سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :14

رسول بخش پليجو

ادب ۾ ترجمن جي اهميت

تنهن ڏينهن دنيا جي مشهو مخزن ”ريڊرس ڊائجيسٽ“ هڪ نرالو سوال پڇيل هو: ”توهان کي خبر آهي ته يورپ جو مقبول ترين ڪتاب ڪنهن لکيو آهي؟“ سوال جي سامهون امڪاني جواب به لکيل هئا- شيڪسپيئر، ٽالسٽاءِ، گوئٽي، افلاطون، وغيره. مون کي ڏاڍو شوق ٿيو ته ڏسان ته يورپ جي ڪهڙي عظيم اديب ۽ دانشور جو ڪتاب سڀ کان زياده مقبول آهي. سوچڻ لڳس ته ’ڀلا ڪيئن چئي سگهبو ته ”جنگ ۽ امن“ (ٽالسٽاءِ)، ”هئمليٽ“ ۽ ”وينس جو واپاري“ (شيڪسپيئر)، ”مئڊم بوواري“ (فلابيئر)، وغيره شاهڪارن مان يورپ وارن ڪهڙو وڌيڪ پسند ڪيو هوندو؟ ڪهڙو يورپي اديب کين زياده پسند آهي؟‘ جواب هو، ”ڪوبه نه! يورپ ۾ مقبول ترين شاهڪار انهن مان ڪنهن به عظيم هستيءَ جو لکيل ڪونهي؛ ان بيمثل ڪتاب جو مصنف ڪوبه يورپي ڪونهي!“

وري ٻيو سوال پڇيل هو: ”ڀانيو ٿا ته اهو مقبول ترين ڪتاب ڪهڙيءَ يورپي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي؟“ سامهون ڪي مکيه يورپي ٻوليون ڄاڻايل هيون- جهڙوڪ انگريزي، فرينچ، جرمن، اسپيني، وغيره. مون انهن سڀني ٻولين جي ادب جي ماکيءَ جهڙن مٺن ۽ شفاف چشمن مان، ترجمانن جي مهربانيءَ سان، چُڪيون پيتيون آهن، تنهنڪري اَڻتڻ ٿيم ته يورپ وارن جو منتخب ڪيل اهو گوهر ڪهڙيءَ ٻوليءَ جي دامن ۾ لڪل آهي. وري به جواب لکيل هو، ”ڪنهن ۾ به نه! يورپ جو مقبول ترين ڪتاب ڪنهن به يورپي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪونهي. اهو هڪ ڌارين ٻوليءَ تان ترجمو ڪري يورپي ٻولين ۾ آندل هو، ۽ سڄي يورپ ۾ مقبول آهي. ڀانيو ٿا ڪهڙيءَ ٻوليءَ تان؟ عربيءَ تان! ۽ ڪتاب اوهان ۽ اسان به پڙهيو آهي. نالو اٿس- ’الف ليلى‘!“

انهيءَ ڳالهه مان نه رڳو ’الف ليلى‘ جي بيمثال مقبوليت ۽ يورپ وارن جي وسيع نظريءَ جو ثبوت ملي ٿو، پر ساڳئي وقت اها ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ته ڌارين ٻولين مان ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهندڙن تي ڪيترو اثر ڪري سگهن ٿا.

دنيا جي ادب جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀريل آهي جو ماڻهن ناڻن جون خُرزينون خرچ ڪري ڌارين ٻولين جا ڪتاب ترجمو ڪرائي پڙهيا آهن. ايران جي شاهن ۽ بغداد جي خليفن، لکين رپيا خرچ ڪري، سنسڪرت تان ”نل- دمينتيءَ“ جهڙا ڪتاب فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايا، ۽ اُهي ڪتاب اڄ تائين ”انوار سهيلي“، ”گلزار چنبيلي“ ۽ ٻين نالن سان دنيا جي پڙهندڙن کان داد وصول ڪري رهيا آهن.

انگلنڊ توڙي آمريڪا ۾ جيڪا مقبوليت اڄ عمر خيام کي حاصل آهي. ان سان شيڪسپيئر جهڙين شيرين ڪلام جادوگر جي به جاءِ نه آهي. اهو انگريزي ترجمان ’فِز جيرالڊ‘ جي ترجمي جو ڪرشمو آهي، جنهن خيام جي شعر جي گوناگون رنگ برنگي بهشتن کي انگريزيءَ جي قالب ۾ اهڙيءَ ته خوبصورتيءَ ۽ ڪمال سان آندو آهي جو پڙهندڙ مست ٿيو پون.

