سندس پيءُ اول ته گهر هوندو ئي نه هو پر جي هوندو
به هو ۽ آمنه ڪڏهن ڀلجي به ڀرسان ويهندي هيس ته هو
کيس نفرت سان ڌڪاري ڇڏيندو هو. هو ڌيئن کان بيزار
هڪ روايتي پيءُ هو. جنهن جي دل تي جهالت واري دور
جي ڌيئن کان ازلي نفرت ڪرڻ واري مُهر لڳل هئي.
شايد ان ڪري آمنه هن لاءِ نه هئڻ جي برابر هئي. اڄ
تائين ڪجهه سال اڳ هڪ اداس ۽ ويران رات سندس پيءُ
نشي ۾ ڌت گهٽيءَ کان ڪجهه پرڀرو روڊ تي لڳل ٿنڀي
سان ٽيڪ لڳائي جو ويٺو ته کيس ساران جون اڀ
ڏاريندڙ رڙيون به نه جاڳائي سگهيون هيون. ان ڏک
ساران جو جيءُ جهوري وڌو هو. هڪ ڏينهن ماءُ کي
روئيندي ڏسي آمنه رهي نه سگهي.
”امڙ! ائين روئي ته تون پنهنجيون اکيون وڃائي
ويهندينءَ ۽ روئين به ڪنهن جي لاءِ ٿي؟ ان لاءِ نه
جنهن وٽ توکي ڏيڻ لاءِ پيار جو هڪ ٻول به نه هو.“
جواب ۾ سندس ماءُ ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو هو:
”آمنه ائين نه چئه ڌيءَ. هو جهڙو به هو، منهنجي
لاءِ ڇپر ڇانو جيان هو. هاڻ ته هيءَ حياتي مونکي
رڻ جيان ٿي لڳي.“
اهو ٻڌي آمنه پنهنجيون ٻانهون ماءُ جي ڳچيءَ ۾
وجهي ڇڏيون. ”امان! تون اڪيلي ته ناهين. مان جو
توسان آهيان.“ ته ماڻس مرڪي پئي هئي.
”هن وقت تائين تو ئي مون کي جيئرو رکيو آهي. هي ڏس
ڳوڙها اُگهي ڇڏيم. هاڻ ته خوش“ ۽ آمنه به ماءُ
سان گڏ مرڪي ڏنو هو.
سندن پيءُ پهريون به کين خرچ نه ڏيندو هو. ساران
هٿ جو هنر ڄاڻندي هئي. خاص ڪري سندس هٿ جون ٺاهيل
رليون ۽ گج پري پري تائين مشهور هوندا هئا. کيس
آمنه کي پڙهائڻ جو ڏاڍو شوق هو. هوءَ پاڻ ته گهڻو
پڙهيل نه هئي، پر ننڍپڻ ۾ قرآن شريف ۽ نور نامو
پڙهڻ ڪري ٿورو گهڻو لکي پڙهي وٺندي هئي. ايترن
مسئلن جي باوجود هن آمنه کي ستين درجي تائين تعليم
ڏياري هئي. پر مڙس جي مرڻ کانپوءِ هوءَ بيمار رهڻ
لڳي هئي ۽ ڪم به گهٽائي ڇڏيو هئائين ته آمنه کي
مجبوراً اسڪول ڇڏڻو پيو. آمنه کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق
هو، پر هاڻ هوءَ ماءُ جي مجبوريءَ کي سمجهڻ لڳي
هئي. هوءَ اڪثر صبح جو دروازي وٽ بيهي ڇوڪرين کي
اسڪول ويندي ڏسندي هئي. تڏهن سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي
ايندا هئا. ماءُ جي مرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو
وجود کيس پناه گاه وانگر لڳندو هو ته اُها ماسي
جنت هئي. ماسي جنت آمنه جي پاڙي ۾ رهندي هئي. کيس
ڪابه ڌيءَ ڪانه هئي. ان ڪري هوءَ آمنه کي ڌيئن
وانگر ڀائيندي هئي. ماسي جنت کي هڪ ئي پٽ هو، جيڪو
نوڪريءَ سانگي ڪيترن سالن کان پئي شهر ۾ رهندو هو
۽ اُتي ئي شادي ڪري ماسي جنت کي وساري ڇڏيو
هئائين، ڪڏهن کيس ڊپ لڳندو هو ته هو ماسي جنت وٽ
هلي ويندي هئي.... ماسي جنت کي ڏسي هوءَ اڪثر
سوچيندي هئي ته هن ڌرتيءَ تي ڪيترا نه ڏک آهن،
شايد ايترا جيترا آسمان تي تارا يا ايترا جيترا
وڻن ۾ پن، پر پوءِ به هوءَ ڏکن جو ڪاٿو نه ڪري
سگهندي هئي.
