سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

مضمون

صفحو:11

*عزيز ڪنگراڻي

گيت

آءُ ڪَهي تون ڪانڌ، ڀنا ٿم پاند،

تنهنجيون ساروڻيون!

جهوراڻي ۾ جند، وڃي ٿي مند،

سارون ساماڻيون!

ياد هڻي ٿي ڏنگ، لُڇي انگ انگ،

آسُون ڪُوماڻيون!

ياد هڻي ٿي ڏنگ، لُڇي انگ انگ،

آسُون ڪُوماڻيون!

تو بن جيون جيل، ڪيون اچ هيل،

راڻل رِهاڻيون!

باهيون دُکيون دُود، جلي ٿو وجُود،

ناهن اُجهاڻيون!

ڄَرَ ۾ جوڀن ڦُوهه، رڙي بي ڏوهه،

راتيون وِهاڻيون!

جُڳ جُڳ من جا ميت، پلبي پريت،

ٿينديون پُڄاڻيون!

 

*عبدالله ”شجاع“ سنڌي

عورت

ڏونگر ٿي پئي ڏوري عورت،
ساه سڀن تان گهوري عورت.
 

ٻچڙا هن کي ڌار سڀئي ڪن،
هر هر تن کي سوري عورت.
 

ساري گهر سان خوب نڀائي،
گهر کي ڪين ٿي ڪوري عورت.
 

پٿر سان جي پاند اڙيو آ
مرڪي ان کي ڀوري عورت.
 

دنيا ساري آهِ انهيءَ سان،
نفرت پيار سان توري عورت.
 

ڪي ڪي نفرت ڪن ٿا هن کان،
پوءِ به تن سان ڏوري عورت.
 

باه جو شعلو آهِ بڻيل هي،
پوءِ به نه ڪنهن کي جهوري عورت.
 

من ۾ ڪنيو ڪين رکي ٿي،
چاهه جو چنگ ٿي چوري عورت.
 

*احمد ٽالپر

ٽيڙو

حق بخشائي ڌيءُ

نئين نويلي نارَ سان

پرڻيو پوڙهو پيءُ،

 *

پوڙهو ونيءَ ورُ

جهڙوڪر ڪو کُوههَ مان

اُڀ ڪڇي ڏيڏرُ.

*

ڦوهه جواني چوٽَ

پوڙهو وَرُ ونيءَ کي

ڪهڙي ڏيندو موٽَ

*

پُور- وَهيءَ ڏِنهين

جو ڀن اُڌما جنڊَ ۾

داڻن جيئن پِينهن.

مهتاب اڪبر راشدي

 

مستقبل  جي سنڌي عورت

جڏهين به سنڌ جي سماجي جوڙجڪ سان تعلق رکندڙ ڪنهن به موضوع جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو ارادو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ موضوع بابت حقيقتون هٿ ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهارجي ٿو ته اها افسوس ناڪ ۽ ڪنهن حد تائين چڙ ڏياريندڙ حقيقت چٽي ٿي  سامهون ٿي اچي ته هيستائين سنڌ جي سماجي نفسيات ۽ سماجي جوڙجڪ جو حقيقي ۽ عقلي بنياد تي هڪ پئسي جيترو به تجزيو نه ڪيو ويو آهي. سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ويئي آهي. بلڪه پنهنجن نعرن ۽ جذبات کي سماج مٿان ٿاڦيو ويو آهي. سنڌي سماج جي باري ۾ ادبي ۽ سياسي حوالن سان جيڪو ٿورو گهڻو لکيو ويو آهي يا چيو ويو آهي، اهو مواد گهڻو ڪري جذباتيت، خاص قسم جي ڪتابيت، سطحيت ۽ لفاظيءَ جو شڪار آهي. اسان جا سياستدان، صحافي ۽ ليکڪ لائين پهرين ٿا ڏين نظريو پهرين ٿا مقرر ڪن، نتيجو پهرين ٿا ڪڍن ۽ ڇنڊ ڇاڻ پوءِ ٿا ڪن. سا به نالي ماتر. سنڌي سماج جي جيڪا به اصلي ۽ کهري حقيقت سندن ڪڍيل نتيجي، نظرئي، لائين، نعريبازيءَ ۽ جذباتيت سان ٽڪر ٿي کائي انهيءَ کي يا ته ٿڏيو ٿو وڃي يا وري انهيءَ کي ٽوڙي موڙي پنهنجي لائين ۾ فٽ ڪري جذباتي خوشي حاصل ڪئي ٿي وڃي. مطلب اهو ته اسان حقيقتون ڳولڻ جي بدران ”پنهنجي ذات  جي حقيقت“ ٻڌائڻ جي چڪر ۾ ڦاٿل آهيون ۽ بقول ڪنهن جي ”اکران وچ اڙيل آهيون.“

جڏهن اهڙي دونهاٽيل علمي صورتحال هجي ته سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت جي اصل حقيقت ۽ سندس مستقبل جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پوي ٿو. بهرحال هتان هُتان پڇا ڳاڇا ڪري، ڪجهه پنهنجي طرفان ڌڪُا هڻي به اکر لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ هيءَ مختصر ۽ اڻ پورو مضمون ترتيب ڏنو اٿم.