اها ڳالهه مشهور آهي ته فرينچ انقلاب جو ٻج فرينچ اديبن ڇَٽيو. رؤسو، ڊيڪارٽ، والٽيئر ۽ ٻين بيباڪ اديبن پنهنجين لکيتن سان فرينچ عوام جي دماغن ۾ اُها باهه لڳائي ڇڏي، جنهن جي شعلن آخر فرانس جي جاگيرداري سماج کي ڀسم ڪري ڇڏيو. ساڳيءَ ريت ٿامس پين، جيفرسن ۽ ٻين آمريڪي اديبن کي آمريڪي انقلاب، ۽ چيخوف، ٽالسٽاءِ ۽ گوگول کي روسي انقلاب جو نقيب تسليم ڪيو ويندو آهي.

مگر، اها ڳالهه ٿورن کي معلوم آهي ته دنيا جا ڪيترا ئي سماجي ۽ ذهني انقلاب ترجمو ڪندڙن جي ڪاوشن جو نتيجو هئا. عباسي دور ۾ مترجمن، يوناني اڪابرن جا فلسفي ۽ سياست بابت شاهڪار يونانيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، اُموي ۽ عباسي دور جي زواليت پذير ۽ تنگ نظر خيالن ۾ ٿرٿلو پيدا ڪيو، ۽ اڳتي هلي کوجنا، ڳولا ۽ سوچ جو اُهو نئون دور پيدا ڪيو، جنهن اسلامي دنيا کي غزالي، ابن رشد، رومي ۽ بو علي سينا جهڙا يگانا دانشور عطا ڪيا.

اڄڪلهه ايشيا ۽ آفريڪا ۾ قوميت ۽ سجاڳيءَ جي جيڪا زبردست هلچل هلي رهي آهي، تنهن جو علمي بنياد رڳو اُتي جي اصلوڪين لکيتن ۽ اخبارن تي ئي نه آهي، پر اُتي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن سڌريل ٻولين جي ادبي ۽ ذهني دريائن مان اُڃ لاهين ٿا. ظاهر آهي ته اهو سهرو ترجمو ڪندڙن جي سر تي آهي، جي لاثاني شاهڪارن کي منحت ۽ ڪاوش سان ترجمو ڪري، عوام کي انهن مان فائدي پرائڻ جو موقعو ڏين ٿا.

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته عام ماڻهو ڌارين ٻولين جي ترجمن کي ايترو چاهه سان نه پڙهندا، جيترو انهن جي ڪتابن کي. درحقيقت اِها ڀُل آهي. سنڌ جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ به سڀ کان زياده پسند پيل داستان ڌارين ٻولين جا آهن- جهڙوڪ امير حمزو، سيف الملوڪ، ليلى- مجنون، ممتاز- دمساز، الف ليلى وغيره. منجھانئن ڪي ته ماشاءَ الله مهينن ۾ مس پورا ٿيندا، ته به پڙهڻ وارا چاهه سان پيا پڙهن.

سنڌي نوجوانن تي ڏيپلائيءَ جيڪو گهرو اثر وڌو ۽ هو جيترو مقبول ٿيو، سو ڪنهن کان لڪل ڪونهي. منهنجي راءِ آهي ته ڏيپلائيءَ جا ڪيترا ئي اوائلي ڪتاب عبدالحليم شرر، صادق حسين ۽ راشد الخيريءَ جا آزاد ترجما هئا. ڏيپلائيءَ ترجمي جو جيڪو حق ادا ڪيو، تنهن جو نتيجو نه رڳو اهو نڪتو جو ماڻهن کي اُهي ترجما اصلوڪن سنڌي ناولن کان هزار دفعا وڻندڙ لڳا، پر هو خود به هڪ ڪامياب اصلوڪو ليکڪ بنجي ويو. اڄ چهريءَ ۽ رسيليءَ لکڻيءَ ۾ ڏيپلائيءَ سان ڪير ڪُلهو هڻي؟

