سيڪشن: رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري،فيبروري،مارچ 1991ع

مضمون:

صفحو:1

سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

گلبدن جاويد

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

مارئي شيخ، گلنار بدر، امبر مهر علي، نورجهان نرمل چنا، نجمه راشدي، زيب النساءَ زيب، نسيم شيخ، زڪيه تبسم عباسي، نوشين کوکر سپنا، ناز قريشي، ثمينا ميمڻ، فوزيه شيخ، نجمه پنهور، پرهه سڪينا گاد، شمع منير، ليليٰ پروين سومرو، گوري ولڀ، شاهده تارا ڀٽي، فوزيا قاضي، فهميده سحرش ميمڻ، شمس صديقي، شيبا بلوچ، ج.ع منگهاڻي، ابرار طائر/ مرتضيٰ سيال، سلميٰ پنهور، نازڪ الملائيڪه/ پارس حميد، شاهده ناز/ اسد عباسي، موهن سنگهه/ ولي سروري، ڪرسٽياني الوٽ/ آدرش، شبيلا حسين، پرڀات سنڌي، مستور بخاري (ٽي ننڍڙا نظم)، شازيه سنڌو، فهميده سومرو، انازري گهانگهرو، مير محمد پيرزادو، ڪرم ٽالپر، محمد ايوب کوسو، ڪاظم ٽالپر، آثم ناٿن شاهي، ايوب گاد، ادل سومرو، بلاول اوٺو، زخمي چانڊيو، منظور قادر، عزيز گوپانگ، چندر ڪيسواڻي، سيد غضنفر علي راجا، انور ابڙو، عزيزڪنگراڻي، آر. پي سارنگ، عبدالله شجاع ۽ احمد ٽالپر.

ايڊيٽوريل

عورتن جو عالمي ڏينهن

ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به 8 مارچ 1991ع ”عورتن جو عالمي ڏينهن“ ڪري ملهايو ويو ۽ ڪيترن ئي مک شهرن ۾ سيمينار منعقد ڪري عورتن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون ڏنيون ويون. ڪو به سماج، ملڪ، يا قوم عورت کانسواءِ اڻ پورو آهي، قومن جي آزادي، ملڪ ۽ سماج جي ترقي ان ۾ آهي ته عورتن کي برابر جا حق ڏنا وڃن. صحتمند، ذهني فڪري طور سجاڳ ۽ سگهاريون عورتون صحتمند ۽ ذهين نسلن کي جنم ڏينديون آهن. عورتن جي احساسن، امنگن ۽ جذبن کي چيڀاٽڻ بدران سمجهيو وڃي، سندن مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ڪيو وڃي جيڪا ڳالهه وقت جي تقاضا ۽ ضرورت آهي.

ڏٺو وڃي ته اسان جي ديس جي عورتن کي اهي حق پلئه نه پيا آهن جيڪي انهن کي ملڻ گهرجن. خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورتن جي مسئلن طرف ڪو به توجهه نه ڏنو ويو آهي.

اهي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي فصل پوکڻ، لابارو ڪرڻ، ڳاهه ڳاهڻ سان گڏوگڏ ”گهر“ جون سموريون ذميواريون نڀائينديون رهن ٿيون.

پر معاشي بدحالي، تعليم جي اڻ هوند ۽ طبي سهوليتن نه هئڻ ڪري انتهائي ڪٺن زندگي گذاري رهيون آهن. مناسب خوراڪ وقتي ۽ صحيح علاج نه ملڻ ڪري هر سال ڪيتريون ئي عورتون موت جو بک ٿي وڃن ٿيون.

سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت جي حقن، فرضن ۽ ذميوارين کي محسوس ڪري، سندس تقدس برقرار رکيو وڃي ۽ سندس مسئلن کي حل ڪيو وڃي، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي عورتن کي صحت جون سهوليتون مهيا ڪيون وڃن ان لاءِ ويم گهر ۽ طبي مرڪز کوليا وڃن. هنري مرڪز کوليا وڃن. گهرو هنرن کي ترقي وٺرائي وڃي ۽ ٺاهيل شين کي مارڪيٽ ۾ مناسب اگهه تي وڪرو ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. سندن تعليم جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي.

”سرتيون“ جو ٽيون شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پڙهندڙن جي راءِ کي ذهن ۾ رکندي سرتيون ۾ وقت بوقت جيڪي تبديليون ڪيون وڃن ٿيون. انهن جي اوهان پاران ڀرپور همت افزائي  ٿيندي رهي ٿي. هن پرچي بابت پڻ اوهان جي مفيد مشورن جا منتظر رهنداسين.

-گلبدن آصف مصراڻي

 

انٽرويو: سرتيون

سحر سندم آ نانءُ........

سرتيون: سحر ۽ امداد جو سنگم شاعريءَ ڪري ٿيو يا نظرياتي بنيادن تي يا انهيءَ جا ڪي ٻيا سبب هئا؟

سحر امداد: مان جي ائين چوان ته سحر ۽ امداد جو سنگم گُل  ۽ خوشبوءَ جو سنگم آهي سحر ۽ امداد جو سنگم ڌرتي ۽آڪاش جو سنگم آهي- جيڪي ساڻ ساڻ هوندي به الڳ، مختلف ۽ منفرد آهن- ۽ هڪ مڪمل ۽ منفرد وجود هوندي به گڏ آهن- ۽ هڪ ٻئي کانسواءِ بي معنيٰ آهن! ته توهان انهن کي بيحد خوبصورت ڊائيلاگ چئي: لنوائي ويندئو. پر مان  ائين نه چوندس. ڇو ته اهو سنگم ڪنهن شئي جو شئي سان نه، پر هڪ انسان جو ٻئي انسان سان هو. سمورين خوبين ۽ خامين سميت هڪ ٻئي کي Own  ڪرڻ جو فيصلو- هڪ انتهائي ڪٺن فيصلو آهي ۽ اها ڪٺنائي هڪ انسان ئي ڀوڳي ٿو.

دريا پنهنجي سموري مٺاڻ سميت سمنڊ جي کاراڻ ۾ سمائجي ويندو آهي. پر ان  ۾ سندس خواهش جو ڪو به دخل ڪونهي- دريا جي مجبوري آهي: جو ان کي سدا هيٺاهينءَ ڏانهن وهڻو آهي. ۽ هر حال ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻو آهي. پر انسان سان  ائين ناهي. هو پنهنجي طبيعت انوسار جي چاهي ته ”اوڀارو“ به وهي سگهي ٿو:

”جي لوڪ وهي لهوارو: تون اوچو وهه اوڀار!“

(لطيف)

هن کي پنهنجي سوچ آهي پنهنجي خواهش آهي پسند ناپسند آهي هن جي پنهنجي به ڪائي چونڊ آهي- ۽ اسان هڪٻئي کي چونڊي کنيو. اڃا به ائين چوان ته ”ڌُڻي“ کنيو. تڏهن جڏهن اسان مليا هئاسين، تڏهن جي رچيل سانول جي سوين سٽن مان هڪ سِٽ آهي:

”ٻنهي جهانن مان ڌُڻي کنئي مون ڌرتي!“

(امداد حسيني)

اتي سانول (ڌُڻي کڻڻ“ جي ڳالهه ڪئي آهي. جي توهان ان ڌُڻي کڻڻ“ جي گهرائيءَ ۾ لهي سگهو ۽ ان کي محسوس ڪري سگهو. اتي اهو ٻڌائڻ ضروري ناهي ته اُها ”ڌرتي“ مان آهيان!

ان ساڳي ئي (ڌرتي جي) حوالي سان امداد جو  هڪ ”دوهو“ آهي:

ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان، ڌرتي منهنجي مڱ،
 هيءَ ته منهنجي لڄ آ، هن سان ست ئي سڱ.
 

 يا خود منهنجي غزل جو هڪ شعر آهي:

”جهاڳي کنڊ سمنڊ سڀ، اُڪري اينديس آنءُ،
سڄڻي هان ما سِڃ جي، پرهه سندم آنانءُ.
 

