سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :18

انهيءَ نظريي جي رد ۾ جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن، انهن جو خلاصو نتيجي طور صفحي 193 (ٽينءَ پئرا) تي ڏنو ويو آهي، جنهن موجب دعوا ڪئي وئي آهي ته (1) ”موهن جو دڙو دراوڙ تهذيب جو نشانبر آهي“؛ (2) ”اهي دراوڙ هندستان ۽ سنڌ مان لڏي ڀونوچ سمنڊ وارن علائقن ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا“؛ ۽ (3) اتي جا تمدن، يعني ته انهن مغربي ملڪن جا تمدن عموماً ۽ سمير ۽ بابل جا تمدن خصوصاً، موهن جي دڙي جي تمدن جا مرهون منت آهن، ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي جو تمدن پنجن هزارن سالن کان گهڻو آڳاٽو آهي. واضح هجي ته انهن دليلن مان فقط پهرئين بابت ڪن صاحبن جو چوڻ آهي ته موئن جي دڙي جي تهذيب دراوڙ تهذيب آهي، پر سوال آهي ته ڪيترا محقق انهيءَ راءِ جا آهن؟ تمام ٿورا. ٻئي طرف محققن جي اڪثريت انهيءَ تهذيب کي غير دراوڙ ۽ غير آريائي تسليم ڪري ٿي. پر فرض ڪجي ته موئن جو دڙو دواوڙ تهذيب جو نشانبر آهي، ته انهيءَ حالت ۾ پڻ سنڌ جي آڳاٽي ٻوليءَ جو سنسڪرت سان ڪوبه واسطو ثابت ٿي نه سگهندو. باقي ٻيا دليل محض خيالي ۽ تاريخي تحقيق جي ابتڙ آهن. دراوڙن جو هندستان مان هجرت ڪري مغربي ملڪن ڏي وڃڻ ۽ اتي جي تمدنن جو باني بنجڻ يا اتي جي تمدنن تي اثر انداز ٿيڻ هڪ اهڙو خيال آهي، جنهنجي تصديق قديم تاريخ جي تحقيق مان بلڪل ڪانه ٿي ٿئي. ’موئن جي دڙي‘ جي تمدن کي پنجن هزارن ورهين کان جهونو سمجهڻ ۽ ان کي بابل ۽ سمير جي تمدنن کان آڳاتو ڪري مڃڻ به محض هڪ خيال آرائي آهي، جنهن جي پٺڀرائي رد لکندڙ ”ڏيهي عالمن، علم جوتش ۽ ويدن مان سوڌيل حقيقتن جي بنياد تي“ ڪئي آهي. هيءُ زمانو علمي تحقيق ۽ کوجنا جو آهي ۽ نه علم جوتش موجب قياس آراين جو. قديم تاريخ جي مڙني عالمن ۽ محققن توڙي آثار قديمه ۽ موئن جي دڙي جي تهذيب زياده ۾ زياده پنجويهه سئو ورهيه قبل مسيح جي آهي. انهي تسليم ٿيل محققانه نظريي جي باوجود، ائين چوڻ ته موئن جي دڙي جي تمدن جو اثر بابل ۽ سمير جي تمدنن تي پيو آهي، هڪ اهڙي دعوا آهي جنهن جو ڪو علمي بنياد ئي ڪونهي.

اصل مضمون ۾ ’موئن جي دڙي‘ واري سنڌ جي قديم تمدن کي سمير ۽ بابل جو ’ساٿياري‘ سڏيو ويو آهي. يعني ته اهي تمدن ساڳيءَ سٿ يا گروهه جا آهن، جو منجهن ڪيئي مشابهتون آهن. ساڳيون مهرون جيڪي عراق جي سمير تمدن جو انڪشاف ڪندي لڌيون آهن، سي ’موئن جي دڙي‘ جي کوٽائيءَ مان لڌيون اهن، ۽ اهي عراق ۽ سنڌ جي انهن قديم تمدنن جي لاڳاپي جي ساک ڀرين ٿيون. انهيءَ علمي حقيقت کي صفحي 190 تي رد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. رد لکندڙ لفظ ’ساٿياري‘ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي راءِ زني ڪئي آهي ۽ حالانڪ اصل مضمون ۾ ’ساٿياري‘ واري معنيٰ ۽ مفهوم لاءِ آثار قديمه جي محقق جان مارشل جي سالياني رپورٽ 27-1926ع جو حوالو ڏنل آهي، جنهن کي پڙهي هو پاڻ کي مطمئن ڪري سگهيو ٿي. ظاهر آهي ته عالمانه حوالن جي وٽس ڪابه وقعت ڪانهي، ڇاڪاڻ جو حقائق کي سمجھڻ جي بجاءِ سندس مکيه مقصد محض رد لکڻ ئي آهي.

ص 194: رد لکندڙ سامي زبانن جون خصوصيتون بيان ڪيون آهن، ۽ چوي ٿو ته سنڌي الفاظ انهن خصوصيتن موجب بنيل نه آهن، بلڪ سنسڪرت جي ڌاتن مان نڪتل آهن. هن دليل جو اصل موضوع سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا اهي خصوصيتون ’موئن جي دڙي‘ جي زبان جون آهن؟ اصل مضمون ۾ ’موئن جي دڙي‘ جي زبان کي ’سامي- صفت‘ سڏيو ويو آهي، جنهن جا مسخ آثار لڌل مهرن ۾ ملن ٿا؛ ائين ڪونه چيو ويو آهي ته انهيءَ زبان جا آثار سنڌي لفظن جي ڌاتن ۾ ملن ٿا.

ص 195: اصل مضمون ۾ آهي ته ”سنڌي ٻولي داردي ٻولين جي قريب تر آهي“، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ خاص خصوصيت بيان ڪئي وئي آهي ته داردي ٻولين ۾ ٻن حرفن علتن جي وچ ۾ ايندڙ ’ت‘ مٽجي نٿي، جنهن جا آثار سنڌيءَ جي ماضي ۾ موجود آهن. انهيءَ جي رد ۾ چيو ويو آهي ۽ ته سنسڪرت ۾ ماضيءَ جي ڪن صورتن ۾ ’ت‘ اکر وچ تي اچي ٿو، ۽ اها ساڳي ’ت‘ سنڌيءَ جي ماضي ۾ قائم رهي آهي. مگر اها حجت رد لکندڙ طرفان ڏنل مثال ’ڪرت‘ مان ئي رد ٿئي ٿي. جيڪڏهن سنسڪرت جو ماضيءَ ’ڪرت‘ ۽ سنڌيءَ جو ’ڪيو‘ آهي، ته پوءِ سنسڪرت واري ’ت‘ ڪيڏانهن وئي؟ اڳتي هلي حجت اٿاري وئي آهي ته داردي ٻولين جي اثر ڏيکارڻ لاءِ اصل مضمون ۾ اهڙا مثال ڏنا وڃن ها، جن کي ’نسبتي اهميت‘ (relative importance) هجي ها. نه معلوم ’نسبتي اهميت‘ جي ڪهڙي خاص معنيٰ خيال ۾ رکي وئي آهي. حقيقت ۾ ’نسبتي اهميت‘ ته ثابت آهي، ڇاڪاڻ ته داردي ٻولين جي ڪن لغوي خصوصيتن جا چٽا نشان سنڌي، لهندا ۽ ڪشميريءَ ۾ موجود آهن، جن جي بناء تي گريئرسن انهيءَ نتيجي تي پهتو آهي ته ”سنڌيءَ جي ته خاص طرح داردي ٻولين سان ويجهي قرابت آهي“-

“Sindhi, on th e contrary, claims a more clear relationship to the Dardic languages.”