دنيا جون شاهوڪار ٻوليون رڳو پنهنجيون ڏيڍ چانور جون جدا ديڳڙيون چاڙهي ان مان ٿُلهيون ڪونه ٿيون آهن، پر انهن ٻين ٻولين جا خزانا ميڙي پنهنجيون جهوليون ڀريون آهن. رڳو انگريزيءَ جو ئي مثال وٺو: دنيا جي ڪهڙي ٻوليءَ جو ڪو چڱيرو ڪتاب آهي، جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪونهي؟ رڳو مون ئي جرمن، چيني، فرينچ، روسي، نارويجن، پولِش، عربي، پارسي، سنسڪرت، آئيس لينڊڪ، لٽويائي، اِسپيني ۽ هنگرين ٻولين جا سوين ڪتاب انگريزي ترجمي جي صورت ۾ پڙهيا ۽ ڏٺا آهن. سنڌيءَ مان به ’شاهه ڀتائيءَ جو احوال‘ (سورلي) ۽ ڪجھ ٻيون چيزون انگريزيءَ ۾ آيل آهن. تازو سنڌي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو پڻ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت، هڪ عام انگريز گهر ويٺي، ست سمنڊ پري جي اوپرن ۽ اڻڄاتل ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ، تمدن، تهذيب، تاريخ، ڏند ڪٿائن، ڪهاڻين، هنرن، مذهبن ۽ رسمن جو اهڙو ته پڪو پختو احوال معلوم ڪريو ويٺو آهي، جنهن جي خود اتي جي ماڻهن کي به خبر نه آهي.

اڙدوءَ جي اُسرڻ جو سبب به ترجما آهن. دنيا جا هزارين شاهڪار اڙدوءَ جي ويس ۾ اچي چڪا آهن. اڙدوءَ جا ”نفسيات“، ”جنسيات“، ”سراغ رسان“ ۽ ”آداب عرض“ جهڙا رسالا پڻ هر مهيني ڌارين ٻولين جا سوين مضمون ۽ لکيتون اڙدوءَ ۾ آڻين ٿا، ۽ اڙدو پڙهندڙن جي ذهنن کي وسيع ڪن ٿا.

ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ به ترجمي جا من موهيندڙ چشما موجود هئا. ”ڪهاڻي“، ”مالها“ وغيره ادارا هر مهيني ڪ نه ڪو بنگالي، هندي ۽ اڙدو يا ٻيو ڪو سهڻو ناول يا ڪهاڻين جو مجموعو پيش ڪندا هئا. شرت چندر چئٽرجي، بنڪر چندر چئٽرجي، پريمچند ۽ ٽئگور جهڙن عظيم ناول نويسن سان اسان جو تعارف انهن رسالن ڪرايو.

جيڪڏهن اهڙا ادارا اڄ تائين قائم هجن ها، ته سنڌ جي واهڻن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماستر ۽ سنڌي خواندا نوجوان به اڄ ضرور ڊڪنس (مصنف: ”ٻن شهرن جي ڪهاڻي“، ”ويران گهر“، ”ڊوڊ ڪاپرفيلڊ“، وغيره)، اِسٽيونسن (مصنف: ”گڏهه جو سفر“، ”خزاني جو ٻيٽ“، ”رڄ چڱو مڙس“)، هارڊي (مصنف: ”پاڪ عورت“، ”ڪيسٽر برج جو ميئر“، وغيره) ۽ جين آسٽن (مصنف: ”تڪبر ۽ بدگماني“، سمجھ ۽ احساس“) جهڙن انگريز اديبن، گستاؤ فلابيئر(مصنف: ”مادام بواري“)، بالزاڪ (مصنف: ”ٻڍو گوريو“، وغيره)، اناطول فرانس (مصنف: ”ٻگهن جو ٻيٽ“)، ايمل زولا (مصنف: ”نئنا“، وغيره) جهڙن فرينچ اديبن؛ ٿامس مين (مصنف: ”بيڊ بنروڪ ڪٽنب“)، ٿامس ڊريسر (مصنف: ”ادي ڪئري)) جهڙي جرمن اديبن؛ ليو ٽالسٽاءِ (مصنف: ”جنگ ۽ صلح“، ائنا ڪرينينا)، داسو وسڪي (مصنف: ”احمق“، ”ڏوهه ۽ سزا“، ”مئل روح“)، ايليا اهرنبرگ (مصنف: ”طوفان“، ”پئرس جي شڪست“) جهڙن روسي اديبن ۽ لوهسون؛ (مصنف: ”عجيب آکاڻيون“) ۽ مائوتون (مصنف: ”ماکي ۽ کير“) جهڙن چيني اديبن، ۽ ٻين بيشمار دانشورن، اديبن، افسانه نگارن ۽ مضمون نگارن جي جڳ- مشهور، رنگ برنگي، بي بها ۽ بيمثل شاهڪارن جو سواد حاصل ڪري، پنهنجي قلب کي فرحت ۽ ذهن کي آسودگي ڏين ها.

