سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :23

افسانه نويسي، هڪ فن

’ادب‘ هڪ وسيع ۽ جامع لفظ آهي، جيڪو مختلف فنن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جي دائري ۾ شاعري، ڊرامي، ناول ۽ افساني جا فن اچي ٿا وڃن. اهي مڙئي فن پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ايڏا ته وسيع ۽ مڪمل آهن جو انهن مان پوريءَ طرح واقفيت حاصل ڪرڻ کان سواءِ اسين ادب جي مناسب ۽ صحيح تعريف ۽ تحسين ڪري ڪونه سگهنداسون. اهي فن جيتوڻيڪ جدا جدا آهن، پر ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪٻئي سان تعلق رکن ٿا. انهن سڀني ناول ۽ افساني (مختصر افساني) جو هڪٻئي سان گهاٽو رشتو آهي، جنهنڪري انهن ٻنهي صنفن جي فن کي هڪڙوئي نالو ”افسانوي ادب“ (fiction) ڏن ويو آهي. افسانوي ادب جي سِري هيٺ آکاڻيون، قصا ۽ داستان به شامل آهن. ساڳيءَ طرح افساني ۽ ناول جا به مختلف روپ آهن، جن ۾ تميز ڪرڻ لاءِ انهن لاءِ خاص خاص نالا ڏنا ويا آهن- مثلاً مختصر افسانو، ويل مختصر افسانو، ناول ۽ ناوليٽ (مختصر ناول) حقيقت ۾ ’طويل مختصر افسانو‘ به ’ناوليٽ‘ (novelette) جو هڪ ٻيو روپ آهي، جنهن کي فرينچ لوڪ nouvelle چوندا آهن. مختصر افساني جي فن کي سمجھڻ لاءِ لازمي ڪونهي ته انهن سڀني فنن ۽ صنفن جو تفصيلوار بيان ڪجي. البت افساني ۽ ناول جي ڀيٽ ۽ مقابلو ڪنداسون ۽ ڪيترائي فني اول ۽ مَتا چڱيءَ طرح واضح ٿي ويندا، جيڪي پنهنجي نوعيت ۽ ماهيت جي لحاظ کان جيتوڻيڪ ٻنهي فنن ۾ هڪجهڙا آهن، پر تاثير جي نقطه نظر کان مختلف درجن جا هوندا آهن.

