فڪر جي آزادي
منهنجا ڪافي ڪي پيارا دوست آهن، جن جو خيال آهي ته آءُ هي جي
ڪتاب ترجمو ڪريان ٿو، اهو وقت جو زيان آهي. آءُ
انهن سان انهيءَ خيال ۾ متفق نه آهيان،_ ۽ ان لاءِ
مون وٽ پختا دليل آهن.
پهرين ڳالهه ته طبعزاد يا اصلوڪو (Original)خيال،
جيڪڏهن فڪر دنيا ۾ اهڙي ڪا شيءَ آهي به ، ته اهي
جڏهن به ۽ جنهن کي به من ۾ ايندا آهن، تڏهن هو
اُهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو
آهي_ ٻيو نه، ته ڪنهن نه ڪنهن دوست دوستن سان
ڳالهين ٻولهين ۾ ۽ بحث مباحثي ۾ اُهي ٻڌائي ڇڏيندو
آهي. بلڪ ائين اُنهن کي ٻڌائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو
آهي. جيڪڏهن ڪي ٻڌائڻ جهڙا يا ظاهر ڪرڻ جهڙا
اصلوڪا خيال ڪنهن جي من ۾ اچن ٿا، ۽ هو اُهي نٿو
ظاهر ڪري، ته اهو ماڻهو ذهني طور سنئون سڌو يا
صحتمند نه چئي سگهبو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جا خيال
ڪيتري قدر ٻڌڻ ٻڌائڻ جهڙا ٿي به سگهن ٿا، ان جو
جواب پڌرو پيو آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن کي چوڻ ته
پنهنجا ’اصلوڪا‘ خيال دنيا کي ٻڌاءِ زبان يا لکيت
۾ يا ڪنهن ٻئي اظهاري وسيلي سان، آءُ سمجهان ٿو ته
ان جي ڪنهن صورت ۾ ڪا ضرورت ئي ڪٿي درپيش اچڻ نه
کپي.
ٻيو ته جيڪڏهن شوق يا گهرج اصلوڪن خيالن جي ئي آهي، ته اهي ته
ترجمي ۾ به موجود هوندا آهن_ منهنجا، يعني الف جا،
اصلوڪا خيال نه ته ڪتاب جي اصل مصنف جا، هروڀرو
ڪنهن کي ڪنهن خاص ماڻهوءَ جا اصلوڪا خيال ٻڌڻ ڇو
گهرجن! جيڪڏهن ڪو خاص مسئلو سامهون هجي، ۽ ان خاص
مسئلي متعلق معلوم هجي ته الف ئي ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ ب
نه، ته اُن صورت ۾ الف سان ملاقات _روبرو، خط پٽ
رستي، يا جيڪڏهن هن جي ڪا تصنيف يا لکيت ان مسئلي
بابت موجود آهي ته ان وسيلي _ آسانيءَ سان ٿي سگهي
ٿي. ورنه ترجمي ٿيل ڪتاب به سڄي جو سڄو اصلوڪن
خيالن سان ڀريو پيو آهي_ جيڪي هونئن ٻيءَ ٻوليءَ ۾
بيان ٿيل هئا. ۽ هاڻي ان مان کڻي ٻيءَ هڪ ٻوليءَ
۾، ۽ سڀ کان بهتر، پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، اسان جي
پڙهڻ لاءِ ۽ سمجهڻ لاءِ اسان جي اڳيان رکيا ويا
آهن. خيال ڪنهن جا آهن. اِن جا ويچار ڪرڻو ڪونهي.
پر خيال ڪهڙا آهن_ اصل ڳالهه ڳولڻ جي . سمجهڻ جي ۽
سوچڻ جي اها آهي.
ٽين ڳالهه ته خيال ڪڏهن به ڪو اصلي يا نقلي ڪونه ٿيندو آهي_
خيال صرف صحيح يا غلط ٿيندو آهي، فائدي وارو يا
نقصانڪار ٿيندو آهي، عملي يا غير عملي ٿيندو آهي_
سڀ کان وڌيڪ، قبولڻ جهڙو يا نه قبولڻا جهڙو ٿيندو
آهي ۽ ڪهو خيال قبوليو يا ڪيتري قدر قبوليو يا نه
قبوليو اُن جو مدار وري ذهن ۾ اڳ موجود خيال يا
خيال تي رهي ٿو. انهيءَ ڪري جيترا گهڻا چڱا ۽ چوکا
خيال ذهن ۾ هوندا، ايتري ماڻهوءَ جي صحيح يا غلط
خيال جي پرک تيز ٿيندي ۽ هو قبولڻ جهڙا وڌ ۾ وڌ
خيال قبوليندو ۽ ائين پنهنجي ذهن کي تيز کان تيز
تر ۽ سجاڳ رکي سگهندو.
خيال ’پنهنجو ‘ يا ’پرايو‘ به ڪونه ٿيندو آهي. فقط اُهي. جن کي
ڪا ڳالهه لڪائڻي يا مڙهڻي هوندي آهي. اُهي ’پراون‘
خيالن کان، يعني، اڄڪلهه ، خاص طرح مغربي خيالن
کان، مادي خيالن کان ، خود ’عقلي‘ خيالن کان
جهليندا ۽ روڪيندا آهن_ حالانڪ جن خيالن جي
قبولائڻ يا ’پنهنجي‘ ڪرڻ لاءِ اِهو سڄو اهتمام
هو ڪندا آهن، خود اُهي خيال به هُنن جا ’پراوا‘
هوندا آهن_ ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جا، ٻئي ڪنهن پاسي
جا، ٻئي ڪنهن ماحول ۽ پراڻي ڪنهن وقت جا.
چوٿين ڳالهه ته ڪوبه ٻُڌل يا پڙهيل خيال پنهنجي ٻوليءَ يا
پنهنجن لفظن ۾ جيئن جو تيئن، يعني جيئن اهو اصل هو
تيئن، ظاهر نٿو ڪري سگهجي. ذهن ۾ اڳ موجود خيال
اُن کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ ان تي پنهنجو ڪو خاص
رنگ يا ان جو ڪو پاڇو ضرور وجهي ٿو. اها انساني
فطرت آهي ته ڪوبه ڪم هو ڪري ٿو، ته اُن تي هو
ويچار به ڪندو هلي ٿو. يعني ان ۾ هو پنهنجو ذهن
وجهي ٿو. ان کي هو پسند ڪندو يا نه پسند ڪندو ۽
اُن جو تورتڪ به ڪندو هلي ٿو_ ۽ ائين ئي هو پنهنجي
ڪم کي سوڌي سنواري ۽ سهڻو بنائي سگهي ٿو. حسن جي
تخليق ائين ئي ٿئي ٿي. ۽ انهيءَ ڪري ڪوبه فنڪار
پنهنجيءَ ڪنهن تخليق کي ڪامل به نه سمجهندو آهي. ۽
سدائين هڪ کان وڌيڪ ٻيءَ کي بهتر بنائڻ چاهيندو
آهي ۽ اڪثر بنائي به سگهندو آهي. ساڳيءَ طرح هڪ
ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ خيالن کي آڻڻ سا. اُنهن
۾ هڪ قسم جي نواڻ. ترجمي جي چاشني، به اچي وڃي ٿي.
اِهوئي سبب آهي. جو خود اصل ٻوليءَ ۾ ڪنهن ڪتاب کي
پڙهڻ وارا اُن جي ترجمي کي به پڙهڻ چاهيندا آهن، ۽
اُن مان اُنهن کي هڪ جدا لطف حاصل ٿيندو آهي، اسين
شاهه جا شعر انگريزيءَ ۾ يا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ به
شوق سان پڙهندا آهيون. عمر خيام جي رباعين کي اصل
ٻوليءَ ۾ پڙهڻ وارا به اُن جي فز جيرالڊ واري
انگريزي ترجمي کي وري وري پيا پڙهندا ۽ اُن مان
سواد وٺندا آهن. انهيءَ خيال کان ڪي ڪي ترجما به،
پنهنجيءَ جڳهه تي، ٻوليءَ، فڪر ۽ جذبي جي ادبي،
فني ۽ تخليقي پيشڪش جي حيثيت وٺي بيهندا آهن_ اُن
جو مثال جڳ مشهور ٻوليءَ جو بائيبل آهي. جيڪو
انگريزي ادب جو متفقه طور هڪ بهترين نمونو سمجهيو
۽ قبوليو ويو آهي.
آخر ۾، ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري
سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾
جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي، ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي
ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هندستان ۽
يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل. يورپ جي
ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾
منتقل ٿيڻ_ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار
ڌارائون ئي ان جي مهذب بنجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيه
سبب بڻيون ۽ مکيه سبب آهن. دنيا جي ڪنهن به ٻولي
ءَ ۾ اهو ڪهڙو اهم ڪتاب لکجي ٿو، جو دنيا جي ڪنهن
علمي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ نٿو ترجمو ٿئي ! اسان جي
سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اتاري جي
جيڪڏهن سڀ کان وڌ، نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ
ضرورت آهي.
تنهن کان سواءِ آزاد فڪر ۽ عقل جي اڌار تي اڀرندڙ فڪر ئي اصلوڪا
۽ طبعزاد عظيم ڪتاب پيدا ڪري سگهندو آهي. اسان وٽ
جيئن ئي آزادي آئي آهي. تيئن ٻئي سڀ خيال تي قلف
لڳي ۽ پهرا بيهي ويا آهن. سواءِ هڪ خيال جي. جنهن
۾ ڪا جان رهي ڪانهي. رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽
وڄندو رهي جيڪو ٿو ڪجهه لکي ۽ ڪجهه چوي، سو ڦري
ڦري محض انهيءَ ڍانڍي کي پيو وڄائي_ صحيح به اسين.