اڄ عام سنڌي خواندن کي ڪهڙي خبر ته ڊڪنس، ٽالسٽاءِ، هارڊي ۽ زولا دنيا کي ڪهڙيون من مهڻيون مورتون بخشي ويا اهن؟ ڪير آهي، جو ”ٽيس“ (انگريز)، ”ائنا ڪرينينا“ (روسي)، ”مادام بواري“ (فرينچ) ۽ ”نئنا“ (فرينچ) جهڙين حيرت انگيز ۽ بيمثل هيروئنن جو تعارف سنڌ جي پڙهندڙن سان ڪرائي؟ ڪير آهي جو کين ”باب ساير“ ۽ ”ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ“ جي کلائيندڙ ۽ پڻ روئاريندڙ ڪارنامن کان واقف ڪري؟ دنيا جا نادر شاهڪار اسانجين اکين اڳيان موجود آهن: ڪو هجي جو ٻوليءَ جي ٻوليءَ جي پُل پار ڪرائي، ذهن ۽ فڪر جي بهشتن جو سير ڪرڻ ڏي! آءٌ ته چوندس ته اسان کي اصلوڪن لکندڙن کان به ترجمو ڪندڙن جي وڌيڪ ضرورت آهي، جي اسان کي اول اهڙا ڪتاب ڏين، جن کي پڙهي، خود اسان جا لکندڙ لکڻ، ۽ پڙهندڙ پڙهڻ سکن.

سنڌي ادب جي هن دور جو هيرو، ترجمو ڪندڙ ٿيڻ کپي. سنڌيءَ کي ترجمن جي ضرورت آهي- سُٺن ۽ معياري ترجمن جي، جفاڪش ۽ روشن دماغ ترجمانن جي، جي مرزا قليچ بيگ وانگر دنيا جي ترقي يافته ٻولين جي ادبي ۽ علمي خزانن جا دروازا سنڌين لاءِ کولي ڇڏين. سڀني کي خبر آهي ته مرزا صاحب سنڌيءَ زبان جو محسن اعظم هو، جو هن سنڌيءَ جو سٺو شعر ۽ ادب لکيو؛ پر آءٌ چوندس ته مرزا صاحب جو سنڌيءَ تي انهيءَ کان به وڏو احسان اهو آهي جو هن شيڪسپيئر، بيڪن، سمائيل ۽ ٻين عظيم يورپي مصنفن جا شاهڪار سنڌيءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا. اڄ اهي ترجما پڙهي دل خوش ٿئي ٿي. ڪهڙِ نه مٺي ٻولي، ڪهڙيون نه نج سنڌي ترڪيبون! ڪير چوندو ته ”نيڪي ۽ بدي“ ۽ ”شاهه ايليا“ ترجما آهن؟ انهن کي پڙهي، آخوند لطف الله جو مشهور ترجمو ”جانعالم“ ياد اچيو وڃي. اهڙا ترجما پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم ادبي ڪارناما آهن، ۽ عام اصلوڪين لکيتن کان گهڻو مٿانهين درجي جا آهن.

