ماڻهو انهن لاءِ تڙپندا آهن، جيڪي کين پنهنجي
مرضيءَ سان ڇڏي ويندا آهن. اسان ڪنهن سان ايترا
گهرا ڇو ٿيون؟ جو ڪير هٽائي ڇڏي؟
مون رشتن کي پرکي ڏٺو آهي، هرڪو پنهنجو مفاد رکندو
آهي. اسان جا ٻين سان تعلقات انهيءَ خيال کان
مختلف هئڻ گهرجن.
*فيري
التجا
اي وقت
تون
ٿورو ترس
هي جي خزائون
ڪنهن جي مرڪ سان
بهارون بڻجي ويون آهن
متان
ايندڙ بهارون
اُن مُرڪ بنا
خزائون بڻجي وڃن
تون
ٿورو ترس
تون ٿورو ترس.
*
اڄ
وري
نيڻ
تنهنجي يادن تي
برسيا آهن،
۽
مون تنهنجا سمورا
سانڍيل خط
الماريءَ مان ڪڍي
پڙهيا آهن.
*
تو سان گذاريل گهڙيون
مون کان وڃائجي ويون آهن
مان
تنهنجي يادن ۾ جنم قيدي
بڻجي ويئي آهيان.
*
مان
اُن معاشري جي
عورت آهيان،
جنهن وٽ سڄي ڄمار
اهڙي ڪائي ائڊريس نه هوندي آهي
جنهن تي هوءَ پنهنجي اندر جو سارو
”ڪرب“
لکي موڪلي سگهي.
*
تنهنجي وڇوڙي کان
تو لاءِ خريد ڪيل،
هن نئين سال جي
ڪارڊ تائين،
تو لاءِ ڀوڳيل
پل پل جي پيڙائن
سميت توکي
نئون سال مبارڪ.
*
مون پڪاريو
تو نه ٻڌو
تون سامهون آئينءَ
مون نه ڏٺو
ها شايد
اسان ٻنهي کي
اُن پريم کان به
وڌ پياري هئي
پنهنجي پنهنجي
اَنا.
*
منهنجي
بند اکين جا سپنا
واجهائن پيا
ساڀيان لاءِ
لوهين سيخن پٺيان بيٺل
ان قيدي وانگر
جو
پنهنجي ئي گهر ۾
لٽيو. ڦريو
۽ پوءِ
قيدي به بڻيو.
ليکڪ: وشنو ڀاٽيا
تبصرو: وجنتي مالا
پيار جو آئينو
وشنو ڀاٽيا
وشنو ڀاٽيا جو هي ڪتاب ناري پبليڪيشن پاران ٻيو
ڇاپو ڇپرايو ويو آهي ۽ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو
انڊيا ۾ ڏهه سال اڳ ڇپيو هو ۽ هن ڪتاب کي هتي سنڌي
ادب ۾ (سنڌ ۾) ڇپرائي ناريءَ ڪارنامن واري خاني ۾
هڪ وڌيڪ لفافو رکي ڇڏيو آهي.
هي ڪتاب سراءِ (مسافر خانو) ۾ رهندڙ پنجن ماڻهن
تي لکيل آهي جيڪي هڪ ئي ڪمري ۾ رهن ٿا، انهن مان
ٽن جا پنهنجا پنهنجا رومانس آهن خواب ۽ خيال آهن،
جن کي هن ناول ۾ سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي ته
اهي زندگيءَ ۾ ڇا بڻجڻ چاهين پيا ۽ اڄ ڇا ڪري
رهيا آهن. اهو بلڪل ائين ڏيکاريل آهي جيئن اسان جي
معاشري ۾ ٿئي ٿو.
هڪ ڪتابن جو اسٽال لڳائيندو آهي جيڪو گونگو آهي ان
سان گڏوگڏ ٻوڙو پڻ آهي، ڪتابن جي دڪانن وارن کي
جيڪو وقت ملندو آهي ته اهي ويهي پڙهندا آهن ۽
پڙهندي پڙهندي کين لکڻ جو شوق پڻ جاڳندو آهي. تئين
هن ناول جو هڪ ڪردار ڪانتي پڻ لکندو آهي پر سندس
لکڻيون بي وزنائتيون هجڻ ڪري اخبارن ۾ اڪثر ڇپجي
نه سگهنديون آهن.
وشنو ڀاٽيا هن ناول ۾ ان لاءِ جنگ جي مالڪياڻي جو
ڪردار پڻ آهي جيڪا ننڍپڻ کان ڏکن ۾ پلي آهي ۽
سندس ٻه پٽ ڪنهن بيماريءَ ۾ ۽ مڙس ايڪسيڊنٽ ۾
مري وڃن ٿا.
هي عورت ڏاڍي دُکي ۽ نرم دل آهي پر مٿانهون ڏيکاءُ
سخت اٿس. هو پنهنجن گراهڪن کي وڌيڪ سهوليتون ڏيڻ
کان ڪيٻائي ۽ هر ڏينهن وڌيڪ پئسا وٺڻ لاءِ اڳواٽ
چوندي رهي ٿي.
ناول ۾ هن عورت جو ڪردار ڪنهن سخت مزاج گهر ڌڻيءَ
جهڙو آهي. هنن کي هر وقت ڌمڪائيندي ۽ ڊيڄاريندي
رهي ٿي جنهن تي هي پنج ئي دوست کيس تنگ ڪندا ۽
چيڙائيندا رهن ٿا ۽ هٽلر جو نالو ڏين ٿا.
ناول ۾ هڪ پراسرار ڪردار سوامي جو آهي جيڪو عجيب و
غريب ماڻهو آهي هڪ هڪ ڳالهه تي ڪلاڪ کن
ڳالهائيندو آهي. اصل ۾ اهو هڪ پوليس آفيسر آهي
جيڪو ڪنهن قاتل کي پڪڙڻ لاءِ سوامي جو ويس پهري
اچي ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو. ناول ۾ هر هڪ سان هڪ
رومانٽڪ رول پڻ آهي، جيڪي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽
سمجهائڻ ۾ ناڪام آهن هڪ ڏينهن اوچتو ڪا عورت اچي
ٿي رات جو ڪمري ۾ سمهي ٿي پئي ۽ صبح جو سراءِ جي
مالڪياڻي سان ملي ٿي ۽ هميشه لاءِ سراءِ ۾ رهڻ لڳي
ٿي.
هن ناول پڙهڻ سان لڳندو ته هي ناول ڪنهن رومانس
بابت نه لکيو ويو آهي- پر سماج جي پورن مسئلن جي
عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن ناول جا ڪردار هوبهو ٽين
دنيا جي ماڻهن جا ڪردار آهن.
هن ناول ۾ وشنو ڀاٽيا ماڻهو کي همت نه هارڻ،
بردبار ٿيڻ ۽ هر ڏک صبر سان برداشت ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي
جو احترام ڪرڻ ڪنهن کي گهٽ وڌ نه سمجهڻ ۽ زندگي کي
سليقي سان گذارڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ليکڪ: نرگس لطيف
تبصرو: علي دوست عاجز
انگريزي صحافت جي حوالي سان مشهور ليکڪا نرگس لطيف
جي مضمونن جو هي ڪتابڙو 88 صفحن تي مبني آهي.
ٽائيٽل ڪور تي ليکڪا جي تصوير چٽيل آهي. هن ڪتاب
جي ارپنا نجيب احمد شهيد جهڙن جوڌن کي ٿيل آهي.
ارپنا مان ئي ڪتاب جو نچوڙ ملي وڃي ٿو. ڇو ته سچو
صحافي اڏول بهادر ۽ بي رياءَ ٿئي ٿو ۽ سچائي جي
راهه ۾ وڙهندڙن ۽ شهيد ٿيندڙن کي عظيم سمجهي
ٿو. ان ڪري نرگس لطيف صاحبه پنهنجو خيال ۽ جذبات
جو هي سرمايو اهڙن سر جي سوداگرن کي منسوب ڪيو
آهي.
هن ڪتاب جو پهريون مضمون ”آهيان جي وچ ناهيان“
آهي. هن مضمون ۾ ڏاڍي سهڻي نموني سان اهڙين
ڳالهين، چوڻين ۽ ڪرڻين جي وضاحت ڪئي وئي آهي. جيڪي
بدلجندڙ دور سان گڏ پنهنجي افاديت گهٽائي ۽ مٽائي
چُڪيون آهن. يا انهن چوڻين جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻه
پهلو آهن. جيئن غريبيءَ کي سٺو سمجهيو ٿو وڃي. پر
ساڳئي معاشري ۾ غريبي لعنت به آهي. سونهن کي
ساراهجي ٿو، ساراهه جوڳي به آهي پر ان ۾ سيرت نه
هوندي ته آدرشن جو ٽڪراءُ پيدا ٿيندو- ماءُ کي
نرم دل ۽ نرم سڀاءُ واري انسان طور پيش ڪيو وڃي
ٿو. پر اهڙيون مائر به هيون جيڪي انقلاب فرانس جي
زماني ۾ ماڻهن جون سسيون وڍجندي ڏسي، سئيٽر اُڻي
رهيون هيون. جيئن انگريزيءَ کي سامراج ٻولي سمجهي
ڌڪارڻ جڏهن ته ان ۾ شيڪسپيئر ۽ برٽرينڊرسيل به اچي
ٿي ويا. مذهب کي ضيا آمر جي حوالي ڪري ان کان
ٽهڻ جهڙين ڪرڻين تي روشني وڌل آهي ۽ اهڙي ريت
روايتي سوچ ۾ تضاد اُڀاري ان تي بحث ڪيو ويو آهي.
