سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :15

تصوراتي عڪسن مان حظ حاصل ڪرڻ کي تنقد نٿو چئي سگهجي- پوءِ ڀل ته اهي عڪس ڪهڙا به چٽا، رنگين ۽ مسرور ڪُن ڇو نه هجن؛ ڇاڪاڻ ته اهي ڀلي سهڻا هجن، ايمانداريءَ سان قدرت مان اخذ ڪيا ويا هجن، ۽ ٺهڪندڙ لفظن جي ذريعي ظاهر ڪيا ويا هجن، تڏهن به اهي پنهنجو پاڻ هڪ ادبي فنڪار جي شخصيت، سندس طبيعت ۽ اندر جي ٻوجهه کي ظاهر ڪرڻ جي هرگز قابل ناهن. اهو مڃجي ٿو ته انهن عڪسن کي ڪاميابيءَ سان اخذ ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ، ۽ قدرتي نظارن ۽ چراگاهن مان غير رواجي طور لطف اندوز ٿيڻ، پکين جي اُڏامڻ ۽ گلن جي سر ڌوڻن کي ڏسڻ مان هڪ لطف حاصل ٿئي ٿو. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته انهن نظارن، شين ۽ ماڻهن سان ضرور ماضيءَ ۾ اسان جا ڪي لاڳاپا رهيا آهن: انهن کي وري ياد ڪرڻ مان انهيءَ ڪري هڪ لطف ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته يادگيريون هميشه وڻندڙ، دل لڀائيندڙ ۽ مٺڙيون ٿين ٿيون.

تنقيد صرف ظاهري شڪل شبيهه جي تعريف ناهي؛ ڇاڪاڻ ته ظاهري شڪل، ظاهري طرح، ڪنهن ادبي فنڪار جي گهري مقصد کي ظاهر نٿي ڪري. جنهن مقصد جي بنا تي مسجد يا مندر يا ديول ٺاهي ويئي آهي، انهيءَ کي نظرانداز ڪري، اسين ڪڏهين به ان جي فن عمارت سازيءَ جي حسن جا قائل ٿي نٿا سگهون. ظاهري شل کي خيالي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ان مان حظ حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جو ڪم ناهي. هيءُ اُهو ئي ڪري سگهندو، جنهن جو جمالياتي مشاهدو تيز تر هوندو؛ ۽ اهو فقط تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهين اسان جي پرکڻ جي صلاحيت سجاڳ هوندي.

تنقيد هڪ مڪمل، غير سادو، ۽ منجھيل فن آهي. تنقيد اُهو تجربو آهي، جنهن کي حاصول ڪرڻ لاءِ سڀ انساني قوتون ۽ صلاحيتون، گڏجي ڪم ڪن ٿيون. اسين ڪنهن ادبي شهپاري کي پڙهي، منجھانئس لطف حاصل ڪري سگهون ٿا، ان ۾ ڀريل خاموش سنگيت ٻڌي سگهون ٿا، مگر جيستائين پرک جو يا تنقيد جو تعلق آهي، اسين ناڪام وينداسين؛ ڇاڪاڻ ته تنقيد حواسن مان حظ حاصل ڪرڻ جو فن ناهي، مگر ذهني صلاحيتن جي پرک جو هڪ مڪمل فن آهي.

تنقيد هڪ منجهيل تحريڪ آهي، جنهن ۾ اسان جون سڀ ذهني قوتون، شعوري يا لاشعوري، هڪ پليٽفارم تي گڏجي، ڪنهن ادبي ڪم جو سائنٽيفڪ تجزيو وٺي، اهو ڪجھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جنهن کي هڪ شاعر، ڊرامه نگار، ناول نويس يا افسانه نگار جي مشاهدي، اندر جي آواز (intuition) ۽ تجربي، ڪنهن شعر، ڊرامي، ناول يا افساني ۾ پيش ڪيو آهي. اسان کي سندن گهرن خيالن کي اخذ ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به ڏسڻو آهي ته انهن جيڪي لفظ ڪم آندا آهن، سي ڪيتريءَ حد تائين انهن جي فنڪارانه خيالن جي گهرائيءَ کي پاڻ ۾ ساميو بيٺا هن. جڏهين اسين ادبي فنڪار جي تصورات جي تخليقي خوبين کي سڃاڻو ٿا، تڏهين اسان کي هڪ غير رواجي لطف حاصل ٿئي ٿو، جو ئي فقط تنقيد جي جان آهي. جڏهن اسان جو سڀ ذهي قوتون گڏجي ڪنهن ادبي ڪم کي پرکين ٿيون، تڏهن اُهي مشاهدا جن کي ادبي فنڪار ٻوليءَ جي پيچيدگين ۾ لڪائي ڇڏيو آهي، اسانجين نظرن اڳيان اچيو بيهيو رهن. انهيءَ وقت اسان کي هڪ اڻمِٽ سرور حاصل ٿئي ٿو، جو اسان جي واکاڻ جي حواس کي جوش ۾ آڻي ٿو، ااسن کي غير رواجي بلندي ۽ هڪ مطمئن ڪندڙ خوشي بخشي ٿو.