۽ اتي اهو ٻڌائڻ/ سمجهائڻ ڇا ضروري آهي ته ان سٽ ۾ سِڄ ”امداد“ آهي ۽ پرهه ”سحر“ آهي! جڏهن ته مون خود به هڪ ڀيرو ...... فقط هڪ ڀيرو ان شعر کي ائين پڙهيو به هو ته:

جهاڳي کنڊ سمنڊ سڀ، اُڪري اينديس  آنءُ،

سڄڻي هان ”امداد جي، ”سحر“ سندم آ نانءُ.

پر اصل ۾ ادب جو ۽ خاص ڪري شاعريءَ جو سفر ”محدود کان لامحدود“ تائين جو سفر آهي ۽ اسين جو ”محدود آهيون: سي سج، پرهه ۽ ڌرتيءَ جي حوالي سان ”لامحدود“ ٿي ٿا وڃون ۽ شعر کي محدود ڪرڻ شاعر جو ڪرتويه ناهي ۽ هونئن به محدود معنائن ۾ قيد ڪرڻ بدران سِٽ جي وسعت کي پوري ڪائنات تائين پکيڙڻ...... بلڪ مان اڃا به اِئين چوان ته انت ۾ اننت جي گهيرن کي ٽوڙي وڃڻ ئي شاعريءَ جو روح آهي ۽ اهوئي روح هئو جنهن اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي ڏانهن ڇِڪيو.

نظريا؟! نظريا ته بيحد محدود دائرا آهن- بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي جيان- سينواريل! ۽ نظرياتي بنيادن تي گڏجڻ/ نه گڏجڻ جون منافقيون ته سياستدان  ئي پاليندا آهن شاعر نه! اتي مان اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته اسان جڏهن اڃا هڪ ٻئي سان مليا به نه هئاسين- تڏهن کان ئي هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪبا رهيا هئاسين. مان اڃا به ائين چوان جيڪر ته: ملڻ کان به اڳ ۾ مليا هئاسين اسين! مون جڏهن ”مهراڻ“ ۾ امداد جو ”ترائيل“ پڙهيو هو:

”مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ناهي آءُ تنهائيءَ ۾ ڪجهه دير رئڻ ٿو چاهيان!“

مون تڏهن ئي ڄاتو هو ته هُن کي ڪنهن ”دوست يا همدم“ جي ڪيڏي نه ضرورت آهي- ۽ مون هن جو ”دوست“ ۽ ”همدم“ ٿيڻ ٿي چاهيو!

مون جڏهن ”روح رهاڻ“ ۾ هن جو غزل پڙهيو هو:

”انڌي ماءُ ڄڻيندي آهي اونڌا سُونڌا ٻار ايندڙ نسل سمورو هوندو گونگا ٻوڙا ٻار“ تڏهن مون سوچيو هو: مان هن جي ٻارن جي ماءُ ٿينديس! هڪ مثالي ماءُ. ۽ هن کي هڪ بهترين نسل ڏينديس.

۽ خود مون جڏهن پنهنجو پهريون نظم- بلڪ ”پهريان نظم“ لکيا هئا- تڏهن به مون اهو ئي سوچيو هو ته منهنجا نظم سڀ کان پهرين ”هو“ ئي پڙهي. اها ٻئي ڳالهه آهي ته هن کان گهڻو اڳ منهنجا شعر شيخ اياز ۽ تنوير عباسي پڙهيا/ ٻڌا ۽ اهو منهنجي حق ۾ وڌيڪ بهتر ئي ٿيو.

هن جو هڪ ”مختصر نظم“ اسان جي ملاقات کان ڪجهه اڳ ۾ ڪٿي ڇپيو هو:

چنڊ تون آهين

۽ تنهنجي ڀرسان

هڪڙو تارو پيو چَم چَم چَمڪي

اهو مان آهيان مان

ڇاڙڪيءَ جيترو هي فاصلو

هڪ پل ئي سهي

آءُ ڄاڻان ٿو ته هي فاصلو

صدين تي به ڀاري آهي

آءٌ چاهيان ٿو ته هي فاصلو اڻمِٽ ئي رهي!

انهيءَ نظم لکجڻ/ ڇپجڻ کان ڪجهه پوءِ ئي اسين مليا هئاسين. تڏهن اسان ٻنهي سوچيو هو/ چاهيو هو ته چنڊ ۽ تارو ٽڪرائجي وڃن ۽ پوءِ چنڊ ۽ تاري جو ٽڪرائجڻ سڀني ئي ڏٺو هو- ڇو ته ايڏي روشني ٿي هئي- ۽ ايڏو وڏو ڌماڪو ٿيو هو-

It was a real big bang!

سرتيون: اوهان سحر امداد جي سنگم سنڌي ادب کي ڇا ڏنو آهي؟

سحر امداد: ان سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ تنهنجي پڇيل سوال5 جو پويون اڌ هُتان ڪٽي هِتي ٿي کڻي اچان ته: ”سنڌي ادب فقط ستن سورمين جي ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي- اهي ڪهڙا سبب آهن جو ٻين سورمين ۽ ڪردارن جو ادب ۾ اضافو نه ٿيو آهي؟“ ۽ هاڻ مان ان سوال جو جواب ٿي ڏيان:

سحر ۽ امداد جي سنگم سنڌي ادب کي محض ”ستن سورمين“ جي ڪهاڻي نه رهڻ ڏنو- ان ۾ اٺين سورميءَ جي ڪهاڻيءَ جو اضافو ٿيو هو! ائين سنڌي ادب کي اٺون عشقيه داستان مليو.

هونئن هُوند هزارين سِٽون اڻ چيون ئي رهجي وڃن ها...... جيڪي اسان هڪ ٻئي سان ملڻ کان پوءِ چيون / لکيون.

مان جا هن مهل تائين شاعر/ ليکڪ جي حيثيت سان جيئري آهيان سا شايد ڪڏهوڪي مري چڪي هجان ها. ان سنگم جي ڪري ئي سانول پنهنجي شخصيت جا ڪيترا نوان Dimensions    ڳولهي لڌا: ريڊيو لاءِ ڊراما، ڪهاڻيون (نثر لکڻ ڏانهن ته هو لڙيو ئي مون کان پوءِ) ۽ گيت رچڻ- سانول جون بيحد خوبصورت ۽ يڪتا شارٽ اسٽوريز ڪالم (اَڪالم): ناول (اڻ پورو) تيز تکي تنفيد...... اسان هڪ ٻئي جي ساٿ ۾ دراصل خود پنهنجو پاڻ کي Explore  ڪيو.

And we are still exploring ourselves!

اسان هڪ ٻئي لاءِ اُتساهه Inspiration جو ڪارڻ بڻياسين. اسان هڪ ٻئي جي تحريرن جا پهريان پاٺڪ / آلوچڪ (پڙهندڙ / نقاد) آهيون. اسين پنهنجين تحريرن تي هڪ ٻئي سان وڏا بحث ڪندا آهيون. ۽ بعضي ڪن نڪتن تي اٽڪي به پوندا آهيون ساراهه / اَساراهه....... سهمت/ اَسهمت....... مڃڻ / نه مڃڻ....... اها هڪ الڳ شئي آهي. ڇو ته اتي اسان جي ”مان“ جو مسئلو ٿي پوندو آهي. مون کي اهو زعم آهي ته منهنجو Vision   ۽ منهنجي Approach  وڌيڪ صحيح بلڪه Perfect, artistic, creative   آهي. جڏهن ته امداد جي Technical perfection  کي چيلنچ نٿو ڪري سگهجي ۽ خود امداد جي Diction لاجواب آهي. موجوده بگڙيل/ کريل ٻوليءَ جي دور ۾ ايڏي Perfect ٻوليءَ جو استعمال هڪ ڪمال اهي.