آمنه وٽ نه ته تعليم هئي ۽ نه ئي هوءَ ڪو هٿ جو
هنر ڄاڻندي هئي جو پنهنجو گذر سفر ڪري سگهي ها.
آخرڪار مجبور ٿي هن گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تي ويٺل
چاچي بخشڻ کان گلن جا هار وٺي وڪڻڻ شروع ڪيا. شروع
شروع ۾ هوءَ ڇيٽ جو وڏو رئو ويڙهي گل کڻي، روڊ تي
نڪري ايندي هئي ته سندس قدم ڏڪندا هئا، پر جڏهن
گل هٿئون هٿ وڪامجڻ لڳا ته آمنه ۾ ٿوري خود
اعتمادي پيدا ٿي. پاڙي جا ڪجهه آواره ڇوڪرا کيس
باقاعدگيءَ سان تنگ ڪرڻ لڳا، جن جو اڳواڻ گلو هو.
هو روز آمنه کان گل وٺندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن گلوءَ
کيس پئسا ڏيئي گل نه ورتا ته آمنه کي ڏاڍي ڪاوڙ
لڳي هئي. هن پئسا گلوءَ جي منهن تي اُڇلائي ڏنا.
”کڻ پنهنجا پئسا مان ڪا فقيرياڻي ته نه آهيان جو
پِنَ جا پئسا وٺندي وتان!“
گلوءَ کي آمنه جي ان انداز تي ڏاڍي مٺيان لڳي. هو
ڇوڪرن جي ميڙ مان نڪري سندس آڏو اچي بيٺو هو ۽
سندس اکين جي گهرائيءَ ۾ ڏسندي ڏاڍي ڌڪار مان چيو
هئائين:
”ها ها خبر اٿم ته تون ڇا آهين...... هي سڀ ماڻهو
توکي چڱي طرح سڃاڻن ٿا..... ڪيئن مان ٺيڪ ٿو چوان
نه.“
هن دوستن ڏانهن مڙي ڏٺو ۽ فضائن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
ان رات ماسي جنت جي جهوليءَ ۾ منهن لڪائي هوءَ
ڏاڍو رني هئي. سندس ڏک کي دل جي گهراين سان محسوس
ڪندي ماسي جنت سندس مٿي تي هٿ رکي چيو هو.
ٻاهر نڪرندينءَ ته اهڙي ڳالهيون ته ٻڌڻيون
پوندوءِ...... منهنجو چيو مڃ ۽ شاهن لاءِ ها ڪري
ڇڏ.
”ماسي.....!!!“ آمنه روئيندي چپ ٿي وئي ۽ ڪنڌ مٿي
ڪري حيرت مان ماسي جنت کي تڪڻ لڳي....... سراپا
احتجاج بڻجي وئي. ”ماسي..... ماسي هي تون ڇا پئي
چئين...... توکي خبر به آهي شاهن جي افعالن جي
.....! هو نشو ڪندو آهي..... ۽ پوءِ به چوين ٿي ته
مان شاديءَ لاءِ ها ڪري ڇڏيان......“
”ڪيستائين هن هيڏي ساري جڳ ۾ اڪيلي ڀٽڪندي
رهندينءَ؟ توکي آخر ڪو نه ڪو سهارو ته گهرجي.“
”نه ماسي نه.... مون کي اهڙو نالي جو سهارو نه
گهرجي..... ان کان ته مان ائين ئي چڱي آهيان.....“
هوءَ ماسي جنت جي جهوليءَ ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳي.
پر شايد ڏوهه ماڻهن جو به نه هو. سندس روپ هو ئي
ايترو سندر، جو ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا.....
