هن جو ڪيس عجيب اڍنگي نموني اڪلايو ويو، جو هڪ
ڏوهن جو هٿرادو اقرار نامون پيش ڪيو ويو، جنهن تي
هن جي صحيح به ٿيل هئي. جنهن تي جميله رڙيون ڪري
ڪورٽ ۾ چيو ته جڏهن مون ڪو ڏوهه ئي ناهي ڪيو ته
اقرار نامون ڇا جو؟ ۽ اهو سڄو ڪوڙو ڊرامون آهي.
مون اهڙي ڪنهن به قرار نامي تي ڪابه صحيح نه ڪئي
آهي. آخر اهي ڪيس جميله بو پاشا تي ڪورٽ ۾ ثابت
ڪيا ويا. ڪيس جي فيصلي ٻڌائڻ جي تاريخ 15 جولاءِ
1960ع رکي ويئي. ڪنهن چيو آهي ته دنيا جا وڏي ۾
وڏا ظلم عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ ٿيا آهن ۽ ان عدالت به
پنهنجي تاريخ کي برقرار رکندي جميله بو پاشا کي
موت جي سزا ٻڌائي. هڪ دفعو وري انصاف جي ديويءَ
شرم وچان پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو. هي خبر
دنيا کي ڀانءِ ڪيئن ٿي پئجي سگهي؟ دنيا جي ڪيترن
ئي ملڪن ۽ عوام انهيءَ سزا تي سخت احتجاج ڪيو ۽
الجزائر جي حڪومت تي پنهنجي غم و غصي کي واضح ڪيو.
اهو دٻاءُ ايترو ته وڌي ويو، جو الجزائر حڪومت کي
مجبور ٿي جميله جي موت جو حڪم واپس وٺڻو پيو ۽
نئين سر تحقيقات جو حڪم ڏنو ۽ ان ۾ کيس مشروط طور
تي سندس موت جي سزا واپس ورتي ويئي ته هوءَ هميشھ
لاءِ فرانسيسي فوج ۽ الجزائري فوج ۽ پوليس خلاف
پنهنجي زبان بند رکندي ۽ انهن جي ڪرتوتن ظاهر ڪرڻ
لاءِ ڪڏهن به زبان نه کوليندي. نيٺ مشروط طور تي
سندس موت جي سزا ختم ڪئي ويئي. جميله کي برٽني ۾
رينز جي جيل ۾ قيد رکيو ويو. جميله کي بچي وڃڻ جي
بيحد خوشي ان ڪري هئي جو هن ڄاڻي ورتو هو ته
پنهنجن ۽ سندس ساٿين جي ڏنل قربانين جي بدلي ۾
الجزائر جي آزادي ضرور ڏسندي. آخر ايويان جي
معاهدي هيٺ الجزائر جي سڀني سياسي قيدين کي آزاد
ڪيو ويو ۽ 21 اپريل 1962ع تي الجزائر فرانسيسي
غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي ڦٽي ڪيو ۽ آزاديءَ
جو ساهه کنيو.
زبيده ميتلو
هڪ خيال
ترقي پسند اهي عورتون، جيڪي عورتن جي حقن جي حوالي
سان پنهنجي جدوجهد جو آواز اٿارين ٿيون، ان ۾ نه
رڳو سندس ڪلاس جا مسئلا پر سماجي طبقن جا ٻيا انيڪ
مسئلا اچي وڃن ٿا. اهو عمل سنئون سڌو عورتن سان
ٽڪر ۾ ايندر ٻي ڌر سان منهن مقابل ٿيڻ جي هڪ
پاسائين طريقه ڪار جي پوئواري ڪري ٿو جيڪو پنهنجي
نوعيت جي حوالي کان گهڻو مشڪل منجهيل ۽ سست رفتار
پڻ رهيو آهي. مون هميشه ان جدوجهد کي ٻي انداز سان
محسوس ڪيو آهي. عورتن جي ڏکن ڏوجهرن ۽ جيئڻ جي
مقصد کي ٻي روپ ۾ ڏٺو آهي. عورت جي جدوجهد ۽ تڙپ
جو عڪس ان جي نابالغ ٻار ۽ ڪمائتي نوجوان ۾، جيڪو
معاشري جي جوڙجڪ جو مڪمل عڪس ٺاهي ٿو. اسان ان
عڪس کي ٻي پاسي کان به ڏسي سگهون ٿا، يعني ٻار ۽
نوجوان ۾ عورت جو عڪس.
عورت جي ذاتي جدوجهد جو بنياد اولاد سان اڻ مٽ ۽
پائيدار لاڳاپن وارن لاڙن تي ٻڌل ٿئي ٿو. جن کي
سمجهڻ کانپوءِ ئي عورت جي حقن واري اجمتاعي جدوجهد
جا بنياد جوڙي سگهجن ٿا. ٻار جيڪو معاشري جي اوسر
جو اهڃاڻ آهي ۽ نوجوان جيڪو معاشري جي جوڙجڪ جو هڪ
مڪمل خاڪو. حياتي اوسر ۽ حياتي جو مڪمل خاڪو، اهي
ٻه اهڙا پهلو آهن، جيڪي ڪنهن به معاشري ۾ عورت جي
گهڻ پاسائين جدوجهد جو مڪمل سرمايو ٿين ٿا. ان
سرمائي جا اثر معاشري جو مڪمل روپ وٺي اڳتي وڌندا
رهن ٿا.
اهو قطعي ڪونهي ته مان، عورتن لاءِ ڪيل سنئين سڌي
حقن واري جدوجهد جي نفي پئي ڪريان. پر مان محسوس
ڪريان پئي ته اهو عورتن جي جدوجهد جو ٽيون مرحلو
ته ٿي سگهي ٿو، پر پهريون نه. سندس پهريون مرحلو
حياتي جي اوسر يعني ”ٻار“، ٻيو مرحلو ”نوجوان“ ۽
ٽيون خود عورتن جا حق، عورتن جا مسئلا ۽ انهن جا
حل ۽ جدوجهد جا رستا.
