ڪافيون
ڊاڪٽر علي احمد قاضي
]ڪافي
’1960‘[
ٻُڌ ’ائٽم‘ جا ڌڌڪارا،
وئي لاٽَ چڙهي اُڀَ سارا!
آتشبازيون عرش اُڏاڻيون، ٿيا تجلا تاب نيارا ...
سامين سِج جو سفر سنباهيو، ويا ماههُ مَٽي مڻيارا
...
اُڇليل آدم عرش ٿو موٽي، سا واٽَ سُڃاڻي تارا ...
’ڪُل شيءِ يرجع اِليٰ اصلہ‘، پڙهه هاڻي دل سان
پيارا ...
سُرسل جنهن معراج ڏَسايو، ڪيا اِنس تي قرب اَپارا
...
سانگين ٻيڙو ستيڙين سائين، ٿا ماڳ ورن وڻجارا ...
ٻَنُ ڏي هاڻي ڏنڊا ڪونڊا، ’علي‘، ڇيريون ۽ يڪتارا
...
- ٻڌ ائٽم جا ڌڌڪارا‘
محمد خان ’غني‘
اوهان جي اکين هي مڙئي قهر ڪاريا،
بَڇي بيڪسن تي ڪي باشا بيهاريا!
نه طاقت رکي تيز تلوار اهڙي، ڪُنڍيون ڪارڙيون ڪن
اچيو ڪار جهڙي:
کڻيو جي کِلين، تان لکين مرد ماريا.
ڪنهين جي اهي ئي ٿيون قيدَ ڪارڻ، ڪنهين جون وري
دوست دليون ڌتارڻ:
سبق سَوَ انهن کي تو سهڻل سيکاريا.
اشارو اِنهن کان جي هڪڙو اچي ٿو، ڪُسڻ جو اُتي ڪوپ
ڪرڳل مچي ٿو:
سڀاڳا سي سڏجن، جي پهرين پُڪاريا.
لياڪا لِڪي من پنهل يارَ پائين، ٻنگا ٻاڻ ويتر وري
ڪي وسائين:
انهيءَ آسري تي ’غني‘ ڏينهن گهاريا.
ميران محمد شاهه ’مير‘
مون کي مزگان سان من مار- اصل انڪار نه ڪر‘
ڪافي ڪُهڻ لئه سيف ابرو جي، - تير، تبر، تلوار،
نپٽ نروار نه ڪر.
ڳالهه ڳجهي جا تو سان ڳرهيم، - تنهن جو ذڪر ازڪار،
آپر اظهار نه ڪر.
سال سِڪي ٿيم، سهڻا سائين، - هاڻ هتي هڪوار، اچڻ
کان عار نه ڪر.
ناوڪ نينهن جو بيشڪ ڪڇ تون، - ڏوٺ ڏمر ڏهڪار، تپي
تڪرار نه ڪر.
’ميران‘ شاه جيون منٿون، ماهي، - مڃج مِٺا منٺار،
حيا هر بار نه ڪر.
مير محمد جويو، ’ميرل‘
محبت جنهن دم من ۾ آئي، عقل ويو ته اُڏامي، ڪري
سلامي!
عابد زاهد زهدن وارا، عالم فاضل عهدن وارا،
سڀئي ڀري ويا حامي،- ڪري سلامي...
هجي تونگر توڙي حاڪم، عشق اڳيان هو آهي خادم،
گولن جي به غلامي، - ڪري سلامي...
عشق جي منزل انهن ڪمائي، بولاشاه ۽ ڏسو ڀٽائي،
ڏسو سچل ۽ سامي، - ڪري سلامي...
عشق اسان جو ’ماهي‘ آهي، ”ميرل“ ٻئي سان منهنجو
ڇاهي،
ماڻيون موج مدامي، - ڪري سلامي...
’آشا‘ درگاپوري
آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي؟ واڳون تنهنجي وَس!
ڍڪج ڍول ڍليءَ کي، ڏس نه ڪارانهن ڪَس ...
ويرن واري آهيان، اچي رانجهن رس ...
ڪُٺل تنهنجي قرب جي، جيئڻ ناهي جس ...
منهنجي هيڻي حال جو، ڏج ڏاتر کي ڏس ...
منهنجي لکيل ليک جي، اچي ميٽج مس ...