’مختصر افسانو افسانوي ادب (fiction) جو هڪ حصو آهي، جيڪو طوالت جي لحاظ کان ڏهن منٽن کان وٺي هڪ ڪلاڪ جي وقت اندر پڙهي سگهجي ٿو، ۽ جنهن ۾ ڪنهن به واضح موضوع، ڪنهن مڪمل روحاني يا مادي واقعي يا واقعن جو سلسليوار بيان هوندو آهي.‘ مختصر افساني جِي، سامرسٽ ماهام جي لفظن ۾ هيءَ تعريف، مختصر هوندي به جامع آهي. افساني جو روح ان جو ’اختصار‘ آهي. ان ۾ زندگيءَ جي ڪنهن خوشگوار يا دکدائڪ حالت يا ڪهن انسان سان ٿيل ڪنهن وقتي ماجرا يا ان جي ذهني مونجهاري جو مختصر انداز ۾ بيان ٿيندو آهي. اهڙو اختصار ڪهاڻين، قصن ۽ داستانن ۾ به موجود هوندو هو، پر اُهي فني ۽ جمالياتي اصول انهن ۾ اڻلڀ هئا، جيڪي مختصر افساني لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا. انهن جي سِٽا ۾ اهڙي لچڪ ڪانه هوندي هئي جو فضا ۽ ماحول جي رنگينين، فڪر ۽ تخيل جي باريڪ بينين، ڪردار نگاريءَ جي مشڪل اٽڪلن، ۽ اسلوب جي رمزيت ۽ اشاريت جو بار سهي سگهن. البت ناول جو فن ئي آهي، جيڪو انهن صفتن سان سينگاريل آهي. پر ناول ۽ افساني ۾ حد بنديءَ کي قائم نه رکيو ويو ته انهن جي فن ۾ امتياز ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ناول جو تعلق زندگيءَ جي وسعتن ۽ گهرائين سان هوندو آهي، پر افساني جي وسعت ۽ ڪشادگيءَ جو خيال به آڻي نٿو سگهجي. ناول جو دائرو ڪنهن فرد ي سموري زندگيءَ کي گهيرو ڪيل هوندو آهي- جيئن ’رومين رولان‘ (Romain Rolland) جي عظيم ناول ”جين ڪرسٽوفي“ (Jean Christophe) ۾، ’جين ڪرسٽوفي‘ جي سموري حياتيءَ، ڄم کان وٺي موت تائين، جو ذڪر آهي. يا بعض وقت اهو زندگيءَ جي ڪنهن مختصر دور تائين محدود هوندو آهي، جنهن جو مثال ’آرنيسٽ هيمنگوي‘ جو مختصر ناول ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمنڊ“ (The Old Man and The Sea) آهي. ناول ۾ وقت جي پکيڙ صدين تائين ٿي سگهي ٿي- جيئن ’ورجينا وولف‘ جي ناول ”آرلئنڊو“ (Orlando) ۾ ايلزبيٿ جي دور کان وٺي ويهين صديءَ جي دور تائين وقت پکڙيل آهي، يا جيئن قرة العين حيدر پنهنجي شاهڪار ناول ”آگ ڪا دريا“ ۾ وقت جي پکيڙ چئن هزارن سالن، يعني ٻه هزار سال قبل مسيح (ٻڌ مذهب جي سونهري دور) کان وٺي هن دور تائين قائم رکي آهي؛ يا ته وري وقت فقط هڪ ڏينهن يا ڪن ڏينهن تائين محدود هوندو آهي، جيئن ’جيمس جوائس‘ جي ناول “Ulysses” ۽ ڪرشن چندر جي ناول ”شڪست“ ۾ ڏيکاريل اهي. ناول جو مرڪزي خيال ايترو عالمگير هوندو آهي جو پوري انسانذات ان ۾ دلچسپي وٺي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ ليوٽالسٽاءِ جو جڳ- مشهور ناول ”جنگ ۽ امن“ (War & Space) سواليه نشانيءَ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن کان ڪوبه انسان بچي ڪونه ٿو سگهي. پر مختصر افساني ۾ وقت جي پکيڙ جا صرف اشارا ملندا آهن. موپاسان جي ڪيترن ئي افسانن ۾ اهي اشارا ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيل آهن. ممختصر افساني ۾ مرڪزي خيال- موپاسان جي افسانن “The Diamond Neckless” ۽ “Love”، ۽ او هينريءَ جي “Cop & Anthem” ۽ “Gift of Magi” جي مرڪزي خيال وانگر- زندگيءَ جو ڪوبه معمولي واقعو ٿي سگهي ٿو، جيڪو معمولي ۽ سادو هوندي به ڏاڍو اثرائتو ۽ هميشه قائم رهندڙ هوندو آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پُرڪشش ۽ جاذب تسلسل جو هجڻ ضروري آهي، جيڪو پڙهندڙن جي خيال کي قائم رکي سگهي ۽ هنن جي دلچسپيءَ ۽ سُونجهه کي وڌائي سگهي. ڪهاڻيءَ جي ’شروعات‘، ’وچ‘ ۽ ’آخر‘ هجي، جو اهڙيءَ حالت ۾ ان جو توازن قائم رهندو؛ ۽ منجهس فطري واقعن جي گهڻائي هجي، جيڪي نه رڳو مرڪزي خيال کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪن، بلڪ اهي اهڙي قسم جا هجن جو خود به ڪهاڻيءَ مان ئي اُڀرندا ۽ اُسرندا رهن. برخلاف ناول جي، ڪيترا ئي اهڙا افسانا لکيا ويا آهن جن ۾ ڪهاڻيءَ جو نشان ئي ڪونه ٿو ملي. ڪهاڻي جي ترتيب کي ’پلاٽ‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو ناول توڙي افساني ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. پر ڪيترن افسانه نويسن پنهنجن نون نون تجربن ۾ پلاٽ جي اهميت کي بنهه نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري ڪهاڻي پس منظر ۾ غائب ٿيو وڃي. ان هوندي به افساني جي افسانويت تي برو اثر نٿو پوي، ۽ اُها سلامت رهي ٿي. ناول م پلاٽ جو هجڻ اشد ضروري آهي. ٻيءَ صورت ۾ ڪهاڻيءَ جي ترتيب ڪين رهندي، ۽ مرڪزي خيال جو سڄو دائرو درهم برهم ٿي ويندو. ساڳيو حال ڪردارن ۽ ڪردار نگاريءَ جو آهي. ناول ۾ ڪردار نگاريءَ جا بيشمار موقعا ملندا آهن- بلڪ ناول ۾ جيتري گهڻي ڪردار نگاري ڪيل هوندي، اوتري ناول جي عظمت وڌي ويندي. جيئن ته ناول ۾ گهڻا ئي ڪردار هوندا آهن، تنهنڪري انهن جي هر پهلوءَ جي روشنيءَ ۾ اچڻ جو گهڻو امڪان آهي. ناول جو ڪردار مختلف انفراديت جو مالڪ هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو “Brothers Karmazov” ۽ “War & Peace” ۾ ڊوسٽو وسڪي ۽ ليوٽالساءِ جي ڪردار نگاري بينظير آهي. ڪردار نگاريءَ جو ڪمال جيڪو ناول ۾ ملندو، سو افساني ۾ ملڻ مهال آهي، ان جو اهو مطلب ڪونهي ته افساني ۾ ڪردار نگاريءَ جون نفيس ۽ نازڪ خوبيون پيدا ٿي ڪين ٿيون سگهن؛ پر افساني ۾ ڪردار فقط چند گهڙين لاءِ نروار ٿيندا آهن، ۽ سندن مختصر تعارف اشارن ئي اشارن ۾ بيان ٿيندو آهي. چيخوف جي افسانن، “Ward No: 6” وغيره، ۽ عصمت چغتائيءَ جي خاڪي ”دوزخي“ جي ڪردارنگاري مثالي آهي. اهڙي قسم جي ڪردار نگاري ايتري ته اثرائتي هوندي آهي جو ان جو جادو دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري ويندو آهي. ناول ۾ ڪردار نگاريءَ جو انداز کليل ۽ واضح ٿئي ٿو، پر افساني جي ڪردار نگاري مختصر هوندي به ايتري ڀرپور هوندي آهي جو ڪردارن جون خوبيون ۽ خاميون پڌريون ٿي پونديون آهن. هوشيار ۽ ذهين افسانه نگار اڪثر ڪري ڪردار نگاريءَ جو سهارو وٺندو آهي، جنهنڪري هڪ طرف سندن خيالن جي پوريءَ طرح وصاحت ٿي ويندي آهي ۽ ٻئي پاسي ڪردار بينقاب ٿي پوندا آهن. مغربي ٻولين جا ڪيترا ئي افسانا اهڙا آهن، جن جو مدار ڪردار نگاريءَ تي هوندو آهي. ڪرسٽوفر آئشرووڊ جو طويل افسانو “Sally Bowles” (”برلن کي الوداع“ جو هڪ باب) ڪردار نگاريءَ جي چؤطرف ڦري ٿو، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ حيرت ٿئي ٿي ته ڪهڙي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪردارن جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. هتي مڪالمن جي ذڪر بيجا نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪردارن سان گهرو تعلق هوندو آهي. ناول ۾ مڪالمن پيش ڪرڻ جا گهڻا ئي وجھ ملندا آهن، ۽ اتي انهن جو هجڻ ضروري آهي؛ پر افساني ۾ جيڪڏهن مڪالما ڪونه آهن، ته ان جي خوبصورتيءَ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو پوي. ڪيترائي افسانا بياني انداز ۾ لکيا ويا آهن، جن ۾ هڪڙو مڪالمو به استعمال ڪونه ڪيل آهي. ان هوندي به، برجستا ۽ برمحل مڪالما افساني جي سونهن وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ارنيسٽ هيمنگوي جو افسانو “The Killers” شروع کان وٺي آخر تائين مڪالمن ۾ ئي لکيل آهي، ۽ اهو هن جو بهترين افسانو سمجهيو وڃي ٿو. فضا ۽ ماحول جو رومانوي انداز ۾ بيان ڪرڻ فقط ناول ۽ افساني ۾ ئي ممڪن آهي. انساني ڪردار تي فضا ۽ ماحول جو اثر هڪ اٽل حقيقت آهي، ۽ ناول يا افساني ۾ ڪردارن جي عادتن جي وضاحت ڪرڻ لاءِ فضا ۽ ماحول کان مدد ورتي ويندي آهي. اوڻيهين صديءَ جا مغربي ناول نگار فضا ۽ ماحول جي بيان ۾ ڏاڍو وڌاءُ ڪندا هئا، ۽ هن دور ۾ به ائين ڪيو وڃي ٿو. پر اهڙو وڌاءُ ناول ۾ جائز آهي؛ افساني ۾ انهن جو ذڪر به اشارن ۾ ئي ڪيو ويندو آهي، پر اهڙي رنگ ۽ ڍنگ سان، جو سمورو ماحول ۽ منظر پڙهندڙ جي اکين اڳيان اُڀري ايندو آهي. ميڪسم گورڪيءَ جا اڪثر افسانا هن صفت سان سينگاريل آهن. افساني ۾، ڪردارن وانگر، فضا ۽ ماحول کي به اصل مقصد جي اظهار جو وسيلو ڪري وٺبو آهي. انهن مڙني خوبين کان سواءِ هڪ ٻي به خوبي آهي، جيڪا نهايت اهم آهي. اها خوبي آهي اسلوب يا انداز بيان. ناول يا افساني ۾ هن صفت جو هجڻ بيحد لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي وسيلي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري سگهجي ٿو. ناول جي وسعت جي ڪري هيءَ خوبي گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ٿي ڪري، جو ڪٿي ڪٿي ڊيگهه جي سبب کان ان جو اثر زائل ٿي ويندو آهي. ان کان سواءِ ناول کي قلمبند ڪرڻ لاءِ مهينن بلڪ سالن جي مدت درڪار هوندي آهي؛ جيئن ته ليکڪ جي طبع ان طويل عرصي ۾ مختلف وقتن تي مختلف هوندي آهي، تنهنڪري اسلوب، جنهن تي طبع جي اختلاف جو گهرو اثر پوي ٿو، مختلف رنگن ۾ رنگيل هوندو آهي. افساني ۾ ان ڳالهه جو امڪان ڪونهي. افساني نگار جي اسلوب ۾ طبع جي ايڪائي هوندي آهي. اختصار جي ڪري، سندس عبارت اثرائتي ۽ جاذب هوندي آهي. هو شاعر وانگر لفظن جو مانڊاڻ منڊيندو آهي، ۽ سندس جملن جي بناوت ۽ فقرن جي جوڙجڪ اهڙي هوندي آهي جو ڪڏهن به پرهندڙ جي ڌيان  کي ڀٽڪڻ نه ڏيندي. شاعريءَ وانگر، افساني ۾ به لفظن جي چونڊ خيال مطابق ڪئي وڃي ٿي، جنهنڪري انهن ۾ رمزيت ۽ اشاريت اچي ويندي آهي. ان رمزيت ۽ اشاريت جي ڪري افساني جي معنوي حصن ۾ وسعت ۽ ڪشادگي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا پرهندڙ جي جمال جي احساس کي جاڳائي هن کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. اهڙيءَ طرح پڙهندڙ جي شعور ۾ حرڪت اچي ٿي، ۽ هن جي خيال جي قوت ۾ اضافو ٿئي ٿو. ناول جي مقابلي ۾ ان قوت جو امڪان افساني ۾ گهڻي قدر آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن افساني کي پڙهڻ سان ئي (بشرطيڪ ان ۾ اها خوبي آهي) ان قوت جو احساس ٿئي ٿو، جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهي ٿو، ۽ افساني جي آخر ۾ وڃيو ختم ٿئي. موپاسان ۽ او هينريءَ جا افسانا پڙهڻ شروع ڪريو، اوهين ڪڏهن به انهن کي پڙهي ختم ڪرڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندا. اڙدوءَ ۾ منٽوءَ جي اڪثر افسانن- مثلاً ”ممي“، ”نيا قانون“، وغيره، ۽ جمال ابڙي جي افسانن- ”پيراڻي“، ”خميسي جو ڪوٽ“ ۽ ”شاهه جو ڦر“ ۾ ان قوت جو نهايت سهڻي انداز ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.