منهنجي نظر ۾ معاشري ۾ عورتن ۾ گهڻائي ان حصي جي
آهي، جيڪي اولاد جي صحتمند جيئاپي لاءِ جتن ڪري
رهيون آهن. سندن جيئڻ جو گهڻو مقصد سندن اولاد ۾
سمايل آهي نه ڪي خود ۾. هو مڪمل طور چاهين ٿيون ته
سندن اولاد بهتر ماحول ۾ نپجي ۽ اوسر وٺي يعني
ته، سڌوسنئون ان پهلو کي کڻجي ۽ چئجي ته ٻارن جا
حق ٻارن جي تعليم، ٻارن جي صحت ۽ تربيت ۽ گڏوگڏ
نوجوانن جا ادارا، نوجوانن جا مقابلا ۽ نوجوانن
جا فني آکاڙا ته ڇا؟ عورت کي ان جدوجهد سان ڪو گهٽ
تحفظ ملندو. اها عورت جي نفسياتي گهرج اهي ته هو
پنهنجي اولاد جي حقن ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ
معاشري جي مشنري کي لاڳاپيل ۽ ذمه دار محسوس ڪري ۽
ٻار کي سماجي تحفظ ۾ اسرندو ڏسي، پر اسان جي
معاشري ۾ ان جي ابتڙ پيو ٿئي، جنهن عورت کي ڀيانڪ
خواب ۾ گهلي گهلي ساڻو ڪري بيهاريو آهي. ٻي پاسي
معاشري جي اوسر ۽ جوڙجڪ لاءِ ادارا ڊهي اچي پٽ پيا
آهن. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به، چؤطرف پراڻا رينگٽ
ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. عورتن جا حق، جمهوريت جو آواز،
انسانيت جا حق، قومي تنظيمون، سياست جا نوان انداز
۽ سائنس جي ترقي وغيره، جيڪي بنا ڪنهن ٿنڀي
ٿوڻيءَ وَر وَر اچيو پٽ پون. وري بيساکي سان کين
کڻي بيهاري تماشبينن کي ڪٺو ڪيو ٿو وڃي ۽ پڳدار
ٿيڻ جا رتبا ماڻيا ٿا وڃن. نتيجي ۾ معاشرو
اونڌاهي کاهيءَ جو کاڄ ٿي قوم کي تباهه ڪري رهيو
آهي.
نور افروز خواجا
صحت لاءِ مناسب غذا
غذا جي چونڊ ڪرڻ ۾ گهڻي کان گهڻو توجهه ان ڳالهه
تي ڏنو وڃي ته اها بهتر صحت قائم رکي سگهي، ڇاڪاڻ
ته اڄ ڪلهه جي دنيا ۾ صحت هڪ اهڙو معيار آهي جنهن
سان اسان ماڻهن جي تهذيبي حيثيت جو خيال ڪريون ٿا
۽ هاڻي اهو ڄاڻڻ لڳا آهيون ته صحت هڪ اهڙي نعمت
آهي جيڪا هر ٻار جو پيدائشي حق آهي. هر ماءُ پيءُ
۽ معاشري جو فرض آهي ته هو پنهنجي حيثيت مطابق
ٻارن کي اهو حق ڏين. تنهن کانسواءِ هر فرد جو به
اهو فرض آهي ته هو پنهنجي صحت کي برقرار رکي، نه
فقط پنهنجي لاءِ پر سڄي معاشري لاءِ به.
صحتمنديءَ جو مطلب صرف بيمار نه ٿيڻ ئي نه آهي پر
جسماني ۽ ذهني تندرستي به آهي. جسماني ۽ ذهني
تندرستي کي نه فقط وڏي عمر سان ئي ماپيو وڃي ٿو،
پر انهيءَ جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي
ٿو ته هڪ ماڻهو ڪيتري عمر تائين بلڪل تندرست رهي
سگهي ٿو ۽ هن ۾ ٻڍاپڻ جون علامتون ڪيستائين ظاهر
نه ٿيون ٿين.
سٺي صحت جو مطلب هيءُ آهي ته هڪ فرد پنهنجي پوري
جسماني ۽ ذهني صلاحيتن کي استعمال ڪري سگهي؛ هو
جلدي ٿڪجي نه پوي ۽ پنهنجي زندگيءَ مان لطف اندوز
ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته صحتمند انسان ئي وڌيڪ مطمئن
زندگي گذاري سگهي ٿو ۽ زندگيءَ جي باري ۾ به هو
سٺو نظريو رکي ٿو، جنهن مان فائدو نه صرف هڪ فرد
کي پر پوري معاشري کي به پهچي ٿو. جنهن معاشري ۾
صحتمند ماڻهو نه هوندا اتي معاشي ۽ معاشرتي مسئلا
وڌيڪ پيدا ٿيندا. سٺي صحت، ڪم جي صلاحيت ۽
ڪاميابيءَ جو انحصار سٺي ۽ صحت بخش غذا تي آهي. ان
ڪري لفظ غذا
(Nutrition)
ٻن معنائن تي مشتمل آهي.
پهريون اهي سڀ ڪم آهن، جن جو تعلق جسم ۽ ان جي
عضون جي نشو و نما، تعمير ۽ صحت ۽ تندرستيءَ جي
برقراري سان آهي.
ٻيو جسم کي ضروري غذائي جزا پهچائڻ جو عمل آهي.
اسٽيئر (Stare)
۽ ڊيوڊسن
(Davidson)
سٺي غذا جي باري ۾ چيو آهي ته مناسب غذا مان مقصد
صرف اهو ڪونهي ته هڪ فرد کي سڀئي غذائي جزا حاصل
ٿين، پر مناسب غذا ان خوبيءَ تي به اهميت رکي ٿي
ته ان جا جزا آسانيءَ سان هضم ٿي وڃن. اُهي ضروري
غذائي جزا روزانه جي خوراڪ مان ئي ملن ٿا، جن ۾
پروٽين
Proteins سڻڀ
(Fat)،
ڪاروبو هائڊريٽ
(Carbohydrate)
نمڪيات، وٽئمنس (Vitamins)
۽ پاڻي شامل آهن.
