءَ
کوههَ_ کنئيءَ جي لاءِ، تون هي ڪيرائين ٿو ڪوٽ؟،
”روح رهاڻ“ جي جولاءِ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيا.
اُن کان پوءِ، ”اياز“ اسان کي ٽي ’لوڪ گيت‘ ”ڏيههُ
نه اَيئي منهنجو ڏانءِ!“، ”انبڙيون ڳول نه ڇورا،
ڏينهن تتي ۾!“ ۽ ”اوءِ ڪَجَري گُجر، پير هوريان ته
ڌر!“ ۽ ٻه گيت_ هڪڙو ناچ ڌن تي رچيل، ”پريت پرينءَ
جي پايل پايل، آيل آيل!_ گهايل گهايل_ منهنجا
پير!“ ۽ ٻيو ”هيءُ ويچاري ڪير؟ پنهنجي! ڌاري! ڪير؟
هيءَ پاڻياري ڪير؟“ ۽ ٽي وايون_ ”لالي نيٺ ته لهڻي
آهي!_ هَيءِ هَيءِ مينديءَ ٻوٽو ڙي!_ هاءِ جواني
جھوٽو ڙي!“، ”منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو تو کان سندر
ڦول، موتيا!“ ۽ ”مانجھاندي جاماڳ سوين، پر منهنجو
پنڌ پري!“ ۽ ٻه غزل_ ”ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن
چيو، پر وائي سڀ کي وات هئي!“ ۽ ”چارڻ سو جو چنگ
سوا، لاهي سڀ لاڳاپا لڳ!“ ۽ ٻه نظم_ ”منهنجي ڪوتا
جاپَ جُڳن جا،_ اڻ ڳاتل اَلاپ جُڳن جا“ ۽ ”تون مان
دور نه آهيون پيارا!_ توکي مون کي روز ملائي،
سنڌوءَ جو سپنو!“ ۽ آخر ۾ ٻه بنهه ننڊ مان جاڳائڻ
۽ هانوَ ۾ هُرڻ واريون لوليون_ ”شال دولهه ٿئين!_
شال دودو ٿئين_ شال سورهيه ٿئين! سنڌ تي سر ڏئين!_
لوليون! او ابا!_ لوليون!“ ۽ ”لولي لال! جيئين
شال!_ جيئي سنڌ، تنهنجي سنڌ!_ جيئي جند، تنهنجي
جند! لولي لال!“_ اِهي سڀ اُجرا اُجرا، املهه گيت
اسان جي شاعر هِنن ڏهن مهين ۾ اسان کي ڏنا آهن. اڄ
اسان جي سامهون اياز جا ”هي گيت اڃايل مورن جا“
موجود آهن. ڪل 47 گيت آهن. ۽ ڪيڏا نه مند ماس جا،
رسيل ۽ رسيلا آهن هي سڀئي گيت! هيتري مختصر عرصي ۾
ڪو جوهري هيترا موتين جا ٿالهه ڀري آڻي اسان جي
آڏو رکي، ۽ پوءِ اسان کان فقط انهن جي سڃاڻڻ ۽
سانڍڻ جو دام گهري_ ته اسين پاڻ کي ڪيترو نه خوش
نصيب سمجھي سگهون ٿا.
