سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :8

ڪو سڏ پيو ڪريم! جج صاحب آهي. وڪيل صاحب آيو هوندو. منهنجو صاحب ساڻس ڪي ڳالهيون ڀُڻڪندو، ۽ پوءِ کيس ڪاغذن جو مُچو کڻي ڏيندو، جيڪو اڄ ڪورٽ مان موٽندي ساڻ کڻي آيو هو. اهو پوڙهو وڪيل گهڻو ڪري ڏهاڙي ايندو آهي. روز کيس ڪاغذن جو مُچو آهي. ٻئي ئي ڏينهن تي هو اهي ڪاغذ موٽائي موڪليندو آهي، ۽ صاحب اهي ڪاغذ کڻي آفيس هليو ويندو آهي. تنهن ڏينهن وڪيل صاحب جو نوڪر چئي رهيو هو: ”تنهنجي صاحب کي اچي ڇا ٿو؟ بس، پِي ڄاڻي، عشق ڪري، ۽ رشوت وٺي ڄاڻي! ڪيسن جا فيصلا به روز منهنجو صاحب لکي ڏيندو اٿس!“ اُن مهل منهنجيءَ دل چيو هو ته وڪيل صاحب جي هن نوڪر کي نڙيءَ کان جهلي، رڌڻي جي دريءَ مان ٻاهر اُڇلائي ڇڏيان..... ۽ گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ مون کي خيال آيو ته جج صاحب جي ڪورٽ ۾ وڃي، کيس ڪرسيءَ تان کڻي ڪورٽ کان ٻاهر اُڇلائي ڇڏيان!

... مان جتين کي پالش ويٺو ڪريان. هي ننڍڙا ننڍڙا بوٽ، صاحب جي پٽ جا آهن. منهنجو هيءُ ننڍڙو صاحب ڪڏهين ڪڏهين مون کي چوندو آهي: ”هيءَ ممي اسان کي ته جلدي سمهڻ ۽ جلدي اُٿڻ لاءِ چوندي آهي، پر پاڻ ڇو منجھند تائين اُبتي سُبتي پيئي هوندي آهي؟“ آءٌ سوچيندو هوس، منهنجي صاحب پنهنجي هن پٽ کي الائي ڇو ايترو پيار نٿي ڪيو، جيترو پيار منهنجو بابا مون کي ڪندو هو؟

هت به منهنجي اها خواهش پوري نه ٿي آهي، جيڪا الائجي ڪڏهين کان منهنجي من ۾ ڪر موڙيندي رهي آهي. دل ٿي چويم ته پاڙي واريءَ مسيت ۾ وڃي اَجهو ڳوليان- شايد الله جي گهر ۾ منهنجي بيقرار روح کي ڪو سُڪون نصيب ٿئي!

اجها، هيءَ اُها پاڙي واري مسيت آهي.

 جج صاحب وٽان نوڪري ڇڏي، مان هاڻي هتي اچي رهيو آهيان. هتي منهنجو ڪم مسجد جي امام ۽ امام صاحب جي يتيمن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ آهي. اهي يتيم، مون وانگر، ٽولين ۾ چندو پنڻ نڪرندا آهن. اسين هڪ نه ٻئي ڏينهن اما صاحب کي ويهارو ٽيهارو رپيا گڏ ڪري آڻي ڏيندا آهيون. امام صاحب مون کي، ٻين کان لِڪائي، آڌيو- رپيو خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي. پنهنجيءَ ڪيس ڏنل سڻڀيءَ ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندي، چوندو اٿم: ”شابش! شابش!“ ۽ مان ان ’شابش‘ جي مطلب تي ڪنڌ ڌوڻي، انهن پيسن مان وڃي ڪا فلم ڏسي ايندو آهيان. امام صاحب بعضي بعضي چوندو اٿم: ”پٽ، تون جلدي ڪلام الله شريف پورو ڪري وٺين ته توکي هن مسجد جو نائب امام بڻائي ڇڏيان- پوءِ تون پنهنجي دين جي خدمت ڪري، الله تبارڪ وتعاليٰ ۽ حضور جن (صديقي وڃان سندن مبارڪ نالي تان) کي خوش ڪري سگهندين.“ الائي ڇو، منهنجي دل امام صاحب جي ڳالهه کي نٿي مڃي. الائجي ڇو، مون کي هت به مزو ڪين ٿو اچي. روح کي اها راحت نصيب ڪانه آهي، جنهن لاءِ ورهين کان واجهائيندو رهيو آهيان. هر خدا جو گهر آهي، روحاني سڪون جو مرڪز، پر منهنجي روح کي هت حقيقي سک ڪونهي. مون کي ته ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هر هنڌ دولاب جو مهاڄار وڇايو پيو آهي، دغا ۽ فريب جي بازار گرم آهي: يتيمن جي نالي تي چندو گڏ ٿئي ٿو، انهيءَ چندي مان مسجد جو امام سُريتون ٿو پالي، ۽ مان کيل ٿو ڏسان- دل ٿي چويم ته هتان ڀڄي وڃي استاد منگوءَ وٽ رهان. ڪيڏو نه پيارو ماڻهو آهي! سندس ڳالهين ۾ ڪيتري ڪوڙ ۽ گستاخيءَ هوندي به ڪيڏي نه سچائي هوندي آهي!