هن وقت دنيا جي ٻين پوئتي پيل علائقن توڙي سنڌ ۾ ڪميونيڪيشن جي ڦهلاءُ جي ڪري هڪ عجيب صورتحال پيدا ٿي پئي آهي ته اسان هڪڙي زمان ۾ يعني، زمان حال ۾ نٿا رهون سماجي ۽ فڪري طور تي سنڌ هن وقت ماضيءَ ۾ به موجود آهي ۽ مستقبل طرفان ملندڙ اشارن ۾ به موجود آهي. انهيءَ ڳالهه چوڻ مان منهنجي مُراد اها ناهي ته ڪو اسين ٽن ثقافتن ۾ ورهايل آهيون. بلڪ اها هڪڙي ئي ثقافت آهي، جنهن جون اهي ٽي سطحون آهن، جن تي ماڻهو جيئن ٿا ۽ وقت گذارين ٿا.

هڪڙي ثقافت جا اهي ٽي پُڙيا سماج جون ٽي سطحون ٿلهي ليکي هن ريت آهن:

(1) پوئتي پيل علائقا: هنن علائقن ۾ شهري آباديءَ ۽ روڊن کان پري وارا علائقا ڪچي جا علائقا، ٿر، جبل  ۽ اتر سنڌ جا اهي زرعي علائقا اچي وڃن ٿا، جتي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن حد تائين قبائلي سماجي سرشتو موجود آهي. اهي علائقا هڪ ٻئي کان  مختلف هوندي به سماجي طور تي ماضيءَ ۾ رهن ٿا.

(2) شهرن کي اُهي ويجها علائقا جتي روڊ رستا، بجلي، ٽيليويزن، سوزوڪي ۽ ٻيون اهڙيون سهوليتون پهتل آهن، اهي ماڻهو شهري زندگيءَ سان لهه وچڙ ۾ آهن ۽ سماجي سياسي ۽ فڪري سطح تي زمان حال ۾ جيئن ٿا.

(3)اها هڪ عجيب و غريب حقيقت آهي ته سڄي برصغير ۾ بنگالين کانپوءِ سنڌ ئي هڪ  اهڙو علائقو آهي جتي اوچتو ئي اوچتو سياست ادب ۽ فنون لطيفه  ۾ ڪي اهڙا غير معمولي ماڻهو پيدا ٿي پون ٿا، جيڪي نه رڳو سڄي پاڪستان تي ڇائنجو وڃن پر پرڏيهه ۾ به نالو ڪڍايو وڃن. انهن ٿورن پر بي انتها ذهين ۽ تخليقي ذهن رکندڙ ماڻهن کي بنا شڪ جي مستقبل مان اشارا ملندا رهن ٿا.

هتي آئون اهو عرض به ڪري ڇڏيان ته اسان جي سفيد پوش ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي برعڪس اسان جو هاري، ڌنار ۽ هُنر مند حقيقت بسند ۽ تخليقي ذهن رکندڙ آهي. اهو طبقو اسان سفيد پوشن وانگر هٿرادو جذباتيت، سطحيت ۽ نعري بازيءَ جو شڪار ناهي. ڪليشي (Cliché)  جو ماريل ناهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته هو جنهن سماجي نظام ۾ ڦاٿل آهي اُهو ماضي جو نظام آهي ۽ رڳن مان رت ڇڪيندڙ نظام آهي.

هاڻي ڪجهه ثقافت ۽ سماج جي ٿلهي ليکي پيدا ٿيل ڄاڻايل ٽن سطحن ۾ عورت جي وجود تي هڪ نظر

پوئتي پيل علائقا:

هن سماجي سطح تي جيئندڙ کي ٻڪريءَ وانگر باقائدي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو آهي. مثلاً سنڱابنديءَ ڪرڻ وقت اِهو ڏٺو نه ويندو آهي ته عورت به ڪو انسان آهي. سندس ڪا به مرضي، ڪا به ناپسنديدگي، ڪا به خوشي، ڪوبه ڏک. ڪو به سک ۽ ڪا به تڪليف قبول نه ڪئي ويندي. صرف سندس جسم قبول ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ سڱابنديءَ جون چار صورتون آهن (1) بدو (2) پيٽ  لکي ڏيڻ (3) ٿورو يا احسان (4) ڦلن مٺُ يعنيٰ پئسن تي سنڱ ڏيڻ. انهن چئني صورتن ۾ عورت کي گاهه وانگر ڀريءَ ۾ ٻڌي هڪ مرد جي حوالي ڪيو ويندو آهي. شاديءَ کانپوءِ  مُڙس کي اخلاقي، مذهبي ۽ سماجي اهو اختيار هوندو آهي ته هو ڪو به ننڍڙو ۽ معمولي سبب پيدا ڪرڻ يا بنا سبب جي هروڀرو پنهنجيءَ زال کي پنهنجن ڍڳن جي جوڙي وانگر ماري سگهي ٿو.

