*توقير شاهه
ويساهه گهاتي
مان گهڻي خوش آهيان جو منهنجي مائٽن مون کي تعليم
جهڙو زيور پارايو غزل اهو سوچي خوش ٿيندي آهي ۽
چوندي آهي ته هاڻي مان ان قابل ٿي وئي آهيان، جو
پنهنجي ئي ذهن سان پاڻ سوچي سگهان. هن کي پنهنجي
پڙهيل هجڻ تي فخر هو. غزل جا چيل اڄ اُهي جملا مون
کي ياد ٿا اچن. هن چيو رابيل مان پنهنجي ئي راهه
تان هر اُها رڪاوٽ دور ڪري سگهان ٿي جا منهنجي
نازڪ پيرن کي ڪو ڇيهو رسائي. مان سوچ جي هر راهه
کي شيشي جيان صاف ڪري من پسند منزل ماڻڻ جهڙي ٿي
وئي آهيان.
غزل منهنجي ڪلاس فيلو هُئي. اسان اڪثر موڪل دوران
هڪ ٻئي جي گهر ويندا هئاسين. هيءَ انهن ڏينهن جي
ڳالهه آهي، جڏهن غزل جي اڃا شادي ڪو نه ٿي هُئي.
هوءَ جڏهن اهڙيون ڳلهيون ڪندي هئي، منهنجي اندر ۾
هڪ نئون روح ڦوڪجي ويندو هو. نئون اتساهه پيدا
ٿيندو هو. مان هن جي جذبن جو گهڻو قدر ڪندي هُيس.
هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجي سهيلي ڪنول ، غزل جي گهر
گهمڻ وياسون. هونئن ته مان غزل جي دليري ۽ ان جي
سوچن جون هاڪون ڪنول سان هن جي پرپٽ گهڻيون هنيون
پر اڄ ڪنول خود مون سان گڏ غزل ڏانهن هلڻ تي اسرار
ڪيو . غزل جي گهر وڃي، مان مزاحيه انداز ۾ هن جو
حال پڇيو؟ هو ءَ ڪونه ڪڇي ۽ ٿوري دير بعد گرم آهن
ڀريو جواب ڏيندي چيو! بس .......... ٺيڪ آهيان.
مان مذاق ۾ چيو ڇو اڄ وري ڊاڙون ڪون ٿي هڻين ڇا؟
بس يارڪهڙيون ڊاڙون هڻان، مون چيو، غزل هن سان مل
هي آهي منهنجي سهيلي ڪنول. خاص توسان ملڻ ڪري تو
ڏي آئي آهي. هن سان ڳالهيون ڪونه ڪندينءَ ڇا؟ هوءَ
وڏي حوصلي واري ڇوڪري هُئي. سمجهان پئي هن سان ڪا
وڏي ويڌي ٿي آهي جو هن جهڙي بي بي سي بند آهي .
تنهن هوندي به هن ڪنول سان سٺي ڪچهري ڪئي. مون کي
ته ان ڏينهن کان ئي دل ۾ ڌڪ لڳو، هن سان ڪا ڳالهه
ضرور ٿي آهي. نه ته هُن جهڙي اُفق تي نڪرندڙ چنڊ
جي منهن تي ڏار سوال ئي پيدا ڪونه پيو ٿي .
آخرڪارٿيو به ائين جيڪو ويچاريءَ غزل ڪڏهن سوچيو
به ڪونه هو.هوءَ پنهنجي ماروٽ اسد کي پسند ڪندي
هئي. روز ان جي باري ۾ مونسان ڳالهيون ڪندي ۽
سوچيندي هئي. هوءَ نادان ڇوڪري هئي. اهو نه
سمجهندي هئي ته روايتن جي مضبوط ديوار سان مان
ڪيئن ٿي سر ٽڪرايان. اها خبر ڪا نه هيس ته ديوار
سان سر ٽڪرائڻ سان پنهنجو ئي مٿو ڦاٽندو آهي. هن
پنهنجي زندگي خوش گذارڻ لاءِ پنهنجون راهون پاڻ
سوچي ٺاهيون پر، ڪاڏي ويون سندس خواهشون، جن کي هن
ڪجهه وقت پنهنجي اندر ۾ سانڍيو هو. مائٽن سندس
خواهشن جي محل کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. سندس مرضيءَ
کان سواءَ سندس شادي مائٽن ڪنهن اڻ پڙهيل پوڙهي
سان ڪرائي. اسان جي سماج ۽ عورت جي خواهشن کي ڪابه
اهميت ناهي ڏني ويندي. آخر اسان جا به ڪي جذبات
هوندا. اسان جي مذباتن اسان جي احساسن جو اسان جا
مائٽ خيال ڇو نه ٿا ڪن. مردن کي حق آهي ته هو جيڪي
ڪن ڪري سگهن ٿا پر عورت پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪجهه
به نه ڪري. مان سوچيندي آهيان جڏهن غزل جي مائٽن
کي اهو ئي فيصلو ڪرڻو هو ته پوءِ غزل جي ڳچيءَ ۾
تعليم جو ڳٽ ڇو وڌو ويو. ان جي سوچن کي آزاد ڇو
رکيو ويو، جڏهن هوءَ پنهنجي باري ۾ سٺو سوچڻ لڳي
تڏهن مائٽن ساڻس هيڏي ساري ويساهه گهاتي ڪئي. هاڻي
جڏهن به هن جي ياد مون کي ايندي آهي ڳوڙها بيوس ٿي
وهڻ لڳندا آهن ۽ منهنجا احساس ڪنهن مرجهايل گل
جيان لڳندا آهن ۽ ان وقت جو انتظار ڪندي آهيان
جڏهن منهنجي به سوچن کي منهنجي به احساس کي.......