ادب جي ڦرندڙ گهرندڙ نظرين سان گڏوگڏ، تنقيد جا نظريا به ڦرندا رهن ٿا. قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادب کي ڪڏهين جمالياتي ته ڪڏهين اخلاقي، يا وري ڪڏهين اخلاقي ۽ جمالياتي گڏيل ادارو سڏيو ويو آهي. ادب جي جمالياتي نظريي جي قائل نقادن ڪنهن به ادبي ڪوشش کي انهيءَ مان حاصل ٿيل خوشيءَ جي مقدار تي پئي ساراهيو آهي. انهن ادب جي دائري ۾ اخلاقي جُز کي قطعي طور تي بي معنيٰ، غير لازمي قرار ڏنو آهي. سندن نظر ۾ ادب جو ڪم آهي ’سُور گهٽائڻ ۽ سرور وڌائڻ‘. ٻين ادبي نقادن وري ادب جي اخلاقي پهلوءَ کي پڪڙي، جمالياتي پهلوءَ کي بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. نقادن جي ٽئين گروهه جمالياتي ۽ اخلاقي قدرن کي اڻ رغبت ڏيکاريندڙ ڏوري ۾ ٻڌي، انهيءَ کي به تنقيد جو به بنياد بنايو آهي. سندن نظرن ۾ ادب روح کي بيدار ڪرڻ، غير رواجي بلندي بخشڻ ۽ چڱاين ڏانهن لاري ڪرائڻ جو ذميوار آهي؛ سندس ڪم آهي ’سُرور بخشڻ ۽ سيکارڻ‘، عجب جي ڳالهه آهي جو ٽئين گروهه وارن مان ڪن اخلاقي نقطه نظر تي گهڻُ زور ڏنو آهي، ته ڪن وري جمالياتي پهلوءَ تي. ائين ڪرڻ سان اُنهن اهڙو مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جو اڃا تائين هلندو اچي ٿو.

مشهور رومن نقاد هوريس (Horace) چوي ٿو ته ادب  کي اوستائين ڪابه وقعت يا اهميت نه ڏني وڃي، جيستائين هو اسان جي روزمره جي شين جي اقتصادي حيثيت سان ترجماني نه ڪري، ۽ انهن جي پورائيءَ لاءِ ڪي معقول اُپاءَ نه ڏسي. هوريس ادب کي فن نه پر هڪ ’هُنر‘ سڏي ٿو. هُو ادب جي سُودوادي (utilitarian) تنقيدي نظريي جو قائل آهي. سندس نظر ۾ جڏهين ادب اقتصاديات جي پورائي ڪندڙ هڪ ايجنسي آهي، تڏهين سندس اهو نظريو ادب جي سودوادي تنقيدي نظريي جي بجاءِ، اقتصاديات جو سُودوادي تنقيدي نظريو بنجي وڃي ٿو.

ميٿيو آرنلڊ ادبي تنقيد جي سماجي نظريي جو قائل آهي. سندس نظرن ۾ اهو ادب جو سماجي حالتن کان متاثر ٿي نٿو لکيو وڃي، بي اثر ۽ بي معنيٰ آهي. هو انگريزيءَ جي مشهور رومان پرور شاعر شيلي (Shelley) کي ”بي اثر فرشتو“ سڏي ٿو، ”جو سڃ ۾ بي مقصد پنهنجا روشن پر ڦڙڪائيندو رهي ٿو.“ آرنلڊ چاهيو ٿي ته شيلي صرف انگلنڊ جو شاعر هجي ها؛ مگر هو ڪيترو نه ڀليل هو ته شاعر ڪنهن خاص قوم، ڪنهن خاص ملڪ يا ڪنهن خاص وقت جي لاءِ نه، بلڪه سڀني قومن جي لاءِ، سڄيءَ دنيا جي لاءِ، ۽ سڄي زماني جي لاءِ هوندو آهي. شاعر هميشه زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد آهي. هو هميشه عالمگير انسانيت جو قائل آهي. هو انهن جذبن جي ترجماني ڪرڻ گهري ٿو، جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي جذبن کان گهڻو مٿي، انساني جذبا آهن. آرنلڊ ادب کي مذهب جو نعم البدل بنائڻ گهريو ٿي، جو وڪٽوريا جي زماني جي مذهبي ڪسمپُرسيءَ جي اهائي تقاضا هئي؛ اهوئي سبب آهي جو هن ادب کي سماجي زندگيءَ جي آئينه دار بنائڻ جي دعوا ڪئي.

