*گلنار بدر پورهيت
عورت
مُهاڻي
اڄ درياهه جي راڻيءَ جو احوال ڪريان ٿي سرتيون،
يعني آئون مهاڻيءَ جو احوال ڪريان ٿي سرتيون.
مير بحر ويچاري ڏسجو ڪيئن ٿي جيون گهاري
سنڌو جي سيني تي ٿي پئي جيوت ٻيڙي تاري
سارو ڏينهن ڪري ٿي عورت سنڌوءَ ساڻ رهاڻيون،
مُنڌ مهاڻيءَ جون اڄ کوليون ٻٽڙي قرب ڪهاڻيون.
ور سان گڏجي ٻيڙي ڪاهي بيٺي ونجهه هلائي،
ڪيئي، راهه مسافر مائي پار کڻي پهچائي.
ڪڏهين واءُ سڻائو آهي ڪڏهين ڇوهيون ڇوليون،
موج ڀري مهراڻ جون لهرون ٻيڙين کي ڏين لوليون
طوفانن کان ڪين ڊڄي ٿي ارڏي آهه مهاڻي
درياهن جو ڄڻ ته ڪڇي وئي آهي پورهيت پاڻي
ڄار وجهي ٿي پاڻي ۾ سا رب کي روز سنڀالي ،
ڪرڙيون پڪڙي وڪڻي تنهن مان پورهيت پيٽ ٿي پالي
ڏنڀرا ڪرڙا پلڙا جهينگا گانگٽ کوڙ جهلي ٿي
ڪجهه وڪڻي ڪجهه پاڻ پچائي ٻچڙن ساڻ پلي ٿي
ککين کاريون بدبوءَ واريون ، مير بحر جي ملڪيت
ڄار اُڻي ۽ ڄاريون ٺاهي سمجهي تن کي دولت
هڪ هٽي آ پيٽ وڏن ڪيئن ٺيڪيدارن جوڙي
سستي اگهه تي مال وٺڻ لئه ڊاڪو آيا ڊوڙي
مجبوريءَ مجبور ڪئي آهيڻي حال مُهاڻي،
ٺيڪيدارن وٽو ڪڻي ٿي سستو مال مهاڻي
”نوري“ واري نوڙت ڌاري مٺڙي مور مهاڻي،
آهي درد ونديءَ جي دردي ساري قرب ڪهاڻي
حال ڪيو گلنار اوهان سان کولي سڀ سنگتياڻيءَ جو
يعني پياري پورهيت عورت مٺڙي منڌ مهاڻيءَ
جو
*امير مهر علي
ڏسنديس وڻ پنهنجي وطن جا
آئون
هڪ جلاوطن،
پنهنجي ماروئڙن لاءِ سڪان ٿي ۽ سڙان ٿي،
پنهنجي مٺڙي ماڳ لاءِ ماندي رهان ٿي،
پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي سرهي مٽيءَ کي،
هٿن ۾ کڻي، اُن جي سرهاڻ سنگهڻ لاءِ سڪان ٿي،
۽ اُن مٽيءَ کي چمڻ ڇاهيان ٿي،
منهنجي ديس جي پڻيءَ کي
پنهنجين اکين ۾ سرمون ڪري وجهڻ چاهيان ٿي؛
جن گهٽين ۾ منهنجو ٻالڪپڻو گذريو،
انهن گهٽين ڏانهن ويندڙ ۽ نيندڙ راهن ۽ رستن
ڏانهن،
ائين تڪيان ٿي، ڄڻ ته،
اهي جنت ڏانهن نيندڙ راهون آهن،
سڄي سڄي رات جاڳندي، آئون سوچيندي آهيان
ته منهنجي وطن ۾ چنڊ،
ڪهڙو نه سونهن ڀريو ۽ سهڻو اُڀريو هوندو،
۽ سڀئي سهيليون ۽ سرتيون چانڊوڪيءَ ۾ ويهي،
سُرهي ۽ سڳنڌ ڀرئي وايو منڊل ۾، اڱڻ ۾ ويهي،
اندر جو اُهاءَ اورينديون هونديون.