’سنڌي ادبي بورڊ‘ انهيءَ سلسلي ۾ نمايان ڪم ڪري رهيو آهي. دنيا جون ڪيتريون ئي سٺيون تصنيفون هيستائين سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪيون آهن، اڃا ڪيترائي ڪتاب، جيتريقدر مون کي معلوم آهي، بورڊ طرفان ترجمو ڪرايا پيا وڃن، يا پريس ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهن. رڳو ”چونڊ آمريڪي مختصر افسانا“ ئي اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي نون لکندڙن جي تمام گهڻي رهنمائي ڪندو. ايمانداريءَ سان چئجي ته ’جونيس مالٽبيءَ‘ جي هڪڙيءَ ڪهاڻيءَ جي ترجمي پڙهڻ سان جيڪو لطف اچي ٿو، سو ٻين سَوَن ڪتابن پڙهڻ مان به شايد ئي اچي. يا، ”ڪافر“ کي وٺو. ڀلا آهي ڪو جواب، ڪهاڻيءَ جي زبردست ۽ بي پناهه قوت جو؟ پڙهندي پڙهندي هڪ ڳهر ۽ نشو چڙهيو وڃي. انسان پنهنجو پاڻ کي نيڪيءَ ۾ ۽ انسان دوستيءَ جي آسمان تي اڏامندو پيو محسوس ڪري. آءٌ ته جيڪر هر سنڌي افسانه نگار کان پڇان ته ”امريڪي مختصر افسانا“ پڙهيا اٿئي؟“ جي چوي ’نه‘، ته جيڪر چوانس ته ’مهرباني ڪري پهريائين اهي پڙهي پوءِ ڀلي افسانه لک!‘ جڳ- مشهور مصنف ’ٽالسٽاِء‘ جو ڪتاب ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ ۽ ’جيمس فريزر‘ جو ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ اهي انمول شاهڪار آهن، جن کي انسان جي فڪري تاريخ ۾ بين الاقوامي شهرت ملي چڪي آهي. بورڊ جا ٻيا به ترجمو ڪرايل ڪتاب، سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو چئي سگهجن ٿا. اڃا به ڪيترائي بي بها ترجما بورڊ طرفان اشاعت لاءِ تيار ٿي رهيا آهن، جن مان ڪن ڪتابن جا نالا مون کي معلوم ٿي سگهيا آهن- جهڙوڪ ”زردشت جو خطبو“، ”گرنس جون آکاڻيون“، ”ڊان ڪُئگزاٽ“ (از سر وينسٽيس) ”ڪئڊيڊ“ (ار والٽيئر)، ”ڊي ڪئمران“، (از يوڪيشيو)، ”دنيا جا سئو مشهور افسانا“، ”اقتصادي انصاف“ (جان رسڪن) ”ڊان آف ريڊم“، وغيره.

رسالي ”مهراڻ“ پڻ ترجمن جي باب ۾، دنيا جي مختلف ٻولين جي بهترين اديبن جون منتخب ڪهاڻيون ۽ مقالا پيش ڪري، سنڌي ادب جي جهوليءَ کي مالامال پئي ڪيو آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ ادبي ڪفر آهي. ”هئڊروجن بم کان پوءِ“ (ڪهاني، ڪرشن چندر- سرءُ، 1955)؛ ”دروازو“ (ڪهاڻي، ٽئگور- سرءُ، 55ع)؛ ”آخرين پَنُ“ (ڪهاڻي، او هينري- سرءُ، 55ع)؛ ”اکڙيون“ (ملايالم ٻوليءَ جي ڪهاڻي، ڪ. ٽ. محمد- اونهارو، 55ع)؛ ”دنيا جا رنگ“ (ڪهاڻي، والٽيئر- 1، 56ع)؛ ”طوفان“ (هندي ڪهاڻي، پ. پدماراءُ- 1، 56ع؛ ”انسان ۽ سندس دنيا“ (مضمون، جان وئن ڊُون سائوٿ ورٿ- 1، 56ع)؛ ”اوور ڪوٽ، (ڪهاڻي، والٽيئر- 1، 56ع)؛ ”اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن“ (ناٽڪ، نورا رچرڊس- 3، 56ع)؛ ”انساني غير برابريءَ جي ابتدا“ (مضمون، جي. جي. رؤسو- 4، 56)؛ ”ڀيڻ“ (ڪهاڻي، موپسان)؛ ”پاشا“ (ڪهاڻي، گورڪي)؛ ”ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان کي ڪهڙي خبر آهي؟“ (مضمون، سي. اي. ايم. جوڊ- 3-4، 56ع)؛ ”موٽي نه اچجانءِ“ (ڪهاڻي، رضيه سجاد ظهير- 1-2، 58ع)؛ ”ليلا- مجنون“ (دنيا جي بهترين (دنيا جي بهترين چونڊ ڪهاڻين مان هڪ، پارسي، ’نظامي‘- 1، 59ع)؛ ”انصاف“ (شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ ’مرچنٽ آف وينس‘ جي عدالت واري سين- 1، 59ع)؛ ”شاهراهه“ (هندي ڪهاڻي، ڪملا ڪانت ورما- 2، 59ع)؛ ”پونڊرچ“ (عالمي مقابلي جي ٻيو نمبر اڙدو ڪهاڻي، اختر محي الدين- 2، 59ع)؛ ”سُريلن گين جو مُهاڳ“ (مضمون، وليم ورڊسو ورٿ- 2، 59ع)؛ ”ڇا اهو خواب هو؟“ (ڪهاڻي، موپسان- 4، 59ع)؛ ”فن جي اهميت“ (مضمون، سي. اي. ايم. جوڊ- 4، 59ع)؛ ”آخري حل، (مضمون، سيد امجد علي- 4، 59ع)- انهن سڀني چيزن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي وڃڻ هڪ اهڙِ ڪوشش آهي، جيڪا هڪ طرف اسان جي ادب ۽ زبان کي وسعت ٿي بخشي، ته ٻئي طرف خود اسان جن اديبن ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۽ ذوق جي بلنديءَ جو باعث پڻ آهي.

جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪرڻو آهي، سنڌي پڙهندڙن کي دنيا جي ادب جي رنگ برنگي ميون جو سواد وٺائڻو آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن سنڌي اديبن ۽ ادب جي معيار کي بلند ڪرڻو آهي، ته سُٺن ۽ معياري ترجمن جو باقاعدي سلسلو جاري ڪرڻ کپي.

سروپچندر ’شاد‘

تنقيد ڇا آهي؟

 

اڄ جي دليلبازيءَ واريءَ دنيا ۾ اهو رواج ٿي ويو آهي ته اسين جن به موضوعن تي بحث ڪريون، انهن جون پهرين پهرين معقول وصفون به ڏيون، جي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي منطقي ۽ سائنٽيفڪ نموني مطمئن ڪن. درحقيقت، بقول مشهور انگريزي نثر نويس ۽ فيلسوف ڪارلائل، ”رواجن اسان کي انڌو بنائي ڇڏيو آهي.“ اسين رواج جي ڦندي ۾ ڦاسجي، شين جي حقيقت ڏانهن رغبت ڏيکاريندڙ ناتي ان پري هٽي وڃون ٿا، ۽ اوندهه ۾ هٿوارڙيون ڏيئي، جو ڪجھ به حاصل ٿئي ٿو انهيءَ کي سچ سمجهي، پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکي ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين ڪنهن به موضوع تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ جي وصف ٻڌائيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان اسين مقصد کان پري هٽي، لفظن سان کيڏي، نه رڳو پڙهندڙ کي پر پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بنائي، خوش ٿيندا آهيون. اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻندي به، مان اهو ضروري ٿو سمجھان ته تنقيد جي صحيح مفهوم کي ظاهر ڪندڙ هڪ اهڙي وصف پيش ڪريان، جا ’بلڪل تنگ‘ ۽ ’بلڪل وسيع‘ جي وچ ۾ هڪ پُل هجي.