اها فقط راءِ نه آهي، بلڪ گريئرسن جي مرتب ڪيل ’هندستاني زبانن جو معائنو‘ (جلد اول، ڀاڱو پهريون) ۾ اهو بحث تفصيل سان موجود آهي، جنهن جي پڙهڻ سان انهيءَ راءِ جي تصديق ٿئي ٿي. انهيءَ تحقيق جو رد، مٿين ضعيف دليلن جي بناء تي ڪيئن ٿي سگهي ٿو! خود رد لکندڙ چوي ٿو ته ”داردي ٻولين جو کني ڪجھ اثر سنڌي ٻوليءَ تي پيو به هجي، پر خود انهن ئي مثالن مان ٻولين جي انفراديت ظاهر ٿي پوي ٿي.“ بس، جي اندر جو قاضي انهيءَ اثر کي مڃي ٿو ته وڌيڪ بحث جي ڪهڙي ضرورت! اصل مضمون ۾ به انهيءَ اثر جو ڪيو ويو آهي ۽ ائين ڪونه چيو ويو آهي ته انهيءَ اثر سان سنڌي يا ٻين ٻولين جي انفراديت ختم ٿي وڃي ٿي.

ص ص 195- 197: سوال آهي ته ’اسمي‘ سنسڪرت جو لفظ آهي يا سنسڪرت کان اڳ جو؟ اصل مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته ’سنڌو ماٿر وارين ٻولين‘ (سنڌي، لهندا ۽ ڪشميري جو لفظ ’اسين‘، ’اسان‘ يا ’اسي‘ دراصل ’اسمي‘ مان نڪتل آهي، ۽ اهو ’اسمي‘ سنسڪرت کان اڳ ۽ سنسڪرت جي اُسرڻ واري دور جي پراڪرت جو آهي، جنهن کي جيڪڏهن ”پروٽو پراڪرت“ (Proto Prakrit) چئجي ته پڻ مناسب ٿيندو. انهيءَ نظريي جو رد هن بحث سان شروع ڪيو ويو آهي ته ”پروٽو- پراڪرت“ مان ڇا مراد آهي؟- حالانڪ ان جي مراد بلڪل صاف آيه ته اها ’بنياي پراڪرت‘ يا عام ٻولي، جا سنسڪرت جي وجود کان اڳ توڙي سنسڪرت جي سٽاء واري دور ۾ هڪ جداگانه حيثيت ۾ موجود هئي، جنهن مان سنسڪرت کي پڻ سرمايو مليو. لسانيات جي لحاظ کان ان کي ’پروٽو پراڪرت‘ يا ’بنيادي پراڪرت‘ چئي سگهجي ٿو، ۽ تاريخي لحاظ سان ان کي ’ويدڪ پراڪرت‘؛ يا اڃا به، اصليت جي لحاظ کان، ان کي ’سنڌو ماٿر جي اصل هندو- آريائي ٻولي‘ چئجي ته به مناسب ٿيندو. بهرحال، جيڪڏهن مفهوم صاف آهي ته پوءِ نالي سان بحث اجايو آهي.

ان بعد رد لکندڙ وري محض بحث خاطر وار جي کل لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ’اسمي‘ لفظ ناهي بلڪ فقرو آهي. اصل مضمون ۾ ’اسمي‘ جي اشتقاق يا نجوي ترڪيب کي ڄاڻن گهرجي ته اهي ترڪيبون جيڪي پنهنجي مرڪتب صورت ۾ سالن ۽ صدين کان رائج آهن، انهن کي عام اصطلاح ۾ ’لفظ‘ چوڻ غلطي ناهي. مثلاً سنڌيءَ ۾ ’شال‘ کي اسين لفظ چونداسون، حالانڪ اصليت جي لحاظ سان هو ’شاء الله‘ آهي جو هڪ فقرو آهي. خود رد لکندڙ هڪ طرف ته ’اسمي‘ کي لفظ چوڻ تي معترض آهي، ته ٻئي طرف پاڻ ان کي ’لفظ‘ چئي استعمال ڪري ٿو ته: ”دراصل ’اسمي‘ ... لفظ نه، پر خالص سنسڪرت جي مرڪب ترڪيب آهي ... انهيءَ لفظ جو ڌاتو آهي ’اس‘ (پئڻ)“ (ص 196، سٽ 6).

بهرحال، ’پروٽو پراڪرت‘ جي مفهوم تي اعتراض توڙي ’اسمي‘ کي لفظ چوڻ تي اعتراض جي نوعيت مان ظاهر آهي ته هڪ منصف تنقيد نگار بنجي اصل مقصد ۽ مفهوم کي سمجهن جي بجاءِ، مسٽر سراج الحق، هڪ ’رد لکندڙ‘ جو پارٽ ادا ڪندي، محض اعتراضن جو بار پنهنجي ذمي ڪيو آهي. ان بعد، لفظ ’اسمي‘ جي اصليت بابت جيڪي علمي دليل ڏنا اٿس سي غور طلب آهن. چيو ويو آهي ته ’اسمي‘ هڪ ”خالص سنسڪرت مرڪب ترڪيب آهي.“ ان سلسلي ۾ مثال ڏنا ويا آهن، جن مان ظاهر آهي ته انهيءَ ’اسمي‘ ترڪيب جي اصل صورت لٿوانيا جي ٻوليءَ، آئرلنڊ جي جهوني ٻوليءَ، توڙي سنسڪرت ۾ موجود آهي. هاڻي جيڪڏهن ’اسمي‘ کي فقط ”خالص سنسڪرت جي ترڪيب“ مڃجي، ته پوءِ اهو پڻ مڃڻو پوندو ته لُٿوانيا توڙي آئرلنڊ جي آڳاٽين ٻولين اها ترڪيب سنسڪرت مان ورتي. پر ائين چوڻ لسانيات جي تاريخ جي ابتڙ ٿيندو. حقيقت ۾ ’اسمي‘ جا اصلي اجزاء لساني طور انهيءَ مشترڪ آريائي زبان جا آهن، جيڪا هند- يوروپي زبانن جو مشترڪ سرمايو آهي. بيشڪ ’اسمي‘ ترڪيب سنسڪرت ۾ موجود آهي، پر اصولي طور ان جو ماخذ قبل از سنسڪرت واري ٻولي آهي، جنهن کي اصل مضمون ۾ ’پروٽو- پراڪرت‘ سڏيو ويو آهي.