سندس چهري تي چمڪندڙ لالاڻ کي ڏسي لڳندو هو، ڄڻ
اُها هن گلن تان چورائي کنئي هجي. وڏين وڏين اکين
تي جڏهن ڊگهيون ۽ خمدار پنبڻيون ڏڪنديون هيون ته
بنان ڪجل پائڻ جي سندس اکين ۾ سرمئي شام لهي ايندي
هئي. هوءَ چنبيليءَ جي ول جيان لڳندي هئي. اُها
سونهن ۽ سندرنا جيڪا ڇوڪريون هزار حيلن وسيلن کان
پوءِ به حاصل ڪري نه سگهنديون آهن. کيس قدرت طرفان
فراخداليءَ سان عطا ٿيل هئي.
گلو جڏهن کيس گهڻو تنگ ڪرڻ لڳو ته هن مجبور ٿي
گهٽي ڇڏي وڃي لاڪاليج جو پاسو ورتو. اتي رش به
ڪجهه گهٽ هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به
چاهت مان کانئس گل خريد ڪرڻ لڳا. انهن ۾ يوسف به
شامل هو. هو فائنل ايئر ۾ پڙهندو هو ۽ پابنديءَ
سان آمنه کان گل خريد ڪندو هو. هڪ ڏينهن يوسف کان
گل وٺڻ وسري ويا. هو ٿورو اڳتي ويو ته آمنه کيس
ياد ڏياريو ”اڄ گل نه کپن ڇا؟“
”اوهه“ يوسف ويندي ويندي واپس آيو. ”هاڻ ائين ڪر
هي سمورا گل مون کي ڏيئي ڇڏ“
”ڇا ڪندوءَ ايترا سارا گل؟“ سندس ڪنول جهڙن نيڻن ۾
حيراني لهي آئي. ”مان نه ٿو چاهيان ته تون ائين
ماڻهن جي سامهون بيٺي رهين ڇا توکي ايترن ماڻهن ۾
بيهڻ سٺو لڳندو آهي؟“ اهو ٻڌي آمنه جي چهري تي ڏک
جون ريکائون لهي آيون ۽ سندس نظرون جهڪي ويون.
”اها منهنجي مجبوري آهي“
”مجبوري!! ڪهڙي مجبوري....!!!“
”منهنجو دنيا ۾ ڪير به نه آهي، هڪ ماءُ هئي، اُها
به ساٿ ڇڏي وئي.“ باقي جملا سندس سڏڪن ۾ گم ٿي
ويا. ”مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو.“ ڪجهه دير
سوچڻ کان پوءِ يوسف کيس چيو هو. ”جئين ئي منهنجا
امتحان ختم ٿيندا، مان توکي پنهنجي گهر وٺي
هلندس.“
”پنهنجي گهر.....!!!“ هوءَ هوائن ۾ اُڏامڻ لڳي.
يوسف جي پنهنجائپ ڏسي آمنه جا سمورا ڏک وسري ويا.
ڪڏهن ڪڏهن تخيل ۾ لڪل تصويرون زندهه ٿي پونديون
آهن ۽ خواب حقيقت جو روپ ڌاري مرڪڻ لڳندا آهن.
هوءَ يوسف کي پسند ڪرڻ لڳي هئي.
يوسف جا امتحان ڪڏهن جا ختم ٿي چڪا هئا ۽ ان کان
پوءِ يوسف کيس وري نظر نه آيو هو. سندس آشا نراشا
۾ بدلجي وئي هئي. ڀلا ڪٿي هوءَ ڪٿي يوسف! ڪڏهن بٺ
زمين تي به گل ٽڙيا آهن. هن سوچن مان ڇرڪي آسمان
ڏانهن نهاريو جتي باک ڦٽي رهي هئي. هوءَ سڄي رات
نه سمهي سگهي هئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن هوءَ ڪاليج وٽ ڪنڌ هيٺ ڪيو
بيٺي هئي ته يوسف کيس سڏ ڪيو. هوءَ ڇرڪي يوسف کي
ڏسڻ لڳي. ستل خواب ڪر ورائي جاڳي پيا ۽ سندس ويران
اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. پر هوءَ ڪار ۾ ويٺل
ڇوڪريءَ کي ڏسي بيهي رهي. گل سندس هٿن ۾ ڏڪي رهيا
هئا.