اياز پنهنجي شاعريءَ متعلق لکندي·،
پاڻ کي هڪڙي اهڙي موتين جي ميڙيندڙ ٽوٻي سان
مشابهت ڏني آهي، ” جو جڏهن ٽٻي هڻي، مٺ ڀري،
مٿاڇري تي ايندو آهي، تڏهن هن جون اکيون پاڻيءَ ۽
مٽيءَ سان ايترو ته لڙاٽيل هونديون آهن، جو هن کي
ٻيءَ ٽٻيءَ لاءِ ڪافي ساهي پٽڻي پوندي آهي،“
پنهنجيءَ شاعريءَ کي هُن هڪ چڙهندڙ وير سان پڻ
ڀيٽيو آهي*، جا جڏهن لهندي آهي ته پوئتان ”فقط سڪل
ٺوٺ پهاڙيون ڇڏي ويندي آهي.“ شعر جي آمد، يا لفظي
پيراهن ۾ اجھل ۽ اَمُل خيالن ۽ جذبن جي ٻڌجڻ،
متعلق لکندي، شاعر جي ”تحت الشعور جي هيجان“ کي
گهاٽن جھنگن ۾ شڪار ڪندڙ وحشي آفريڪين جي دهلن
سان ڀيٽيو اٿس، جن جي ”هل هلاچي تي شڪار هيڏاهن
هوڏاهن ڀڄي، آخر انهن جي ڄار ۾ اٽڪي ڦاسي ويندا
آهن، ۽ پوءِ دهل جو آواز ڍرو ٿيندو ويندو آهي ۽
نيٺ ان جي جهيڻي جهانءِ پاتار ۾ پيهي ويندي آهي؛ ۽
جيستائين اهو شڪار ونڊيو ورهائبو نه آهي ۽ وري
آهيڙين جا آنڊا بک ۾ وٽبا نه آهن، تيستائين اُهي
دهل ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن.“ اياز هن سلسلي ۾ شاعر جي
خودمحويت کي بت تراش جي جنون سان پڻ ڀيٽيو آهي*،
جنهن جا هٿ ”ڇيڻيءَ تي زبرا ڌڪ هڻي، لهولهان ٿي
پوندا آهن،_ ۽ وري پٿر ۾ پيهي، ٻيءَ مورتيءَ کي
ڇڪي اچڻ لاءِ انهن چٿيل چچريل هٿن کي ڪجھ آرام جي
ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ”ست سال اڳي پڻ هڪ خط ۾
اياز فنڪار جي تخليقي جذبي جي انهيءَ وِير ۽ آلڙ،
هُل هلاچي ۽ ماٺ، پالوٽ ۽ ٺوٺ سو ڪهڙي جي ڪيفيت جو
ذڪر ڪندي·،
پنهنجي شاعريءَ جي ڏات کي ”بيوفا سريت“ ڪوٺيو هو،
جيڪا ”مون کي هميشه ڇڏي ويئي آهي!“ ۽ ٻه سال پوءِ
جڏهن اها ”بيوفا سريت“ هڪ ڀيرو وري وٽس موٽي آئي
هئي ۽ کيس جاڳايو هئائين، تڏهن ائين ٿي لڳو ته
”لکڻ وقت، هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل
هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر
مدمستيءَ واري خوشبوءِ ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع
جلندي رهي، ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال
کنڀڙاٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي
رهيا هئا!“
”جل جل مشعل جل جل“ جي پالوٽ کان پوءِ، ائين، وچ وچ ۾، ڪو ڪو
شعر تخليق ٿيندو رهيو، نه ته شاعر جي دل جو ساگر
سانت ۾ رهيو. پڇاڙيءَ ۾ ”هي گيت اڃايل مورن جا“
جبل تان لهندڙ ڪنهن مست نئن وانگر، سڀ جا سڀ، اٺن
ڏهن ڏينهن ۾ جڙي راس ٿيا، جن جي رواني ۽ موج مون
تقريباً هر روز ڏٺي ۽ جن جو مدمست آواز مون هر روز
ٻڌو. اها منهنجي مخالفن جي مون سان مهر ٿي، جو
بيمار سنڌ جي پيرانديءَ کان اٿاري ان جي سيرانديءَ
کان ويهڻ جو شرف ڏنائون·،
۽ ائين ٻيهر، عمر جي پوئين دور ۾، سنڌ جي هن اجھل
۽ امر آواز، منهنجي ماکيءَ کان مٺي ۽ موتين کان
املهه دوست جي ايڏي قريب رهڻ جو وجھ مليم.