ٻيو مضمون علم جي ”اُڃ“ جي عنوان مان هڪ آهي. جنهن
۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته تعليم جو
معيار هروڀرو وڏن اسڪولن يا عمارتن ۾ نه پر وڻن جي
هيٺيان هلندڙ اسڪولن ۾ آهي. ڇو ته ٻهراڙيءَ جا هي
استاد مخلص آهن ۽ پاڻ کي ذميوار سمجهن ٿا. تعليمي
معيار هروڀرو ڪاميابي نه آهي. يا اهڙو سرٽيفڪيٽ نه
آهي جيڪو ٺڳي سان يا چالاڪي سان حاصل ڪيو ويو
هجي. حقيقي علم ڄاڻ کي ڄاڻايو ويو آهي. جيڪا ڪنهن
اداري کانسواءِ تجربي مان ئي حاصل ٿئي ٿي. تعليم
جو اتساه ڏياريندڙ استاد آهي. جيڪو هڪ ماءُ جيان
سڀڪجهه ٻار کي ڏئي ڇڏي ٿو. پر جتي سٺو استاد نه
آهي. اهو اسڪول يا ماحول ڊيڄاريندڙ آهي. ان کان
پري رهڻ چڱو آهي.
جديد قديم مضمون به ڏاڍو دلچسپ آهي. جنهن ۾ ڏسيو
ويو آهي ته ڪنهن مغربي توڙي مشرقي ملڪن ۾ ماڻهن
مصنوعيت کان تنگ اچي ڪٿي فطرت ڏانهن موٽ کاڌي آهي.
ڇو ته فطرت انسان جي ماءُ آهي.
گهڻن هنڌن تي نوجوان بڻجڻ مٿانهين
Status
جي ڳالهه بنجي وئي آهي ۽ يورپ ۾ پوڙهو ٿيڻ اڇوت
ٿيڻ جي برابر آهي جن کي نوجوان اولاد ڇڏي ڏيندو
آهي قديم دور کان اڄ جي دور تائين ڪيئن عورت تي
ظلم ڪيو ويو آهي. ڄڻ تاريخي حالتن کي پٺتي موٽايو
يا دهرايو ويو آهي.
ڇا سوشلزم ختم ٿي ويو آهي. هن ۾ سوشلزم جي ڪمزورين
۽ فائدن جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. قوم پرستي هڪ سوچ هن
مضمون ۾ سنڌ ۾ هلندڙ قومي سوچ جو سٺو جائزو ورتل
آهي.
”عورت ۽ معاشرو، عورت تي روايتي ظلم خلاف سٺو آواز
آهي ۽ انهن رسمن ۽ رواجن خلاف سٺي نشتر زني ڪيل
آهي. ”عورت ۽ حسن“ ۾ ڪيئن رڳو عورت جي سونهن جي
واکاڻ ڪري سندس ٻين صلاحيتن کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿئي
ٿي ۽ عورت رڳو سجاوٽ ۽ وندر جو شڪار بڻجيو وڃي يا
پردي جي سختيءَ جي ڪري رياڪاري جنم وٺي ٿي ۽ ڪٿي
جنسي آزادي بي راه روي ۽ تپاهي جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
مقصد ته وڏي جرات ۽ هوش سان معاشري جي اخلاقي
پهلوئن تي قلم کنيل آهي.
ان کانسواءِ اڄ جا فرعون ۽ يزيد، مذهب اڄوڪي زماني
۾، سنڌي صحافت جون ڪمزوريون، زراعت ۾ نئين
ٽيڪنالاجي ۽ ان جو روزگار تي اثر ڇا جيت مار
زهريلن دوائن کان ڇوٽڪارو ٿي سگهي ٿو.
ڪتاب جي قيمت ڪجهه ڳري آهي ڇو ته ههڙا ڪتاب رڳو
شاگرد ۽ ليکڪ قسم جا ماڻهو خريد ڪن ٿا. جيڪي ڪتابن
جو عشق ته رکن ٿا پر کيسي ۾ ڪجهه گهٽ تائي هوندي
اٿن. هي ڪتاب هر قسم جي پڙهندڙن کي مطالعو ڪرڻ
گهرجي.
تبصرو: ڪوشيا
انساني حقن جو پڌرنامو
”انساني حقن جو پڌرنامو،“ هي ڪتاب بدرالدين سومرو
ميمبر انساني حقن جي ڪميشن ڇپرائي پڌرو ڪيو. هي
ڪتاب 84 صفحن تي مشتمل آهي. هن جي ڇپرائڻ جو مقصد
اهو رکيو ويو آهي ته جيئن سنڌي ماڻهن کي به بين
الاقوامي طور تي انسانن سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف
اٿندڙ آواز سان ملائجي ۽ ٻڌائجي ته اسين گڏ آهيون.
هي پڌرنامو ڇپرائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ هڪ
وڏو ڪارنامو آهي. هن جي مهاڳ ۾ مرتب لکيو آهي ته
ڌرتي جيڏي پراڻي آهي. انسان جي آزادي، انصاف ۽
برابري واري ويڙهاند به اوڏي پراڻي آهي. اها
ويڙهاند اڄ تائين فرد، ٽولي، قبيلي ۽ قوم جي صورت
۾ جاري آهي. صدين کان ڏاڍي ۽ هيڻي جي جنگ اڃا به
نون نالن ۽ نئين انداز سان هلي پئي. واقعي ڪيڏو نه
سچ آهي، بلڪل ائين ئي جتي به ڏاڍ ۽ استحصال رهيو
آهي، اتي صدين کان جنگ جاري آهي. هي سڄو ڪتاب
انساني حقن جي باري ۾ لکيل آهي ته انسانن جا
بنيادي حق ڪهڙا آهن. پوءِ اهو انسان زندگيءَ جي
ڪهڙي به شعبي ۾ ڪم ڪندو هجي. انساني حقن جو
پڌرنامو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 10- ڊسمبر
1948ع تي منظور ڪيو هو.
ليکڪ: پروفيسرڍ سيد گل محمد شاه ”گل“ بخاري
تبصره: بشير احمد ”شاد“
ذڪر رسول
پروفيسر سيد گل محمد شاه ”گل“ بخاري جي نعتيه
شاعريءَ جي تازي ڇپيل ڪتاب ”ذڪر رسول صه“ جي
مطالعي جو موقعو مليو. معيار توڙي مقدار جي لحاظ
کان هي نعتيه ڪلام انفرادي حيثيت جو حامل آهي.
سنڌي زبان ۾ ڪنهن به شاعر جو ايترو نعتيه ڪلام
ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل گهٽ نظر آيو آهي.
”ذڪر رسول“ جو انتساب شاعر رسالت حضرت حسان بن
ثابت ڏانهن ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مقدمو سنڌ جي
ڪهنه مشق شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار لکيو آهي.
ڪتاب کي مک ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾
حمد، مناجات، سلام ۽ صلواة، ٻئي حصي ۾ نعتيه غزل،
نعتيه نظم، نعتيه ڪافيون ۽ مولود، اهڙي طرح ٽئين
حصي ۾ مسدس ۽ مخمس ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾
ڪتاب ۾ آيل شخصن جي نالن جو وچور ڏنو ويو آهي.
فني نقطه نگاه کان ڪتاب جو جائزو وٺڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته سيد گل محمد شاهه ”گل“ شعر جي سٺي ڄاڻ
رکي ٿو. سندس سمورو ڪلام علم عروض جي پابندين تحت
جوڙيل آهي. منجهس فصاحت، بلاغت ، سلاست ۽ جدت جون
خوبيون خوب نظر اچن ٿيون. هڪ نعتيه غزل ۾ شاه
صاحب ٽيهن کان وڌيڪ انبياء ڪرام جا نالا نهايت
موزون ۽ با معنيٰ طريقي سان ڪم آندا آهن. اهڙيءَ
طرح هن هڪ بي نعتيه غزل ۾ نبي مڪرمه صه جن جا چار
سؤ اسماءَ گرامي استعمال ڪيا آهن، جيڪا نعتيه
شاعريءَ ۾ هڪ منفرد ۽ سهڻي ڪوشش آهي.
فڪري لحاظ کان ”ذڪرِ رسول“ سيد گل بخاري جي عاشقِ
رسول هجڻ جو عملي ثبوت آهي. سندس هر هڪ شعر عشقِ
رسول جو مظهر نظر اچي ٿو. اسلامي تاريخ جي انقلابي
۽ اڻ مٽ واقعن کي ڪتاب جي زينت بڻايو ويو آهي.
شاهه صاحب جي سرورِ ڪونين سان محبت جو هڪڙو ثبوت
ان مان ملندو جو سندس لئبرريءَ ۾ سيرت پاڪ تي هڪ
هزار جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن. جڏهن ته وٽس ڪل
ڪتابن جو تعداد ڇهن هزارن کان به مٿي آهي.