ڪيو ويندو ۽ بس !! ڇا اها هُئي عورت؟ جي اها عورت
آهي ته پوءِ ان جي مائٽن ان کي ائين تباهه ڪرڻ
بجاءَ ڇو نه ننڍي هوندي ان جي نڙي تي لت ڏني.
ڊاڪٽر اي. آر” خواب“
ڪُک جو تير
ڪلينڪ هُجي ته ننڍڙي شهر ۾ - اصل شام ٿيئي مس ته
ڪڪڙو ڪو لڳيو وڃي. باقي واندڪائيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو
ڳالهيار ڪچهري لاءِ ملي وڃي ته سٺو وقت پيو گذرندو
ورنه...............
شاباس هجي سيٺ صديق کي جيڪو روزانو دڪان تان واندو
ٿي ڪلينڪ ۾ اچي اگر اوري پري جو ن خبرون نه ڪري ته
هوند کيس به رات جو ننڊ نه اچي .
ڪڏهن ڪڏهن سيٺ صديق سان گڏ ساجد نالي هڪ جوانڙو به
ايندو هو. مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ ننڍڙي ڏاڙهي رکيل.
شڪل مان معصومڙو ۽ شريف پيو لڳندو هو. ”يار ڊاڪٽر
! آخر تنهنجي دعا قبول ٿي پيئي.“ هڪ ڏينهن سيٺ
صديق کلندي چيو..
” ادا خير ته آهي، دشمنن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟
“ مون به کيس ٽوڪيندي چيو..
يار!اسان پاپين کي وري ڇا ٿيندو؟ اڄ ته ننڍڙي روبي
ٺيڪ ڪونهي“ سيٺ گنڀير ٿيندي چيو.
” بس ادا ، زندگيءَ ۾ لاڙها چاڙها ته آهن- پر اها
روبي آهي ڪير؟“ مون کانئس پڇيو.
” واه يار واه! ڪجهه ڏينهن اڳ ته توکي سڀ ڪجهه
ٻڌايو هوم. اڄڪلهه تنهنجي ڪلينڪ ۾ مغز چٽڻ وارا
مريض وڌيڪ ته ڪونه ٿا اچن؟“ هن ڏند ڪڍندي چيو.
چند لمحن لاءِ دماغ تي زور ڏنم. ياد آيم ته سيٺ جي
اڪيلي ڌيءَ شبوءَ جي شادي ٻه سال اڳ ۾ شهر جي هڪ
وڏي سيٺ جي پٽ نديم سان ٿي هئي، جيڪو هيروئن جو
عادي هو. سندس شادي ناڪام ويئي شبوءَ کي طلاق ملي
۽ هن وري اچي اباڻا ڪک وسايا هئا ۽ ڪجهه مهينن بعد
هن روييءَ کي جنم ڏنو هو.
”ڇڏ يار! اوهين ڊاڪٽر ماڻهو خوامخواهه ڪيترن ۽
ڪهڙن جون ڳالهيون ياد رکندا. اٿي هل ته هلون.“ سيٺ
منهنجي سوچن کي ٽوڙيندي چيو.