هڪ ڀيري، منهنجي هڪ ٻئي پياري دوست ۽ رفيق، محترم گرامي صاحب
ويٺي ويٺي، شاعريءَ جي ڪرشمه آرائيءَ متعلق حيرت
جو اظهار ڪندي، چيو ته ’هي آخر ڪهڙو اسرار آهي‘ جو
صدين کان وٺي، سوين بلڪه هزارين شاعر محبوب جي حسن
۽ عشق جي هڪ ئي موضوع تي ايترين ٻولين ۾، ايترا
نئين کان نوان خيال، ۽ اتري نئين کان نئين انداز
۾، چئي ٿا سگهن!‘ شعر ۽ شاعريءَ جو هيءُ اسرار
واقعي حيرتناڪ آهي. محبوب ۽ ان جو حسن ۽ انساني دل
۾ عشق جو اڌمو_ اِهي زمان ۽ مڪان سان واسطو رکندي
به زمان ۽ مڪان کان آجا ۽ اوچا، سوچ جي دام ۾ ڪڏهن
به نه ڦاسڻ جهڙا گهڻ_روپي ۽ گهڻ_ رنگي ڪرشما آهن.
۽ شاعر جي انوکي ڏات اُنهن جي انهيءَ پهچ کان ٻاهر
سراب ۾ جذب ٿي، جو ڪجھ اسان کي ڏئي ٿي، اهو نئين
کان نئون آهي ۽ ان جي حيرتناڪي اسان جي عقل ۽
احساس کي عاجز ڪيو ڇڏي. هن مجموعي ۾، اياز جا ٻه
گيت_ ”ڇا ڇا نه سمندر سرجي!“ ۽ ”پهريون پهريون لفظ
خدا جو ’ڪُن فيڪُون‘“ شاعر جي انهيءَ تخليقي هيجان
۽ شاعريءَ جي انهيءَ پراسرار ڪرشمه آرائيءَ تي ڪجھ
روشني وجھن ٿا.
بهرحال، شاعري جي ’تحت الشعور جو هيجان‘، جيڪو هن جي شعري تخليق
جو فوري باعث بنجي ٿو، سو ڪو بي سبب ۽ ڪنهن سماجي
خلا ۾ ڪونه ٿو پيدا ٿئي. شاعر پنهنجي سماج سان
واڳيل انسان آهي،_ ماضيءَ سان هن جو ڳانڍاپو ۽
مستقبل ڏانهن هن جي ذميداري ئي هن کي حال جي فرض
شناسيءَ ۽ فرض ادائيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي ۽ ان
ڏانهن آماده ڪري ٿي. تخليقي ڪيفيت ۾، شاعر جي ڏات
جي اظهار لاءِ ”گذريل واقعات، رکيل انگوري شراب
وانگر، مدمستيءَ واري خوشبوءِ“ جو ڪم ڏين ٿا. ”هي
گيت اڃايل مورن جا“ تخليق ٿيا، انهن جو سبب، انهن
جو مواد ۽ پس منظر پنهنجي ديس ۽ ٻاهرئين عالم جا
اهي دک ۽ پيڙا جا واقعا ئي معلوم ٿيندا، جيڪي گهڻي
زماني جا پراڻا به آهن ۽ هلندڙ وقت جا تازا پڻ
آهن. پنهنجي ديس ۾ توڙي ٻاهر، اڳي ۽ هاڻي هن ٿوري
وقت ۾، جو ڪجھ گذريو آهي، ۽ گذري رهيو آهي، اهو
ڪنهن کان ڳجھو نه آهي. فردن کان قومن تائين جيترو
ڪو هيڻو ٿي رهيو آهي، اوترو اُن سَٺو آهي. سنڌ ۾
اسين رهون ٿا ۽ دنيا جي بساط اسان جي اڳيان موجود
آهي. آزاديءَ جي راهه ۾ ويٽام جي بي مثل قوم جا بي
مثال ڪارناما هنن ڏهن مهينن ۾ پنهنجي معجزه نما حد
کي پهتا. هن ئي عرصي ۾ عالمي انقلاب جو شيردل
سرويچ، چي گئويرا، شهيد ٿيو. هابيل ۽ قابيل، بابل
جو شهر، دهليءَ جو سرمد شهيد، جھانسيءَ جي راڻيءَ
جو لاش، ٽيپوءَ جو ڪنڌ، مسدس حالي، شو جو ڪوڙو
ناچ، ڦاسي گهاٽ، ڪار مان لهندڙ نازنين، مزدور جو
ٻار، ورديءَ وارا بوٽ، ’جيل جو بلئڪ آئوٽ‘ جنهن ۾:
بمباريءَ جو ڀو کان بجلي
آهي روز وسائي ويندي،
پر هو چوڏهينءَ چنڊ کڙيو آ
(رات ته ناهي ڏينهن ڏٺو آ)
اُن کي ڇو نه وسائي ٿو ڪو؟
اُن کي ڪير وسائي سگهندو!
