سڄي ڳوٺ ۾ روڄ ۽ راڙو مچي ويو، بارود ۽ خون جي
بوءِ گڏ وچڙ ٿي وئي هئي، ڪيئي زندگيون تڙپي تڙپي
ختم ٿي رهيو هيون ۽ جڏهن ..... جڏهن رت ۾ ڳاڙهو
سڄڻ جو لاش ڳوٺ وارا گهر کڻي آيا، ته سابان چرين
وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي، ”نه نه ائين نه ٿو..... ٿي
سگهي.... سڄڻ توکي ..... تو....کي ڪجهه به نه ٿو
ٿي سگهي..... تون..... ٿون.....مون کي ڇڏي نه ٿو
وڃين سگهين .... نه ٿو..... وڃين سگهين“ ۽ انهي پل
سابان بيهوش ٿي وئي هئي.“ ۽ هينئر به هن جي اکين
مان ڳوڙها وهي پيا ۽ هوءَ سُڏڪي پئي. نه ڄاڻ ڇو اڄ
وري هوءَ ڏاڍي اُداس هئي، اڻڄاتي ڊپ هن کي ڏڪائي
ٿي وڌو، ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو هجي، ڄڻ ڪائي قيامت برپا
ٿيڻ واري هجي. سابان! اڃا سُڏڪڻ ۾ ئي هئي ته وري
ساڳو ”ٺا.... ٺا..... ٺڙ....... ٺڙ...... جا هانءَ
ڏاريندر آواز اُڀريا، ساڳي ماٺ، موت جهڙي ماٺ ۽
ڪافي دير رکي وري ساڳيو شور ساڳي خونريزي ۽ ساڳيا
سُڏڪا ۽ پوءِ اها خبر سڄي ڳوٺ ۾ باهه جيان پکڙجي
وئي ته ”رحمان به چونڪي ڏئي رهيو هو ۽ ڌاڙيلن جو
مقابلو ڪندي مارجي ويو پر رئيس جي لڄ رکيائين،
ڌاڙيلن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنائين، سڄي ڳوٺ وارن جي
اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. جڏهن اها خبر راڻي
(رحمان جي مڱ) کي پئي ته مٿس سڪتو طاري ٿي ويو ۽
ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪتيس، نه ئي ڳوڙهو سندس اک مان
ڪريو، اڄ تائين هوءَ ائين ئي خاموش آهي، هڪڙي اهڙي
سوال جيان، جنهن جو ڪنهن وت به جواب ناهي نه وڏيري
وٽ! نه ڌاڙيلن وٽ!! ۽ نه ئي هن معاشري وٽ؟
*امام راشدي
ڪهاڻي
ڀوڳنا
خانگي اسپتال جي ايئرڪنڊيشنڊ وارڊ ۾ بستري تي
ليٽيل ثميره جون نظرون ڇت ۾ کُتل هيون. هوءَ سوچ
جي ڪنهن تلاءَ ۾ ٻڏل هئي. سندس نوڪريانيءَ
کانسواءِ ڪمري ۾ ٻيو ڪير به ڪونه هو. نوڪرياڻي هيٺ
پٽ تي ڪپڙو وڇايون ستي پئي هئي.
ثميره کي بيمار ٿئي ڪافي مهينا ٿيا هئا. پر وچ تي
هوءَ علاج وسيلي خوش چڱي ڀلي ٿي هئي پر هاڻي ڪجهه
ڏينهن کان اها ساڳي بيماري وري اٿلي پئي. هن ڀيري
بيماري وڌي وئي هيس ۽ هاڻي ته هوءَ اٿڻ ويهڻ ۾ به
لاچار هئي ۽ هوءَ وري هن ساڳي ڊاڪٽر وٽ علاج
لاءِ، هن اسپتال جي وارڊ ۾ داخل ٿي هئي.