اِجهو، مان هن اڇن لٽن پهريل ٻڍي کي پيو چوان: ”سائين منهنجا! هوءَ ڇيڙي واري سڏيئي ٿي. ڀوتارَ، واه جو مال اٿئي- ليئو ته پائي ڏس!“ تاريخي شهر لاهور جو هيءُ حصو ’هيرامَنڊي‘ سڏيو آهي- يعني لال بازار!

هڪ ڏينهن اُستاد منگوءَ کي اچي مستي چڙهي. هن فيصلو ڪيو ته سڀاڻي آزاديءَ جي ڏينهن هجڻ ڪري پنهنجي ڌنڌي کي بند رکبو، ۽ مڪمل موڪل ملهائبي. سچ پچ، انهيءَ ڏينهن هن موڪل ڪري ڇڏي. سڄو ڏهاڙو، مون کي ساڻ ڪري، جلوسن ۾ ’پاڪستان زنده باد‘ ۽ ’آزادي پائينده باد‘ جا نعرا هڻندو رهيو. شام جو جڏهين پوليس انسپيڪٽر جو ماڻهو منگوءَ وٽ آيو، ته منگوءَ پنهنجو کيسو اُبتو ڪري پوليس واري کي ڏيکاريندي چيو: ”اڄ موڪل ملهائي هئيسين! پاڪستان، زنده .....“ منگوءَ اڃا ’پاڪستان زنده باد‘ چئي پورو ئي ڪو نه ڪيو هو، ته پوليس واري جو هٿ هن جي ڪنڌ ۾ هو- ۽ استاد منگو، ’آر ر ر ر... ر ر‘ ڪندو، ڌڪبو، وڃي ٿاڻي تي نڪتو.

مان اُنهيءَ ڏينهن ڏاڍو مونجهو ٿي پيس. منگوءَ کان سواءِ مزوئي ڪين ٿي آيم. منهن ڪري، گهٽين ۾ گهڙي پيس. سوچيندو پئي ويس: ’امام صاحب وٽ وڃان، کانئس قرآن پڙهي نائب امام ڇو نه وڃي ٿيان!‘..... ايتري ۾ ڪنهن سڏ ڪيو ”هيڏانهن اچ، پٽ!“ سڏ ڪندڙ، دڪان مي ويٺل هڪ ڪرڙوڍ عورت هئي. ويهو ويس، چيائين: ”مون وٽ ڪم ڪندين؟“ ڏاڍو عجب لڳم. هي لال بازار جون عورتون ماڻهن جي چهرن مان سندن دل جي حال پڙهي وٺڻ ۾ ڏاڍيون ڀڙ هونديون آهن. مون کي خبر هئي ته وٽس ڪهڙو ڪم ڪرڻو پوندم. خيال وري نائب امام بنجڻ ڏانهن هليو ويو. نهڪر ڪرڻ تي هوس، ته هن وري چيو: ”هل ته نوان لَٽا وٺي ڏيانءِ... ڪهڙو لَٽو وڻندو اٿئي؟“ مون پنهنجي ڦاٽل سُوٽ کي ڏ‎ٺو، سندس پويان هلڻ لڳس.

اُن ڏينهن کان وٺي آءٌ هيرامنڊيءَ ۾ ڪم ڪندو آهيان. مون کي هت ڪم ڪندي ٻه سال کن ٿي ويا آهن. اُن ڪرڙوڍ عورت کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون مون کان ڪم وٺنديون آهن. هاڻي مان رات جي اونداهين ۾ هيرامنڊيءَ ۾ ايندڙ انسانن کي ڀڙ دلالن جيان چوندو آهيان: ”سائين، دل وندرائڻ لاءِ ڪو ساٿي کپيو؟- فس ڪلاس ساٿي! نئون، بالڪل نئون، صاب! هر قسم جو مال! ... اچو، مون سان گڏ هلو.“ ۽ پوءِ جڏهين هو مون سان گڏ هلندا آهن، ته مان کيس هتي جي عورتن ڏانهن وٺي ويندو آهيان، جتي اُهي انسان

چُڀندڙ نظرن سان سندن انگ انگ ائين توريندا تڪيندا آهن، ڄڻ هو هٽ تان گيهه جو دٻو يا ڳوڻ اَنّ جي وٺڻ آيا هجن. انهن عورتن کي ڏسي، مون کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرون ياد اچي وينديون آهن-

ماڻهو چون ٿا ته هتان جون عورتون مڪار آهن، پاکنڊي آهن، ڇَلُ ڪري ڄاڻن. هونديون، ... مڪار ۽ پاکنڊي! بک ڇا نٿي ڪرائي؟ پيٽ ڀرڻ لاءِ، جيئڻ لاءِ، ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي! ڇل ڪنديون، ڇنڊ هڻديون، تال ڪنديون، نخرا ڪنديون؛ هر طرح ۽ هر طريقي سان چار ڏوڪڙ- ها، چار ڏوڪڙ وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ جتن ڪنديون- ٻيو ڪري به ڇا ٿيون سگهن؟