_ هي ۽ ٻيا سڀ اهڙا واقعا، جن جا بيان ”هي گيت اڃايل مورن جا“
آهن_ اِهي اسان جي پنهنجي انساني زندگيءَ جي
لاڳيتي ۽ اکٽ داستان جا ئي واقعا آهن. انهن ۾ ڪهڙا
وقتي اهميت جا آهن ۽ ڪهڙا دائمي اهميت جا_ ان جو
فيصلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! فن جو بهرحال ڪمال هيءُ
آهي ته اُهو وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ۽ ان ۾
دائمي ۽ امرتا جو روح پڻ برقرار هجي. سماجي ڪارج
جي ڀرپور ادائگي فقط اهڙي پد تي پهتل فنڪار ۽ ان
جو فن ئي سر انجام ڏيئي سگهي ٿو. اياز جي هر شعر ۾
انهيءَ قسم جي تاريخي ۽ سياسي ذمه برداريءَ جو
احساس موجود ملي ٿو.
هيءُ ذمه براداري، جيڪا هر سچي فن جي تخليق لاءِ لازمي ۽ بنيادي
شرط آهي، شاعر يا اديب محض وعظ ۽ نعريبازيءَ سان
پوري ڪري ڪونه سگهندو. ان لاءِ هن کي فن جي اثر
آفرينيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. چونڊ ٻولي، تشبيهه ۽
استعارو، علامت ۽ تمثيل ان اثر آفرينيءَ جا آزمايل
وسيلا آهن، جيڪي شاعر کي استعمال ڪرڻا پون ٿا.
اياز جي ٻوليءَ ۾ اِنهيءَ سلسلي جو نيون ترڪيبون
بيشمار آهن_ هنن ئي گيتن ۾ اوهان کي آواڪ اُڃ، ڪنٺ
ڪٺورن جا، سپني ول، تارونءَ ۾ تلوارون، آنڌيءَ ۾
آکيرا، ڌرتيءَ تي دستارون، ڇپر مان ڇاٽ، آکيري جي
اوٽ، ڏر جو ڏڍ، ڏاڍ جي آڍ، چنگ جي چڻنگ، گلابي
گهڙيون، ماڪ مهل، لهوءَ جي ندي، گهنڊ گناهن جا، ۽
ٻيون اهڙيون ڪيئي ترڪيبون ملنديون، جن مان اڪثر،
پنهنجي اصطلاحي مفهوم توڙي علامتي مقصد ۾، شاعر
پهريون ڀيرو استعمال ڪيون آهن. مثلاً ”تارونءَ ۾
تلوارون“ جي ترڪيب (”سرمد ڇاٿو سوچي“ واري گيت ۾)
فتويٰ بازَ مُلن جي زبانن لاءِ ڪم آيل آهي؛ زبانن
جي تلوارن سان تشبيهه ڏيئي (تلوار جو وڍ ڇٽي وڃي،
زبان جو وڍ نه چٽي_) ۽ انهن جي چوٽين کي تارونءَ ۾
کتل چئي، متعصب ملن جي انهيءَ پريشانيءَ ۽ حيرت کي
ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين سرمد تڏهن به وڌو
هو، ۽ هاڻي به هو آهن، ۽ هو تارونءَ ۾ تلوارون
لڳايو، سوچ ورتا ويٺا آهن ته سرمد تي آخر ڪهڙي، ۽
ڪيئن ڪا يڪ تُڪائي فتويٰ ڪڍي وڃي. فن جي ڪمال جو
هيءُ گيت هڪ عجيب مثال آهي. هن سڄي گيت ۾، تاريخ
جي ان ڀيانڪ ۽ روح مٺ ۾ آڻيندڙ گهڙيءَ کي، صديون
گذريل وقت جي پاتال مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، هڪ
بت تراش يا رنگن جي چترڪار وانگر، اهڙي دائميت
ڏني ويئي آهي، جو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ
اُها هوبهو اڄ به اسان جي آڏو بيٺي آهي.
