سيڪشن:رسالا

ڪتاب:سرتيون جنوري، فيبروري، مارچ 1991ع

مضمون

صفحو:10

*فهميده سومرو

حال

ڪينجهر تي اڄ ڇو آ خاموشي ڇانيل
لهر لهر ڄڻ ڪا صدين جي اڃايل
 

مڪلي جو هي ڪهڙو روپ ڏٺو
ويراني، بياباني وري سج آهي تتل
 

مهراڻ ۾ ڇو نه آ ڪا موج  متل
سنڌو جي هر ڇولي آ هيسل ڊنل
 

جت جت هوندو هو ماروئڙن جو ميلو متل
اڄ رات آ اهو گهر ئي ڊٺل
 

قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا
پر لڳي ٿو آهيون گهڻو پوئتي پيل
 

اُٿ ڀٽائي گهوٽ سنڌ ٿي توکي سڏي
ڪيترو رهندين هن ڌرتي کان رٺل.
 

انازري گهانگهرو

نثراڻو نظم

منهنجي اکڙين ۾ نه ڄاڻ ڇو خواب ايڏا
ائين لڳي ڪڏهن نه پوري ٿيڻ جهڙا
زندگيءَ جي راهن ۾ مون ته سڏيو گلڙن کي
 هوا کڻي نه آئي ڪڏهن خوشبوءَ کي
آس نراس جي ڪشمڪش ۾ ڦٿڪي ڄڻ
ڪوئي مئو هجي بن موت جي
خوب پرواز ڪري جو ڪريا
پَرَ ڀڳل پکي وري نه اُڏيا
منهنجي آس پاس نه ڄاڻ ڇو انڌيرا ايڏا
ائين لڳي ڪڏهن نه پر ي ٿيڻ جهڙا.
 

*مير محمد پيرزادو

گيت

پيارن سان گڏيل

موٽي پونم شل!

پنهنجا جذبا گلڙا گلڙا سانوڻ ۾ به کڙي نه سگهيا،

جن جي آس اُساٽيا آهن، ڏاڍاتن کي ڏينهن پيا،

جن جي آجيان جي لئه آتا.

پنهنجا نيڻ ڀنل،

موٽي پونم شل!

ٻارهين ماهه تي مينهن ڪڻيون ڄڻ نينهن نياپا آڻن ٿيون،

اڃيل اڃيل آسون مڌ کي مند منجهان ئي ماڻن ٿيون،

ڪيڏو سهڻو آهه بڻايو،

رُت کي  ريهه ڪجل،

موٽي پونم شل!

انڊلٽ- رُوپي ياد اوهان جي اهڙو هردي کي هر کائي،

جو هيءَ دلڙي ڀانءِ اجها ٿي ڦاٽ وڏو ڪو کائي،

سک سان هاڻي رهڻ نه ڏيندا.

اُڌما هيءُ اَجَهلَ،

موٽي پونم شل!

مينهن ڪڻين سان وڻ جون ٽاريون موتين جون ڄڻ مالهائون،

ويا ڪل بنجي واٽ نهارن ڄڻ ڪي منهنجون آشائون،

روئي جن لئه هاءِ بڻايم.

پنهنجا ڳوڙها ڳل،

موٽي پونم شل!

پنهنجو جواني جوڳياڻي ٿي اوڍيو ڪارو ڇالئه ويس،

ارمانن جي اَرٿيءَ تي آ سونهن نمايو سيس،

پاڻ وهيءَ کي وهه ڇو ڪيو آ

ڪنهن کي ڪهڙي ڪَلَ،

موٽي پونم شل!

 

*ڪرم ٽالپر                          ٻه سٽو (مثنوي)

هارياڻي

ساٿي! هوءَ جا نار ڏسين ٿو،
اڻڀا اڻڀا وار ڏسين ٿو
 

گج ڪاويلو، اجرڪ پوتي،
پگهر ڳلن تي ماڪ جا موتي.
 

سينڌ نه سُرمون ناهي وڏائي،
محنت جي منهن تي لالائي.
 

پوک منجهاران وک وک ٺهڪي،
سرنهه گلن جان ٻهڪي مهڪي.
 

سانئين منجهه جيئن آ سالارو،
تيئن آ اُن جو روپ نيارو.
 