”ذڪر رسول“ سيرت اڪيڊمي شهدادڪوٽ طرفان شايع ڪيو
ويو آهي. ڪتاب جو گيٽ اپ شاندار آهي. سمورو ڪتاب
معياري ڪاغذ تي ڪمپيوٽر تي ڇپيل آهي، جيڪو 176
صفحن تي مشتمل آهي. اسلامي ادب تي لکيل ڪتابن ۾
سيرت پاڪ تي سنڌي زبان ۾ نظماڻي نذرِ عقيدت طور
”ذڪرِ رسول“ بهترين اضافو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي نثري ادب ۾ عورتن لاءِ
پهريون ڪتاب
اُڻهويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، جيئن ئي 1853ع ۾
”صورتخطي جُڙي تيار ٿي، ته اُن ۾ ڪتاب لکجڻ
شروع ٿيا. مختلف عنوانن تي ڪتابن جي دستيابيءَ ۾،
”عورتن“ لاءِ به هڪ ڪتاب منظر عام تي آيل آهي. هن
ڪتاب جو ليکڪ، ماهر اُستاد ۽ قلمڪار، راءِ بهادر
ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي (1844-1916ع) آهي؛ جنهن
1862ع ۾ ”پڪو پهه“ نالي ڪتاب لکي، سنڌي عورتن کي
علم جي اهميت کان روشناس ڪرايو.
ظاهر ۾ ته هي ڪتاب ”مضمونن“ جو لڳي ٿو، جيڪو ”سنڌي
زبان ۾ مضمونن جو پهريون ڪتاب“ آهي. مگر اصل ۾
”زناني تعليم جي اهميت“ بابت وزنائتن دليلن سان
نهايت سليس زبان ۾ رقمطراز آهي.
سمورو ڪتاب ”ناري سکيا“ متعلق آهي. منجهس زناني
تعليم بابت اخلاقي، پختگي ۽ ڌرمي مضمون، وزنائتي
انداز ۾، نهايت دليلن سان سمجهايل آهن. عبارت
عُمدي ۽ سليس استعمال ٿيل آهي. البت نثر ۾ قديم
زماني جي رواج مطابق ڊگها جملا لکيا اٿس. جن ۾
بيهڪ جي نشانين“ جي سلسلي ۾ ”وڏي دم (.) بدرا ”ليڪ
(-)“ ڏنل آهي. مثلاً:
”ٻيو نقصان زالن جي جاهليءَ ۽ بي علميت مان هيءُ
آهي- ننڍڙا ٻار جهڙي گفتگو يا هلت چلت پنهنجي ماءُ
پيءَ جي ڏسندا آهن. اهڙي پاڻ به وٺندا آهن. هن ملڪ
۾ ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ڏسبو آهي ته ٻار مٽيءَ ۽ ڪِنَ
۾ پيا ليٽندا آهن. بدسخن ۽ گاريون سکندا آهن
ڇاڪاڻ ته انهن جي مائٽن کي، جي بي علم آهن ڪهڙي
خبر ته ادب ڇا کي چئجي ۽ اخلاق ڇا کي چئجي ۽
جيڪڏهن بدسخن ۽ خراب لفظ زبان کان ڪڍبو ته ٻار جي
دل تي اُنهيءَ کان ڪهڙو اثر ٿيندو ۽ پوءِ اُن جو
نتيجو ڇا نڪرندو. اهڙا خيال سڌريل ۽ پڙهيل آدميءَ
جي دل ۾ ايندا آهن. تنهن لاءِ جن سببن ڪري مردن کي
علم سيکارڻ ضروري ڄاڻجي ٿو انهن ساڳين، بلڪه زياده
مضبوط سببن ڪري زالن کي علم سيکارڻ ضروري آهي. سڀ
ڪنهن ڏيهه جو بگاڙو ۽ سڌارو يا واڌارو ۽ گهاٽايو
زالن جي سياڻپ ۽ نادانيءَ تي آهي.“ (28)
اُنهن ڏينهن ۾، مٿانهين ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو
پنهنجي عورتن کي پردي ۾ رکندا هئا. نتيجي طور سندن
عورتون اڻ پڙهيل ۽ جاهل رهجي ويون. ديوان ديارام،
ديوان ڪوڙو مل ۽ ديوان هيرانند جن هن رسم کي
سختيءَ سان ننديو ۽ دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريو،
ته زالن لاءِ علم هجڻ به نهايت ضروري آهي. هنن
بنگالي تهذيبن کي آڏو رکي، هن طريقي جي اهميت کي
اخلاقي انداز ۾ اجاگر ڪيو. سندن زوردار ڪوشش سان
بالاخر هي پنگتي مسئلو به حل ٿي ويو ۽ زناني تعليم
رائج ٿي. عورتن لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کُلي ويا.
حقيقت ۾ ديوان ڪوڙو مل جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ ملڪ
جي ڪيترن ئي حصن ۾ عورتون علم ڏانهن توجهه ڏيڻ
لڳيون. ڪتاب ”پڪو پهه“ هن سلسلي ۾ پهرين ڪوشش هئي.
ڪتاب ۾ ڏنل سمورا مضمون عورتن جي تعليم بابت لکيل
آهن، جن ۾ علم سکڻ جي ضرورت تي ڀرپور روشني وڌي
وئي آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”علم سيکارڻ جو خاص مطلب هي آهي ته ماڻهو جهنگلي
حالت مان نڪري، جنهن درجي جي لائق هجي، تنهن ۾
اچي- علم جو نوڪريءَ ڪرڻ سان ڪجهه تعلق ڪونهي.
ڇاڪاڻ ته نوڪري فقط روزگار پيدا ڪرڻ جو وسيلو آهي،
جيئن ٻيا ڪسب ۽ پيشا آهن – جي آدمي علم فقط نوڪري
ڪرڻ واسطي سمجهن ٿا اُهي علم جو مطلب ئي نٿا سمجهن
– ڇو ته جي ائين هجي ته پوءِ جن کي نوڪري ڪرڻ جو
احتجاج نه آهي انهن کي علم پڙهڻ نه گهرجي- پر هي
غلط آهي- سچ آهي ته جنهن کي سڀ نعمتون حاصل هجن ۽
علم نه هجي ته ڄڻ هن کي ڪي ڪينهي - ”الانسان
اشرف المخلوقات“ جو چيل آهي- فقط انهيءَ ڪري ته
اها نعمت علم جي ٻين سڀني مخلوقن ۾ فقط انسان کي
حاصل آهي – نه ته پيٽ ته مرون به پالي ٿا سگهن.
تنهن لاءِ جن سببن ڪري مردن کي علم سيکارڻ ضروري
ڄاڻجي ٿو انهن ساڳئن بلڪه زياده مضبوط سببن ڪري
زالن کي به علم سيکارڻ کانسواءِ مرد پسون جي آچار
آهي ته زالون به علم کانسواءِ مرن کان مٿي ڪين
آهن- جي ماڻهو ٿا چون ته زالن جي پڙهائڻ سان ڪهڙو
فائدو ٿيندو، هنن جو ڪم فقط ماني پچائڻ ۽ گهر جي
ڪم ڪار ڪرڻ جو آهي – لکي پڙهي ڇا ڪنديون – اهي
ماڻهو انهيءَ ماڻهو وانگر آهن جو جاءِ جوڙائڻ مهل
ان جي بنياد جي پڪائيءَ جي سُڌ نه رکي – سڀ ڪنهن
ڏيهه جو سڌارو ۽ بگاڙو ، واڌارو ۽ گهاٽاپو زالن جي
سياڻپ ۽ نادانيءَ تي آهي-“ (ص 36)
ڪتابي ٻولي ڪارائتي ۽ شاگردن توڙي عام ماڻهن جي
معيار مطابق آهي. ڇپائي صاف، وڏن ۽ ويڪرن اکرن سان
ٿيل آهي. البت ڊگهن جملن ۽ پيرائن طرف ڌيان نه
ڏيڻ ڪري، مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو.
حقيقت ۾ هي ڪتاب، سنڌي زبان جي شروعاتي ڪتابن ۾
شمار ٿئي ٿو. ڪٿي ڪٿي نثري اَسلوب بدليل نظر اچي
ٿو، مگر اسلوب جي نگارش ۽ صفائي، روزمره محاوري
واري انداز ۾ بڻائڻ جي ازحد ڪوشش ڪئي اٿس. انهيءَ
ڪري ديوان ڪوڙو مل جي هن ڪتاب کي بنيادي حيثيت سان
ياد ڪيو وڃي ٿو.
ڪتابي عبارت خاص سنڌي لفظن سان آراسته آهي. پراڻا
۽ دقيق لفظ به ڪثرت سان واهپي هيٺ آندا اٿس، جن
مان گهڻا اڄ بلڪل متروڪ ٿي چڪا آهن. مگر پڙهڻ ۾
ڪابه رنڊڪ نه ٿا وجهن فارسي ۽ هنديءَ جي ڪيترن ئي
عام فهم لفظن جا ٺيٺ سنڌي لفظ به جوڙيا اٿس. ڪن
جاين تي وري اسمي ۽ فعلي صورتون به منجهيل معلوم
ٿين ٿيون. تنهن هوندي به ديوان ڪوڙو مل جو نثر
خوبين کان خالي نه آهي.