هونئن به، هر دور جو حقيقي شاعر پنهنجي مضطرب روح جي اظهار ۽
پنهنجي انقلاب آفرين پيغام جي بيان لاءِ پنهنجي
جدا ٻولي پيدا ڪندو آهي، ان ٻوليءَ ۾ هن جي سڃاڻپ
هوندي آهي. هن جو هر لفظ ۽ سٽ درسني هوندي آهي،
جنهن ۾ هن جي شخصيت جي جھلڪ ڏسبي آهي. ٻيا شاعر
هن جي ٻولي استعمال ڪري سگهن ٿا، پر اها انهن جي
ٻولي ٿي نٿي سگهي، دراصل، ٻين همعصر ۽ پوءِ ايندڙ
شاعرن جي اهڙيءَ پيروءَ ڪاريءَ سان ئي اُن اڳواڻ
شاعر جي ٻولي مقبول عام ٿيندي آهي، ۽ قومي ٻوليءَ
جي لفظي، اصطلاحي، ترڪيبي ۽ علامتي ذخيري جو حصو
بنجي. ان جي اظهاري صلاحيت جي اڀرڻ جو سبب بنبي
آهي.
اياز جي ٻولي خاص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي
خالص موڙي آهي. وس پڄندي، هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو:
”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڪجھ اوائلي نظمن ۽ غزلن کان
سواءِ هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنهنجي ٻولي ڪم آيل
آهي. سنئين سڌي ۽ سادي ٻوليءَ سان گڏ شعري رواني ۽
ميٺاج، جيڪو هن جي ڪلام ۾ موجود آهي، ۽ شعري خيالن
۽ صورتن لاءِ عام سنڌي ماحول جو استعمال، جيڪو هو
بار بار ۽ هر موقعي تي ڪري ٿو، اُن مان هن جي شعر
۾ بنهه موسيقيءَ جي پنهنجائپ، سادگي ۽ معصوميت
پيدا ٿئي ٿي_ ايتري قدر، جو ٻڌڻ سان ڪلام جي فڪري
مواد ڏانهن پهرئين ڀيري ڌيان ئي نٿو وڃي، حقيقت ۾
هر فن جو ڪمال پڻ ان جي اُها معصوميت، سادگي ۽
پنهنجائپ آهي_ اُها سادگي ۽ معصوميت جا ساڳئي وقت
بي انتها پيچيده جذبات ۽ گهريءَ فڪري ولوڙ جو
اظهارٿئي ٿي، ۽ اُها پنهنجائپ، جنهن کي پڙهڻ سان
ائين سمجھبو ۽ ائين دل ٿيندي ته اهڙو شعر آءُ به
ٺاهي سگهندس ۽ اجھو ٺاهي وٺان!
شاعر جي ٻوليءَ جو خاص حصو اهي علامتون پڻ آهن، جيڪي هو پنهنجي
مقصد جي ادائگيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو. غزل جي شاعريءَ
جون علامتون_ ساقي ۽ ميخانو، گل ۽ بلبل، شمع ۽
پروانو وغيره، حسن و عشق ۽ تصوف جي ڪيفيتن کان
سواءِ هاڻي سياسي ۽ سماجي خيالن جي اظهار لاءِ پڻ
ڪم آنديون وڃن ٿيون. سنڌي ڪلاسيقي شاعريءَ جون
علامتون_ چانگو، ڪانگ، ائٽ، سامونڊي، چارڻ، ٽوٻو،
کاهوڙي، جوڳي، وڻجارو وغيره، ۽ سنڌ جي روماني
داستانن جا سڀ ڪردار، واقعا ۽ حالتون به عشقيه ۽
تصوف جي مضمونن کان علاوه هاڻي سياسي فڪر جي
ترجمانيءَ لاءِ ڪم اچن ٿيون (۽ انهن کي ائين سماجي
۽ سياسي فڪر جي اظهار لاءِ علامت طور ڪم آڻڻ به
اياز جو پهريون ۽ مکيه هٿ رهيو آهي). پر، تاريخ ۽
سياست جي هڪ ذمه بردار شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجي
فڪري اظهار لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ سموري
مروج اصطلاحي، تشبيهي ۽ علامتي ذخيري ۾ اياز ڪافي
اضافا ڪيا آهن_ مثلاً آرائين، ڄر، اڃ، آهيڙي، مڌ
ماتا، ناگاساڪي، ڀنڀٽ، سپنو، ماڪ، مور، نڙ، گوري،
گجري، پلر پيئڻ، ٻاٽ، راڳي، سَرُ (تلاءُ)، ڇَرَ،
ڪارونجھر، ڪينجھر، اروڙ، اَمارو_ اهي ۽ ٻيا اهڙا
ڪيئي لفظ ۽ نالا اياز پنهنجي قومي ۽ بين القوامي
پيغام جي اظهار لاءِ علامتي انداز ۾ ڪم آندا آهن.