وڏڙا پنهنجن ننڍن کي شروع ۾ ئي نصيحت ڪري ڇڏيندا آهن ته ”ٻچا“! هينئر ئي جُوتا پسائي رک! جڏهين زال پرڻجين ته کيس جوتا هڻي گز وانگر سڌو  رکجان. تنهن کانسواءِ سنڌ ۾ جيتريون عورتون قتل ٿين ٿيون. ڪاريون ٿين ٿيون، خودڪشي ڪن ٿيون، انهن جا صحيح انگ اکر ڪڍجن ته شايد  انگن مان به رت ڦٽي نڪري اچي. انهيءَ ڳالهه تي سوچي ڪڏهين ڪڏهين ائين محسوس ٿيندو آهي ته سنڌو درياءُ ۾ وهندڙ پاڻي نه،  پر سنڌي عورت جا لُڙڪ آهن.

سنڌي عورت کي نه رڳو وڏن معاملن ۾ پر ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ ٽئين درجي واري شهري يعني، غلام جي حيثيت حاصل هوندي آهي. مثلاً (1) گهر ۾ مرد کٽ تي ويهندا آهن جڏهين ته عورت کي سندن موجودگيءَ ۾ پٽ تي وهڻو پوندو آهي  (2) عورت سان اهم معاملن ۾ صلاح مشورو نه ڪيو ويندو ۽ بلڪه اهو چيو ويندو آهي  ته ”عورت پيٽ جي هلڪي ٿي سگهي ٿي، تيئن ڪو به مرد پڻ پيٽ جو هلڪو ٿي سگهي ٿو. (3) گهر ۾ ماني پهرين مرد کي ملندي پوءِ عورت کي پوءِ چاهي اُهي ٻار کڻي ڇو نه هُجن (4) ڳوٺ ۾ ٻئي گهر وڃڻ لاءِ عورت کي هر صورت ۾ مرد کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، جڏهين ته مرد کي ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪنهن به اجازت جي ضرورت نه هوندي آهي، انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪو مرد گهر ۾ صرف اطلاع ڪري ئي نڪري ته اُن کي ”مائو پُٽڙو“ يا ”زال جو غلام“ چئي طعنا هنيا ويندا آهن (5) مرد ۽ زال ٻنيءَ تي يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي  رهيا هُجن ته زال کي هر صورت ۾ مرد جي پويان هلڻو پوندو آهي ۽ اتفاقاً جيڪڏهن عورت مرد کان اڳ ۾ هلندي هجي ته اهو سمجهبو ته زمين اونڌي ٿي پيئي آهي.

ماضيءَ جي انهيءَ سماجي نظام ۾ جتي عورت ذات تي ڏاڍ ۽ ظلم ٿئي ٿو. اتي کيس ڪي اهڙيون رعايتون به حاصل ٿيل آهن. جيڪي جديد سرمائيداري يا نيم سرمائيداري، واري نظام ۾ حاصل ناهن، اهي هن ريت آهن:

(1)مر د ۽ عورت سفر ۾ هُجن يا ٻنيءَ تان موٽي رهيا هُجن ته سامان سڙو ۽ بار مڙس کڻندو ۽ عورت کي جسماني تڪليف کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن وهٽ سان هوندو ته عورت کي وهٽ تي وهاريندو پاڻ پنڌ هلندو.

(2) ڪو به ماڻهو واٽ ويندي عورت جي ٿوري بي عزتي ڪري وجهي ۽ کيس ڇڙا ٻه ڏکيا اکر ڳالهائي وجهي ته پوءِ سندس سر جو خير نه هوندو. عورت جي ٿورڙي بي عزتيءَ تي خون به  ٿي ويندا آهن.

(3) ماضيءَ جي هن سماجي نظام سان تعلق رکندڙ ڌاڙيل ڌاڙا هڻندو، ڦريون ڪندو. مال لٽيندو،  خون ڪندو پر نه عورت تي هٿ کڻندو ۽ نه عورت جي ڪنهن شيءَ کي هٿ لائيندو.

(4) جديد سرمائيدارانه ۽ نيم سرمائيدارا نه نظام ۾ بغاوت ۽ قتل سڀ کان وڏو جرم ڪري ليکيو ويندو آهي، مگر  هن سماجي نظام ۾  زوريءَ زنا کي بغاوت کان ۽ قتل کان ڪيئن سئو ڀيرا وڏو جرم ڪري ليکيو ويندو آهي. ست خون معاف ٿي سگهن ٿا پر زوري زنا معاف ٿي نٿو سگهي.

هاڻي اچون ٿا زمان حال تي يعنيٰ انهن علائقن جي سماجي جوڙجڪ   جيڪي شهرن ۽ روڊن کي ويجها آهن.

