سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :12

ڪمٽي چڙي جواب ڏنو: ”مون کي خبر آهي ته تو پارا ماڻهو روحن تي اعتقاد ڪونه رکن؛ پر آءٌ رکان ٿو، ڇو ته مون هن دنيا ۾ ٺلها هلندڙ ڦرندڙ جسم به ڏٺا آهن- اهڙا جسم، جيڪي هلي ته رهيا هئا، پر جن ۾ ڪوبه روح ڪونه هو، هو هلي رهيا هئا ۽ تمام منضبوطي سان هلي رهيا هئا پر انهن جي رعب سان ڀريل چهرن جي سختيءَ ۽ رعونت جي باوجود مون کي هميشه ائين محسوس ٿيو، ڄڻ آءٌ انسانن کي ڏسي رهيو آهيان، پر فولاد جي خالي ڏٻن اندر جهاتيون پائي رهيو آهيان- مضبوط پر خالي، چمڪندڙ پر خالي، خوبصورت برانڊ ۽ رنگين ليبل سان سينگاريل، پر اندران خالي! ڇا، توکي ڪڏهن انسان جي خالي پڻي کي ڏسي، ڪنهن وجود جي ڪميءَ جو احساس نٿو ٿئي؟“

”انهيءَ معنيٰ ۾ ته ٿئي ٿو، جيئن شيو ڪرڻ کان پوءِ ڏاڙهيءَ جي ڪميءَ جو احساس ٿيندو آهي!“ مون مشڪندي چيو.

”تو سان بحث ڪرڻ فضول آهي.“ ڪمٽي چڙي چيو، ۽ منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيائين. هن پنهنجا ٻئي هٿ سندس ٻچي ڏاڙهيءَ ۾ اٽڪائي ڇڏيا، ۽ غمگين لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”آءٌ ته ائين ڪونه ٿو چوان ته منهنجي اندر مون کان ڌار ڪو روح ضرور موجود آهي؛ پر هڪري تصوير ضرور موجود آهي- يا هڪڙيءَ تصوير جي خواهش ضرور موجود آهي- يا انهيءَ خواهش جي تصوير جي تصوير موجود آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ هميشه سرگردان آهيان. اها تصوير آءٌ اڃا تائين نه ٺاهي سگهيو آهيان. حالانڪه مون هيستائين سوين تصويرون ٺاهيون آهن، پر انهن تصويرن ۾ مون کي اها تصوير ڪٿ به ڪانه ملي، جنهن جي مون کي ڳولا آهي. بس، رڳو خال ڏٻا ئي مليا. گهڻي ۾ گهڻو، ته به اها خبر پئيم ته انهيءَ تصوير ۾ ڪنهن هنڌ هڪڙو روح هو، جيڪو اڃا هينئر نڪري هليو ويو- ’وان گوگ‘ جي ’خالي ڪرسيءَ‘ وانگر!.... ها، پر هڪڙي دفعي-“

پر آءٌ هن جي بڪبڪ کان ذرو به متاثر نه ٿيس. اوهين ڪورٽن ۾ روز شنوايون هلائڻ واري هڪڙي سرڪاري وڪيل کان اهڙي قسم جي توقع نٿا رکي سگهو. انهيءَ ڪري، آءٌ سندس ڳالهين کان صفا غير متاثر ٿي، هڪڙيءَ تصوير ڏانهن ڏسڻ لڳس، جيڪا ايزل تي ٽنگيل هئي، ۽ اڃا نامڪمل هئي. اها تصوير هڪ مٽيءَ جي گلدان جي هئي، جنهن مان گلاب جا خوش رنگ گل جهاتيون پائي رهيا هئا. گلدان هنڌان هنڌان ڀڳل هو، ڄڻ ته ڪنهن زور سان مترڪو هڻي اُن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو هجي؛ پر تنهن هوندي به گلاب جا گل هوا ۾ لٽڪيل هئا، ۽ انهن مان ڪِرڻا ڦُٽي رهيا هئا.