اهي سڀ علامتون ٺيٺ سنڌي آهن، جيڪي هن پهريون ڀيرو
ڪم آنديون آهن. هر اهڙي علامتي ڪارج جي ظاهر ڪرڻ
لاءِ، هن جي شعر ۾ ڪنهن اهڙي رعايت جو اهتمام
موجود رهي ٿو، جنهن سان اهو لفظ پنهنجي معمولي
حيثيت مان ڦري علامتي حيثيت جو حامل بنجي وڃي ٿو_
مثلاً، ”او آرائين!“ واري گيت جو هيءُ بند_
”او آرائين!
تنهنجيءَ جھوليءَ ڪهڙا گل؟“
”دوها،سائين!
_پيار لٽايا جيڪي پَل“
گيت جي هن بند ۾ ”دوها“ لفظ آڻي، ان جي رعايت سان ”آرائين“ کي
شاعر، انقلابي مفڪر ۽ مبلغ جو درجو ڏنو ويو آهي؛ ۽
ان کان پوءِ سڄي گيت ۾ جيڪي ٻيا اهڙا لفظ ڪم آيا،
مثلاً ”سرءُ“، ”ڳاڙها گل“، وغيره، اُن پهرينءَ
مرڪزي رعايت سان، پنهنجي پنهنجي علامتي حيثيت ۾
پڙهندڙ جي ذهن ۾ ازخود اڀري اچن ٿا.
گيتن جي هن مجموعي جو نالو_ ”هي گيت اڃايل مورن جا“_ خود علامتي
اهميت رکي ٿو. ”گيت“ دانهن، فرياد يا سڏ جي علامت
آهي؛ ”مور“ وطن دوست انقلابيءَ جي علامت آهي؛ ۽
مور جي ”اڃ“ کي آزاديءَ ۽ انقلاب جي پياس يا خواهش
چئي سگهجي ٿو، ۽ ڇاڪاڻ ته هي گيت سنڌي ٻوليءَ ۾
آهن، ۽ سنڌ جي شاعر پنهنجي وطن جي بيوسيءَ ۽
مجبوريءَ جي پس منظر ۾ چيا آهن، تنهنڪري هي گويا
سنڌ جي وطن دوست انقلابين جا آزاديءَ ۽ انقلاب
لاءِ فرياد يا سڏ آهن. هي گيت پنهنجي علامتي مفهوم
سان وقتي ۽ مقامي اهميت کانسواءِ دائمي ۽ عالمي
اهميت پڻ رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جن انساني اعليٰ قدرن
جا اُهي حامل آهن، اهي قدر زمان ۽ مڪان جي حد کان
بالاتر آهن، اياز جي فن جي عظمت انهيءَ ۾ ئي آهي،
جو سندس شاعرانه علامتون نه فقط پنهنجي معاشري ۽
حالت جي تصويرڪشي ڪن ٿيون، بلڪ انهن مان سندس
پڙهندڙ ساريءَ انسان ذات جي تاريخ ۽ تقدير جي جھلڪ
پڻ ڏسي وٺن ٿا. اياز جو هيٺيون ننڍڙو گيت انهيءَ
سلسلي ۾ خاص ڌيان لهڻي_
ڪتا ڀؤنڪن
ڀاڳياڀؤنڪن
چور به ڀؤنڪن ٿا!