هر غذائي جزي جي تجويز ڪيل مقدار، جسم جي گهٽ کان
گهٽ ضرورت کان وڌيڪ هئڻ گهرجي ته جيئن اهي نه صرف
اصل ضرورت پوري ڪري سگهن پر انهن جي ڪجهه مقدار جو
جسم ۾ ذخيرو به هجي، ته جيئن مختلف بيمارين کان
محفوظ رهي سگهجي ۽ انهن بيمارين جي دوران ڪنهن
غذائي جزي جي ڪميءَ کي پورو ڪري سگهجي. ان
کانسواءِ غذائي عادتون، انفرادي ذائقو ۽ معاشي
حالتن جي فرق کي به مدنظر رکڻ جي اها ڪنهن هڪ فرد
يا ڪن ماڻهن جي راءِ ڪانهي پر اهو رايو سالن جي
تحقيق جو نتيجو آهي.
مناسب غذائيت صحت لاءِ بيشڪ ضروري آهي پر ڪجهه ٻيا
به عمل صحت تي اثر انداز ٿين ٿا. مثال طور: ورثو،
بيماري، ماحول ۽ جذباتي پريشانيون وغيره. انهيءَ
ڪري اگر انهن مان ڪو هڪ عمل به موجود هوندو ته
بهترين غذا جي چونڊڻ سان به سٺي صحت برقرار نٿي
رکي سگهجي. انهن عملن جو، پاڻ ۾ تعلق جي اهميت جو
اندازو ڪندي، اڄ ڪلهه غذا جا ماهر صحت جي شعبي ۾
ٻين ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، پر اهو بهتر ٿيندو
ته هر فرد بذات خود پنهنجون غذائي عادتون تبديل
ڪري صحت کي بهتر بنائي.
”غذائي عادتن کي نه بدلائڻ تي اثرانداز ٿيڻ وارا
عمل.“
اهڙو عمل جيڪي غذا تي عادتن کي نه بدلائڻ تي اثر
انداز ٿي سگهن ٿا اهي هي آهن.
1.
تعصب ۽ جااهليت
2.
تهذيبي عادتون (Cultural
Habits)
3.
غذا جي باري ۾ غلط خيال ۽ غلط اشتهار
4.
اطمينان
5.
غربت
ٻار مختلف غذائن جي باري ۾ ماءُ، پيءُ ۽ دوستن جي
خيالن يا ذاتي تجربن جي بنياد تي ڪجهه نظريا قائم
ڪندو آهي، جيڪي وڏي عمر تائين ڪافي پختا ٿي ويندا
آهن.ا نهن نظرين کي صرف ان وقت تبديل ڪري سگهجي ٿو
جڏهن ٻار کي اها تعليم ڏني وڃي ته بهتر غذا جي
چونڊ ڪرڻ ۾ ڪن غذائن کي روزانه کاڌي ۾ شامل ڪرڻ
سان صحت تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. اها تعليم ان وقت
اڃا به ضروري ٿي پوي ٿي جڏهن انهن نظرين ۽ خيالن
جو بنياد مذهبي ۽ تهذيبي روايتن تي هجي ان
کانسواءِ پسنديده غذائن جي وڌيڪ مقدار ۽ نين غذائن
جي گهٽ مقدار مان به جيڪي ڪنهن پسنديده طريقي سان
پچايون وئيون هجن تن سان ٻارن جي انهن عادتن کي
بدلائي سگهجي ٿو.
غلط قسم جا اشتهار جيڪي تجارتي مقصد سان شايع ڪيا
وڃن ٿا ۽ غذائن جي باري ۾ غلط فهمين سان به ماڻهو
غير متوازن غذا استعمال ڪن ٿا. جڏهن جن شين جي
اشتهار ۾ تمام گهڻي تعريف ڪئي ويندي آهي. ته ڪي
ماڻهو انهن جو واهپو وڌيڪ ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح
انهن جي خوراڪ ۾ ٻيون اهم غذائون گهڻي مقدار ۾
گهٽجي وينديون آهن.
ڪنهن به ماڻهوءَ جي غذا جي عادت کي ان وقت بدلائڻ
تمام گهڻو ڏکيو آهي، جڏهن هو پنهنجي خوراڪ ۽ صحت
مان بلڪل مطمئن هوندو آهي. اُن جي تبديلي صرف ان
وقت ڪري سگهجي ٿي جڏهن هن کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط
جسم جي خواهش هجي.
گهٽ آمدني وارا ماڻهو ناڻي جي ڪميءَ جي ڪري اهم
تحفظي غذا
(Protective)خريد
نٿا ڪري سگهن. تنهن ڪري ضروري آهي ته اهڙن ماڻهن
کي سندن آمدني مطابق وڌ ۾ وڌ غذائيت حاصل ڪرڻ جي
ترغيب ڏني وڃي ۽ انهن تحفطي غذائن کي خوراڪ ۾
شامل ڪرڻ جي اهميت جو احساس ڏياريو وڃي. انهيءَ
سلسلي ۾ بروزڪ
(Brozek)جو
چوڻ آهي ته:
”غذا چونڊڻ ۾ ان وقت به تبديلي آڻي سگهجي ٿي جڏهن
ماڻهن جي اڳيان ڪو وڏي عرصي جو مقصد رکيو وڃي،
مثلاً جيڪڏهن نوجوانن کي اهو ٻڌايو وڃي ته سٺي صحت
سان انهن جو رنگ ۽ روپ نکرندو ۽ جسم خوبصورت ۽
ڊولائتو لڳندو ته پوءِ هو انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ
لاءِ پنهنجون غذائي عادتون بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا.