اهوئي سبب آهي جو اسان وٽ ”سنڌي ادب“ کي ڪا به ”لُوز شئي“ نه ملي آهي ۽ ان ڪري ئي People feel Jealous about us (مَ سهو ماڻهو!) ۽ بنهه راز جي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جي ملڻ جي ڪري ئي اڄ امداد آهي- ۽ پنهنجي پوري تواناين سان آهي. نه ته گهڻو ممڪن آهي ته هو دونهين جي بادلن ۾ ڪٿي اُلوپ ٿي چڪو هجي ها.

ممڪن آهي ته سانول کان پڇجي ته هو مون متعلق ائين، ايڏو ساراهه جوڳو ڳالهائي ۽ ماڻهن کي ان سان تڪليف ٿئي ٿي ته اسين هڪ ٻئي جي گُڻن کي وڏي واڪ واکاڻيون ڇو ٿا!

پر ڳالهه اها آهي ته جا شئي ساراهه جوڳي آهي- ان جي ساراهه نيٺ ڇو نه ڪجي؟ ماڻهو ته ڌوڙ کي آسمان جو تارو بڻائي ٿا ڇڏين. اسين سورج کي ”سورج“ ۽ ستاري کي ”ستارو“ محض ان ڪري نٿا چئي- ڇو ته هو منهنجو مڙس آهي ۽ مان هن جي زال آهيان. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسين محض زال مڙس ئي آهيون؟ اسين زال مڙس هجڻ کان اڳ ۾ هم عصر ليکڪ آهيون اهو ڇو ٿا وسارين ماڻهو (وري به ماڻهو...... ڪين ڪماڻهو!)

زندگي ۽ ادب ڏانهن اسان ٻنهي جي اپروچ ٿوري مختلف آهي. ادب ۽ زندگيءَ ڏانهن منهنجو رويو لبرل (Liberal)  آهي. جڏهن ته منهنجي حساب سان سانول جو رويو گهٽ لبرل آهي.

He is a little bit conservative

In his approach towards life and literature

تارونءَ تي ترار ٽنگي مون ڪڏهن به ناهي لکيو. هن مون کي ڪڏهن ڪي شيون نه ڇپائڻ لاءِ صلاح (حڪم نه- نيور!) ڏني هوندي محض  ماڻهن (ڪُماڻهن) جي ڪري...... ته مون اهي نظم ئي ڦاڙي ڇڏيا. پر منهنجي ذهن ۾ اهي نظم اڄ به سڄا آهن. ڦاڙجي نه سگهيا آهن. ماڻهو........ ماڻهو ...... ان ڪري ئي مون کي ماڻهن / ڪُماڻهن کان بُڇان ٿيندي آهي. ماڻهو ته اسان جي جيئڻ ۾ به خوش ناهن- ته ڇا اسين جيئڻ ئي ڇڏي ڏيون! اهڙن لمحن ۾ سدائين شاهه ڪريم منهنجو سونهون بڻجي ويندو آهي.

ور سا سُڃي ويڙهه : جتي سڄڻ هيڪڙو

سو ماڳ نه ڦير، جتي ڪوڙ ڪُماڙهيين!

سرتيون: اوهان جي خيال ۾ ادب ۾ معيار حيثيت رکي ٿو يا مقدار- اديب جي وڏ ماڻهپ جو مدار انهن ٻنهي مان ڪهڙي ڪسوٽي تي آهي؟ جڏهن ته سٺن وڏن ۽ مشهور ليکڪن مقدار جي لحاظ کان پڻ گهڻو لکيو آهي.

سرتيون: ائين ته نه آهي ته ادب جي دنيا ۾ مقدار ۽ معيار جي ڪسوٽين ۾ توازن قائم نه رکندڙ معيار جي ڳالهه انهيءَ ڪري ڪندا آهن جو هو پاڻ وڌيڪ ۽ گهڻو لکي نه سگهندا. انهيءَ ڪري فقط معيار جي ڳالهه ڪندڙ پنهنجي تخليقي صلاحيت جي فقدان تي پردو وجهي  ٿو؟

سحر امداد: مان تنهنجي انهن ٻنهي سوالن جو هڪڙو ئي جواب ڏينديس. ان ڪري ٻئي سوال ڪٺا پنهنجي آڏو رکيا اٿم. سڀ کان پهرين مون کي هتي لفظ ”وڏ ماڻهپ“ تي اعتراض آهي. ڇو ته ”وڏ ماڻهپي“ ڪنهن ماڻهو جي منفي واکاڻ آهي...... ڪيترائي ماڻهو، ڪيترن ئي سببن جي ڪري ”وڏ ماڻهپي“ جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ ليکڪ به ان کان مبرا ناهن. پر ان ٽرم ”وڏ ماڻهپ“ کي وڏي اديب جي معنيٰ ۾ نٿو ڪتب آڻي سگهجي. هاڻ اچان ٿي مان تنهنجي اصل سوال ڏانهن.

ادب ۾ ”معيار“ ۽ ”مقدار“ اهي Relative terms  آهن. ڳالهه ٿوري يا گهڻي لکڻ جي ناهي. ڳالهه ”معياري“ لکڻ جي ئي آهي. محض گهڻي لکڻ يا ٿوري لکڻ جي آڌار تي ڪنهن به اديب يا شاعر تي ”وڏو“ يا ”ننڍو“ جو ”ٺپو“ نٿا هڻي سگهون....... ڇو ته بعضي اُٺ ڪتابن جا رديءَ جي مُلهه وڪامبا آهن- ۽ بعضي سِٽ/ سِٽيون به اَمُلهه بڻجي وينديون آهن. ڇا شاهه ڪريم بلڙيءَ واري کي اسان ننڍو شاعر چواندسين- يا ماڳهين شاعر ئي نه مڃينداسين: ڇو ته هن جي شاعريءَ جي ميراث ڪُل 94 بيت آهن ۽ اڄ جي ڪنهن به اهڙي شاعر جنهن کي شاعريءَ جي ”شين“ جي به خبر نه هجي، پر جنهن جا ٻه ٽي مجموعا ڇپجي چڪا هجن (سنڌي ۾ اهڙا گهڻا صاحب ڪتاب آهن!) شاهه ڪريم کان وڏو شاعر محض مقدار جي گهڻائي جي ڪري مڃينداسين. فقط ”گهڻائي“ ۽ ”ٿورائي“ لفظ صفتي لحاظ کان بهتر ۽ بدتر جي ڪٿ لاءِ ڪافي ناهن. هِتي اهميت ان کي آهي ته اها صفت ڪهڙي اسم/ فعل سان ڳنڍيل آهي. ”گهڻيون چڪون“ ۽ ”ٿوريون چُڪون“ ۾ وڌيڪ بهتر صورت ڪهڙي آهي؟

اها صورت جنهن سان ”گهڻو“ ٿو ڳنڍجي- يا اُها صورت جنهن سان ”ٿورڙو“ ٿو ڳنڍجي! باقي جيستائين ”گپ“ جو سوال آهي ته ”گهڻي گپ“ هجي يا ”ٿوري گپ“ هجي- ”گپ“ مڙئي گپ آهي! ان ڪري ئي مون شروع ۾ چيو هو ته اهي Relative terms  آهن. شيڪسپيئر گهڻو لکيو ۽ ان جي ابتڙ شيلي ٿورو لکيو- پر ٻئي پنهنجي پنهنجي دؤر جا انگريزيءَ جا وڏا ۽ بيحد اهم شاعر آهن ته انهن ٻنهي ۾ اها ڳالهه ڪهڙي قدر مشترڪ هئي- جنهن انهن کي وڏو ۽ اهم بڻايو (گهڻو لکڻ ۽ ٿورو لکڻ جي واضح فرق جي باوجود) يقيناً بهترين، منفرد ۽ معياري  لکڻ ئي.