سڃا به اسين ڏاها به اسين ۽ سٺا ۽ صالح به اسين:
آهيون يا، جي بنهه نه آهيون_ جائي صحيح ڳالهه آهي_
ته ٿي سگهون ٿا. بشرطيڪ اهو ڍانڍو زور سان ۽ تيئن
زور سان وڄائڻ بيهي رهون. دهشت ۽ دهمان وري ايترو.
جو ٻئي ڪنهن خيال جي رڳو ڪا سونگهه يا سڻس ئي ڪٿان
پئجي ويئي ته الائي ڇا ٿيندو ڌرتي ڏري پوندي يا
آسمان ڪري پوندو! ان صورتحال ۾ بي خوف ۽ جان نثار
قلم گهرجن، جو واقعي به ڪي طبعزاد ۽ اصلوڪا ڪتاب
پيدا ڪري سگهن . ۽ اُهڙا قلم به نيٺ پيدا ٿيندا،
ضرور پيدا ٿيندا، تنهن وچ ۾ جيڪي ڪجهه با ضمير ۽
ديانتدار قلمن کان پجي سگهي ٿو، سو هو وري به
پنهنجي دور کي ڏيندا رهن ٿا. مون کان به ان ڏس ۾
جو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو ۽ ٿي سگهي ٿو، سو لکندو
رهيو آهيان.
چون ٿا ته زمانو گول ڦرندو ٿو رهي، تاريخ پاڻ کي دهرائي ٿي_ پر
زماني جو اهو گول ڦيرو هڪ ئي ليڪي تي ڪونه ٿو ڦري،
۽ نه تاريخ پاڻ کي جيئن جو تيئن ٿي دهرائي. زماني
جو ڦيرو ڪڏهن وڏي گول ۾ ڪڏهن ننڍي گول ۾ ۽ سدائين
نئين محور ۽ نئينءَ زمين تي عمل ۾ ايندو رهي ٿو
هميشه اُن جي مجموعي رواني ۽ رخ اڳئي ۽ اڳتي هوندو
آهي، ۽ تاريخ جي پاڻ کي دهرائي به ٿي ته سدائين
نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان_ ڇو ته حالتن ۾ جمود ۽
ماٺ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي.۽ محترڪ ۽ بدليل حالتن کي
منهن ڏيڻ لاءِ انساني ذهن کي رستا ۽ حل به بدليل ۽
نوان سوچڻا ۽ استعمال ڪرڻا پون ٿا. بهرحال، گذريل
تجربن جا بنياد ۽ اُنهن جا سبق، پنهنجن تجربن جي
بنياد سان ملائي ۽ ڀيٽي سگهجن ٿا ۽ اُنهن سان ليکي
چڪائڻ لاءِ اُهي سبق ڏاڍا ڪمائتا ٿي سگهن ٿا.
انهيءَ ڪري گذريل وقتن ۾ يا اڄوڪي دور ۾ جتي جتي
ڪو اهڙو خيال جتي جتي ڪا اهڙي روشني ۽ اهڙو سبق
ڏسجي ٿو. جنهن مان سمجهجي ٿو ته ان مان اسان
واريءَ اوندهه ۾ اسان لاءِ ڪو سوجهرو يا سهولت
پيدا ٿي سگهي ٿي، ته ان خيال ، اُن روشنيءَ يا ان
سبق کي پنهنجن پيارن پڙهندڙن لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾
ترجمو ڪري پيش ڪرڻ کان دل باز نٿي رهي. جيڪڏهن
ڪنهن دوست يا ساٿيءَ کي خاص منهنجن پنهنجن خيالن
جي ئي ڪا تانگهه آهي ته جيڪي خيال، جنهن جا به
خيال، جتان جا به خيال مونکي پسند آهن، اُهي به
کين منهنجا ئي خيال سمجهڻ کپن. جيڪو به ڪتاب آءُ
ترجمو ڪريان ٿو اُهو ڪنهن جي مجبوريءَ تحت نه ۽ نه
پيسن خاطر، پر ان کي آءٌ مٿئين نقطي نگاهه کان
صحيح مفيد ۽ عين ضروري سمجهي ترجمو ڪريان ٿو.
انهيءَ ڪري ان ڪتاب جا خيال سچ پچ به ته ڄڻ منهنجا
پنهنجا طبعزاد ۽ اصلوڪا خيال آهن.
ترجمي سان_بشرطيڪ اُهو ڪامياب ترجمو هجي_ ٻوليءَ جي اظهاري
صلاحيت ڪيتري وڌي ٿي. ان جي ڪٿ ڪرڻ سولي به آهي.
ڏکي به آهي. سنڌيءَ ۾ صحيح پختي. مايه دار ۽ ادبي
خيال کان اعليٰ نثر جي روايت اڃا ايتري عام ڪانه
ٿي آهي. اعليٰ نثر جا اوصاف به پنهنجي جاءِ تي
اوترائي مقرر ۽ واضح آهن جيترا اعليٰ شعر جا. لفظن
جي املا (صورتخطي) ۽ جونڊ. جملي ۾ اُنهن جي جاءِ.
خود جملن جي الڳ الڳ قسمن مان تز قسمن جي چونڊ ۽
اُنهن جو ٺهڪندڙ استعمال ۽ پاڻ ۾ سونهندڙ لاڳاپو،
هر پئري (فقري) جي اندروني ترتيب ۽ پيش ٿيل ڳالهه
يا خيال جي مطابقت سان اُنهن جو باهمي ربط ۽
سلسلو. دمن جي نشانين جو گهربل ۽ صحيح استعمال_ ڇو
ته جملي ۾ جيئن ٻئي ڪنهن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي. ۽
ڪوبه لفظ سواءِ مطلب ۽ ضرورت جي ڪم ڪونه ٿو اچي،
تيئن ان ۾ استعمال ٿيل هر هڪ دم جي نشانيءَ جي پڻ
معنيٰ ٿئي ٿي_ ۽ پختي نثر ۾ جملي يا پئرا کي
پڙهندي. نشانين جي انهن معنائن کي نظرانداز نٿو
ڪري سگهجي. اعليٰ ۽ فڪر انگيز نثر جي خاصيت هيءَ
به هوندي آهي ته ان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه ذهن تي
زور به ڏيڻو پوندو آهي_ خسيس ۽ مٿاڇريءَ ڳالهه کي
ته مٿاڇري انداز ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو.
۽ ان مان ڪجهه پلئه به ڪونه ٿو پوي_ ڇو ته ان ۾
ڪجهه هوندو ئي ڪونهي جو پلئه پوي. پر مايه دار ۽
ڀريل نثر کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ذهن تي زور ڏيئي ان کي
پڙهڻو پوي ٿو. اُن جي ٿوري ڪا چُڪ_ لکڻيءَ جي يا
ڇپائيءَ جي _ان جي معنيٰ جي ڌاڳي کي منجهائي ۽
وقتي گم به ڪري ڇڏي ٿي بيٺل ٻولين مان پوري توجهه
۽ ذميداريءَ سان ڪيل ڪامياب ترجما اسان کي پنهنجي
مايه دار ۽ اعليٰ نثر جي روايت کي وڌائڻ ۽ پختي
ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن ٿا.
هيءُ ڪتاب جيڪو ”فڪر جي آزادي“ جي نالي سان پنهنجي عزيز ۽ محترم
سنڌي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان، سو اُن
جي انگريزي ترجمي جي صورت ۾ ، مون به پهريون ڀيرو
ڪي ٻه سال اڳ پڙهيو هو، پنهنجي پياري دوست نوالدين
سرڪيءَ جي گهر ۾ سندس ذاتي لئبرريءَ کي ڏسي رهيو
هوس، ته هيءَ ڪتاب نظر مان گذريم_ اُن جي ناليErasmus:
The Right to Heresy
هيڪاري منهنجي من کي جهٽڪو ڏنو ۽ پاڻ ڏانهن
متوجهه ڪيو. هڪ ئي جلد ۾ ٻه ڪتاب گڏ ڏنل هئا.
’ارئسمس‘ سان ته 16 صدي عيسويءَ جي هڪ عظيم مفڪر ۽
آزاد خيال شخص جي حيثيت ۾ اڳي ئي واقف هوس ؛
انهيءَ ڪري ان کي ڇڏي. اُن جلد جي ٻئي ڪتاب
The Right to Heresy
جا پنا ورائڻ لڳس. پنج منٽ اُن کي پڙهڻ سان ڏاڍي
اُن جي ڳالهه وڻي، ۽ ڀاءُ سرڪيءَ کان منٿ ڪري ڪتاب
پاڻ سان کڻي حيدرآباد آيس. ڪجهه واٽ تي پڙهيم ۽
باقي گهر پهچڻ سان لڳاتار پڙهي پورو ڪيم . جيئن
جيئن پڙهندو ويس تيئن تيئن دل جو اڌمو پختو ٿيندو
ويو ته ان جي چڱائيءَ کي پنهنجن هم زبان هزارن
ساٿين. دوستن ۽ ڀائرن ڀيڻن سان ضرور ونڊڻ گهرجي ۽
اُن جي روح افزا فڪر کي اُنهن پنهنجن دلگهرين قوم
ڀاين جي آڏو ضرور رکجي، ته جيئن اُن مان مون کي
ساءُ مليو آهي تيئن هو به خوش ٿين ۽ اُن مان لاڀ
وٺن: دل جي اِنهيءَ ڪيفيت ۾ هن ترجمي جي مسودي کي
تقريباَ ڇهن مهينن جي لڳاتار پورهئي سان 19 جولاءِ
1975ع تي تيار ڪيم. تقريباَ ٻه مهينا مسودي جي
اصلاح ۽ نقل تي لڳا ۽ ترجمو پريس لاءِ 25 سيپٽمبر
تي مڪمل ٿي ويو. ويجهن ٻن چئن دوستن کي پڙهايم_ جن
کي ڏاڍو وڻيو. بهرحال، هاڻي هيءَ ڪتاب پنهنجي
مطبوعه صورت ۾ منهنجي لائق پڙهندڙن جي آڏو موجود
آهي_ اُهي ئي اُن کي پڙهي، اُن جي افاديت ۽
چڱائيءَ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا ۽ اُن مان اُن
پنهنجي فيصلي آهر ساءُ وٺي سگهن ٿا ۽ فائدو حاصل
ڪري سگهن ٿا.