ننڍڙي روبيءَ کي نمونيا هئي. مون دوائون تجويز ڪري
ڏنيون. سيٺ ٽي ڏينهن لاڳيتو مون وٽ شام جو ڪچهري
لاءِ نه آيو چوٿين ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي سيٺ صدصق
ڪلينڪ ۾ آيو. ان وقت مريضن جي ڪافي رش هئي. وري جو
سيٺ صديق جي منهن ۾ سر ڏٺم سو هڪ ڪرسي ويجهي ڪرائي
هن کي ويهڻ لاءِ چيم ليڪن هي بيٺو رهيو ۽ منهن
ڦٽائيندي چيائين ” حڪومت به ڪا انڌي آهي جو اوهان
جهڙن ڊاڪٽرن کي مفت ۾ ڊگريون ڏيو ڇڏي. توکان پوءِ
ننڍڙي مون شهر جي ٽن ڊاڪٽرن کي ڏيکاري آهي ليڪن
اوهان ڊاڪٽرن کان نمونيا جو به علاج نٿو ٿئي.
ڪلينڪ ۾ آيل مريض مون ۽ سيٺ جا منهن تڪيندا رهيا
ليڪن آءُ چپ چاپ ڪري ٻين مريضن کي ڇڏي سيٺ صديق
سان گڏ وڃڻ کڳس......
ننڍڙي روبي آخري پساهن ۾ هئي. دل ۾ شرمسار ٿيس ته
سيٺ جو اسان ڊاڪٽرن لاءَ ٺهرايل رايو بلڪل ٺيڪ
نڪتو .
” ڀلا! ننڍڙيءَ کي جيڪي ٻيون دوائون پيار يون اٿو
اهي ڪٿي آهن؟” مون ننڍڙي جي ماءُ شبوءَ کان پڇيو .
” اهي ته مون سڀ ننڍڙيءَ کي پيار يون آهن اسان
دوائون گهر ۾ رکڻ لاءِ ٿورو ئي ورتيون هيون.“
شبوءَ تيز لهجي ۾ چيو.
مون سمجهيو ته ماءُ آهي کيس ڊاڪٽرن تي ڪاوڙڪرڻ جو
حق ٿو پڄي.
” پوءِ به اُهي خالي شيشيون ته ڏسان ته ڪهڙيون
دوائون اڳ ۾ ڏنيون ويون آهن“ مون نرم لهجي ۾
چيو....
تيستائين سيٺ صديق ڀر واري ڪٻٽ مان دوائن جو ننڍڙو
کو کو کڻي منهنجي اڳيان اچي رکيو. مون هڪڙي هڪڙي
دوا جي شيشي چڪاس ڪري ڏٺي ته انهن مان هڪ چمچو به
دوا جو استعمال نه ڪيل هو پوءِ ته مون به ٻه
ڏاڍيون تکيون نظرون واري واري سان سيٺ صديق ۽
شبوءَ تي وڌيون ۽ هڪ ٿڌي نظر ننڍڙي روبيءَ تي وجهي
ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيس ..
” ابا ڊاڪٽر ! هيءَ ڳالهه تو کان ڳري آهي هيڏانهن
اچ“ پاڙي جي مائي هاجره مونکي ٻانهن کان جهلي هڪ
پاسي ڪندي چيو. ”امڙ هي آهي ڪهڙو معاملو؟“ مون
پڇيو ”بابلا ننڍڙيءَ جي ماءُ شبوءَ جي مرضي آهي ته
ويچاري معصومڙي ڀلي مري!! مائي ءَ هاجره پنهنجي
منهن ۾ گهنڊ وجهندي چيو،
ڇو مري؟ هن معصوم آخر ڏوهه ڪيو ڪهڙو آ؟ مون تيز
لهجي ۾ پڇيو.
” ڊاڪٽر صاحب ! شبوءَ کي جلدي ئي وري ٻي شادي ڪرڻي
آهي نه ! ڀلا هاڻ هن کي ڪٿان صبر ايندو“ مائي
هاجره چيو . ”
شادي ته ڀلي ڪري پر......... “ مون وڌيڪ ڪجهه چوڻ
جي ڪوشش ڪئي .
” پر ابا! نئين گهوٽ ساجد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن
روبي شبوءَ سان گڏ آئي ته هو شاديءَ کان انڪار ڪري
ڇڏيندو!! مائي هاجره چيو.
پر امڙ! ننڍڙي ته ناناڻن ۾ به رهي سگهي ٿي !! مون
چيو .
” بابلا! نانو نڀاڳو وري ڇاٿو چوي ته اڃا روبي چار
پنج سال وڏي ٿئي پوءِ شبوءَ جي شادي ڪرائيندس !!
