مُون تان لاهه مَ سُپرين، اکين جا آگَمَ،
ڪَري ملار مينهن جيان، وَسي لاهه وهَمَ،
تو ڏٺي مون غَمَ، ڏينهن جا ڏور ٿيا.
سُر آسا
نيڻين نظر نينهن، جڙون جِتِ جَڙَنِ-
*
”سُر آسا“..... اهو سُر جيڪو سڄو سارو اکين جي
ايڏي انوکي ۽ خوبصورت ادائن سان ڀرپور آهي جيڪو
هڪ نئين دنيا جي سير ڪرائي ٿو........ اکين جي
دنيا...... حسين دنيا.... سحر انگيز دنيا.....
جيڪڏهن اکين ۾ حسن ۽ پيار جي دنيا موجود آهي ته
پوءِ اهي اکيون ٻاهرين دنيا ۾ پڻ حسن ۽ پيار ئي
ڏسن ٿيون ايستائين جو پوءِ کين هر طرف ئي حسن،
پيار ۽ سچائي نظر اچن ٿا. بدصورتي ۽ ڪوڙ جو ته
نالو نشان ئي ڪونهي يا شايد بدصورتيءَ ۽ ڪوڙ ۽
فريب مان به اهي اکيون حسن ۽ تقدس جي هڪ عجيب دنيا
ڳولهي لهن ٿيون:
مُون کي اَکَڙيَنَ، وَڏا ٿورا لائيا،
تان پڻ پرين پسن، کڻان جي کر سامهون.
نينهن جو ناتو جُڙڻ کانپوءِ محبوب جو جلوو
پَسَڻِ ڄڻ عبادت ۾ شامل ٿيو پوي پوءِ صبح اڀرڻ
سان ئي اکيون پهرين سڄڻ جو ديدار ڪرڻ لاءِ آتيون
هونديون آهن ۽ پوءِ پرينءَ کي پسڻ کانپوءِ اکين کي
ٺار ملي ٿو ۽ اهي اکيون جيڪي سج جي اڀرڻ سان ئي
سڄڻ جو جلوو نٿيون ڏسي سگهن عاشق کي انهن اکين
کان ئي نفرت ٿيو وڃي ڇو جو هن جي ويجهو محبوب جو
جلوو ڏسڻ وڏين وڏين عبادتن کان گهٽ ناهي:
اُڀرندي ئي سج، پرين جي نه پسنديُون،
ڪڍي ٻيئي ڏِجِ، اکڙيون ڪانگُن کي.
اُڀرندي پرين ريءَ، جي ڪي ٻيو پَسَن،
ته ڪڍي کي ڪانگن، نوالا نيڻ هڏيان.
نيرانائي نيڻ، نيئي آڇ پريُن کي،
سَترِ کاڌا کيڻ، جُه ڏٺو مُنُهن محبُوب جو.
تن نيڻن ڪي نيران، جن ساجُهُر سيڻ سان ڀيٽيا،
جيءَ، جُسي ۽ جان، ڪر حضوري حَج ڪوي.
اکيُون علي الصباح، دوستُ ديکڻ آئيون،
اُڀينديون ارداس ۾، ٻي نه ڪنديون ڪا،
رچنديون رِءَ پاهَ، پرچنديون پرينءَ سين.
اکيون..... جڏهن نينهن جو ناتو جوڙي ٿيون وٺن پوءِ
بيقراريءَ جو هڪ سلسلو شروع ٿيو وڃي ۽ اهي هر دم
پرينءَ جو جلوو ڏسڻ گهرن ٿيون ۽ پوءِ جڏهن پنهنجي
سڄڻ جو ديدار ڪن ٿيون ته خمار وتيون ٿي وڃن ٿيون
۽ نيڻ ٺري پون ٿا:
ڪي جو ڪيڏانهين، اکيون پسي آئيون،
ٿِيُون تاڻِن تيڏاهين، پيئُون پاڻ مُهاڙِيُون،
ڪي جو ڪنهين ٻار، اکيون پسي آئيون،
ٿيون ديوانيون دل ۾، اَپَر، لڳين آر،
تهان پوءِ قرار، سُتيُون ڪين، سيدُ چئي.