اصل مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته لفظ ’اسين‘ ۽ ’اسان‘ ٻئي ’اسمي‘ مان نڪتل اهن. انجي رد ۾ چيو ويو آهي ته انهن لفظن جو ڌاتو ’اَس‘ آهي، ۽ ”اهو لفظ ’آس‘ به سنسڪرت جي ضمير متڪلم جي پڇاڙي آهي“ (ص 197). ان بعد مثال ڏنا ويا آهن، جن مان صاف ظاهر آهي ته اهو ’اَس‘ ڌاتو، لاطيني توڙي يوناني زبانن ۾ پڻ ضمير متڪلم جمع جو جُز آهي. هاڻي جيڪڏهن مڃجي ته اهو ڌاتو ’اَس‘ اصولي طور ماڳهن سنسڪرت جو آهي، ته پوءِ چئبو ته لاطيني ۽ يوناني زبانن اهو ڌاتو سنسڪرت کان اڌارو ورتو؛ مگر اهڙو نتيجو ڪڍڻ لساني تاريخ جي ابتڙ ٿيندو. حقيقت صاف آهي ته اهو ’اس‘ پڻ آرين جي آڳاٽي لساني سرمايي جو جز آهي، جو پوءِ هند- آريائي ٻوين توڙي يورپ جي قديم ٻولين پنهنجو ڪيو. انهيءَ هن- آريائين سرمايي مان ئي اهو لفظ سنسڪرت کي مليو. هاڻي جيڪڏهن ’اسين‘ ۽ ’اسان‘ کي ’اس‘ ڌاتو مان نڪتل تسليم ڪجي، ته به اصل مضمون جي اصولي نڪتي کي رد ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ’اَس‘ ڌاتو پڻ سنسڪرت کان اڳ جو آهي، ۽ هندستان ۾ اول يقيني طور انهيءَ عام زبان ۾ رائج ٿيو هوندو، جنهن کي سنڌو ماٿر جي اصل هند- آريائي ٻولي چئجي، جنهن جي سرمايي مان سنڌي توڙي سنسڪرت اُسريون.

ص ص 197- 198: اصل مضمون ۾ ’پالي پراڪرت’ جو، خصوصاً ٻي صديءَ کان ستين صدي عيسويءَ تائين، جيڪو ’سنڌ جي ٻوليءَ‘ تي اثر پيو ان جي تاريخ جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتل آهي. رد لکندڙ مڃي ٿو ته ”انهيءَ تاريخ ان ته ڪو انڪاري نه به ٿئي... (۽) لاشڪ پاليءَ جو اثر سنڌيءَ تي ضرور ٿيو هوندو“، پر ڇاڪاڻ ته سندس مقصد آهي رد لکڻ، انهيءَ ڪري راءِ زني ڪرڻ ضروري سمجهي اٿس؛ ۽ جيئن ته اها محض راءِ زني آهي، انهيءَ ڪري جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي انهيءَ لاءِ ڪوبه تحقيقي حوالو ڪونه ڏنو ويو آهي. مثلاً، ”سنڌي ان وقت به ڪافي ترقي يافته زبان هئي، ٻوڌين (ٻڌ وارن) جي تبليغ گهڻو ڪري سنڌيءَ ۾ ئي ڪئي وئي هوندي“؛ ۽ ”منهنجي راءِ ۾، سنڌي جي تشڪيل اڳي ئي اهڙي مڪمل پائي تي پهتل هئي، جنهن ۾ ٻوڌين پنهنجي تبليغ ڪئي“. اهي خيال ظاهر آهي ته رد لکندڙ جي پنهنجيءَ راءِ تي مبني آهي؛ پر علمي تحقيق ۾ محض ذاتي راءِ کي ڪابه وقعت ڪانهي.

رد جو ٻيو ڀاڱو.

هن ڀاڱي ۾ اصل مضمون جي ٻئي حصي جو رد لکيو ويو آهي. اهو رد ويهن صفحن (198-217) تي شامل آهي، جنهن ۾ علمي دليلن جي بدران محض راءِ زني ڪئي وئي آهي. افسوس جو انهيءَ داستان لکندي، رد لکندڙ پنهنجي ذاتي جذبن جي جوش ۾، علمي سنجيدگيءَ جي معيار کي هٿان ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ ۾ مسلمانن جي اچڻ کان اڳ وارن ’سنڌ جي قديم باشندن’ جي ناموس جو درد کيس دامنگير آهي؛ انهيءَ ڪري، انهن جي حمايت ڪندي، سنڌ جي ؤرخن کي لويو ويو آهي، تاريخي ڪتابن جي مترجمن تي ”تعصبي رنگ“ ۽ ”مذهبي ڇوت ڇات“ جو الزام مڙهيو ويو آهي، ۽ ايڇ. جي. ويلس جي تاريخ جي ترجمي جو فرضي مثال پيش ڪري، انهن مترجمن کي ياد ڏياريو ويو آهي ته ”اهي ئي (مترجم) عالم انهيءَ مترجم تي گارين جو ڌوڙيو لائي ڏيندا“ (ص 199). انهيءَ قسم جي زبان هڪ لکيل پڙهيل شخص جي شيان شان نه آهي. پر رد لکندڙ اڃا به اڳتي قدم وڌائي رکيو آهي: اصل مصمون تي راءِ زني ڪندي الزام مڙهيو اٿس ته چچنامي واري ”نسي من، نسي من“ الفاط کي خواهه مخواهه جملو سڏيو ويو آهي، ان ۾ پنهنجي طرفان معنائون وڌيون ويون آهن، ۽ ان کي ڄڻ عمداً ۽ ارادتاً ”سنڌيءَ جي بي ربط ترتيب جي نشاني“ سڏيو ويو آهي- ”اها ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي! اهڙو ٻيو کل جهڙو سنڌي جملو ’اره ڪره مندره‘ وارو آهي.“ ”نسي من، نسي من‘ جي مطلب لاءِ مڙئي مغز ماري ڪئي وئي آهي“ (201). اڳتي هلي اصل مضمون لکندڙ بابت چوي ٿو ته ”عربن جي تعريف ڪندي ڪندي، سنڌي تمدن کي لوئيندي لوئيندي، ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت بنهه سندن ذهن تان لهي وئي آهي“ (204)؛ ”اسان جا عالم سنڌيءَ ۾ آيل عربي لفظن لاءِ ايترو بغاغو مچائڻ جا عادي ٿي ويا آهن“ (205)؛ ”محض عربن جي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ اهي مثال ويهي گهڙيا اٿس“ (207)؛ ”هلندي هلندي انڪشاف ڪرڻ فرمايو آهي، تنهن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي!“ (202)؛ ”ڪي ته بنهه هلڪي قسم جا مثال ڏنا آهن“ (203).

مٿان مثال هڪ ”تنقيدي جائزي“ ۾ استعمال ڪيل زبان جي شائستگيءَ ۽ ”تنقيدنگار“ جي فڪر جي پاڪيزگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. انهن جو ڪهڙو جواب ٿي سگهي ٿو! البته ايترو چوڻ ضروري آهي ته جو شخص پنهنجي تحرير ۾ اهڙا الفاظ استعمال ڪري ٿو، سو علمي تحقيق ۽ علمي تنقيد کان ڪوهن جا ڪوهه پري آهي.