هاجره سيٺ صديق کي به ان ڏوهه ۾ شامل ڪندي چيو،
” ٻڌ امڙ ! شبوءَ ته کڻي وڏي ڏائڻ ٿي پر مونکي ياد
اچي ٿو ته ساجد تمام شريف ڇوڪرو آهي. اُهوائين
ڪيئن چوندو؟“ مون به ڏٺل شڪل بابت پنهنجو رايو
ڏيندي ٻڌايو.
” ڊاڪٽر صاحب ! دل به جڏهن وڏي ۽ اڇي هجي نه؟“
مائي هاجره چپ لڙڪائيندي چيو.
تڏهن مون به ڏند ڪرٽيون ڪندي اندر ئي اندر ۾ چيو .
” واه! مامتا واه“
” واه! شرافت واه!“
*غلام مصطفيٰ سولنگي
آيل ڪريان ڪيئن.............؟
” چڱو امان! آئون وڃانءَ پئي“ ” چڱو ڌي ءَ........
پراڄ ڪجهه ساجهر موٽڻ جي ڪجانءِ منهنجي طبيعت ڪجهه
ٺيڪ ناهي“ ” مان ڀلا ڪواتي واندي ٿوروئي ويهي
رهندي آهيان، جو دير ڪري اينديس . ٽائيم تي پڙهائي
واپس ورندي آهيان“
آمنه ”چڱو الله نگهبان“ مٿي تي رئو ٺيڪ ڪيو ۽ گهر
کان ٻاهر نڪري آئي صبح کان منجهند تائين اسڪول ۾
ٻارن سان مٿو کپائڻ ۽ وري شام جو ٽيوشن پڙهائڻ
لاءِ وڃڻ ، هن ويچاريءَ جي مجبورين جي حد نه هئي
قبر جي ڀر تي پيل سلهه جو مريض سندس پيءُ ماءُ
ڪراڙي ٻه ننڍڙا ڀائر چار ڀينرون سڄو بار ويچاري
آمنه جي ڪلهن تي هو.
سيٺ محمد ابراهيم جو بنگلو هن جي گهر کان ڪافي پري
هو ۽ بس سوا ڪلاڪ پنڌ ۾ وٺندي هئي. روزانو اچڻ
وڃڻ ۾ هن جا ڇهه روپيا بس جي ڀاڙي تي خرچ ٿيندا
هئا. هوءَ سوچيندي هئي ته جيڪر سيٺ محمد ابراهيم
جو گهر ويجهو هجي ها ته مهيني ۾ هڪ سؤ اسي روپيا
بچي پون ها ۽ انهن مان شفيع جي اسڪو ل جو يونيفارم
ٺهي ملي ها.
بس جي اچڻ ۾ باقي ڏهه منٽ هئا. هوءَ تيز تيز وکون
کڻندي، بس اسٽاپ جي طرف پنهنجي سوچن ۾ گم وڃي رهي
هئي ته هڪ آواره صورت نوجوان وڏي لچڪيدارانداز ۾
پنهنجي سائيڪل هن جي ڀر مان ڪاهيندي چوندو ويو”
واهه ! تنهنجو گهمڻ .........
” هي ڇا بدتميزي آ!“ ذليل .....ڪُتا .......هوءَ
ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي. رستي ويندن نياڻبن سان
کوئنس ڪندي توهان کي ڪو حياءُ ڪونه ٿو اچي. ڪجهه
شرم ڌاريو ۽.. بلند آواز ۾ ڳالهائيندي هن کي اهو
خيال به نه رهيو ته هوءَ هڪ شريف گهراڻي سان تعلق
رکي ٿي. جتي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ بي حيائي ۽ بي
غيرتي تصور ڪيو ويندو آهي. هن سڃاڻي ورتو ان آوره
ڇوري کي. سندس ئي پاڙي ۾رهندڙ مولوي محمد حسين جو
پٽ فضلو هو . ان کي سڃاڻي هن ويچاريءَ ڪيو به ڇا؟
بس پنهنجي بيوسيءَ ۽ غربت تي زهر جو ڍڪ ڀري
ڇڏيائين. ڇا به ڪجي انسان آخر انسان آهي دل ته
ضرور ڏکندي آهي ۽ اکين مان ٻه ڳوڙها به ڳڙي پوندا
آهن رئي جي پلئه سان پنهنجي اکين کي اُگهندي هن
سوچيو ڪاش! اسان جو گهر هن گندي پاڙي ۾ هجڻ بجاءِ
ڪنهن اهڙي پاڙي ۾ هجي ها جتي گهٽ ۾ گهث شرافت جو
قدر ته ڪيو وڃي ها. هي پاڙو ته ...... ۽ ايتري ۾
بس به هارن وڄائيندي آئي. بس ماڻهن سان ڀري پئي
هئي، ان جي باوجود به آمنه سوڙهه سنگهوڙ ۾ پاسو
ڪري اچي بيٺي. ٻي بس ۾ وڃي ها ته ٽيوشن جو ٽائيم
گذري وڃي ها. سيٺ محمد ابراهيم جي گهر واري وقت جي
ڏاڍي پابندي هئي. ان معاملي ۾ هو انگريزن کان به
چڙهيل هئي. هن جون اکيون هميشه واچ جي ڊائل تي کتل
رهنديون هيون. ان ڪري آمنه کي ڪهڙي مجال جو دير
ڪري وڃي.