ادب جي حقيقت پسندانه نظريي جا قائل ادب کي هڪ آئينو سمجهن ٿا، جو فقط موجود شين جا عڪس ڏيکاريندو آهي. اُهي ادب ۽ فوٽوگرافيءَ کي هڪ ڪري سمجهن ٿا. ليڪن سندن اها راءِ صحيح نه آهي. فوٽوگرافي ظاهري شڪلين جو ورتل بيجان عڪس آهي. برعڪس اُن جي، ادب، موجود شيءِ کان وڌيڪ، اديب جي طبيعت ۽ رغبت جو روح پرور عڪس آهي، جو اُن موجود شي جي اصليت بدلائي، ان کي وڌيڪ حسين، لطيف ۽ مؤثر بنائي ٿو. ادبي فن جو موجود شين جي حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، مگر اُن جو واسطو انهن شين مان ورتل فنڪارانه اثر سان آهي. اسين هڪ ادبي فنڪار کان موجود شي مان ورتل عڪس کي ايمانداريءَ ۽ ڪلاڪاريءَ سان پيش ڪرڻ جي تقاضا ڪري سگهون ٿا، پر نه حقيقت جي؛ ڇاڪاڻ ته ڪير ٿو ڄاڻي ته سائنس جي حسابي تنگ حدن کان ٻاهر ڪهڙيون حقيقتون سچيون آهن. ادب موجود شين جي نمائندگي نٿو ڪري، بلڪه، برعڪس اُن جي، ادب هميشه ادبي فنڪار جي طبيعت جو آئينه دار هوندو آهي.

انگريزي ادب جو مشهور ناٽڪ نويس برنارڊشا، شيڪسپيئر کي ڌڪاري ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس نظرن ۾ شيڪسپيئر جي ناٽڪن ۾ ڪابه مقصديت ناهي، ۽ هو زندگيءَ جي ٺوس حقيقت کان ٽهي، اسان جي ذهني قوتن کي باهه لڳائي سجاڳ ڪرڻ جي بدران، مٺيولن لوليون ڏيئي انهن کي مٺيءَ ننڊ ۾ سمهاري ڇڏي ٿو. ادب ۾ شعوري مقصديت جو هجڻ ڪيتريقدر لازمي آهي، اهو هڪ وڏو معاملو آهي، جو اسان جي بحث کان ٻاهر آهي. جارج برنارڊشا پاڻ کي کليل کلايو حقيقت پسند ته سڏائي ٿو، ليڪن سندس لکيل ناٽڪ اهو ڏيکارين ٿا ته باوجود انهيءَ نعري بازيءَ جي هو رومانويت کان پنهنجو دامن ڇڏائي نه سگهيو آهي. مون کي يقين آهي ته ڪوبه رومانويت کان پنهنجو پلئه آجو نه ڪرائي سگهندو، ڇاڪاڻ ته رومانويت انساني زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ ناقابل فراموش جُز آهي. رومانويت کان سواءِ اسان جي زندگي بي مزي، بي لطف ۽ بي جان هوندي. اسان جي زندگيءَ ۾ جو رس آهي، لطف آهي، درد آهي، اڻڄاتل خوف آهي، اڳ ٻُڌل آواز جي گونج آهي، انهيءَ جو واحد سبب اسان جي فطري رومانويت آهي، جنهن کي اسين ساهه سان سانڍيو ويٺا آهيون.

تنقيد جو هي نظريو بلڪل تنگ آهي، ڇاڪاڻ ته سندس دائري ۾ انهن ٺوس غير ادبي ۽ سائنٽيفڪ حقيقتن جو زوردار دخل آهي، جي بلڪل بي ڍنگ، غير ترتيبوار، غير آسان، بدصورت ۽ بيجان آهن. فطرت مان ورتل ڪوبه عڪس اوستائين غير ترتيبوار ۽ بيجان هوندو، جيستائين ڪو ادبي فنڪار ان تي پنهنجي شخصيت جو رنگ ڏيئي، کيس نفيس ۽ نازڪ ۽ لطيف بنائي، منجهس بي پايان روح نٿو ڦوڪي. اديب جي طبيعت ۽ شخصيت جي رنگ کان سواءِ ڪوبه ادب پيدا ٿي نه سگهندو، ۽ ڪوبه فنڪار ڪڏهن به حقيقت پسند نٿو ٿي سگهي.