”آمنه.....! هي توکي ڇا ٿي ويو آهي...... ايڏي
ڪمزور ڇو ٿي وئي آهين؟“ جواب ۾ هوءَ خالي نظرن سان
کيس تڪيندي رهي. ”آمنه....! ايڏي چپ ڇو آهين....
هون! ته ناراض آهين...... توکي گهڻو اڳ وٺڻ اچان
ها پر ڪجهه مسئلا اهڙا ٿي پيا جو....“
”هوءَ ڪير آهي؟“ آمنه سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي
پڇيو،”ارم آهي.... اسان جي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي شادي
ٿي آهي. تون پڇندي هئينءَ نه نه مان روز ايترا گل
ڪنهن لاءِ وٺي ويندو هيس ته اُهي مان ارم لاءِ وٺي
ويندو هيس“ يوسف جي لهجي ۾ ارم لاءِ اٿاهه پيار
لڪل هو. آمنه کي لڳو ڄڻ سندس من ۾ ڪجهه ڀڄي پيو
هجي. ”مان به ڪيتري چري هيس، پاڇي پٺيان ڊوڙندي
رهيس.“ ڳوڙها پيئندي آمنه سوچيو پر وري به ڪجهه
لڙڪ زوريءَ سندس ڳلن تي لڙي آيا.
”آمنه ڇا ڳالهه آهي تون روئين ڇو پئي؟“ يوسف
پريشان ٿي ويو ”ڪجهه نه..... ڪجهه به ته نه
آهي..... اکين ۾ مٽي پوڻ ڪري پاڻي اچي ويو آهي.“
زندگيءَ کان محروم بي جان مرڪ سندس لبن تي تري
آئي. ”مان توکي وٺڻ آيو آهيان. مون ارم کي تنهنجي
باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. ڏس! هوءِ پاڻ به
مون سان گڏ توکي وٺڻ آئي آهي.“
پر آمنه ته ڄڻ پٿر جي ٿي وئي هئي ۽ سندس اکين آڏو
هر منظر ڌنڌلو ٿي ويو هو. اونداهيءَ جون هيراڪ
اکيون هڪ ننڍڙي روشن ڪرڻي جو بوجهه به برداشت ڪري
نه سگهنديون آهن. هن ته سج جي سامهون ٿيڻ جي ڪوشش
ڪئي هئي. سندس اکين ۾ سمايل خواب واريءَ جي قلعي
جيان ڀڄي ڀري پيا هئا. ان کان اڳ جو يوسف کيس ڪجهه
چئي ها، آمنه اڳتي وڌي هٿن ۾جهليل سمورا گل ارم جي
جهوليءَ ۾ وڌا ۽ ڊوڙندي ماڻهن جي هجوم ۾ ڪٿي گم ٿي
وئي......
ڪنول قاضي
ٽٽل ارمان
ڪريم جي مُک تي پريشانيءَ جون ريکائون لڪائڻ جي
باوجود به چٽي ريت ظاهر هيون. هو ٿڪل ٿڪل قدمن سان
اچي پنهنجي ڪکائين گهر جي هڪ پاسي ۾ پيل ڇڳل کٽ تي
مٿو هٿن ۾ جهلي ويهي رهيو.
گذريل ڪجهه ڏهاڙن کان سندس اها ڪيفيت هئي- پر
هوڪري به ڇا پئي سگهيو- گهڻو ئي هٿ پير هنيائين،
پر ڪٿان به پئسن جو بندوبست ڪو نه ٿي سگهيو هيس.
ايم . اي. جي امتحان لاءِ فارم ڀرڻ ۾ باقي وڃي ٻه
ڏينهن بچيا هئا.
هو سوچيندو رهيو ته جيڪڏهن ڪو انتظام نه ٿيو ته
سندس سڄي سال جي محنت تي پاڻي ڦري ويندو.
ٿوري دير کانپوءِ سندس ڪراڙي ماءُ کنگهندي
کنگهندي، چيلهه تي هٿ رکيو، اڱڻ ۾ داخل ٿي. (مائي
زينب عمر جي ته ايتري جهوني ڪانه هوندي، پر گهڻي
محنت ۽ ڳڻتين کيس جهوري جهور ڪري ڇڏيو هو.) هوءَ
ڳوٺ جي وڏيري جانڻ خان جي گهران ڪم تان موٽي هئي.