تنهن کان سواءِ مائرن کي نه فقط پنهنجي غذا، پر
پوري خاندان جي ڀاتين لاءِ اهڙي غذا کي پسند ڪرڻ
گهرجي جيڪا انهن جي نشو و نما ۾ مدد ڏي. ڪي
مائرون وري پاڻ کي سنهون رکڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي
خوراڪ کائينديون آهن ۽ اهو ئي کاڌو ٻارن کي به
کائڻ لاءِ زور ڀرينديون آهن، جيڪا ٻارن جي نشو و
نما، تعمير ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو.
جيڪڏهن غذائيت جي اهميت جي صحيح طريقي سان سمجهاڻي
ڏني وڃي ۽ ماڻهن کي ان جي واقفيت جو احساس ڏياريو
وڃي ته غذائي عادتون بدلائڻ، انهن جي لاءِ ڪيتري
قدر فائديمند آهي ته پوءِ ڪو سبب ئي ڪونهي جو
ننڍپڻ جي نامناسب عادتن کي بدلائي نه سگهجي.
اسان جڏهن انهن ٻنهي صورتن جي پاڻ ۾ ڀيٽ
ڪريون
ٿا ته انسان غير جي ڌرتيءَ تي ”بي گهر“ ٿي
رهي ته انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته پنهنجي
وطن ۾ ”بي گهرائي“ ڏاڍي وحشتناڪ هوندي آهي.
جلاوطنيءَ
جي اذيت، خواهشون، تمنائون۽ واپسيءَ
جي ڏينهن جو انتظار اهي اهڙيون ڳالهيون آهن
جن جو ڪو سبب ۽ ڪارڻ هوندو آهي، پر توهان
پنهنجي ئي وطن ۾ ”بي گهر“ بنجي رهو، انهيءَ جو ڪو ڪارڻ ۽ منطق
سمجهه ۾ نه ٿو اچي!- پوءِ
جڏهن انسان جي ڄمار وڌندي ويندي آهي ته انهيءَ
گهٽ
جي ڪيفيت کان ٻاهر ايندو آهي. ان وقت
محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجي وطن ۾ اسان جي
وجود جو ڀل اهو ڪنهن به حالت ۾ هجي ڪارڻ
آهي. ان وقت انسان جي زندگيءَ ۾ چئلينچ جو
عنصر داخل ٿيندو آهي، شعور ڪر موڙي اٿندو آهي ۽
مسئلن جي حل تلاش ڪرڻ جي لگن پيدا
ٿيندي آهي.
محمود درويش
-
فلسطيني شاعر
مونا سومرو
(اکين جي ورزش)
جهڙي سونهن سندياس
اکيون اسان جي جسم جو نهايت اهم ۽ خوبصورت حصو
آهن. جيڪڏهن انهن جي صحيح طرح سان حفاظت نه
ڪنداسين ته هن خوبصورت دنيا کي ڏسنداسين ڪيئن؟
اکين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اکين جون شڪايتون
ورزش ڪرڻ سان ختم ٿي سگهن ٿيون ۽ اهو ڪو مشڪل ڪم
نه آهي، بس ٿوري توجهه ڏيڻ سان اوهان پنهنجي اکين
جي قدرتي چمڪ برقرار رکي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان
اکين جو مسلسل ڪم ڪندي اکين اڳيان اوندهه محسوس
ڪريو ته اهو ڪم ڇڏي، اٺ، ڏهه دفعا اکيون ڇنڀيو.
اها مشق هڪ منٽ ڪريو ۽ هن مشق ذريعي نه صرف اکين
جي صفائي ۾ مدد ملي ٿي. پر اکين، جي پنبڻين کي
آرام ملي ٿو. هيءَ مشق خون جي روانيءَ کي به نارمل
رکي ٿي.
هڪ ٻيو طريقو: ڇپرن کي ڇنڀڻ بنان (بغير) اکين کي
هيٺ مٿي ڪريو. ائين صرف ٽي دفعا ڪريو، پر ڪنهن
روشنيءَ واري جڳهه تي ويهي. ڇپرن کي ڇنڀڻ
کانسواءِ اکين کي گول ڦيرايو، اهو صرف ٻه يا ٽي
سيڪنڊ ڪريو.
ٻنهي اکين کي نڪ جي چهنب تي توجهه سان بيهاريو ۽
ڇپر نه ڇنڀيو. هيءَ مشق به ٽي سيڪنڊ ڪريو.
جڏهن اوهان مسلسل ڪم ڪندي اکين کي ٿڪل محسوس ڪريو،
ته ٻنهي هٿن جون تريون پنهنجي اکين تي رکو ۽
اکيون بند ڪريو ۽ ڪجهه دير ائين رهڻ ڏيو. پوءِ
تريون هٽائي اکيون کوليو. ائين ڪرڻ سان به اکين کي
آرام اچي ويندو.
ڪنهن وقت هڪ نقطي يا هڪ شي کي ٿوري دير لاءِ بغير
اکين ڇنڀڻ جي ڏسنديون رهو ۽ پوءِ ٻئي نقطي تي نظر
ڄمايو. هيءَ ورزش ڏينهن جو ڪنهن به وقت ڪري سگهو
ٿا.
مطالعي دوران هڪ وقت ۾ صرف هڪ لفظ تي نظر ڄمائي ان
کي ئي پڙهو. جيئن ته اسان تڪڙ ۾ هڪ نظر ۾ پوري سٽ
کي اکين جي وڪڙ ۾ آڻيندا آهيون. ائين ڪرڻ سان
اکين کي تمام گهڻو نقصان پهچندو. ان جي ابتڙ هڪ
وقت ۾ صرف هڪ ئي اکر تي نظرون ڄمائڻ سان نظر تيز
ٿئي ٿي.
فرش تي اوڪڙو ويهي هڪ نوڪدار پينسل هٿ ۾ کڻي ٻانهن
ڦهلايو ۽ نظر کي ان جي چهنب تي ڄمايو. پوءِ
آهستي آهستي منهن جي ڀرسان آڻيو. ايستائين جو
نظر ڌنڌلائجي ۽ پينسل صاف نظر نه اچي. هاڻي آهستي
آهستي هٿ سڌو ڪري واپس پهرين پوزيشن ۾ آڻيو. هيءَ
ورزش هڪ ڏينهن ۾ چار دفعا ڪريو.