ثميره جو تعلق هڪ خوشحال گهراڻي سان هو. کيس ٻه
ٻار، ڌيءَ ۽ پٽ هيا. ٻئي جوان هئا. ثميره کي ٻن
ٻارن کانپوءِ، کيس ٻي ڪا به اولاد نه ٿي. وڌيڪ
اولاد جي سڪ ته ڏاڍي هيس ۽ ان لاءَ هن ڏاڍا علاج،
تعويذ ۽ سڳا به ڪرايا. پيرن فقيرن جي درگاهن تي به
حاضري ڀريائين ۽ انهن تي سکائون به باسيائين، پر
کيس اولاد نه ٿي. هوءَ ڌيءَ ۽ پٽ کي ڏاڍو ڀائيندي
هئي. مٿن ساه صدقو ڪندي هئي. جيترو پٽ مٺو هيس.
اوترو ئي ڌيءَ به! ثميره سندن هر گُهرج پوري ڪرڻ ۾
ڪابه ڪسر نه ڇڏيندي هئي. ثميره جيترو ڌيءَ ۽ پٽ کي
چاهيندي هئي. اوترو کيس هُو نه چاهيندا هئا. ٻئي
ٻار نه رڳو ثميره کي پيارا هئا پر سندس مڙس ڀورل
خان کي به ڏاڍا پيارا هئا. هو پڻ ٻارن جو هر طرح
جو خيال رکندو هو. پٽ جي پڙهائيءَ تي ته هُو خاص
ڌيان ڏيندو هو. البت ڌيءَ کي پڙهائڻ عيب سمجهندو
هو. پرپوءِ به گهر ۾ ديني علم پڙهايائينس. سندس
خاندان ۾ نياڻي پرڻائڻ گناه سمجهيو ويندو هو.
انهيءَ خيال کان پاسي رکڻ لاءِ هُو ڌيءَ جي هر
خواهش پوري ڪندو هو. سندس ڌيءَ جيڪو چوندي هيس سو
آڻي اڳيان رکندو هو.
خدا جو ڏنو وٽن ججهو هو. ڀورل خان ته ڳوٺ جو چڱو
مڙس به هو. تر ۾ سٺي عزت هئس. زمينوڻ وغيره به جام
هئس. شهر ۾ ته جايون ۽ دڪان مسواڙ تي ڏنل هئس. پاڻ
ڳوٺ جو چونڊيل ميمبر هو. راڄ ڀاڳ جا فيصلا وغيره
نبيرڻ سندس خانداني شيوو هو گهر ۾ ضروريات زندگيءَ
جي هر شيءَ موجود هئن. عاليشان گهر، جنهن م، رنگين
ٽي وي، وي سي آر، فرج، عمده فرنيچر، ايئرڪنڊيشنڊ،
جنريٽر، ٽيليفون وغيره وٽن مينهون وغيره به جام
هيون. مطلب ته ڪنهن به شيءَ جي ڪا به ڪمي ڪانه
هئي. پيسو پائي به جام هئن. ڀورل خان پنهنجو پيسو
پائي يا حساب ڪتاب وغيره ڌيءَ وٽ رکندو هو. ڀورل
خان کي ٻه شوق تمام گهڻا هئا. هڪ ڏاندن جي گوءِ جو
۽ ٻيو ڪُتن جو. وٽس ڀلا گوئر ڏاند به هئا. جيڪي
گوءِ ڀڄندا هئا. ڪيتريون ئي گويون کٽيون هئائين.
ڏاندن جي سيوا لاءِ ٻه ٽي خاص نوڪر به رکيل هئا.
ڀورل خان ڏاندن مٿان ڀرپور توجهه ڏيندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن ته، اهي گوئر ڏاند يار دوست به گوءِ لاءِ
ڪاهي ويندا هئا، يا وري ڀاڙي وغيره تي به ڪاهي
ويندا هئا. پوءِ کٽڻ ۽ هارائڻ انهن جو ڪم. ڀورل
خان کي ڏاندن سان جنون جي حد تائين عشق هو. هُو
انهن جي گوئن مان هزارين رپيا شرط کٽندو به هو.