ڪتاب ضخامت جي لحاظ کان بلڪل مختصر آهي ۽ عام
ڪتابي سائيز ۾، ٻاونجاهه صفحن تي مشتمل آهي ۽ هر
هڪ صفحي ۾ چوڏهن سٽون سمايل آهن. سندس ملهه اُنهن
ڏينهن ۾فقط چار آنا هو. سنڌ گورنمينٽ پريس ڪراچيءَ
مان لٿو ۾ ڇپجي، ڪيترائي سال درسي ڪتاب طور پڙهايو
ويو ۽ اڄ بلڪل ناياب آهي.
رپورٽ: فردوس مزناڻي
بوڪ فيئر
هر قوم کي پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر آهي. جيڪڏهن
ڪا قوم پنهنجي ڪلچر جي حفاظت نه ٿي ڪري، ان جي
اوسر لاءِ ڪو قدم نه ٿي کڻي ته يقين ڄاڻو اها قوم
جلدي پنهنجو وجود وڃائڻ واري آهي. ڌرتي
هوندي،ماڻهو هوندا، پر ان ڌرتيءَ جي ماڻهن وٽ
پنهنجي ٻولي نه هوندي. پنهنجون روايتون ۽ ڪلچر ۽
تاريخ نه هوندي آهي ته اهو ان قوم جو وڏي ۾ وڏو
زوال سمجهبو. پر ٻولي تاريخ ۽ ڪلچر صحيح سلامت
هوندا ته ان قوم جي زنده هجڻ جو ثبوت ڏيندا.
اهڙو ئي تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي
ٻاهران جساف ترقي پسند ونگ پاران تاريخ 19 فيبروري
کان لڳايل ٽن ڏينهن جي بوڪ فيئر ۽ ڪلچرل شو مان
جهلڪيو پئي. ان عاليشان ۽ يادگار ميلي ۾ لاهور –
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن مان ڪهي آيل پبلشر ۽
بوڪ سيلرس پنهنجا بوڪ اسٽال سينگاريا هئا، جنهن ۾
زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل موضوعن تي اکٽ
ڪتاب موجود هئا. ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ اهو
ميلو ڪنهن سوغات کان گهٽ نه هو.
ڪلچرل شو جي حوالي سان ميلي ۾ سنڌي هٿ جي هنر جا
اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف
علائقن ۾ ٺهندڙ هٿ جي هنر جا نادر نمونا ڏسندڙن
جي اکين ۽ روح کي تازي سونهن بخشي رهيا هئا.
ترقي پسند ونگ جي ترقي ڏانهن وڌايل اها وک نه فقط
ساراهه جوڳي هئي ، بلڪه سنڌ يونيورسٽيءَ جي گئس
چئمبر بڻجي ويل ماحول ۾ زندگيءَ سان ٽمٽار روح کي
سيراب ڪندڙ ڏکڻ جو جهوٽو ثابت ٿي، جنهن جي خوشبو
هميشھ علم دوست ۽ ادب پرور انسانن جي ذهن جي ڪتابن
۾ مور جي کنڀن ۽ گلاب جي پنکڙين جيان محفوظ رهندي.
مان به پنهنجي ذهن جي ڪتاب جا ورق اٿلايان ٿي ته
ميلي جي حوالي سان ڪيتريون ئي مور جي کنڀن ۽ گلاب
جي پنکڙين جهڙيون يادون اچي جهول پون ٿيون.
آرٽس فيڪلٽي جي ٻاهران ڌرتيءَ تي کتل وڏي پکيڙ
وارو شاميانو ۽ شامياني ٻاهر رنگ برنگي لباس ۾ چنڊ
ستارن چهرن وارن سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻاهران ڪهي آيل
شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين مهمانن جون موجون
ماريندڙ هجوم. مان ۽ منهنجون سهيليون به ڪلها گس ۾
وڃو ٿيون اڳتي ڌوڪينديون ۽ بيهي رهون ٿيون
انگريزي ڊپارٽمينٽ جي لڳايل ميندي جي اسٽال
سامهون ، جتي ميندي لڳرائڻ وارن ۾ ڇوڪرين جي گهٽ،
پر ڇوڪرن جي ڇانؤ وڌيڪ نظر اچي ٿي ۽ اسٽال تي
ميندي لڳائيندڙ منهنجي سهيلي روحي، ڪجهه ڪنفيوز،
ڪجهه پريشان نظر اچي رهي آهي. ”ڇا ڳالهه آهي روحي
پريشان ٿي ڏسجين؟“ مرڪي کانئس پڇان ٿي. هوءَ چئي
ٿي پريشاني لڪائيندي ”اهي ڇوڪرا چون ٿا مان سندن
هٿ پڪڙي ميندي لڳايان. اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي
....؟“ مون کي روحي جي پريشانيءَ تي کل به اچي
ٿي ته چڙ به.
مان مختلف بوڪ اسٽالن تي ڪتابن جا ٽائيٽل پڙهندي
اڳتي وڌان ٿي ۽ هڪ بوڪ اسٽال تي ويٺل پبلشر کان
پڇان ٿي: ”هڪ پبلشر جي حيثيت ۾ اوهان جي هن ميلي
جي باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟“
پبلشر ڪجهه سوچي ٿو ۽ پوءِ چوڻ لڳي ٿو: ”هتي اچي
اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. جيڪو ڪجهه اسان سنڌ
يونيورسٽيءَ لاءِ ٻڌو هو، سو بلڪل غلط آهي. هتي
جا شاگرد توڙي انتظاميه اسان سان سٺي نموني پيش
آيا. اسان جا ڪيترائي ڪتاب وڪيا آهن. هن طرح جون
ايڪٽوٽيز ٿيڻ گهرجن. ان سان جيڪي نفرتون وڌيل آهن
۽ جيڪا يونيورسٽيءَ جي باري ۾ ٻاهرين ذهنن ۾ الجهن
آهي اها ختم ٿي ويندي. آئون هن ميلي جي آرگنائيزرس
جو ٿورائتو آهيان.“
مان پبلشر جي راءِ نوٽ ڪري ميلي ۾ گهمندڙ مختلف
شعبن سان واسطو رکندڙن کان راءِ وٺڻ لاءِ اڳتي
وڌان ٿي.
خديجه مهر: اها هڪ مثبت ڪوشش آهي جنهن سان نه صرف
ڪتابن جي خريداري ٿي آهي، پر هڪ ذهني تفريح به ٿي
آهي.
فهميده قريشي: ههڙي قسم جون ايڪٽوٽيز بلڪل ٿيڻ
گهرجن. ڪتابن ڏسڻ ۽ خريد ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي ،
مون ڪورس جا ڪتاب ورتا آهن.
فرحت ابڙو: هن ميلي ۾ اچي احساس ٿيو آهي ته اسان
جي شاگردن کي ڪتابن پڙهڻ جو بلڪل رجحان آهي. هي
بوڪ فيئر شاگردن ۾ علمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ
اتساهه پئدا ڪندو.
نذير سومرو: جيئن ته مون کي پاڻ ڪتابن خريد ڪرڻ جو
گهڻو شوق آهي ۽ هر هڪ اسٽال تي وڃي ڏٺو آهي ته
مجموعي طور شاگرد گهڻي ڀاڱي پنهنجي ڪورس جا ڪتاب
خريد پيا ڪن.
گلنار لغاري: جيئن ته اسان ڪيلينڊرن جو اسٽال
لڳايو آهي، سو وڪرو تمام سٺو ٿيو آهي. اسٽوڊنٽس
ڏاڍو ڪوآپريٽو آهن.
سمن بلوچ: جيئن ته مون کي ادبي ۽ سياسي ڄاڻ بابت
ڪتاب پڙهڻ کان علاوه شاعري جو به شوق آهي، سو
منهنجو ڪتابن ڏسڻ جو سٺو چانس آهي، هينئر چار
ڪتاب خريد ڪيا اٿم.
فريده مهر: هي بوڪ فيئر ڏسي انتظاميه / آرگنائيزرس
جي ذهني فڪري سوچ کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو
سگهجي. ڇو ته هي پنهنجي جاءِ تي انٽرٽينمنٽ سان گڏ
علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ بهترين
ذريعو آهي.
ميلي ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿيو آهي ته اسان جي ماڻهن
۾ علم ادب ۽ ثقافت جو تمام گهڻو رجحان آهي، صرف
انهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو وڃي.
هنن کان راءِ وٺي اچان ٿي ته ادا عرفان، جيڪو پڻ
سروي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، تنهن کي بيهاري پڇڻ لڳان ٿي
اوهان به ته پنهنجي راءِ ڏيو...... جيڪو پهرين
کلندي جلدي سنجيده ٿي چئي ٿو ته ”هن ميلي ۾ مون
آرگنائيزر ۽ وزيٽر ٻنهي جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
اسان جي شاگردن ۾ ڏاڍو ڊسيپلين آهي. تمام ڪوآپريٽو
آهن. هن بوڪ فيئر سان اسان کي ڪافي ڪتابن جي ڄاڻ
ملي آهي. خاص ڪري ڪورس جا ڪتاب يا جيڪي ناياب ڪتاب
آهن، اهي به هتان آسانيءَ سان مليا آهن. مون کي
ائين ٿو لڳي ته هن ميلي سان اسان جي ذهنن کي ڪافي
وسعت ملي آهي. بهرحال ڏاڍو انجواءِ ڪيو آهي.“
عرفان جون ڳالهيون ٻڌي اڳتي وڌيس ۽ پڇڻ لڳس.