ڪي جووڃي اڄ، اکيُون پسي آئيون،
سيڻن ڪيو سَهَجُ، لالُون ٿيون، لطيف چئي.
ڪي جو وَڃي ڪالَ، اکيون پسي آئيون،
لالُون ڪيون، لطيف چئي، جانبَ جي جمال،
ٿيا نيڻ نهال، جنين دلبَرُ ديکيو.
محبت به عجيب جذبو آهي- محبت ٿيڻ کان پوءِ اکيون
هر ويل پنهنجي پرينءَ جو جلوو ڏسڻ گهرن ٿيون ۽ هر
هر ڏسڻ جي باوجود به وري وري پرينءَ جي پار ڏانهن
واجهائين ٿيون ۽ نيڻ سڄڻ جي ديدار کان ورچن ئي نٿا
پوءِ.......
ڪڏهن اکيون جدائيءَ ۽ فراق ۾ وَسَن ٿيون ته ڪڏهن
وري وصال ۾ مُرڪن ٿيون:
وَسَنِ ۽ وهسن، ڏيهاڙي ڏسڻ لَءِ،
جئن جئن پرين پَسَن، تئن تئن نشا نينهن جا،
وسن ۽ وهسن، ڏيهاڙي ڏسڻ لءِ،
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشُون ڪنِ،
ڍاپِيو نه ڍاپَن، پسڻ منجهان پرينءَ جي.
ڏسن ڏيهاڙي، تپِ تَرسَن، او ڏهين،
آيا سُڃاڻي، نيڻ، نهاري پرينءَ کي.
اکين جو اکين سان گفتگو جو به هڪ عجيب سلسلو
هوندو آهي، جيڪي رڳو اکيون ئي سمجهي سگهن ٿيون،
پوءِ اکين جي اکين تي ڪاوڙ ۽ اکين ۾ رُسڻ ۽ پرچڻ
جا عجيب ڍنگ سامهون اچن ٿا:
اکڙيُون اکڙين تي، ڏَمَرَ ڏوس ڪرين،
جيلانھ سِڪڻُ سکيون، تيلانھ دعويٰ منجهه دڙين،
کِلَن ۽ کُرِيِنِ، رُسَن پَرچن پاڻ ۾،
اکيون اکين سان ڪيڏا شڪوه ۽ شڪايتون ڪن ٿيون ۽
اکين جا اکين سان جهيڙا به ٿين ٿا ۽ پوءِ ان
دوران ڪڏهن اکين جي موسم جهڙالي ٿيو پوي ته ڪڏهن
وري اهي سانوڻ مينهن جيان وسيو پون:
اکين کي آهين، وڏا وجهه وڙهڻ جا،
منڊي بيٺيُون مامرو، جهيڙو نه لاهين،
جئن سي ڪَڪَرَ اُڀ ۾، تئن آگميُون آهين،
جُهڙ ڦُڙُ نه لاهين، وَسَن سانوڻ مينهن جئن.
اکين جون عادتون ۽ اکين جون رمزون ڏاڍيون نراليُون
آهن.
دلين جا سودا به اکين وسيلي ٿين ٿا ۽ ڪڏهن اکين
جون ڪٽارون اهڙيءَ ريت دل تي حمله آور ٿين ٿيون ۽
دل کي پنهنجو مطيع ڪن ٿيون جو هوند ڪو هٿيار به
اهو ڪم ڏيکاري نه سگهي:
اکين کي آهين، عجب، جيهُون عادتونُ،
سُورَ پرائي ساٿَ جا، وَڃيو وهائين،
اُتي لنو لائين، جِتِ حاجَتَ ناهه هٿيار جي.