ٿڪاوٽ ۾ چور جڏهن هو ٻارن جي پڙهائيءَ واري ڪمري
۾ داخل ٿي ته هڪ نوڪر هن کي ٻڌايو ”ادي! بيبي فوز
يه ۽ علي، بيگم صاحبه سان پاڙي ۾ ڊاڪٽر عابد جي ڌي
جي سالگره تي ويل آهن. ٻه اڍائي ڪلاڪ ويهڻو پوندو.
ٻه اڍائي ڪلاڪ ته ڇا؟ پر هن پر سڪون ماحول ۾ ڏهه
ڪلاڪ به انتظار ڪري سگهجي ٿو آمنه دل ئي دل ۾
سوچيو پر اوچتو هن کي ماءُ جو خيال آيو جنهن هن کي
سو ير اچڻ لاءِ چيو هو. خير هوءَ اکيون بند ڪري
نرم ۽ آرامده صوفي تي ويهي رهي ۽ ايئرڪنڊيشن جي
ٿڌي هوا مان لطف اندوز ٿيڻ لڳي. گڏو گڏ هن جو ذهن
پنهنجي گهر ۽ هن گهر جي خوشگوار ماحول جي ڀيٽ ڪرڻ
لڳو. ڪيترن سالن کان هو ٻن ننڍن ڪمرن ۽ سوڙهي اڱڻ
جي ساهه گهٽيندڙ چار ديواريءَ جي اندر رهندي ٿي
آئي. مٽي ۽ گند ڪچري سان ڀريل گهٽيون، بدبودار
ناليون ۽ گٽر، ناهموار رستا گاريون بڪندڙ گندا ۽
جاهل ٻار پاڙي اوڙي ۾ روز جهيڙو مارڪٽ ....
هوءَ به انهن مان هڪ هئي پر فرق صرف ايترو هو جو
هن روئي پٽي گريجوئيشن ڪري ورتي هئي ۽ گهڻي ڀڄ ڊوڙ
۽ ايلاز منٿن کان پو مس وڃي هن کي پاڙي جي پرائمري
اسڪول ۾ نوڪري ملي هئي سو ان ڪري اٿڻ ويهڻ ۽
ڳالهائڻ جو ڍنگ هن کي اچي ويو هو.
” مس آمنه تون آهين؟“ سيٺ محمد ابراهيم ڪمري ۾
داخل ٿيندي پڇيو .
” جي ها!“ سيٺ محمد ابراهيم جي آواز هن کي ڇرڪائي
ڇڏيو ۽ هوءَ اٿي بيٺي.
” ويهه ويهه!“ تڪليف نه ڪر.“ هن اڳتي وڌندي چيو ”
”ٻارن ۽ گهر واريءَ کان تنهنجي ڏاڍي تعريف ٻڌي هيم
ملاقات اڄ ٿيڻي هئي“ پو هو آهستي آهستي ٽهڪ ڏيڻ
لڳو.
”مهرباني .....!“
”جهڙو ٻڌو هوم تهڙو ڏٺم تنهنجي حسن ۽ سادگي جي ڇا
واکاڻ ڪجي!
هوءَ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي تعريف ٻڌي رهي هئي تون ته
ڏاڍي ماٺيڻي ٿي لڳين ماٺيڻي ٿي لڳين؟“ هو هن جي
ويجهو اچي ويو آمنه کي احساس به نه ٿيو ته هو هن
جي ايترو ويجهو اچي بيٺو آهي.
واقعي ! تون گهٽ ڳالهائيندڙ آهين گهٽ ۾ گهٽ مون
سان ته ڳالهاءِ سرڪار...