”هن تصوير جو ڪهڙو مطلب آهي؟“ مون ڪمٽي کان پڇيو، ”... ڪو بيهودو خيال هوندو!“

ڪمٽي اٿيو، ۽ يڪايڪ پنهنجيءَ ايزل وٽ ائين بيهي رهيو، ڄڻ ڪنهن حملي کان بچاءَ لاءِ پنهنجيءَ ايزل جي حفاظت ڪرڻي هجيس. آهستي چوڻ لڳو: ”توکي آئرلنڊ جي مشهور شاعر ’شان اوڪاسي‘ جو اُهو شعر ڀلا ڪٿي ياد هوندو: ’اوهين گلاب جي گلدان کي ڀڃي سگهو ٿا، پر فضا پوءِ به گلن جي هُٻڪار سان رچيل رهندي!‘“

آءٌ شرمندو ٿي ويس؛ ڇو ته سرڪاري وڪيل کي هر روز ظلم سان واسطو رهي ٿو، هو ظلم ۾ ئي جيئي ٿو ۽ اُن جي ئي ڪميشن کائي ٿو. مون انهيءَ تصوير کي ڇڏي پنهنجون نگاهون دريءَ ڏانهن ڦيرايون، جتي هڪڙي وڏي فريم تي ڪارو ڪپڙو آيو پيو هو. مون اُنهيءَ فريم طرف وڌندي پڇيو، ”هي ڇا آهي؟“

”ان لاءِ هٿ نه لاءِ!“ ڪمٽي رڙ ڪري، ٽپ ڏيئي، منهنجي ۽ ڪاري پردي سان ڍڪيل تصوير جي وچ ۾ اچي بيهي رهيو: ”هيءَ تصوير آءٌ توکي نٿو ڏيکاري سگهان!“

”ڇو نٿو ڏيکاري سگهين؟“

”انهيءَ ڪري جو هن تصوير کي ڏسڻ لاءِ اکين جي ضرورت آهي!“

”ٻيلي، نشي ۾ ههڙو حال شل ڪنهن جو نه ٿئي!“ مون کلي چيو، ”اکيون ته مون کي آهن. انهن ئي اکين سان مون تنهنجين ٻين سڀني تصويرن کي ڏٺو آهي. انهن ئي اکين سان، ڇا، آءٌ هن تصوير کي نٿو ڏسي سگهان؟“

”ممڪن آهي ڏسي سگهين، ممڪن آهي نه ڏسين سگهين؟“ ڪمٽي پاسي ۾ پيل ڪوچ تي ڍرڪندي چيو، ”پر هيءَ تصوير منهنجي حياتيءَ جي محروميءَ ۽ ناڪامي جو سڀ کان وڏو داستان آهي- ۽ ڪوبه پنهنجي محروميءَ ۽ ناڪاميءَ جي انتهائي ذلت کي ٻين تي واضع ڪرڻ چڱو نه سمجهندو آهي. هيءَ تصوير منهنجي زندگيءَ جو شاهڪار آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته هن کان بهتر تصوير مون اڄ تائين نه ٺاهي آهي. پر، جتي جتي به مون هن تصوير کي نمائش لاءِ موڪليو، اُتان هيءَ تصوير انعام کڻڻ کان سواءِ موٽي آهي. ٻين تصويرن کي انعام به مليو، پر منهنجي هن شاهڪار جو اڄ تائين ڪنهن به قدر ڪونه ڪيو. تصويرن پرکڻ وارا جج هن جي سامهون بيٺا ٿي، گهڙي کن هن کي ڏسندا ٿي رهيا، پوءِ سر جهڪائي اڳتي هليا ٿي ويا. ڇا، انهن ماڻهن کي سچ پچ اکيون ڪينهن؟ ڇا، هو سچ پچ اهو ڏسي نٿا سگهن ته مون هن تصوير ۾ ڪهڙي ڳالهه رکي ڇڏي آهي؟“

”ڪهڙي ڳالهه رکي اٿئي؟“ آءٌ تصوير کي ڏسڻ بنا ڪمٽي جي پاسي ۾ ڪوچ تي ويهي رهيس؛ ۽ ڪلهي تي هٿ رکي، پيار مان پڇيومانس.