۽ پوءِ..... اکين جي اها شرارت دل کي مهانگي پئجيو
وڃي، پر نينهن ۾ پير پوئتي هٽائڻا ناهن. پوءِ
..... جان جلندي رهي..... اندر ڳرندو رهي .....
پوءِ عاشق کي جان جي بازي هڻي به نينهن جي سوڀ
ماڻڻي آهي:
اکين کي آئون، جان ڪِي جهلون پائيان،
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ م، ساڄَن سوٺائون،
مُون کي مارِيائون، پاڻ پرچي آئيُون.
اکڙين آرو، مُونهان پُڇي نه ڪيو،
اُتي وڃي اَڙيون، جتي چوڻ نه چارو:
هينئڙو ويچارو، واٽُون جهليو وِجُهلي،
اکين پنهنجي مَتِ، پاڻ سين پاڻهين ڪئي،
اُتي وڃي لڳيون، جتي جان کَپَتِ،
نه ڪا ڳالهه نه ڳتِ، جيءَ ڏِني رِءَ نه جُڙي.
نينهن جي راند به نرالي آهي. عاشق جي غيرت اها
ڳالهه گوارا نه ڪري سگهندي آهي ته سندس پر يتم
کانئس سواءِ ڪنهن ٻئي تي ناز نظر ڪري، ان لاءِ
اکين کي پڻ پنهنجي چاهيندڙ کانسواءِ ٻئي ڪنهن
ڏانهن نهارڻ جو گُڻ اچڻ ئي نه گهرجي:
اَکُيون سي ئي ڌار، جن سان پَسين پِرينءَ کي،
ٻئي ڏانهن ڪيَم نِهار، گهڻو ريسارار سُپرين.
اَک اُلٽي ڌار، وَنءُ اُلٽو عام سين،
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُچو وَهُ اوڀارِ،
منجهان نُوچ نِهار، پُرُ پُٺيرو پرينءَ ڏي.
پرينءَ جي وفا جي تقاضا اها آهي ته اکيون محبوب
ڌاران ڪنهن کي به نه پسن ۽ سڄڻ جي ماڳ سواءِ ٻئي
ماڳ نه واجهائين. سچا پريمي پريم جي اها ريت هن
طرح نباهيندا آهن:
اُتي ئي آهين، جتي اوهان ڇَڏيُون،
اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين،
ٻي در واجهائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.
محبوب جي سچائيءَ کي پرکڻ لاءِ ظاهري ۽ مجازي
اکيون بند ڪري، دل جي حقيقي اکين سان ڏسڻ
گهرجي..... پوءِ ئي اصل ۽ سچي چاهت نصيب ٿيندي:
ديک مَ سين تُون تَن، هي جي مجاز ياڻيون مُنهن ۾،
ڪين سُڃاتو سُپرين، نهاري نيڻن،
پرين سي پسن، ٻئي جنين ٻُوٽيوُن.
ڪڏهن ڪڏهن نينهن جي لڪ لڪوٽيءَ راند ۾ دل بي ايمان
ٿي پوندي آهي ۽ اکين وسيلي دل جي سودي ڪرڻ کان
اڳ، وهم دل کي ورائي وڃن ٿا ۽ ان بازيءَ ۾ دل ۽
جان جي جوکي جو ڊپ وڪوڙڻ لڳي ٿو، تڏهن دل صلاح
ڏيندي آهي ته:
مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪري،
اَکَڙيُون توهي، جمَ وهين وسهي،
مجازي مَ مٽَ ڪر، ڀنڀيُون اِئن نه ڀيرِ،
پُڇي ٿئين نه پير، هاري! حقيقيءَ جي.