ته، وري ڪڏهن هارائيندو به هو. هُو گهر کان به
وڌيڪ توجهه ڏاندن تي ڏيندو هو. شل نه ڪڏهن ڪجهه ڪو
ڏاند کي ٿئي، پوءِ ته، کيس ڪا به ڳالهه نه وڻندي
هئي. هينئر کيس ڪتن سان شوق گهٽ آهي. هُونءَ ته
ڪنهن زماني ۾ کيس ڪتن جو شوق ڏاڍو هوندو هو. رِڇ ۽
ڪتن جي بڇ ڪرائڻ ۾ ته، ڀورل خان جو پنهنجي تر ۾
وڏو نالو هو. هينئر ڌيان ڪُتن ڏانهن گهٽ، ڏاندن
سان وڌيڪ هوس. بهرحال پوءِ به وٽس هڪ ٻه ڪتا در تي
ضرور هئا.
ثميره بستري تي بيماريءَ سبب چنگهي رهي هئي. کيس
اُڄ لڳي ٿي هُوءَ نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪري کانئس پاڻي
گهري ٿي. پاڻي پي هُوءَ وري ليٽي ٿي پوي. هوءَ
پاسو ورائي ٿي، پر نوڪرياڻي کيس ياد ٿي ڏياري ته،
”سانئڻ، ڊاڪٽر جهليو آهي ته، پاسيرو نه سمهو.“
نوڪرياڻيءَ جي روڪڻ تي به هُوءَ نه ٿي مڙي. پاسو
ورائي ٿوري دير سُمهي وري سڌي ٿي سمهي ٿي. سندس
نظرون ڇت ۾ اٽڪيل آهن. هوءَ ڪجهه سوچي ٿي.
بيماريءَ وگهي سندس رنگ هيڊو ٿي ويو هو ۽ ڏاڍو ڳري
به وئي هئي. هُن کي اسپتال جي هن وارڊ ۾ اڄ ستون
ڏينهن هو. هوءَ هن اسپتال ۾ نئين به ته ڪونه هئي.
اڳ ۾ به ٽي ڀيرا اچي چُڪي هئي ۽ هر ڀيري هُوءَ خوش
چڱي ڀلي ٿي موٽي هئي. پر هن ڀيري بيماري سندس رڳ
رڳ ۾ پکڙجي وئي هئي. هوءَ هاڻي پڪ سمجهي وئي هئي
ته هن ڀيري، هن بيماريءَ مان چڙهڻ محال آهي. هُوءَ
اندرئي اندر ۾ کامڻ ۽ پڄرڻ لڳي. هُوءَ پنهنجون
ٻانهون مٿي ڪري کين ڏسڻ لڳي، ”ڪيڏي نه هيڻي ٿي وئي
آهيان.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. هن کي ته،
هاڻي اسپتال جو هي وارڊ به کائڻ پيو اچي. هُوءَ هڪ
وار وري سوچ جي اونهي ساگر ۾ غرق ٿي وڃي ٿي. سوچي
ٿي، ”هيءَ بڇڙي بيماري ڇو لڳي آهي؟ بيماري ته ڏک
وارن ۽ ڳڻتيءَ وارن کي لڳندي آهي.