ناول ۽ افساني جي هن ڀيٽ مان واضح ٿئي ٿو ته ٻنهي فنن ۾ ڪيترا ئي هڪجهڙا اصول آهن، جن کي سمجهڻ کان پوءِ ماڻهو انهن فنن جي اڪٿر خوبين مان واقفيت حاصل ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪو ليکڪ انهن اصولن يا صفتن مان ٿورو يا گهڻو واقف هوندو ۽ انهي کي پنهنجي فن ۾ استعمال ڪندو، ته نه رڳو سندس فن ۾ سونهن ۽ زيبائش پيدا ٿيندي، بلڪ اهو هڪ مثالي حيثيت پڻ حاصل ڪندو. ڪيترا ئي افسانه نگار آهن، جن ۾ لکڻ جي قوت ته موجود آهي، پر فني اصولن کان اڻڄاڻائيءَ سبب سندن تخليقون ڪين جهڙيون ٿيو پون. بهرحال، اهي اصول ڪي اهڙا سخت ۽ ٺوس ڪونهن جو وانهن ۾ ڪا ڦير گهير يا اضافو ٿيڻ ممڪن نه ٿي سگهي؛ ۽ نه وري اهو به درست آهي ته اهڙي قسم جي اصولن کي جيڪڏهن ڪٺو ڪبو ته ناول يا افساني جو فن ٺهي پوندو: اهي فن وقت جي رفتار سان گڏ اڳتي وڌندا آيا آهن، ۽ مختلف سماجي ۽ معاشرتي حالتن جي ڪري ڪي اهڙا اصول ٺهي پيا، جيڪي انهن فنن جي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيا.