تنقيد جي وصف ڏيڻ اهڙوئي ڏکيو آهي، جهڙو اهو ٻڌائڻ ته زندگي ڇا آهي، حُسن ڇا آهي؟ قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن سوڌو، تنقيد جون گهڻيئي هڪٻئي سان اختلاف رکندڙ وصفون پيش ڪيون وييون آهن؛ ۽ اڃا تائين به اهو ٻڌائڻ ته تنقيد ڇا آهي، اهڙو ئي منجهيل ۽ ڏکيو معاملو آهي، جهڙو شروع کان وٺي هو. هِتي آءٌ، پنهنجي معقول وصف پيش ڪرڻ کان اڳ ۾، ڪن دني اجي مسهور، قديم توڙي جديد، نقادن جون وصفون سائنٽيفڪ تجزيي لاءِ پيش ڪندس. ڊرائڊن، انگريزي ادب جي مشهور نقاد، لکيو آهي ته تنقيد کي پهرئين پهرئين ارسطوءَ ڪم آندو هو، ۽ اُن مان سندس مراد هئي ’مُلهه ڪٽڻ جو معيار‘. تنقيد جي هيءَ وصف بلڪل سادي ۽ مٿاڇري آهي. پنجين صدي ق. م. ۾ آٿينس وارن ”ڪنهن به ادبي ڪم کي واکائڻ يا ساراهڻ جي شعوري ڪوشش“ کي تنقيد سڏيو. انهيءَ وصف ۾ ذاتي پسندگي ۽ ناراضگيءَ جو ظآهر ظهور دخل آهي. انهيءَ کي تنقيد نه، پر البت راءِ ڏيڻ چئي سگهجي ٿو. هڪ ٻار به راءِ ڏيئي سگهي ٿو ته هي رانديڪو سٺو آهي، هي ٽول خراب آهي، فلاڻي شيءِ خراب آهي يا فلاڻي شي سٺي آهي. انهيءَ وصف ۾ ٻاراڻي راءِ جي جهلڪ انهيءَ ڪري نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته هيءَ وصف ان وقت جي آهي، جڏهن تنقيد جو فن اڃا پنهنجي ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ هو. انگريزي ادب جو مشهور نقاد ميٿيو آرنلڊ (Mathew Arnold) تنقيد جي وصف ڏيندي لکي ٿو ته، ”تنقيد هي بيغرض ۽ بيريا ڪوشش آهي، جنهن جي ذريعي اهو ڄاتو وڃي ٿو ته دنيا ۾ بهترين طور تي ڇا ڇا ڪيو ۽ سوچيو پيو وڃي، ۽ پوءِ انهيءَ کي عوام تائين پهچايو وڃي ٿو.“ هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪو عام رواجي ماڻهو بيريا ۽ بيغرض ٿي سگهي؟ هر هڪ عام رواجي ماڻهوءَ کي پنهنجون ذاتي پسنديون ۽ عير پسندگيون، شخصي ضد ۽ جماعتي مفاد وغيره هوندا ئي هوندا آهن؛ هو انهن کان جدا ٿيڻ جي نه ڪوشش ڪندو آهي، ۽ نه وري ائين چاهيندو ئي آهي. انهيءَ وصف مان وري هڪ ٻيو خطرو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن فرض به ڪجي ته هڪ بيريا ۽ بيغرض نقا ڪنهن ادبي ڪم کي تنقيدي نظر سان ڏسي ٿو، ته ممڪن آهي ته هو انهيءَ ادبي ڪم کي وري سماجي، اقتصادي يا سياسي تقاضائن جي مدنظر پرکي، انهيءَ ادبي ڪم کي وري سماجي، اقتصادي يا سياسي نظر سان ڏسي ٿو، ته ممڪن آهي ته هو انهيءَ ۾ ڀريل انساني تقاضائن کي ڌيان ۾ نه آڻي، انهيءَ سياسي تقاضائن جي مدنظر پرکي، انهيءَ ۾ ڀريل انساني تقاضائن کي ڌيان ۾ آڻي، انهيءَ ادبي شهپاري کي ڌڪاري، فنڪار سان ڪٿي نا انصافي نه ڪري ويهي. اهو ڏيکاري ٿو ته تنقيد ادب کي سماجي، اقتصادي يا سياسي تقاضائن کان مٿي، انساني تقاضائن تي پرکڻ جو هڪ فن آهي. فرانس جي نقاد ’اسڪيريئر‘ جي وصف انهن سڀني وصفن کان، معنيٰ جي لحاظ کان، تنقيد جي مفهوم کي بلڪل ويجهي آهي. هو چوي ٿو ته ”تنقيد هڪ پرک آهي، جا ڪنهن به ادبي شهپاري جي اندروني مقصد کي ظاهر ڪري، کيس پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ تي مجبور ڪري ٿي.“ تنقيد جو دائرو ايڏو وسيع آهي، جيڏي هيءَ ڪائنات. اِسڪيريئر جي وصف ۾، ٻين مٿي بيان ڪيل نقادن جي پيش ڪيل وصفن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ سچائي نظر اچي ٿي.

تنقيد ڇا آهي؟ تنقيد اهڙو سولو ۽ آسان فن ناهي، جهڙو سمجهيو وڃي ٿو. تنقيد لفظن جي آوازن کي سڃاڻي، جي ڪن اڻ لِکيل حقيقتن کي ظاهر ڪن ٿا، انهن مان حظ حاصل ڪرڻ جو ذريعو ناهي. پڙهندڙ جو آواز ڪهڙو به وڻندڙ هجي، ۽ مکين جي ’ڀڻ ڀڻ‘، جهرڻي جي ’جهر جهر‘، هنجن جي ’تڙڳڻ‘ مان کڻي ڪهڙو به مٺو آواز پيدا ٿئي، تڏهن به انهيءَ قسم جي آوازن مان حاصل ٿيل سادو ۽ اُتاڇرو حظ، تنقيد مان حاصل ٿيندڙ غير رواجي، مطمئن ڪندڙ لڙڪ گاڏڙ مرڪ سان برميچي نه سگهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com