اڄ ڏينهن تائين تنقيد جا جيڪي به قدر مقرر ڪيا ويا آهن، سي اسان جي سماجي، اقتصادي ۽ اخلاقي تقاضائن جي پورائيءَ جي بنا تي مرتب ٿيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ڪو به تنقيدي نظريو صحيح ۽ تعميري ادب پيش ڪرڻ ۾ نه رڳو قاصر رهيو آهي، مگر اُلٽو ادب ۾ فرقيوارانه ذهنيت آڻن جو ذميوار بنيو آهي. ادب رڳو انسان جي سماجي، اقتصادي يا اخلاقي نقصانن جو علمبردار ناهي، بلڪ سندس دائرو نهايت ئي وسيع آهي، جنهن ۾ انهن تقاضائن کان سواءِ عام انساني تقاضائن- جهڙوڪ پيار، محبت، نفرت، اُميد، ڊپ ڊاءُ، وغيره- جو به زوردار دخل آهي. جڏهين انسان هڪ سماجي يا اقتصادي ڪارڪن کان وڌيڪ هڪ انسان آهي، تڏهين سندنس تخليق، سماجي ۽ اقتصادي ادب کان وڌيڪ، انساني ادب جي پيشرو، ترجمان ۽ دعويدار هجڻ کپي. مٿينءَ حقيقت جي مدنظر، اسان لاءِ اهو لازمي آهي ته تنقيد جا ڪي اهڙا قدر مرتب ڪريون، جن جي وسيلي، سماجي ۽ اقتصادي ادب کان وڌيڪ، انساني ادب جي خوبين کي سائنٽفڪ اصولن تي پرکي، اُنهن جي روشنيءَ ۾ ادب جو زندگيءَ سان گهرو رشتو ڏيکاري، ادب، زندگيءَ ۽ انسان کي هڪٻئي جي بلڪل ويجهو آڻيون.

تنقيد جي انهيءَ انساني نظريي جي موجب، ڪنهن به ادبي شهپاري جي اهيمت انهيءَ مان معلوم ڪجي ته هو ڪيتريقدر انساني تقاضائن کي ڀرپو ۽ اثرائتي نموني ۾ پيش ڪري، انهن جي پورائيءَ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ڏَسي ٿو. هر ادبي فنڪار، اديب هجڻ سان گڏ، هڪ انسان به هوندو آهي. سندس دل ۾ ڪيئي تمنائون، حسرتون، اُميدون ۽ ڊپ ڊاءَ جا جذبا لڪل هوندا آهن. هو آسپاس جي حالتن کان متاثر ٿي، اُن اثر سان پنهنجا ذاتي ڏک سک، محبت ۽ نفرت ، خوشيءَ ۽ خوف وغيره جا جذبا- جي سندس ذاتي جذبن هجڻ سان گڏ انساني جذبا به چئجن- گڏي، اُن اثر کي گهرو بنائي، ادب تخليق ڪري ٿو، جو سڀني انسانن جي اوائلي تقاضائن جو آئينه دار آهي. سندس اهڙيءَ ادبي تخليق کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ وقت، هڪ نقاد کي گهرجي ته هو اقتصادي ۽ سماجي احساسن سان گڏ پنهنجيءَ دل ۾ انساني احساس ۽ جذبا به ڌاري: ائين ڪرڻ سان کيس هڪ زنده جاويد حظ حاصل ٿيندو، ۽ هو صحيح تنقيدي ادب ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو.

ابد زندگيءَ تي تنقيد آهي، ۽ زندگي قدرت تي تنقيد آهي. زندگي اُهو حُسن آهي، جو ماديات جي طبقاتي ڪشمڪشن جي دٻاءَ هيٺ رهي به پنهنجي اصليت نٿو وڃائي. حُسن اُها چمڪ آهي، جا تارن جي اڌ ٻوٽيل اکين ۾ چمڪي ٿي؛ اُهو سنگيت آهي، جو جهرڻي جي جهر جهر ۾ عيان آهي؛ اُها ڪشش آهي، جا هڪ الڙ دوشيزه جي اُڀريل ڇاتيءَ ۾ لڪل آهي؛ يا وري اُهو اڻڄاڻ خوف آهي، جنهن جي ڪارن پرن تي چڙهي رات اُڏامي ٿي. حُسن هڪ معيار آهي، جنهن تي قدرت جي هر شاهڪار کي پرکي، منجهانئس لطر حاصل ڪري اُن عظيم ڪلاڪار جي ڪمالات کي داد ڏيئي سگهجي ٿو. تنقيد به هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي ادب جي پيچيدگين کي پرکي، منجهانئس نازڪ، نفيس ۽ لطيف احساسن کي ڪڍي- جن ۾ هڪ حُسن هوندو آهي، هڪ گهرائي هوندي آهي، هڪ چڀندڙ تاثر هوندو آهي- عوام جي اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي.

تنقيد هڪ پرک آهي اُن حُسن جي، اُن لطف جي، ۽ اُن گهرائيءَ جي، جنهن کي شاعر، ناٽڪ نويس، افسانه نگار يا ناول نويس جي مشاهدي، اندرئين آواز ۽ سالن جي تجربي، ڪنهن شعر، ناٽڪ، افساني يا ناول ۾ پيش ڪيو آهي. ائين چوڻ به شايد غلط نه ٿئي ته تنقيد به هڪ حُسن آهي- اُهو حُسن، جو ادب جي چهري تي چمڪندڙ نُوراني چمڪ ٿي چمڪي ٿو، ۽ جنهن ۾ هڪ اديب جا مشاهدا، نازڪ احساس، انساني همدرديون، بيچين اُمنگ، ذاتي، قومي ۽ بين الاقوامي نظريا روشن آهن.