مون کي ته هونءَ ٻي ڪابه ڳڻتي ڪانهي، خدا جو ڏنو
سڀ ڪجهه آهي. ها، البت جيڪا ڪمي آهي ۽ ڳڻتي آهي،
اها آهي مڙس جي محبت جي. هُونءَ ته ڀورل مون کي
ڪنهن به شيءَ جي ڪمي نه ڏني آهي. پر، پيار ۽ محبت
ٻئي اهڙيون شيون آهن، جنهن جي نه هجڻ جو احساس بک
۽ اڃ کان به وڌيڪ آهي. عورت بک، اڃ ۽ ڏک ۾ ته جالي
سگهي ٿي پر مڙس جي پيار ۽ محبت نه ملڻ سان هر پل
ايذائيندڙ هوندو آهي ۽ ان جهڙو عذاب ٻيو ڪهڙو آهي؟
عورت جي وڏي ڪمزوري ئي محبت آهي. محبت جئيڻ جو
حوصلو پيدا ڪندي آهي. زال ۽ مڙس ۾ جيڪڏهن محبت
ناهي ته، اها زندگي زهر بڻيل هوندي آهي. زال ۽
مڙس ۾ جهيڙي جو سبب به محبت هوندي آهي. مان ته،
ڀورل کي ڏاڍو چاهيو آهي، پر..... پر هُن مون کان
هميشه نفرت ڪئي آهي ۽ ان جو سبب مان نه سمجهي سگهي
آهيان. پر سمجهان ٿي ته ان جو واحد سبب، منهنجي
ڪوجهائپ آهي. نه رنگ چڱو نه وري جسم. پر ان ۾
منهنجو ڪهڙو ڏوهه! جهڙو قدرت واري خلقيو. ڀورل ته
مون کي شاديءَ کان اڳ ڪيترا ڀيرا ڏٺو به هو. شادي
نه به ڪري پئي سگهيو. زور به ته ڪو نه هُيس
ڪنهنجو! ڪي ڪي ماڻهو ته، ڪنن ۽ ڪوجهين سان به
محبتون ڪندا آهن..... پر مان ته ڀورل کي ٻي شادي
ڪرڻ لاءِ به چيو هو. پر هُن انڪار ڪيو هو. هُوءَ
اهي ڳالهيون سوچيندي رهي، کيس اهو به ياد آيو ته،
”ڳوٺ وارو پنهل پنهنجي زال سان ڪيڏي نه محبت ڪندو
هو. آخر ايتري تائين جو جڏهن سندس زال ويم ۾ مري
وئي هئي ته، پنهل چريو ٿي پيو هو ۽ اڄ سوڌو گُم
آهي. محبتون اهي چئبيون آهن. زال رڳو بستري جو
سينگار ئي ته ناهي. يا هُوءَ رڳو لٽي، ڪپڙي، سون
۽ ميڪ اپ جي بکي هوندي آهي.... پر گهڻيون ته انهن
ڳالهين جون به شوقين هونديون آهن. زال ۽ مڙس ۾
جيڪڏهن محبت ناهي ته، پوءِ اهو گهر ڦٽل هوندو. مان
ته، ڀورل جي محبت لاءِ سڪندي رهي آهيان پر هن مون
کي هميشه شوپيس سمجهيو آهي. جيڪو گهر جي ڪنهن ڪُنڊ
۾ رکيل هوندو آهي. مون ته سڄا سارا پندرنهن سال،
محبت لاءِ پڄرندي گذاريا آهن. مون ڀوڳيو به ڏاڍو
آهي ۽ هاڻي ان ڀوڳڻ جي مون ۾ ذرو به سگهه
ڪونهي..... ڀورل ڪهڙي قسم جو انسان آهي؟ شايد اها
به هن جي مجبوري هوندي آهي جو، ڪنهن ڪم سانگي مون
سان ڳالهائيندو ته آهي. هن جي اها بيرخي ته مون
سان شروع کان آهي ۽ اها بيرخي هاڻي منهنجي اندر ۾
ناسور بڻجي پئي آهي. هي ڪهڙو عذاب آهي. هي ڪهڙي
پيڙا آهي، جيڪا اندر کي وڍي ۽ ڪوري رهي آهي. ڀورل
ڪهڙو مرد آهي، جو زال کان نفرت ٿو ڪري. اڄ ته ٽيون
ڏينهن ٿيو آهي جو نه آيو آهي. هُونءَ به جي ايندو
آهي ته، مون سان ڪهڙو ويهي ڳالهائيندو آهي يا آٿت
ڏيندو آهي. مان ته هن جي ٻن مٺن ٻولن ڳالهائڻ لاءِ
سڪندي آهيان...... پر هُو ته ڪٺور دل آهي. منهنجو
ڪو احساس ئي ڪونهيس. مرڻ ڪنڌيءَ تي آهيان، الائي
ڇا حياتي، پر، هُو پنهنجي شوقن ۾ پورو آهي. ايندو
آهي ته، ”هاڻي طبيعت ڪيئن آهي؟ چئي جهٽ بيهي، ساڳي
پير موٽندو آهي. ڪهڙو نه پٿر دل آهي. ڪيڏي نه هُن
جي آٿت جي ضرورت آهي مون کي. صرف ويهي مونسان ڪي
ڳالهيون ڪري ته، جيڪر هن تتل هانءَ تي ڪو ڇنڊو
پوي. ڀورل ته ٿيو منهنجو مڙس ۽ هن جو مون سان
سدائين اهڙو ورتاءُ رهيو آهي، پر هُن ٻچن کي به
پاڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي به مون سان رخ ڏئي نه
ٿا ڳالهائين ڄڻ ته، هُو به مون کان نفرت ٿا ڪن.