... هيءَ اختري آهي. تازو پنهنجيءَ پنجين ڀاڄ تان موٽي آهي. سندن پهريون يار جيڪو کيس هتان ڀڄائي ويو هو، تنهن ٽي مهينا کن پاڻ وٽ رکي، پوءِ لتون هڻي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو. ويچارو ڪري به ڇا ها؟ راڄ- برادريءَ وارن حُقو- پاڻي ئي بند ڪري ڇڏيوهوس. ڌنڌو ڌاڙي بند ٿيس ته بکون اچي ڳٽ پيس، ۽ عشق هوا ٿي ويو، اختريءَ جو ٻيو يار کيس انهيءَ اقرار تي وٺي ويو هو ته ساڻس شادي ڪندو، پر هن پنهنجو انجام ڪڏهين ڪين پاڙيو، ۽ اختري نراس ٿي موٽي آئي. هن جو ٽيون ۽ چوٿون يار ته کانئس خانگي طرح ڪسب ڪرائي ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ لڳي ويا هئا. پنجون يار وري کيس هتان ملتان وٺي ويو هو؛ ۽ اُتي ساڻس هڪ جاءِ ۾ هفتو کن رهي، ائين گم ٿي ويو جيئن گڏهه جي سر تان سنڱ! اختري پڇي ٿي ته هاڻي هوءَ ڇا ڪري؟ ڪنهن سان وڃي؟ ڪيڏانهن وڃي؟ هيرامنڊيءَ ۾ اها هڪڙي اختري نه آهي- اهڙيون ڪئين اختريون اِنهيءَ مها ڄار مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپي رهيون آهن. اهي ڇا ڪن؟ ڪيڏانهن وڃن؟...

... واهه جو پاڻي اڳي جيان نرم خرام آهي. پاڇولا ڊگها پئجي ويا آهن. سج اُفق جي ڇيڙي کي ويجهو ٿي ويو آهي. ڏکڻ جي ٿڌيري هوا، گُهلي، سانجھيءَ جي آمد آمد جو نياپو کڻي آئي آهي، ۽ مان اختريءَ بابت پيو ويچاريان. هيءَ اختري به نهايت عجيب عورت آهي. ڪڏهين ڪڏهين ته هوءَ مون کي پنهنجي گوڏي تي مٿو رکرائي سُمهاري ڇڏيندي آهي. منهنجن وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيڻ ويهي رهندي آهي، ۽ چوندي آهي: ”تو هت اچي اجايو ننڍي ٽهيءَ ۾ پنهنجي حياتي خراب ڪئي آهي. تنهنجي عمر ته اڃا پڙهڻ جي آهي. تون ڊآڪٽر ٿيءُ، جج ٿيءُ. منهنجي صلاح مڃ، هتان هاڻي به هليو وڃ!“ اهڙي سمي آءٌ ائين محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ هيءَ اختري هيرامنڊيءَ جي وئشيّا نه بلڪ منهنجي ماءُ آهي..... ۽ قبر مان اٿي منهنجن وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪندي چئي رهي آهي- ”پُٽَ، تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“

تنهن ڏينهن اختريءَ ۽ مون ويٺي ڳالهيون ڪيون- ماڻهن جون ڳالهيون، موسم جو ڳالهيون، ڪپڙن جون ڳالهيون، ۽ الائي ڇا ڇا جون ڳالهيون. رکي رکي ٽهڪ به پئي ڏناسين- اهڙا، جهڙا ٻار ڏيندا آهن- معصوم ۽ اڻگهڙيا ٽهڪ. جهٽ پل کان پوءِ ’گلاب‘ هٿن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيون شيون کڻي آئي. هوءَ بازار مان موٽي هئي. گلاب اختريءَ جي وڏي ڀيڻ آهي. اختريءَ اٿي وڃي کيس در وٽ ئي پڪڙيو. کانئس هڙئي شيون کسي ڏسڻ لڳي. ڇٻر جهڙي سائي رنگ جو هڪ ڪپڙو هٿ ۾ کڻي چوڻ لڳي: ”ادي، هن نائيلان جو رنگ ته ڏس، ڪهڙو نه شوخ ۽ ڀڙڪيدار آهي! مون کي ڏاڍو ٿو وڻي. اهو ته مان کڻنديس.“

”اِهو مان پنهنجي لاءِ وٺي آئي آهيان، توکي ڇو ڏيان!“ گلاب ائين چئي، اختريءَ کان اُهو ڪپڙو کسي وٺي ڀڳي. گلاب پهرين مون کي ڪو نه ڏٺو هو. ڀڄڻ مهل سندس نظر مون تي به پئي. اُمالڪ بيهي رهي. سندس نرڙ تي ڪاوڙ وچان گهنج اُسري آيا، ۽ ڀيڻ کي ڇوهه مان چيائين: ”هون، هي وري تو وٽ ويٺو آهي! مون جو توکي چيو هو ته هن مُئي ڇوري کي هت نه اچڻ ڏيندي ڪر! جڏهين ڏِس، ..... تنهنجو مغز ته خراب ڪونهي؟“ اختريءَ کي به ڪاوڙ اچي ويئي: ”مان هن سان ويهان يا نه ويهان، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟“

”منهنجو ڇا؟ مان تنهنجي وڏي ڀيڻ آهيان. تنهنجي ڀلي خاطر ٿي چوان. ڇوري، تون اڳي به چار پنج ڀيرا ڀڳي آهين، تڏهين به ڪونه سُڌرينءَ. پنهنجو سمورو وقت ويٺي هن مُئي لوٽي سان خراب ڪرين. جيڪو ٿي ڪمائين، سو هن کي ٿي ڏيئي ڇڏين. ماڻهو اويل سويل لاءِ ٻه- چار ڏوڪڙ گڏ ڪري، ڪِي بس! کَري ٻُهر ٿي آهين!“ گلاب اکين جون ڪُنڊون گهُنجائيندي چيو.