آمنه ڇرڪ ڀريو” سرڪار ..؟؟هي ڇا چئي رهيو آهي“ هن
گهٻرائجي ٽيبل تان هڪ رسالو کنيو ۽ صوفي تي ويهي
ان کولي پڙهڻ لڳي.
شرافت ڪنهن جي به ملڪيت ناهي ۽ ان کي ڪنهن خاص
طبقي تائين محدود نه ٿو رکي سهگجي. ڪتاب جي هڪ
مضمون جي شروعات انهن لنظن سان ٿي رهي هئي.
” بلڪل غلط ...! بڪواس ...! هن سوچيو ” شرافت هڪ
خاص طبقي جي ملڪيت آهي سيٺ محمد ابراهيم فضلو ۽
رفوءَ جهڙا ماڻهو شريف چوائي سگهن ٿا؟ اهي ته اسان
جي معاشري جو ناسور آهن“
هن جون نظرون رسالي تي جهڪيل هيون ۽ سيٺ محمد
ابراهيم الائجي ڪهڙين نظرن سان هن جي جائزي وٺڻ ۾
مصروف هو. ادب وچان هن ويچاريءَ ڪنڌ مٿي کڻي به نه
ڏٺو پر هتي شرافت ۽ معصوميت جي پٺيان هوس لالچ ۽
شهوانيت جا زهر يلا نانگ ريڙهيون پائي رهيا هئا...
” مس آمنه ! ڇا خيال آهي تنهنجو ....؟؟؟“
توهان اهو سڀ ڪجه ڇا پيا چئو ..؟؟ آمنه جذباتي
ٿيندي چيو.
” مان ٺيڪ ته چوان پيو ...!“ پوءِ اوچتو ئي هن
اڳتي وڌندي وڏيءَ پنهنجائپ ۽بي نيازيءَ سان آمنه
جي ٻانهن کي پڪڙيو.
”ڇڏ مون کي ڪمينا.....!“ آمنه رڙ ڪئي ۽ ٻئي هٿ سان
ٽبيل تان گلدان کڻي، هن جي مٿي تي وهائي ڪڍيائين.
سيٺ محمد ابراهيم جي مٿي مان رت وهڻ لڳو ۽ هُو
ڦهڪو ڏئي فرش تي ڪري پيو.
آمنه تيز تيز وکون کڻندي ٻاهر رستي تي نڪري آئي.
ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن هوءَ ٿڪاوٽ ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل
پنهنجي پاڙي جي گهٽيءَ ۾ داخل ٿي ته هن کي ائين
محسوس ٿيو، ڄڻ هوءَ ڪنهن محفوظ پناهه گاهه جي چار
ديواريءَ ۾ قدم رکي رهي هجي.
گهر ۾ قدم رکڻ سان هن کي ائين لڳو، ڄڻ هوءَ
پنهنجو وجود رستي ۾ ئي وڃائي آئي هجي. سامهون سندس
ننڍڙي ڀيڻ رابي گپ ۾ ڀريل گڏيءَ سان کيڏي رهي هئي.
”ڇوري رابي! ڪيترا ڀيرا جهليو اٿمانءِ ته ميرن ڀڳل
ٽٽل رانديڪن سان کيڏي ڪپڙا گندا نه ڪندي ڪر.
رابي چپ ڪري بيهي رهي. تڏهن هن سٽ ڏئي اهو گُڏو هن
جي هٿ مان کسي پري گند جي ٽين ۾ اڇلائي ڇڏيو.
”آمنه! اچي وئينءَ ڌيءِ......؟“ ڪمري مان ماءُ جو
آواز آيو.