ڌيءَ گهر ۾ سڄو ڏينهن ويٺي وي سي آر تي فلمون ڏسي
۽ پٽ، پيءُ سان گوئن ڏسڻ ۽ ڀڄائڻ ۾ پورو...... يا
خدا هي ڪهڙي ڀوڳنا آهي؟ هُن کي اڄ اهي سڀ ڳالهيون
جهنجهوڙن ٿيون. هُوءَ لڇي ٿي، روئي ٿي، سندس ڏکن ۾
اکين جو آب به سُڪي ويو. هوءَ ٻه هلڪا ڳوڙها.
سندس ٺوٺ ڳلن تي ڳڙن ٿا ۽ هُوءَ هٿ سان اگهي ٿي.
ٻيءَ ويرم ۾ سندس دل ڪچي ڪچي ٿي ٿئي. هُوءَ
نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿي، ٻئي
لمحي ئي کيس رت جي سخت الٽي اچي ٿي ۽ سندس جسم
ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ۽ هُوءَ ٿڌي ٿي وڃي ٿي.
در جي کڙڪي تي نوڪرياڻي ڇرڪ ڀري اٿي ٿي ، درکُلي
ٿو، سامهون ڊاڪٽر ۽ ڀورل خان آهن. ثميره کي رت ۾
ٻڌل ڏسي ڊاڪٽر وائڙوٿي وڃي ٿو. نوڪرياڻيءَ ڏي
ڪرڙين اکين سان ڏسي، هوُ ثُميره جي نبض ڏسي ٿو.
سندس چهري تي مايوسي ءَ جا آثار نمودار ٿين ٿا،
ڀورل خان ڏانهن منهن ڪري، ”خدا جي آڏو هر ڪو بيوس
آهي“ چئي، ٻاهر نڪري وڃي ٿو. نوڪرياڻيءَ جي هڪ
چَيخ بلند ٿئي ٿي، پر بند ڪمري ۾ ئي دٻجي وڃي ٿي.
ڀورل خان پٿر جي بت جيان ماٺ ڪيون بيٺو هو.