جڏهين هڪ اديب انسان آهي، تڏهين سندس لڪل خوبين کي حُسن جي معيار تي پرکيو ويندو آهي؛ پر جڏهين هڪ انسان اديب آهي، تڏهين سندس گڻن ۽ وصفن کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو آهي. قادر مطلق به هڪ عظيم فنڪار آهي، جنهن جي آواز کي سندس حُسن جي زباني ٻڌي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح ، هڪ اديب به خالق آهي، جنهن جي بيچين، بيقرار ۽ فنڪازرانه آواز کي، جنهن ۾ هڪ لطف هوندو آهي، هڪ رس هوندو آهي، هڪ تڙپ هوندي آهي، ۽ هڪ اثر هوندو آهي، تنقيد جي زباني ٻڌي، ان کي دل سان هنڊائي، کيس بي اختيار داد ڏنو آهي. قدرت جي ڪمالات کي جي ڏسڻو اٿوَ، ته ان کي حُسن جي کان سان ڏسو؛ ادب جي خوبين کي جي پرکڻو اٿوَ، ته تنقيد جي ڪسوٽي تي پرکيو!

سمورو فن تخليقي آهي. تنقي پڻ هڪ مڪمل فن آهي، جو انتهائي طور تخليقي آهي. نقاد کي ڪنهن ادبي شاهڪار پڙهڻ يا اُن کي ساراهڻ وقت ذري گهٽ اُهي ساڳيا تجربا حاصل ٿين ٿا، جي ادبي فن يا ڪنهن فن جو هڪ پوشيدو راز آهن. تنقيد ادب جو بين الاقوامي مذهب آهي. مذهب مان مراد اُهو ادارو آهي، جنهن ۾ اسان جي سوچڻ، سمجھڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ڪرڻ جا عوامل پاڻ ۾ گڏجي انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ڪجھ سوچين ٿا. تنقيد اُهو عام اُصول آهي، جو دنيا جي مختلف حصن جي ادب کي هڪٻئي جي ويجھو آڻي، انهن جي رهاڪن کي طبعي، ملڪي ۽ مذهبي تفرقن مان ٻاهر ڪڍي، کين انسانيت جي ڏوريءَ ۾ ٻَڌي ٿو. دنيا جي مختلف حصن جو ادب، انسان جي ذهني ۽ روحاني بيچينين جي پيداوار هوندي، گهڻو تڻو ساڳيو ئي هوندو آهي- صرف زبان جا فرق آهن، جي اُن کي هڪٻئي کان جدا ڪريو بيٺا آهن. جڏهن مختلف حصن جو ادب هڪٻئي کي ايڏو ويجهو آهي، تڏهين اُن جا خالق، جي اديب هجڻ سان گڏ انسان به آهن، انساني ۽ روحاني طرح هڪٻئي کي ڪيڏو نه ويجهو آهن! مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسين انهيءَ روحاني رشتي کي تنقيد جو معيار بنائي، اُن جي ڪسوٽيءَ تي مختلف قومن جي ادب، تهذيب ۽ ثقافت کي پرکينداسين، ته پوءِ هي زبان ۽ پوشاڪ، رنگ ۽ نسل، قوميت ۽ مذهب جا ظاهري فرق ازخود دور ٿي ويندا، ۽ اسين پاڻ کي پاڪستاني، جپاني، هندستاني ۽ انگلستاني سڏائڻ بدران ’انسان‘ سڏائي، هن بيچين دنيا ۾ روزگار، امن ۽ انساني برادري پيدا ڪري، کيس جنسي جنت بنائي سگهنداسين، جو ئي انسان جو مقدس مقصد آهي.

غلام علي الانا

سومرن جي دور جي سنڌي شاعري

 