ڪمٽي جون نگاهون اُن ڪاري پڙدي تي ڄمي ويئون- ڄڻ ته اهو ڪو سئنيما جو پڙدو هو. پوءِ هو آهستي آهستي چوڻ لڳو: ”اُها ڏاڍي مزيدار شآم هئي: ۽ آءٌ منهنجو اسڪيچ- بُڪ ۽ پينسل هٿ ۾ کڻي، ڪنهن مزيدار ڪارٽون جي ڳولا ۾ شهر جي بازارن ۽ گهٽِن مان هلندو، گهمندو ڦرندو، ماڻهن سان ٽڪرائيندو، پاسو ڪندو، هڪڙي اهڙي هنڌ وڃي پهتس، جتي اڳي آءٌ ڪڏهن ڪونه ويو هوس. هتي گهٽيون ايڏيون ته سوڙهيون ۽ اونداهيون هيون، ڪسين ۾ ڪرفتيءَ جا ايترا ته انبار گڏ ٿيل هئا، گند جي ڍيرن مان ايتري ته ڌپ پئي آئي، جو آءٌ سوچڻ لڳس ته شايد هن علائقي جي رهندڙن جا نڪ هوندا ئي ڪونه- ڇو ته اهو ته ناممڪن آهي جو ماڻهوءَ کي پنهنجي منهن تي هڪڙو نڪ هجي، ۽ پوءِ به هو اهڙي هنڌ رهي سگهي. ٻن ٽن هنڌن تي اوندهه ۾ ٿاٻا کائڻ کان پوءِ مون کي خيال آيو ته هنن اُونداهين گهٽين ۾ نڪ ته ڇا، پر اکين جي به ضرورت ڪانهي؛ ڇو ته اک روشنيءَ لاءِ هوندي آهي، ۽ روشنيءَ کان سواءِ ڪابه تصوير نٿي ٺهي سگهي. ’پوءِ ڀلا آءٌ هنن اونداهين گهٽين ۾ ڇو رُلي رهيو آهيان؟‘ مون گهٻرائجي آسمان ڏانهن نهاريو. ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل آسمان به انهن گندين گهٽين تي هڪ گدليءَ ۽ ميرانجهڙيءَ ڇت وانگر جهڪيل هو-“

”ڏاڍو بڪبڪيو آهين، يار!“ مون کيس ٽوڪيندي چيو، ”خدا جي واسطي ڪنهن طرح اصل موضوع تي اچ!“

ڪمٽي بيحد بيچين ٿيندي چيو، ”موضوع ۽ مُوڊ ۾ هڪ گهرو تعلق آهي. آءٌ توکي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح سمجهايان، ڪيئن ٻڌايان، اُنهيءَ اونداهي گهٽيءَ جو ماحول، جنهن جي ڇيڙي کان هڪڙي روشن بازار ٿي شروع ٿي، ۽ جتي انهيءَ اوندهه ۽ سوجهري جو ميلاپ هو: اُتي بجليءَ جو هڪڙو کنبو هو، پوسٽ آفيس جو هڪڙو ليٽر باڪس هو، پاڻيءَ جو نل هو، پاسي واريءَ هوٽل جي گند جو هڪڙو ڍير هو، ۽ ان جي ويجھو چار پنج فقير فُٽپاٽ تي ويٺا پِني رهيا هئا-“

”ڀوڪ!“ مون کانئس پڇيو، ”ڀلا پِني ڇو رهيا هئا؟ جتي پاڻيءَ جو نل هجي، بجليءَ جي روشني هجي، گهر خط موڪلڻ لاءِ ٽپال جو دٻو هجي، ۽ کائڻ لاءِ هوٽل جو لزيذ کاڌو هجي،- انسان کي ٻيو کپي ئي ڇا؟ چڱي کان چڱي فليٽ ۾ به اهڙيون سهوليتون مشڪل سان ٿيون ملن!“

ڪمٽي ڪاوڙجي چيو، ”ڇا، تون هر هنڌ سرڪاري وڪيل بنيو رهندو آهين؟ ڪڏهن ڪنهن هنڌ انسان نٿو بنجي سگهين؟ ڏک ۽ مصيبت جي مذاق اُڏائڻ کان رهي نٿو سگهين؟ سوجهري ۽ اوندهه جي ميلاپ تي اچي، تنهنجو ضمير ڪنبڻ ڇو ٿو لڳي؟ سهاري وٺڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري؟... خير، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو! اڄ تون هڪڙي مصور جي ڪمري ۾ آيو آهين، ٿوريءَ دير کان پوءِ هن ماحول کان ڌار ٿي پنهنجي روشن ماحول ۾ هليو ويندين، ۽ تون سڄي ڄمار هن تصوير کي نه ڏسي سگهندين، ڇو جو هاڻي ته مون هن تصوير کي ڪنهن نمائش م موڪلڻ جو خيال به ترڪ ڪري ڇڏيو آهي: اهي سڀ جا سڀ تصويرن پرکڻ وارا تو وانگر سرڪاري وڪيل آهن!“