غازي پرهياڙ: ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو ته اسان اجتماعي
رستي کي ڇڏڻ شروع ڪيو هو. انارڪي اسان جي مڪمل
مجموعي سنڌي سماج کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو. ان جو
علاج اسان پنهنجي طرفان هڪڙي مثبت تعليم ڏيئي
ڪري سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ جي لاءِ
عظيم همت پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙي ميڙ جي ضرورت محسوس
ڪندي
Book Fair لڳايو. مختلف شعبن مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي هڪ هنڌ آندو. جنهن ۾
نه رڳو سنڌ يونيورسٽي تي، پر سنڌ جي مجموعي سماج
تي مثبت اثر پوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ يونيورسٽي سڄي سنڌ
جي سماج جي ترجمان آهي.
حق نواز ڏاهري: هن جي ضرورت اسان ان ڪري محسوس ڪئي
ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي بدنام ڪيو ويندو هو ۽ ان
ڳالهه کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان هي بوڪ فيئر لڳايو.
جيڪو هڪ ڪامياب بوڪ فيئر ثابت ٿي رهيو آهي ۽ هر
سال لڳڻ گهرجي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان لڳايل بوڪ اسٽال تي خريدارن
جي رش (پيهه( ڏسي اندازو ٿيو ته اسان جي شاگردن /
عام ماڻهن ۾ سياست سان گڏ پنهنجي تاريخي، علمي،
ادبي ۽ تحقيقي ڪتابن پڙهڻ جو به رجحان آهي. جيڪو
نئين نسل لاءِ تاثر ويٺل آهي ته هو پنهنجي تاريخ،
تحقيق ڏانهن ڌيان نه ٿا ڏين، اهو ذهن مان نڪري ويو
آهي. بوڪ اسٽال تي ويٺل ڀائرن سليم صديقي، منٺار
علي، علي محمد ۽ خضر خان ٻڌايو ته اسان جي ڪتابن
جو وڪرو تمام گهڻو ٿيو آهي، جنهن جو ثبوت اوهان
اڳيان خريدارن جي پيهه آهي.
مطلب ته رايا تمام گهڻا هئا. چوندا آهن ته جيترا
وات اوتريون ڳالهيون پر مجموعي طور تي جيڪا راءِ
ملي اها هئي ته هي هڪ بهترين ڪوشش آهي. جنهن سان
گهٽيل ذهنن ۽ ٻوساٽيل ماحول کي ختم ڪيو ويو آهي.
ڪتابن جي شاگردن کي ڄاڻ ملي آهي جيڪا هر سال هن
نموني سان ڏني وڃي.
21 فيبروري بوڪ فيئر جو ٽيون ۽ آخري ڏينهن هو ۽ هن
رات جو ساڳي پنڊال ۾ اسٽال ختم ڪري، ميوزڪ جو خاص
انتظام ڪيو ويو هو. پنڊال ماڻهن سان ڀريل هو. ان
محفل ۾ جيڪا خاص ڳالهه هئي، ايوارڊ ورهائڻ. جيڪي
سٺن اسٽالن سجائيندڙن، سٺو انتظام سنڀاليندڙن ۽
انهن شاگردن کي انعام ڏنا ويا، جيڪي سنڌ
يونيورسٽيءَ مان آنرز ٽئين سال ۾ پهرين پوزيشن کڻي
آيا هئا.
ترقي پسند ونگ وارن طرفان اهڙي همت افزائي واقعي
ساراهه جوڳي لڳي.
ميلي ۾ هڪ ڳالهه، جيڪا مون کي اڳ ڪرڻ گهرجي ها، پر
هينئر به دير نه ٿي آهي، سا هيءَ ته هتي هڪ
مختلف قسم جو اسٽال، جنهن جو ذڪر مون کي ضرور
ڪرڻ گهرجي، اهو هو اليڪٽرانڪ ڊپارٽمينٽ جي شاگردن
طرفان. انهن نشانه بازي جو هڪ مقابلو رکيو هو،
جنهن جو شرط هو ته جيڪو ٻه سو اسڪور ڪندو ان کي
انعام ملندو. ان جي ٽڪيٽ ٻه رپيا هئي. اسٽال جي
آرگنائيزر محمد علي شيخ کان پڇيم ”گهڻو ڪمايو
اٿئي؟“ تڏهن کلندي وراڻيائين ”مڙئي هاسٽل جي ٻن
مهينن جو خرچ نڪري ويندو“ ۽ مون چيو ”اڃا اهو ٿورو
اٿئي ڇا؟“ سندس احسان جو اسان جي سٺي آجيان ڪيائين
۽ چانهه به پياريائين. ها سو ڳالهه پئي هلي ميوزڪ
واري رات جي، جنهن جو سڀني کي انتظار هو. ڪجهه
شاگرد سنگر (ڳائڻا) هئا ۽ ڪجهه پروفيشنل سنگر
(ڳائڻا ، راڳي) هئا.
انجم آرا آئي ويئي- پر جڏهن مهتاب بلوچ آئي ته
سندس ڊانس ڏسي ڇوڪرا پريشان ٿي ويا. (پهريون دفعو
يونيورسٽي اسٽيج تي ڇوڪري کي ڊانس ڪندو ڏسي) مهتاب
جڏهن سنڌ ڌرتيءَ جو گيت ڳايو ته سڀ ماٺ ٿي ويا
، تاڙي جو آواز ئي نه آيو. هن محفل موسيقي ۾ هڪ
ڳالهه خاص نظر ٿي آئي ته ڪنهن به قومي گيت تي
سنگر (راڳي) کي اهڙو ڪو خاص
Response
نه ٿي مليو. جهڙي بوريت ٿي محسوس ٿي شايد ماڻهو
هاڻي ذهني تبديلي ٿا چاهين. اها نعري بازي ٻڌي ٻڌي
ٿڪجي پيا آهن. سڀني کي انتظار هو: ”اڙي چنڊ، اڙي
چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهي.“
پوءِ سرمد آيو ۽ محفل کي گرمائي ويو. اتي رات جا
ٽي ٿي رهيا هئا ۽ جڏهن وحيد علي آيو ته محفل جي
مورن جي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙهڻ لڳا.
وحيد علي پاڻ سٺو ملهايو.
هن دل جون ڇا ٻڌايان کولي مان يار ڳالهيون
ٽي چار ئي ته ناهن، آهن هزار ڳالهيون
گيت ختم ٿيڻ تي اسان مان ڪا واچ ۾ ڏسي ٿي، تڏهن
وقت جي گهڻي وهامي وڃڻ جو احساس ٿئي ٿو ۽ مان صبح
سان – اٿڻ جي جتال آڏو بيوس بڻجي، ميلي کي متل
ڇڏي پنهنجن سهيلين سان، ستارن جي ڇانؤ ۾ سنڌ
يونيورسٽي جي سپني تي اگهور ننڊ ستل روڊن تي وک
وک هلنديون مارئي هاسٽل ڏانهن وڌڻ لڳيون ٿيون.
جتي اسان کان اڳ اسان جا خواب اسانجن ننڊ ۾ ڀريل
نيڻن ۾ سمائجڻ لاءِ اوسئيڙن ۾ آهن.
خواب روشن مستقبل جا روشن خواب، جنهن جي اُهاءَ ۾
سنڌو جي لهر لهر ستارا ستارا روشن هوندي.
رپورٽ: زاهده شيخ
سنڌياڻي جي سڏ تي
انسان ذات جو سڀ کان وڌيڪ محروم ۽ پيڙيل طبقو عورت
ذات ئي رهي آهي. عورت جيڪا ماءُ به آهي، زال به
آهي ۽ ڌيءُ به آهي. ڪنهن روپ ۾ محبت ڪندڙ، ڪنهن
روپ ۾ جراتون پيدا ڪندڙ، ڪنهن روپ ۾ پرستش ڪندڙ ته
وري ڪنهن روپ ۾ احترام ڪندڙ. انهيءَ ساڳي عورت سان
اسان جي سماج اندر ۽ خاص طور سنڌي سماج ۾ سنڌي
عورت سان جيڪو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ان کي مختصر لفظن ۾
ته صرف ڪو شاعر ئي پنهنجي اندر جي گهرائي سان
وائکو ڪري سگهي ٿو.
سمجهدار قومون ۽ تنظيمون ان ڪري سمجهدار ڪونه
ليکبيون آهن يا ڏاها ماڻهو ۽ ٽولا ان ڪري ڏاها
ڪونه ليکبا آهن ته هو ڏکين حالتن سان سمجهوتو ڪري
ويهي رهن. اهي ڏاها ۽ سمجهدار ان ڪري سڏجن ٿا جو
هو ڏکين حالتن کي جيئن جو تئين قبول ڪري هٿ تي هٿ
رکي ويهڻ بجاءِ انهن ڏکين حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ
جدوجهد ڪن ٿا.