]هندستان جي اها شاعري جا ’برج ڀاشا‘ ۾ موجود اهي، اها ’ڇند وديا‘ جي اصولن موجب آهي. ڇند وديا ۾ ڪيل شاعري پنهنجيءَ معنوي حيثيت سان نهايت پُرسوز ۽ رقت انگيز، دلڪش ۽ موهيندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هندو ۽ مسلمان فقيرن پنهنجي اصلاحي فڪر ۽ اخلاقي خيالن کي پيش ڪرڻ جو اهو سولو ۽ اثر انگيز نمونو اختيار ڪيو آهي. جڏهن ته هندو ۽ مسلمان فقيرن جي اچ- وڃ سنڌ ۾ به ٿيندي هئي، تنهڪري سنڌ ۾ شاعري ڪندڙ پهرين بزرگن به اهائي صنف اختيار ڪٿي ٿي ڏسجي. پر افسوس آهي ته ان دور جي پوري شاعري اسان وٽ نڪا محفوظ آهي، نڪا موجود. هن مضمون جي لکندڙ، محترم غلام علي الانا، کي آفرين هجي، جنهن ان ڏس ۾ پنهنجي شخصي ڪاوش پيش ڪري ميد اضافو به ڪيو آهي، ۽ ان موضوع جي گويا نقاب ڪشائي ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن سومرن جي دور جي ٻن ٽن اسماعيلي مبلغن جي بيتن کي سند طور پيش ڪيو آهي. انهن بيتن کي سنڌي شاعريءَ جو پهريون نمونو چئي سگهجي ٿو. پيش ڪيل دوها جيتوڻيڪ ڇند وديا جي اصولن موجب به فني حيثيت سان نه پختا آهن ۽ نه شعريت جي لحاط کان معياري آهن؛ تاهم پنهنجي سادگيءَ ۽ اصليت جي حيثيت سان سنڌي شاعريءَ ۾ اهم مقام حاصل ڪري سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته برج ڀاشا سان گڏ آچڪي ۽ ملتاني، گجراتي ۽ جهوني سنڌيءَ جي آميزش واري ٻولي شايد محققن کي نه اُٺڙي. تاهم، اڄ کان هڪ هزار سان اڳ جي ابتدائي ۽ ارتقا پذير سنڌي ٻوليءَ کي جيڪڏهن ڌيان ۾ رکبو، ته پوءِ شايد انهيءَ لب لهجي، اسلوب تحرير ۽ انداز بيان واري برج، سنڌي، ملتاني ۽ سرائڪي آميز ٻوليءَ کي ’سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي لهجو‘ سڏي سگهجي ٿو. بهرحال، هيءُ مختصر مضمون سنڌي شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي تاريخ متعلق بلڪل نئون انڪشاف، نئون نظريو ۽ نئون مثال سڏي سگهجي ٿو. –غ. م. گ[

ڇند وديا جون ڪيتريون ئي صنفون آهن. ’دوها‘ سڀني ۾ مقبول صنف آهي،  ٻيون هي آهن: ’سورٺا‘، ’دوها- سورٺا ميل‘، ’مالتي‘، ’مَت‘، ۽ ’سورٺا- دوها ميل‘. دوها يا دوهرا ٻن ٽن سٽن واري شعر کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافئي هونديون آهن، ۽ ٻنهي ۾ قافيو پڇاڙيءَ ۾ ايندو آهي؛ ليڪن سورٺا اُن جي اُبتڙ آهي. سنڌ جي اوائلي شعر چئن مُک ڇندن ۾ آهي، جن ۾ دوهن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي. انهن جو اثر سنڌ تي ڪڏهين ٿيو ۽ ڪهري دور ۾ ٿيو، تنهن بابت گهڻيءَ تحقيقات جي ضرورت آهي. هيل تائين، عام طور، سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سمن جي دور کان بيان ڪئي ويئي آهي، ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سومرن جو دور اڃا اڻڄاتل ۽ اڻسڃاتل پئي رهيو آهي. دراصل سومرن جو دور سنڌ لاءِ رومانوي دور هو، جنهن ۾ ايندڙ زماني جي ادب لاءِ پيڙهه ٻڌجي چڪي هئي. هيءُ دور قومي جذبي وطنيت ۽ خود قربانيءَ جي لحاظ کان خاص اهميت وارو هو. ازان سواءِ هي تبليغي دور به هو. هن زماني ۾ جدا جدا فرقن جا داعي سنڌ ۾ ڪاهي پيا. هڪ طرف ’اسماعيلي‘ فڪر جا مبلغ پنهنجيءَ دعوت جي ڪم ۾ مصرتو هئا، ته ٻئي طرف ’قادري طريقي‘ جا بزرگ ۽ ’غوٿي درويش‘ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪا هئا. جيئن ته وقت جا سومرا حاڪم اسماعيلي دعوت هيٺ انهيءَ فڪر کي قبول ڪري چڪا هئا[1]، تنهنڪري اسماعيلي دعوت کي هن دور ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جو سرڪاري توڙي غير سرڪاري طرح زياده وجه مليو. ازانسواءِ، ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت جي زور ٽٽڻ ڪري، مصر مان فاطمي خليفي ۽ وقت جي سترهين امام ’شاهه حاڪم‘ طرفان سومرن جي سردار کي ’شيخ‘ جو خطاب مليو[2]، انهيءَ ڪري ملتان کان پوءِ ڏکڻ سنڌ اسماعيلي تبليغ جو مرڪز بنجڻ لڳي ۽ اُتي هڪٻئي پٺيان داعي اچڻ لڳا.