آءٌ چپ ٿي ويس. پريان گهڙيان ٽن جا ڌڪ هنيا. ڪمٽي ڇرڪ ڀري چيو، ”اوندهه وڃي رهي آهي، روشني اچي رهي آهي: پر منهنجيءَ تصوير جي نصيب ۾ خبر ناهي ڪيستائين اوندهه لکيل آهي؟ آءٌ انهيءَ تصوير کي نٿو وساري سگهان. هوءَ پينو عورت، ليٽر باڪس جي ٽيڪ وٺيو، خبر ناهي ڪيترن ڏينهن جي اُڃي ۽ بکي، اتي پيئي هئي. ٻيا فقير وري به پنهنجي ڪمزور آواز ۾ صدا هڻندا ٿي رهيا. پر هوءَ پينو عورت، سڀني کان ڌار، ليٽرباڪس سان لڳي، چپ چاپ فضا کي گهوري رهي هئي. هن کي ڀلا ڪنهن جي خط جو انتظار هو؟ پر ڪيڏي نه مايوس نظر هئي ان جي! ڄڻ ته هن جي قسمت جو ليٽرباڪس هاڻ به نه کُلندو. هوءَ بلڪل اگهاڙي هئي- رڳو رانن تي هڪڙو چِيٿڙي جو ٽڪر پيل هو، نه ته صفا اُگهاڙي هئي- ۽ پنهنجي بت جي اگهاڙپ کان بلڪل بي نياز پيئي هئي. پر هن جي جسم جي اگهاڙپ تي ڪنهن به عريانيءَ جو شڪ نٿي ٿيو. بس، ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ ته مينهن جي وسڪارن ۽ سج جي تپش، کليل هوا جي جهوٽن ۽ فٽپاٿ جي اگهاڙن پٿرن سان رڳڙجي رڳڙجي، ڪپڙي جي هر ڪا تار گم ٿي چڪي آهي، ۽ رڳو هڪڙو چيٿڙو بت ڍڪڻ لاءِ رهجي ويو آهي، جنهن کي هن پنهنجين رانن ۾ وجهي پنهنجي پاسي کان سترپوشي ڪري ڇڏي هئي. اگهاڙي هوندي به هوءَ اگهاڙي نه هئي؛ ڇو ته بت جي هر حصي تي ميل جا ايترا تهه چڙهي چڪا هئا، ڄڻ ته هوءَ عورت ڪانه هئي، گند جي ڍير تي پيل هڪ ڪٽ چڙهيل لوهه جو ٽڪرو هئي- بيڪار، بيسود، بي حِس، بدصورت ۽ بدنما. شايد اها عورت ڪڏهن گلاب هوندي- شايد اهي بڇڙا پستان ڪنهن معصوم ٻار جي چپڙن ۾ کير سان ڀريل جام بنجي ويا هوندا- شايد انهن چپن جي نازڪ مکڙين مان ڪنهن شاعر کي گلاب جي هٻڪار آئي هوندي- شايد ڪنهن صديءَ جي نازڪ موڙ تي اها عورت به هڪ خوبصورت گلدان ۾ رکي ويئي هوندي! ... پر اڄ اهو گلدان ڀڄي چڪو آهي، اُهو گلاب مروٽجي چڪو آهي، اڄ انهيءَ گلاب جي هٻڪار به نه رهي آهي،- شايد ’شان اوڪاسيءَ‘ جيڪي چيو هو، سو بلڪل ڪوڙ هو: ’اوهين گلدان کي ٽوڙي سگهو ٿا، پر گلن جي هٻڪار پوءِ به فضا ۾ رچيل رهندي!‘ ڪٿي آهي ’شان اوڪاسي‘؟ اچي، پنهنجن آئرلنڊ جي سهڻن باغن مان، ۽ هن عورت جي زندگيءَ جو حشر ڏسي!

”ائين، آءٌ سوچي رهيو هوس؛ ۽ بيٺي بيٺي اهو ئي فيصلو ڪري رهيو هوس ته منهنجي سامهون جيڪي ڪجھ آهي، سو ڪارٽون آهي يا تصوير آهي؟ مون اڃا پنهنجو اسڪيچ- بُڪ کوليو ئي مس، ته ايتري ۾ پوليس جي جيپ جو وحشتناڪ سائرن ٻڌڻ ۾ آيو- هڪ کان پوءِ ٻيو. پتو پيو ته صفائي کاتي جو وزير هتان لنگهڻ وارو آهي، انهيءَ ڪري رستي تان ٽرئفڪ کي هٽايو پيو وڃي، ۽ فُٽپاٿ جي گوڙ کي گهٽايو پيو وڃي. ڦيريءَ وارا تڪڙا تڪڙا پنهنجو سامان سيري، فٽپاٿ تان کسڪڻ لڳا. فقير سڀ هيڌانهن هوڏانهن ڦُٽن لڳا. پر، مون ڏٺو، اُها پينو عورت اُتي جو اُتي پيئي هئي-