هن سماجي جوڙجڪ ۽ فضا ۾ ماضيءَ جا اُهڃاڻ به ملن ٿا، جيڪي فطري آهن. مستقبل ڏانهن به سفر جاري آهي جيڪو ڪميونيڪيشن جي پيداوار آهي، هن نظام ۾ عورت کي ڪجهه سهوليتون مليل آهن  ته ڪجهه سهوليتون ڦريون به ويون آهن. مثلاً

(1) سڱابنديءَ ۾ ماڻهو ڪنهن حد تائين لبرل آهن. وٽن عورت جو ملڪيت وارو اهو تصور ناهي، جيڪو ماضي جي سماجي نظام ۾ آهي. عورت کان جيڪڏهن سڌيءَ طرح راءِ نٿي به ورتي وڃي ته به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سندس روين  جو خيال رکيو ويندو آهي.

 (2)ڪافي عورتن کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي اجازت آهي،  بلڪه عورتون آهستي آهستي سياست ۽  سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ڏانهن  وڌي رهيون آهن. نوڪريون به ڪري رهيون آهن.

(3) گهر ۾ ماني ٽڪيءَ جي موقعي تي يا اٿ ويهه ۾ عورت ۽ مرد ۾ اُهو فرق نه رهيو آهي، جيڪو اڳ ۾ هو.

(4) اهو معاملن ۾ عورت سان به صلاح مشورو ٿئي ٿو.

(5) عورت ٽئين درجي جي شهريءَ  مان ٽپي، ٻئي درجي جي شهرين ۾ شامل ٿي ويئي آهي.

(6) عورت کي اهو جنسي تحفظ حاصل ناهي جيڪو ماضيءَ ۾ هو.

(7) زوري زنا جي جرم جي اُها مجرمانه حيثيت نه رهي آهي، جيڪا اڳ ۾ هئي.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ تمام ٿورا پر ذهين ۽ ڄاڻو مرد ۽ عورتون موجود آهن، جيڪي مستقبل مان ايندڙ سگنل جهٽي سگهن ٿا ۽ اندازو لڳائي سگهن ٿا، پر مستقبل کان يقيني طور تي تفصيلي طور تي ۽ واقف ٿيڻ انسان ذات  لاءِ ناممڪن آهي، سو به سنڌ جهڙي علائقي ۾.

سنڌ هن وقت سجاڳيءَ جي جنهن هنڌ تي بيٺي آهي،  ويهه سال اڳ انهيءَ جو اسان وٽ تصور به نه هو. اهڙي طرح اڄ کان ڏهه سال پوءِ ڇا ٿيندو. اُن جو هن وقت تصور ڪرڻ ڏکيو آهي. هن وقت مستقبل جا جيڪي اشارا ملي رهيا آهن، انهن مان محسوس ٿو ٿئي ته ڪا وڏي اٿل پٿل ايندي پر ڪهڙي اٿل پٿل ايندي، عورت جي صحيح معنيٰ ۾ ڪهڙي حيثيت رهندي ان لاءِ ڪا يقيني ڳالهه ڪري نه ٿي سگهجي. بهرحال هن وقت جيڪي به ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُهو هن ريت آهي:

(1) اسان جا سڀ سماجي ادارا وڏيري جي اوطاق کان وٺي ڪٽنب تائين هڪڙو هڪڙو ٿي ٽُٽي رهيا آهن. اٿارٽيءَ جي ڪوٽ ۾ ڏار پئجي رهيا آهن. هڪڙي سماجي دائري کان ٻئي سماجي دائري تائين پهچڻ جي وچ ۾ جيڪا انارڪي پيدا ٿيندي آهي، سنڌ ۾ انهيءَ جي ابتدا ٿي چُڪي آهي. انهيءَ جو وڏو مثال بدامني آهي. اها بدامني  ايتري سياسي ناهي جيتري سمجهي وڃي ٿي. اها بدامني گهڻو ڪري سماجي آهي ۽ اقتصاديت به انهيءَ ۾ شامل آهي.

(2) ٽيڪنالاجي نه رڳو دنيا ۾ اُٿل پٿل آڻي رهي آهي، پر پنهنجو پاڻ ۾ به وڏي اُٿل  پٿل آڻي رهي آهي. ٽيڪنالاجي اڳي 3،2،1 ۽ 4 ۾ سفر ڪندي هئي، هن وقت 4،2،1۽ 8 ۾ سفر ڪري رهي آهي ۽ ستت ئي 16،4،2 ۽ 441 ۾ سفر ڪندي. ستت ئي ڪا به اهڙي ايجاد ٿي سگهي ٿي، جيڪا سڀني سياسي ۽ سماجي نظرين ۽ نظامن کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏي. انهيءَ ٽيڪنالاجيءَ جو اسان تي به اثر پئجي رهيو آهي ۽ اڃا پوندو. خاص ڪري ذرائع ابلاغ جي ذريعي ٿي سگهي ٿو بلڪ ڪنهن  حد تائين پڪ ٿي رهي آهي ته 1990ع تائين  پهچندي پهچندي ٽي- وي جا ٻاهريان چئنل ڏسڻ ۾ اچن ۽ قصو  اڃا به وڌي.

(3) ماڻهن جي آباديءَ ۾ حد کان وڌيڪ  اضافو ٿي رهيو آهي.