اصل مضمون جي ٻئي حصي، جنهن ۾ سنڌ جي ماحول تي اسلامي تمدن جي اثر ۽ سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ جي اثر کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. تنهن رد لکندڙ کي ذهني اذيت پهچائي آهي، جو پاڻ چوي ٿو ته ”مضمون جي انهيءَ حصي ئي مون کي ذهني اذيت پهچائي آهي“ (198). مگر اهڙي اذيت فقط انهيءَ شخص کي پهچي سگهي ٿي جو علمي وسيع نظري ۽ منصفانه رواداريءَ جي بدران محض تنگ نظريءَ سببان ’اسلام‘ يا ’عربيءَ‘ جي نالن کان ڇرڪندو هوندو. رد لکندڙ جا جذبات هن مان ظاهر آهن جو کيس اڄ کان تيرهن سئو ورهيه اڳ وارن سنڌين جو درد دامنگير آهي، ۽ انهن جي پوين سنڌي مؤرخن توڙي مترجمن سان برسر پيڪار آهي، ڇاڪاڻ جو اهي مسلمان آهن. نه فقط ايترو، پر سندس عقيدو آهي ته اوائلي مسلمانن سنڌ جي تمدن، خصوصاً شعر ۽ موسيقيءَ کي اچي تباهه ڪيو: ”آءٌ ته ائين چوندس ته انهيءَ جو سبب به عرب ئي هئا. سنڌ ۾ اچڻ وقت عربن ۾ هڪ نئون جذبو ڪارفرما هو، ۽ مذهبي روايتن جي ڪري، سنڌ جي تمدن جي نون لطيفه کي ڪا ترقي ڏيارڻ بدران يا انهن جي ڪا همت افزائي ڪرڻ بدران، انهن جو بنهه خاتمو ڪري ڇڏيائون“ (210). اول ته هڪ سمجهدار لکندڙ کي نفس موضوع کان هٽي خواهه مخواهه هر قسم جي راءِ زني4 کان پاڻ پلڻ کپي؛ پر جيڪڏهن ڪنهن مسئلي بابت راءِ ڏيڻ جو جذبو غالب آهي ته پوءِ اها راءِ حقيقتن جي بناء تي ڏيڻ گهرجي. رد لکندڙ جيڪو هيءُ الزام دعوا سان لڳايو آهي، انهيءَ جو مثال انگريز حڪمرانن جي لکيتن ۾ سو ملي ٿو، جن هندن ۽ مسلمانن ۾ نفاق ۽ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ انهيءَ قسم جي پروپئنگڊا کان ڪم ورتو، ۽ جنهن کان ڪي ڪٽر خيال وارا متاثر ٿيا. سنڌ جي هندن جي اڪثريت به ايترو فراخدل ۽ سنجيده هئي جو منجهانئن ڪنهن به انهيءَ قسم جو بهتان ڪونه لڳايو، ۽ نه علوم ان جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ يا سنڌي ادب جي ڪهڙي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو! البته انهيءَ باري ۾ پڙهندڙن کي پوريءَ طرح متاثر ڪرڻ لاءِ سندس واسطي ضروري هو ته تاريخي حوالن سان ثابت ڪري ها ته اهي ڪهڙا فنون لطيفه هئا جيڪي سنڌ ۾ رائج هئا، ۽ انهن مان ڪهڙن کي ۽ ڪڏهين عربن پنهنجين ”مذهبي روايتن جي ڪري“ اچي ختم ڪيو.

اصل مضمون جي ٻئي حصي تي هي جو ويهن صفحن ۾ رد لکيو ويو آهي، ان ۾ حقيقتن ۽ حوالن جي بجاءِ نه صرف رد لکندڙ جي پنهنجي ذاتي جذبي ۽ راءِ کي دخل آهي، بلڪ ان ۾ جابجا نفرت، حقارت ۽ خنده زنيءَ جو اظهار ٿيل آهي. انهيءَ قسم جي رد لکڻ سان نڪي اصل مضمون جي وقعت ڪم ٿي ٿئي ته نڪي رسالي ’مهراڻ‘ جو معيار ٿو بلند ٿئي. ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر، بنا اصلاح جي، رد جو هيءُ ڀاڱو ڇاپي ڄڻ هڪ مثال قائم ڪيو آهي ته سنڌ جي ڪنهن به اديب جي مخلصانه محنت تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ، بلڪ ٺٺولين ڪرڻ لاءِ، هن رسالي جا صفحن جا صفحا وقت ڪيا ويندا.

رد جي هن ڀاڱي ۾ انهن ڊگهين عبارتن کي، جن ۾ يا ته ذاتي جذبي جي بناء تي راءِ زني ٿيل آهي يا محض قياس آرائيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي، درگذر ڪري، هيٺ صفحي بصفحي انهن مباحثن جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي، جن ۾ رد لکندڙ طرفان ڪي نه ڪي دليل ڏنل آهن.

ص ص 199-200: اصل مضمون ۾ هيءُ نظريو پيش ڪيو ويو آهي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ڇهينءَ کان يارهين صدي عيسويءَ واري دور ۾ ٿي. هن بر عظيم جي عوامي ٻولين بابت هن کان اڳ اهو تسليم ٿيل آهي ته انهن جي تشڪيل يارهين صدي عيسويءَ ڌاري ٿي. ان جي برعڪس، اصل مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل کي يارهين صديءَ کان پنج سئو ورهيه اڳ واري دور ۾ حوالن ۽ مثالن سان ثابت ڪيو ويو آهي. اها هڪ نئين کوجنا ۽ ٻوليءَ جي خدمت آهي، جنهن جو سنڌيءَ ٻوليءَ جي سڄڻن کي قدر ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ تخليق جي بناء لازمي طور تاريخي ۽ علمي شاهدين تي قائم ڪرڻي آهي، جن مان عربي تصنيف ’فتحنامو‘ (چچنامو) آهي، جنهن ۾ عربي دور کان اڳ جا سنڌي لفظ ملن ٿا، ۽ ٻيون عربي تصنيفون آهن، جن مان سنڌي ۽ عربي ٻوليءَ توڙي تمدن جي لاڳاپي بابت حوالا ملن ٿا. رد لکندڙ کي عربي ٻوليءَ جو سنڌيءَ تي اثر نامنظور آهي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ عربي ٻوليءَ جي اثر کي تسليم ڪرڻ سان سنڌي ٻولي جي توهين ٿئي ٿي. مگر دنيا جون جيڪي به جيئريون زبانون اهن تن مان هر هڪ ٻين ٻولين جي رهين منت آهي، ۽ ان تي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سنجيده راءِ رکندڙ چڙ نه ڪئي آهي. بلڪ هر ٻوليءَ جي تاريخ لکندڙ عالمن، مختلف دورن ۾ انهيءَ ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جا جيڪي به اثر پيا آهن تن جي گهري کوجنا ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ تحقيق سان ئي ٻوليءَ جي ارتقا جي مسلسل تاريخ مرتب ڪري سگهجي ٿي. مگر رد لکندڙ، پنهنجي مخصوص نظريي سببان، اصل مضمون ۾ پيش ڪيل تحقيق کي عربي ٻولي جي حمايت ۽ سنڌيءَ جي توهين تصور ڪري ٿو. نه فقط ايترو، بلڪ اصل مضمون ۾ پيش ڪيل حقيقتن کا منهن موڙي، انهيءَ قسم جو الزام لڳائي ٿو ته عربي دور کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ جي هيئت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جو ڄڻ ته عربن کان اڳ واري هندو دور سان دشمني مدِنظر هئي. مگر اصل مضمون ۾ رڳ عربي دور کي نه، بلڪ راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ عربي دور حڪمت جي سڄي گڏيل دور کي ”سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي دور“ قرار ڏنو ويو آهي، ۽ صاف لفظن ۾ چيو ويو آهي ته ”هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ٿي“.

مگر رد لکندڙ جي راءِ آهي ته ”سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل به عربن کان اڳ، بلڪ گهڻو عرصو اڳي، ٿي چڪي هئي.“ انهيءَ عرصي جو پتو اڳتي هلي ڏئي ٿو. سندس چوڻ موجب، ”هر نئين آواز پيدا ڪرڻ لاءِ انسان کي هزارين ورهيه لڳي وڃن ٿا“، سنڌيءَ کي ”خاص پنهنجن آوازن ٺاهڻ ۾ به ايتروئي ڊگهو عرصو لڳي ويو هوندو“، ۽ ”ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي موجوده تشڪيل انهن آوازن جيتري ئي پراڻي آهي“ (200). بيشڪ ٻوليءَ جي بلڪل ابتدائي صورت آواز آهن، پر ابتدائي آوازن کي پوري ’ٻوليءَ جي تشڪيل‘ مڃڻ عقل جي خلاف آهي. مگر رد لکندڙ جي خيال ۾ ”سنڌي ٻولي جي موجوده تشڪيل“ انهن آوازن جيتري پراڻي آهي، جيڪي سندس اندازي موجب ”هزارين ورهيه“ اڳ جا آهن. انهيءَ جي معنيٰ ته ”سنڌي ٻوليءَ جي موجوده تشڪيل“ هزارها ورهيه پراڻي آهي. ائين آهي ته پوءِ سنسڪرت مان ڪيئن نڪتي!