ساڳئي ڏينهن شام جي ڇهين بجي مشاعرو ٿيو، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ ڪيو، ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ ان جي صدارت ڪئي. ڪانفرنس جي هيءَ ٽي ۽ آخري نشست هئي، جنهن ۾ سنڌي ادب ۽ زبان بابت ڪجھ اهم ٺهراءَ پاس ڪيا ويا- انهن جو احوال اڳئين پرچي ۾ اچي چڪو آهي.

سڀ کان پهرين ڊاڪٽر رضي الدين صاحب کي هڪ سپاسنامو پيش ڪيو ويو، جيڪو حيدرآباد سنگت جي سيڪريٽري، مسٽر جمال رند، پڙهي ٻڌايو. سپاسنامي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڌيان تعليمي ڪميشن جي ذريعه تعليم بنسبت ڪيل انهيءَ سفارش ڏانهن ڇڪايو ويو، جنهن موجب سنڌي زبان جي اعليٰ تعليمي سطح تائين ذريعه تعليم هجڻ واري قديمي سرشتي کي ختم ڪري، ان جو استعمال صرف پنجين پرائمر درجي تائين محدود رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر صديقي صاحب جيئن ته پاڻ به تعليمي ڪميشن جي ميمبرن مان هڪ آهي، تنهنڪري کيس سنڌ جي تعليمي حالتن ۽ سنڌي زبان جي ثقافتي اهميتن کان واقف ڪرائيندي، گذارش ڪئي وئي ته هو سنڌ جي مکيه تعليمي سربراهه جي حيثيت سان سنڌيءَ کي تعليمي ذريعي طور بحال رکڻ واري عام مطالبي کي مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري. سپاسنامي ۾ ڊاڪٽر موصوف کي سندس انهيءَ واعدي جي يادگيري پڻ ڏياري وئي، جنهن موجب پاڻ پنهنجي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي زبان جو هڪ خاص تحقيقاتي محڪمو، ”سنڌي آڪيڊمي“، قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هئائين.