هڪ هفتي ۾ نظر جي ڪمزوري ختم ٿي ويندي ۽ نظر تيز
ٿي ويندي.
نظر جي روشنيءَ لاءِ وهندڙ پاڻيءَ جو نظارو، ڪنهن
آبشار يا لان ۾ ڇڻڪار ڪرڻ واري مشين جو نظارو،
سائي ڇٻر باغ ۽ گل ٻوٽن کي ڏسڻ ۾ تمام فائديمند
آهي.
سروي ڪندڙ روشن گرگيز
سروي رپورٽ
ٻهراڙي جي عورت
ٿر پارڪر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”دوست محمد اوٺو“
جي عورتن کان سندن زندگي جي مصروفين ۽ مسئلن متعلق
راءِ معلوم ڪئي وئي آهي. سروي دوران پڇيل سوال:
1- هن ڳوٺ جو ماحول ڪيئن ٿو لڳي؟
2- اوهان عورتن کي ڪهڙا اهم مسئلا در پيش آهن؟
3- جيئن ته ٻهراڙيءَ جي ڇوڪرين کي تعليم کان محروم
ڪيو ويو آهي اوهان جي نظر ۾ هن مسئلي جو ڪهڙو حل
آهي؟
4- اهڙو ڪو طريقو اوهان جي خيال ۾ آهي، جنهن سان
ٻهراڙيءَ جي عورت پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهي؟
5- هن پسمانده ڳوٺ جي عورت کي ڪهڙا حق پلئه پيا
آهن؟
6- اڪثر چيو وڃي ٿو ته ٻهراڙيءَ جي عورت ريتن
رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ گهر جي چوديواريءَ ۾ قيد
رهي ٿي ته اوهان ڪهڙي راءِ ڏينديون؟ کيس ڪيتري
آزادي ملڻ گهرجي؟
7- ٻهراڙيءَ جي ڇوڪرين جي جهڙيءَ ريت شادي ٿئي ٿي
ان مان اوهان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
8-ٻهراڙيءَ جا ڪيترائي مرد/ ڇوڪرا تعليم يافته
هئڻ جي باوجود پنهنجي ڀينرن/ ڌيئرن جي تعليم ڏانهن
ڪوبه ڌيان نه ٿا ڏين، ان جو سبب ڇا آهي؟
9-ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ڪيئن اڳتي آڻي سگهجي ٿو؟
10-گهر جي ڪم ڪار کانسواءِ ٻي ڪهڙي مشغولي اٿو؟
11-هنر مند عورتن کي ڪيئن منظر عام تي آڻجي؟
12-اوهان جي نظر ۾ عورتن لاءِ تعليم ڪيتري ضروري
آهي؟
13-سنڌي عورتن لاءِ ڪو پيغام؟
*مهناز خاصخيلي:
1-اسان جي ڳوٺ جو ماحول نه گهڻو سڌريل آهي ۽ نه
گهڻو پوئتي پيل آهي.
2- هڪ ٻه هجي ته ٻڌائجي.
3-گورنمينٽ ٻهراڙين جي عورتن کي تعليم ڏيڻ جو
بندوبست ڪري.
4-نه.
5-صرف انگ ڍڪڻ ۽ پيٽ ڀرڻ.
6-پوري پني.
7-بس ٿورو گهڻو مطمئن آهيان.
8-اهو سوال اسان جي مردن کان پڇيو وڃي.
9-جيڪي ڇوڪريون پڙهن ٿيون، اهي ڪوشش ڪن ته ڪجهه ٿي
سگهي ٿو.
10-کيتي ٻاري ۾ مائٽن سان هٿ ونڊائڻ گج، اڳٺ ۽
سڳيون وغيره ٺاهڻ.
11-اسان وٽ ته هنر کي اڳتي آڻڻ جو ڪوبه رستو
ڪونهي.
12-جيتري هو پرائي سگهن، نه ته به اڻ پڙهيل هجڻ
کان ٿوري گهڻي تعليم ضروري آهي.
13-تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن.
*پوڙهي مرڙاڻي
1- جهالت وارو ته آهي، پر هاڻي ٺهي ويا آهيون، ٺيڪ
ٿو لڳي!
2-مسئلا ته گهڻا آهن، پر اهم مسئلو تعليم نه هئڻ
جو آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ نه اسڪول آهن، جو ڇوڪريون
پڙهي سگهن نه ئي کين پڙهائڻ جي وري مائٽن ۾ سوچ
آهي.
3-پهرين ته انهن مردن کي رستي لائجي جيئن اهي
نياڻين جي تعليم ڏانهن ڌيان ڏين.
4-اسان وٽ ته اهڙو ڪوبه طريقو ڪونهي.
5-جيئڻ نه جيئڻ جهڙو، پر حياتي جا ڏينهن مڙئي
پورا ڪرڻ جو حق آهي.
6-گهٽ ۾ گهٽ هن کي تعليم پرائڻ جي آزادي هئڻ
گهرجي.
7-ڪن سان مطمئن آهيان، ڪٿي ناهيان.
8-بلڪل ائين به ڪونهي، ڪي ڪوشش ڪن پيا باقي ڪن جي
ذهنيت ئي اهڙي آهي جو انهيءَ مسئلي لاءِ سوچين ئي
ڪونه ٿا.
9- چند فردن کانسواءِ هن ڳوٺ جي مردن ۾ به ڪو خاص
شعور ڪونهي ۽ جيستائين انهن ۾ شعور ناهي،
تيستائين هو عورتن کي اهڙو موقعو ڪيئن ڏيندا، جو
اهي اڳتي اچي سگهن.
10-ڀرت ٽوپو وغيره.
11-پڙهن، ته چڱو آهي.
12-هتي ته عورتون اڪثر مردن سان گڏ کيتي ٻاري ۾
هٿ وندائين ٿيون. تنهن ڪري کين ايترو وقت ئي نه ٿو
ملين جو پنهنجي هنر کي ٻاهر آڻي سگهن.