گهڻي ”ڍونڍ“ جي ساراهه ۽ ”ٿوري خوشبو“ جي نِندا ڪندڙ جي سنئين هجڻ ۾ شڪ آهي ۽ جيڪڏهن ڪو عقل جو انڌو ”معيار جي ڳالهه“ ڪندڙ جي ”تخليقي صلاحيت تي پردو“ وجهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو- ته ائين ڪري هو دراصل خود پنهنجي ”سنڍپڻي تي پردو“ وجهي ٿو.

سرتيون: اوهان نقاد ۽ شاعره جي حوالي سان سماج ۾ ڪهڙي تبديلي ڏسڻ ۾ آڻڻ چاهيو ٿيون؟

سحر امداد: ليکڪ هڪ نرالي دنيا جو رهواسي آهي. هڪ اهڙي دنيا جنهن جو هن ڪائنات ۾ موجود هجڻ هڪ معجزو ئي ٿي سگهي ٿو ۽ جا موجود آهي: سا ”سرجڻهار“ جي ان تخئيل سان ميل نٿي کائي. ڪوڙ، دوکو، فراڊ، چاپلوسي، ٻچا پڙائپ، منافقي، بُک، ڏک، جنگيون، جهيڙا، بي عملي، جاهيلت، وحشي پڻو، ڪتائپ، ڇتائپ، پگهرائپ، اهو سڀ ڪجهه منهنجي تخليق ڪيل ڪائنات ۾ ناهي.

سنڌي سماج ڪڏهن هڪ سڌريل سماج هو (آهي نه). تڏهن جڏهن هتي Civilised  ماڻهو رهندا هئا. هاڻي سڄي سنڌ هڪ ”جهنگل“ آهي. جڏهن ته ٻيلن کي رتائتي نموني ناس ڪيو پيو وڃي. پر ڇا ”بگهڙن“ کي ناس ڪرڻ ”ٻيلا“ ناس ڪرڻ ٻه الڳ الڳ اُلٽ ڪم ناهن؟ ۽ ٻنهي جا فائدا ۽ نقصان به ته الڳ الڳ آهن...... اُلٽ آهن...... پر اسان لاءِ هڪ ”بگهڙ“ مارڻ کان هڪ ”وڻ“ وڍڻ وڌيڪ سولو آهي ۽ اسين سولو ڪم پاڻ ڪري ڏکيو ڪم سدائين ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندا آهيون.

دنيا سڌري آهي اسين اُڌريا آهيون: دنيا ترقي ڪئي آهي اسين تنزل ڏانهن ويا آهيون. دنيا بيابانن کي گلستانن ۾ بدلايو آهي. اسان گلستانن کي بيابان بڻايو آهي.

سنڌ جتي ڪڏهن درن کي قلف نه ڏبا هئا....... سنڌين جي گهرن جا در ڌڻين جي دلين جيان سدائين کليل هوندا هئا..... اتي اڄ ”قلف ڪڙا“ محض هنئين جي ڏڍ لاءِ آهن- محفوظ هجڻ جي گارنٽي ناهن.

سنڌ جتي چور سدائين کاٽ هڻندو هو- ڀت نه ٽپندو هو- جو اها ئي بهادري هئي- گڻ ۽ اخلاق هو. ڌاڙيل ڪڏهن به عورت کي هٿ نه لائيندو هو- ان ڪري ئي عورتون سون سان سدائين جنجهيل هونديون هيون ڇو ته سون فقط  عورت جي جسم تي ئي Safe  هو. هاڻي هڪڙي مُنڊيءَ لاءِ آڱر وڍيو وڃن- هڪڙي ڪيوٽيءَ لاءِ ڪن ڇنيو وڃن.

تڏهن جڏهن مسافر سڄي ڳوٺ جو مهمان هوندو هو. مسافر لاءِ کاڌو پيتو، سندس وهٽ لاءِ گاهه پٺو ۽ بعضي پيسو ڏوڪڙ به ڏيئي پوءِ روانو ڪبو هو. اڄ جيڪو گهر کان ٻاهر ٿو نڪري تنهن کي اها به پڪ ناهي ته هو صحيح سلامت گهر ورندو به ڪين نه...... پر اڄ ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ ناهن.

اسان ته سڀني ۾ به اهڙي سماجي تبديلي لاءِ نه سوچيو. لڳي ٿو اسان پنهنجي پتيءَ جو ڪمال پائي چڪاسين. هاڻ اسان جي زوال جو وقت آهي. زوال جو اهو وقت جڏهن گذري چڪي..... في الحال ته ائين ٿو لڳي ته زوال جو اهو لمحو انگهي پيو آهي.

اسين 5 هزار سال پراڻي سڌريل تهذيب جا اَڻ سڌريل وارث آهيون! اسان کي جي سڌرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي سفر جي شروعات ٻڙي کان ڪرڻي پوندي.

منهنجي جي وس ۾ هجي ته مان وقت جي چڪر کي پنهنجي پوري وقت سان ابتو ڦيرايان. اتان کان نئين سنئين سفر جي شروعات ڪيا. جتان کان اسان جي وڏن ڦِڏو هلڻ شروع ڪيو هو!

منهنجو جي وس پڄي ان سڄي چِٻي عمارت کي ڊاهي، پيڙهه کان وٺي هڪ نئين، خوبصورت، عاليشان ۽ سنئين سبتي عمارت ٺاهيان. هڪ اهڙي عمارت جنهن ۾ سنڌ جي جبلن جا ڀورا پٿر، سنڌ جي ميدانن جي چيڪي مٽي ۽ سنڌ جي سدا بهار ٻيلن مان آڪاس کي ڇهندڙ ٽالهيءَ جي جٽاءُ دار وڻن جو ڪاٺ ڪتب آندل هجي- پر جي وس ۾ هجي!

يورپ ۾ ”صنعتي  انقلاب“ سان ئي Darkages (جاگيرداري) جو خاتمو ٿيو هو- ۽ جاگيرداري سرشتو پنهنجي منطقي پڄاڻيءَ تي پهتو هو. پر اسان وٽ جاگيرداري سرشتي جا ڏند اسان جي شهه رڳ ۾ کُتل آهن ۽ اسان وٽ سموريون برايون ان هڪڙي برائيءَ ڪري ئي آهن. سنڌي ماڻهو توڙي جو ڪنهن فيلڊ ۾ هجي. هو پنهنجي وڏيرڪي ذهنيت کان وانجهو ٿي نه سگهيو آهي.

سڌريل دنيا ته ڇڏيو پر خود ٽين دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ Farming هڪ انڊسٽري بڻجي چڪي آهي ۽ اسان اڃا جوڙا پيا جوٽيون. اصل ۾ اسان ماڊرن ٽئڪنالاجي کان مار کائي وياسين (پنهنجن ئي افعالن جي ڪري) اسان جو هنرمند ۽ ڪاريگر پنهنجي هنر، ڄاڻ، ڪاريگري ۽ مهارت کي ماڊرن ٽئڪنالاجي جي جديديت، ان جي ترقي ۽ تيزي سان هم آهنگ ڪري نه سگهيو. مينوئل ورڪ تي ئي ڀاڙيندو رهيو ۽ ڇو ته هو پنهنجي هٿ جي اوزار جي جاءِ تي مشين نه آڻي سگهيو. تنهن ڪري ئي اسان جو موچي اڄ به مسڪين آهي. اسان جو لوهر اڄ به ساڳي ڌنوڻي پيو ڌنوي. اسان جو کٽي “Snow White”  جي Calibre جو ڊرائي ڪلينر نه بڻجي سگهيو. اسان جو پاٽولي سي ايس پي آفيسر ته ٿي ويو- پر پنهنجي Hand loom   کي Power loom ۾ Convert   نه ڪري سگهيو. ان سان هڪ فرد يا هڪ فيملي جو ته گاڏو گهلجندو رهيو- پر مجموعي طرح پوري قوم کي ڪو فائدو ڪو نه رسيو- الٽو نقصان ئي ٿيو.

اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ڦيٿو گهمي سگهي ٿو- پر ڍڳي، گهوڙي، گڏهه ۽ اُٺ جي اسپيڊ سان. تيز ڦيٿو جيڪڏهن گهمي به ٿو ته وڏيري جي ”پجيرو“ جو ئي گهمي ٿو ۽ ان ڦيٿي جي گهمڻ سان سنڌ کي فائدو ڪو ڪونهي. ها باقي نقصان سي گهڻا آهن.

سوين سالن جي ڊگهي سفر کان پوءِ دنيا Feaudalism  (جاگيرداري) مان جان ڇڏائي Capitalism  (سرمايه داري) سوشلزم ۽ ڪميونزم کان ٿيندي ”پريسٽرائيڪا“ تائين اچي پڳي آهي ۽ اسان اڃا اتي جو اتي Feaudalism   جي تنگ ۽ تاريڪ دائرن ۾ قيد آهيون. اسان جو Renaissance   اڃا الاءِ ڪيترو پري آهي!

سرتيون: اوهان ليکڪا جي حيثيت سان پهرين مشهور ٿيون. ان کان پوءِ استاد جي حيثيت سان اسان جي آڏو آيون.  ليڪن ائين جو اوهان جو پهريون روپ ڪنهن حد تائين ڌنڌلو ٿي ويو، ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

سحر امداد: ”جن کي ”ڌنڌلو“ ٿو ڏسجي  سي مهرباني ڪري پنهنجي نظر ٽيسٽ ڪرائين! ان سوال جو مختصر ترين جواب ته  اهو ئي ٿي سگهي ٿو.“ مون توکي کلي چيو هو. پر تنهنجو اصرار آهي ته هر سوال جو تفصيلي جواب ڏيان ته ڳالهه اها آهي گُل! ته منهنجو شاعر/ ليکڪ هجڻ ۽ منهنجو استاد هجڻ ٻه الڳ الڳ حيثيتون آهن...... مان شاعر هجڻ جي ڪري استاد آهيان- يا استاد هجڻ جي ڪري شاعر آهيان ته ائين ناهي. شاعر/ ليکڪ ته مان تڏهن کان آهيان جڏهن مان پنهنجي Teens ۾ هئس- ۽ شاگرد هئس. (جيتوڻيڪ شاگرد ته مان اڄ به آهيان- هڪ  اهڙو انسان جو سڄي زندگي شاگرد رهندو آهي- ۽ سڄي زندگي سِکندو رهندو آهي.) شاعر/ ليکڪ هجڻ جي ڪري مان ”استاد“ اپائنٽ ٿيس ته ائين به ناهي!

اسان جهڙيون عورتون/ ڇوڪريون جيڪي تمام ننڍي عمر کان Economically independent  رهڻ تي هِري وينديون آهن- تن لاءِ نوڪري ڪيڏي نه گهڻي اهميت ٿي رکي- ان جو اندازو تون ڪري سگهين ٿي. پنهنجي ذات تي ان  اعتماد کي قائم رکڻ لاءِ ”پنهنجو پيسو“ هڪ وڏو نفسياتي سهارو آهي...... سو نوڪري ته مونکي ڪرڻي هئي. ڪهڙي؟ ان لاءِ چونڊ مون کي ئي ڪرڻي هئي......پنهنجي پسند جي ڪيترين ئي فيلڊز مان هڪڙي. نوڪري ڪرڻ لاءِ ريڊيو جوائن ڪرڻ جي باري ۾ به مون سوچيو هو- پر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي براڊ ڪاسٽنگ هائوس جا انڌا اونداها ڪاريڊارز- ۽ گهٽيل ٻوساٽيل آفيسن ۾ منهنجو ساهه منجهندو هو. سو پنهنجي زندگيءَ جا 25-30 قيمتي سال ان آسيب زده عمارت ۾ گذارڻ جو سوچي ئي هيبت وٺندي هئم. ٽي وي جي گليمر ڪري اتي پراڊڪشن سائيڊ تي وڃڻ مان پسند ڪيان ها....... پر...... جيڪر امداد به ڪراچي منتقل ٿيڻ کي ترجيح ڏي ها ته. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچنگ جا ٻه چانس مون رڳو ان ڪري ئي..... سوچي سمجهي، ڄاڻي ٻجهي..... مِس ڪيا هئا. مون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي اچڻ چاهيو هو ۽ مان اچي ويس.

مان صحيح جاءِ تي- پر غلط وقت تي آئي آهيان. اهو احساس شدت سان اٿم. مان وقت کان گهڻو اڳتي آهيان. جڏهن ته اسان جو يونيورسٽيون اڃا ارڙهين صديءَ ۾ پيون جيئن ۽ Out dated نصاب پيون پاڙهين. اسان خود ان يونيورسٽيءَ مان ”راسيلاس“ جهڙا ناول (جيڪي پنهنجن ئي ملڪن ۾ ڪڏهوڪا رد ٿي چڪا آهن) ۽ ”اقتصادي انصاف“ جهڙا واهيات ڪتاب (جيڪو مان چاهڻ جي باوجود به اکر نه پڙهي سگهي هئس) پڙهي پاس ٿياسين. سي هاڻ پنهنجن شاگردن کي ”سچي محبت“ ۽ جهان آرا ”جهڙا ردي، اوپرا ۽  Outdated ڪتاب پاڙهيون پيا. سو مان پنهنجن شاگردن کي اهو ئي چوندي آهيان ته توهان جيڪڏهن ردي، غلط ۽ Outdated نصاب پڙهي جيڪڏهن اهو شعور حاصل ڪيو ته سٺو، صحيح، بهتر ۽ Uptodate ڇاهي؟ ته اهو ئي علم آهي. جيڪو توهان نصاب ذريعي نه پر پنهنجي ذهانت ذريعي حاصل ڪيو.

منهنجا شاگرد (يا اِيون شاگرد ناهن سي به) مون کي منهنجي ”استاد“ جي حيثيت کان اڳ ۾ شاعر/ ليکڪا جي حيثيت سان سڃاڻندا آهن...... نه ته هونئن ڪير ٿو ڪنهن کي سڃاڻي. پر توهان جيڪي منهنجي شاعر/ ليکڪ واري روپ کي ”ڌنڌلو“ ٿا چئو- ته ائين ناهي. ماڻهن کي ته اڃان ٿا اسا جا ڇرڪ پون- مس گلبدن آصف!  جيڪڏهن جمال رند جي هڪڙي فئنسٽي (مانيءَ ڳڀو) زرينه بلوچ جي هڪڙي ڪهاڻي (جيجي)، اسحاق آهنگر جو هڪڙو بيت (ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي ڇڄ تي / مان چون ڊُرڪ ٻوليءَ ٻاجهارريءَ سين.) اڃا پيو ڳائجي...... ته پوءِ مون ته کوڙ لکيو آهي- اڃا کوڙ لکنديس- ۽ لکان پئي. ڇپجان گهٽ ٿي..... جو هڪ ته ڇپجڻ جو گهڻو شوق ڪڏهن نه هو/ نه آهي......رسالن پاران اپروچ ۽ Incentive جي ڪمي به ان جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿي.

اسان وٽ رسالي جي ايڊيٽر جو رويو وڏيري جهڙو هوندو آهي. جيڪو هارين کان بيگر وٺڻ تي هريل هوندو آهي ۽ وڏيرن ۽ وڏيرڪي ذهنيتن کان اسين هونئن به ونءُ وڃون. جنهن قوم جي ادب ۽ اديبن ۾ وڏيرڪي ذهنيت گهر ڪري ويئي هجي. ان قوم جي اخلاقي بدحالي ۽ ڏيوالي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ قابل عزت قابل ستائش ۽ وڏو اديب اهو آهي جيڪو وڏي عهدي تي آهي، عاليشان بنگلو اٿس، ڪار اٿس، وڏن ماڻهن سان دوستي اٿس سرڪاري فنڪشنز ۾ خاص طور گهرايو وڃي ٿو ۽ پهرئين قطار ۾ ويهاريو وڃي ٿو ڪنهن فور/ فائيو اسٽار هوٽل ۾ عاليشان ادبي فنڪشن ۾ ”Celebrated writer“ جي طور تي هن جو تعارف ڪرايو ويندوآهي. پوءِ ڀل ته ادب ۾ هن رڳو” انڊا“ ڀرياهجن -  يا ڪاليج جي زماني ۾ هڪ اڌشوقيه ڪهاڻي ئي ڇو نه لکي هجي. جڏهن ته real celebrated writerتي ڪنهنجي اک ئي  نه پوندي – نه ئي هن جو ڪنهن سان تعارف ٿيندو - ۽ هو ڪرسين جي آخري قطار مان ان نوٽيسڊ (unnoticed) ئي هليو ويندو. ۽ اهي سو ڪالڊ celebraties فنڪشن جي پڄاڻي تائين پنهنجي P.R پيا ٺاهيندا - ۽ تصوير جي هر فريم ۾ فٽ ٿيڻ لاءِ آندا ماندا پيا ٿيندا.