”تو ته اصل لک گڏ ڪيا آهن. هلي آهي ويچاري ٻين کي صلاحون ڏيڻ! منهن ڏٺو اٿئي پنهنجو؟“

”نه ته وري! مان ڪا تو وانگر پاڳل آهيان جو سڄو سڄو وقت ههڙن ڇورن واهياتن سان وڃايان، جن مان نه هڙ نه حاصل!“

”مُنهن سنڀالي ڳالهاءِ! هن کي ڪجھ چيئه ته چوٽي پٽي وٺنديسانءِ، ها!“

”تون به منهن سنڀالي ڳالهاءِ! جي مون کي ڪو اولو سولو اکر ڳالهايئه ته اِهي ٻئي تارا ڪڍي وٺنديسانءِ! تو مون کي سمجهيو ڇاهي، ڙي!“

اختريءَ جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. سرير ۾ ڏڪڻي پئجي ويس. اوچتو اُڇانگ ڏيئي، گُلاب کي وڃي وارن کان جهليائين. وٺي جو سٽ ڏنائين، ته گلاب اچي پٽ تي پيئي. گلاب جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. گهگي آواز ۾ چيائين: ”تو هِن ڪِينَ جهڙي ڇوري جي ڪري مون تي هٿ کنيو آهي- مون تي، ... پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ تي!“ اِتي اختري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. پوءِ ٻئي هڪٻئي جي ڀاڪر ۾، ڪنڌ ۾ ڪنڌ ڏيئي، ائين روئڻ لڳيون، ڄڻ اُڀ ۾ ڇانيل ڪارا ڪڪر پاڻ ۾ وچڙي رجي پيا هجن.

هي سمورو وقت مون پريان ويٺي تماشو ڏٺو. کين هيئن روئندو ڏسي مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ هي اختري ۽ گلاب ٻه ننڍڙيون نينگريون آهن- اٻوجهه ۽ اڄاڻ. وڙهن ٿيون، روئن ٿيون، رُسن ٿيون، پرچن ٿيون- نه دولاب نه دوکو، نه دغا نه فريب- دل جي اُڌمن کان مجبور، ساهه جي سٽن سان ڇڪجي. مون سوچيو هو: ’اُهو فريب، اُهو مڪر، اُهو دولاب ڪٿي آهي؟ گلاب ۽ اختري هيرامنڊيءَ جون ٻه رنڊيون آهن، وٽن اهو سڀڪجھ هجڻ گهرجي. پر هو ٻئي پاڻ ۾ ائين وڙهيون ۽ پرچيون آهن، جيئن اسان واري گهر ۾ سندم ڀينرون وڙهنديون ۽ پرچنديون هيون. هي ڳوڙها، هي هَنجون، هي موتين جا داڻا: ڇا هي سڀ فريب آهي، مڪر آهي، دولاب آهي؟‘

اهڙم موقعن تي مون هميشه اهو پئي محسوس ڪيو آهي، ڄڻ مان هيرامنڊيءَ ۾ نه بلڪ روحن جي ديس ۾ اچي ويو آهيان، جت معصوميت جا مانڊاڻ منڊيل آهن، جت خلوص ۽ سچائيءَ جا گُل پيا مُرڪن، ۽ جيڪو منهنجي سپنن جي ٻيٽارين مان ڪَرَ موڙي اُٿيو آهي: ۽ پوءِ مان ائين پيو ڀانئيندو آهيان، ڄڻ اُهو سڪون ملي ويو اٿم، جنهن لاءِ ورهين کان بيقرار هوس؛ اُهو خال ڀرجي ويو اٿم، جنهن کي ڏکندڙ ناسور جيان پئي محسوس ڪيو هوم! پر اِهو احساس ته اهڙين گهڙين سان ئي مخصوص آهي- ۽ اِهي اَملهه گهڙيون هيرامنڊيءَ جهڙين جاين تي ڪي اهڙيون گهڻيون ته ڪونه هونديون آهن. اهو محسوس ڪندي، دل چوندي اٿم ته ’جيڪر اِهي خوشيءَ ۽ اَنند جا ڪِرڻا سدائين ڦٽندا ڦاٽندا رهن! ڪو اهڙو جتن ڪجي، جيئن هيرامنڊي هيرامنڊي نه رهي: منجھس ست ۽ پوترتا جا نه اُجهامندڙ ديپ جلي اُٿن؛ رات هت جيڪا اوندهه ڦهلائيندي آهي، سا به پاڻ سان پيار، سچائيءَ ۽ انسانيت جا اُجالا آڻي!‘........ ائين ڪڏهين ٿي سگهندو؟ منهنجي اِها آس ڪڏهين پوري به ٿيندي؟ مان ڪيئن چوان، ڪيئن ڪريان؟ الا، ڪنهن پر.......! ها، ڪنهن پر.......!