13-پنهنجي مخلص تعليم يافته ڀائرن جي مدد سان
پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين.
*ملوڪان:
1-خاص سٺو نه ٿو لڳي.
2-تقريباً هر مسئلو کيس درپيش آهي.
3-ٻهراڙين جي مردن کي تعليم جي فائدن کان واقف
ڪجي.
4-ٻهراڙي جي عورت وٽ ڪو خاص چارو ڪونهي.
5-ڪجهه به نه پلئه پوڻ جي برابر.
6-ايتري آزادي ملڻ گهرجي، جو هوءَ پنهنجي صلاحيتن
کي استعمال ڪري سگهي.
7-گهڻو ڪري مطمئن نه آهيان.
8-نئين ٽهيءَ جا ئي ڇوڪرا پڙهيا آهن، اهي پنهنجي
ڌيئرن لاءِ ضرور تعليم جو بندوبست ڪندا.
9- اهو ته تعليم سان ممڪن ٿي سگهي ٿو.
10-رليون ٺاهڻ، گج ڀرڻ وغيره.
11-عورتن کي ته ايتري آزادي ڪانهي، باقي سندن مرد
ئي ڪوشش ڪن، جن جون عورتون هٿ جا چڱا هنر ڄاڻن
ٿيون.
12-تعليم تمام ضروري آهي، ان کانسواءِ هو ڪجهه نه
ٿي ڪري سگهي.
13-جهالت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
*خديجه خاصخيلي
1-ٺيڪ آهي.
2-جيڪي مسئلا چئجن، اهي هتي جي عورت لاءِ آهن ئي
آهن.
3-پڙهيل/ لکيل نوجوان ئي ان جو حل ڳولي سگهن ٿا.
4-چارا ته آهن پر ان تي پهچڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي.
5-علم کان محروم آهي، باقي ٻيو ڪو ناحق نه اٿس.
6-ڪجهه نه ڪجهه ته آزادي هئڻ گهرجيس.
7-آئون مطمئن هجان نه هجان، پر سندن مائٽ مطمئن
هوندا آهن.
8-اهي تعليم پرائڻ جي باوجود به پراڻيون رسمون،
رواج ڇڏي نه ٿا سگهن.
9-تعليم سان.
10-کيتي ٻاري جي ڪم سان واند ڪائي ملندي آهي ته
اڳٺ ۽ سڳيون ٺاهيندي آهيان.
11-جيڪي به عورتون هٿ جا هنر ڄاڻن ٿيون، انهن کي
پهرين ته ڪوشش ڪري وقت وڌيڪ ڏيڻ گهرجي جيئن هو
سئي ڀرت وغيره سٺو ڪري سگهن، پوءِ ٻيو ڪجهه ڪجي.
12-هن دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ضرورت تعليم جي آهي.
13-تعليم ڏانهن ڌيان ڏين.
*گيلان:
1-سٺو آهي.
2-مسئلا ته آهن پر اهڙا خاص نه.
3-سندن مائٽ نه پڙهائيندا ته ٻيو ڪير ڇا ٿو ڪري
سگهي.
4-منهنجي سمجهه ۾ ته ڪونهي.
5-ڳوٺاڻين عورتن کي جيڪي حق ملن ٿا، اهي مليا
آهن.
6-انهيءَ تي مون سوچيو ئي ڪونهي.
7-مان ته مطمئن آهيان.
8-سبب ته ڪو به ڪونهي باقي ڇوڪرين پڙهائڻ جو رواج
ئي هتي ڪونهي.
9-مون کي اهڙو ماحول يا موقعو نه مليو آهي، جو
اوهان کي راءِ ڏئي سگهان.
10-سئي ڌاڳي جي ڪم کانسواءِ ٻيا پورهيا وغيره.
11-اوهان ئي سوچيو.
12-پڙهن ته واه. نه ته پيٽ ته پيو پلبو.
13-ڪوشش ڪري تعليم سان گڏ هنر ڏانهن به توجهه
ڏين.
*آمنت:
1-سٺو ٿو لڳي.
2-ڪو خاص مسئلو ڪونهي.
3-حل به اهوئي آهي، پر جي نه ٿا پڙهائين ته ڇا
ڪجي.
4-پاڻ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي.
5-گهڻو ڪجهه مليو اٿس.
6-جيتري آزادي ملي اٿس، منهنجي خيال ۾ اها ڪافي
آهي.
7-سٺي نموني ٿئي ٿي.
8-اهي پاڻ ئي لاچار پڙهيا آهن.
9-جيڪا سمجهه الله ڏني هوندن ٻيو ڪير ڇا ڪندو.
10-ڀرت، رليون وغيره ٺاهڻ.
11-مون ته ڪڏهن سوچيو ئي ڪونهي.
12-ٻهراڙيءَ جون عورتون پڙهن ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.
13-پنهنجو گهر هلائين سٺي نموني.
*وسندي:
1-مڙئي چڱو آهي.
2-ڳڻپ کان مٿي آهن ۽ سڀئي اهم آهن.
3-اوهين جيڪي تعليم يافته نوجوان ڇوڪرا / ڇوڪريون
آهيو اهي ڳوٺاڻن کي عورتن جي تعليم جي اهميت کان
واقف ڪرايو جيئن انهن ۾ ڇوڪرين کي پڙهائڻ جو شوق
پيدا ٿئي ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول کولرائڻ لاءِ حڪومت
کي زور ڀريو وڃي.
4-جيسين تعليم نه پرائينديون، تيسين پنهنجا مسئلا
پاڻ حل ڪري نه سگهنديون. تعليم وڏي سگهه آهي.
5-بس، مڙئي ويچاري جيئي پئي.
6-تعليم پرائڻ جي ته آزادي هئڻ گهرجي.
7-نه، مطمئن ناهيان.
8-پڙهيا آهن، پر حالتن کي پوري طرح سمجهيا ناهن.
9-تعليم ڏيارڻ سان.