هيءُ ڪتاب 16 صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش
فرقيوار مسئلي (ڪئٿولڪ بمقابل پروٽيسٽنٽ) متعلق هٺ
ڌرميءَ ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دلدوز سلسلي سان
ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردان حق ۽ عظيم شهيدن،
مائيڪل سرويٽس ۽ سيباسٽيان ڪاسٽيلو، جي عظيم ۽
انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري،
دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيما نه انداز سان پيش ٿيل آهي.
اصل ۾ هيءُ ڪتاب جرمن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽
پهريائين آسٽريا ۾
Castellio Gegen Calvin
جي نالي سان 1936ع ۾ شايع ٿيو هو: اُن جو
انگريزي ترجمو به
The Right to Heresy انگلنڊ ۾ اُنهيءَ ئي سال شايع ٿيو، جنهن جو هڪڙو نئون
ڇاپو لائق مصنف جي ڪل _ جرمن تصنيفات جي انگريزي
ترجمن جي اشاعتي رٿا ماتحت 1951ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو_
اُن رٿا هيٺ شايع ٿيل سندس انگريزي ترجمن جي ڏهن
جلدن جا نالا منهنجي نظر مان گذري چڪا آهن_ ممڪن
آهي ته اُن رٿا هيٺ وڌيڪ جلد به شايع ٿيا هجن. اصل
جرمن زبان ۾ ته هن جا اوترائي ٻيا ڪتاب به لکيل ۽
ڇپيل ٻڌجن ٿا. بهرحال اُنهن ڏهن انگريزي جلدن مان
چار جلد پوءِ مون ڪنهن طرح هٿ ڪيا، جيڪي منهنجي
مختصر لئبرريءَ ۾ موجود به آهن. ۽ اُنهن ۾ 448
صفحن جو هڪ جلد لائق مصنف جي ، آپ بيتيءَ جو
World of Yesterday
جي نالي سان پڻ آهي. جيڪو مون سڄو پڙهيو آهي. سچ
پچ ته انسان ذات ڪهڙا نه عجيب ۽ عظيم ماڻهو ٿي
پيدا ڪري، هو زندگيءَ ۾ ڇا ڇا نه سهن ٿا ۽ ڇاڇا نه
ڪن ٿا ! هيڏانهن اسين آهيون. جو ٿورڙي ڪا ڳالهه ٿا
ڪريون ته ڦونڊ ۾ ڀرجيو، ڪنهن کي پاڻ جهڙو سمجهڻ ئي
ڇڏي ٿا ڏيون.
اُنهيءَ ئي سندس ’آپ بيتيءَ‘ جي آخر ۾ جڏهن ناشر جو آخري نوٽ
پڙهيم ته اسٽيفن زويگ ۽ سندس زال ايلزبيٿ شارلوٽ
زويگ، ٻنهي گڏجي، صلاح ڪري ، پنهنجي وطن کان
بيوطن، برازيل ملڪ جي پيٽروپولس شهر ۾، فبروري 23.
1942ع ۾ پنهنجن هٿن سان پاڻ پنهنجو انت آندو. تڏهن
ڏاڍو ڏک ٿيم. ۽ روئي ويٺس، ۽ ڪي ڏينهن ڪوٺيءَ ۾
پاڻ کي بند ڪري ويهي رهيس_ ائين سمجهيم ڄڻ پنهنجو
ڪو عمر جو اَمل يار وڇڙي ويو هوم. ڏاڍيءَ ڪنهن
ترتيب ۽ اٽڪل سان دل کي پرڀائي وري پاڻ ڀرو ٿي،
اڻاسي من کي دنيا جي ڪمن ڪارين سان رلائي ۽ رهنت
ڪري سگهيس.
هيءُ ڪتاب آءُ پنهنجي عزيز پڙهندڙن کي پنهنجي پاٻوهه ۽ پيار جي
پورهئي جو ثمر ڪري پيش ٿو ڪريان. اميد آهي ته هو ،
اسان جي موجوده حالتن ۾، جڏهن شريعتن جي اجراءَ ۽
نظام جي نفاذ جا اهڙا ئي سانباها ٿي رهيا آهن،
جهڙا سورهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ شهيد سرويٽس ۽
شهيد ڪاسٽيلو ۽ هزارن ۽ لکن ٻين اهڙن گمنام شهيدن
کي ڏسڻا ۽ سهڻا پيا هئا. هن ڪتاب ۾ پيش ٿيل
ڳالهين، خيالن ۽ راين جي روشنيءِ ۾ پنهنجن خيالن ۽
راين جي تشڪيل ڪندا ۽ پنهنجي عمل ۽ رد عمل جي رخ
جو تعين ڪندا.
حيدرآباد سنڌ. _محمد ابراهيم جويو
استاد گليليو
”استاد گليليو“_ هيءُ ڊرامو جڳ مشهور جرمن ڊراما نويس. ڊراما
پروڊيوسر ۽ ڊئريڪٽر، شاعر، ۽ افسانه نگار ’برٽالٽ
بريخت‘ جي وڏن ۽ اهم ڊرامن مان هڪ آهي. بريخت هيءُ
ڊرامو اُن وقت لکيو. جڏهن سندس وطن ۾ نسلي برتريءَ
۽ زور جي بالادستيءَ ۾ ايمان رکندڙ هٽلري ٽولي
”نازي طاقت“ ايتري ته اسري چڪي هئي. جو اُن پنهنجي
قوت جي انڌ ۾ اچي. ظلم ۽ ڏاڍ جا دروازا اُتي کولي
ڇڏيا هئا، ۽ اُن جي ئي هٿان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن
۾ ٻيءَ وڏيءَ جنگ جا موتمار ۽ دل ڏاريندڙ واقعا
شروع ٿي چڪا هئا.
برٽالٽ بريخت 10 فيبروري 1898ع تي جرمنيءَ جي قدمي شهر آگسبرگ (Augsburg)
۾ ڄائو. سندس پيءُ ڪاغذ جي هڪ خارخاني جو مئنيجنگ
ڊئريڪٽر هو. هن ابتدائيءَ ۽ ثانوي تعليم آگسبرگ جي
اسڪولن ۾ ورتي. سن 1916ع ۾ هو ميونخ يونيورسٽيءَ ۾
داخل ٿيو، جتي هن جديد ٻولين، علم طب ۽ طبعي سائنس
۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. 1918ع ۾ هن کي فوج ۾
گهرايو ويو. جتي هو طبعي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جنگ
ختم ٿيڻ کان پوءِ بريخت جڏهن پنهنجي وطن موٽي آيو،
تڏهن جرمني هڪ شڪست کاڌل ملڪ هو. جنهن ۾ چـؤطرف
بربادي تباهي، اقتصادي بدحالي ۽ بي اطميناني هئي.
۽ اُن ۾ پوءِ بيروزگاريءَ ، بک ملڪ جي ٽڪرا ٽڪرا
ٿيڻ جو لاڳيتو خطرو ڪيترن ئي سالن تائين قائم
رهيو.
سن 1920ع ۾ بريخت ميونخ شهر جي هڪ مُک ڊراما ڪمپنيءَ ۾ ڊرامي جو
صلاحڪار ۽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، ۽ اُتي هن لاڳيتا
ڪيترا سال ملڪ جي مشهور ڊراما پروڊيوسرن جو نائب
ٿي ڪم ڪيو. انهيءَ وچ ۾ هن ڪيترائي پنهنجا ڊراما
لکيا ۽ اسٽيج تي آڻي ڏيکاريا. سن1928ع ۾ برلن ۾ هن
جو لکيل ۽ اسٽيج ڪيل ڊرامو
“The Three Penny Opera”
ايترو ته مقبول ٿيو. جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن جو
نالو سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ان کان هڪ سال اڳ هن
شعري مجموعي ”Domestic Breviary“
يعني ”شيطان جي دعائن جو ڪتاب“ ڪري ڪوٺيو. بريخت
افسانا به لکيا جيڪي هن پوءِ ”Stories of Mr. Keuner“
جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا، جنهن ۾ هن جا
1930ع کان 1956ع تائين واري عرصي جا لکيل افسانا
شامل آهن.
سن 1933ع کان اڳ بريخت ڪيترائي ڊرما لکي اسٽيج تي ڏيکاريا. انهن
مان خاص ٽن ڊرامن
“The Three Penny
Opera”,
”The
Measures Taken“
۽ مئڪسم گورڪيءَ جي مشهور ناول ”ماءُ“ جي ڊرامائي
صورت جرمنيءَ جي عام پورهيت ۽ دانشور طبقي کي بيحد
متاثر ڪيو ۽ اُنهن جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان منجهن جوش ۽
عمل جي هڪ اجهل برقي لهر ڊوڙي ويئي. نازي پارٽيءَ
کي ، جيڪا ترت ئي پوءِ ملڪي اقتدار تي قبضو ڪري
چڪي هئي. بريخت جون اُهي انقلاب اُڀاريندڙ تخليفون
بلڪل پسند ڪونه هيون. نازي ٽولي حقيقت ۾ انهن سڀني
انسان دوست ۽ ترقي پسند قوتن کي نظر ۾ رکيو هو،
جن جو عقل ۽ انصاف ، انسان دوستيءَ ۽ انساني عظمت
۾ ايمان هو. اُنهيءَ ڪري اقتدار ۾ اچڻ سان ئي
نازين اُنهن ترقي پسند قوتن کي فورا چيڀاٽي ختم
ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. سن 1933ع ۾ نازين جو
اُهو ظلم ۽ ڏاڍ ايترو ته وڌي ويو. جو بريخت وطن
عزيز جي سرزمين کي الوداع چوڻ تي مجبور ٿي پيو.