’سرشار‘ عقيلي
عُمر! هيءَ پِرت شل منهنجي پَري ايندي پنوهارن
سان،
پَري ايندي پنوهارن ساڻ، سانگيڙن سنگهارن سان.
جي مُلڪن جو پڇين، منهنجو مليري ملڪ گهٽ ناهي،
مگر ماڻهن ۾ ماروئڙن سندو هرگز ڪو مَٽ ناهي:
سهي ڪر سومرا ڀيٽي، سٻاجهن کي هزارن سان.
ڇڄي وڳ کان ٿئي جا ڌار، تنهنجي پَتِ رهي ڪهڙي،
جنهين جي آهيان جهڙي، ملان شل تن وڃي تهڙي:
ڌنارن سونهن ڌڻ پنهنجو، وهيون سونهن ڌنارن سان.
نه کاڄن ۾ سندءِ لذت، اسين هيءُ کاڄ ٿا کائون:
پُسِي، ڏنورا، پَڪا، پيرون، سِنڱر، ڪوڪڙ، مڃر،
سيائون:
اسان جي لنؤن لڳل آهي، لُلر، لاڻن، ليارن سان.
وڇوڙي جي وڇوٽيءَ کي، گِرانٺُن سان گهٽائيندا،
آگِهي جن جي ڪَيَس اُلڪي، عرض هي سي اَگهائيندا:
وٺي ويندم اچي وارثَ دمامن سان، نغارن سان.
الستي قول، اي ’سرشار‘، سرور سان اٿم سوگهو،
پياريائون پرت جا پيالا، لٿي سڀ ڏُرت ۽ ڏوگهو:
ڪري ڪو صدق جو سودو، ته صديقي سچارن سان.
گيت
’تنوير‘ عباسي
جاڳو، يارو، جاڳو!
رات کُٽي، او رات کُٽي! باک ڦُٽي، او باک ڦُٽي!
چمڪيو آهي وهائُو تارو،
جاڳو يارو، جاڳو يارو!
منهنجا يارو، جاڳو!
ڀؤ جهڙي ۽ اوندهه واري، پنهنجي پوتي ڪاري ڪاري،
رات کڻي وئي ويڙهي سيڙهي، ڪِرڻن و وئي ڄار پکيڙي:
ويو سو وقت نڀاڳو،
منهنجا يارو، جاڳو!
آيو نُور ته ويو انڌارو،
چمڪيو آهي وهائو تارو،
جاڳو يارو، جاڳو يارو!
هلڪيءَ هلڪيءَ اونداهيءَ ۾، پوئينءَ پوئينءَ
راتاهيءَ ۾،
ماڪ ڦُڙا چڻگن جان چمڪن، مُکڙين جا مُکڙا ٿا ٻهڪن:
آيو صبح سڀاڳو،
منهنجا يارو، جاڳو!
جاڳيو آهي عالم سارو،
چمڪيو آهي وهائُو تارو،
جاڳو يارو، جاڳو يارو!
هُو ڏس اوڀر کان سج اُڀريو، نُور نئون آ نسريو
نسريو،
ڪِرڻا لُڏندا لمندا آيا، گم ٿي ويا آهن سڀ سايا:
سڀني جو مقصد آ ساڳو،
منهنجا يارو، جاڳو!
هِي آ ماڳ ته هُو آ چارو،
چمڪيو آهي وهائو تارو،
جاڳو يارو، جاڳو يارو!
اونداهين سان جنگيون جوٽي، راتاهين جون پاڙون
کوٽي،
ڏينهن ڏسڻ جي آس ۾ رهندي، ماڪ پيئڻ جي پياس ۾
رهندي،
مون ته ڪيو اوجاڳو:
منهنجا يارو، جاڳو!
اچو اوهان کي ڏيان سهارو،
چمڪيو آهي وهائو تارو،
جاڳو يارو، جاڳو يارو!
ــــــ ننڊ ڇُٽي، او ننڊ ڇُٽي،
ــــــ باک ڦٽي، او باک ڦُٽي،
ــــــ رات کُٽي، او رات کُٽي ........!
موتي پرڪاش
آءٌ ته چوريون چنگ
آءٌ ته چوريون چنگ، او چارڻ، آءٌ ته چوريون چنگ!
جهونا سُرَ ۽ سازَ وساري، تار تار ۾ ٻارڻ ٻاري،
ڀڙڪايون ڪا باهه بدن ۾، ڦڙڪي هرڪو انگ-
آءُ ته چوريون چنگ...