ان بعد، رد جي باقي حصي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف شعبن تي جيڪو عربيءَ جو اثر پيو آهي، ۽ جنهن جو تفصيل حوالن ۽ مثالن سان اصل مضمون ۾ ڏنل آهي، ان تي اعتراض ڪيل آهن. ان باري ۾ مجموعي طور سان ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته جن حرفن، لفظن، اعرابن، نحوي بناوتن، ضميري پڇاڙين وغيره بابت اصل مضمون ۾ ذڪر ٿيل آهي، تن مان هر هڪ کي جيڪڏهن عربيءَ جي بدران تحقيقي طور سنسڪرت مان ثابت ڪيو وڃي، ته پوءِ مڃبو ته اهو سنسڪرت جو اثر آهي. علمي تحقيق جي بناء تي پيش ڪيل نتيجن کي قبول ڪري سگهجي ٿو؛ مگر رد لکندڙ، محض رد لکڻ خاطر، هر علمي نتيجي ۽ تحقيقي حوالي جو انڪار ڪرڻ فرض سمجھيو آهي، جيئن هيٺينءَ وضاحت مان معلوم ٿيندو.

ص 206: انڪار ڪيو ويو آهي ته ’هاري‘ ’هر‘ مان اسم فاعل جي وزن تي بنيل نه آهي. اهو انڪار اجايو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن سنسڪرت يا پراڪرت جي ٻيءَ ڪنهن به ترڪيب موجب ’هر‘ مان ’هاري‘ بنيو هجي ها ته ٻين پراڪرتن ۾ پڻ اهو ساڳيو لفظ يا انهيءَ نهج تي بنيل لفظ (’هاڙي‘ يا ’هالي‘) موجود هجي ها، ڇاڪاڻ ته ’هل‘ يا ’هڙ‘ لفظ هنڌي ۽ گجراتي ۾ پڻ موجود آهن. سنڌيءَ ۾ هاري، ماري، چاري، ماڇي، ۽ ٻيا انهيءَ قسم جا الفاظ جن ۾ فعل جو صيغو مضمر آهي سي يقيني طور اسم فاعل جي وزن واري اثر هيٺ بنيل آهن. ’باقي‘، ’جاري‘ قسم جا نج عربي اسم فاعل مدت کان سنڌيءَ ۾ رائج ٿي چڪا آهن. رد لکندڙ ’مٽ‘ مان ’ماٽي‘ جو جيڪو مثال ڏنو آهي، ان ۾ فعل جو صيغو سمايل ناهي، ۽ انهي ڪري اهو هن ڳاڻيٽي هيٺ نٿو اچي سگهي. ازانسواءِ ’ماٽي‘ معنيٰ ’مٽَ وارو‘ پڻ صحيح ناهي. انهيءَ ڪي اهو هن ڳاڻيٽي هيٺ نٿو اچي سگهي. ازانسواءِ ’ماٽي‘ معنيٰ ’مَٽ وارو‘ پڻ صحيح ناهي.

(2) ص 209: اصل مصمون ۾ مستند تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو ويو آهي ته هڪ سنڌي شاعر بغداد ۾ پهچي پنهنجو قصيدو پڙهيو، جنهن جي هڪ مصرع ”اره، بره، ڪنڪره- الخ“ جي صورت ۾ اسان تائين پهتي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هيءُ هڪ نهايت قيمتي حوالو آهي، جنهن جي کوجنا ۽ تحقيق جو قدر ڪرڻ گهرجي؛ پر ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعر اهو قصيدو بغداد ۾ پڙهيو ۽ ڇاڪاڻ جو ان جا حوالا عربي ڪتابن ۾ ملن ٿا، انهيءَ ڪري رد لکندڙ هن اهم ادبي حوالي جو انڪار ڪرڻ پڻ ضروري سمجهيو آهي. سندس ذاتي راءِ موجب، چوٿين صدي هجريءَ جي محقق عالم ۽ ڪتاب ”روضة العقلاء“ جي مصنف جي ڀيٽ ۾ ٻارهين صديءَ جي هڪ سياح جي روايت وڌيڪ اهم آهي. مگر اهڙيءَ راءِ کي علمي طور ڪابه وقعت ڏيئي نٿي سگهجي.

(4) ص ص 211-212: اصل مضمون ۾ سنڌي صرف- نحو جي هڪ اهم پهلو ’اعراب‘ تي روشني وڌل آهي، ۽ ڄاڻايل آهي ته سنڌيءَ جو اهو فنِ اعراب عربيءَ جو اثر جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ’اعراب‘ جو نظام سنسڪرت يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي اثر جو نتيجو آهي، ته بهتر ائين ٿيندو ته سنسڪرت يا انهيءَ ٻيءَ ٻوليءَ جڪي نظامِ اعراب کي سنڌيءَ جي نظامِ اعراب سان ملائي ثابت ڪجي ته اهو نظام عربيءَ جي بجاءِ سنسڪرت يا ڪنهن ٻيءَ ٻولي جي اثر هي وجود ۾ آيو آهي. رد لکندڙ اهڙي علمي ڪوشش ۽ تحقيق جي بدران اصل مضمون جي دليلن کي ويهي مروڙيو آهي، جنهن مان ڪو به کڙ تيل ڪونه ٿو نڪري.

(5) ص 213: اصل مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته ”’سوريہ‘ ۽ ’آشچريہ‘ الفاظ شآيد عربيءَ جي اثر سببان ڦري ’سورج‘ ۽ ’اچرج‘ ٿيا.“ اعتراض آهي ته انهيءَ ڦير گهير بابت ڪوبه دليل ڏنل ناهي. بيشڪ، اختصار جي لحاظ کان اصل مضمون ۾ انهيءَ تبديليءَ جو اصول بيان ڪونه ڪيو ويو هو؛ پر هت ان کي بيان ڪرڻ کان اڳ رد لکندڙ جي پنهنجن ڪن دليلن جي وضاحت ضروري آهي. چيو ويو آهي ته سنسڪرت جي ’ي‘ پراڪرتن ۾ ’ج‘ ۾ مٽبي، ۽  مثال طور ، يُڌ- جڌ، ينتر- جنتر، ياترا- جاترا، يم- جم، ڪاريہ ڪارج الفاظ ڏنا ويا آهن. علم لغت جي مطالعي جي لحاظ سان، لفظن جي سِٽاءَ ۾ صرف هڪ حرف جو ٻئي سان مٽجڻ جو مثال ڪافي ناهي، جيستائين وڌيڪ تفصيل سان بيان نه ڪجي ته حرفن جي اها مٽ سٽ لفظن جي شروع، وچ، يا آخر ۾ واقع ٿئي ٿي. اصل مضمون ۾ ڄاڻايل لفظن (سوريہ ۽ آشچريہ) ۾ ’يہ‘ آخر ۾ آهي، مگر رد لکندڙ ان جي ابتڙ، مٿين لفظن جي ذريعي، شروع واريءَ ’ي‘ جي مٽ سٽ جا مثال پيش ڪيا آهن، سواءِ هڪ لفظ ”ڪاريہ“ جي.