سندس هَڏ هڏ ٿڪ کان چور چور هو.
هونءَ ته ڳوٺ جون زالون توڙي مرد وڏيري جانڻ خان
جي در جي غلاميءَ ۾ پيا مفت ۾ وهندا ۽ ڳهندا هئا،
پر مائي زينب تي وڏيري جي گهر واريءَ ترس کائي،
ساري ڏينهن جي پورهئي جي عيوض پنجاهه رپيا ماهوار
مقرر ڪري، سندس زندگيءَ تي خاص احسان ڪيو هو.
اڄ جڏهن زينب گهر پهتي ته ڪريم کي منجهيل ۽ اداس
ڏسي پنهنجو ٿڪ، درد ۽ سور وساري ويٺي- پٽ جي ويجهو
وڃي کيس ڳراٽڙي پائي پڇيائينس- ”اباخير ته آهي.
ائين اداس ڇو آهين ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
نه امڙ، ڪا ڳالهه ڪونهي. ڪريم پيڙا لڪائڻ چاهي، پر
ماڻس سندس من جي پني تي پکڙيل پيڙائن کي پڙهي ورتو
هو. ماڻس، جنهن ننڍي هوندي کان وٺي کيس نپايو ۽
تاتيو هو، جنهن پنهنجي وات جو گرهه ڪڍي به کيس
کارايو هو، هوءَ سندس هر عادت کان چڱيءَ ريت واقف
هئي- ان کان هو ڪجهه لڪائيندي به نه ٿي لڪائي
سگهيو.
جڏهن کان ڪريم جو پيءُ مري ويو هو ته هُو پنهنجي
ماءُ جي آخري اميد بڻجي ويو هو، هن پڪو پهه ڪيو هو
ته هوءَ پنهنجي پُٽڙي کي ڪيئن به ڪري پڙهائي لکائي
هڪ سٺو شهري بڻائيندي ۽ هو جڏهن ڪنهن چڱي روزگار
سان ٿيندو ته کين فاڪن جي زندگيءَ کان نجات ملندي،
جان آجي ٿيندي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن سک جا
گهاريندا.
مائي زينب پٽ جي ويجهو ويهي ڳراٽڙي پائي، پاٻوهه
منجهان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي وري پڇيو- ”پٽ
ٻڌاءِ، ڪا ڳالهه ضرور آهي.“
”امان چيم نه، ته ڪا ڳالهه ناهي- ڇو ٿي مجبور
ڪرين.“ ڪريم پريشانيءَ مان چيو. ”پٽ! ڀلا تون مون
کي نه ٻڌائيندين ته ٻيو ڪنهن سان دل جو حال
اوريندين! هن دنيا ۾ ٻيو ڪير آهي اسان جو.......
اسان ئي ته هڪ ٻئي جو حال ڀائي آهيون ....... تون
منهنجو ۽ مان تنهنجو سهارو آهيان. نه.....“ ماڻس
کيس ريجهائيندي چيو- ماءُ جي گهڻي مجبور ڪرڻ تي
نيٺ ڪريم چيو-
”امان! مون کي ايم. اي جي امتحان لاءِ فارم ڀرائڻو
آهي، ان لاءِ پئسا گهرجن. پئسن جو ٻڌي ماڻس جو
دماغ چڪرائجڻ لڳو، کن پل لاءِ سوچڻ لڳي، ته ”ڪٿان
اچن پئسا، جو ڪريم فارم ڀرائي، اڃان ته مهينو سڄو
پيو آهي، نه ته کڻي پگهار وٺي پورت ڪريان ها- پر
پگهار مان به ته فارم جا پئسا پورا ڪو نه ٿيندا-
خير، وڃان ٿي وڏيريءَ ڏي، من کڻي کيس روح ۾ رحم
پوي. وڃي ٿي اُڌارن پئسن لاءِ عرض ڪريانس، پوءِ
پگهار مان آهستي آهستي لاهي وينديس. جيڪڏهن ڪٿان
بندوبست نه ٿيو ته ٻچڙي جي امتحان جو ڇا ٿيندو-
مولا ڀلي ڪندو.“ کن پل لاءِ هوءَ سوچن جي لهر ۾
ٻڏندي ترندي رهي. نيٺ چپن تي مصنوعي مُرڪ آڻي،
ڪريم کي دلاسو ڏيندي چيائين ”پٽ، تون پريشان نه