چوندا آهن ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.“ ڏک ۽ درد ئي
علاج پيدا ڪندا آهن. ان ڪري سنڌي عورتن کي بدنصيبي
۽ محرومين جي ”ڪن“ مان ڪڍڻ جي ضرورت جي ڪري ئي 27
نومبر 1982ع تي سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو ويو.
ان سلسلي ۾ 28 فيبروري 1991ع تي قاسم آباد،
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي چوٿين مرڪزي ڪانفرنس
۽ ”ڪل سنڌ“ مشاعرو ٿيو.
ڪانفرنس جون تياريون فيبروري جي پهرين هفتي کان
شروع ڪيون ويون. هن هيڏي وڏي پروگرام لاءِ اهو
تمام ٿورو عرصو هو . سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن ڀينرن
لاءِ هي هڪ چئلينج هو ۽ هو ان چئلينج آڏو مهاڏو
اٽڪائي بيٺيون. جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته:
”آڏو ٽڪر ٽر، متان روح رتيون ٿئين!“
28 فيبروري تي سڄو قاسم آباد جو علائقو سنڌياڻي
تحريڪ جي رنگ برنگي بينرن ۽ جهنڊن جي سونهن سان
سجايل هو. صبح کان مختلف شهرن مان سوزوڪين جا
قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا.
پروگرام چئن نشستن تي مشتمل هو. پهرين نشست بند
اجلاس منجهند جو 12 وڳي شروع ٿي، جنهن ۾ نئين
مرڪزي ڪميٽي ۽ مرڪزي باڊي جي چونڊ ٿي ۽ گذريل ٻن
سالن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پڙهي وئي. بند اجلاس جي
صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي سابقه صدر صاحبزادي ڏاهري
آيل مهمانن کي ڀليڪار چوڻ سان ڪئي. محترمه غلام
فاطمه پليجو پنهنجي خوبصورت آواز ۾ سهڻي لطيف جي
وائي پيش ڪئي. ڪجهه گهڙين کانپوءِ محترم شيخ اياز،
محترم محمد ابراهيم جويو، محترم محمد خان مجيدي،
محترم استاد بخاري، محترمه مهتاب محبوب، محترمه
مريم مجيدي ۽ محترمه زرينا شيخ (شيخ اياز جي
گهرواري) پنڊال ۾ آيا ته انهن سڀني معزز مهمانن کي
سڏي اسٽيج تي ويهاريو ويو. ان وقت اسٽيج سنڌي ادب
جي آسمان تي جڳمڳ ڪندڙ روشن ستارن جي روشنيءَ
سان منور بڻجي وئي. اسٽيج تي ويٺل محترمه
نورالهديٰ شاهه مون کي چيو ته ”اوهان کي پنڊال
اڃان به وڏو ٺاهڻ گهربو هو.“ مون پنڊال تي نظر
وڌي، سڄو پنڊال هزارين ڀينرن سان ڀريل هو ڪيتريون
ڀينرون بلڪل اسٽيج سان لڳ پٽ تي ويٺيون هيون.
عورتن جي هيڏي تعداد ۾ شرڪت ڏسي مون کي ائين لڳو
ڄڻ منهنجي جسم ۾ هڪ نئين طاقت آئي هجي. خوشي جي،
فخر جي ، همت جي ۽ جدوجهد جي طاقت. هن پروگرام جي
مهمان خاص محترمه نورالهديٰ شاهه خطاب ڪندي
چيو ته: سنڌياڻي تحريڪ جي هن پروگرام ۾ اچي مون کي
تمام گهڻي سرهائي ٿي آهي.
آئون سمجهان ٿي ته جنهن قوم جي عورتن کي ههڙي
تنظيم آهي جنهن جون ڪارڪن شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ وستي
وستي ۽ گهر گهر وڃي پنهنجو پيغام پهچائين ۽ سندن
ذهنن ۽ سوچن ۾ عظيم تبديليون آڻين اها قوم پوئتي
رهي نه ٿي سگهي. هن چيو عورت جي هنج ئي قومن کي
سورهيه ۽ سرويچ سرواڻن جا تحفا ڏيندي آهي. هن
پنڊال ۾ موجود ڀائرن کي گذارش ڪئي ته اُهي پنهنجن
گهرن جي عورتن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ کين پاڻ سان گڏ
ٻاهرين دنيا ڏسڻ ڏين ۽ کين سنڌي عورتن جي جدوجهد
۾ شريڪ ڪن ڇو ته انهن کانسواءِ اُهي ڪاميابيون
حاصل ڪري ڪونه سگهندا.
سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري زاهده شيخ چيو ته:
”سنڌي عورتن جيڪي صدين کان روايتن جي ڪوٽن اندر
قيد رهيون آهن. جيڪي زندگيءَ جي جڳ مڳ ڪندڙ رنگن
کان ناآشنا رهيون آهن ۽ جن صدين کان سورن ۽ صدمن
جي گهاون ۾ گهاريو آهي، انهن جو هيڏي وڏي تعداد ۾
هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ يقيناً اسان جي قومي جدوجهد جي
ڪاميابي لاءِ هڪ تمام وڏي ۽ اهم وک آهي.“ سنڌياڻي
تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر محترمه ممتاز نظاماڻي
پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته ”جنهن ماڻهوءَ جو اڌ
ڌڙ اڌ رنگ جي بيماري ۾ ورتل هجي سو ماڻهو اٿي جيڪا
ترار هڻي سگهندو ان کان هر ڪوئي واقف آهي. اهو
مفلوج ماڻهو پنهنجي گهر جي ئي ماڻهن تي هڪ چٽي ٿي
پوندو. ائين اسان جي قوم جو به اڌ ڌڙ اڌ رنگ جي
مرض ۾ مبتلا آهي. قوم جو اڌ ڌڙ يعني سنڌي عورتون
مفلوج بڻايون ويون آهن. جنهن ڪري اسان جي قوم
پوئتي پيل آهي. هن چيو سنڌياڻي تحريڪ ئي ان اڌ رنگ
جو علاج آهي. جڏهن هر هڪ سنڌياڻي جهالت جي اونداهي
غار مان نڪرندي تڏهن ئي سنڌي قوم سڄي دنيا جي
نقشي تي چنڊ وانگر چمڪندي. هنن تقريرن جي وچ ۾
زرينا بلوچ، بيدل مسرور، مهراڻ وائسز گروپ ۽
سارنگ وائسز گروپ پنهنجي گيتن سان پنڊال کي
جهومائيندا رهيا. چوندا آهن ته ڪنهن به سماجي
تبديلي لاءِ ضروري آهي ته ٻين ذريعن سان گڏوگڏ
ثقافتي ميدان تي ان تبديليءَ لاءِ ماحول ٺاهجي.
سنڌياڻي تحريڪ به سماجي تبديلين جي سائنسي طريقن
تي عمل ڪندي ٻين ذريعن سان گڏوگڏ ثقافتي
پروگرامن وسيلي به سنڌي قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي
جدوجهد ڪندي رهي آهي. هن پروگرام ۾ به ”سکر
ثقافتي گروپ“ جي ڀينرن ”هڙڪ هلو، ڌيما هلو“ ۽
”سنڌياڻي سنڌ جي ڄائي آ، هن لوئي لڄ بچائي آ.“
تي ٽيبلا پيش ڪيا. سنڌي لباس پهريل هي ڀينرون جڏهن
گيتن جي ڌن تي پنهنجي هلڪي هلڪي چال سان جهومنديون
اسٽيج تي پهتيون ته سڄو پنڊال زوردار تاڙين سان
گونجڻ لڳو.
رات جو نائين وڳي ٻي نشست جو اختتام ٿيو ۽ ٽين
نشست شروع ٿي جنهن ۾ ”ثقافتي گروپ“ طرفان شيخ
اياز جو منظوم ڊرامو ”دودو سومرو“ پيش ڪيو ويو.
ڊرامي پيش ٿيڻ کان اڳ اسٽيج سيڪريٽري صفيه ميتلو
چيو ته ”فن ۽ آرٽ انساني تهذيب جي پهرين تخليق
منجهان آهي. دنيا جي خوبصورت کان خوبصورت تهذيبي
شهڪار يعني يوناني تهذيب انسان ذات کي جيڪي اڻلڀ
تخليقي تحفا ڏنا آهن، تن منجهان هڪڙو يوناني ڊرامو
آهي. جيڪو اڄ تائين انساني تهذيبي خزاني جي بي بها
ميراث آهي. سنڌي ڊرامو ايڏو قديم ناهي پر ته به
اهو صفا ڪلهوڪو ٻار به ڪونهي.“
S.G.SO
طرفان پيش ڪيل ان ڊرامي سڀني کي تمام گهڻو متاثر
ڪيو. خاص طور همتن، حوصلن ۽ جرائتن وارن شعرن ته
پوري پنڊال کي گرمائي ٿي ڇڏيو. هن ڊرامي ۾ هنن
ڀينرن حصو ورتو. نائله شاهه، ريحانه شيخ، زينت،
فردوس ڀٽي، ساجده ٽالپر، صغريٰ شاهه، زينت ميرجت.