”ها امان! تو جو چيو هو ته ساجهر اچجانءِ.“
*فياض چنڊ ڪليري
وري ڪکائون ڪاڪ سڙيو
سج جبل جي اوٽ ۾ ساري ڏينهن جي ٿڪاوٽ لاهڻ ڪاڻ
اُلهي رهيو هو، دادوءَ جي پل هيٺان سنڌوءَ جو
وهڪرو سانت ۾ پڙاڏو بڻجي ٿي اُٿيو، ائين جيئن ڪنهن
جي من جا اُڌما رکي رکي اڀريو پون. ميهار مال کي
تڙيندا ڳوٺ کي اچي ڀيڙا ٿيا ۽ پوءِ مال جن ۾
مينهون، ڍڳيون ۽ ٻڪريون هيون، سي پنهنجي پنهنجي
وٿاڻن ڏانهن وڌنديون ويون. ڀوري مينهن به پنهنجي
ڳچيءَ ۾ پيل چڙي جي ”ٽڻ ٽڻ“ سان اڃا در مس لنگهي
ته سابان تڪڙي تڪڙي وڌي، ”ڪلي امان! ڪلي امان!“
ڪندي مينهن کي ٿانيڪو ڪري، گاهه ڏئي. مينهن کي
ڏُهي کير ٿا نيڪو ڪيائين ۽ پوءِ ڪچي ڀت تان سُڪل
ڇيڻا لاهي چُلهه ۾ باهه مچائي، ساڳ جي ڪُني رکي،
اٽو ڳوهڻ لڳي، سندس مُک تي نڄاڻ ڇو اروڙ جهڙي
اُداسي بکي رهي هئي، سندس نڻان مومل اچي سندس ڀر ۾
ويٺي، سابان کي اُداس ڏسي چيائين ”ڀاڄائي! تون
ايڏي مُنجهي ڇو آهين؟ سڀاڻ چاچي شمن جي پٽ ڀائو
رحمان جي شادي ٿيندي، سڀ ڏاڍا خوش آهن ۽ تون
.....“ مومل، مان به ته خوش آهيان...... مُنجهي
ڪٿي آهيان.“ سابان ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو. ”ڀاڄائي
راڻي (رحمان جي مڱ) ڏاڍي سهڻي آهي، تو وانگي.“
مومل چلهه ۾ ڇيڻا وجهندي چيو. ”مان ته سهڻي
ناهيان.“ سابان مومل ڏانهن ڏسندي چيو. ”ڀاڄائي ادا
سڄڻ ته چوندو هو تون ايتري ته سهڻي آهين جو تنهنجو
مٽ سڄي ڳوٺ ۾ ٻي ڪا ڇوڪري ڪانهي ۽ ادا سڄڻ ائين به
چوندو هو ته هو شادي ڪندو ته صرف توسان نه ته سڄي
عمر ڪنوارو گذاري ڇڏيندو ۽ پوءِ ادا سڄڻ ايترو
جلدي اسان سڀني کي اڪيلو ڇڏي ڇو هليو ويو.......“
اهو ٻُڌي سابان جي اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي
پيا. ”ڀاڄائي تون روئين پئي؟؟“
”نه نه، مان روئان ته نه ٿي، دونهون اکين ۾ پيم،
سو انهيءَ ڪري پاڻي وهي آيم“ هن مومل جي دل دُکي
ڪرڻ نه ٿي چاهي. اها ته هن کي ۽ هن جي من کي ئي
خبر هئي ته اهو دونهون ڪهڙو هو، جنهن هن کي رئاڙي
وڌو. ڀرسان ٻرندڙ باهه جو!؟ يا انهي لڳايل آڳ جو،
جيڪا ٻه سال اڳ هن جي ڪکائين. ڪاڪ محل ۾ لڳي هئي ۽
انهي آڳ هن جي پر رونق دنيا کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو
هو.
انهيءَ آڳ جو دونهون اڃا به سندس دل ۾ پيو دُکي،
جڏهن به کيس پنهنجي ماضيءَ جي يادگيري ايندي آهي،
يا ڪوئي ماضيءَ متعلق ڪائي ڳالهه چوريندو آهي ته
اُهو دونهون دل مان نڪريو سندس اکين ۾ اوتجو وڃي ۽
هوءَ ڪوشش جي باوجود انهن لڙڪن کي روڪي نه سگهندي
آهي.
سابان اٽو ڳوهي ڇڏيو هو، ڪُني چُلهه تان لاهي ساڳ
کي رائي ڏئي، ڪُنيءَ کي چُلهه جي ڀر ۾ رکيائين
چلهه تي دانگي رکي ماني پچائڻ لڳي.