نازين ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۽ اُنهن جي
ڪتابن تي پابنديون وڌيون، جن ۾ بريخت جا ڪتاب
سرفهرست هئا، بريخت وطن ڇڏڻ لاءِ انهيءَ ڪري به
مجبور ٿي پيو هو، جو کيس هيسائڻ ۽ خاموش ڪرڻ لاءِ
متعصب عقيده پرست نازي جماعت جي دهشتي ٽولي هن جي
ٻن سالن جي ابهم نياڻيءَ باربرا کي چورائي، پان وٽ
يرغمال ڪري رکيو. جنهن کي هڪ انگريز سماجي ڪارڪن
محض اتفاق سان بچائي ورتو هو. اُنهيءَ حادثي جو
پڙاڏو بريخت جي تمام مشهور ڊرامي”The
Caucasian Chalk Circle
“ ۾ ملي ٿو. بهرحال بريخت پنهنجي ملڪ مان ڀڄي نڪرڻ
تي مجبور ٿيو، ۽ آسٽريا، سئٽزرلئنڊ ۽ فرانس مان
ٿيندو، اُتي ڪجهه وقت رهندو. نيٺ ڊينمارڪ ۾ اچي
مقيم ٿيو، جتي 1939ع جي آرهڙ تائين رهيو پيو هو.
ڊينمارڪ کان پوءِ بريخت ناروي جي اسٽاڪهوم شهر ۾
ويو، جتان سن 1940ع ۾ فنلئنڊ هليو ويو. جو لاءِ
1941ع ۾ بريخت فنلئنڊ کان ڪئليفورنيا (آمريڪا)
هليو ويو. انهيءَ رولڙي ۽ خانه بدوشيءَ ۾ به بريخت
پنهنجو تخليقي ڪم جاري رکيو ۽ ، ”Fear and Misery“
،”Round
Heads and Pointed Heads“ ”In
the Third Reich“
۽ ”Senoza Carrar’ Rifles“
جهڙا اعليٰ ادبي ۽ فني شاهڪار تخليق ڪيائين، جن ۾
نازي ۽ فسطائي طاقتن تي سخت تنقيد ڪيل آهي. 1937ع
کان 1941ع تائين بريخت جيڪي ٻيا ڊراما لکيا، انهن
مان
The
“ ”Mother Courage“
”The
Life of Galileo
“
“Woman
of “ Herr Puntila and His Man Matti” Good
Setzuan”
نالي ڊرامن هن جي شهرت کي ڏيهان ڏيهه پهچائي ڇڏيو.
بريخت جي سڀني ڊرامن جو بنيادي موضوع ’انسان جو
شرف‘، ۽ انسان جي انسان سان روش‘ ۽ ’انسان ذات جي
گڏيل ڀلائي‘ آهي، انهن ڊرامن ۾ ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن
کي دعوت ڏنل آهي ته هو هن ڌرتيءَ تي ، ۽ هن انساني
دنيا ۾، انسانن جي هڪٻئي سان روش تي ويچار ڪن. اُن
جي سببن ۽ سماجي محرڪات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ڪڏهن
اُنهن جي حمايت ۽ همت افزائي ڪن ته ڪڏهن انهن سان
بغاوت ڪن، پر هميشه پاڻ کان هيءُ سوال ضرور پڇن ته
جيڪڏهن هو پنهنجي سر پاڻ اُنهن حالتن ۾ هجن ته هنن
جو پنهنجو رد عمل ڪهڙو هوندو ؟ بريخت جا هي ڊراما
سڀ جا سڀ ”انساني ۽ انسان پسند دنيا“ (”Humane
Theatra“) جي سري هيٺ اچن ٿا، جن ۾ شديد ترين ذهني ڏک ۽ عذاب سان گڏ
نازڪ ترين رومانيت جا مثال ملن ٿا، پر اُنهن ۾ ٿڪل
۽ هار کاڌل ذهن جي فراريت، پاڻ _ هرتائي، بي مقصد
انتهائيت يا اجايو ابهام نه آهي.
ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ برٽالٽ بريخت 1949ع ۾ آمريڪا ڇڏي
پنهنجي وطن موٽي ويو ۽ اوڀر برلن ۾ رهڻ لڳو. اتي
هن جو دلي اڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ برلن جو اهو ساڳيو
ٿئيٽر جتي هن جا ڪيترائي ڊراما هن جي وطن کان بي
وطن ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تي ڏيکاريا ويا هئا. هن جي
حوالي ڪيو ويو. بريخت اُن ٿئيٽر ۾ پوءِ خاطر
جمعيءَ سان پنهنجا تخليق ڪيل ۽ پڻ ڪلاسيڪي موضوعن
تان ورتل ڊراما اسٽيج تي ڏيکاريندو رهيو. اُتي ئي،
اوڀر برلن ۾، پنهنجي اُن دلپسند ٿئيٽر جي ڀرسان،
14 آگسٽ 1956ع تي جديد ڊرامي جي فن جو هيءُ عظيم
ماهر دل جي ٽٽڻ سبب وفات ڪري ويو.
برٽالٽ بريخت اسٽيج ڊرامي جي فن. ٽيڪنيڪ ۽ فارم ۾ انيڪ ۽ نوان
نوان تجربا ڪري.انهن ۾ انقلاب آندو. هو پاڻ پنهنجي
ڪم کان متاثر ٿي. ڪڏهن ڪڏهن خوشدليءَ جي ڪيفيت ۾
چوندو هو ته ”آءُ نئين اسٽيج فارم جو آئن اسٽائن
آهيان.“ (1)
آمريڪي مصنف ۽ نقاد پيٽر بروڪه جي خيال مطابق، ٿئيٽر ۾
سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺندڙن مان ڪوبه بريخت کان
گوءِ نٿو کڻي سگهي. بريخت اسان جي زماني جي مرڪزي
شخصيت آهي ۽ اڄ تيئٽر جو هرڪو ڪم ڪنهن نه ڪنهن
نقطي تي يا هن جي بيانن ۽ ڪارنامن سان شروع ٿئي ٿو
يا موٽي اُنهن جي بيانن ڏانهن اچي ٿو، “ (2)
برٽالٽ بريخت هيءُ ڊرامو ”گليلو جي زندگي“، (Life
of Galileo)
ٻه ڀيرا لکيو هو: پهرين سن 39_ 1937ع واري عرصي ۾،
ٻيءَ عالمگير جنگ کان اڳ، ۽ ٻيهر اُن جنگ کان پوءِ
ٿوريءَ ڦيرڦار ڪرڻ سان سن 1945ع ۾. اُنهيءَ آخري
متن جي انگريزي ترجمي جو هيءَ سنڌي ترجمو اڄ اوهان
جي هٿن ۾ آهي.
”گليلو“ هڪ تاريخي ڊرامو آهي. ان ۾ سترهين صديءَ جي جڳ مشهور
سائنسدان ’گليلو گليليءَ‘ جي شاندار شخصيت ۽ علمي
ڪارنامن، رومي ڪليسا جي مذهبي چريائپ ۽ علم
دشمنيءَ، وقت جي حاڪمن ۽ امير طبقي جي ماڻهن جي
خودپسنديءَ، علم ناشناسيءَ، بيقدريءَ، هوس ۽ لالچ
جي تصوير چٽيل آهي. ساڳئي وقت منجهس ان دؤر جي
اٽليءَ جي عوامي زندگيءَ تي به ڀرپور روشني وڌي
ويئي آهي.
گليلو گليلي سن 1564ع ۾ اٽليءَ جي شهر ’پِيسا‘ ۾ ڄائو هو. هيءُ
اهو دؤر آهي جڏهن علمي سجاڳي (Renaissance)
۽ مذهبي اصلاح (Reformation)
جهڙين تحريڪن سموري يورپ ۾ هڪ زبردست ذهني اٿل پٿل
پيدا ڪري ڇڏي هئي. پراڻن قدرن جي زنجيرن جون ڪڙيون
هڪ هڪ ٿي ٽٽي رهيو هيون، ۽ وهمن، وسوسن ۽ انڌن
عقيدن جا ڪوٽ، علم ۽ ڄاڻ جي تيز طوفانن لڳڻ ڪري،
ڀڄي ڀري پٽ پئجي رهيا هئا. يوناني علم ۽ دانش ۽
اُنهيءَ تي عرب عالمن ۽ مفڪرن جي تشريحن، تنقيدن،
تبصرن ۽ خود هنن جي ڪيل تجربن ۽ کوجنائن؛ قطب نما
۽ بارود جي ايجاد؛ راجر بيڪن جي سائنسي تجربن؛ علم
فلڪيات ۾ ڪاپرنيڪس ۽ رياضيءَ ۾ ڪپلر جي انقلابي
مفروضن: ڪولمبس جي سامونڊي سفرن ۽ نون نون ملڪن جي
ڄاڻ؛ ڪاغذ ٺاهڻ جي هنر ۽ ڇاپي جي مشين جي ايجاد،
فنون لطيفه ۾ باڪمال استادن مائيڪل ائنجيلو، رافيل
۽ ليونارڊو ڊاونسيءَ جي تصويري شاهڪارن _ قديم علم
۽ عقيدي کي غلط ۽ باطل ثابت ڪري. اونداهي يورپ کي
روشن ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف جرمنيءَ ۾ مارٽن ليوٿر
جي مذهبي تحريڪ رومي ڪليسا جي مذهبي تقدس جا ڇوڏا
لاهي. اُن جي پرماريت کي اگهاڙو ڪري، ڪليسائيت جا
بنياد ڏڪائي ڇڏيا هئا. مطلب ته ان دؤر ۾ هر ڳالهه
کي اکيون پوري قبول ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو هو. هر
ڳالهه کي توري تڪي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو پئي
ويو ۽ عقيدي جي بدران شڪ. تحقيق ۽ تجربي کي وڌيڪ
اهميت ڏني پئي ويئي. پر ساڳئي وقت يورپ ۾
جاگيرداري ۽ بادشاهي نظام، جو صدين کان قائم هو، ۽
ان کي مسيحيت جي تقدس ۽ پوپ اعظم جي مضبوط ۽ وسيع
پادريت ۽ اُن جي همه گير تنظيم جي . جا حمايت ۽
پُشتي حاصل هئي. انهيءَ ڪري اُهو دور اُنهن آزادي
پسند ۽ انسان دوست عالمن ۽ دانشورن جي لاءِ هڪ وڏي
عذاب جو دؤر پڻ هو، جيڪي ذهني طور ۽ وس سارو عملي
صورت ۾ پڻ اُن سڄي جنوني ۽ مڪار، ايذا پسند ڏيل ۽
ڏهڪاءُ جو مقابلو ڪري رهيا هئا.