حقيقت ۾ هت شروع واري ’ي‘ جي مٽجڻ جو سوال ئي ناهي. جنهن لغوي ڦير گهير واري اصول کي هت مدنظر رکڻو آهي، سو آهي لفظن جي آخر ۾ ’يہ‘ يا ’ه‘ جي ’ج‘ ۾ بدلجڻ جو. عربيءَ ۾ انهيءَ قسم جي تبديل مشهور ۽ مڃيل آهي. علم لغت جي هڪ آڳاٽي عرب محقق جَوالِيقي، جنهن جي مشهور ڪتاب ”المُعرّب مِن کَلام العرب“ کي يورپ جي مستشرقن پوريءَ تحقيقات سان ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي، تنهن اڄ کان تقريباً نَو سو ورهيه انهيءَ مسئلي جي تحقيق ڪئي ته ڪهڙن اصولن هيٺ ٻين ٻولين جا الفاظ عربيءَ ۾ بدلجن ٿا. انهيءَ عالمانه تصنيف توڙي ٻين عربي ڪتابن ۾ انهيءَ تبديل جا مثال موجود آهن، جهن موجب ٻين ٻولين جا اهڙا الفاظ جن جي آخر ۾ ’يہ‘ يا ’ه‘ حرف آهن سي عربي اچارن جي اثر هيٺ ’ج‘ ۾ بدلجن ٿا. هن موقعي تي اسان جو بحث ٻين ٻولين سان ناهي، انهيءَ ڪري هيٺ خاص طرح اهي مثال پيش ڪجن ٿا، جن ۾ هند ۽ سنڌ ۾ رائج ٿيل الفاظ انهيءَ اصول هيٺ عربيءَ ۾ مٽيا ۽ مروج ٿيا.

اصل صورت عربيءَ اثر هيٺ بدليل صورت

ايريہ    (آريہ نسل جو ابو)                     ايرج

دَهنَہ   (بمبئي کان هيٺ ڏکڻ طرف بندر جو نالو) دَهنَج

بَوارِيَہ (عربي اصول موجب ’بيريہ‘ جو جمع.                   بَوارِج

بيره = ٻيڙو يا ٻيڙي؛ ’بيريہ‘ يعني ٻيڙيءَ

وارو يا ٻيڙياتو)

سَيَابَہ (هڪ آڳاٽي بلوچ قبيلي جي نالي ’سياه پا‘ يا      سَيابجہ

’سياه پاد‘ جو بدليل اچار- سياپہ< سيابہ).

دُونيہ (سنڌي ’دونگي‘ يا ’دنگي’ جو بدليل اُچار؛  دُونيج

دونگي =ڊونڊي ٻيڙي).

اَنبَہ    (سنڌي ’اَنبَ‘ جوا ن وقت مروج اچار) اَنبج

هُلَيلہ   (جارکون، کارڪون يا هريڙ. هن وقت هُلَيلَج

’هليلا اتر ۾ تازين کارڪن کي چون)

مٿيان مثال انهيءَ ڦير گهير واري اصول جا پڪا ثبوت آهن. خود سنڌي ٻوليءَ انهيءَ ڦير گهير کي پنهنجو ڪيو. مثلاً، سنڌي ۾ ”وِيڻو“ لفظ ساسڳيءَ انهيءَ صورت ۾ يا ’وڻَہ‘ جي صورت ۾ آڳاٽي وقت کان رائج هو. غالباً ايراني ناکئن انهيءَ کي ”وَنہَ“ ڪري اچاريو، ۽ سنڌيءَ ۾ پوءِ عربي اثر هيٺ ’وَنج‘ (ونجھ) جي صورت ۾ رائج ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين رائج آهي. ساڳيءَ طرح ’ڪارج‘ لفظ جيڪڏهن صرف سنڌي يا ٻين ڪناري وارين ٻولين ۾ رائج آهي، ته ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته اهو عربي اثر هيٺ اصل ’ڪاريہ‘ مان مٽجي ’ڪارج‘ ٿيو.