ٻاجهه ڀريون هن جنهن جون ٻوليون،
ٻالڪ لئي ڄڻ مٺڙيون لوليون.
 

چوٽيون چيلهه کان هيٺ ٿيون لڙڪن،
سرنهه گلن سان کيڏن کڙڪن.
 

ڪڏهين ڪڏهين نمي نهاري،
ٻانهه اُلاري چُنِي سنڀاري.
 

جڏهن کِلي ٿي چيٽ کڙي ٿو،
ڪينجهر ۾ ڄڻ ڪنول ٽڙي ٿو.
 

تنهن جي هٿ ۾ ڏاٽو آهي،
اَن سان مُنهنجو ناتو آهي.
 

”ڪرم“ سوگهرو گهاٽو آهي،
اڄ جو ڪين آڳاٽو آهي.
 

*محمد ايوب کوسو

ڇا مان به هان انسان؟

بس هلندي،

ڇا پيو ڏسان،

ڪنڊ پاسي ۾،

ڏسان پيو هن معصوم سندري کي،

جنهن جون نگاهون جهڪيل آهن،

شرم مان حيا مان،

پر بار بار آڏيءَ اک سان،

پيو ٿو گهوريان،

من مون ڏي ڏسي،

هڪ نظر ئي کڻي،

پر هُن وٽ حيا آهي شرم آهي،

جيڪو شايد مونوٽ ناهي،

تڏهن پيو هن ڏي ائين تڪيان،

هڪ ڪريل سوچ رکي،

ڪني ميريءَ نگاهه سان،

منهنجي نظر ڪيڏي نه نيچ آهي،

ڪيڏي نه ڪڌي آهي

منهنجي سوچ ڪيڏي نه ڪريل آهي،

پر وري به ٿو سڏايان.

وري ٿو سوچان ۽ سمجهان،

پاڻ کي هڪ انسان.....!!

هڪ انسان!!

 

*ڪاظم ٽالپر

ميراث

جهٽ دير بيهو

مون کي ميڙڻ ڏيو

هي ٽهڪ رسيلا ڪنهن جا ها

سڀ وکري ويا مون کي ميڙڻ ڏيو

ڪجهه دير ته اڳ ڌوڙهُئي

هي موتين ورکا ڪنهن ڪئي

هي ڳوڙها جيڪي ڳل تي ها

سڀ وکري ويا مون کي ميڙڻ ڏيو

مون پن رکيا ها موتئي جا

۽ ڪجهه ورق اوهان جي يادن جا

سڀ ڪاڏي ويا

شايد پن ڇڻ رُت آ آئي

تيز هوا جي جهوٽي تي

سڀ اُڏري ويا مون کي ميڙڻ ڏيو

هونئين ولرن پويان ولر هُيا

هاڻي ڪونج اڪيلي ڪُرڪي پئي

ميراث غمن جي لُٽجي پئي

هي مال غنيمت منهنجو آ

سڀ ڏور هٽو مون کي ميڙڻ ڏيو.

 

*آٿم ناٿن شاهي

وائي

چَڳون ٿيون چُرن: يا، ٿا سَپَ سُرن-

ساونلڙيءَ جي سيج تي.

پاسن جي هيٺان اچي: پسجڻ گُلَ گهرن-

ساونلڙيءَ جي سيج تي.

سير هَلن سُرهاڻ جا: تولاءِ ڪونه تُرن-

ساونلڙيءَ جي سيج تي.

ڀِنڀرڪي- ويلا، وڃيو: ڀُرڻا بُتَ ڀُرن-

ساونلڙيءَ جي سيج تي.

هورا هيڪاندا پيا: منهنجي هان هُرن-

ساونلڙيءَ جي سيج تي.