هڪ تمام ڊگهيءَ اونداهيءَ رات کان پوءِ يورپ ۾ سجاڳيءَ جي سج مس
ڪني ڪڍي هئي. پر ڪليسا جي رجعت پرست ٽولي انهيءَ
سوجهري جي خلاف جهاد شروع ڪري ڇڏيو هو. هزارين
ذهين، سڄاڻ ۽ روشن ضمير انسان جهالت ۽ مذهبي
ديوانگيءَ جو بک ٿي ويا. ڪيترن ئي عالمن ۽
سائنسدانن کي ڪافر ۽ ملحد، ديوانو ۽ پاڳل چئي باهه
۾ ساڙيو ويو. ۽ ڪيترين ئي ذهين باهمت ۽ حوصله مند
عورتن کي ڏائڻ هلائي، سنگسار ڪري ماريو ويو. فرانس
جي مشهور فيلسوف ، رياضيدان ۽ سائنسدان پاسڪل
(1662_1623
Pascal)
انهن حالتن جي تصوير هنن لفظن ۾ چٽي آهي : ”اوهين
تصور ڪريو ته اوهان جي اڳيان ڪيترائي انسان زنجيرن
۾ جڪڙيا بيٺا آهن. هُنن سڀني تي موت جي سزا جو حڪم
صادر ٿيل آهي. هُنن مان هر روز ڪن کي ڇڪي، سندن
ساٿين جي اڳيان موت جي سزا ڏني وڃي ٿي. هُنن مان
جيڪي پوئتي رهن ٿا ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪن ٿا.
اِهو آهي اڄوڪيءَ انسان ذات جي اصل حالت جو هڪ
مثال.“
1
انهيءَ دور جي سائنسدانن مان ’بِرونو‘ جو مثال
موجود آهي. گيورڊانو برونو (Giordano
Bruno)
گليلو جو همعصر اطالوي فيلسوف، سائنسدان ۽ پنهنجي
وقت جو ذهين ترين مفڪر هو. هن پنهنجي تقريرن ۽
تحريڪن ۾ ٻڌايو ته ڪاپرنيڪس (1543_1473) جون
سائنسي کوجنائون بلڪل درست آهن، برونو جي اُنهيءَ
تصديق کي ڪليسا جي عالمن ۽ اثر ۽ اقتدار جي صاحبن
دهريت، ڪفر ۽ ڪوڙ چئي. هن کي باهه ۾ ساڙڻ جو حڪم
ڏنو، ۽ اهڙيءَ ريت سچ چوڻ جي سزا ۾ برونو کي
17فيبروري 1200ع تي روم شهر ۾ جيئري جلايو ويو.
اهڙي ئي عجيب دؤر ۾ جڏهن انسان پنهنجي بدبختيءَ جي چڪر ۾ ورتل
هو۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جون قوتون پنهنجي پنهنجي اوج
تي هيون. تڏهن سن 1592ع کان 1610ع عيسويءَ تائين
گليلو پيڊوئا يونيورسٽيءَ ۾ عام رياضيءَ جو استاد
مقرر ٿيل هو. اُنهيءَ ارڙهن سالن جي عرصي ۾ هن
ڪيتريون ئي سائنسي کوجنائون ڪيون. هن تجربا ڪري
چرپر(حرڪت) ۽ تيز رفتاريءَ جا اوائلي اصول معلوم
ڪيا. ۽ ثابت ڪيو ته مختلف وزن جون شيون جيڪڏهن
ساڳيءَ اوچائيءَ تان هيٺ ڪيرائبيون ته هڪ ئي وقت
زمين تي ڪرنديون ۽ فاصلي مطابق انهن شين جي ڪرڻ جي
رفتار ۾ جيئن پوءِ تيئن تيزي ايندي ويندي. گليلو
سڌاريل دوربيني، قطب نما ۽ ٽرماميٽر ايجاد
ڪيا.جيتوڻيڪ سن 1608ع ۾ هالنڊ جو هڪ عنيڪ ساز
’هانس لپرشي‘ (Hans Lippershey)
هڪڙي حسن اتفاق سان، دوربيني ٺاهي چڪو هو، پر
گليلو ان اصول تي ڪم ڪري هڪ اهڙي دوربيني ٺاهي
جنهن سان شيون هزار ڀيرا وڌيڪ وڏيون ۽ ٽيهوڻيون
وڌيڪ قريب نظر ٿي آيون. هُن پوءِ اُنهيءَ
دوربينيءَ جو رُخ شمسي نظام جي مطالعي لاءِ آسمان
ڏانهن ڦيرايو. جنهن سان تارا ۽ گرهه انساني اک جي
وڌيڪ ويجهو ۽ وڌيڪ چٽا ۽ پڌار ٿي پيا. گليلو سڀ
کان پهرين اُن دوربينيءَ منجهان کير ڌارا (Milk Way)
چتائي ڏٺو. جنهن لاءِ عالمن توڙي عوام وٽ عجيب
غريب نالا ۽ رڳيون خيالي ۽ ديومالائي سمجهاڻيون
موجود هونديون هيون. گليلو جي دوربينيءَ ٻڌايو ته
اهو ”نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو رستو“ نه پرتارن جو
هڪ وڏو ميڙ آهي. جنهن ۾ هزارين لکين تارا ۽ تارن
جا نظام موجود هئا. پنهنجي ان دوربينيءَ سان هن
چنڊ جو به مطالعو ڪيو ۽ ان جي ’غارن‘ کي ڏٺو،
مشتري گرهه کي ڏٺو، ۽ ان جي چئن چنڊن کي ڳولي لڌو.
هن زهره گرهه کي ڏٺو ۽ ٻڌايو ته زمين وانگر اهو
گرهه به سج جي چوڌاري ڦري ٿو. گليلو پنهنجي
دوربينيءَ سان سج جو مشاهدو ڪري ڏٺو ته سج تي
’ڪارا داغ‘ آهن. جيڪي سدائين هڪ هنڌ نٿا ڏسجن، ۽
انهن جي لاڳيتي مشاهدي کان پوءِ هن ٻڌايو ته سج به
پنهنجي مدارتي ڦري ٿو، ۽ ان جي اها گردش 28 ڏينهن
۾ پوري ٿئي ٿي.
اهڙيءَ ريت. گليلو جي اُنهن سائنسي مشاهدن، تجربن ۽ کوجنائن
انجيل مقدس جي فلڪي نظام بابت هر ڳالهه جي ائين جا
ترديد ڪئي. انهيءَ ڪري مسيحي دين جي علم باز
دعويدارن ۽ اُن جي تقدس جي چوغن ۾ ويڙهجي ۽ اقتدار
جي لٺ هٿ ۾ کڻي هلندڙن هن جي خلاف بدتميزيءَ جو هڪ
ڀيانڪ طوفان اٿاري ڇڏيو. نيٺ سن 1615ع ۾ روم جي
پوپ هُن کي پاڻ وٽ حاضر ٿي اُنهن مشاهدن ۽ کوجنائن
بابت صفائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اُتي پهرين ڪليسا
جي عالمن گليلو جي مخالفت ۾ پنهنجا دليل ڏنا. پر
گليلو جي جوابي دليلن سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
انهيءَ علمي مناظري جو فيصلو هيءُ ٿيو. جو سائنس
جي عالمن ڪاپرنيڪس ۽ ڪپلر جي ڪتابن تي بندش وڌي
ويئي ۽ گليلو کي حڪم ڪيو ويو ته زمين جي چرپر ۽
ڦيري جي هو تعليم نه ڏئي ۽ ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه
کي نه مڃي، جيڪا ديني تعليم جي خلاف هجي.
ڪليسا جي انهيءَ فيصلي گليلو کي ڏاڍو رنجايو، پر بندين ۽ بندشن
هوندي به هن فلارينس جي شهر ۾ سج چنڊ زمين ۽ ٻين
گرهن جي گردش جي موضوع تي ”دنيا جا ٻه عظيم نظام“
نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هن پنهنجن مشاهدن ۽
کوجنائن کي ورجايو ۽ انهن جي زوردار تصديق ڪئي.
انهيءَ تي ڪليسا جي بزرگن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هنن
انهيءَ ڪتاب کي ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گليلو کي،
جنهن جي عمر ان وقت ستر ورهيه هئي، روم جي احتسابي
عدالت(Inquisition)
۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو. اتي ڪيتن ئي ڏينهن جي پڇا
گاڇا کان پوءِ هن کي اهڙو ته مجبور ڪيو ويو ۽
مختلف جسماني عذابن جو اهڙو ته خوف ڏياريو ويو.