سرتيون؛ هڪ عورت هئڻ جي ناتي سان اوهان اهو ٻڌايو ته مسئلن حقن ۽ فرضن جي معاملي ۾ شهري عورت ٻهراڙي جي عورت ۾ ڪهڙو فرق آهي جي اوهاب وٽ ذريعن ۽ وسيلن جي گهڻائي هجي ته اوهان ڇا ڪرڻ چاهينديون؟

سحر امداد؛ اها ڳالهه ته پڌري پٽ آهي ته اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن جي سوڪ ڪنڊيشن (civic condition)۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ٻهراڙي ۾ رستا ناهن! ڌاڙيلن جو آزار ڌار آهي جڏهن  ته شهرن ۾ اهي سڀ سک آهن زندگي وڌيڪ آسان آهي.... پرانهن ئي شهرن ۾ اسان جيترا غير محفوظ اڄ آهيون اوترا ڪڏهن به نه هئايسن – ويجهڙائي وارن ٻن سالن ۾ شهرن ۾ جيترا ڪونڌر ڪٺا- اوترا ته ڌاڙيلن به نه ماريا هوندا – اوترا ته اسان ” پلاندن“ ۾ به نه ماريا هوندا . مطلب اهو ٿيو ته اسين سنڌي ٻنهي پاسي باهه ۾ آهيون-

اسان کي ڌاريو ماري ٿو ته پنهنجو به ماري پيو ڦري پيو. اهو سڀ هڪڙو مرد ٻئي مرد سان ڪري ٿو پر ڦُرجي ته اها عورت وئي جنهن جوهو پٽ هو ڀاءُ هو پي هو يا ڀتار هو....سنڌ (اسين) اڄ جنهن باهه ۾ سڙي ٻري پئي ان کي ڪير اجهائيندو؟ تون، مان يا ٻيو ڪو؟ ان باهه کي ”اسين“ اُجهائينداسين- اسان کي اُجهائڻي آهي اها باهه  (ڪو به پير، مير يا وڏيرو اهو نه ڪندو جو هو پنهنجي خود غرض خواهشن جي باهه ۾ جلي رهيو آهي) ان لا سموري سماجي سيٽ اپ کي بدلائڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو سڀ اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي اڪيلي سحر ڪجهه نٿي ڪري سگهي سحر ان سک ۽ سڪار جا سپنا اُڻي سگهي ٿي. سنڌي ماڻهو ( مرد عورت ٻار سڀئي ) جي سماجي up. Liftingلاءِ پلان ٺاهي سگهي ٿي ڪميونٽي سينٽر هجن هينڊي ڪرافٽ سينٽر هجن ايگرو انڊسٽريز هجن اسڪول ڪاليج هجن انهن سمورين سهوليتن کان اڳ ۾ بجلي پاڻي، ٽيليفون ۽ رستن جي سهوليت هجي انهن مان هڪڙا ڪم ته حڪومتي سطح تي ٿيندا (جيڪي ڪڏهن ڪونه ٿيندا ۽ جي ٿيندا ته ڪمي ءَجي اسپيڊ سان ٿيندا) ٻيا پلان اهڙا آهن جن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پيسو کپي جيڪو تو مون وٽ ناهي جن وٽ آهي تن جو” اپر چيمبر“ خالي آهي. هونئن ته سموري سنڌ جو سماجي ۽ اقتصادي ڍانچو پٽ پيل آهي. پر سنڌ جي ٻهراڙي جي 100سيڪڙو مان (90 سيڪڙو) نوي سيڪڙو آبادي بکي ڏکي اڃي اگهي اگهاڙي آهي ۽ ان سماجي سرشتي ۾ عورت ٻٽي پرماريت جو شڪار آهي. هڪ ته هو ان کان پو ان  غلط سسٽم جي شڪار ٿيل مرد جو شڪار پڻ آهي.پو اهو مرد هن جو پنهنجو پي هجي ڀاءُ هجي پٽ هجي ڀتار هجي يا ڪو اوڦٽو. ٻهراڙي ۾ گهڻي ڀاڱي مرد جيڪو ٿورو گهڻو ڪمائيندو سو سڀ پنهنجي ذات تي خرچ ڪندو ماني ٽڪي چانهه چشڪو سگريٽ ٻيڙي نشو پتو........ سڀ پيسا وڃائي بوڇڻ ڇنڊي اٿندي گهر ۾ اٽي لپ لاءِ به پيسو نه ڏيندو ٻهراڙي جي عورت مڙس ماڻهو آهي پنهنجي بازوون جو پورهيو ڪري ڪمائيندي تنهن مان پنهنجو ۽ ٻارن جي ڇانگ جو پيٽ پاريندي ته مٿان مڙس موچڙا هڻي اهي پيسا به کائنس کسي وڃي ٽڪريءَ ڀيڙو ٿيندو.

ان ڪري ئي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ سماجي سطح تي ڪم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. جڏهن ته اُتي بنيادي ڪم ئي اڃا نه ٿيو آهي ان ڪري مقامي ڳوٺاڻي سطح تي اتي جا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان اها ذميواري کڻن اهو انهن تي فرض به آهي گڏجي اهڙا گروپس ٺاهين ۽ پنهنجي پڙهائيءَ کان پوءِ واندڪائي جو وقت سجايو ڪن  ۽ بي شعور سنڌي ماڻهو کي ” باشعور“ ڪن.

 سرتيون: چيو وڃي ٿو ته شاعريءَ جي لوازمات جي  تنزل ۾ عورتن جو وڏو هٿ رهيو آهي ڇو ته نين شاعرائن کي فقط عورت هئڻ جي ڪري ايڊيٽرن خوش رکڻ جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ايڊيٽر ڇو ته پاڻ سٺا شاعر نه هئا ان ڪري هو شاعريءَ ۾ عورتن جي ڪيل ناڪام تجربن جي سلسلي ۾ سندن ڪابه رهنمائي نه ڪري سگهيا هئا. 

سحرامداد: گل! تو آساني خاطر شاعري جي زوال جي سموري ذميواري پنهنجي ( نين شاعرائن ) مٿان کڻي ورتي جڏهن ته ايڊيٽرن جي ” عورتن کي خوش ڪرڻ“ واري سبب کان اڳتي ”ايڊيٽرن جو سٺو شاعر ( ياسٺو ايڊيٽر!) نه هئڻ “ به هڪ ڪارڻ ڪري ڄاڻايو آهي معنا هنن جو ” سٺو نثر نويس“ هئڻ تو مڃيو آهي، جڏهن ته مون کي ان ۾ به شڪ آهي! اتي مان عورتن کي خوش ڪرڻ واري تنهنجي ڳالهه کان اڳتي وڃي جيڪر ائين چوان ته محض رسالي جو پيٽ ڀرڻ لاءِ گند شاعري ڇپي وئي! ته ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي ويندي ۽ ” اهو گند“ فقط عورتن نه ڪيو ان ۾ مرد برابر جا نه پر ڪجهه وڌيڪ ئي شريڪ رهيا ڇو ته مرد شاعرن جو تعداد اٽي جيترو آهي ۽ عورتن جو لوڻ جيترو جيڪڏهن عورت کي محض عورت هئڻ جي ڪري اهوprivilegeحاصل رهيو ته پوءِ  مردن جي ردي شاعري ڇپجندي رهي/ ڇپجي رهي آهي ڇو؟ سوال اهو آهي ته ردي شاعر/ اديب پيدا ئي ڇو ٿيا؟ ڇپجڻ جو مرحلو ته پو آيو ۽ ان لاءِ ڪنهن رسالي ۾ ڇپجڻ جي به ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن پنهنجو ” ديوان “ پاڻ ڇپائي ” صاحب ديوان“ ٿي سگهجي ٿو.