... اهو سڀ ڪجھ ويچاريندي ويچاريندي، منهنجي وجود جي اونهاين مان ٿڌو اونهو ساهه نڪري ويو آهي، ۽ روح تي ڇانيل اُداسائيءَ جا تهه تحيليل ٿي ويا آهن. پاڻي جي مٿاڇري جون ڇوليون هڪٻئي سان مٺيون سرگوشيون ڪري رهيون آهن. وڻن جون ٽاريون، واءُ جي جهوٻن تي لڏي، ڏاڍي ماڻيٺي نوع ۾ ڪنهن اڻڄاتل خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيون آهن. چوڌاري شام جو ڌُنڌ ڇانئجي ويو آهي. سج اُفق ۾ ٻڏي ويو آهي. اِهو اُفق، جيڪو اڳي مون کي پنهنجن خيالن جي پهچ کان به پري پئي لڳو، هاڻي ايترو ته ويجهو ٿو لڳي جو مان کيس هٿ لائي پيار ڪري سگهان ٿو! منهنجي وجود ۾ خوشيءَ ۽ اطمينان جي لهر ڊوڙي ويئي آهي. سنجها لڙندي پئي هلي، ۽ جوت ٻرڻ تي آهي. پنهنجي پورهئي کي جُنبڻو اٿم، سو ڪپڙا ڇنڊي اٿي شهر ڏانهن هلڻ لڳو آهيان- اها آس کڻي ته منهنجي خواهش ڪڏهين ضرور پوري ٿيندي:

-”جيڪڏهن سياري جا سيءَ لهي سگهن ٿا، ته بهار جون هيرون به ڪو اهڙو پري ته ڪونه ٿيون ٿي سگهن!“

غياث جُوڻيجو

سِڪايل روح

”آيو اٿو لاڏلو خير سان رُلي پِني! چئين بجي شام جو گهرنا نڪتو آهي، ۽ مٿان اچي رات جا ست لڳا آهن!...“

ويچاري اڃا گهر اندر پير پاتو ئي مس، ته ماڻس جا تيز لفظ تِير جيان سندس دل ۾ چُڀي ويا، جن کيس ايندڙ آپدا جو اڳواٽ اشارو ڏيئي ڇڏيو. هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي، ۽ بدن مان ست ڇڏائجي ويس.

”آهي ڪٿي؟..... اڙي، ڪيڏانهن ويو هئين؟ ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿماءِ ته رات جو دير تائين ٻاهر ڌڪا نه کائيندو ڪر؛ پر تون مُڙين ئي ڪونه ٿو!... لوفر،.... بدمعاش!“

’ٽَڙهه!‘.... ڪنڌ ساڄي ڪلهي ڏانهن مُڙي ويس. هيسيل هرڻيءَ جيان، سهميل نگاهن سان هو پيءُ ڏانهن ڏسڻ پئي لڳو. پڻس، اوڏيءَ ئي مهل، وڏيون ٻرانگهون ڀريندو، ڪيڏانهن نڪري هليو ويو. هو اُتي ئي بيٺو سڏڪا ڀريندو رهيو. پهريائين ته هٿن جي پٺين سان اکيون مهٽن شروع ڪيائين، ۽ پوءِ قميص جي پلاند سان پنهنجا آلا نيڻ اُگهڻ لڳو. ڀِنل پنبڻيون کڻي، ’ماءُ‘ ڏي نهاريائين. هوءَ کانئس بيپرواهه، ننڍڙي طارق کي ننڊ ڪرائڻ ۾ مشغول هئي. ڪجھ ويرم کان پوءِ جڏهن ڪڪو ننڊ پئجي ويو، ته هوءَ کٽ تان آهستي آهستي اُٿي، ۽ ڪڪي مٿان رَئو وجھندي چوڻ لڳي:

”ڪير ٿو چويئي ته رات جو دير تائين پنندو وت! ماڻهو سويل گهر موٽي آيو...! ٻيا ٻار ڏس،- ڪير ٿو هن وقت گهمي؟ اسان کان آڌيءَ رات تائين ٺڪر سنڀاليا نٿا ٿين. پڻهين کي چَئُه ته ڪا نوڪرياڻي رکي ڏئيئي، پوءِ پيو رانگا ٽينگا ڪر!“

هو سڀڪجھ ٻڌندو رهيو- خاموش، بلڪل چُپ. ڳالهائي به ڪيئن؟... شڪايت ڪري به ته ڪنهن سان؟ دانهن ڏئي به ته ڪنهن کي؟ گهر ۾ سندس غمگسار هو به ڪير، جنهن سان پنهنجو ڏک سک اوري؟ ماٺ ميٺ ۾ چار ڳوڙها ڳاڙي، خاموش ٿي ويندو هو.