(4) خود سنڌ اندر لڏپلاڻ وڌي رهي آهي، ماڻهو شهرن ڏانهن وڌي رهيا آهن. نه رڳو اهو پر ٻين علائقن مان به سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ يا ڪن صورتن ۾ واپسي به ٿي رهي آهي.

(5) انگريزي زبان  آهستي آهستي سنڌي توڙي اردو توڙي پاڪستان جي ٻين ٻولين کي کائي رهي آهي ۽ کائيندي رهندي. ڇو ته اها ڳالهه فطري آهي ٽيڪنالاجي پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ کي کڻيو پيئي اچي.

(6) انساني سوچ ۽ روين ۾ بينالاقواميت پيدا ٿي رهي آهي.

(7) دنيا ۾ ڊائيٽنگ، جاگنگ ۽ ورزش وغيره جي ذريعي عورت جسماني طور تي به مرد جي برابر اچي رهي آهي. مثلاً ڪا به چيني عورت ڪنهن به پاڪستاني مرد کي هڪڙي ئي ٺونشي ۾ رت ڳاڙيندو روانو ڪري سگهي ٿي، ظاهر آهي ته اها صورتحال  هت به پيدا ٿيڻي آهي.

(8) سنڌ ۾ عورت کي حڪمران طور تي تسليم ڪيو ويو آهي.

اهي سڀ ڳالهيون  عورت کي مستقبل ۾ ڪٿي ٿيون بيهارين. اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهندو،  پر اسان کي ته جذباتي ٿي سوچڻ ۽ نعرا هڻڻ جي بدران زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن تي ڪرڙي نظر رکڻ گهرجي.

”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين“......! ڪيڏو نه سوز آهي انهن لفظن ۾ ۽ ڪيڏي نه ڀنڀلائيندڙ حقيقت! منهنجو ويجهو ماضي پرديسي پرينءَ   جهڙو ته نه هو ۽ نه  منهنجو حال ڪو ڪنهن ديسي سيڻ جهڙو آهي. پوءِ لطيف جي اها سٽ هروڀرو ڇو پئي ذهن جي آرسيءَ مان ليا پائي. درد جو هڪ اٿاهه سمنڊ پار اُڪري، آءُ سمجهان ٿو ته شايد آءُ ڪنهن سڪون ۽ ماٺار جي ٻيٽ تي اچي لٿو آهيان. پر هيءَ ماٺار به  ڪهڙي ماٺار آهي، هي سڪون به ڪهڙو سڪون آهي ۽ هي ٻيٽ به ڪهڙو ٻيٽ آهي! مون کي ته شايد هاڻ اهڙي اجهي جي تلاش هئي، ڀر جهلي جي ڳولا هئي، جنهن کي وري به لطيف جي لفظن ۾ ٻاجهه ٻيلا ٿي ڀانئيان.... واري معنيٰ هجي!

”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول “ تان ورتل

*صبا انڙ

معاشري ۾ عورت جي حيثيت

حضرت محمد ڪريم صه جن جا انسانن جي مٿان ڪروڙين ڪرم ۽ احسان آهن، جن اچڻ سان ماڻهن جي حيوانيءَ زندگي کي بدلائي انساني معاشري جو بنياد وڌو. پاڻ ڪريم صه جن انقلابي سماج سڌارڪ  جي حيثيت سان، جتي سڄي معاشري  کي بدلايو ۽ ظلم  تشدد جي  چڪيءَ ۾ پيسجندڙ  انسان کي نجاب  ڏياري  اتي اهو احسان به نمايان آهي جيڪو پاڻ ڪريم صه جن عورتن جي غلامي ۽ جانورن واري حيثيت کي ختم ڪري مردن جي برابر حق ڏياريا ۽ سندن سماجي حيثيت ۾ انقلاب آندو. ان دور ۾ عورت جي ڪابه حيثيت ڪانه هئي. هو صرف سماجي جانور جي حيثيت سان زندگي گهاريندي  هئي. ڌيءَ جي پيدائش تي ناراضپو ڏيکاريو ويندو هو ۽ گهڻي ڀاڱي اها روايت هوندي هئي جو کين جيئري قبر ۾ پوريو ويندو هو. پاڻ ڪريم صه جن ان فرق کي ختم ڪيو ۽ عورت کي اهو مقام ۽ عزت ڏني جو عورت کي گهر جي لاءِ باعث رحمت قرار ڏنو ويو. هڪ حديث مبارڪ ۾ پاڻ ڪريم صه جن ارشاد فرمائين ٿا ته ”توهان جو بهترين اولاد نياڻيون آهن.“ نياڻين سان محبت ۽ سندن اهميت کي مڃرائڻ لاءِ پاڻ ڪريم صه جن عورتن جي تعليم فرض قرار ڏني ۽ گهر ۾ عورت جي موجودگي کي ڀاڳوند گهر قرار ڏنائون.

وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان وٽ هي ترقي يافته دور ۾ اڄ به ڌيءَ جي اولاد کي گهٽ نظر سان ڏنو وڃي ٿو  ۽ کين نحوست جي نشاني  سمجهيو وڃي ٿو. ڌيءَ جي پيدائش تي بجاءِ خوشيءَ جي ڏک جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس معاشي بار سمجهيو وڃي ٿو . نتيجي ۾ اها نياڻي ۽ کيس جنم ڏيندڙ ماءُ پاڻ کي عمر ڀر لاءِ مجرم سمجهڻ لڳن ٿيون ۽ عورت جي حيثيت ۾ شرمندگي محسوس ڪن ٿيون، انهن ڳالهين جو بنيادي سبب مذهب کان دوري ۽ جهالت آهي.

ايشيا جي ملڪن ۾ خصوصاً ۽ سڄي دنيا ۾ تقريبن پٽ ڄمڻ جي خواهش هڪ عالمگير حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. ڪجهه سال اڳ هڪ سروي ڪئي وئي جنهن مطابق 93 سيڪڙو مائن پٽ  جي خواهش جو اظهار ڪيو. 1987ع ۾ انڊيا ۾ هڪ سروي ڪئي وئي جنهن مان اهو پتو پيو ته بيماريءَ جي حالت ۾ پٽ جي اولاد تي وڌيڪ توجهه ڏني وڃي ٿي جڏهن ته ڇوڪرين کي بيماري جي حالت ۾ به نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. اهڙي معاشري ۾ ڇوڪريءَ يعني ڌيءَ جي اولاد کي هر فيلڊ ۾ نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

اسان وٽ ٻهراڙين ۾ خاص طور تي پٽ جي ڄمڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڌيءَ جي پيدا ٿيڻ تي خود سندس ماءُ ڏاڏي ۽ ناني جو منهن لهي ويندو آهي ۽ کيس هٿن ۾ وٺندي ئي نڀاڳيءَ جي لقب سان نوازيو ويندو آهي. پڙهيل لکيل خاندانن ۾ ته وري جڏهن چيڪ اپ دوران اهو پتو پوندو آهي ته پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار ڌيءَ جي اولاد آهي. پوءِ بارشن (ٻار ڪيرائڻ) کي ترجيح ڏني ويندي آهي. جيڪي ٻار ڌيءَ  جي صورت ۾ پيدا ٿي به پوندا آهن اهي جلدئي خوراڪ صحت جي حفاظت ۽ معاشري ۾ تعليم ۽ ملازمت مطلب ته  هر لحاظ کان امتياز جو شڪار ٿي ويندا آهن. ٻالڪپڻ  کان ئي هن جي پرورش  اهڙي نموني  ڪئي وڃي ٿي جو آخرڪار  اڳتي هلي هوءَ هڪ عاجز ۽ مسڪين ڌيءَ زال جو روپ وٺي ٿي. جيڪي پڙهيل لکيل مائر اهي رڙيون ڪنديون  آهن، ته اسان جي معاشري ۾ عورتن سان ناانصافي ڪئي وڃي ٿي . اهي خود ڪنهن حد تائين ان ڳالهه جون زميوار آهن، ڇو ته هو پنهنجي گهر ۾ ڌيءَ کان وڌيڪ پٽ کي اهميت ڏينديون آهن، پٽ جي لاءِ سٺو کاڌو رکنديون کيس وڌيڪ کارائينديون ۽ پيار ڪنديون، جڏهن ته ڌيئرن کي ايتري اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ڪڏهن به نه ٿينديون آهن. سنڌي سماج ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل  مرد به اهڙا آهن، جيڪي ڌيءُ جي اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ صرف عورت کي ئي ذميدار سمجهندا آهن. جڏهن ته ميڊيڪل سائنس اهو ثابت ڪيو آهي، ته ان ۾ ڪنهن به هڪ ڌر جو سنئون سڌو تعلق يا اختيار ناهي، پر گهڻي ڀاڱي   وري به مرد ان جو ذميوار  ٿي سگهي ٿو! هت اهڙي ڊاڪٽر جي ڳالهه ٻڌائيندو هلان جيڪو سنڌ جو نالي وارو ڊاڪٽر آهي. اتفاق سان هن کي پٽ جي اولاد ناهي صرف نياڻيون خدا سندس نصيب ۾ ڏنيون آهن. هو نياڻي جي پيدائش تي پنهنجي زال کي ڏنڊن سان ماريندو آهي ۽ کيس ئي ان جو ذميوار قرار ڏيندو آهي. اهي پڙهيل لکيل جاهل  معاشري جا سماج سڌارڪ ڪيئن ٿا ٿي سگهن. انهن مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. نياڻيءَ  جي اولاد کي ته رسول خدا صه جن باعث رحمت ۽  باعث فخر قرار ڏنو آهي. آخر انهن ڳالهين  کي ڇو  وساريو ويو آهي؟ ۽ پنهنجي مذهب ۽ خدا جي ڏسيل واٽ کان منهن موڙيو ويو آهي.