ڳالهه دراصل اها آهي ته اسان جا شاعر / اديب سهل پسنديءَ جو شڪار ٿي ويا غلط ٻولي، غلط صورتخطي، غلط گرامر غلط قافيه بحر وزن جو بحران اٽو ته گهوٻاٽو اها ٿي وئي شاعري ۽ اهڙي شاعريءَ کان پوءِ به پذيرائي ايڏي جو ” سانگي “ جا ديوان فدا ٿي وڃن“ ” پوپٽن جي پرن جا رنگ ۽ انڊلٺ جا رنگ ان شاعريءَ آڏو جهڪا ٿي وڃن“ مشاعرن ۽ رسالن ۾ ” حسين لفظن جي گفٽ پيڪن“ ۾ پيڪ ٿي اهڙا شاعر عوام سان انٽروڊيوس ڪرايا وڃن” ڪپهه جون پوڻيون، پشم جا گولا گلن جون پتيون“ چئي اهي شعر عوام تائين رسايا وڃن جڏهن بنا ڪنهن سکيا ۽ بنا ڪنهن محنت جي سڀ ڪجهه ملي وڃي نالو، شهرت عزت مان سنمان مهانتائي پذيرائي......۽ ان پذيرائي کي هو جاٿي ڪاٿي ڪيش به ڪرائي سگهن ته پو محنت ڪرڻ ۽ ڪجهه سکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.....وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي!

سرتيون: توهان شاعر / ليکڪ / استاد سان گڏو گڏ مختلف وقتن تي رسالن جهڙوڪ ” سوجهرو“ ۽ ” بختاور“ جون ايڊيٽر به رهيون توهان جو  سوجهرو جو تجربو ڪيئن رهيو؟

سحر امداد: ”سوجهرو“ منهنجي زندگيءَ جو هڪ املهه ۽ شاندار تجربو هو بيحد چئلينجنگ، ٿرلنگ ۽ ايڊوينچرس مان جڏهن f.a جي اسٽوڊنٽ هئس، تڏهن مان” نقوش“ ۽ ” نيادور“ جي calibreجو رسالو ڪڍڻ جا خواب ڏسندي هئس..منهنجي يونيورسٽي ايج کي رسندي ئي رسالو ڪڍڻ جو سپنو ساڀياٿيندو مون سوچيو به ڪين هو هڪ رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت سان نه رڳو ليکڪن / شاعرن سان ساڳي وقت پبلشر سان ، ڪمپازيٽر، ڪيليگرافر ، آرٽسٽ ، پيسٽر ، پرنٽر ، ايجنٽ ۽ ويندي عوام سان به مون کي ڊائريڪٽ ڊيل (deal) ڪرڻو پوندو هو ۽ انهن ڊيلنگس،منهنجو پنهنجي ذات ۾ اعتماد وڌايو هو منهنجي پنهنجي ڪم سان ڪمنٽمنٽ جو اهو حال هو جو اڪثر ٿرڊ پروف ۾ ڪمپاز يٽر جي ڇڏي ڏنل (لنوايل ) چڪن کي ڪمپوزنگ سيڪشن ۾ وڃي ڳريون ڳريون گيليز کڻي خود ويهي درست ڪندي هئس. جنهن تي موسو ( محمد موسي ڪمپاز يٽر) رڙيون ڪندو  هو ته ” هيڏي ڳري گيلي تنهنجي هٿ مان جي ڪري پئي ته منهنجي سڄي محنت ئي برباد ٿي ويندي ۽ مون کي نئين سنئين سموري ڪمپوزنگ ڪرڻي پوندي.“ پر پوءَ هو به منهنجي محنتي سڀا ۽ هر شئي کي پنهنجي پرفيڪٽ صورت ۾ ڏسڻ واري عادت کي سمجهي ويو هو. منهنجي اڪيلي سر رهڻ ۽ صبح کان رات تائين ڪم ڪرڻ ۽ ڪنهن  کان نه ڊڄڻ واري سڀاءُ تي هڪ ڀيرو مون کي چيائين ” تون ايڏي ننڍڙي گڏيءَ جهڙي ڇوڪري آهين پر اصل ۾ تون پٿر جي ٺهيل آهين نه ته تو جيتريون ڇوڪريون ته چچيءَ کان به پيون ڊڄنديون آهن“هڪ چند مڪرانيءَ کان بهادري ۽ بي ڊپائي جو اهو داد مون کي سٺو لڳو. هو جيڪو ڪنهن به پڙهيل ڳڙهيل / اديب / شاعر مون کي نه ڏنو هو“  سواءِ اقبال جتوئيءَ جي جيڪو سدائين مون کي ” ادا سحر “ چوندو هو.

رسالي جي پيسٽنگ واري ڏينهن ته آڌيءَ رات تائين ڪم هلندو هو ۽ مان صبح جو ستين اٺين کان  رات جي اڍائين ٽين تائين مسلسل ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪري، جڏهن Collapse ٿيڻ تي هوندي هئس تڏهن نيٺ شميم (آرٽ ڊائريڪٽر) دادا مهتاڻيءَ کي چوندو هو ته”صبح لاڪئون ڪم ڪري ڇوڪري اڌ مُئي ٿي وئي آهي هاڻي ته ڇڏيوس.“ جڏهن ته صبح جو وري بٽرس کڻي هيرالڊ پريس به وڃڻو پوندو هو ۽اتي پليٽن ٺهڻ ۽ ٽائيٽل ڇپجڻ جي مرحلي تي مون کي موجود رهڻو پوندو هو.

اهي سڀئي ڪم يقيناً بيحد محنت طلب ۽ چئلينجنگ (Challenging) هئا. پر ان سڀ کان وڌيڪ چئلينجنگ هو رسالي لاءِ  مئٽر ڪليڪٽ ڪرڻ ۽ سٺو معياري مئٽر هٿ ڪرڻ- پوسٽ ذريعي آيل مواد مان چونڊ ڪرڻ ۽ ان کي ”ايڊٽ“ ڪرڻ، ڪنهن به شيءِ کي ڇپڻ لاءِ Decision وٺڻ، انٽرويو ڪرڻ ۽ انٽرويو کي ارينج ڪري لکڻ. مون لاءِ انٽرويو لکڻ سڀني کان وڌيڪ محنت طلب مرحلو هوندو هو. سنڌيءَ ۾ انٽرويو وٺڻ/ لکڻ جي هڪ گٺل پيٺل اسٽائيل هئي. هڪ روايتي سوال ۽ ان جو روايتي جواب. انٽرويو جي اها اسٽائيل مون کي انتهائي بور ۽ بيڪار لڳندي هئي. سو مون ”انٽرويو“ ۾ نواڻ آندي ۽ ان کي روايتيءَ کان تخليقي سطح تي کڻي آيس جنهن ۾ نه رڳو انٽرويو ڏيندڙ جي ”پوري پرسنلٽي“ اڀري ايندي هئي. پر ساڳي وقت انٽرويو وٺندڙ جي ذهانت ۽ تخليقي قوت ان جي لفظ لفظ، سِٽ سِٽ مان منعڪس ٿيندي هئي. منهنجي پهرين ورتل انٽرويو کان منفرد ۽ مختلف انداز جي ابتدا ٿي هئي ۽ اهو انٽرويو لکڻ موڻ لاءِ هڪ چئلينچ کان گهٽ نه هو. خود شخصيت جي حساب سان انٽرويو کي هڪ ٽائيٽل ڏيڻ به هڪ ڪٺن ڪم هو. وڻندڙ، خوبصورت ۽ تخليقي ٽائيٽل. پهرئين انٽرويو لکڻ جو مرحلو طئي ڪرڻ کان پوءِ ٽائيٽل لاءِ سوچيم- ”انٽرويو“ يا ”ڳالهه ٻولهه“ مون کي بيحد روايتي لڳا هئا- ۽ نيٺ گهڻي سوچڻ کانپوءِ ٽائيٽل ڄڻ نازل ٿيو هو: ”رنگن ساڻ رهاڻ.“ ان وقت منهنجي ذهن ۾ نارايڻ شيام جو هڪ هائيڪو تري آيو هو:

ساز رکيل ڀت ساڻ

بند اکيون، چپ ڳائڻو

راڳن ساڻ رهاڻ!