(7) ص ص 213-215: اصل مضمون ۾ سنڌي ضميرن ’هو‘، ’آءٌ‘ ۽ ’مان‘ جي اصليت جا اهڃاڻ ڏنل آهن: (اول ضمير غائب ’هُو‘ عربي الاصل آهي، ڇاڪاڻ ته عربي غائب ضمير ’هُو‘ جي بدليل صورت آهي. رد لکندڙ جو چوڻ آهي ته اهو سنڌي ضمير غائب، ضمير غائب اشاري ڏور جي صورت آهي. اها حجت صحيح نه آهي: صرف- نحو جي سٽا ۾ ’ضمير‘ اصولي صيغو آهي، ۽ نه ’ضمير اشارو‘. انهيءَ ڪري ضمير غائب ’هو‘ مان ضمير غائب اشارو ’هو‘ ورتل تسليم ڪري سگهجي ٿو، ۽ نه انهيءَ ’ضمير غائب اشاري‘ مان اصولي ضمير جو صورت پذير ٿيڻ. (ٻيو اصل مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته ’آءٌ‘ غالباً عربي ’انا‘ جي سنڌي صورت آهي. رد لکندڙ جي خيال ۾ ’آءٌ‘ سنسڪرت جي ’اهم‘ لفظ مان نڪتل آهي. سندس دعوا ته انگريزي ’آئي‘ ۽ اٽالين ’آئيو‘ به سنسڪرت جي ’اهم‘ لفظ مان نڪتل آهي. سندس دعوا ته انگريزي ’آئي‘ ۽ اٽالين ’آئيو‘ به سنسڪرت جي ’اهم‘ مان ورتل آهن، هڪ عجيب قياس آرائي آهي. سوال آهي ته جيڪڏهن سنڌي ’آءٌ‘ سنسڪرت ’اهم‘ مان نڪتو، ته ان ۾ لفظ ’اهم‘ جا ٻه مکيه حرف ’هه‘ ۽ ’م‘ ڪهڙي اصول موجب حذف ٿيا؟ ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌي ضمير واحد متڪلم جي آڳاٽي صوتي صورت ’اَن‘ آهي، جنهن قريبي عرصي کان ’آنءُ‘، ۽ پوين پنجاهه کن سالن ۾ ڊگهي اُچار ’آئون‘ جي صورت ورتي آهي. اصل سنڌي تلفظ ’اَن‘ سنسڪرت ’اهم‘ جي بجاءِ عربي ’انا‘ جي قريبي صورت ورتي آهي، ڇاڪاڻ ته مکيه حرف ’ا‘ ۽ ’ن‘ ٻنهي ۾ موجود آهن. لغوي قاعدن پٽاندر حرفن جي مٽا سٽا کي خيال ۾ رکندي، ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ’اهم‘ مان نڪتل ڪنهن به لفظ ۾ ’الف‘ حذف ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو نسبتاً هلڪو آهي، پر ڪم از ڪم ’هه‘ يا ’م‘ جو ان ۾ هئڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته الف جي مقابلي ۾ اهي زياده ثقيل آهن. مثلاً، گجراتي ’هون‘ ۽ ماگڌي ’هنئون‘، جيڪي رد لکندڙ پاڻ مثال طور پيش ڪيا آهن، انهن ٻنهي ۾ سنسڪرت ’اهم‘ جو هڪ مکيه حرف ’هه‘ پڌرو آهي. لغوي اصولن موجب حرفن جي ڦير گهير کان سواءِ، ’آءٌ‘ جي عملي استعمال جي شاهدي پڻ انهيءَ نظريي جي تائيد ڪري ٿي ته اهو عربيءَ ’انا‘ جي زير اثر اسريو. ’آن‘ توڙي ’آءٌ‘، ٻنهي صورتن ۾ اهو لفظ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ عام رائج آهي، جتي تاريخي طور عربي حڪمت جي گاديءَ جو شهر ’منصوره‘ هو، ۽ جتي عربي ٻوليءَ جو نسبتاً وڌڪ گهرو اثر پيو. ان جي برعڪس، اتر سنڌ واري خطي ۾ تاريخي طور فارسي زبان جو زياده اثر رهيو، انهيءَ ڪري اتي ’آءٌ‘ جي بدران فارسي ’من‘ جي اثر هيٺ ’مان‘ وڌيڪ مروج ٿيو. انهيءَ تاريخي روشنيءَ ۾ ئي ٻن جدا ٻولين مان نڪتل، ٻن جدا مگر هم معنيٰ لفظن جو ساڳئي ملڪ جي ٻن جدا خطن ۾ زياده مروج ٿيڻ سمجهي سگهجي ٿو. رد لکندڙ جي حجت موجب ’آءٌ‘ ۽ ’مون‘ (سٽاءَ جي لحاظ سان ٻه جدا قسمن جا لفظ) ٻئي ساڳئي سنسڪرت لفظ ’اهم‘ مان نڪتا- هڪڙو غالباً ان جي مهڙ مان ته ٻيو ان جي پولهه مان. انهيءَ قسم جي قياس آرائيءَ لاءِ علم لغت جي اصولن ۾ ڪو مثال موجود ڪونهي. ازان سواءِ جيڪڏهن ٻئي لفظ، ’آءٌ‘ ۽ ’مان‘، ساڳي ٻوليءَ (سنسڪرت) جي ساڳئي ئي لفظ (’اهم‘) مان نڪتا ۽ ساڳئي ملڪ (سنڌ ۾ رائج ٿيا، ته پوءِ اهو ڪنهن فيصلو ڪيو ته هڪڙو لاڙ ۾ ته ٻيو اتر ۾ زياده استعمال ٿيڻ کپي؟ (ٽيون) رد لکندڙ ’آءٌ‘ ۽ ’مان‘ کي سنسڪرت مان نڪتل ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻيو هڪ دليل ٻنهي جي ’فعلن جي حالتن ۽ زمانن‘ موجب جملي ۾ بيهڪ جو ڏنو آهي. چيو ويو آهي ته جيڪڏهن فعل متعدي هوندو ته زمان ماضيءَ ۾ ضمير متڪلم واح هميشه ’مون‘ يا ’مان‘ (۽ نه ’آءٌ‘) جي صورت ۾ ايندو، پر جي فعل لازمي هوندو ته ’آءٌ‘ ۽ ’مان‘ (۽ نه ’مون‘) جي صورت ۾ ايندو بيشڪ اها موجوده سنڌي صرف- نحو جي هڪ ڪيفيت آهي، جنهن مان بذات خود انهن ضميرن جو سنسڪرت مان نڪرڻ ثابت نٿو ٿئي. پر رد لکندڙ پنهنجن دليل کي هن طرح پيش ڪيو آهي ته گجراتي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل آهي، ۽ ان ۾ فعل لازمي ماضيءَ ۾ ’هون‘ ايندو آهي ۽ فعل متعدي ماضيءَ ۾ ’مين‘ ايندو آهي؛ جئن ته سنڌيءَ ۾ پڻ فعل لازمي ماضي ۾ ’آءٌ‘ ۽ متعدي ماضي ۾ ’مان‘ يا ’مون‘ ايندو آهي، انهيءَ ڪري ’آءٌ‘ ۽ ’مون‘، جي گجراتيءَ جي ’هون‘ ۽ ’مين‘ سان نحوي نسبت رکن ٿا، پڻ سنسڪرت مان نڪتل آهن. ظاهر آهي ته انهيءَ دليل جو ڪوبه منطقي بنياد ڪونهي. پهريون ته سنسڪرت جي اثر ثابت ڪرڻ لاءِ گجراتيءَ جي صرف- نحو جي سٽا کي مثال طرو پيش ڪرڻ ئي غلطي آهي، ڇاڪاڻ ته لسانيات جي محققن جي راءِ ۾، بحيثيت هڪ پراڪرت جي، گجراتيءَ جو سنسڪرت سان سڌو سنئون ناتو ٽٽل آهي. گجراتيءَ جي لغوي هيئت مخصوص آهي. اها کڻي چئجي ته هڪ ٻِسر ٻولي آهي، جا اصل پراڪرت تي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي خلاف چڙهڻ سان وجود ۾ آئي آهي. انگريزيءَ ۾ کڻي چئجي ته It is a superimposed language. ٻيو ته گجراتيءَ جا ضمير ’هون‘ ۽ ’مين‘ بحيثيت ’لفظن‘ جي ڀل کڻي سنسڪرت مان نڪتل هجن، پر فعل يا زمان جي حالتن موجب انهن ضميرن جي جملي ۾ هڪ بيهڪ بذات خود انهن ضميرن جي سنسڪرت مان نڪتل هئڻ تي شاهد ٿي نٿي سگهي. موجوده هندستاني زبانن (modern language) ۾، فعل يا زمان جي حالتن موجب، جملي ۾ ضميرن جي بيهڪ گهڻو ڪري هر ٻوليءَ جي پنهنجي مخصوص اندروني نظام مطابق آهي، ۽ نه سنسڪرت جي قانونن پٽاندر. مثلاً اردو ۾ فعل لازمي توڙي متعدي ماضيءَ ۾ ضمير ’مين‘ ساڳيءَ صورت ۾ رهي ٿو، البته متعديءَ جي حالت ۾ ان جي آڏو حرف ’ني‘ آڻجي ٿو، جيئن ته ’مين آيا‘ ۽ ’مين ني مارا‘. لهندا يا سرائڪيءَ ۾، فعل لازمي توڙي متعدي ماضيءَ ’مئن‘ جيئن جو تيئن ساڳي صورت ۾ بيهي ٿو، جيئن ته ’مئن ايا‘ ۽ مئن ماريا‘. ظاهر آهي ته ضميرن جي اها نحوي بيهڪ هر ٻوليءَ ۾ نرالي آهي، ۽ ان مان انهن ضميرن جو سنسڪرت مان نڪرڻ وارو نتيجو ڪڍڻ صحيح نه ٿيندو.

(8) ص 125: اصل مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل جي صيغن ۾ ضمير پڇاڙيون عربيءَ ۽ فارسي جي زير اثر رائج ٿيون. رد لکندڙ جي دعوا آهي ته ”سموريون پڇاڙيون هو بهو سنسڪرت واريون آهن ۽ سنڌي انهيءَ کي قائم رکندي آئي آهي.“ ڄاڻڻ گهرجي ته سنسڪرت ۾ صرف ’اڪيليون ضميري پڇاڙيون‘ آهن، پر عربيءَ ۾ ’اڪيليون‘ توڙي ’ٻٽيون‘ ضميري پڇاڙيون ٻئي موجود آهن. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ اهي ضميري پڇاڙيون سنسڪرت جي اثر هيٺ اسريون هجن ها ته سنڌيءَ ۾ به سنسڪرت وانگر صرف ’اڪيليون‘ ضميري پڇاڙيون مروج هجن ها. پر سنڌيءَ ۾ اڪيلين توڙي ٻٽين ضميري پڇاڙين جو عربيءَ وارو مڪمل نظاز موجود آهي. مثلاً،

عربي  سنڌي

اڪيلي پڇاڙي:قُلتُ = مون چيو       چيم = مون چيو

ٻٽي پڇاڙي: قلتُہُ = مون هن کي چيو     چَيُمِس، چيومانس = مون هن کي چيو

رد لکندڙ جو چوڻ ته ”سموريون پڇاڙيون هوبهو سنسڪرت واريون آهن“، علمي لحاظ کان هڪ بي بنياد دعوا آهي، ڇاڪاڻ ته سنسڪرت ۾ انهن ’ٻٽين ضميري پڇاڙين‘ جو نظام آهي ئي ڪونه.