ڪيڏي آ اوناڙ هوا ۾!
هر هر هيئين ڦاڙ هوا ۾!
جارا ڇرڪن
چارا ڇرڪن
تارا ڇرڪن ٿا!
ڪير اويرو آيو آهي؟
هن وستيءَ ۾ ڇاٿو چاهي؟
ڪتا_ ڏاڍ جا غلام ۽ چاري؛ ڀاڳيا_ عوام؛ ۽ چور_ ڏاڍ جا ڌڻي،
جارا_ آزاديءَ علم (هوا ۽ روشنيءَ) جا وسيلا
(اخبارون، ڪتاب، تعليم گاهه وغيره): ڄارا_سياسي
(قومي) جدوجهد جا رستا (آيني ۽ غير آئيني)؛ ۽
تارا_ عظيم مقصد، اوچا آدرش. لفظ ”ڀؤنڪڻ“ ٽي ڀيرا
ڪم آيو آهي ۽ ٽيئي ڀيرا ان جي اصطلاحي معنيٰ مختلف
آهي_ ڪتن جو ڀؤنڪڻ ڀؤنڪڻ ئي آهي؛ ڀاڳين جو ڀؤنڪڻ
معنيٰ انهن جو، آزاديءَ ۽ انصاف جي حقن لاءِ،
بيسود رڙڻ، يا انهن مان ڪن جو خود ڏاڍن سان ملي،
حق جي آواز جي خلاف دانهڻ؛ ۽ چورن جو ڀؤنڪڻ معنيٰ
سچ کي لڪائڻ، ٺڳڻ ۽ هيسائڻ لاءِ ڪوڙي پروپينگڊا
ڪرڻ، چارا ۽ تارا ٽي ئي ڇرڪن ٿا (تفرقي ۽ تحريڪ ۾
اچن ٿا)، پر ٽنهي جو ڇرڪڻ الڳ الڳ سبب کان ۽ الڳ
الڳ نوعت جو آهي. اوناڙ_ هانءُ نپوڙيندڙ رڙ آهي،
جا رات جي سناٽي ۾ ڪنهن ماريل جانور تي ويهي، ڪو
اڪيلو بگهڙ ڪندو آهي، ۽ ”هر هر“ انهيءَ ڪري، جو
هڪڙي اوناڙ کان پوءِ ٻئي هنڌ ويٺل ٻيو بگهڙ ٻئي
ماريل جانور تي رڙي ٿو، ۽ ٽئين هنڌ تيون، ’عيره
”ڪير اويرو آيو آهي،_ هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟“
معنيٰ_ ’هن ديس ۾ هن مهل آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ
سڏيندڙ ڪو ته آيو آهي! اهو ڪير آهي، ۽ اهو ڇاٿو
گهري؟‘
’هي ننڍڙو گيت ٻهراڙيءِ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڪنهن به رات جو منظر چٽي
ٿو. رات جي سناٽي ۾، ستي لوڪ، ان ۾ ڪو خير جو
گهورو شخص لنگهي آيو آهي، ۽ هڪدم رڙو رڙ ۽ سڏو سڏ
پئجي ويئي آهي! هن، تقريباً هر روز واقع ٿيندڙ،
صورتحال کي سڄي جو سڄو علامتي طور پنهنجي ملڪ،
ڪنهن به ملڪ، بلڪ دنيا جي موجوده توڙي آئنده واقع
ٿيندڙ ڪنهن به فسطائي ظالمانه دور جي بيان لاءِ ڪم
آندو ويو آهي، ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ جي ذهن کي
ڌونڌاڙي، ٻڌايو ويو آهي ته هو پاڻ ڳولي، سوچي ۽
سمجھي ته ههڙي هانءَ ٻوساٽيندڙ ماحول ۾ ڪير شخص يا
ڪهڙو فلسفو ۽ فڪر آهي، جو نجات ڏياريندڙ يا نجات
جي راهه ڏيکارينڙ آهي، ۽ اُهو هر ڪنهن کان ۽ خود
کانئس ڇاٿو چاهي!