۽ مون کي ”رنگن ساڻ رهاڻ“ جي آئيڊيا ملي وئي. ان انٽرويو جي گهڻي ساراهه ٿي هئي. پر ڪن ماڻهن کان ”ڪالهوڪي ڇوڪريءَ“ جي ايڏي Achievement  برداشت نه ٿي سگهي هئي. ائين هڪڙي ”لابي“ هئي جنهن پهرئين ڏينهن کان منهنجي مخالفت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ورتو هو. جڏهن ته ”سوجهرو“ جو پبلشر دادا دولت مهتاڻي ۽ سندس پتني دادي ڪملا مهتاڻي ٻئي بيحد پيار ڪرڻ وارا ماڻهو هئا ۽ منهنجو خاص طور سان گهڻو خيال رکندا هئا. مون کي خوشي آهي ته مان ٿورڙو ئي سهي- پر جيترو عرصو به ”سوجهرو“ ۾ رهيس اُتي پنهنجي ڇاپ ڇڏي آيس.

سرتيون: ۽ ”بختاور“ جو تجربو....؟

سحر امداد:It was the bitterest experience

-تون ته ڄاڻين ٿي ته اسان ڪا ڪمٽمنٽ ڪندا ناهيون ۽ جي ڪندا آهيون ته پوءِ پنهنجي جان ماريندا آهيون. جڏهن ”بختاور“ لاءِ هنن جو ”ماڻهو“ مون سان ڳالهائڻ آيو هو، تڏهن مون ان ماڻهو، سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي امداد کي چيو هو ته: ”مان انهن ماڻهن سان ڪم ڪرڻ لاءِ قطعي تيار ناهيان- مومن ساڳي ٻِرَ مان ٻه ڀيرا ڪونه ڏنگجندو آهي!“

اسان انهن ساڳين ماڻهن سان هڪ ڀيرو اڳ ۾ ڪم ڪرڻ جو تلخ تجربو پرائي چڪا هئاسين- تڏهن جڏهن ”عبرت مئگزين“  اچي ”پٽ“ پيو هو ۽ ان کي ”ڇت“ تائين پهچائڻ لاءِ کين اسان جي سهاري جي ضرورت هئي. انهن ”بي وڙن“ ماڻهن لاءِ جن اسان سان وڏا وڙ ڪيا تن جا ٿورا ته مان لاهي ڪين سگهنديس، مان ٿورا مڃان مسز اختر صديقيءَ جا جنهن نه رڳو ”وي سي هائوس“ ۾ هڪ ڊگهو فوٽو گرافي سيشن (جنهن ۾ ڇهن ڇوڪرين جي سولو ۽ گروپ فوٽو گرافي ٿي) ڪرڻ ڏنو. پر روزي سان هوندي به پاڻ ۽ سندس ڌيئرن عيد ڊشن عيد ڊريسز ارينج ڪرڻ  ۾ اسان سان سهڪار ڪيو، مان ٿورا مڃان حسن عطار جا جنهن ٽرانسپيرنسيز جا ٽي چار ڊگها سيشن ڪيا- ۽ هنن عطار کي ڪمنٽمنٽ جي باوجود نه رڳو اهو ته پيمنٽ نه ڪئي- پر فوٽو گرافر جي حيثيت سان هن جو ڪٿي نالو به نه ڄاڻايائون. ما ٿورا مڃان نصرت ابڙو جا جنهن ڇوڪرين جي ميڪ اپ، لباس، هيئر اسٽائيل ، ميندي ۽ جوئلري جي سلسلي ۾ منهنجي گهڻي مدد ڪئي. مان ٿورا مڃان مهتاب اڪبر راشديءَ جا جنهن سنڌ الاجيءَ جي Premesis  کي، اتي جي ناياب زيورن ۽ ڪپڙن کي استعمال ڪرڻ ڏنو. يا مان ٿورا مڃان انهن ڇوڪرين زيبا، نازيه، عرشي ۽ شهزادي تنيو، پروين، نصرت، ساجده شيخ، مهرالنساءَ، بلقيس، شبنم گل، در شاهه جا جيڪي محض منهنجي ڪري هڪ رسالي لاءِ ماڊل بڻيون. پر مان ساڳي ٻِر مان ٻيو ڀيرو به ڏنگجي ويس- امداد جي ڪري. امداد درويش ماڻهو آهي، پاڻ سدائين دوستيءَ ۾، سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب جي نالي ۾ هر ڪنهن سان وهندو آهي ۽ سدائين ڪس کائيندو آهي. ٿورڙو ته ٿوري جي ماڳ مورڳو دشمني پرائيندو آهي. سو سانول مون کي به چيو ته: ”بس جانان..... ڇڏ...... جا گذري ويئي.....“ ۽مون به سوچيو: Lets take a new start  ۽ اسين .... صبح کان رات.... رات کان آڌيءَ رات تائين..... رڳو بختاور ئي بختاور هو..... مون کي پنهنجو گهر، ور، ٻار سڀ وسري ويا...... منهنجا ”روٽين“ سمورا بدلجي ويا..... مان ”بختاور“ جي ڪم ۾ ائين جُنبيس ڄڻ منهنجو پنهنجو ذاتي پرچو هجي.... انهن اڍائن مهينن ۾ هڙئون وڙئون خرچ ڪيم..... ٻه ڀيرا ڪراچيءَ ويس (پنهنجي خرچ تي) هڪ ڀيرو مواد ۽ انٽرويو لاءِ ٻيو ڀيرو اشتهارن لاءِ – پر هُنن نه رائيٽرس کي پيمنٽ ڪئي نه ئي مون کي! بلڪه منهنجو  خرچ ڪيل به مون کي نه موٽايائون، رسالي جي ڪم جي سلسلي ۾ تنگ ڪيائون سو الڳ .... ۽ مان ٻئي پرچي  جا تيار ”بٽرس“ ڇڏي هلي آيس ..... شاهه لطيف جون هي سٽون جهونگاريندي:

اديون! آتڻ واريون، نرڄا نڪ ٿئا،

وڍيا تان نه ويا، پاڻان مورئا منهن ۾!

سرتيون: اوهان جي شاعري توڙي نثر کي پنهنجو هڪ منفرد معيار آهي، پوءِ به اڃا تائين توهان جي ڪابه تخليق ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن اڳيان ڇو نه آئي آهي؟

سحر امداد: يقينن جي منهنجا ڪتاب ڇپجن ته نثر/ نظم/ تحقيق جا چار پنج ڪتاب ته واهه جا ڇپجي سگهن ٿا.  پر مان خود پنهنجا ڪتاب  ڇپائي  ”صاحب ديوان“ هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري اُن ڊگهي قطار ۾ بيهڻ نٿي چاهيان ۽ پبلشر کي منهنجي تخليق ڇپائڻ مان فائدي جي اُميد ناهي. شايد اهو شاندار لمحو منهنجا ڏوهٽا، پوٽا ڏسي سگهن. جيڪڏهن تيسين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي رهي ته.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com