*ايوب گاد

غزل

هلي آءُ راڻي، سياڻي هلي آ
ڪري ڪوڪ ڪويل، نماڻي هلي آ
 

نِکَٽَ ٿين جهيڻا، ٿين سور ٻيڻا
وڃي رات پئي ٿي، وِهائي هلي آ
 

ڪڪر ڪَن ٿا ڪيهون، رڙي ڪن ٿاريهون
سِگهو واءُ بڻجي، اُڏاڻي هلي آ
 

ڀَنڀٽَ باههِ ڀڙڪا، ڏئي درد دڙڪا
ڇڏي پنهنجي عادت، پُراڻي هلي آ
 

ٺهي ٿو  نه ماڻو، وڃي ٿو هي ٽاڻو
ٿئي ڄاڻ ئي بس، پڄاڻي هلي آ


*ادل سومرو

وائي

ڌرتيءَ جي دل ڌار، هانءُ نه پنهنجو هار

آءُ اورانگهي ديوارون

حاويليءَ جي گُهٽ  ۾، گهايل ٿي مَ گهار

آءُ اورانگهي ديوارون

من جي ڄر ڄراٽ سان، سارا لوهه پگهار

آءُ اورانگهي ديوارون

پيار سوا سڀ ڪُوڙ آ، ساجن پنهنجو سار

آءُ اورانگهي ديوارون

سچائيءَ جي سوڀ لءَ، جيون پنهنجو وار

آءُ اورانگهي ديوارون

*بلاول اوٺو

مائي بختاور

ٻڌي سندرو هلي حق سنڌياڻي مائي بختاور
مٺن مسڪين مارن جي نياڻي مائي بختاور
 

کنيو هارين جو اَنُ جڏهين زميندارن ڪري زوري
ڪُهاڙي سان اچي پهتي ڌڃاڻي مائي بختاور
 

گُهرڻ حق تي وڏي ظالم! هنئي گولي سڌي سيني
مري مارو ملهايا راڄ راڻي مائي بختاور
 

عُمر ۾ اڌ صدي واري ڀٽن جي ڀر رهڻ واري
ڪتابن ۾ وئي بنجي ڪهاڻي مائي بختاور
 

رکي جنهن ساک سنڌين جي ڏسي جنهن ڏات ڏيهن کي
اُها ئي آ امر ٿي هارياڻي مائي بختاور.

*زخمي چانڊيو

غزل

منهنجي چاهت اڄ به اهائي
تنهنجي نفرت اڄ به اهائي
 

منهنجي الفت اڄ به اهائي
تنهنجي ڪلفت اڄ به اهائي
 

منهنجي رغبت اڄ به اهائي
تنهنجي فرقت اڄ به اهائي
 

منهنجي حالت اڄ به اهائي
تنهنجي عادت اڄ به اهائي
 

منهنجي غربت اڄ به اهائي
تنهنجي عظمت اڄ به اهائي
 

زخمي ٿي بدنام ويو پر!
تنهنجي شهرت اڄ به اهائي

*منظور قادر

وقت بدلجي ويو آهي

وقت بدلجي ويو آهي

ماڻهو گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي

سورج اُڀري آيو آهي!

اسين اُتي ئي رهجي ويا آهيون.

ڄڻ ٿڪجي اڳتي وڌڻ کان لاچار هجون،

ماڻهو گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي

سمنڊن دريائن پهاڙن،

آبشارن کان مٿي،

چنڊ کي لتاڙي چڪو آهي.

جذبي ۽ حوصلي  جي محنت،

رنگ لاتو آهي

جستجو سُپر سانڪ جوڙي ورتو آهي

پر!

اسان ۾ ايترو حوصلو ناهي

اها اسان جي بي حسي چئجي

وقت جي ڏاڍائي

يا مصلحت جي زنجيرن جو قيد!

اسان ۾ ايتري به همت ناهي،

جو روايتي بندشن ۽ رسمن کي،

ٽوڙي قيد جون ديوارون لتاڙي سگهون

پاڻ ۾ آزادي سان ملي سگهون

سنڌوءَ ڪناري ٽهڪ ڏئي،

گڏجي گهمي سگهون

اسان ۾ ايتري به همت ناهي

وقت بدلجي چڪو آهي

ماڻهو گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي

اسين اُتي ئي رهجي ويا آهيون

۽ حسرتن  جي لاش پويان

قرآن خواني پيا ڪريون.

*عزيز گوپانگ

غزل

تنهنجو مون تي عذاب، بي سبب.
جيون منهنجو خراب، بي سبب.
 

سونهن جو ڪوئي جواز ناهي،
هر سوال جو جواب، بي سبب.
 

هڪ مان ئي غريب آهيان بس،
سارو شهر نواب، بي سبب.
 

پل صراطون مون ڪاڻ آهن، سڀ،
تنهنجا جي به حساب، بي سبب.
 