ٿي، مان وڃان ٿي وڏيريءَ ڏي، ڪجهه نه ڪجهه ضرور
بندوبست ٿي ويندو.“
اڪبر ماءُ کي چيو- ”امڙ، تون پريشان نه ٿي، مان
ڪونه ڪو بندوبست پاڻهي ڪري وٺندس- تون هروڀرو
وڏيريءَ کي ايلاز وڃي ڪندينءَ.“ ”چريا پٽ! ماٺڙي
ڪر- مان وڃان ٿي وڏيريءَ ڏي.“
هوءَ چنگهندي چڻڪندي کٽ تان اٿي ۽ پاسي ۾ پيل
پراڻي اجرڪ ويڙهي ۽ منهن ڪيائين وڏيري جانڻ خان جي
بنگلي ڏانهن. ڪريم کي ڪجهه نه ڪجهه اميد جو ڪرڻو
ڦُٽندو نظر آيو- پر سندس ضمير کيس ملامت ڪرڻ لڳو-
هو دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ته....... ”مان ڪهڙو پُٽ
آهيان، جو جوان جماڻ هوندي به پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ
کي سُک ته سک جي ماڳ، پر ويتر سندس پريشانين ۾ هر
وقت اضافو ڪندو ٿو رهان- سندس هيءَ عمر آ پورهئي
ڪرڻ جي، هي عمر ته هڪ هنڌ ويهي آرام ڪرڻ جي آهي.
پر امڙ ويچاري سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ڪري ڪيتري نه
ڪمزور ۽ بيمار ٿي ويئي آهي-“ اهو سوچي سندس اکين ۾
لڙڪ لڙي آيا.
ماڻس ڏکندڙ عضون سان آهستي آهستي هلندي اچي
وڏيريءَ وٽ پهتي- وڏيري هڪ وڏي تاج واري پلنگ تي،
ٻنهي پاسن کان طول ويهاڻا رکيو ٽيڪي ويٺي هئي، هڪ
ٻانهي ڄنگهن کي ويٺي زور ڏنس ته ٻي ٻانهي وري مٿو
پڪڙيو ويٺي هيس ۽ ٻنهي ويٺي وڏيريءَ جي هر هڪ
ڳالهه تي ها ۾ ها ملائي سندس ڳالهين کي ويٺي داد
ڏنو.
”وري ڪيئن آئي آهين مائي زينب؟ هاڻي ئي ته ڪم پورو
ڪري موڪلائي وئي هئينءَ!“ هڪ ٻانهيءَ ٽوڪڻ جي
انداز ۾ پڇيو ”وري ڪا کوٽ کٽي، هوندس“ وڏيريءَ نڪ
کي موڙو ڏئي، منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو، ان تي سندس
چوڌاري ويٺل ٻانهيون واڇون کولي ڏند ڪڍي کلڻ
لڳيون. زينب ويچاري اڳ ۾ ئي هيسيل هئي، ويتر
وڏيريءَ جي سخت ورتاءَ ۽ ٻانهين جي ٽوڪن تي
هيسائجي، حوصلو هاري ويٺي.
”سا .... سانئڻ..... او سانئڻ .....“ زينب ڊڄندي،
هٻڪندي همت ڪئي- لفظ اڌ ۾ ئي رڪجي ويس.
”ها- ها- چئه..... ڇا ٿي چوين.“ وڏيريءَ آڪڙ ڀري
انداز ۾ چيو- ”سانئڻ! منهنجو هڪ عرض آهي، مون کي
پئسا اُڌارا کپن ٿا..... اهي مان اوهان جو پورهيو
ڪري، سڀ پئسا پائي پائي ڪري..... لاهي ڇڏينديس-“
هوءَ همت ٻڌي سڀ لفظ هڪ ساهيءَ چئي وئي-
پئسن جو نالو ٻڌندي ئي وڏيري ڄڻ باهه جي شعلي جيان
ڀڙڪو کاڌو..... ”ڇو....؟ اڃان مهينو پورو ئي ڪونه
ٿيو آ- هلي آهين پئسا وٺڻ.... وري ڪهڙو ڪال پيو
ٿئي..... تون ته سدائين بُکي آهين- آهيو ته ڇڙا ٻه
سِرَ هڪ پُٽَهنِ ۽ ٻيو تون- پُٽ به هاڻي جوان ٿيو
اٿئي- اهو ڇا پيو ڪري.“ وڏيري شروع ٿي ته بس ڪرڻ
جو نالو ئي نه پئي وٺي...... زينب سڀ ڪجهه چپ چاپ
سهندي رهي. پوءِ وري گهٽيل گهٽيل آواز ۾ چيائين.