انهيءَ سوچ ۽ ويچار ۾
پرهه ڦٽي ويندي آهي ۽ اهو ئي خيال،
مون کي بيحال ڪندو آهي ته،
سنڌوءَ جي هن پار ۽ هن پار، چارون طرف،
سورج ڪني ڪڍي آهي، ۽ ان،
اونده جا سڀ پردا هٽائي،
روشنيءَ کي نراور ڪيو آهي،
ساري جڳ کي نور سان نوازيو آهي، پر
منهنجا مارو، منهنجا سانگي،
ڀيڄ ڀنيءَ جو ئي،
پنهنجين پنهنجين ڪرتن کي لڳي ويا هوندا،
هر ڪلهن تي رکي هليا ويا هوندا ،
۽ آئون،
سارو سارو ڏينهن پئي، پنهنجين پرين کي
سنڀار يان ۽ ساريان،
ڪانگل پيئي اُڏار يان،
کيانتن کان خبرون پيئي پڇان، جيڪي ڏين پيا ڳارا.
۽ منهنجي دل،
منهنجي دل اُداس آهي، اُنهن لاءِ،
جن کي آئون آهيان ياد هميشه،
وس بيوس آهن، بي پهچ آهن اُهي؛
منهنجي ديس ۾ منهجهند ڌاري لڳندڙ لڪون ۽،
شام جو پُر مسرت ٿڌيون هوائون ۽ هيرون،
سنڌوءَ جون مستيءَ سان ڀريل لهرون ۽ ڇوليون،
دل کي دهڪائيندڙ اُن جي دهشت ۽ گجگوڙ
تک ۽ تيز وهڪرو،
ان ساري حال کي، ساري ۽ سنڀاري،
اکين مان آب اوتيان ٿي،
پچان ٿي ۽ پڄران ٿي،
راتو ڏينهن جن لاءِ
الاجي ڪهڙي ڏوهه جي سزاپيئي ڀوڳيان،
شايد ڪنهن گناهه ۽ غلطيءَ جو خميازو پيئي ڀريان؛
تنهن هوندي به آسروند آهيان ته،
ماڻيندس آزادي، ۽
ملندم ڇوٽڪارو، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن
ضرور هن جلاوطنيءَ مان،
ڏسنديس وڻ وطن جا، ۽
چمنديس چائنٺ پنهنجي چمن جي، ۽
ميڙو ٿيندم مارئڙن سان هڪ ڏينهن.
*نورجهان
” نرمل“ چنا
ڪاڪ محل ڪو ته پڇي
توسان جڏهن مان ملندي آهيان،
تنهنجن نازڪ لبن تي،
مُرڪ هوندي آ.
۽ مان ڏسندي آهيان
تنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾،
پنهنجي تصوير،
۽ پوءِ
قرب جي ڪاڪ محل ۾ ويهي
توکي پيار ڪندي آهيان،
پر راڻا،
ائين لڳبندو اٿم،
ته اهو هڪ سپنو آ،
جيڪو اک کُلڻ سان ٽُٽي پوندو،
۽ پوءِ،
نه تون هوندين نه ڪاڪ محل هوندو.
وقت جو اهڙو واءُ ورندو،
منهنجو محل ڊهي پوندو،
۽
تنهنجي اکين جي ماڻڪين ۾،
نئين مومل،
نئون ڪاڪ محل هوندو،
(نثراڻو نظم)
*نجمه راشدي
ڪو ته پڇي
ڪو ته پڇي، ادي!
حال منهنجو،
سُور به مون کي، پُور به مون کي
هيڻو آهي حال به منهنجو،
وَر آهاري،
گهر آ خالي،
ڪڏهن بکن ۾ ڪڏهن اُڃن ۾،
پورهيت پيءُ جا، ننڍاڙا ٻچڙا،
انگ اگهاڙي،
کيڏن ٿا ۽ سُمهن ٿا،
سال سمورو،
او ڌرتي،
پيٽ پوي ٿو پالڻو.
جيڻ اسان جو،
سُک نه ماڻيندو شايد!