نتيجا

تنقيد جو مقصد نڪي محض دماغي عياشي ۽ تفريح آهي، ته نڪي محض تحسين يا تنقيص. ڪنهن ٻئي تي قلم کڻڻ لاءِ لکندڙ جي آڏو اعليٰ مقاصد هئڻ گهرجن؛ علمي صحت ۽ حقيقت جي تلاش پهريون اعليٰ مقصد آهي، جنهن جي خاطر قلم کڻن گهرجي. هت سوال سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي تحقيق جو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مضمون ۾ پيش ڪيل مکيه نظرين ۽ ان بابت ’تنقيدي جائزي‘ ۾ ظاهر ڪيل خيالن کي ڀيٽي، غور ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي ۾ ڪيتري قدر خالص علمي تحقيق کان ڪم ورتو ويو آهي، ۽ پڻ نتيجي طور ٻنهي ۾ ڪيتري قدر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو حق ادا ڪيو ويو آهي. هيٺيان ٻه پهلو خصوصاً قابل غور آهن:

(1) اصل مضمون جي پهرئين حصي ۾ اهو مکيه نظريو پيش ڪيو ويو آهي ته ’سنڌي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي هند- آريائي ٻولي آهي‘. انهيءَ نظريي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي قدامت ۾ سَوَن سالن جو اضافو ٿئي ٿو. ازانسواءِ، سنڌو ماٿر جي قديم هند- آريائي ٻوليءَ جي حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت قائم ٿئي ٿي ۽ ’هند- آريائي‘ ٻولين ۾ ان جو ڳاٽ اوچو ٿئي ٿو.

ان جي برعڪس، اڳ جو نظريو اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل آهي. انهيءَ نظريي موجب، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي شروعات سنسڪرت واري دور کان گهڻو پوءِ ٿئي ٿي. انهيءَ ساڳئي نظريي موجب، سنڌيءَ جو بنياد ’وراچڊ اپڀرنش‘ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌيءَ کي سنسڪرتي پراڪرتن جي قطار ۾ پڻ شمار ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ لحاظ سان سنڌي جي تاريخ ۾ ويتر ڪتر پوي ٿي، جو ان جي شروعات کي پراڪرتن واري دور کان وءِ تسليم ڪرڻو پوندو. نه فقط ايترو، پر ’وارچڊ اپڀرنش‘ (بگڙيل ٻولي) کي سنڌيءَ جي سڳي ماءُ ڪري مڃڻو پوندو، جنهن ۾ ڪا خاص فخر جي ڳالهه ڪانهي. خود ’وراچڊ اپڀرنش‘ جو پس منظر ۽ بنياد پوريءَ طرح معلوم ناهي، جنهن جي معنيٰ ته سنڌيءَ جي سڳي نانيءَ جو نسل مشڪوڪ آهي- ۽ پهاڪو مشهور آهي ته ”جنهن جي ناني نڀاڳي، تنهن جي ڏوهٽي ڪيئن ڏاتار!“ وري جي مڃجي ته ”سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ئي نه، پر سڌيءَ طرح ان جي بدليل صورت آهي“، ته پوءِ سنڌيءَ کي ’ٻيءَ جوڻ واري سنسڪرت‘ سوچئي سگهبو، پر انهيءَ حالت ۾، تاريخي طور، سنڌيءَ جي پنهنجي رهي سهي انفراديت ئي ختم ٿي ويندي.

(2) اصل مضمون جي ٻئي حصي ۾ اهو مکيه نظريو پيش ڪيو ويو آهي ته موجوده سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ڇهين کان يارهين صدي عيسويءَ واري دور ۾ ٿي. ان کان اڳ جو نظريو اهو آهي ته هن برعظيم جي موجوده عوامي ٻولين جي تشڪيل يارهين صدي عيسويءَ ڌاري ٿي. انهيءَ ڪري يارهين صديءَ کان پنج سئو ورهيه اڳ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل وارو نظريو هڪ نئون نظريو آهي، جو ٻوليءَ جي تاريخي معيار کي بلند ڪري ٿو ۽ ان کي ٻين ٻولين کان ممتاز ڪري ٿو. پر انهيءَ نظريي جي پٺڀرائي سواءِ عربي ماخذن جي ٿي نٿي سگهي. سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ۾ عربيءَ جو اثر هڪ علمي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن کي تسليم ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي توهين ڪانه ٿي ٿئي، بلڪ ٻين ٻولين کان اڳ ان جي اندروني ترقيءَ جو پڪو علمي ثبوت ملي ٿو. عربي ماخذن جي شاهدين کي هٿان ڇڏڻ سان ۽ عربي- سنڌيءَ جي باهمي اثر جي انڪار سان، ڇهين کان يارهين صدي عيسويءَ واري دور ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل جو نظريو ختم ٿي وڃي ٿو؛ انهيءَ حالت ۾ سنڌيءَ جي تشڪيل جي تاريخ کي پڻ ٻين ٻولين وانگر پنج سئو ورهيه پوئتي هٽائڻو پوندو.

آخر ۾ هيءَ وضاحت ضروري آهي ته اصل مضمون محض سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ ٻوليءَ جي خدمت خاطر لکيو ويو آهي. ان جو مقصد سنسڪرت جي مخالفت يا عربيءَ جي حمايت هرگز ڪونهي. ڪوشش ڪري حقيقتن جي ڳولا ڪئي وئي آهي، ۽ بيشڪ اها ڳولا هڪ طالب علم جي ڳولا آهي، جنهن ۾ اوڻايون به آهن؛ وڌيڪ ڳولا سان جيئن ئي نيون حقيقتون معلوم ٿينديون، تيئن انهن اوڻاين کي سمجهي سگهبو ۽ سڌاري سگهبو. سنسڪرت هڪ عظيم الشان ٻولي آهي، جنهن جي عظمت کان ڪوبه علم وارو انڪار ڪري نٿو سگهي. سنڌيءَ تي سنسڪرت جو وڏو احسان آهي جو سنڌيءَ جي لفظن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو سنسڪرت جو رهين منت آهي. تاريخي حقائق جي بناء تي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ تي سنسڪرت جو گهڻي ۾ گهڻو اثر پالي پراڪرت ذريعي پيو هوندو: پر لفظن جي ذخيري کان سواءِ ان اثر جي باقي نوعيت ڪهڙي هئي، ان لاءِ سنسڪرت ۽ پاليءَ جي صرف- نحو ۽ قديم محاورن توڙي سنڌيءَ جي اندروني سٽا ۽ نفسيات جي گهري مطالعي جي ضرورت آهي.

ايبٽ آباد،                           ـــــ  ن. ب.

1960_7_16ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com