”سانئڻ! ڪريم کي امتحان جو فارم ڀرائڻو آهي- هُن
جي زندگيءَ جو سوال آهي. وڏيري سانئڻ...... هن
جملو ئي پورو نه ڪيو ته وڏيري ٻيهر شروع ٿي. ”مائي
زينب تون پنهنجي حيثيت نه وسار- تنهنجو پٽ به پاڻ
کي الائي ڇا پيو سمجهي. رئيس جي پٽن سان ڪَنُ
هڻي..... آفيسر ٿيڻ ٿو چاهي. اهو ڪجهه ڪري جيڪي
سندس ڪلهه ابا ڏاڏا ڪري ويا- سندس وڏا اسان جي در
غلامي ڏئي ڏئي مري ويا ۽ هاڻي هي هليو آهي آفيسر
ٿيڻ.“ وڏيري اهو سڀ ڪجهه ساڙ- هٺ ۽ ڪاوڙ ۾ چوندي
رهي. اصل بس ڪرڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتائين- ڄڻ ته
ڪنهن لگر ۾ جنب اڇلائي هجي- اهي سڀ لفظ زينب جي
دماغ تي هٿوڙن جيان وسندا رهيا ۽ هوءَ ويچاري نراس
۽ نااميد ٿي هلي ويئي. ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي-
هوءَ سڄي واٽ سوچيندي ٿي آئي ته ”هاڻي ڇا ٿيندو-
ڪريم جي سڄي سال جي محنت مٽيءَ ۾ ملي ويندي- هن جي
زندگيءَ جو سوال آ پر مان به ته مجبور آهيان- ڪٿان
ايترا پئسا آڻيان جو کيس ڏيان، اهو ئي ته آخري
سهارو هيو، اتان به نااميد ٿي موٽي آيس- ٻي ڪهڙي
واهه آ..... ائين سوادءَ پچائيندي اچي گهر پهتي.
جتي پٽهنس سندس انتظار ۾ ويٺو هو. هُن ماءُ کان
ڪجهه ڪونه پڇيو..... ڇو ته ماڻس جي منهن مان
نااميدي ۽ نراسائي نمايان هئي.
ڪريم ماءُ کي آٿت ڏيندي چيو- ”امان! تون پريشان نه
ٿي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي ويندو- الله وڏو آهي.“
ائين چئي هو گهر کان ٻاهر نڪتو- ذهن ۾ آيس ته جن
ٻٽن ڇوڪرن کي شام جو ٽيوشن ڏيندو هو، انهن کان وڃي
پئسا گهري، پر کيس ائين مناسب نه لڳو ته کانئس
مهيني کان اڳ پئسا گهري، پر پئسن جو بندوبست ٿي نه
سگهيو ته سڄي سال جي ڪمائي ڪُٽ ٿي ويندي، پر ڇا
مان سدائين بيروزگار رهندس ڪيڏا پنڌ ڪيا اٿم
MPA
جي ڪڍ...... ڪا نوڪري به ته نه ٿي ملي...... غربت
جي زنجيرن ۾ ڪيستائين جڪڙيل رهنداسين.... نه.....
نه مان امڙ جي اميدن کي پُرزا پُرزا ٿيڻ نه ڏيندس-
هن ڪيتريون آسون اميدون رکي پورهيو ڪري پيءُ بڻجي
مون کي پيار مان پڙهايو آ، مان سندس اميدن کي
ائين ٽٽڻ نه ڏيندس....“ هو سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندو
ترندو- رستا لتاڙيندي هلندو رهيو. هن کي پنهنجي
بچپن وارو استاد محمد جڙيل ياد آيو. جيڪو کيس اڳ
به هر مسئلي ۽ مرحلي تي مونجهاري مان ڪڍي سڌي دڳ
لائيندو هو. |