اسان نالي ۾ ته مسلمان  ۽ سڌريل سماج  جا فرد  آهيون، پر اسان جو هر عمل (مرد  توڙي عورت)  اسلام ۽ رسول خدا صه جي رستي کان مختلف آهي! حضور ڪريم صه جن جو ارشاد آهي، ”ته علم مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ اسين وري عورت ۽ نياڻيءَ جي تعليم جي برخلاف آهيون. جيستائين اسان پنهنجي سماج مان جهالت ۽ تنگ نظري ڌڪي نه ڪڍنداسين ان وقت تائين نه اسان پاڻ سان،  نه ئي پنهنجي نياڻين سان انصاف ڪري سگهنداسين.

اسان جيڪڏهن  ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ تيار ٿياسين ته به وڌ ۾ وڌ پرائمري تعليم ڏياري گهر ۾ بند ڪنداسين! وڌيڪ تعليم جي لاءِ اسان جي سنڌي نياڻي لاءِ دروازا بند آهن. انهن جا ڪجهه سبب هي آهن.

1- پرائمري کان پوءِ اهو سمجهيو ويندو آهي ته نياڻي  لاءِ پنج  درجه ڪافي آهن. هاڻي کيس گهرجي ذميواري سنڀالڻ کپي ۽ کيس ماءُ جو هٿ ونڊائڻ کپي.

 2- اسان جي سماجي جوڙجڪ ۽ بيهڪ مطابق پرائمري  کانپوءِ ڇوڪريءَ جي عمر اهڙي آهي جو کيس اڪيلو اسڪول موڪلي نٿو سگهجي.

3- اها ڳالهه   به وزن رکندڙ آهي، ته ڀلا ڇوڪرين کي ڪهڙي نوڪري ڪرڻي آهي جو کين وڌيڪ پڙهانجي.

4- اسان وٽ گهر ۾ يا مسجدن ۾ مولوي وٽ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون قرآن جي تعليم وڌيڪ حاصل ڪري سگهنديون آهن ۽ ان کانپوءِ دنيوي تعليم سندن لاءِ ضروري نه سمجهي ويندي آهي.

هاڻي حڪومت سان گڏ اسان جو پڻ اهو فرض آهي ته نياڻين جي تعليم کي وڌيڪ ترجيج ڏيون، ڇو ته  جنهن گهر ۾ هڪ عورت پڙهيل هوندي ڄڻ  ته اهو سڄو گهر تعليم يافته هوندو.  ڌيءَ جي اولاد کي اهيمت  ۽ ترجيح جي حوالي سان 1990ع کي نياڻين جو سال  قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن نياڻين سان ٿيندڙ نا انصافي ۽ اڻبرابريءَ جو ازالو ڪري سگهجي ۽ معاشري ۾ کين برابر جي حيثيت ۽ آزادي نصيب ٿي سگهي.

اسان نالي ۾ ته مسلمان  ۽ سڌريل سماج  جا فرد  آهيون، پر اسان جو هر عمل (مرد  توڙي عورت)  اسلام ۾ رسول خدا صه جي رستي کان مختلف آهي! حضور ڪريم صه جن جو ارشاد آهي، ”ته علم مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ اسين وري عورت جي تعليم جي خلاف آهيون. جيستائين اسن پنهنجي سماج مان جهالت ۽ تنگ نظري ڌڪي نه ڪڍنداسين. ان وقت تائين  نه اسان پاڻ سان، نه ئي پنهنجي نياڻين سان انصاف ڪري سگهنداسين.

*شگفته شاهه

اکيون

شاهه لطيف جي ڪلام ۾

رب جي خلقيل هيءَ دنيا..... هي سڄو سنسار بيحد حسين آهن پر..... وڌيڪ  حسين آهن اهي  اکيون جيڪي هن ڪائنات جو حقيقي حسن ۽گهرائي ڏسي ۽ پرکي سگهن ٿيون. اکيون...... جن جي اندر پڻ پنهنجي هڪ الڳ  ڪائنات آهي. اکين جون عادتون..... اکين جو حسن..... اکين جا مختلف احساس اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو  جنهن کي قدرت سچي ڏات ڏني هجي ڏسڻ جي...... پرکڻ جي..... ۽ ...... محسوس ڪرڻ جي اها ڏات وري جڏهن  شاهه لطيف جهڙي آفاقي شاعر کي ملي ته سندس هڪ هڪ بيت اکين جون اهڙيون ته سهڻيون رمزون  سامهون آڻي ٿو  جن بابت عام ماڻهو شايد سوچي به نه سگهي.

سُر کنڀات

اکيون....... هڪ ٻئي کان مختلف هونديون آهن. ڪي ڪاريون ڪجليون ، ڪاڪ ڪٽاريون ٿين ته ڪي وري نيريون، ڀوريون يا سايون ٿين. اکين جو رنگ ڪهڙو به هجي پر جيڪڏهن سهڻيون ۽ خماريل  آهن ته گهايل ڪري سگهن ٿيون.

کڻي نيڻ خُمارَ مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ،
سُورَج شاخون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قمَرُ،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.