سپاسنامي جو جواب ڏيندي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ تقرير ۾ ٻڌايو ته ”تعليمي ڪميشن ڪنهن ’قومي زبان‘ تجويز ڪرڻ لاءِ نه، بلڪ صرف تعليمي معاملن تي پنهنجن راين ڏيڻ جي غرض سان موجوده حڪومت طرفان مقرر ڪئي وئي هئي، ۽ ان جي سفارشن کي عمل ۾ آڻڻ جا فيصلا وري به خود حڪومت کي ئي ڪرڻا آهن. اسان پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪيو آهي، ۽ آءٌ ذاتي طور انهيءَ راءِ جو آهيان  ته ڪنهن به غير مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ ناممڪن آهي.“ هن چيو ته ”اولهه پاڪستان جي اڪثريت سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ ملتاني زبانو ڳالهائي ٿي، ۽ اهو تمام ضروري آهي ته انهن زبانن کي همٿايو ۽ زور وٺايو وڃي، جيڪي ادبي طور تمام شاهوڪار آهن... جيتريقدر سنڌ يونيورسٽيءَ جو تعلق آهي، ان ۾ گهڻي وقت کان پوسٽ گريجوئيشن جا ڪلاس سنڌي زبان ۾ هلندڙ آهن؛ ۽ منهنجي هتي وائس چانسلر ٿي اچڻ واري وقت کان و‎ٺي، مون هر وقت سنڌي ڊپارٽمينٽ کي دن بدن ترقي وٺائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“

’سنڌي اڪيڊمي‘ جي باري ۾ ڳالهائيندي، ڊاڪٽر صديقي صاحب خاطري ڏياري ته هو سنڌي ادب ۽ زبان جي تحقيقاتي ڪم لاءِ نئين تعليمي سال جي شروعات ۾ ’سنڌي اڪيڊمي‘ جو پايو وجهندو.

ان بعد مشاعرو شروع ٿيو، جنهن ۾ هيٺين قابل ذڪر شاعرن حصو ورتو: ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ (صدر)، ’منظور‘ نقوي، محمد خان ’غني‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تنوير عباسي، نياز همايوني، بردو سنڌي، مظفر ’جوش‘، عبدالله ’خواب‘، محسن عباسي، سروپچندر ’شاد‘، نارائڻ ’آشا‘، عبدالجبار ’شام‘، الطاف عباسي، قطب صديقي، قلب علي ’ٽڪلو‘، معمور يوسفاڻي، پروانو ڀٽي، ناز حيدري، ولي سرشاري، رسول بخش ’فراقي‘، شيخ سومار، ۽ شمشير الحيدري.

ڊاڪٽر خليل صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ نوجوان کي استادانه مشورا ڏنا، ۽ خصوصاً هزليه ڪلام چوندڙ شاعرن کي فن ۽ زبان طرف توجھ ڪرڻ بابت مفيد سمجھاڻيون ڏنيون.

هيءَ ڪانفرنس، هر سال سنڌ جي سڀني سنڌي ادبي سنگتن جي هڪ نمائنده ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي ابتدائي ڪوشش هئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف سنگتن جا اديب ۽ شاعر حاضر ٿيا، ۽ مقامي ادب دوستن جي وڏي تعداد ان ۾ شرڪت ڪئي. حيدرآباد سنت کي پنهنجين ساليانين ڪچهرين ۽ سنڌ جي بزرگ ادبي هستين جي ورسين ملهائڻ ۾ چڱو سليقو حاصل آهي، ۽ هن ڪانفرنس کي صرف هڪ هفتي جي مختصر انتظام سان جنهن طرح ڪامياب بنايو ويو، تنهن مان اميد آهي ته سنگت هر سال اهڙين ادبي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ جو انتظام ڪندي رهندي.

سگهڙن جون ڪچهريون

هلندڙ سال جي شروعاتي مهينن ۾، سنڌ جي مشهور سگهرن لاڙ ۽ اُتر ۾ پنهنجا دورا ڪيا، ۽ هر هنڌ بيت، ڏور، هنر، ڳجهارت، سينگار ۽ سهڻن گفتن جو ڪچهريون ڪيون.