نصيب اسان جو، پورهيو آهي.
۽ پورهيت دوست الله جو آهي.
پوءِ به آهي، بک بڻي مقدر اسان جو!
*زيب النساءَ زيب
مان زنده رهنديس !
هي اوچون ديوارون فولاد سنديون رُڪَ
چؤ طرف ڪوٽ ڪڙول
ساهه ڪنهن پڃري ۾ سُڪَ
انهن ديو جيڏن ديوارن ڏانهن ڏسي
سوچيندي آهيان ته
ڇا اهي ديوارون ؟؟
اسان ڪاڻ ٺاهيون ويون آهن؟
جن ۾ اسان صدين جيڏا پل
سڏڪي سڏڪي گذاريون
اسان چاهيندي به ديوارُن جا دنگ،
ڀڃي ڪين سگهياسين.
اسان چاهيندي به ديوارن ٽپي ڪين سگهياسين
جڏهن سانوري سلوڻي شام جو
هلڪي هلڪي هير گهلندي آهي
ان ويل دل ۾ ايندو آهي،
هي ڪوٽ ڪڙاڀڃي،
رستن تي اڪيلي اڪيلي گهمندي رهان،
آزاد هوا ۾ ساهه کڻان
پر!!
انهن روڊن گهٽين ۾ گهمندڙ
انسان نما بگهڙ،
ڇا مون کي ڇڏي ڏيندا؟؟؟
ڇا هو پنهنجي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي ڇڏي ڏيندا!!!؟؟
نه...... نه...... هرگز نه......
پر!!.....
مان انهن سان مقابلو ڪنديس
ها...... ها......
ڀل ته منهنجي وجود جا ذرا ذرا ڪيا وڃن
مان وري وري زنده ٿينديس.......
مان وري وري زنده ٿينديس.......
نسيم شيخ
صحرا
هان..... هي ڇا ٿيو آ صحرا ۾!!
غبار! راهه ۾ ڇو ڪاروان لڳو ڀٽڪڻ
اڃان ته موسم طوفان پري آهي
ڪنڊو قلب ۾ آهي لڳو کٽڪڻ
هي رستي تي ڪير ۽ ڪيئن ستو پيو آهي
ڇو منهنجي سيني ۾ لڳي باهه ڀڙڪڻ
ڇو ڌُوڙ ڌُوڙ ۾
لڳو آ قافلو ڀٽڪڻ......!!
*زڪيه تبسم عباسي
غزل
ڪيڏا آهن سهڻا سي، تو لاءِ ڏٺم جي خواب مٺا!
يادن جي دنيا ۾ اچي، ٿو مون کي ڪرين شاداب مٺا!
تنهنجي ڪارڻ روز ملن ٿا، مهڻا سڀ ٿا سهڻا پون،
تنهنجي وفائن خاطر، دنيا ڏئي ٿي ڪيڏا عذاب مٺا!
منهنجي سامهون ايندي ئي، تصوير به ڄڻ شرمائي ٿي
پيارا آهن پيارا لڳن ٿا، اهڙا سڀ حجاب مٺا!
سوچن جي ٻيڙيءَ ۾ ڇوهي، آيس ڪيئي بحر لنگهي
هر پل توسان هاڻ هجان شل! توکان ڪهڙا نقاب مٺا!
املهه آهي محبت پنهنجي، آ مقدس پنهنجي عقيدت
پارس جهڙو پيار اسان جو، آهي ڄڻ ناياب مٺا!
ٿڌڙي ٿڌڙي چانڊوڪيءَ جيان روح لڪل سرهاڻ جيان،
منهنجي ننڍڙي دنيا جو آن تون ئي فقط مهتاب مٺا!
تنهنجي لاءِ
ئي گيت لکان ٿي، لوچان، لڇان ۽ ڪجهه نه ڪڇان ٿي
منهنجي تبسم منهنجي پيڙا ڄڻ ڪو بند ڪتاب
مٺا!