اهڙي سُرَ ۾ ساز وڄايون، پاڻ به جهومون، جڳ
جهومايون،
جهومي مست پون ۽ جل ٿل، جهومي جر ۽ جهنگ-
آءُ ته چوريون چنگ...
جهونو ڪاروبار بدلجي، هي سارو سنسار بدلجي،
مانُ ملي محنت واري کي، ڦِري رنگ ۽ ڍنگ-
آءُ ته چوريون چنگ...
جيوَن ۾ آ سوز سمايل، تون ڀي گهايل، مان ڀي گهايل،
اهڙي جهاڙ پڙهج جيوَن کي، نڪري ڏک جو ڏنگ-
آءُ ته چوريون چنگ...
ظلم ستم برباد ٿئي جئن، نگر ڊگر آباد ٿئي جئن،
سُک جو ساهه کڻن سڀ پِراڻي، ٿئي دُکن جو دنگ-
آءُ ته چوريون چنگ...
’منظور‘ نقوي
شامَ سويري
شام سويري، پريت جي ماري دل ٿي ياد ڪري!
ياد ۾ تنهنجي وسريو دل کان ڌڙڪڻ جو انداز
جيئن ڪو سُريليءَ تانَ ۾ هلندي هلندي ڀڄي پئي ساز-
تانَ جي بدران برهم برهم تارُن جو آواز-
ياد ۾ تنهنجي درد جي ماري تيئن فرياد ڪري!
نازڪ نيل- ڪنول کي ڀؤنرو گيتن سان پرچائي-
جيئن ٿا ڏسجن اهڙا منظر، تيئن ٿي دل گهٻرائي؛
ماڪ جي قطري کي جيئن سج جو ڪِرڻو جلد سُڪائي،
او پرديسي، ياد ٿي تنهنجي تيئن برباد ڪري!
ڇا ڪا رنگين شام اچي، يا ڇا ڪو صبح بهار،
جيڪا جيڪا رُت ٿي اچي سا آهي دل تي بار؛
جيڪا جيڪا شام اچي ٿي، دل جي لئه آزار،
جيڪو جيڪو سج ٿو اڀري، سو ناشاد ڪري!
نارائڻ شرما، ’آشا‘
تنهنجا ڳايان گيت
تنهنجا ڳايان گيت، الا، مان تنهنجا ڳايان گيت!
اکڙيون رم جهم نير وهائن، پيچ پرت جا تو سان پائي:
تنهنجي ياد اچي سِيني ۾، گهايل جذبن کي جاڳائي؛
من گهٻرائي، چين نه آهي، دل ويڳاڻي تو لئه ڳائي:
ڪڏهن نه وسري، جُڙي رهي شل، پرين، پراڻي پريت!
- الا، مان تنهنجا ڳايان گيت.....
سيگهه ورڻ جا قول ڪري وئين، آئين نه موٽي، او
پرديسي!
نيڻ پنهنجي ننڊ وڃائِي، راهه ۾ تنهنجي ترسي ترسي؛
هاءِ، جواني اوسيڙي ۾ تو بِن گذري سڏڪي سڏڪي:
اچ، او منهنجي سر جا سائين، پيار جي پاڙي ريت!
- الا، مان تنهنجا ڳايان گيت.....
سيني ۾ سِڪ سوز سمائي تنهنجي ويٺي تند تنواريان؛
تون منهنجن سپنن جو راڻو، توکي چئُه مان ڪيئن
وساريان؟
راتيون جاڳي، تنهنجي لاءِ ارمانن جي سيج سنواريان:
اهڙي ۾، اي ڪاش، اچين تون، منهنجي من جا ميت!
- الا، مان تنهنجا ڳايان گيت.....
دنيا ساري تو تان گهوري، تو سان نينهن نباهيان،
سائين،
پرواني جان، پيار ۾ تنهنجي پنهنجو پاڻ پچايان،
سائين،
پاڻ وڃايان، توکي پايان، جيوَن سڦلو ڀانيان،
سائين:
پيار ۾ پنهنجو پاڻ وڃائڻ، اهڙي ڪا ٻي جيت؟
- الا، مان تنهنجا ڳايان گيت.....