16- فيبروري 60ع تي لاڙ جي جماعت اُتر سنڌ جي هڪ هفتي جي دوري تي اُسهي، جنهن ۾ هيٺيان سگهڙ شامل هئا: بخشو شر (تعلقو سانگهڙ)، احمد خان مري بلوچ (تعلقو شهدادپور)، ۽ ٻڍو فقير (تعلقو هالا). جتي جتي هي سگهڙ پهتا ٿي، نوان نوان سگهڙ ساڻن سنگت ڪري نڪتا ٿي، ۽ هنن اُتر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اُتان جي سگهڙن سان فني چٽا ڀيٽيون ڪيون. سندن گشت جو اطلاع جيئن ته اڳيئي ميزبانن کي پهتل هو، تنهنڪري هر هنڌ تَر جا سگهڙ سندن استقبال لاءِ موجود هئا، ۽ هر ڪچهريءَ جي موقعي تي آسپاس جا ڪوڏيا سون جي تعداد ۾ اچي حاضر ٿيا. ساڳيءَ ريت، 30- اپريل 60ع تي وري اُتر جي سنگت لاڙ جي هڪ هفتي جي دوري تي نڪتي، جنهن ۾ هيٺيان ڏهه سگهڙ شامل هئا: حافي فقير مهيسر، ميوو ڦُلپوٽون، نور محمد شباڻي، مراد لاشاري، علي شير جاگيراڻي، شاهنواز ڪٽوهڙ، مٺو خان ٻرڙو، داد خان شباڻي، گلڻ خان جلباڻي، ۽ قادر بخش راڄپر. لاڙ توڙي اُتر ۾ ڪي ڪچهريون تمام وڏيون ٿيون، جن ۾ ٻنهي حصن جي سگهڙن خوب جوهر ڏيکاريا. ڪن هنڌن نڙ- بيتن وارا ۽ ’دودي- چنيسر جي ڳالهه‘ چوڻ وارا به موجوده هئا، ۽ پڻ دهلن ۽ شرناين، ڪافين ۽ ڪلامن سان ڪچهرين جي لطف ۾ گهڻو اضافو ٿيو.

هن دوري ۾ نوان نوان سگهڙ هڪٻئي سان مليا، هزارين ٻُڌڻ وارا ساڻن متعارف ٿيا، فن ۽ ڪامل جو پرچار ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي عوامي رشتن ۾ گهڻي وسعت آئي. ڏور ۽ ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڪچهرين کي باظابطه هلائڻ لاءِ ڪجھ نوان اصول پڻ رٿيا ويا، جيڪي سگهڙن ۾ باهمي ميٺ محبت کي وڌائيندا، ۽ جن سان هر ڪنهن جي فن سان پورو پورو انصاف ٿي سگهندو. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ڪوششون جس جوڳيون آهن، جو صاحب اڪثر ڪچهرين ۾ سگهڙن جو ساٿي بنيو، ۽ جنهن سنڌ جي سگهڙن ۽ سازيندڙن کي همٿائڻ جي سلسلي ۾ ڪافي تحرڪ ورتو آهي.

گذريل ڏهاڪو کن سالن کان سنڌ جي سگهڙن ۽ سازيندڙن ۾ پنهنجي وکر وهائڻ ۽ عام ڪچهرين ۾ پنهنجي گُن ۽ فن پيش ڪرڻ جو جذبو اُسري رهيو آهي. اسان جو اهو سڄاڻ طبقو ئي آهي، جيڪو سنڌ جي ادب، زبان ۽ ثقافت جو صحيح محافظ آهي، ۽ اهي سگهڙ سونهارا ئي آهن، جيڪي اسان جي لغت ۽ لوڪ ادب جي بيش بها ذخيرن کي صدين کان پنهنجن سينن ۾ سنڀاليندا آيا آهن- ۽ سچ پچ ته اهي ئي عوامي فنڪار آهن، جيڪي جيڪڏهن رِلي مِلي اُٿن ته جيڪر سڄي سنڌ جاڳي پوي! جيڪڏهن علمي ادبي ۽ تعليمي حلقن طرفان انهن جي دل جان سان پٺڀرائي ڪئي ويئي ته يقيناً جلد ئي سنڌ جي سرزمين تي راڳ- آلاپ ۽ فنڪاريءَ جي پلٽان پلٽ لڳي ويندي، ۽ اهو ئي اسان جي سُکن جي صبح جو سامان بنبو. ضروري آهي ته هر هنڌ وڏي پيماني تي ”ثقافتي ڪانفرنسون“ ڪوٺائي، اهڙا محبتي ميلا مچائجن جو اسان ۾ پنهنجي ديس جي زندگي بخش ذخيرن تي فخر ڪرڻ جي هلچل هلي وڃي.

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ مرحوم جي ورسي

(16- جولاءِ، 1960: سنڌ ڪوآپريٽو انسٽيٽيون هال، حيدرآباد)

سنڌ جي ’اديب اعظم‘، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ايڪٽيهين ورسي، ”قليچ يادگار سوسائٽي“ جي اهتمام سان، گذريل 16- جولاءِ، 60ع تي، شام جي ڇهين بجي، محترم غلام محمد گراميءَ جي صدارت ۾، حيدرآباد جي ’سنڌ ڪوآپريٽو انسٽيٽيوٽ‘ هال ۾ ملهائي ويئي، جنهن ۾ مقامي اديبن ۽ ادب دوستن چڱي تعداد ۾ شرڪت ڪئي؛ مرزا صاحب مرحوم جا فرزند ۽ سندس خاندان جا ٻيا فرد پڻ مجلس ۾ موجود هئا.