پر..... ٻئي پل، دل سڀ وهم گمان وساري ٿي ڇڏي ۽
اندر مان آواز ٿو اچي ته اهي حيلا بهانا ڇڏجڻ ۽
اکين ۾ حق ۽ سچ جو سُرمون وجهجهي، تڏهن ئي پرينءَ
جو حقيقي ۽ سچو ديدار نصيب ٿيندو، ڇو جو سڄڻ جي
سچائيءَ ۽ سونهن تي اهو ئي اعتبار نه ڪندو، جنهن
جي اکين ۾ ڪيني، نفرت، دغا ۽ ڪوڙ جو ڪٽر پيل
آهي. جنهن جي ڪري ئي کيس پرينءَ جو اصل ۽ سچو
روپ ڏسڻ ۾ نٿو اچي:
مُورَکَ مامَ نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن، سي
ڪيئن پرين پَسَنِ، ڪَٽَرَ جن اکين ۾؟
پوءِ سچ ۽ حق جو راز ملڻ کان پوءِ دل ۾ ڪو به وهم
ناهي.... ڪوبه گمان ناهي..... پوءِ من هر ڪا ڳالهه
وساري رڳو ئي رڳو شدت سان هڪ ئي تمنا ڪري ٿو:
اکين ۾ ٿي ويههُ، ته آئون واري ڍَڪِيان،
توکي ڌسي نه ڏيههُ، آئون نه پَسان ڪِي ٻِيو.
تارنِ ۾ ڪَرِ تَڪيو، وتين ۾ ٿي ويههُ،
اکين ۾ ٿي پيههُ، ته آئون آڇارو ٿيان.
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
مائي ڪالر
ساهتي پرڳڻي جي سڄاڻ خاتون
ساهتي پرڳڻي جي مٽيءَ جتي عظيم مردن کي جنم ڏنو.
اتي عورتون به ڪي گهٽ ڪين هيون، پر جيئن ته اسان
سنڌ وارن جي خصوصي تهذيب ۽ تمدن پٽاندڙ مردن جي
موجودگيءَ ۾ عورتون اڪثر ڪري ايترو نروار نه
ٿينديون آهن. رڳو اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾
عورتن جي ڪارنامن کي خاص اهم جاءِ ملي نه سگهي
آهي. مگر ان هوندي به ڪن ڪن عورتن ايڏا ته وڏا
اهم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جو مردن کان به ڇڪا
ڇڏائجي ويا! اهڙين سنڌ جي سدا سڀاڳين ڪيترين ئي
عورتن جا ڪافي قصا ۽ ڪهاڻيون عام ماڻهن جي زبان تي
اڄ به آهن. اهڙين سون ورنين سرتين مان ”مائي
ڪالر“ به هڪ هئي، جنهن جو احوال ڏجي ٿو!
مائي ڪالر، هن ملڪ ۾ انگريز بهادر جي اچڻ کانپوءِ
ڄائي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هي جهان مٽي
وئي. يعني حياتيءَ جو سمورو حصو انگريزن جي زماني
۾ پورو ڪيائين. اهڙي فيل مست حاڪم جي حڪومت ۽
غلاميءَ جي دور ۾ هن عورت جا ڪارناما نهايت حيرت ۾
وجهندڙ ۽ عبرت انگيز آهن. جڏهن ته انگريز حاڪمن
جي صرف هڪ سپاهيءَ جي پَٽي ۽ ڳاڙهيءَ پٽڪيءَ کان
ماڻهو ڪوءُ کائيندا هئا! اتي هن جرئت مند عورت
وڏن وڏن ڪامورن، جن ۾ ڪليڪٽر، ڪماني ۽ انجنيئر اچي
وڃن ٿا. اهڙن آفيسرن سان بي باڪيءَ ۽ بي ڊپائي سان
مهاڏو اٽڪائي، اک اک ۾ ملائي حق خاطر لڙي پنهنجا
حق حاصل ڪيا. ساهتي پرڳڻي ۾ اڄ به هن بهادر عورت
جي ڪارنامن کي مثال طور ياد ڪيو وڃي ٿو.