*نوشين سپنا کوکر
غزل
مون سان جفا ڪئي تو وفائن جي آڙ ۾
ڏيندو رهين فريب محبت ڪري ڪري
ڳالهيون ملڻ جون مون سان توئي سدا ڪيون
هڪ وار به نه آئين وعدا ڪري ڪري
اي ڪاش! مان وساريان سڀ تنهنجون ڳالهيون
روئان ٿي ياد تنهن جا قصا ڪري ڪري
محبت ڪرڻ جي مون کي آهي ڏني سزا تو
ڏک ۽ غمن جي مون تي عنايت ڪري ڪري
مون تي ٿيل ستم تي، دل جي ڦٽل شهر تي
آڪاش روئي ٿو سپنا رِيسون ڪري ڪري
*ناز قريشي
نظم
هڪ گل هوا جي ڪنهن لهر تي،
جهڪيو هئو مون ڏانهن
مون جو ان جي خوشبو ۾ گم ٿي
دير ڪئي پٽڻ ۾
ته دور ٿي ويو مون کان
هوا جي ٻي لهر تي
مان ڏسندي رهيس خاموش نظر سان
بي نور اداس اکين سان
مون کي ٿيو احساس هوا جي سنگدلي جو
لاپرواهي جو
وس هلي منهنجو نٿو، هر شيءِ آهي
ڪائنات ۾ خود مختيار
ڪاش!
ڪو حڪم منهنجو به هلي.
*ثمينا ميمڻ
سياري جي سرد
رات ۾
جڏهن سارو عالم
هوندو آهي
خوابن جي
دنيا ۾ گم سم
تڏهن مان
هوندي آهيان
پنهنجي ڪمري ۾
ٽڙيل پکڙيل
ڪاغذن جيان
جيڪي منهنجي ئي
هٿن سان ويندا
آهن
بي ترتيب ٿي
*نجمه پنهور
غزل
ڏاڍ سدا ڪين ڪي رهندو،
ظلمُ هڪ ڏينهن نيٺ ته کٽندو.
ڪاريءَ رات جي ڪک مان ساجهر،
سج سهائي بنجي اُٿندو.
جيڪو ديوار پويان آ،
هڪ ڏينهن نيٺ ته سامهون ايندو.
مون کي خوشبو مهڪائي وئي،
خوشبو لهر کي ڪير جهليندو؟
دريا دريا منهنجون سوچون،
ڪير ڪنارو بنجي سُرندو.
تارا، چنڊ ۽ رات نماڻي،
مون سان ساٿ انهن جو هوندو.
*پرهه سڪينه گاد
شرعي حق
اڄ وري
ڪا ناري
بنا جوڙ جي نڪاح جي
ٻڌڻن ۾ ٻڌي وئي،
اڄ وري ڪنهن جا سپنا
انا خاطر نراس ڪيا ويا.
اڄ وري ڪنهن ناري کان
شرعي حق کسيو ويو،
سندس ڏڪندڙ ۽ سڏڪندڙ
ڪنڌ کي زوريءَ لوڏي هاڪار
ڪرائي وئي.
شاهدن مبارڪون ڏنيون
سندس ڀاءُ مبارڪون وصول ڪيون
او ڊاڪٽر ڀاءُ!
توکي ڀيڻ جي بنا جوڙ نڪاح
ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي
ته پوءِ تون به پنهنجي
ويٺل ونيءَ سان نڪاح
ڇو نه رچايو.
تنهنجا ارمان ڀيڻ کان مٿاهان آهن؟
توکي حق پهچي ٿو
پسند ۽ ناپسند جو، ته پوءِ ڀيڻ کي به
اهو حق ڏي،
هن کان هن جو شرعي حق نه کس.
*شمع منير
نظم
هو ڏس ناري نير وهائي
واجهه وجهي ۽ پئي واجهائي
ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويٺي
ڳوڙها ڳاڙي پاند پسائي
چانڊوڪين راتين ۾ اڪثر
ڳوڙهن جا ٿي مينهن وسائي
هن جي دل ۾ درد دکن ٿا
ڪهڙا ڪهڙا ديپ جلائي
هاءِ حياتي سيج ڪنڊن تي
ڪير ڪنڊ کان پاڻ بچائي |