محل اڌورا آشائن جا، ٺاهي ڊاهيان، ڊاهي ٺاهيان؛
پيار جي خاطر، پيار ملڻ لئه، آس لڳائي ويٺي آهيان؛
هوند اچي هڪ وار ملين تون، ڀاڳ ڀليرا پنهنجا
ڀانيان:
سِڪ جو سرگم ڇيڙي تو لئه، امر ڪريان سنگيت!
- الا، مان تنهنجا ڳايان گيت.....
’محسن‘ عباسي
هيرن کسيو آهي قرار
ويٺي ويٺي ڪالهه وٺي ڪيو واهوندن جي سوسٽ وار،
دل کي چيري پهتا پار!- هِيرُن کسيو آهي قرار!
ڪانه ڏٺائون ٻي ڪا شي، پر ياد کي تنهنجي گهلي
آيون:
مس مس جنهن کي هوم لڪايو، نڪري دل کان ٻاهر، يار،
آهي مچايو تنهن آزار!.....
اهڙي سهڻي ياد هئي، جو هيرون ئي مدهوش ٿي وييون:
تنهنجي تصور جي خوشبو کان پکڙي هڪدم جا هٻڪار،
هيرون ڇرڪي ٿيون هوشيار!.....
دل کان پڇي سي تنهنجو رستو، وييون ٿي سڀ توڏي
راهِي؛
ساري ساري توکي، سائين، لاڙيا نيڻن لڙڪ هزار:
جاني، ڇو ٿي وئين تون ڌار؟.....
تنهنجي ياد کڻي جي آيون، منهنجي ياد کڻي مَنَ
موٽن،
خير سان آڻِن تنهنجيءَ دل مان منهنجي سار سنڀار!
تو لئه ماندو منهنجو پيار!.....
سليم ڳاڙهوي
ڪيئي اُڏايم ڪانگ
ڪيئي اُڏايم ڪانگ، پرينءَ لئه، ڪيئي اُڏايم ڪانگ!
ڪاريون ڪڪريون وهنجي سهنجي ايون ساز وڄائڻ،
رم جهم وارا راڳ سڻائڻ، سارنگ جا سُر آلاپڻ:
تون به گگن جي گهوڙي تي اچ، لالن، چاڙهي
لانگ!.....
توکي دل جا ڦٽ ڏيکاريان، منهنجا مانجهي، اوري آءُ،
هنجون تو لئه ويٺي هاريان، منهنجا مانجهي، اوري
آءُ:
تو بِن بستيون بَن ٿي ڀانيان، ڦُلواڙيون
ڀڙڀانگ!.....
او پرديسي، تنهنجا مون کي پلپل پُور پون ٿا،
وِرهه وڇوڙي جيءَ کي جهوريو، چاڪ ۽ چِير چِڪن ٿا:
رات جي اوندهه ۾ ڊيڄاريو سورن بڻجي سانگ!.....
پرت جو ويري بڻجي بيٺو ساڙ سڙيو سنسار،
هڪڙي جندڙي، سور هزارين، باري برهه جا بار:
هر هر ڏنگ هڻي ٿو من ۾، نينهن نسورو نانگ!.....
ڪرشن ’راهي‘
آئي آئي مست بهار
سبز زمين، شبنم جا قطرا، ڦولن جا هي ڌوتل چهرا؛
بند ڪَليون ڄڻ آهن ڪوٺيون، جن ۾ سونهن نزاڪت
سوگهيون:
ڀونئرا پهريدار،- آئي آئي مست بهار!
هِير اچي ٿي هر هر ڌوڏي، ٽارين جا ٿي پينگها لوڏي؛
بلبل ڄڻ ڪا لولي ڳائي، ڦول کي ٿي ننڊ ڪرائي:
ڇانيو آهه خمار،- آئي آئي مست بهار!
سُر مائي اُڀ تي لالائي، ڄڻ ڪا مومل آ شرمائي!
سج جو راڻو، ڌيري ڌيري، نڪتو ڪاڪ اُفق جي چيري:
آهه عجب اسرار،- آئي آئي مست بهار!
وهندڙ جل ۾ اُس ٿي تڙڳي، ڄڻ پگهريل چاندي ٿي چلڪي؛
سج جا ڪِرڻا پَٽَ جا ڌاڳا، سائي چادر اُس جا
ٽانڪا:
سَرهو سڀ سنسار،- آئي آئي مست بهار!