انور، ڇهن ستن سالن جو معصوم، ڏاڍو وڻندڙ ۽ پيارو ٻار هو. اڃا ڄائي چار سال ئي مس گذريا هئس ته ماءُ کيس پيءُ جي حوالي ڇڏي، هميشه لاءِ کانئس جدا ٿي ويئي- ۽ هو هميشه لاءِ مادري محبت کان سڪايل رهجي ويو. پڻس جو ان وقت مٿس ايترو ته چاهه هو جو اصل ٻيءَ شاديءَ جو خيال ئي کڻي ڇڏيو هئائين. تمام مشڪل سان، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستارن جي اصرار تي، نيٺ ٻي شاديءَ ڪئي. گهڻي وقت تائين انور پنهنجيءَ نئينءَ ماءُ لاءِ وندر بنيو رهيو. پڻس به سندس پرورش تي جوڳو ڌيان ڏيندو هو. پر جڏهن کان طارق جو گهر جي ڀاتين ۾ اضافو ٿيو هو، انور جي ماٽيجي ماءُ آهستي آهستي منجھانئس چاهه گهٽائيندي رهي- هن کي دل وندرائڻ لاءِ هاڻي پنهنجو ٻار هو. ننڍڙي ٻار کي هونئن به گهر جا ڀاتي وڌيڪ ڀانئيندا آهن. انور جي چنچلتا ۾ هاڻي ماءُ توڙي پيءُ لاءِ اها ڪشش نه رهي هئي. طارق ٻنهي جي توجھ جو مرڪز بنيل هو. انور جون رواجي شرارتون به هاڻي هنن کي بيزار ڪرڻ لڳيون هيون. خسيس خسيس ڳالهين تي جڏهن پڻس کيس ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندو هو، ته انور جي اکين مان لڙڪن جي قطار وهي هلندي هئي، ۽ سندس نازڪ دل تي مايوسيءَ جو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويندو هو. اڄ به معمولي غلطيءَ تي کيس ڇڙٻيو ويو هو، جنهنڪري سندس دل ڀرجي آئي هئي.

”اُٿي،.... اندر ماني پيئي اٿئي، ڪڍي وڃي کاءُ!“ ’ماڻس‘ جا اکر سندس ڪن تي پيا. هن جا قدم خود بخود بورچيخاني طرف وڌڻ لڳا. ٿالهه هيٺان ڌڪيل ماني ڪڍي، کائڻ ويٺو. هيترن دڙڪن کائڻ کان پوءِ مانيءَ لاءِ ڪا اشتها ڪانه رهي هيس. زور ڪري هڪ ٻه گرهه ڀريائين، پر ائين پئي ڀاسيس ته گرهه نڙيءَ کان هيٺ لٿو ئي نٿي. ماني وري به ٿالهه هيٺ ڍڪي، چپ چاپ ٻاهر نڪري آيو، ۽ اڱڻ جي ڪنڊ ۾ پيل کٽولي تي اچي ليٽي پيو. ننڊ سندس نيڻن مان نڪري چڪي هئي. ڪمزور دماغ ۾ طرح طرح جا خيال جنم وٺي رهيا هئا: ’آخر اما ۽ بابا مون کي دڙڪا ڇو ٿا ڏين؟ ..... مون کي مارين ڇو ٿا؟...... پاڻ ماني کائي، مون لاءِ کڻي رکي ڇڏين- وڻي تڏهن اچان!... اما کي ته منهنجي ڪا ڳالهه ڪانه ٿي وڻي... پر بابا ڇو ٿو ائين ڪري؟ اهو به طارق کي ته گهڻو ٿو ڀانئي!...‘ اها ته خبر هيس ته هيءَ سندس سڳي ماءُ ڪانه هئي. کيس چٽيءَ طرح ياد هو ته هڪ دفعي پڻس کيس ٻڌايو هو ته سندس وڏي ماءُ ويئي آهي الله سائينءَ وٽ. هن جي معصوم ذهن سوچيو، ’اما مون کي به ڇو ڪين الله سائينءَ وٽ وٺي ويئي؟ مون کي ڇڏي ڇو ويئي؟ مائون ته پنهنجن پٽن کي ڪيڏانهن به گڏ وٺي وينديون اهن!...‘ اهڙو خيال ايندي، سندس اکيون آليون ٿي ويئون. وري خيال آيس، ’شايد اما سوچيو هوندو ته آءٌ اُتي شرارت نه ڪريان... پر آءٌ ته ڪابه کيچل ڪانه ڪندو اهيان. اسڪول ۾ به ماٺ ڪري ويهندو آهيان. مون کان زياده مستي اڪبر ڪندو آهي....... اسڪول ۾ ڇوڪرن سان وڙهندو آهي،... سائين جا چاڪ چورائيندو آهي،... سڀني کي گاريون ڏيندو آهي،... تڏهن به اڪبر جي مَمِي ان کي ڪيترو ته ڀانئيندي آهي! اسان جي گهر ايندي اهي، ته به اڪبر کي گڏ وٺي ايندي آهي.....‘ اهي پور پچائيندي، الائي ڪيڏيءَ مهل هن جي اک لڳي ويئي-