سومرن جي دور جو سڀ کان پهريون داعي، 462هه (1079) ۾، ’شاهه مستنصر بالله‘ (اسماعيلي عقيدي جو ارڙهون امام) جي حڪم سان هندستان کان پوءِ سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو. سندس نالو ’سيد نورالدين‘ هو، پر هن پاڻ کي ’ست گُر نُور‘ يا ’سيد سادات‘ جي نالي سان مشهور ڪرايو[3]. هن بزرگ هندستان ۾ هندي ۽ گجراتي، سنڌ ۾ اچي ملتاني، بهاولپوري ۽ لاري محاورن مان واقف ٿي انهن زبانن ۾ ڪلام چيو ۽ پنهنجن نو مسلم مريدن کي ويدانت ۽ تصوف جا اصول هڪ نئين ڍنگ ۾ سمجهايائين، جنهن کي پاڻ ’ست پنٿ‘ يا ’صراط المستقيم‘ نالو ڏنائين، ۽ ان طرح اسلام جي تبليغ لاءِ هڪ نئين واٽ اختيار ڪيائين[4]. هن بزرگ جو ڪلام دوهن جي صورت ۾ آهي. سندس هندي ۽ گجراتي ڪلام ۾ به ڪيترا ئي سنڌي لفظ ملن ٿا، جن خبر هيٺين مثالن مان پوي ٿي.

هندي ڪلام.[

(1)

بهت پريت مَن ڀاوَ سين، تُمهِين جَپو الله رسول،

ڪلمه ڪهو دل پاڪ سين، توڪُل وِ گهَن هوئيسي دوُر.

(2)

ڪلمه ڪهو ري مومنو، نان ڪرو جڳ ڪي ڪان،

نهين تو ايڪدم اُٺ جائوگي، دوزخ جائوگي پِران.

(3)

مومن ڪلمه ڪهو ساچ سين، اَور جهوٺِي بازي ڇورو،

مايا سي من دور ڪرو، تُمهِين پريت صاحب سين جوڙو.

(4)

مومن مورک نه هوءِ، ايسا ڪهي ’پِير ستگر نُور‘،

ڪلمه ڪهو رسول ڪا، تو ديکو نُوري نُور حضور.

سنڌي ڪلام.[

بِن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سُڃِي سار،

جِيون نِتِ اُٺ راهه چَلڻا، آخر اُجڙ واسَ.

اسماعيلي داعين جي سلسلي ۾، ’سگُر نُور‘ کان پوءِ هندستان ۽ سنڌ ۾ ’داعي پير شمس سبز واري ملتانيءَ‘[5] جو نالو قابل ذڪر آهي، جو 598هه (1201ع) کان 675هه (1267ع) تائين اسماعيلي مبلغ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو[6]. هن صاحب سيدنا نورالدين جي دعوت کي قائم رکيو، ۽ هن جي سلسلي ۾ هن کي به ڪيترا ئي سفر ڪاٽڻا پيا، ۽ مختلف زبانو سکڻيون پيئيون، پر سندس زياده ڪلام ملتاني محاوري م ملي ٿو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. ملتاني محواري ۾ ڪلام.[

پهلا نام الله ڪا ليجي، دُوجا ڪلمه محمد ڪا ڪيجي.

ساچا نام نبي ڪا ڪهلا وي، تب شاهه ڪا درشن پاوي.

گيا برهمن ڀَرميا، اي هندئو، ٿيا حسين امام،

گئي پوڄا گَئوڪِي، اي هندئو، پُوڄو علي جي ڪا نام.

ماٿا پٿر مان ڪيون هڻو، اي هندئو، اؤڙ کونر ’قاسم شاهه‘ امام[7].

سنڌي ڪلام.[

هم دل خالق، الله سوئي وَسي،

جني قائم قدرت چلائي.

حق تون، پاڪ تون، بادشاهه،

مهرباني ڀِي، يا علي، تون ئي تون.

رب تون، رحمان تون،

يا علي، اول آخر قاضي تون ئي تون.

اهڙي طرح پير شمس جو ٻيو به ڪيترو ئي سنڌي ڪلام آهي، جنهن ۾ ’شمس مت‘ بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن.

پير صدرالدين:

هن سلسلي ۾ سنڌي زبان جي سڀ کان اهم خدمت اسماعيلي فڪر جي درويش- صفت داعي پير صدرالدين ڪئي آهي. هن بزرگ جي ولادت 689هه مطابق 1290ع ۾ ٿي، ۽ 808هه مطابق 1409ع ۾ (سمن جي دور ۾) وفات ڪيائين[8]. سندس روضو اُچ شريف کان پنج ميل پري آهي. پير صاحب پنهنجي وقت جي امام ’شاهه اسلام شاهه‘ جي حڪم سان هندستان ۽ سنڌ ۾ تبليغ لاءِ آيو، ۽ ’پير ستگر نُور‘ جي پوکيل باغ کي سيراب ڪيائين. امام الوقت جي حڪم سان هندستان مان ٿيندو، سنڌ جي لاڙ واري خطي ۾ ’ڪوٽڙي الهه رکئي شاهه‘ ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيائين. هندستان (گجرات واري حصي ۾) ۾ ڪافي وقت رهي هندو ڌرم جو اڀياس ڪيائين، ۽ انهن جي ويدن، شاسترن گرنٿن ۽ واڻين مان چڱيءَ طرح واقف ٿي، ويدانت جو اونهو مطالعو ڪيائين. جيئن ته پاڻ ايراني هو ۽ تصوف جي چڱي ڄاڻ هيس، تنهنڪري ويدانت ۽ تصوف جي مدد سان ’پير ستگر نور‘ جي ’ست پنٿ‘ جي تبليغ ڪرڻ ۾ کيس وڏي هٿ ملي. برهمڻن سان بحث ڪيائين، ۽ اسلام جي اصولن کي هڪ نئين روپ ۾، هندو ڌرم ۽ ويدانت جي اصلاحن جو رنگ ڏيئي، انهن جي آڏو پيش ڪيائين، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هنن اهي اصول قبول ڪيا، ۽ بيشمار برهمڻ ۽ لوهاڻا پير صاحب جي هٿ هيٺ بيعت ڪري مسلمان ٿيا، ۽ ’خواجه‘ جو لقب حاصل ڪيائون. اهڙيءَ طرح، پير صاحب پنهنجيءَ تبليغ کي جاري رکيو.