*ممتاز عباسي قطعو ڪهاڻي
ڪسوٽي
” مان محسوس ٿو ڪريان ته مان دائود ڪاٽن ملزجو
مالڪ آهيان!“
”پر - تون ته ڪنگلو آهين ۽ نانءَ جو غلام آهين .“
هائو. پر مان محسوس ٿو ڪريان ته مان دائود ڪاٽن
ملز جو وارٽ آهيان . ڇا، سيٺ دائود پنهنجو سمورو
اثاثو وڪڻي رهيو آهي. سيٺ گهر به وڪڻي ڇڏي ته سٺو
!“
”هو سڄو اثاثو وڪڻي ان مان انويسٽمينٽ ڪري سگهي ٿو
.“
”مان محسوس ڪندس ته، اها انويسٽمينٽ مان ڪئي ڪٿي
آهي، سيٺ دائود کي رڳو پاور آف اٿارٽي ڏنا اٿم.“
” تون ڇريو ٿي پيو آهين.“
” چڱو، تون ته هوش ۾ آهين. ٻڌاءِ؟ مان ۽ سيٺ ٻئي
پيجارو گاڏيون استعمال نه ٿا ڪريون.“
” ڇا.....؟“
اها سيٺ دائود جي مجبوري آهي جو پيجارو ٺاهيندڙ
ڪمپني هڪ جهڙيون گاڏيون ٺاهي ٿي جيڪا مان به خريد
ڪايان ٿو ته سيٺ، به مجبوري آ.“
” مجبوري ڪهڙي؟ سيٺ ته جيگوار به خريد ڪري سگهي ٿو
ته بيوڪ به ته ايف- 16به ...“ ڪجهه نه ٿو وٺي
سگهي. مجبوريون اٿس؛ انڪم ٽيڪس جي . ڪسٽم ڊيوٽيءَ
جي، ماڻهن جي نظرن ۾ اچي اغوا جي ۽ دل جي مجبوري.“
” تون چريو ٿي پيو آهين.“
” مان محسوس ٿو ڪريان ته مان به سيٺ جيان هوائي
جهاز ۾ سفر ٿو ڪريان.
” تون ٽه –پتائي آهين . ڀوڪ آهين.“
” مان محسوس ٿو ڪريان ته مان دائود ملز جو مالڪ
آهيان. مون کي گهٽ گاريون ٿيون ملن، جيتريون سيٺ
کي مل ۾ ملنديون آهن معاشري ۾ منهنجي عزت آهي.“
” مان به پلنگ تي سمهان ٿو. مون وٽ بنگلا ۽ نوڪر
چاڪر آهن. مون کي ٻار ٻچا آهن. زال آهي. هڪ اڌرکيل
آهي مان به سوشل آهيان.“
” پر ......پر “
” پر –ڇا-؟“
” چريا! مل جو ٽائيٽلز تنهنجي نالي هرگز ڪونهي؟“
” ٽائيٽلز سان ته پريشانيون ٿيون اچن. ان ڪري مون
اهو ٽائيٽلز سيٺ دائود جي نالي ڪري ڇڏيو آهي.“
” سيٺ دائود جڏهن به چاهي پنهنجي سموري دولت ڪنهن
به وقت ڪنهن رفاهي اداري کي ڏيئي سگهي ٿو.“
” ناممڪن.“
”ڇو-؟“
” اها تجربي جي ڳالهه آهي.“
” مون کي مڃڻو پيو ته، دائود ملز تنهنجي آهي. فقط
تنهنجي “
” ها- دائود ملز منهنجي آهي. حبيب بئنڪ منهنجي
آهي. آدم جي انڊسٽريز منهنجي آهي- سڄي دولت منهنجي
آهي. رڳو منهنجي اها مجبوري آهي جو ضرورتون محدود
آهن. مان ايتري پئسي کي ڪنجوسيءَ سان استعمال ڪندو
آهيان مون کي ته دولت جو حساب به ڏيڻو ڪونهي!!!“
مان ماٺ ٿي ويس. ان جي ماءُ مون کي ٻانهون ٻڌي
چيو:
” ابا، تون ئي مڃ هن کي ته بک ۽ بيروز گاريءَ چريو
ڪري وڌو آهي تون ته سياڻو ۽ عقل وارو آهين.“
مان ماٺ ٿي ويس.
لوڪ ورثو
آڌيءَ ويل اٿيو ۽ پيءُ جي مٿان اچي بيٺو. سندس
بيمار پيءُ سالن کان موذي مرض سان جنگ ڪندي ٿڪيو
هو. سندس جسم مٺ کن رهيو هو ۽ اکڙندڙ ساهه وڃي
بچيو هوس. هن پراڻي انگوڇي کي کڻي مريض جي چيلهه ۾
ٻڌو ۽ مريض کي پنهنجي جوان هٿن ۾ کڻي ورتو پوءِ
گهر جي ستل ٻين ڀاتين کي ڏٺو، اُهي ڌنڌ ۾ ويران
قبرون نظر آيس هو ٻاهر نڪري آيو.