ڪنهن به صوبيدار جي اها مجال نه هئي، جو مائيءَ جي
حد ۾ اچي ڪنهن سان ظلم ڪري، يا ٻڌ ڇوڙ ڪري، سوال
ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪامورا ته ڪامورا هئا، پر
ڪنهن به چور ڌاڙيل ۽ اوباش ماڻهوءَ کي ايڏي همٿ
نه ٿيندي هئي، جو مائي صاحب جي ڳوٺ جي ڀر پاسي ۾
اچي ڪا اَڻ وڻندڙ حرڪت ڪري. هر ڪو پيو مائي ڪالر
جي پاڇي کان پري ڀڄندو هو. تر جا وڏا ماڻهو ۽
زميندار راڄن جي فيصلي ۾ مائي ڪالر جي راءِ کي
وڌيڪ وزن ڏيندا هئا. ڇتي فقير ڪهڙو نه سچ چيو آهي:
”ڇتا! توکي شرم نه آيو جو ٿيون زالون توکان
زور!!“
مطلب ته مائي ڪالر مردن جو به مرد هئي. چون ٿا ته
جڏهن سنڌ بمبئي جي چنبي کان آزاد ٿي هئي ته مائي
ڪالر انهيءَ خوشيءَ ۾ پاڙي اوڙي جون ننڍيون وڏيون
زالون ميڙ ڪرائي ڳيچ ڳارايا هئا ۽ خيرات ڪري
خوشيون ملهايون هيون.
ديهه لڄپال جي لڄادار نياڻي ۽ ديهه ڪانڌاريءَ جي
ڪونڌ عورت هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”جوڻيجا گهراڻي“ ۾ ڄائي
هئي، جنهن جو اڳتي هلي نالو ئي مائي ڪالر پئجي
ويو. سندس ڳوٺڙو ساهتيءَ جي سکين ستابن ۽ سُندر
ڳوٺڙن مان هو، پر ساڻس ڀاڳ نه ڀڙايو، بدقسمتيءَ
سان ڳوٺڙي کي سم کائي ڦٽائي چٽ ڪري ڇڏيو. مائي
ڪالر جو اهو ڳوٺ تعلقي موري ۾ مشهور قديم آثارن
”ٺلهه مير رڪن“ جي سر اوڀر ۾ ۽ روهڙي ڪئنال جي سر
اولهه ۾ اڄ به آهي، پر وڌندڙ سم هڻي کيس جهوري
ڀوري وڌو آهي. هڪ پرائمري اسڪول مائي ڪالر جي نالي
سرڪار منظور ڪيو هو ۽ ورهين جا ورهيه اهو اسڪول
قائم رهيو. هاڻي خبر ناهي ته اهو تعليم جو ننڍڙو
مرڪز به باقي رهيو آهي يا نه! مائي ڪالر عيسوي سن
مطابق 1856ع ڌاري هن خاڪي جهان ۾ قدم رکيو ۽ 1938ع
ڌاري وڏيءَ ڄمار ۾ هي جهان ڇڏي وئي.
جن وڏي عمر جي وڏڙن مائي ڪالر کي اکين پسيو، تن جو
چوڻ هو ته مائي ڪالر مرداڻو ويس پائي، اجرڪ ڪلهي
تي رکي، ململ جو وڏو ڀڀڪيدار پٽڪو طري سان ٻڌي،
سيم جي جتي پيرن ۾ پائي، نيٽ جو ٿلهو لڪڻ يا اڇي
چمڪيدار ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي، ڀلي گهوڙي تي سوار ٿي
ڪورٽن، شهرن ۽ ڳوٺڙن ۾ پئي ايندي ويندي هئي.