نند لعل، ’نندن‘ (ڇاڇرو)
لٽجي ويو سڀ کيت
لُجي ويو سڀ کيت، ماروئڙا، لُٽجي ويو سڀ کيت!
اَهڙ
جي اُس
تيز تپت ۾ کيڙيم کيت اباڻو،
اگر تگر سڀ وڪڻي، ڀانيم ٿيندو گذر سالاڻو-
اُڏري چوڌر ريت!...
اُڀ ڏي اکڙيون، آس اميدون، بجلي رعد نه رڙڪو،
سُڪندا ساوا سنگ ويا سڀ، ڪين ڪڪر ڪيو ڪڙڪو-
پورو ٿيو سڀ هيت!...
ڇڏي ڇَنن کي وڃڻو ئي پيو، هيڪر ٿي مجبوري،
ايندو نئون وسڪارو، دلبر، محنت جي مزدوري-
چِت ۾ رکجئين چيت!...
نظم
گوورڌن محبوباڻي
اي ڪاش!
نرم نفيس، ڦُٽندڙ مُکڙين کي ڇيڙ نه تون،
رنگين گُلن کي کُلي عام بيباڪ نه ڪر!
او پاپي، مرجهايل مکڙين کي مهٽ نه تون،
۽ خشڪ گُلن کي مهٽي مهٽي خاڪ نه ڪر!
چوڏس جي چنڊ سَمان چمڪندڙ چهرن ڏي،
زهري، قهري، هَوَسي نظرن سان گُهور نه تون؛
وحشي دل جي وحشي، ناپاڪ اِرادن سان،
ڪو اَلڙ زندگانين کي چڪنا چُور نه تون!
*
شل چمن چمن جي گوديءَ ۾ مُکڙيون مهڪن،
شل ٽار ٽار جي جهولي تي بلبل ڳائي:
هر مکڙي مُرڪي، ڪَرَ موڙي، شل گُل بڻجي،
شل هر گل گدگد ٿي شبنم کي ڳل لائي!
هر شامَ، گگن جي سينڌ سنواري سنيهه منجهان،
لاڏا ڳائي، اُن سينڌ اندر سِنڌور ڀَري:
هر رات وري، نؤورنيءَ وانگر، ناز منجهان،
نت نوان نوان من- موهيندڙ سينگار ڪري!
هر تارو، اَلڙ ڪُماريءَ جان، چنچلتا سان،
چپ گول ڪري، نڪ موڙي، اکڙيون مچڪائي؛
۽ چنڊُ، ڇيڳريءَ ڇوريءَ وانگر، تِر تِر تي،
بادل جو گهونگهٽ لاهي، اُن مان واجهائي!
هر گلشن ۾ ڇانيل اهڙو ته بسنت هجي،
اي ڪاش، نه ٿيڻو جنهن جو ڪڏهن به انت هجي!
ڪٿ غم نه هجي، رنجش نه هجي، چنتا نه هجي،
دل چَين، صبر، تسڪين سندو درياءُ هجي:
انسانن کي انسانن لاءِ پيار هجي،
سهيوگ هجي، سَدِ ڀاؤ هجي، ڪهڪاءُ هجي!
سؤ راج هجي، ڪو ڪنهن تي ظلم ڪري نه سگهي،
پِيڙا نه هجي، نه هجي ڪنهن جي ڀي اک آلي:
هر قوم سدا آزاد هجي، آباد هجي،
هر شخص خوشي ماڻي ۽ ماڻي خوشحالِي!
سو وقت اچي ۽ جلد اچي، ساٿي، جڏهين،
دنيا جو امن ئي دنيا دني اجو ايمان ٿئي:
هي ذات پات ۽ ديس ڌرم جا ڪوٽ ڪَٽي،
انسان، نئون انسان، سچو انسان ٿئي!
*
نازڪ نفيس، ڦُٽندڙ مکڙين کي ڇيڙ نه تون!
جي دانهن ڪئي ڪنهن، باغبان جاڳي پوندو!
او پاپي، مُرجهايل مکڙين کي مهٽ نه تون!
هر خشڪ ڦُول هاڻي سينو ساهي چوندو:
هيءُ ظلم ستم جو درو نه باقي رهڻو آ،
هيءُ قهرَ ڏاڍَ جو ڪوٽ سگهوئي ڊهڻو آ!