گهر تي تالو لڳل هو، پوءِ به،
رکي آيس در تي گلاب، بي سبب.
 

*چندر ڪيسواڻي

غزل

تون ڪيڏي ڏُور الا،
ساروڻين جا پار پتا،
ڳاڙها، پيلا گل ڦليا،
پاڇولن کي ڀاڪر پائي،
سُرمئي شام جي بَرکا،

 

تو بن سپنا، سُور الا.
سرنهن پيلو ٻُور الا.
ڄڻ تنهنجو وچُور الا.
وياڪُل مَن جهورَ الا.
پَل پَل تنهنجا پُور الا.

 

*سيد غضنفر علي راجا

مقامِ عورت

تنهنجي وقار تنهنجي مان عظمت تي ڇا لکان
تنهنجي وفا ۽ تنهنجي مان الفت تي ڇا لکان
تنهنجي سخا ۽ تنهنجي مان حرمت تي ڇا لکان
تنهنجي جلال تنهنجي مان حشمت تي ڇا لکان
هت ٿورو لکيم ايترو هِن ڀونءِ جي اي ناري
تون آهين ته ڪائنات ۾ پوسونهن آ ساري

                         *

امڙ جي سَچي روپ ۾ رحمت آن اسان تي
جي ڀيڻ آهين پوءِ تون شفقت آن اسان تي
گر زال سگهڙ آهين ته برڪت آن اسان تي
قدرت جي ڏنل سهڻي عنايت آن اسان تي
قدمن ۾ تنهنجي جنت فردوس هجن ٿا
قرآن جي سپارن ۾ اکر اهڙا ملن ٿا

                         *

انڊلٺ کي نوان رنگ تنهنجي مرڪ ڏنا هن
ڪي چنڊ تنهنجي نورَ جي شبنم ۾ ڀنا هن
آدم کان وٺي ڪيئي نبي تو لئه رنا هن
بي سمجهه ڀلا ڇو تنهنجي پاڇي کان ڊنا هن
تون پيارو محبت جي پڪي آهين نشاني
حوا جي نياني شل ماڻي جواني
                             
*

ورهن جي پراڻي تون ڪهاڻي ٿي لڳين پَئي
هِن دورَ ۾ پر ڏاڍي سياڻي ٿي لڳين پئي
سرتين ۾ صفا سونهن جي راڻي ٿي  لڳين پئي
اجرڪ ۾ ڍڪيل ڪيڏي نماڻي ٿي لڳين پئي
هٿ ۾ آ قلم توکي هٿ ۾ اٿئي تقدير
لِکُ پاڻ هينئر پنهنجي ئي آزاديءَ جي تحرير
 

تون مارئي جو مَحلَ ۾ ڪردار ڏسي ڇڏ
هِنِ قول فعل ۾ سڄو سنسار ڏسي ڇڏ
عورت جي ڀرم جو پڪو مينار ڏسي ڇڏ
مارن جي ڪکن ساڻ سندس پيار ڏسي ڇڏ
ڪاٿي نه شرافت ۾ ذرا جهول تون ڏسندينءَ
تصوير سڄي راجا هيءَ انمول تون ڏسندينءَ
 

*انور ابڙو

پوءِ ڀي نه مايوس هان

رڻ سماج جا،

جهاڳي اڃان،

وري ٿو ساڳيان پسان،

سونهن نهر مان ڪي،

پيار ٻُڪَ ڀري،

ساڻي زندگيءَ جي،

منهن تي ٿو ڇنڊا هڻان،

ڇرڪي پوي ٿي زندگي،

کيچلي ڇوڪريءَ جيان،

وري ٿو سفر تي اُسهان،

ڪيم ڄاڻان،

ڪڏهن ٿو منزل تي رَسان،

پوءِ ڀي نه مايوس هان،

پوءِ ڀي نه مايوس هان!

*آر بي سارنگ

غزل

صدين مان هڪڙو پل، مون کي به ته ڏي،
او بانوري! ٿوري کل، مون کي به ته ڏي.
 

سرتين سنگ سخياڻي، ٽمٽار ٽلين ٿي پئي،
ڪشڪول ۾ ڪا ٽِل، مون کي به ته ڏي.
 

مَٽَ ڀري محفل، تنهنجو منڌ پي رهي آ،
اجل ذرو ڪو جل، مون کي به ته ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com