آڌيءَ مانجهيءَ، صبح سانجهيءَ اچڻ وڃڻ ۾ ڪا به هٻڪ
محسوس نه ڪندي هئي. ٻنيءَ ٻاري، ديري، کري، راڄ
ڀاڳ، مال متاع، ڏيتي ليتي ۽ آئي وئي کان حال احوال
وٺڻ ۽ ڏيڻ سڀ سندس ذمي هوندا هئا. مائي شادي شده
هئي ۽ وڏي ڪٽنب ۽ ڪيڙ واري عورت هئي. سندس پوين
مان سندس پوٽاڻو اولاد اڄ به پيو ٻڌڻ ۾ اچي.
هڪ دفعي گوري ڪمشنر سان به جهيڙو جوٽيائين، پر
گورو هو انصاف پسند، تنهن عدل ۽ نياءُ ڪري مائي
ڪالر جو قدر ڪندي، کيس سند ڏيئي ويو. جيڪا سندس
يونيرن وٽ هئي، جن وڃائي ڇڏي. ساهتيءَ جي زمين
به ڀاڳن ڀري زمين رهي آهي. ساهتي جا وڏا ڳالهيون
ڪندا آهن ته مائي ڪالر تڏهن جنم ورتو، جڏهن ”مائي
حسيءَ“ پنهنجو وارو وڄائي ڀونءَ ڀيڙي ٿي. واه مائي
حسي واه!! هن مائيءَ جو به وڏو باب آهي. مائي
حسيءَ جي نالي سان هڪ ڦٽل ڳوٺڙو ۽ هڪ قبرستان
ديهه ستابي ۾ موجود آهي. پر مٽيءَ جو ڍيرُ- آس پاس
وارا ڳوٺاڻا سندس ڪارنامن جي ساراه جا پيا ڍُڪ
ڀرين. مائي ڪالر وانگر مائي حسي به مردن جو مٽ،
بهادر ۽ همت واري عورت هئي.
مطلب ته سنڌ ڌرتي مارئيون ڄڻڻ کان ڪڏهن خالي نه
رهي آهي. هر دور ۾ ساستي ساماڻي جنهن ٻڌا موڙ ملير
کي-اهڙي ريت مارئيون اينديون رهنديون ۽ سنڌ ڌرتي
سندن ساراه جا ڍُڪ ڀريندي رهندي!!
قمر النساءَ چانڊيو
جميله بو پاشا
هونئن ته عام رواجي طور تي عورت کي نازڪ ۽ ڪمزور
سمجهيو ويندو آهي، پر دنيا جي تاريخ ۾ اهڙيون
عورتون به ملن ٿيون جن جو مثال ڏيئي چئي سگهجي ٿو
ته عورت پهاڙ کان به مضبوط آهي. تاريخ ۾ جميله بو
پاشا به هڪ اهرو ئي ڪردار آهي. 1954ع ۾ جڏهن
الجزائر ۾ فرانس خلاف ڇتي ويڙهه جاري هئي ته ان
وقت فرانس جي فوج ۽ پوليس کي جيڪي ماڻهو گهربل هئا
انهن ۾ جميله بو پاشا جو نالو سر فهرست هيو. جميله
جي اڳيان الجزائر جي آزادي سڀ کان وڌيڪ اهميت جوڳي
هئي، ان ڪري جميله ٿوري وقت ۾ ئي الجزائر جي
آزاديءَ واري تحريڪ ۾ پنهنجو مقام ٺاهي ورتو هيو ۽
هوءَ فرانس جي ادارن کي اک ۾ ڪنڊو بنجي چڀڻ لڳي
هئي. آخر هڪ ڏينهن فرانسي ادارن کي جاسوسي اطلاع
مليو ته جميله پنهنجن ٻن ساٿين سميت پنهنجي گهر ۾
ميٽنگ ڪري رهي آهي حفاظتي پوليس سندس گهر جو
گهيراءُ ڪيو ۽ اندر داخل ٿي ته اتي صرف جميله ئي
موجود هئي ۽ سندس ٻه ساٿي جن جو اطلاع مليل هو
انهن جو ڪوبه نشان ڪو نه هو. انهن جو معلوم ڪرڻ
لاءِ جميله کي تشدد جي مرڪز ڏانهن کڻي آيا اتي
مسلسل هن تي انسان سوز تشدد ٿيندو رهيو. ايترو
تشدد ٿيندو رهيو، جو ڪنهن مرد کي جهڪائڻ کان به
گهڻو وڌيڪ هو، پر جميله بغير ڪنهن ٻڻڪ ٻولڻ جي اٽل
بيٺي رهي. اهو تشدد ٻيو ڪوئي نه، پر دنيا جا
انتهائي مهذب ماڻهو فرانسيسي ڪري رهيا هئا.