جوهن لاچار ٿي چيو ته ”آءُ آڻ مڃان ٿو، هاڻي اوهان
جي هٿ وس آهيان ۽ اوهين جيڪي چوندؤ اُهوئي چوندس:
”. انهيءَ تي ڪليسا جي طرفان هڪ ’توبهه نامو‘ تيار
ڪيو ويو. جيڪو گليلو احتسابي عدالت جي جلسي ۾
بڙهيو . ان مطابق گليلو پنهنجيءَ سموريءَ سائنسي
تحقيق ۽کوجنا کي باطل ڄاڻايو ۽ پنهنجي سڀني علمي
نظرين تان هٿ کڻي توبهه تائب ٿيو.
گليلو پنهنجي باقي عمر جا ڏينهن پنهنجي گهر ۾ گذاريا جتي مٿس
چوڪسي رکڻ لاءِ ڪليسا جا پادري چاري ڪري بيهاريا
ويا ته متان هو ڪو سائنسي مشاهدو يا تجربو ڪري يا
ڪو علمي ڪتاب لکي. پر انهيءَ هوندي به ماٺ ميٺ ۾
رات جو لڪي ڇپي. صرف چاندوڪيءَ جي روشنيءَ تي. هن
پنهنجو آخري ڪتاب ”علمي مباحثا“ لکي پورو ڪيو، ۽
اُن ڪوشش ۾ هن پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ڇڏي. ۽
هو نابينا ٿي پيو. پنهنجي گهر ۾ اٺ سال ائين قيد ۾
رهڻ کان پوءِ، 1642ع ۾ 78 سالن جي عمر ۾ هن وفات
ڪئي.
استاد گليلو جي عظيم الشان شخصيت جو بنياد سندس هن نظريي تي
رکيل هو ته وهم، وسوسا ۽ غير علمي عقيدا انسان ذات
لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا آهن، ان جي ابتڙ علمي ۽
سائنسي کوجئائن جي وسيلي انسان ذات کي ڪائنات جي
ڳجهن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جو شعور حاصل ٿئي ٿو، ۽ ان
خوف ۽ خطري کان نجات ملي ٿي. جنهن جي اثر هيٺ صدين
تائين انسان ذهني ۽ اخلاقي طرح ڄامڙا، لولا ۽
لنگڙا پئي رهيا آهن. تنهنڪري ان شعور ۽ ڄاڻ کي
حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون . انهن
جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ پوريءَ انسان ذات تي ظلم
ٿيندو. گليلو جو خيال هوته سائنسي کوجنائن ڪرڻ جي
پوري آزادي هجڻ گهرجي، ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي نيون
نيون ايجادون ٿين ٿيون تن کي ڪنهن خاص طبقي يا
گروهه جي بدران انسانن جي عام ڀلائيءَ ۽ آسائش
لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. سائنس جي انهيءَ سماجي
ڪارج بابت گليلو جي اڏول عقيدي جو اظهار بريخت هنن
لفظن ۾ ڪري ٿو: ”منهنجو چوڻ آهي ته سائنس جو واحد
مقصد هيءُ آهي ته انساني زندگيءَ جي ڏک ۽ سختيءَ
کي آسان بنايو وڃي. جيڪڏهن سائنسدان، خود_ مفادي
اقتدار جي صاحبن جي دٻاءُ ۾ اچي. علم محض علم خاطر
وڌائيندا ۽ خوش ٿيا ويٺا رهن ، ته اُن حالت ۾
سائنس پنگلي ۽ بي اثر بنجي سگهي ٿي، ۽ اوهان جون
نيون مشينيون پوءِ رڳو هيڻن کي چيڀاٽڻ جا نوان
ذريعا ۽ نيون ترڪيبون بنجي وجود ۾ اينديون
رهنديون ۽ اُنهن مان ٻيو ڪو انساني مفاد جو ڪارج
سڌ ڪونه ٿي سگهندو. انهيءَ روءِ، وقت گذرڻ سان،
ممڪن آهي ته اوهين اُهو سڀڪجهه ڳولي سگهو ۽ لهي
سگهو جيڪو ڳولڻو ۽ لهڻو آهي، پر اوهان جو اُهو
واڌارو اوهان کي انسان ذات کان دور نيئي سگهي ٿو،
اُن جي ويجهو نٿو آڻي سگهي “ (ص_ 161).
برٽالٽ بريخت هن ڊرامي ۾ استاد گليلو جي تاريخي دؤر، سماجي پس
منظر، ۽ هُن جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن کي علامت طور
استعمال ڪري. اُنهن سائنسي ۽ سماجي مسئلن جي ڇنڊ
ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪي ويهين صديءَ جي
ٻيءَ وڏيءَ لڙائيءَ جي وقت، اُن جي پس منظر ۽
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ، خاص طرح هار ۽ جيت جو
سڄو دارومدار انهن خطرناڪ جنگي هٿيارن تي هو، جن
جي ايجاد سائنسدانن جي مدد کان سواءِ ممڪن نه هئي.
جرمنيءَ ۾ ته اهڙا خطرناڪ جنگي هٿيار ٺهڻ لڳا هئا،
جن جي استعمال سان ايترو ته جاني ۽ مالي نقصان ٿي
رهيو هو، جو انهن جي ٺاهيندڙ سائنسدانن کان ڇرڪ
نڪري ويو ۽ شرم ۽ پشيمانيءَ کان هنن جا گردن جهڪي
ويا.
سائنسي ايجادون انسان ذات جي ڀلي ۽ آرام لاءِ استعمال ڪرڻ جي
بداران مرڳو انسان ذات کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾
استعمال پئي ڪيون ويون. اُنهيءَ صورتحال ۾ ڪيترائي
سائنسدان لڪ چوريءَ جرمنيءَ مان ڀڄي نڪتا ۽ ٻين
ملڪن ۾ پناهه وٺي معمولي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي
ويا. انهن خطرناڪ ۽ موتمار جنگي هٿيارن جي ڊوڙ رڳو
جرمنيءَ تائين محدود نه هئي. پر جنگ ۾ شامل هر ملڪ
پنهنجي مخالف ملڪ ني نيست نابود ڪرڻ لاءِ انهيءَ
ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي ويو هو. نيٺ انهيءَ ڊوڙ ۾ آمريڪا
ويهين صديءَ جو سڀ کان وڌيڪ هولناڪ هٿيار، ائٽم
بم، ٺاهي. سڀني کان گوءِ کڻي ويو.
بريخت هن ڊرامي جي 47_1945ع واري سڌاري لکيل مسودي متعلق پنهنجي
اڻپورن نوٽن ۾ لکيو آهي ته ”ياد رکڻ گهرجي ته اسين
’گليلو جي زندگي‘ جي هيءُ ڊرامو ان وقت ۽ ان ملڪ ۾
اسٽيج ڪري رهيا هئاسون. جنهن ائٽم بم ايجاد ڪيو ۽
جنهن ان کي فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. ائٽمي
طبعيات کي خفيه رکڻ لاءِ حد کان وڌيڪ خبرداري ڪئي
ويئي هئي. جنهن ڏينهن ائٽم بم اڇلايو ويو هو. ان
ڏينهن آمريڪا ۾ جنهن به ماڻهوءَ کي ان واقعي جي
خبر ٿي پئي، تنهن کان اهو ڏينهن وسرڻ ڏاڍو مشڪل
هو. اها جڏهن لاس اينجلز جي شهر ۾ پهتي، تڏهن
ماڻهن فورا ائين به سمجهيو ٿي ته ڀيانڪ جنگ جلد
ختم ٿي ويندي ۽ هنن جا پٽ ۽ ڀائر واپس موٽي ايندا،
پر انهيءَ سک سان ٽمٽار ۽ خوشين ڀريل شهر ۾ غم ۽
الم جي هڪ وحشتناڪ لهر پڻ ڊوڙي ويئي هئي. مون پاڻ
بس ڪنڊ ڪٽرڻ ۽ دڪانن تي شين وڪڻدڙ ڇوڪرين کي خوف ۽
هراس ۾ ٻڏل ڏٺو. اها فتح هئي. پر اُن جي چـؤڌاري
شڪست جو هڪ ڪڙو ذائقو به هو. انهيءَ کان پوءِ
حڪمران سياستدانن ۽ فوج گڏجي قوت جي انهيءَ عظيم
ذريعي کي مخفي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن تي
دانشورن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڊوڙي ويئي. تحقيق جي
آزاديءَ کي ۽ کوجنائن جي معلومات جي ڏي وٺ ۾
سائنسدانن جي بين الاقوامي شراڪت کي اُنهن اقتدار
پرستن ٻنجو ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ ان لاءِ سندن هر قسم
جي دليل دلاڻا ۽ منطق ۾ ماڻهن کي ذور به ڀروسو ۽
اعتبار نه رهيو هو. طبعيات جا جڳ مشهور ماهر پوءِ
حڪومت جي نوڪريءَ مان پنهنجي جان ڇڏائي ڀڄي ويا.
هڪ مشهور معروف سائنسدان اهڙي هڪ گمنام نوڪري وڃي
ڪئي جتي هن کي طبعيات جا محض ابتدائي اصول سيکارڻا
ٿي پيا، ۽ اهو ان لاءِ ڪيائين ته جيئن هو انهيءَ
علم کي باندي بنائي رڳو پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ وارن
حاڪمن جي هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ کان بچي سگهي. علم تي
اقتدار جي قبضي واري ان ماحول ۾ ڪابه نئين کوجنا
يا ايجاد ڪرڻ هڪ وڏي بيعزتيءَ جي ڳالهه هئي.“
بريخت جي هن ڊرامي جو مرڪزي موضوع سچ جي لاءِ پرجوش عقيدت آهي.