ٻاهر ڪجهه نه هو. گهٽيون ويران ۽ اُداس هيون.
پريان چوڪيدار جو آواز پيس. تيز قدمن سان ٻه – ٽي
گهٽيون مٽائي وڏي روڊ تي پهچي ويو. پوءَ تيزي سان
رائيس ڪئنال ريگيوليٽر مٿان پهچي ويو. هيٺ ماٺو ۽
ميرو پاڻي هو پاڻيءَ مان اٿندڙ اُٻر مريض کي بيچين
ڪري وڌو ڪيترو وقت بيٺو رهيو.
” پٽ! مون کي پاڻيءَ ۾ اڇلي ڇڏ.“ پيءُ جو ڪمزور
آواز ٻڌائين. بت ۾ ڪنبڻي اچي ويس. هٿن ۾ ست نه
رهيس. خوف کان دل جي رفتار وڌي ويس.
” پٽ ! ڇا ٿو سوچين، اڇلي ڇڏ.“
هن مريض جي طرف ڏنو جيڪو ڊگهي مرض کان تنگ ٿي اهڙي
قدم کڻائڻ تي مجبور هو پر هو ته اڃا فيصلو نه ڪري
سگهيو هو ته هو ڇا ڪري؟
” پٽ ! هن ئي هنڌ بک ۽ بيماري کان تنگ آيل مون
پنهنجي پيءُ کي اڇليو هو. تون به هت ئي اڇلي ڇڏ ۽
هاڻي تون به ظاهري ڏيک ويٺ خاطر مون کي اُڇلي
ڇڏ.......
” نه-نه ها اڇلي ڇڏ مان توکي اذيت جوموت نه
ڏيندس.اچ ته هلي ٻئي تنهنجي مرض سان گڏجي جنگ
جوٽيون.“
اُن کان اڳ ئي هو رضا ڪري ويو هو!؟
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
بيت
وڏي وٿ وڳر ۾
ويچاريون هر ويل ۾
لوليون ڏيئي لاڏ سان
تڪليفون سڀ تن لاءِ
ننڍڙا وڏا ڪرڻ ۾
بديون بخشائين
|
عورتون آهين
ٿيون ننڍڙا نپائين
راتيون وهائين
چشمن تي چائين
ورهه وڃائين
مائون پنهنجي مهر سان
|
*
ڪن جي محبت مرد سان
سچيون ٿين صحبت ۾
ڪن جي وفا ور سان
پنهنجو ڪن پرين
قرب واري جو قلب سان
جي خودي کي کائين
|
ته روئي ريجهائين
ته ناتا نڀائين
ته پاند ڳچيءَ پائين
کي ته وري نه وڃائين
چاڪر چوائين
ته مٽ نه سندن ڪوٻيو
|
*
اعتراف آهي انهن جو
ڪاهي پون ڪلفت ۾
ڪاوڙجن ڪنهن مهل جي
اچن پنهنجي پر تي
سچيون ٿين سڪ ۾
مرد سندن محتاج ٿين
افسوس ٿيندو جيڪڏهن
ڳرهاٽيون ڳنڍڻ لاءِ
۽ پلپل گهڻا پيار ڏئي
ته مست گهڻي ئي مرد ٿي
طالبالمولا طلب ۾
لئون سچي لائين |
ٿيون محبت ملهائين
ته ٻيڻيون ٻڌائين
ته سڀ سُر سڻائين
ته ناٿ به نچائين
ته ڪنڌ به ڪپائين
جي ٻيهر ٻاڏائين
رڳوحجتون هلائين
جي پيار منجهان پائين
ٿي محڪم مڃائين
ڳڻ سندن ڳائين
شل قرب ڪمائين
سدا هجن سهاڳڻيون
|
بيت
ڪونجن ڪرڪي ڪالهه
*
ڪونجن ڪرڪي ڪالهه
رئندي رئندي رئندي
هو ٻيهر وڃي ٻچن سان