*
شل چمن چمن جي گوديءَ ۾ مُکڙيون مهڪن،
شل ٽار ٽار جي جهولي تي بلبل ڳائي!
هر مُکڙي مُرڪي، ڪَرَ موڙي، شل گل بڻجي،
شل هر گل گدگد ٿي شبنم کي ڳل لائي!
هر گلشن ۾ ڇانيل اهڙو ته بسنت هجي،
اي ڪاش، نه ٿيڻو جنهن جو ڪڏهين به انت هجي!
عبدالڪريم ’گدائي‘
اڃا دور منزل
اڃا رات آهي، ڪٿي آ سويرو؟
اڃا دور منزل، اڃا دور ديرو!
اڃا آدمي، آدمي تي مسلّط، اڃا پنڌ انسانيت جو
پريرو.
سسئي پئي رڙي ٿي اڃا روههَ بَرَ ۾، پُنهل جو اڃا
ڪونه پسجي ٿو پيرو.
نه ڪنهن منهن تي ڏسجي ٿي رونق صبح جي، اڃا رات
ڪاري، ۽ گَهرِو انڌيرو.
لکين لاڏليون ٿيون وڪامن هٽن تي، اڃا عصمتون هِت
لُٽي ٿو لٽيرو.
’عمر‘ ڀي اڪيچار ۽ ’مارويون‘ ڀي، اڃا باز ڏاڍو ۽
ڪمزور ڳيرو.
فقط ٿوري همت ۽ محڪم ارادو، نظام تشدّد ۾ آڻي ٿو
ڦيرو.
ازل کان اهو آهه دستور، ساٿي، هجي دور منزل، ته
هلجي سوير!
نه گهٻراءِ، همدم، صبح دور ناهي،
اِجهو دُور اوڀر ۾ جاڳيو سويرو.
لکميچند ’پريم‘
احساس
تون نٿو ڄاڻين، سندم دل ۾ آ طوفان ڪهڙو،
سر بسر سِر ۾ سٿيل ٿو رهي خفقان ڪهڙو!
ٻِي ته مون کي به خبر ناهي ته مان ڇا آهيان،
پنهنجي تقدير بڻايان ٿو يا پيو ڊاهيان،
هيءَ مگر ڄاڻ بخوبي ٿو رکان دل جي اندر،
تيز تيرن کي به سيني جي مٿان ٿو ساهيان:
تيغ جي نوڪ سان ٿئي خاڪ ٿو ارمان ڪهڙو!
ڏس ته نانگن کي مان ڪيئن کير پيئاريان ويٺو،
جيڪي مارڻ ٿا گهرن تن کي جيئاريان ويٺو،
زهر خود لاءِ رکي، ٻين کي ٿو آڇيان امرت،
جام زمزم به اُنهن کي ئِي ڏياريان ويٺو:
انتخابيءَ ۾ ڪيم زيست جو يزدان ڪهڙو!
زندگي، هاءِ، وئي ڪار ڪري طفلاني،
پنهنجي جڳمڳ ۾ ڇڏي ويئي صرف ويراني؛
مان ته صحرا جي سفر کان نه ڊڄان ٿو، ليڪن،
ٿو بيابان ۾ پاڇو نه ڏسان انساني:
بيخبر آهيان نه امدادي آ عرفان ڪهڙو.
منهنجي فطرت جي تخيّل ۾ هئي شادابي،
منهنجي تخليق جو انداز هئو سيمابي؛
ليڪ صياد کسيو جبر ڪري علم عروض،
جنهن جي لُٽجڻ سان وَڌي، هاءِ، سندم بيتابي:
ڇا ڇا ارشاد ڪريان، ’پريم‘، ٿيو نقصان ڪهڙو!
- تون نٿو ڄاڻين، سندم دل ۾ آ طوفان ڪهڙو.
’تنوير‘ عباسي
همدردي
تون نه روءُ، او منهنجا سائين، تو نه روءُ!
مون کي موڪل ڏي ته تو پاران روئان،
تنهنجا سڀ صدما مان پنهنجي سر کڻان:
لڙڪ مان هاريان، تون دل جو داغ ڌوءِ،
تون نه روءُ، او منهنجا سائين، تون نه روءُ!
جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ممڪن ڪٿان-
تنهنجا سڀ ڳوڙها وٺان توکان ڦُري،
تنهنجا سڏڪا لايان مان پنهنجي ڳري،
نانءُ ڀي ڏک جو نه مان تو وٽ ڇڏيان،
جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ممڪن ڪٿان!
جيڪڏهن ڪو وس پڄي، ڪو وس هلي-
ساري دنيا جي خوشي چوري ڪري،
لايان تنهنجي لب تي مان لالِي ڪري:
تون کِلين، پوءِ روئي سارو جڳ ڀلي!
جيڪڏهن ڪو وس پڄي، ڪو وس هلي!
هان، اچي، وٺ، هيءَ خوشي ۽ هي سُرور!
جيڪي ڪجهه ٿوريون گهڻيون مُکڙيون اٿم،
پانڌ ۾ جيڪي هيو، توکي ڏنم،
پنهنجي خاطر ڪجھ بچايم ڪين سُور:
هان، اچي، وٺ، هيءَ خوشي ۽ هي سُرور!
ڇڏ، الا، ڏس، ضد نه ڪر، ڏي، درد ڏي!
منهنجو سينو آهي اڳ ۾ ئي پرڻ،
تير پيا لڳندا ته ڇا ٿيندو، سڄڻ!
زندگي گذري آ زخمن کائيندي،
ڇڏ، الا، ڏس، ضد نه ڪر، ڏي، درد ڏي!
مُرڪ کِل، ڏي ٽهڪ، او منهنجا پرين!
تنهنجي ڪچڙيءَ دل جي مُکڙي جئن ٽِڙي،
چنڊ وانگر جيئن تنهنجو من کِڙي:
مان کِلان، هي جڳ کلي، جي تون کِلين!
مُرڪ، کِل، ڏي ٽهڪ، او منهنجا پرين!
’ذوالفقار‘ راشدي
مقام محبت
تصور ۾ حورن سان اُلفت اُهي ڪن، بظاهر آ جن کي
حسينن کان نفرت؛
تڏهن پاڪدامن اُهي ڀي نه چئبا، جي چاهِن ٿا سجدي
عوض سهڻي عورت:
هي عورت، هي حسن و جواني، محبت،
هي فطرت آ، هن کان ڀڄي ڪين سگهبو.
هتي زاهدن کي به غلمان گهرجن، گلابي ڳلن سان،
شهابي اکين سان،
مرڻ بعد تن کي جواني کپي ٿي، بنا ريش عارض ۽ ساين
مڇن سان:
اها آ جوانيءَ سان الفت جي خواهش،
جا زهد جي خيالن جي جنت ٿي سڏجي.
پيئڻ ٿا گهرن شيخ صاحب به، جن کي، اُهي لال شربت
کان ڏاڍي حقارت؛
خمر مان شراباً طهورا ٿو سڏجي، اها آ محبت جي فاني
ڪرامت:
ها محروم جن کان تا روزِ قيامت،
محبّت اهي نعمتون کين بخشيون.
محبت جو مذڪور ساڳيو ئي رهندو، کڻي کوڙ ڳالهين ۾
تنهن کي ڇپايو؛
محبت جو مفهوم پڌرو ئي هوندو، ڀلي تنهن کي لفظن
لَکن ۾ لڪايو:
هي لافاني جذبو خداداد آهي،
ازل کان جو روحن ۾ واسو ڪري ويو.
محبّت هوَسناڪ جذبو نه آهي، ’هوَس‘ لفظ جذبن جي
توهين چئبو؛
محبّت مقدس ۽ پاڪيزه مضمون، ۽ فطرت الاهيءَ جو
آئين چئبو:
همه گيريت جنهن جي انداز ۾ آ،
اهو بي پناهه لفظ آهي محبت.
ڪڏهن موج در موج طوفان، ساٿي، رڳو چند لهرن ۾ ماپي
نه سگهندو؛
ڪتابِ محبت جو تفسير، شاعر، رڳو چند شعرن ۾ ماپي
نه سگهندو:
مضامين الفت جا عنوان آهن،
هي ’رومي‘ ۽ ’حافظ‘، ’ڀٽائي‘ ۽ ’بيدل‘.
هي سسئي، هي سهڻي، هي ليلا- چنيسر، ٻه ٽي قطرا
خونِ محبت جا آهن،
هي مومل ۽ راڻو، هي وامق ۽ عذرا، جي صاحب دلين جي
شريعت جا آهن:
|