ڊرامي جو عظيم ڪردار، استاد گليلو، شروعات کان ئي
سچ جي ڳولا ۾ آهي. هن جي ڪيترن ئي مڪالن مان ان جي
تصديق ٿئي ٿي. مثال طور:
”سچ وقت جي پيداوار آهي ۽ نه سند جي “ (ص_ 56). يا_
”اسين سائنس جا طالب آهيون....اسان جو ڪم نه آهي ته پاڻ کان
بيهي پڇون ته سچ اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي“
(ص_57). يا_
”جنهن کي سچ معلوم نه آهي. رڳو هڪ احمق آهي. پر اهو جيڪو سچ
ڄاڻي ٿو ۽ ان کي ڪوڙ ٿو سڏي. سو هڪ خطرناڪ رهزن
آهي“(ص_101).
گليلو سچ جو حامي آهي، هو سچ کي سنڃاڻي ٿو. سچ جو پرخار ڪري ٿو.
هو ذهن جي آزاديءَ ۽ اظهار جي آزاديءَ جو نقيب
آهي. پر جڏهن مسيحي ڪليسا جي احتسابي عدالت هن کي
اُنهيءَ کان منع ڪري ٿي. هن کي عذابن کان ڊيڄاري
ٿي، تڏهن هو مصلحت کي ئي ضروري سمجهي ٿو. ٿي سگهي
ٿو ته ان جو ڪارڻ گليلو جي وڏيءَ عمر هجڻ ڪري سندس
جسماني ڪمزوري هجي. پر انهيءَ سخت امتحان مان گذرڻ
کان پوءِ به ”چرپر“ (حرڪت) جي موضوع تي هن جي آخري
ڪتاب لکڻ ۽ اُن لاءِ پنهنجي اکين جي نور وڃائي ڇڏڻ
مان معلوم ٿئي ٿو ته، زندگيءَ جي ڪنهن ڏکيءَ کان
ڏکيءَ نازڪ گهڙيءَ ۾ به هن پنهنجي مقصد کي ڪڏهن
نه وساريو. هڪ روايت مطابق احتسابي عدالت ۾ توبهه
نامي پڙهڻ کان پوءِ گليلو پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي
جيڪو هن جي ڀرسان بيٺو هو، ڪن ۾ چيو ته”ڌرتي اڃا
به ڦِري پَئي.“ اهڙيءَ ريت سائنس جي بقا ۽
سلامتيءَ خاطر استاد گليلو سائنس دشمن ٽولي سان
وقتي مصالحت ڪري هڪ نئين زماني جي شروعات ٿي چڪي
هئي. بريخت گليلو جي زباني، ڊرامي جي پهرئين ڏيک ۾
چورائي ٿو:
”آءُ جڏهن جوان هوس تڏهن هڪ ڀيري ٻه رازا ڏٺم ته پنجن منٽن جي
دليل بازيءَ کان پوءِ، هنن پٿر جي ڇپن کي مٿي
پهچائڻ جو ڇڪ ڇڪان ۽ ڌڪ ڌڪان وارو هزار سالن جو
پراڻو طريقو ڇڏي، هڪڙو نئون ۽ وڌيڪ ڪمائتو، پُلي ۽
بيرم وارو، طريقو ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو. اُتي ۽
اُنهيءَ مهل مون سمجهيو ته پراڻو زمانو پورو ٿيو ۽
نئون زمانو اسان وٽ اچي چڪو آهي“ (ص _4)
انهيءَ ساڳئي ڏيک ۾ اڳتي هلي گليلو وري چوي ٿو:
”سچ پڇين ته اسان جي دنيا ۾ نئين دؤر جو پهريون سج اڀري چڪو
آهي_ اهڙو هڪ عظيم دؤر جنهن ۾ ٺلهو جيئڻ به ثواب
آهي“ (ص_8).
گليلو سترهين صديءَ ۾ هڪ عقلي ۽ سائنسي دؤر جي چائنٺ تي بيٺو
هو. چـؤطرف ڏاڍ ۽ هٺ ڌرميءَ جي پابندين جي هوندي
به هن انسان ذات جي مستقبل کي روشن ۽ تابناڪ ڏٺو.
اهڙيءَ حالت ۾ ڪليسا جي احتسابي عدالت جي اڳيان
مصلحت ڀريو جواب ڏيئي، هن سائنس جي روشن راهن کي
جهالت، ڪٽرپڻي ۽ دقيانو نسيت جي تاريڪيءَ ۾ ٻڏڻ
کان بچائي ورتو.
سترهين صديءَ جي هن عظيم سائنسدان گليلو جي شاندار شخصيت، علمي
ڪارنامن ۽ قربانين کي تمثيل طور استعمال ڪري، بر
ٽالٽ بريخت ويهين صديءَ جي اُنهن هر قسم جي مفاد
پرست طاقتن کي پنهنجي تنقيد ۽ طنز جو نشانو بنايو
آهي، جن سترهين صديءَ جي ڪليسائي حاڪمن وانگر
سائنسدانن کي، يعني انهن جي عقل ۽ علم کي پنهنجي
مرضيءَ ۽ مفاد مطابق هلائڻ گهريو ٿي. گليلو
احتسابي عدالت ۾ مصلحت کان ڪم وٺي. سائنس کي ڪليسا
جي اقتدار مان ڪڍي بچائي ورتو: پر عجب ته ويهين
صديءَ ۾ سائنسدان سامراجي چنبن مان پاڻ ڇڏائي نه
سگهيا ۽ هن صديءَ ۾ فتح نيٺ سامراجي طاقت جي ئي
ٿي. اُنهيءَ جي حڪم سان ۽ اُنهيءَ جي نظرداريءَ ۾
ائٽم کي موڙڻ جو تجربو ڪامياب ٿيو، ۽ آخرڪار
آمريڪا هن صديءَ جو اُهو موتمار جنگي هٿيار ”ائٽم
بم“ جپان جي ٻن شهرن هيروشما ۽ ناگاساڪيءَ تي
اڇلائي، تباهيءَ ۽ برباديءَ جو هڪ اهڙو نظارو
ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي، پوريءَ انسانذات کان خوف،
ڏک ۽ ڪاوڙ وچان رڙ نڪري ويئي.
ويهين صديءَ جو اهو عظيم اَلميو ئي آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ
برٽالٽ بريخت ”گليلو“ ڊرامي کي علامت طور استعمال
ڪيو آهي. هن اَلمبي جي شڪار اڄ به هر اُهو ملڪ ۽
هر اُهو سماج آهي، جتي زور ۽ مفاد پرستي علم ۽
اقتدار تي قابض آهي. اسين پاڻ به اڄ هن اَلمبي جا
اُهڙا ئي شڪار آهيون. جهڙو استاد گليلو گليليءَ جو
سترهين صديءَ وارو اطالوي يا سڄو يوروپي سماج هو.
ويهين صديءَ جو اُهو خوف، ڏک ۽ غصو ئي آهي. جيڪو
تحرڪ ۾ اچي، تنگ نظريءَ تعصب ۽ اقتدار جي انڌ کان
انساني روح کي نجات ڏياري سگهندو، ۽ انسان جي دل
اميد، خوشيءَ ۽ ڪهل جي سوجهري سان روشن ٿيندي، ۽
هو پنهنجي لاءِ هن دنيا ۾ علم . انصاف ۽ محبت جي
جنت تعمير ڪري سگهندو.
حيدرآباد سنڌ.
_محمد ابراهيم جويو
4 سيپٽمبر 1977ع
شاهه، سچل، سامي
پنجين ڇاپي لاءِ ٻه اکر
زير نظر ڪتاب، “ شاهه _سچل _سامي، هڪ مطالعو“، جنهن جو پهريون
ڇاپو فيبروري 1978ع ۾ پڌرو ٿيو . اصل ۾ هڪ مضمون
طور لکيو ويو هو، ته جيئن ان کي سنڌي ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي ٽمورتي _ شاهه، سچل ۽ ساميءَ_ _ جي
ڪلام (”شاهه جي رسالي“، .رسالي سچل سرمست“ ۽
”ساميءَ جي سلوڪن“) جي ٽن جلدن (Trilogy)
جي هڪ ئي خصوصي اشاعت (ڊسمبر، 1978ع) لاءِ مهاڳ
طور پيش ڪيو وڃي.
5_ جولاءِ،1977ع تي ، ضياءُ الحق وارو خوني مارشل لا لڳي ويو
هو، ۽ خاص طرح سنڌ جي سڄي فضا هڪ وڏيءَ گهٽ ۽
ٻُوسٽَ ۾ ورتل هئي. مارشل لا کان اڳ، پيلس پارٽي،
حڪومت جي پوئين سال (1976ع) ۾ سنڌ دشمن، رجعت پرست
حلقن، خاص طور جماعت اسلاميءَ جي نظرياتي بلئڪ ميل
جي دٻاءَ ۾ ايندي، حڪومت سنڌ، شير شاهه جي شڪري
جو ڪم ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ هڪ سـؤ ڪتاب ۽
رسالا هڪ ئي قلم جي نوڪ سان ضبط ڪري ڇڏيا.
دوستن جو انديشو هو ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن هن مهاڳ سان اُها ٽن
جلدن واري ايڊيشن شايع ٿي ، ته پڪ ئي پڪ اُها به
ضبط ٿي ويندي. اُنهيءَ خيال سان، پوءِ فيصلو ڪيو
ويو ته اُن خصوصي ايڊيشن لاءِ الڳ هڪ سڌو سادو ۽
ننڍو مهاڳ لکيو وڃي، ۽ هيءُ مضمون جدا ڪتابي صورت
۾ شايع ڪيو وڃي.