*

ڀَنڀِيُون هڏ مَ ڀير، کڻ سُبَتِيُون سپرين،
تو جي چاهه چلائيون، تن وڌو جيءَ سين ويرم
ڪَجَلُ اَکيين مَ ڦير تنهنجي رُکين ئي رڻ ڪيون
 

سُريمن ڪلياڻ

“سريمن ڪلياڻ“ ۾ شاهه صاحب محبوب کي

قاتل سان تشبيهه ڏئي ٿو جيڪو عاشق کي نظرن جي تکن تيرن سان گهائل ڪري ماري ٿو ۽ اکين جي حسن جي گهائل جا احساس  مختلف بيتن ۾ هڪ ٻن لفظن جي هير ڦير سان اهڙي سهڻي نموني بيان ٿيل آهن جو اهي بيت ساڳئين  موضوع تي هوندي به اکين جا نوان روپ  ڏيکارين ٿا:

او قابيلَ! اکين ۾، توکي باري بانَ،
اُڀو اڳرايُون ڪَرين، ماڳ هَڻيو مستانَ،
جانبَ! تُون زيانَ، اَکيم سين ايڏا ڪَريِن!

*

او قابيلَ! اکين ۾، توکي تکا تيرَ،
ساجَنَ! انهيءَ سيڱ سين، ڦَٽيءَ گهڻا فقيرَ،
ٻيو مَ مارج مِيرَ! تنهنجو پهريُون ئي پورو ٿيو.

*

او قابيل! اکين ۾، تيرَ تکا توکي،
ساجَنَ! انهيءَ سُورَ جي، ڪَلَ نه آه ڪنهن کي،
مارين ٿو مون کي! چاڙهيو لوه لطيف چئي.

*

او قابيل! اکين سين تيرُ چلايو تو،
ٻيو مَرُ ماري سو، جنهنجو پهريون پورو نه ٿئي.

*

سُرسارنگ

”سرسارنگ“ پڻ اکين جي تشبيهن سان ڀرپور آهي جنهن ۾ شاهه صاحب چوي ٿو ته ”اکڙيون مينگهه ملار صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو“ هن سُر ۾ جتي هن سڄي ڏيهه جو برسات ۾ جل ٿل  منظر پيش ڪري ٿو، اتي اکين جي موسم ۽ اکين جي جل ٿل برسات کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪري ٿو ۽ ٻاهرين برسات کي اکين جي برسات سان ڀيٽندي چوي ٿو:

وَسَڻُ اکڙين جيئن، جي هُوندَ سکئين مينهن!

ته هوند راتو ڏينهن،  بَس بونديئون نه ڪَرينِ

*

جڏهن آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڪاراٽجي ويندو آهي ته برسات جي صورت ۾ وسي پوي ٿو پوءِ اها برسات سڄي ديس کي ڌوئي اڇو اجرو ڪري ٿي. ساڳئي نموني جڏهن دل جدائيءَ ڦرڙائي ۾ گهائل آهي ته من جي ڌرتيءَ مٿان به غم جا بادل ڇائنجي وڃن ٿا ۽ پوءِ جهڙ ۽ گجگوڙ ٿيڻ تي من جو طرفان اکين ڏانهن رُخ ڪري ٿو پوءِ اکيون مينگهه ملهار ٿي جل ٿل وَسَڻ لڳن ٿيون:

جُهڙُ نيڻئون نه لهي، ڪَڪَرَ هُوَنِ نه هُوَن،
سارِيون سُپرين کي، لُڙڪ ڳلن تي پُون،
سي مَرُ رويو رُوَنِ، جن جا سدا مسافِرَ سُپرين.
*

اَڄ پُن اکڙيِن، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
سَندي سِڪَ پِريَنَ، لوڪَ ڏٺي نه لهي.
*

ڪَڪَرَ منجهه ڪپار، جُهڙ نيڻان نه آهي،
جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا مينگهه ملهار،
کڻ اکيُون کِل يار! ته وَڃَنِ سُورَ سنڌا ڪيو.
*

سُر رپ:

جڏهن برسات نه پوڻ سبب ڌرتيءَ سڪي ٺوٺ ٿي ويندي آهي ۽ ڏڪار ۽ ڏک ڏولائي جي موسم اتي ديرو ڄمائي ويهي رهندي آهي ان وقت جيڪڏهن ڪڪر آگم ڪري اچن ته پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سموري ڌرتي تان ڏکن ۽ ڏڪار کي پري ڌِڪي ساوَڪَ ۽ خوشحالي جي چادر وڇائي ڇڏين ڇا ۽ ساڳئي نموني ڪنهن جي سهڻي ۽ چاهنا سا ڀرپور اکيون ڪنهن ڏُکاري جي غمن ڪري  ٺوٺ ٿي ويل  دل ڌرتيءَ تي آگمجي اچن ٿيون ته دل جي ڌرتي کي ٺاري پيار جي وسڪاري سان ڏکن کي پري ڪريو ڇڏين. اهو ئي تاثر ”سر رپ“ جي هن بيت مان ‎ظاهر ٿئي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com