ٻئي ڏينهن اهو واقعو خواب سمان هو، جنهن جا ڪجھ مٽيل نشان انور جي دماغ ۾ اڃا موجود هئا. جلدي جلدي تيار ٿي، هو اسڪول روانو ٿيو. اسڪول ۾ ڪو دلگهريو دوست هوس ته اهو ئي اڪبر. پاڻ ۾ پڪي سنگت هوندي هين. ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. ويهندا به هڪڙيءَ ئي بينچ تي هئا. رسيس ۾ ته جيستائين گڏجي شي نه کائيندا هئا، تيستائين ڄڻ ته مزو ئي ڪين ايندو هون. اڄ انور اسڪول آيو، ته خلاف دستور اڪبر نظر نه چڙهيس ڳوليائين، پڇا ڪيائين، پر اڪبر اڃا اسڪول آيو ئي ڪو نه هو. سمجهيائين ته متان دير سان اچي، پر گهنڊيءَ لڳڻ بعد به انور بينچ تي اڪيلو هو. اڪبر اڄ غير حاضر رهيو. اڪبر بنا انور کي ڪلاس ۾ سک ئي نه پئي آيو. پڙهائيءَ ڏانهن سندس ڌيان ئي نٿي ويو. هن جي دل اُداس هئي، ملول ۽ موڳو ٿيو ويٺو هو- ڄڻ ته ڪنهن به ڳالهه سان سندس واسطو ڪونه هو.

”انور، تون ڇا پيو ڪرين!“ استاد ڌڙڪي سان پڇيو.

سڀئي ڇوڪرا انور ڏانهن نهارڻ لڳا.

”جِي، سائين...“ انور سڌو ٿي ويٺو.

”سبق ياد اٿيئي؟ بيت ٻڌاءِ!“

انور بيت پڙهڻ شروع ڪيو. هٻڪندي هٻڪندي، بيت ته پورو ڪيائين، پر استاد لڪڻ کڻي اچي مٿان بيٺس-

”تون ڏينهون ڏينهن وڃين ٿو شيطان ٿيندو. سبق به ياد نه اٿئي.گهر محنت ڇو نٿو ڪرين؟... هٿ ٻاهر ڪڍ!“

انور جي اکين ۾ ڳوڙها تري ايا. ترسي ترسي، هن هٿ اڳتي وڌايو- ننڍڙو، نازڪ هٿ. ٻه دفعا بيد جو شپڪو ٿيو. هن دانهن به ڪانه ڪئي. پنبڻين ۾ اٽڪيل ڳوڙها ٻاهر نڪتا، ۽ ڳلن تان ترڪندا اچي اڳيان پيل ڊيسڪ تي ڪِريا. هو پنهنجي ڳاڙهي ٿيل هٿ کي ڏسندو رهيو. ڪلاس سڄو خاموش ٿي ويو. ڇوڪرن پنهنجا ڪتاب کولي سبق ياد ڪرڻ شروع ڪيا.

’سائينءَ‘ جو غصو اڃا پورو نه لٿو هو: ”تون هاڻي بلڪل سست ٿي پيو آهين. آءٌ اڄ پڻهين سان ملندس، ۽ کيس ٻڌائيندس ته تون ڪلاس ۾ چڱيءَ طرح ڪم نٿو ڪرين!“ پيءُ سان شڪايت جو ٻُڌي، انور جي اکين اڳيان انڌاري اچي ويئي. لِڱَ ڪانڊارجي ويس- ڄڻ ته ملڪ الموت کي سندس روح قبض ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو هو. چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪري، بينچ تي ويهي رهيو.

اڄ هو تمام گهڻو غمگين هو. دل ڪلاس کان کٽي ٿي پيئي هيس. رڳو انهيءَ انتظار ۾ هو ته موڪل ملي ۽ هن مصيبت مان جند ڇٽي. رکي رکي ماستر تي ڏاڍا خار اچڻ لڳس- ’سائين تمام خراب ماڻهو آهي! بيت ته مون کي پڪو هو. چوي ته وري سڄو يڪساهيءَ ياد ٻڌايانس! رڳو هڪڙي سِٽ ڀلجي ويس..... پر هڪڙو ته ماريائين، ٻيو وري هاڻي بابا کي دانهن ٿو ڏئي!... ڀلي دانهن ڏئي، بابا مون کي ڇا ڪندو...... بابا؟... هو تمام ڪاوڙبو!... ڏاڍي مار ڏيندو!... هو طارق کي ڀانئي ٿو...‘ اوچتو گهنڊ جي آواز سندس خيالن جي سلسلي کي ٽوڙي ڇڏيو. هو ٽپ ڏيئي، ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجهي، ٻاهر نڪتو.

اسڪول جي عمارت اُڪري جڏهن رستي تي پهتو، ته ويچار آيس ته ’ڇو نه اڪبر وٽان ٿيندو وڃان!‘ ۽ خود بخود سندس رخ اڪبر جي گهر ڏانهن ٿي ويو.

اڪبر جي گهر پهچي، اڱڻ لنگهي، اندر داخل ٿيو. گهر جا سڀ ڀاتي وچئين ڪمري ۾ ويٺا هئا. هڪ پاسي پلنگ تي اڪبر ليٽيل هو. سيرانديءَ کان ماڻس ويٺي هوا ڪئي. انور هوريان هوريان هلندو اچي پلنگ وٽ بيٺو. کيس ڏسي، اڪبر پنهنجيون اڌ ٻوٽيل اکيون بند ڪري ڇڏيون.

”ماسي، ڇا ٿيو اهي اڪبر کي؟“ هن اڪبر جي ماءُ کان پڇيو.

”ابا، جهولو لڳو اٿس. ڪالهه منجهند جو ڪو ويو هو بازار مان برف وٺڻ. ويجهڙائيءَ ۾ مليس ڪانه. رُلي رُلي برف ته هٿ ڪيائين، پر اچڻ سان ڪري پيو. ڏاڍو بخار آهي ٻچڙي کي!“ ماڻس پيار وچان اڪبر جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي. ڏاڏيس سندن پيرن کي زور ڏيڻ لڳي.