رات جو ڏهين وڳي ”ڪل سنڌي قومي مشاعرو“ شروع ٿيو،
جنهن جي صدارت محترم شيخ اياز ۽ مهمان خاص محترم
استاد بخاري هو. نوجوان شاعرآڪاش انصاري سڀني
معزز شاعرن / شاعرائن، جيئن ته سحر امداد، مريم
مجيدي، محمد خان مجيدي، امداد حسيني، شميم ٽالپر،
اياز لطيف، هدايت بلوچ، مظهر لغاري، بخشڻ مهراڻوي،
حسن مجتبيٰ، سرمد چانڊيو، سرڪش سنڌي، اعجاز منگي،
سونهن بلوچ، ميمونا سومرو ۽ حفيظ ڪنڀر کي اسٽيج تي
سڏي ويهاريو. مشاعري جي اسٽيج سيڪريٽري نائله شاهه
چيو ته ڪافي عرصي کان سنڌ مان قومي مشاعري جي
روايت ختم ٿي وئي آهي. پر اسان هن روايت کي نئين
سر جيئارڻ جي شروعات ڪئي آهي.“
حامله عورت (ڳورهاري عورت)
جي سارسنڀال
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مفاصلاتي (Distance)
نظام پڙهائڻ لاءِ ابلاغ عامه کي اڳ ۾ ئي هڪ ذريعو
بنايو آهي ۽ يونيورسٽي پڙهائي ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن
جو استعمال ڪندي آهي. هاڻي يونيورسٽي ”سرتيون“ جي
تعاون سان به عملي خدمتن جو آغاز ڪري رهي آهي. هن
تعليمي پروگرام ذريعي يونيورسٽي روزانه زندگي بابت
ضروري معلومات فراهم ڪندي، جيڪا سڀني پڙهندڙن لاءِ
مفيد ثابت ٿيندي.
يونٽ (1):
1- حمل واري عورت کي عام رواجي کاڌي کان وڌيڪ کاڌو کائڻ گهرجي.
تندرست ۽ صحتمند ماءُ ئي صحتمند ٻار کي جنم ڏيندي
آهي. عورت جي صحت لاءِ سڀ کان اهم سندس خوراڪ
آهي. ماءُ بڻجڻ واري عورت کي پنهنجي خوراڪ وڌائڻ
گهرجي ڇو ته هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻار لاءِ به
خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي.
2- حامله عورت کي گهرجي ته هوءَ گڏيل غذا کائي – هڪ قسم جي غذا
(کاڌو) کائڻ نه گهرجي.
غذا (کاڌي) کي چئن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي.
(1)
کير ۽ کير مان ٺهيل شيون
(2)
ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ٻاجهري ۽ کجور
(3)
گوشت، بيضا (آنا) ڪڪڙ جو گوشت ۽ داليون
(4)
سڀ ميوا ۽ سڀئي سايون ڀاڄيون
3- حمل دوران عورت کي پنهنجو طبي معائنو
باقاعدگيءَ سان ڪرائبو رهڻ گهرجي.
حمل واري عورت کي هر مهيني پنهنجو طبي معائنو ڪرائڻ گهرجي
جيڪڏهن هر مهيني نه ٿي ڪرائي سگهي ته ٽي ڀيرا
ضرور ڪرائڻ گهرجيس. پهريون معائنو پهرين مهيني ۾،
ٻيو معائنو ٻئي مهيني ۾ ۽ ٽيون معائنو ستين مهيني
۾ ڪرائڻ تمام ضروري آهي.
4- ماءُ وٽ حمل جي ستين مهيني ۾ هيٺيون شيون لازمي طور تي هئڻ
گهرجن.
(1) موسم جي لحاظ سان پيدا ٿيڻ واري ٻار جا ڪپڙا.
(2) صابڻ.
(3) پائوڊر.
(4) ڊيٽول.
(5) ٽوال.
(6) ڪپهه.
(7) بليڊ ۽ ريل.
5- ڪوبه ڪم ڪرڻ کان پهرين پنهنجا هٿ چڱيءَ طرح صابڻ سان ڌوئڻ
گهرجن.
حمل واري عورت کي صاف سٿرو رهڻ گهرجي ۽ آسپاس جي صفائيءَ جو به
خيال رکڻ گهرجي. گهر ۾ ٻار جي پيدا ٿيڻ (ويم) وقت
بستري تي رلڪو (ننڍڙي رلي) وڇائڻ گهرجي. ٻار جو
ناڙو ڪپڻ وقت تيز چاقو، بليڊ يا قينچي استعمال ڪرڻ
گهرجي ۽ انهن سڀني شين کي 20 منٽ پهرين پاڻي ۾
اٻارڻ گهرجي. هر ڪم ڪرڻ کان اڳ هٿ چڱيءَ طرح ڌوئڻ
گهرجن.
دائيءَ جا هٿ صاف ۽ ننهن ڪٽيل هئڻ گهرجن.
6- گهر ۾ ٻار جي ڄم جي صورت ۾ سڀ کان ضروري ۽ ياد رکڻ جهڙي
ڳالهه اها آهي ته سمجهدار (ڄاڻو) صاف سٿري دائيءَ
کي گهرائڻ گهرجي. ان جا هٿ صاف ۽ ننهن ڪٽيل هئڻ
گهرجن.
يونٽ نمبر (2):
نئين ڄاول ٻار جي سارسنڀال
1- نئين ڄاول ٻار کي ساهه سولي طريقي سان کڻائڻ گهرجي.
هيءُ هڪ قدرتي (فطري) عمل آهي ته ٻار جيئن ئي پيدا ٿيندو آهي ته
سڀ کان پهرين هو روئندو آهي. پر جيڪڏهن هو روئي
نٿو ته اها خطري جي ڳالهه ٿي سگهي. ڇو ته ان جو
مطلب هي آهي ته ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي
آهي ان حالت ۾ دائي ٻار کي ساهه کڻائڻ لاءِ ٽنگن
کان الٽو ڪري جهلي يعني ٽنگون مٿي ڪري پيٽ تي هلڪي
ٿڦڪي ڏيڻ گهرجيس.
2- نئين ڄاول ٻار جو روئڻ ان جي ساهه کڻڻ جي نشاني آهي.
دائي، ٻار کي ساهه کڻائڻ لاءِ ٽنگن کان جهلي الٽو ڪندي آهي ۽
پيٽ تي هلڪي ٿڦڪي ڏيندي آهي ته ٻار روئڻ
لڳندوآهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ٻار ساهه کڻي
رهيو آهي. بهرحال ٻار کي سڌو ڪرڻ گهرجي ان عمل سان
نئين ڄاول ٻار کي تڪليف نه ٿيندي.
3- ٻار جي دن (ناڙي) مان رت وهڻ هڪ خطرناڪ نشاني آهي.
ٻار جي ساهه کڻڻ کانپوءِ هڪدم ڏسڻ گهرجي ته ٻار جي دن (ناڙي)
مان رت ته نه ٿو وهي. ٿوروبه رت وهڻ ٻار لاءِ صحيح
ناهي.
4- جيڪڏهن ٻار جي دن (ناڙي) مان رت وهي رهيو هجي ته ناڙي کي
ٻيهر ڳنڍ ڏيڻ گهرجي.
دن (ناڙي) مان رت وهڻ جي صورت ۾ ان کي ٻيهر صحيح نموني ڳنڍ ڏيڻ
سان رت بند ٿي ويندو.
5- ٻار جي دن (ناڙي) کي ڳنڍ ڏيڻ کانپوءِ ان تي ڊيٽول يا اينٽي
سيپٽڪ لوشن لڳائي ڇڏيو. ٻار جي ناري کي ٻيهرڳنڍ
ڏيڻ کان پوءِ ان تي ڊيٽول يا اينٽي سيپٽڪ لوشن
لڳائي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن ٻار جو دن (ناڙو) نه سڄي.
6- ٻار کي وهنجارڻ کان پهرين ٻار جي ضرورت جون ٻيون شيون ۽ ڪپڙا
پنهنجي ڀرسان رکڻ گهرجي.
ماءُ کي گهرجي ته ٻار کي وهنجارڻ کان اڳ ٻار جي ضرورت جون سڀ
شيون پنهنجي ڀرسان رکي. مثال پاڻي جي بالٽي، مگ،
ٽوال، صابڻ. پائوڊر وغيره. بهرحال ٻار کي وهنجارڻ
کانپوءِ موسم جي لحاظ مطابق ڪپڙا پهرائڻ گهرجن.
مثال طور گرميءَ جي مند ۾ فراڪ، گنجي ۽ ويڙهڻ وارا
ڪپڙا (ٻنڌڻن وارا ڪپڙا)، سرديءَ جي مند ۾ سوئيٽر،
جوراب ۽ گرم ٽوپي وغيره.
7- نئين ڄاول ٻار کي وهنجارڻ جو صحيح طريقو.