10-ڳوٺ جي اسپتال ۾ نوڪري ڪندي آهيان، ان کانسواءِ
ڀرڻ سبڻ به ڪندي آهيان.
11-اهو ڪم ڳوٺ جي سلجهيل ماڻهن جو آهي.
12-سڀ کان ضروري تعليم ئي آهي.
13-ڪجهه گهرجي چوديواري کان ٻاهر اچن، قوم جي
خدمت ڪن، پنهنجي صلاحيتن کي محنت ۽ سچائي سان
استعمال ڪن.
*ولايت سنڌي:
1-چڱو نه ٿو لڳي.
2-جهالت کان وڌيڪ اهم ٻيا ڪهڙا مسئلا ٿي سگهن ٿا.
3-انهيءَ سلسلي ۾ اسان جا تعليم يافته ڀائر/
ڀينرون اڳتي وڌي سماج جي ڪوڙين رسمن خلاف ڪوشش ڪن.
گهٽ ۾ گهٽ جيڪي اسان جا تعليم يافته ڀائر آهن،
اهي گهر ۾ پنهنجي ڀينرن کي پڙهائين، انهن کي
همٿائين ته آهستي آهستي اهي ريتون رسمون پاڻهي
ختم ٿي وينديون.
4-صرف آزاد ماحول ۾ تعليم پرائڻ کانپوءِ ئي پنهنجا
مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.
5-منهنجي خيال ۾ ته ڪوبه حق پلئه نه پيو اٿس.
6-ايتري ته آزادي هجيس، جو هو پنهنجيون علمي ادبي
۽ سماجي صلاحيتون مڃرائي سگهي.
7-بلڪل مطمئن ناهيان. شادي ٿورو ئي ٿئي ٿي، ڍور
ڍڳي وانگر وڪرو ٿئي ٿي.
8-انهن پڙهيو آهي، پر پروڙيو نه آهي. ان کانسواءِ
ڇوڪريون جيڪي تعليم يافته آهن، اهي به گهڻيون
اهڙيون آهن، جو عورتن جي مسئلن لاءِ ذرو به ڌيان
نه ٿيون ڏين. انهن جي پڙهڻ جو مقصد ئي ٿڌي ڇانوَ ۾
نوڪري ڪرڻ آ، باقي معاشري کي سنوارڻ لاءِ سوچين ئي
ڪونه، نه ته هنن کي اهڙيون تنظيمون جوڙڻ گهرجن،
جن جي مدد سان ٻهراڙيءَ جي عورت کي جهالت مان ڪڍي
سگهجي.
9- ٻهراڙيءَ ۾ اهڙيون تنظيمون جوڙجن، جن جي سهڪار
سان عورتن لاءِ مختلف ڪانفرنسون ۽ تقريبون منعقد
ڪجن ۽ سندن رجحان تعليم ڏانهن موڙجي.
10-اسڪول ۾ پڙهندي آهيان ۽ شام جو اسڪول جو ڪم
مڪمل ڪري پوءِ رليون ٺاهڻ، گج ڀرڻ مطلب ته ڀرت
ٽوپي جو ڪم سکندي آهيان.
11-ٻهراڙين ۾ هٿ جي هنر جي سکيا جا سينٽر کوليا
وڃن. سٺين هٿرادو هنر جي شين کي ٻاهر آڻڻ لاءِ
نمائشون رکيون وڃن ۽ سٺو هنر ڄاڻندڙ عورتن جي همت
افزائي لاءِ انعام وغيره ڏنا وڃن.
12-عورتن لاءِ تعليم تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته
تعليم کانسواءِ عورت توڙي مرد ڪنهن به ميدان ۾
اڳتي نڪري نه ٿا سگهن.
13-سڀ کان وڌيڪ تعليم پرائڻ ڏانهن ڌيان ڏين ۽
جيڪي تعليم يافته ڀينرون آهن، اهي اڳتي اچن ۽ هن
جهالت جي انڌيري ۾ علم جي جوت جلائن، آئون به هن
ٻهراڙيءَ جي پسمانده ڳوٺ جي ڇوڪري آهيان، پر تعليم
پرايان پئي. اهڙي نموني ڪوشش ڪري ٻيون به پڙهي
ٿيون سگهن. جيڪڏهن اسان سڀئي تعليم يافته ڀينرون /
ڀائر گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي
ٿو، ”زندگيءَ جو مقصد“ صرف پاڻ لاءِ جيئڻ نه پر
ٻين لاءِ جيئڻ آهي.
*ضراب حيدر
ڊائري جا ورق
اوچنڊ
اوچنڊ! لڪاءِ اهو پنهنجو ڪوجهو ۽ داغيل چهرو مون
کي هاڻ تون بنهه ڪونه ٿو وڻين. مان راتين جا
اوسيئڙا ڪندي، تنهنجو چهرو ڏسي ڏسي بيزار ٿي پيو
هان- تون ڇا منهنجي واٽن ۾ روشني ڪندين؟ منهنجي
واٽن ۾ روشني ڪوبه ڪري نه سگهندو. اندر جو ڏيئو
ٻاريو هوم، سو به وسامي ويو.
او چنڊ، چڱو اٿئي ته اولهه ۾ غوطو کائي، هميشه
هميشه لاءِ ٻڏي مري وڃ، مون کي تنهنجي اِها ڪوڙي ۽
اپاهج چانڊوڪي نه گهرجي، جيڪا تو پاڻ پني ورتي
آهي.
شفاف چهرا
هي چهرا جيڪي هر روز منهنجي اردگرد رهندا آهن. سي
ڪيڏا نه پيارا ۽ شفاف آهن...... پر مون جڏهن به
کين پرکيو آهي، اُهي ڪوئلي جهڙا ڪارا ۽ ڪاربان
(Carbon)
جيان چار ويلنسيون رکندڙ آهن. تو ڪين سوچيو هوندو.