”امِي، پاڻي--.“ ڀيڻس يڪدم هڪ موسميءَ جي رس ڪڍي آڻي ڏنيس.

پيار محبت جي اها روئداد ڏسي، هڪ دفعو وري انور جي اندر کي جهِٻي آئي. دل ڀرجي آيس. اکين ۾ پاڻي تري آيس. ان گهڙيءَ هن پاڻ کي سڄيءَ دنيا ۾ اڪيلو تصور ڪيو، جنهن جو ڪو به عزيز قريب، ڪو به همدرد ۽ غمگسار نه هجي. هو قرب ۽ محبت جو بکيو هو- پيار جي ساگر جي هڪ قطري جو پياسي. معصوم دل ۾ اها تمنا ڀڙڪي اُٿي ته ڪير هن کي به پنهنجو سمجهي، هن جو به ڪو همدرد هجي، ڪو هن کي به پنهنجو پٽ سمجهي پيار ڪري!

اڪبر جي ڏاڏي چئي رهي هئي: ”ڏاڍا خراب ڏينهن آهن. ٻاهر ڏاڍو جهولو پيو لڳي. اڪبر کي به لُک لڳي آهي. الله پاڪ پنهنجو رحم ڪري، باقي هن هوا ۾ ته گهڻو هلجي به نه...!“ اهو ٻڌي، اڪبر کان موڪلائڻ بنا ئي، انور هڪدم ڊُڪ پائي ٻاهر نڪري آيو.

جولاءِ جو مهينو، آرهڙ جا سخت ڏينهن، ٽاڪ منجهند، نٽهڻ اُس، ڪانوَ جي اک پئي نڪتي...... انور ائين ئي گهٽين ۾ فصول هلندو رهيو. مٿو اگهاڙو، هلندي هلندي ڪلاڪ- سوا گذري ويس. چپ سُڪي ٺوٺ ٿي ويس. اُس جي تيز تپت ۾، ڏاڍي اُڃ محسوس ٿيس. هوٽل ۾ لنگهي ويو. يڪا ٻه گلاس پاڻيءَ جا پي ويو. وري اُٿي پنڌ پيو...

هوريان هوريان مٿو گرم ٿيڻ لڳس. اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس. بدن وسامندو معلوم ٿيس. ٿَڪ سبب بت سڄو ساڻو ٿي پيس. ٽنگن ۾ ٽوٽ ۽ ڳوراڻ محسوس ڪرڻ لڳو. گهر جي در وٽ پهچي، مٿي ۾ چڪر اچي ويس. دل تي بار معلوم ٿيس، ۽ اُتي ئي در کي ٽيڪ ڏيئي اُلٽي ڪرڻ ويهي رهيو. ڪتابن جو ٿيلهو ڪُلهي مان لڙڪي اچي پَٽَ تي ڪِريو. ڪا ساعت هو اتي ئي مٿي کي هٿ ڏيئي ويٺو رهيو. نوڪرياڻي ٻاهر نڪتي، ته انور جي حالت تي بي اختيار سندس واتان رڙ نڪري ويئي. پڻس ڊوڙي آيو. هڪدم اچي ڀاڪر ۾ کنيائينس. تکو تکو اندر اچي پلنگ تي ليٽايائينس. ”ڇا ٿيو؟ ... ڇا ٿيو؟“- ماڻس به ڀڄندي آئي. سيرانديءَ کان ويهي، مٿي تي هٿ لاتائينس- ڪوسو، جهڙو باهه. اکيون لال، ڪهڙا ٽانڊا. بُت سڄو ٿڙڪي رهيو هوس. پڻس تمام پريشان ٿي رهيو هو. هٿ وڌائي، ڀت ۾ لڳل پنکي کي وڌيڪ تيز ڪيائين. انور آهستي آهستي ڪجھ وڦلي رهيو هو: ’... اما مون کي ڇو نه وٺي وئي؟... هتي مون کي سڀ مارين ٿا... مون کي سڄو بيت ياد آهي... منهنجا هٿ ڏکن ٿا... بابا مون کي ماري ڇڏيندو... اما! اما!... اڪبر جي ممي ڏاڍي سٺي آهي... منهنجي ممي تمام خراب آهي... مون کي پيار به نٿي ڪري...‘

پڻس پنهنجيءَ زال ڏانهن نهاريو. عورت جي دل هئي. ڇا ٿيو جي انور سندس پيٽ- ڄائو نه هو، پاليو نپايو ته پاڻ هئائين.سندس خاوند جي ته اکين جو نور هو. پاڻ به هڪ ٻار جي ماءُ هئي. مامتا جو پُرخلوص جذبو سندس سيني ۾ ڪَرَ موڙي اُٿيو. چپن تي پيار ڀري مُرڪ آڻي، انور جو مٿو کڻي پنهنجن گوڏن تي رکيائين: ”صدقي وڃان پنهنجي ٻچڙي تان!“- ائين چئي، سندس پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، آهستي آهستي پنهنجون آڱريون هن جي وارن ۾ ڦيرائڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com