هي بزرگ وڏو عالم، ماهر ۽ شاعر هو. پنهنجي هٿ هيٺ بيعت ڪندڙ نو مسلم خواجن کي دين جا اصول پنهنجي ڪلام ذريعي سمجهايائين، جو هندي، گجراتي ۽ سنڌي زبان جي ڪڇي، لاري ۽ ملتاني محاورن ۾ آهي. پير صاحب پنهنجي انهيءَ تعليمي ڪلام کي ’گِنان‘ (گيان) نالو ڏنو. انهيءَ لحاظ کان، چئي سگهبو ته مذهبي تعليم جي جنهن طريقي کي مخدوم ابو الحسن ۽ ٺٽي جي ٻين عالمن يارهين صديءَ ۾ اختيار ڪيو، اهو ساڳيو ئي طريقو هن بزرگ ٺٽي جي عالمن کان ٽي سئو ورهيه اڳ، يعني اٺين صدي هجريءَ ۾ قائم ڪيو هو. پنهنجن نو مسلم مريدن کي دين جا اصول لکي ڏيڻ لاءِ، پير صدرالدين صاحب سنڌي زبان جي هڪ صورتخطي به ٺاهي، جا چاليهن اکرن تي مشتمل هئي ۽ جا اڃا تائين خواجه قوم ۾ رائج آهي. انهيءَ خط کي ’چاليهه اکري‘ يا ’خواجڪي سنڌي‘ چيو ويندو آهي، جنهن جو بمبئيءَ ۾ ڇاپخانو به هو، جنهن کي اُتي ’سنڌي پريس‘ چيو ويندو هو. پير صدرالدين صاحب توڙي يٻين داعين جو ڪالم انهيءَ صورتخطيءَ ۾ ڇچيل آهي.


[1] . Abbot .J.: Sind”. Oxford University Press, London, 1924, p. 87.

[2] . ظفر ندوي: ”تاريخ سنڌ“، مطبوعات اعظم ڳڙهه، 1947ع، ص 287.

[3] . چُنارا علي محمد ”نور مُبِين“، بمبئي، ص 242.

[4] . Delacy O’leary: “A Short History of the Fatmid Khalifate”. Kegan Paul, Trenchs. Trubner & Co., London, 1923 p. 208.

[5] . غزني صوبي جي سبزوار شهر ۾، 17 رجب 560هه، 1165ع ۾ ڄائو هو. 598هه، 1201ع ۾، ملتان ۾ داعيءَ جي حيثيت ۾ آيو، جتي 675هه، 1276ع ۾ 115 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. ڏسو آئيوَنو: ”بمبئي شاخ جو جرنل“، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، جلد 12، ص 32، سال 1936ع.

[6] . چُنارا صاحن جي بيان موجب، 757هه تائين مبلغ رهيو. ڏسو ”نور مُبين“، ص. 49.

[7] . پي شمس سبزواري ملتاني، اسماعيلي عقدي جي اوڻٽيهين امام، شاهه قاسم شاهه (710هه/1310ع کان 772هه/1370ع)، جي ڏينهن ۾ داعي هو، جيئن ملتاني ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو. چنارا صاحب ۽ آئيونو جي ڏيکاريل سنن ۾ گهڻو اختلاف آهي. خود آئيونو جي بيان ۾ به تضاد آهي. ممڪن آهي پير صاحب، شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني (المتوفي 666هه) جو همعصر هو. انهيءَ ڪري، وفات جو سن ٻنهي صاحبن جو مشڪوڪ آهي.

[8] . چُنارا صاحب، صفحي 496 تي، پير صاحب جو عرصو 700هه کان 819 تائين بيان ڪيو ويو آهي. هن جي خيال موجب پير صاحب جي عمر 119 سال هئي. پر آئيونو جي بيان موجب 90 سال هئي. جا درست نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com