ٻار کي وهنجارڻ جي لاءِ گرميءَ جي مند ۾ ٿورو گرم (هلڪو گرم) ۽
سردي جي مند (موسم) ۾ ٿورو وڌيڪ گرم پاڻي
استعمال ڪرڻ گهرجي.ٿڌو پاڻي هرگز استعمال نه ڪرڻ
گهرجي. پهرين اوهان پاڻ صندليءَ (منجيءَ) تي ويهي
رهو ۽ ٻار کي پنهنجي پيرن تي اونڌو سمهاريو ان
کانپوءِ ٻار کي اکين، نڪ ۽ ڪنن کي آلي (پسيل) ڪپڙي
سان صاف ڪري پوءِ مگ ۾ پاڻي وجهي، آهستي آهستي ٻار
مٿان هاريو. صابڻ جي گِجُ (جهڳي) آهستي آهستي جسم
۽ پوءِ مٿي تي وجهو، وهنجارڻ کانپوءِ ٻار جي جسم
کي صاف ٽوال سان صاف ڪريو. پوءِ جسم کي پائوڊر هڻي
موسم مطابق گنجي پارايو. مثال سردي جي مند (موسم)
۾ گرم گنجي.
8- ماءُ جو کير (ٿڃ) نئين ڄاول ٻار لاءِ بهترين غذا آهي.
نئين ڄاول ٻار لاءِ ماءُ جي ٿڃ تمام فائيديمند آهي. بهرحال هر
ماءُ پنهنجي ٻار کي پاڻ ٿڃ پياري. نئين ڄاول ٻار
کي پاڻي اٻاري ان کي ٿڌو ڪري پوءِ پيارڻ گهرجي. ان
سان ٻار جو پيٽ صاف ٿيندو آهي. ان کانپوءِ جيترو
جلد ٿي سگهي اوترو جلد ماءُ ٻار کي پنهنجي ٿڃ
پياري ڇو ته بار کي گهڻي دير بکيو رهڻ نه ڏجي، ان
سان ٻار ۾ ڪمزوري پيدا ٿيندي آهي. هر ماءُ پنهنجي
نئين ڄاول ٻار کي پهرين ڏينهن ٿڃ ضرور پياري ڇو ته
اها ٿڃ جيڪا ڦڪي (پيلي) رنگ جي ٿيندي آهي سا ڏاڍي
فائديمند آهي ۽ ٻار کي سڀني بيمارين کان بچائيندي
آهي.
9- نئين ڄاول ٻار کي ڊائريا (دست) ٿي پوي ته ان کي پيالي ۽ چمچي
سان نمڪول پيارجي.
جيڪڏهن نئين ڄاول ٻار کي ڊائريا (دست) ٿي پوي ته ان جو هي مطلب
ناهي ته هن کي ماءُ جي ٿڃ نه لڳي آهي، ڇو ته ماءُ
جي ٿڃ ڪڏهن به خطرناڪ ناهي ٿيندي. اوهان ماءُ جي
ٿڃ سان گڏوگڏ ٻار کي نمڪول ٿوري ٿوري دير کانپوءِ
پيارينديون رهو پر ماءُ جي ٿڃ پيارڻ نه وسارجو.
10- نئين ڄاول ٻار لاءِ ڳئون جو کير تيار ڪرڻ جو طريقو.
ماءُ جو کير ٻار کي پيارڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ ٻه يا چار دفعا
اٻاريل پاڻي ٿڌو ڪري ٻار کي پيارڻ گهرجي. ڪڏهن
ڪڏهن ڪن سببن ڪري ٻار کي ماءُ جو کير ملي نه
سگهندو آهي. ان کي تيار ڪرڻ جو طريقو هي آهي ته
صاف ديڳڙي ۾ ڳئون جو کير ۽ هڪ چوٿائي پاڻي چڱيءَ
طرح اٻاري (ڪاڙهي) ٿڌو ڪري ٻار کي پيالي يا چمچي
سان ڏيو.
11- نئين ڄاول ٻار لاءِ مينهن جو کير تيار ڪرڻ جو طريقو.
جيڪڏهن ڳئون جو کير ميسر نه ٿئي ته مينهن جو کير نئين ڄاول ٻار
کي پياريو. ان کي تيار ڪرڻ جو طريقو ٻه پياليون
(پيالا) مينهن جو کير ۽ هڪ پيالو پاڻي، ان کي
اٻاري (ڪاڙهي) ٿڌو ڪري پيالي ۽ چمچي سان پياريو.
مينهن جو خالص کير ٻار کي بيمار ڪري سگهي ٿو.
12- نئين ڄاول ٻار کي سلهه جي بيماريءَ کان بچاءَ جا ٽڪا
لڳرائڻ.
نئين ڄاول ٻار جي خوراڪ کانپوءِ سڀ کان اهم ۽ ضروري ڳالهه ٻار
کي ٽڪا هڻائڻ آهي، جڏهن ٻار ٽن چئن مهينن جو ٿي
وڃي ته ڊاڪٽر کان يا گشتي ٽيم کان تپ دق کان بچاءُ
جا ٽڪا لڳرائڻ تمام ضروري آهي. جيتوڻيڪ ان ٽڪي
لڳرائڻ جي عمر 5 سالن تائين آهي پر جيترو جلد ٿي
سگهي اوترو بهتر آهي.
يونٽ نمبر (3):
ٻار جي غذا
1- ٻار جي لاءِ ٻن سالن تائين ماءُ جي ٿڃ ضروري آهي.
ماءُ جي ٿڃ ٻار لاءِ سڀ کان بهترين غذا آهي تنهن ڪري هر ماءُ کي
گهرجي ته هوءَ پنهنجي ٻار کي ٻن سالن تائين پنهنجي
ٿڃ ڌارائي، جيڪڏهن ٻن سالن تائين ٿڃ ڌارائيندي رهي
ٿي ته ٻار گهڻين بيمارين کان محفوظ رهي ٿو ۽ تمام
گهٽ بيمار ٿئي ٿو.
2- ٻار کي کير بوتل جي بدران پيالي ۽ چمچي سان پيارجي.
ماءُ جي ٿڃ ٻار لاءِ سڀ کان سٺي غذا آهي پر جي ڪنهن سبب ڪري ٿڃ
ميسر ناهي ته جانورن جي کير مان ٻڪري ۽ ڳئون جو
کير ڏجي، هي کير جلد هضم ٿي وڃي ٿو. اڪثر ڪري
مائرون پنهنجي ٻارن کي بوتل سان کير پيارينديون
آهن ان سبب ڪري ٻار جو پيٽ خراب رهندو آهي.
بهرحال بوتل جي بجاءِ کير، پيالي ۽ چمچي سان پيارجي پر ڪوشش اها
هئڻ گهرجي ته ٻار ماءُ جي ٿڃ پئي.
3- سوجي جي کيرڻي بهترين اهم ۽ بنيادي غذا آهي.
پهرين چئن مهينن تائين ٻار لاءِ ماءُ جو کير ڪافي آهي. پر چئن
مهينن کان پوءِ ٻار کي هلڪيون شيون ڏجن، جيڪي جلد
هضم ٿي وڃن جيئن سوجي جي کيرڻي. اُٻاريل پٽاٽا،
ڪيلا، مٽر وغيره، ياد رهي ته هي سڀ شيون ٻار کي
هڪ ئي وقت بلڪل نه ڏجن ڇو ته ٻار جو معدو ننڍڙو
هوندو آهي، بهرحال ٿوري ٿوري دير کانپوءِ ٿوري
ٿوري مقدار ۾ شيون کارائجن. سوجي جي کيرڻي ٺاهڻ جو
طريقو آسان آهي ٻار لاءِ فائديمند به هڪ ڇٽانگ
سوجي کي هڪ وڏي چمچي گيهه ۾ ڀُڃجي ۽ هڪ پاءُ کير ۽
هڪ ڇٽانگ کنڊ وجهي پچائجي. هي سوجي جي کيرڻي ٻار
ڏاڍي شوق سان کائيندو.
4- ٻار جي خوراڪ ۾ ماءُ جي ٿڃ سان گڏ ڪيلا کيرڻي به شامل ڪجي.
چئن مهينن جي ٻار کي ماءُ پنهنجي ٿڃ کانسواءِ ڪيلي
کي پيهي (مهٽي) اٻاريل پٽاٽو پيهي ۽ سوجي مان
ٺاهيل کيرڻي به ڏئي.
5- ننڍي ٻار کي روزانو چار يا پنج دفعا خوراڪ ڏيو.
ڏينهن ۾ چار يا پنج دفعا ننڍي ٻار کي ڪجهه نه ڪجهه کائڻ لاءِ
ڏيڻ گهرجي جيئن هو ان کي هضم ڪري سگهي.
6- هڪ سال جي ٻار جي خوراڪ ۾ ماءُ جي کير کان علاوه ٻي خوراڪ به
شامل ڪجي.
جڏهن ٻار هڪ سال جو ٿي وڃي ته ماءُ جي ٿڃ کان علاوه اٻاريل
پٽاٽا. ڪيلا، سوجيءَ جي کيرڻي سان گڏ کچڙي، چورا،
اٻاريل چانور، اٻاريل بيضو (آنو) سايون ڀاڄيون ۽
هر قسم جو تازو ميوو ڏيڻ گهرجن. هي سڀ شيون هڪ
سال عمر واري ٻار کي تمام ضروري آهن ان کانپوءِ
جيئن جيئن ٻار وڏو ٿيندو وڃي ته خوراڪ ۾ اضافو
ڪجي.
(هلندڙ)
(محترمه ڊاڪٽر رضيه عباسي صاحبه ڊئريڪٽر آف بيورو
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي ٿورن
سان) |