آئون پاڙي رهان پرين جي
طالب الموليٰ طلب ۾
ڪيم گڏ فراق جا
عجائب احوال آهن |
مون کي رت رئاڙيو
هيڻا ٿيم حال
ڪنديون واهه وصال
ته به جر وهايان جال
سڪندي وريا سال
ميڙي چونڊي مال
منهنجي عشق جا
|
*
ڪرڪي ڪونجڙين
مون سڪ
۾ اينهين سمجهيو
پر هن کي ٻاجهه ٻچن جي
آئون
سڏڪا سهڻي لئي ڀريان
جي پاڙي رهي پرينءَ جي
طالب موليٰ تن کي
جي محبت منجهه مرن |
موکي رت رئاڙيو
ته پيون پار ڪڍن
رڙڪيو ٿيون رڙڪن
ٿا اُڌما روز اچن
هجرمنجهه هلن
پلپل پيار ڏجن
سي جيئرا هوندا جڳ ۾
|
*
ڪرڪڻ جي ڪونجڙيون
وڃي پنهنجي وطن ۾
آئون پاڙي رهان پرينءَ جي
اهنجي ورونهن ولر سان
طالب هاريا طلب ۾
مونکي پرينءَ پچار |
اٿو ٻچن لئي ٻاڪار
ٿيون ڪريو خوب قرار
ته به عشق سندا آزار
آئون دلبر کان ئي ڌار
لڙڪن لک هزار
اهنکي ور وطن جي
|
*
ڪرڪي ڪالهه اوهان
اوهان ٻوليو ٻاجهه مان
اهنجي ورونهن ولر ۾
آهين موٽي پڄو ملڪ ۾
آئون پاڙي رهي پرينءَ جي
رئان ۽ رڙان |
جذباجوش جاڳائيا
آئون پيو رت رئان
آئون
جهوري منهجهه جهڄان
ڪٿان جو ڪٿان
سڪ ۾ روز سڪان
طالب مولا طلب ۾
|
* مارئي شيخ (آزاد نظ
1991
1990 جو،
سال پورو ٿي ويو
پر
ڌرتي جون ڌياڻيون،
هم آواز ۾ ڪو سهرو،
ڳائي ڪين سگهيون!!
اجهاڻل ڏيئا
سنڌ جي ڪنڊن ۾
ٻاري ڪين سگهيون!...
ذهنن ۾،
جنم ورتل نفرتن جي
ٻجن جون پاڙون،
پٽي ڪين سگهيون!...
ڌرتيءَ تان،
اجهاڻل ڏيئن جو
خاتمو ڪري ڪين سگهيون
پر
او مهراڻ جي سونهن
1991 جي سال ۾،
اسان سڀن سرتين کي
وچن ڪري
هم خيال بڻڻو آ
هم آواز بڻجي
سنڌو جي ڇولين جيان،
ڪناري تي پهچڻو آ
سنڌو جي اڇي پاڻي جيان
پاڻ کي،
اڇو اجرو رکي
هر ڪنهن کي
پنهنجي ڪشش سان ڇڪڻو آ.
”سرتيون“
آسن اميدن تي
دنيا قائم آ
1991 جو سال
لاتعداد جنم وٺندڙ
خواهشن جي
تڪميل ضرور ڪندو...
ضرور،
ڪاميابي جا پيچرا
اسان جي منزل بڻجندا....
بس!...
عورت جو هڪ ٻيو نانءُ،
رکڻو آ....
رڪ جو لباس پائڻو آ....
پنهنجي،
زخمي ٿيل روح اندر
فولاد ڦوڪڻو آ....
مارئي کي،
اها آس آ.....
هر جنم وٺندڙ عورت،
صدين جي هر پهر ۾،
پنهنجي چپن تي،
مرڪون سجائيندي رهي
اکڙين ۾،
لڙڪن بدران،
ڪاميابي جا ڏيئا
روشن ڪندي رهي
۽
هر فتح کي
پنهنجي قدمن ۾،
گلن جيان،
وسائيندي رهي. |