مخدوم امير احمد، پرنسپال اورينٽل ڪاليج، مرزا صاحب جي ادبي ڪارنامن تي تفصيل سان روشني وڌي؛ ۽ مرزا صاحب جي فرزند، مرزا اسد بيگ، پنهنجي والد مرحوم جي خانگي زندگيءَ ۽ خيالات کي اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري ٻڌايو، ۽ سندس گوناگون ڪلام ۽ تصنيفن جو تعارف ڪرايو ته ڪهڙيءَ ريت مرزا صاحب کي، ننڍڙن ٻارڙن جي سطح تي ڪيل بيتبازيءَ کان ويندي وڏين ادبي تصنيفن تائين، پنهنجي ذوق کي مختلف مرحلن تي هيٺ لاهڻو ۽ مٿي چاڙهڻو پيو هوندو. حافي حقير، ميان ابراهيم منگي، عبدالله ’خواب‘ ۽ شمشير الحيدريءَ انهيءَ موقعي تي نظم پڙهيا، ۽ استاد اُميد علي، مرزا اطهر بيگ ۽ مرزا قليءَ، مرزا صاحب مرحوم جو ڪلام ڳائي ٻڌايو. آخر ۾ گرامي صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي، ۽ ”قليچ يادگار سوسائٽيءَ“ پاران ڪتابي سلسلي ۽ ماهنامه ”قليچ“ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

خان بهادر حسن علي آفنديءَ جي ورسي

(18 آگسٽ، 60ع: روٽري ڪلب، حيدرآباد، سنڌ)

ڪراچيءَ جي مشهور ’سنڌ مدرستہ الاسلام‘ جي باني، مرحوم حسن علي آفنديءَ جي ورسي پنجهٺين ورسي، ”حسن علي آفندي يادگار سوسائٽي“ جي سهاري سان، حيدرآباد جي روٽري ڪلب ۾ 18- آگسٽ 60ع تي ملهائي ويئي. سنڌ مدرسي بورڊ جو صدر، مسٽر حسن علي عبدالرحمان بئرسٽر، خصوصي مهمان جي حيثيت سان انهيءَ تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچيءَ کان آيل هو. مسٽر حسن علي عبدالرحمان، مرحوم افنديءَ جي سوانح تي مفصل روشني وڌي، ۽ سنڌ مدرسي جو پيرائتو احوال بيان ڪيو. سيد حاجي اڪبر شاهه ۽ مخدوم امير احمد صاحب انهيءَ موقعي تي تقريرون ڪيون، ۽ مرزا اسد بيگ پنهنجو نظم پڙهيو. روٽري ڪلب جي سيڪريٽري، مسٽر ضياء الله غلام علي، خان بهادر مرحوم بابت پنهنجا تاثرات پيش ڪيا، ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻيءَ حاضرين جو شڪريو ادا ڪيو. آخر ۾ ’سنڌ مدرسي جي جهونن شاگردن جي جماعت‘ جو پايو وڌو ويو، ۽ ان لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي.

”سنڌي زبان سوسائٽيءَ“ جو سيمورنڊم

’قومي تعليمي ڪميشن‘ جي رپورٽ سان سنڌيءَ جي ذريعه تعليم بنسبت ڪيل سفارش خلاف، ملڪ جي صدر کي وفد جي ذريعي پيش ڪرڻ لاءِ، حيدرآباد جي ”سنڌي زبان سوسائٽيءَ“ طرفان هڪ عرضداشت تيار ڪئي ويئي. جيڪا پوءِ تازو 10- آگسٽ 1960ع تي، حيدرآباد ۾، پاڪستان جي تعليمي وزير کي ڏني ويئي: هيٺ انهيءَ عرضداشت جو ترجمو پيش ڪجي ٿو. – ادارو.

اسان جا لائق ۽ محبوب صدر،

خداوند ڪريم ۾ ايمان ۽ اوهان ۾ اعتماد رکندي، اسين سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن جا والدين، پنهنجي هڪ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اهان جي امداد جا طالب آهيون، جنهن مسئلي جو اڳي ڪوبه وجود ڪونه هو، پر هينئر قومي تعليمي ڪميشن جي سفارشن سببان ٿيو آهي، ۽ جنهن سنڌي ڳالهائيندڙ پاڪستانين کي عام طور ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن جي والدين کي خاص طور پريشان ڪيو آهي. سڀ کان پهرين، اسين اوهان کي اهو يقين ٿا ڏياريون ته ڪنهن به قسم جي طبقاتي ۽ صوبائي تعصب يا ڪن به ناڪام سياستدانن جي اشارن سببان نه، بلڪ ڪميشن جي سفارشن سبب پيدا ڪيل لازمي انديشن کان مجبور ٿي، علاقائي پريس ۽ عوامي ادارن طرفان مدت کان هلندڙ مسلسل پڪارن کان پوءِ، پنهنجي ملڪ جي اعليٰ ترين اختياريءَ، يعني اوهان، جي خدمت ۾ اسين هيءَ عرضداشت پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، ته جيئن پنجاهه لک سنڌي ڳالهائيندڙ باشندن جو نقطه نظر اوهان کي معلوم ٿئي، جيڪي اهڙا ئي سچا پاڪستاني آهن جهڙا ٻيا. اسين اها پڻ خاطري ٿا ڏياريون ته سنڌي ڳالهائيندڙ والدين اردو لاءِ ڪو به مخالفانه جذبو نٿا رکن، جيئن ڪن حلقن طرفان اهو بي انصافيءَ جو الزام مڙهيو پيو وڃي، جيڪي اصل مسئلي کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ نٿا چاهين. سنڌي ڳالهائيندڙ پاڪستانين پڻ اردو کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت سان قبول ڪيو آهي، بلڪ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ ئي انهن اردو کي پنهنجن اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هيون. هينئر پڻ سڀئي سنڌي ڳالهائيندڙ والدين چاهين ٿا ته سندن ٻار هاءِ اسڪول جي سطح تائين اردو ضرور سکن. ڪميشن جي رپورٽ ۾ اردو کي قبل از وقت ذريعه تعليم طور زوريءَ استعمال ڪرڻ جو طريقو ئي آهي، جنهن سڀني والدين جي دلين ۾ سندن ٻارن جي تعليم جي مستقل بابت جائز طور خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