۽ ائين هيءُ ڪتاب جڏهن پهريون ڀيرو پڌرو ٿيو، ته هڪ ئي مهيني ۾
ان جو ٻيو ڇاپو 3000 ڪاپين جو آندو ويو ۽ ان کان
پوءِ به هڪٻئي پٺيان هن جا ٻه وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي
چڪا آهن. ان طرح ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي، جو
سنڌي ادب جي باشعور ۽ باذوق پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش
ٿي رهيو آهي.
ڪتاب جي هن نئين ڇاپي سان شامل، آخر ۾، موضوع سان لاڳاپيل پنج
سنڌي مضمون_ _ ”اسين ۽ شاهه “، ”نئون نياپو“، ”سنڌ
۽ سنڌيت“، ”سنڌ منهنجي خوابن جي “، ۽ ”ڇڄ ۾
قطاران“، ۽ هڪ انگريزي مضمون ”Sindh and the Massage of Shah“
جو (پوئين سنڌي مضمون“ ڇڄ ۾ قطاران...“ جوهڪ طرح
اختصاريل هڪ ترجمو ئي آهي)، ۽ پڻ ڪتاب تي لکيل،
عزيز دوست تاج جويي جو مضمون، بعنوان ”تبصرو“ به
شامل ڪيا ويا آهن.
حيدرآباد سنڌ.
_محمد ابراهيم جويو
23 آگسٽ 1990ع
شاهه، سچل، سامي
1850_1689ع
مون هن مضمون ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي دؤر جو هڪ
مطالعو پيش ڪيو آهي. ان ۾ مون ان دور سان گڏ،
اجمالي طرح، خود اُن دؤر جي بس منظر طور، سنڌي
سماج جي تقريباَ سڄي تاريخي دؤر جي سياسي، مذهبي ۽
تهذيبي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. سنڌ جي تاريخ
جو اهو هڪ وسيع سماجي پس منظر آهي، جنهن جي
روشنيءَ ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي شعر جي جامع مقصد
۽ اُن جي اهميت کي سمجهي سگهجي ٿو.
سنڌي سماج جي تاريخ ۾ شاهه، سچل ۽ سامي ايئن آهن، جيئن زمين جي
اندر اُن جي تَهه بَتَهه پيٽ ۾ املهه ۽ جرڪندڙ
هيرا. هِن مضمون ۾ مون انهن جي سدا روشن فڪر ۽
پيغام جو ۽ سنڌي سماج لاءِ اُن جي معنيٰ ۽ بنيادي
اهميت جو جائزو پيش ڪيو آهي.
انهيءَ چوڻ جي واقعي ڪا ضرورت ڪانهي ته شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي
دور ۽ سندن شعر جي هيءُ مطالعو منهنجو پنهنجو شخصي
مطالعو آهي_ پر اُن جي حمايت ۾ مان ايترو ضرور چئي
سگهان ٿو ته ڪو ٻيو به جيڪڏهن سنڌ جي هنن بزرگ
شاعرن جي پيغام جو ساڳئي اِنهيءَ سماجي بس منظر
جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺندو ته هو به اُن ۾ اُها ئي
معنيٰ ۽ اُهو ئي بنيادي فهم ڏسندو، جيڪو مون کي
شخصي طور ان ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي.
ٻولي جيڪڏهن ڪنهن قوم يا سماج جي سڄي تجربي جي ياداشت آهي، ته
شاعري اُن جو اهم تجربي جي ياداشت آهي . ۽ جيڪڏهن
ڳالهه اُن جي بهترين شاعريءَ جي هجي، ته اُن جي
افاديت به ان لاءِ اُهڙي ئي انوکي، سچي ۽ اعليٰ ٿي
سگهي ٿي. هن مطالعي ۾ مون شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي
شعر جي اُنهيءَ اهميت ۽ اُنهيءَ افاديت جي ڳالهه
ڪئي آهي.
مون سوچيو هو ته مون مضمون سان گڏ، اُن جي مرڪزي خيال جي مدد ۾،
سنڌ جي هنن لاثاني شاعرن جي شعر جو انتخاب به ڏيئي
ڇڏيان ؛ پر ڪن دوستن جي صلاح بيٺي ته مضمون
پنهنجيءَ جاءِ تي جيئن هو تيئن شايع ڪجي، ۽ اهو
پنهنجن سڄاڻ ۽ لائق پڙهندڙن تي ڇڏجي ته هو اُن جي
روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هنن محب وطن ۽ محبوب
شاعرن جي سڄي شعر کي، جيڪو سندن سڄي ماضيءَ جي
تهذيبي تاريخ جو ورثو هو. پاڻ پڙهن، سمجهن ۽ دل
سان لائين.
انساني معاملن ۾ حسن، نيڪي ۽ خير_ اُنهن جي سڃاڻپ، حاصلات ۽
تعمير_ هي ڳالهيون جذبي ۽ عشق کان سواءِ ممڪن نه
آهن. ۽ جذبي ۽ عشق جو ڳالهيون يڪطرفي ايمان ۽ بي
روح تشدد ۽ اقتدار جي ماحول ۾ ڪڏهن ته دل ٻڌي ائين
چئي ڇڏبيون آهن. جئين سچل سائينءَ چوڻ چاهيون ۽
چيون_
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.....
پر اڪثر حالتن ۾، جيئن خود سچل سرمست به مناسب سمجهيو، اُنهن کي
سڌي سنئين چوڻ بدران ڪنهن رمز ۽ ڍنگ سان چوڻ ضروري
ٿئي ٿو_
ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ ور ڪو سمجهي” سچيڏنو“ چوي.
اسين، جو ڪجهه ٻڌون ٿا، پڙهون ٿا ۽ جو ڪجهه سوچيون يا سمجهيو
ٿا، سو پنهنجي ماحول مطابق ۽ پنهنجن مسئلن جي
روشنيءَ ۾ .ڪنهن جي سامهون ڪهڙا مسئلا آهن_ اهم
ڳالهه اِها آهي. پنهنجن اُنهن مسئلن جي روشنيءَ ۾
ئي هر ڪو ماڻهو ۽ هر ڪو سماج پنهنجي راهه جو ڏس
پڇي ٿو ۽ ڳولي ٿو _ پنهنجي تاريخ ، پنهنجي ادب ۽
پنهنجي سڄي تهذيبي ورثي جي حاصلات مان. شاهه، سچل
۽ ساميءَ جي ڪلام ۾ سنڌي سماج لاءِ ان راهه جو هِن
وقت ڪهڙو ڏس موجود آهي_ اهو معلوم ڪرڻ اسان مان هر
هڪ جو اڄ پهريون فرض آهي: مون هن مضمون ۾ سندن
ڪلام ۾ اُنهيءَ ڏس جي لهڻ جي پنهنجي پر ۾ هڪ ڪوشش
ڪئي آهي.
مضمون جي آخر ۾ ”اسين ۽ شاهه“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ مختصر
ڳالهه جيڪا تازو اسان جي نئين ٽهيءَ جي هڪ نمائنده
اشاعت ۾ ڇپي هئي. اُها جيئن جي تيئن شامل ڪئي اٿم_
جو مضمون جي مرڪزي خيال سان اُها پوري ءَ طرح
لاڳاپيل آهي. بلڪ ان کي هڪ طرح هن مضمون جو اختصار
چئي سگهجي ٿو.
آخر ۾ هڪ اعتراف ڪري ڇڏڻ بيحد ضروري آهي. هيءَ مضمون. جيئن
پڙهندڙن جي اڳيان آهي، هرگز ممڪن نه ٿي سگهي ها،
جيڪڏهن گذريل ڪجهه عرصي ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
سنڌ جي تاريخ جا اصلوڪا ماخذ شايع ٿيل نه هجن ها،
۽ خاص طرح جيڪڏهن اسان جي محترم بزرگ ۽ منهنجي
عزيز ترين دوست پير حسام الدين راشديءَ جي سنڌ جي
تاريخ تي ڪيل تحقيق اِشاعت هيٺ نه آيل هجي ها،
اسان تي اُن پنهنجي علمي ۽ سنڌ جي هن محب وطن بزرگ
عالم ۽ دانشور جي دلي شڪر گذاري لازم آهي.
حيدرآباد سنڌ.
_محمد ابراهيم جويو
17جنوري، 1978ع
”مقاصد“ (Ends)
جي سلسلي ۾ هيئن ٿو چئي سگهجي ( ۽ اِن تي سماوي ۽
ارضي طرز فڪر ٻنهي جو اتفاق آهي) ته مقصدن جو مقصد
انسان پاڻ آهي_ هر ڪوشش، هر ڀلائي ۽ هر تربيت ۽ هر
تنظيم انسان جي پنهنجي نجات ۽ پنهنجي عروج لاءِ
آهي _ انفرادي طور به ۽ اجتماعي طور به: بلڪ جڏهن
کان انسان سماجي طرز زندگيءَ ۾ پير رکيو ۽ مٿس.
يعني انسانن مان ڪنهن هڪ انسان تي به، اها حقيقت
روشن ٿي ته ٻن جي باهمي تعاون سان ئي ٻنهي جي مشڪل
ڪشائي ۽ احتياج رسائي آسان ٿي سگهي ٿي، تڏهن کان
سماجي زندگيءَ جو هر صحيح نظام ۽ هر صالح انقلاب
جي پهچ جو نشان يعني اُن جو مقصد فقط ۽ فقط انسان
جي گڏيل نجات ۽ انسان جو مشترڪ عروج يا ترقي ئي
مقرر ٿيو_ نجات پنهنجي ڳاڻيٽي کان ٻاهر جڳن جي
حيوانيت ۽ اُن جي گڏ ٿيل ۽ گڏ ٿيندڙ اثرن ۽ آثارن
کان ۽ عروج پنهنجي لاحد، ترقي پذير، اعليٰ کان
اعليٰ تر انسانيت ڏانهن.
|