سابان جي سُندر دنيا کي ويران ٿئي ٻه سال گذري چڪا
آهن پر تڏهن به کائنس پنهنجو ماضي وسري نه سگهيو ۽
وسريس به ڪيئن!؟ ڪنهن کان به پنهنجو پيار ڀريو
ماضي وسري سگهندو!خاص ڪري انهن کان جن کان ڪي وڇڙي
وڃن پيارا، ساهه کان به پيار ماڻهو. سابان جي ٻه
سال اڳ شادي ٿي هئي. سندس پيار جي شادي ۽ هو ڏاڍي
خوش ٿي هئي جڏهن سندس ننڍپڻ جي چاهت شادي جي
ڳانڍاپي ۾ ڳنڍجي ملي هيس. سندس مُڙس سڄڻ ڏاڍو کيس
چاهيندو هو ۽ هو پاڻ به ته هُن تان واري ٿيندي هئي
۽ کين ننڍڙو ڪکائون گهر ڪاڪ محل کان به وڌ ڀاسندو
هو. پر اهو ڪنهن به نه ڄاتو هو ته ڪو سابان لاءِ
خوشيون صرف چند ڏينهن جون مهمان آهن. هُن اڳ ڪڏهن
سوچيو ئي نه هو ته سندس خوشين جو چمن کن ۾ ويران
ٿي ويندو پر لکئي جي ليک کي ڪير ڊاهي! سابان ماني
پچائي ڇڏي هئي، سامان رڌڻي ۾ ٿانيڪو ڪري اڱڻ ۾ نم
هيٺان رکيل مٽ مان پاڻي جو گلاس ڀري پيئڻ لڳي ته
سندس نظرون ڏور آڪاش تي چوڏهينءَ جي چنڊ تي وڃي
کتيون، چوڏهينءَ جي رات هُو بنهه اُداس ٿي ويندي
آهي، ڇاڪاڻ ته اُها به چوڏهينءَ جي چانڊوڪي رات
هئي. جڏهن ڇڙواڳ طوفان هن جي پيار ۽ پريت جا سڀ
ڏيئا اُجهائي ڇڏيا هئا، جڏهن هن جو جيون موهن جي
دڙي جيان ويران ٿي ويو هو، جڏهن به هوءَ چوڏهين
جو چنڊ ڏسندي آهي ته ماضيءَ جا پيڙائيندڙ لمحا
سندس اکين آڏواچي ويندا آهن، هينئر به سندس اکين
آڏو اهو اذيت ناڪ لمحو تري آيو هو. ”سابان! چڱو
مان هينئر رئيس جي بنگلي تي چونڪي تي وڃان پيو.
پنجن ڪلاڪن کان پوءِ موٽندس سڄڻ ڏانهس ڏسي مُرڪندي
چيو هو ”سڄڻ تون رئيس جي بنگلي تي چونڪي ڏيڻ ڇو
ويندو آهين؟ رئيس توکي ڪهڙي پگهار ڏيندو آهي جو
پنهنجي ننڊ ڦٽائيندو آهين.“
”چري! رئيس اسان کي ٻني ڪاهڻ لاءِ ڏئي ٿو ڇا اهو
گهٽ آهي؟ ۽ جيڪڏهن روز چار پنج ڪلاڪ چونڪي ڏنم ته
ڇا ٿيو، ٻيا به ته سڀ هاري واري واري تي چونڪي
ڏيندا آهين.“
”اهو ڄاڻندي به ته ڌاڙيلن رئيس ڏانهن به ٽي خط
لکيا آهن ۽ اها به ڌمڪي ڏني اٿن ته هو عنقريب رئيس
جا مهمان آهن پوءِ به تون.....“
”چري هروڀرو پئي وسوسا ڪرين ڪجهه نه ٿيندو. چڱو
هاڻ رنج ڇڏ مُرڪي نهار ته وڃان، نه ته مزو ئي نه
ايندو“ ۽ سابان نه چاهيندي به مُرڪي پئي هئي. سڄڻ
هليو ويو هو، پر نڄاڻ ڇو سابان جي من ۾ اڻتڻ متل
هئي ۽ هوءَ بي چينيءَ وچان سڄڻ جي اوسيئڙي ۾ در
منجهه ديدون وجهيو ويٺي هئي. ڪلاڪ مس گذريو ته
اچانڪ ”ٺاٺا...... ٺڙ.....ٺڙ جا اُڀ ڏاريندڙ آواز
اُڀريا، چوڏس ڪلاشنڪوفن، بندوقن ۽ رائيفلن جون
گوليون ٿي اُڏايون، سڄو ڳوٺ ٽانڊن جيان ٿي ٻريو.
ڳوٺ جا ماڻهو خوف وچان پٿر ٿي ويا، ابهم ٻارن
رڙيون ڪري مائرن جي سيني ۾ منهن لڪائي ڇڏيا. ڪافي
وقت مسلسل فائرنگ جاري رهي ”شايد ڌاڙيل اچي
ويا.....“ ڪنهن گهر مان سُس پس جو آواز اُڀريو.
سخت مقابلي پڄاڻان ڌاڙيل واپس موٽي ويا. مقابلي ۾
ڪافي ڳوٺاڻا ڦٽيا ۽ ڪيئي اجل جو شڪار ٿي ويا، انهن
۾ سڄڻ به هو. ها! سابان جو وَر سڄڻ! |