پنهنجي ان ڪارروائيءَ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ هنن کيس
ٻئي تشدد واري مرڪز ڏانهن منتقل ڪيو جيڪو پهرين
مرڪز کان به وڌيڪ مشهور هو، پر کين اتي به ساڳيءَ
طرح ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو. ايڏي ظلم ۽ تشدد
جي ڪري جميله اڌمئي ٿي چڪي هئي. مسلسل هڪ مهيني
تائين تشدد ڪرڻ جي باوجود به هو جميله خلاف ڪوبه
ثبوت هٿ ڪري نه سگهيا ۽ نيٺ سندس ڪيس 17 جون تي
فوجي عدالت ۾ پيش ٿيو.
فرانس جي هڪ خاتون وڪيل کي هڪ خط مليو، جنهن ۾ کيس
هيءَ اپيل ڪيل هئي ته جميله الجيريا جي هڪ سول جيل
۾ بند آهي، کيس قانوني مدد جي ضرورت آهي. هن اها
مدد جي آڇ قبول ڪئي ۽ وڏي مشڪل سان ويزا ٺهرائي
الجزائر پهتي. اتي هن جميله سان ملاقات ڪئي. جميله
کي انهن سڀني انسان سوز تشددن ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ
واقعن کان آگاهه ڪيو. هوءَ وڪيل عورت، جنهن جو
نالو جسلي حليمي هو، جميله کان ڏاڍو متاثر ٿي ۽ هن
کي يقين ڏياريائين ته هوءَ انهن درنده صفت انسانن
کي ضرور بي نقاب ڪندي. 18 مئي ڪيس جي تاريخ مقرر
ڪئي ويئي. جسلي حليمي کي 14 کان 19 مئي تائين اتي
رهڻ جي اجازت ملي. جڏهن جميله عدالت ۾ پيش ٿي ته
هن پوليس ۽ فوج جي ظالماڻي تشدد جي وضاحت ڪئي ۽
عدالت کي ٻڌايو ته ڪيئن هن تي غير انساني تشدد ڪيو
ويو آهي ۽ کيس غير قانوني طور تي قيد ڪيو ويو. هن
هڪ غير جانبدارانه تحقيقات جو مطالبو ڪيو. عدالت
ڪيس جي سماعت کي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. هي
عرصو تحقيقات لاءِ تمام ٿورو هو. هڪ فرانسيسي
ڊاڪٽر جميله جي طبي معائني بعد اها رپورٽ ڏني ته
هن جي جسم تي تشدد جا واضح نشان موجود آهن، پر ان
رپورٽ جو ڪوبه اثر نه ٿيو ۽ ڪنهن به آفيسر کان
ڪابه پڇا ڳاڇا نه ٿي.
جميله جي خلاف هڪ لسٽ ٺاهي ويئي ۽ ڪيترائي ڪيس
ثابت پڻ ڪيا ويا. جن ۾ هيٺيان الزام سرفهرست هئا
ته هن هڪ فرانسيسي ڪيفي ۾ بم رکيو، محاذ تي وڙهندڙ
حريت پسندن کي هٿيار پهچايائين، هن گوريلن کي
پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني ۽ تشدد پسند سرگرمين ۾
حصو ورتائين. |