تنهنڪري، هن عرضداشت ذريعي، اسين گذارش ٿا ڪريون ته ڪميشن جي اها خاص تجويز عمل ۾ نه آندي وڃي، جنهن کي ايندڙ صفحن ۾ اسان کولي سمجهايو آهي، ڇاڪاڻ ته (1) اها تجويز سنڌي زبان جي علمي درجي ۽ تعليم ذريعي جي حيثيت سان تعلق رکندڙ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڪيل مڪمل اڀياس تي ٻڌل نه آهي؛ (2) اها سفارش حڪومت طرفان علاقائي زبانن جي عام ترقيءَ تعليمي حيثيت کي وڌائڻ بابت ظاهر ڪيل پاليسيءَ ۽ ڏنل انجامن اقرارن جي ابتڙ آهي؛ (3) اها سفارش نڪي پاڪستان ۾ گهڻين زبانن جي موجودگيءَ ڪري پيدا ٿيل مسئلي جي پوري مطالعي تي ٻڌل آهي، ۽ نه وري اهڙن ملڪن جي تجربن ۽ عمل ۾ آندل حلن تي ئي ٻڌل آهي، جتي گهڻين ٻولين جي موجودگيءَ سبب اهڙا مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن؛ (4) ۽ اها سفارش اهڙي ته قبل از وقت آهي، جنهن سان هن مسئلي جي معقول حل ملڻ بدران ويتر تعليمي مسئلن ۾ وڌيڪ پيچيدگيون پيدا ٿينديون.

(1)  موجوده صورتحال.

اسان کي يقين آهي ته ڪميشن نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪيو آهي، پر اُن کي سنڌيءَ جي صحيح تعليمي حيثيت ڄاڻڻ ۾ دشواري پيش آئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ علائقي جو ڪو به نمائندو ڪميشن جي ميمبر ۾ موجود نه هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪميشن سنڌي زبان جي تاريخي پس منظر ڄاڻڻ يا ان جي موجوده حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪابه تحقيقات ڪانه ڪئي آهي، ۽ نه وري ملڪ جي ٻين علاقائي زبانن جي حيثيت ئي ڄاتي ويئي آهي. ٻيءَ حالت ۾، هيٺيون حقيقتون ان (ڪميشن) کي يقيناً ائين مڃڻ لاءِ مجبور ڪن ها ته برصغير ۾ ترقي يافته زبانن منجھان هيءَ به هڪ آهي، ۽ اها ئي فقط اهڙي زبان آهي، جنهن کي انگريزن جي دور حڪومت کان به اڳ ارادتاً تعليمي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. مثال طور چند حقيقتون چاڻائجن ٿيون:

(الف) يارهين صدي هجري يا سترهين صدي عيسويءَ کان ئي سنڌي زبان کي ابتدائي ۽ ثانوي سطح تي ذريعهء تعليم طور استعمال ڪيو ۽ پڙهايو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عالمن انهيءَ عالمگير اصول کي پرکي ورتو هو ته ٻارن کي پهرين مادري زبان ۾ تعليم ڏجي ۽ بعد ۾ کين عربيءَ ۽ پارسيءَ ڏانهن رجوع ڪجي. مولانا ابوالحسن پهريون سنڌي درسي ڪتاب تيار ڪيو، جو ”ابوالحسن جي سنڌي“ جي نالي سان مشهور آهي. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ وڌيڪ درسي ڪتاب تيار ڪيا ويا، جن ۾ مقبول عوامي ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ شامل هئا، ته جيئن مادري زبان ۾ عوام کي تعليم جا آسان ذريعا مهيا ڪيا وڃن. مدرسن ۾ اعليٰ تعليم جو ذريعو پڻ سنڌي زبان هئي، جيڪا روايت اڃا تائين هلندي اچي. 1930ع ۾ حيدرآباد ۾ رهندڙ انگريز ريزيڊنٽ، رچرڊ اي. برٽن، پڻ انهيءَ سنڌي نصاب جو ذڪر ڪيو آهي، جو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ رائج هو (ڏسو ضميمو پهريون).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com