اياز پنهنجي شعر جي فني هيئت تي پاڻ هڪ جدا تفصيلي مضمون لکي
رهيو آهي. هنن گيتن ۾ هڪ ٻن هنڌ حاشيي ۾ پڻ هُن
پنهنجي فن جي انهيءَ پهلوءَ ڏانهن اشارا ڏنا آهن·.
هن موضوع تي منهنجي پنهنجي ڄاڻ ڪا خاص ڪانهي، ۽ ان
سلسلي ۾ ڪجھ وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو سمجھان. بهرحال،
ايتري ڳالهه ته صاف آهي ته شعر جي ترنمي سانچن ۾
اياز اڪثر فارسي بحر وزن ۽ هندي ڇندن جو ملاپ ڪيو
آهي. مثلاً هي زير نظر سڀ گيت ماترائن جي حساب
سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحر وزن تي به انهن مان
اڪثر شعر ٺهي بيهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي
حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اهو ٿو ٿئي ته ان ۾
سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪونه ٿو
پوي،جيئن فارسي بحر وزن ۾ تقاضائن مطابق ڪرڻو
پوندو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙي جو امڪان
نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا
ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ هن شعري
هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنيادي طور قائم رکيو
آهي، بلڪ انهن کي اڳتي نيئي، اُنهن مان نوان شعري
ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن، مثال طور، هنن گيتن ۾
وائيءَ ۽ پڻ غزل جي نمونن کي ٿوريءَ ڦير گهير سان
نظم لاءِ ڪم آندو اٿس_ ”ڇا ڇا نه سمندر سرجي!“
وارو نظم غزل جي ڦير گهير، ۽ ”ڇڻندڙ پن، وڇوڙيل
يار،_ ڳالهه ته هڪڙي آهي!“ وارو نظم وائيءَ جي ڦير
گهير جا مثال چئي سگهجن ٿا.
هر فن جي اصلي ۽ آخري عظمت ان جي سچائي آهي. اياز کي ڪجھ چوڻو
آهي، ۽ هو چوي ٿو. هن جي شعر، جو هيترو چؤٻول پيدا
ڪيو آهي، ۽ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ايتري يڪتائي حاصل
ڪئي آهي. ان جو خاص سبب هن جي پنهنجي فڪر، پنهنجي
اندر جي آواز ۽ پنهنجي فن سان سچائي آهي، ۽ سچ جي
هوندي ماڻهوءَ جي ٻي هر لياقت، جنهن کي ڏات ٿو
سڏجي، ثانوي حيثيت وٺي ٿي بيهي_ سندس پنهنجي هڪ
گيت جو بند آهي ته:
”ڏات وڏي شيءِ ناهي،
”پر سچ وڏي شيءِ آهي_
”۽ جو سچ مچائي
”سو مچ وڏي شيءِ آهي!
_محمد ابراهيم جويو، جيڪب آياد 19_ 2_ 1968ع.
اُهو انسان، جو آزاد مَنش آهي ۽ پنهنجي اندر جي اُجھل آواز کي
ئي حق جي ڪسوٽي سمجھي ٿو ۽ پنهنجي عمل لاءِ آخري
فيصلي جو اختيار ڏئي ٿو، هر حالت ۾ ۽ هر گهڙيءَ
اهو ماڻهو دنيا کي پنهنجي ارادي جي آڏو جھڪائڻ جي
جدوجهد ۾ رُڌل رهي ٿو. ان راهه ۾ هيءُ جدوجهد ئي
اَهڙي ماڻهوءَ جي نيڪ نيت ۽ اعليٰ ارادي جي ضمانت
آهي. سرچاءُ ان ماڻهوءَ لاءِ خسيس سڌن ۽ ادنيٰ
ارادن اڳيان هار مڃڻ جي برابر آهي. هن جو پڪو ۽
اَٽل ويساهه جبل کي به هٽائي سگهي ٿو_ ”آڏو ٽڪر
ٽَر، متان روههَ رَتيون ٿئين!“ هن جو مٿو رتورت ئي
سهي، پر اُهو هميشه اُڀو ۽ اوچو رهي ٿو.
|