هو ڏس! اڪيلو ۽ ويڳاڻو انسان، ڪيڏيون نه مجبوريون
ساڻ ڪري هليو آ- شايد سندس زندگيءَ ۾ ننڊ به
ڪونهي. ڇا تو اُن جي اندر ۾ ليئو پائي ڏٺو آهي؟
پنهنجن ۽ پرائن لاءِ سندس اندر ۾ ڪيڏيون محبتون
آهن، سندس اميدن ۽ خواهشن جو ڪاٿو ڪري نه سگهندين،
جي من ۾ مري ويون اٿس. پوءِ به ڏس ته ڪيڏي زنده
دليءَ سان جيئرو وتي، ڀٽڪندو وتي، رلندو وتي،
ٿاٻڙندو وتي..... ڇا لاءِ .....؟ توڪين سوچيو
هوندو-!
*تسليم منگي
منهنجي (آتما) ۾، درد جون هزارين آتمائون، روئين
رڙين ٿيون سندن هٿن ۾، سپنن جاخالي دٻا آهن، جن کي
يا ته ٽڪي پيسي وڪڻي سگهجي ٿو يا فقط ساڙي سگهجي
ٿو- تون ته ٻڌاءِ- جڏهن توکي پنهنجي وجود مان وقت
جا رانڀاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ تنهنجون حسين خواهشون
به ازل کان يتيميءَ جو ڦاٽل وڳو پهريل آهن، جن جي
سبڻ لاءِ درد جا ڌاڳا پورا ئي نه ٿا پون. توکي ڄاڻ
آ ته، پيڙا جي هڪ منزل اهڙي به هوندي آ، جڏهن سڀ
ڪجهه بي جان لڳندو آ، هزارين، بي جان شين وانگي، ۽
درد فقط وهندو رهندو آ، وهندو رهندو آ، وقت جي
درياءَ ۾- پهاڙن تان ڪرندڙ پاڻيءَ وانگي- تڏهن
وجود درد جي هڪ اڻ ڄاتل چادر پائي سمهي پوندو آ-
شايد هميشه ڪاڻ ۽ تڏهن رهجي ويندو آ، هر منٽ ۾ 72
دفعا ڌڙڪندڙ دل ۾ من ۾ هڪ مشيني انسان- هر احساس
کان بي خبر، پيڙا جو وجود، سندس وجود هوندو آ.
*شاهزيب
ناري نماڻي
تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هي ڪهڙا فاصلا آهن؟ هي
ڪهڙيون قربتون آهن؟ جيڪي اسان کي پنهنجي ڳالهه هڪ
ٻئي سان ڪرڻ نه ٿيون ڏين.
نه هي فاصلا نه آهن. هي قربتون نه آهن، تون سڀ
ڪجهه چئي سگهين ٿو. سڀ ڪجهه ڪري سگهين ٿو. پر تون
بزدل آهين تو ۾ همت نه آهي يا..... يا وري توکي
مون سان محبت نه آهي ها!! ائين ئي هوندو، تڏهن ته
تنهنجي دل منهنجي دل جيان نه ٿي ڌڙڪي، تڏهن ته
تون منهنجي دل جي گهرائين کي محسوس نه ٿو ڪرين
پر ٻڌ..... ڪنهن کي ايتري اذيت نه ڏيندو ڪر جو هن
جي دل مان سواءِ بددعا جي ٻيو ڪجهه به نه نڪري، پر
آئون ته توکي بددعا به نه ٿي ڏيئي سگهان، ڇو جو
مون کي توسان محبت آهي.
محبت...... اهو لفظ منهنجي اڳيان ڏاڍو بي معنيٰ ۽
کوکلو آهي. محبت..... اهو لفظ ڏاڍو اذيت ناڪ آهي
پر آهي ڏاڍو مٺو ۽ سوز ڀريو، انهيءَ لفظ جي بغير
دنيا ۾ ڪير به نه ٿو هلي سگهي. مان ان لفظ کان
آشنا ته نه آهيان. پر ان جي گهرائي محسوس ڪري
سگهان ٿي.
جيان ڪمزور ۽ بي حس اهين جيڪي وحشين وانگر پنهنجي
دل جي تسڪين چاهين ٿا ۽ بس!! تون انهن مردن وانگر
آهين جيڪي بظاهر ته ڏاڍا مضبوط ۽ بهادر نظر ايندا
آهن پر انهن جو اندر ڪمزور ۽ ويران هوندو آهي انهن
وٽ عورت کي ڏيڻ لاءِ سواءِ ڏک ۽ اذيت جي ٻيو ڪجهه
به نه هوندو آهي.
تون به انهن مردن مان آهين جيڪي عورت کي سپنن جي
صليب تي چاڙهي کيس هميشه لاءِ جدائيءَ جو ناسور
ڏيئي هن جي جيون جو منور اجاڙي گهرا زخم ڏيئي هن
کي هُن جي ڪمزوري جا مهڻا ڏيندا آهن.
ڇو؟؟ اسين آهيون ته هڪ ئي آدم جي اولاد پوءِ ڇو
تون پنهنجو پاڻ کي ايترو بلند آسمان جي تارن جيان
سمجهندو آهين ۽ آئون تنهنجي نظر ۾ ڌرتيءَ جي ڌوڙ
آهيان.
تون آزاد پکيءَ جيان هوائن ۾ اُڏامندو آهين ۽ مون
کي حَوَسَ جي نظرن ۾ قابو ڪري منهنجي من کي ڪومايل
ڪنول جيان درياءَ جي موج جي مستيءَ تي اڪيلو ڇڏي
ٿو ڏين.
شايد ان لاءِ جو تون مرد آهين ۽ آئون هڪ ناري
نماڻي ۽ ڪمزور عورت.
*ثريا مصراڻي
پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪير به
ڪونهي.....!!!
دل دکي ٿيڻ تي ٻين کي ڏوهه ڏيندا آهيون، اسان
سمجهندا آهيون، ته اسان سڀني لاءِ سٺو ٿا سوچيون
جي ائين آهي، ته پاڻ لاءِ سٺا ڇو نه ٿا ٿيون؟ |