”ايتري ۾ هڪڙي جيپ اچي ليٽرباڪس وٽ بيٺي. ان مان پوليس جا ٻه سپاهي لٿا، ۽ انهن واڪو ڪري اُن پينو عورت کي چيو: ’اي! اُٿي هتان! وزير صاحب جي سواري اچي رهي آهي!‘

”پينو عورت پنهنجيون اکيون کوليون. ڏاڍي بيوسيءَ سان چئني پاسن ڏٺائين. پوءِ اُنهيءَ کان به وڌيڪ بيوسيءَ سان پنهنجيءَ اُگهاڙپ کي ڏٺائين. هن جي جسم تي ڇڙو هڪڙو ننڍڙو چيٿڙو هو، جيڪو هن پنهنجين رانن مٿان رکي ڇڏيو هو. ان طرح هن جي سترپوشي ٿي وئي هئي. هاڻي هوءَ اُٿي، ته پوءِ پنهنجي سترپوشي ڪيئن ڪري؟ هن نهايت بيوس نگاهن سان پوليس جي سنترين ڏانهن ڏٺو. پر هرڪو شخص ته نگاهن جي مجبوريءَ کي نٿو پڙهي سگهي- نه ته اڄ هيءَ دنيا جيڪر گهڻي قدر مختلف هجي ها!

”اي! اُٿ هتان!“ پوليس جا ٻه سپاهي هن کي اُٿارڻ لاءِ اڳتي وڌيا. اُها پينو عورت يڪايڪ گهٻرائجي اُٿي کڙي ٿي. هاڻ هوءَ مادرزاد ننگي هئي- بلڪل اُگهاڙي. چيٿڙو فُٽپاٿ تي ڪِري پيو هو. هن گهٻرائجي اُهو پٽ تان کنيو. چند گهڙين ۾ هن کي فيصلو ڪرڻو هو ته هوءَ ان کي ڪهڙي هنڌ رکي- پنهنجين رانن تي، پنهنجيءَ ڇاتي تي، يا ڪنهن ٻئي هنڌ. هن جي منهن تي هڪڙو رنگ آيو ٿي، ته ٻيو ويو ٿي- ۽ هوءَ فيصلو نٿي ڪري سگهي ته هوءَ جسم جي ڪهڙي حصي کي اُنهيءَ چيٿڙي سان لڪائي......

”يڪايڪ هن چئني طرفن، پنهنجي چئني طرفن، اُنهن بيحيا ۽ بيشرم نگاهن کي ڏٺو، جيڪي ڄڻ ته سندس جسم جي وار وار ۾ پيهي پئي ويئون......... انهيءَ عورت، گهٻرائجي ۽ شرمائجي، پنهنجي منهن کي ان چيٿڙي ۾ لڪائي ڇڏيو، ۽ باقي سڄي بت کي اُگهاڙو ڇڏي، سپاهين سان گڏجي اڳتي هلي ويئي!

”- ’اوهين گلدان کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري سگهو ٿا، پر گلاب جي هُٻڪار پوءِ به فضا ۾ رچيل رهندي!‘“

ڪمٽي پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان لڪائي ڇڏيو ۽ سڏڪا ڀري ٻارن وانگر روئڻ لڳو.

گهڻيءَ گهڻيءَ دير تائين آءٌ ان فريم تي پيل ڪاري ڪپڙي اڳيان بيٺو رهيس. ڪيتريون ئي صديون، ڪيترا ئي هزار ورهيه ڄڻ گذري ويا، ۽ آءٌ انهيءَ ڪاري ڪپڙي جي سامهون بيٺو رهيس. مون ۾ همت ئي ڪانه هئي جو آءٌ اُنهيءَ ڪاري ڪپڙي کي هٽائي تصوير کي ڏسان. آخرڪار، همت ڪري، هڪڙيءَ ئي ڇِڪ سان مون اُن تصوير کي ننگو ڪري ڇڏيو. ٻيءَ گهڙيءَ، آءٌ ڇرڪي پوئتي هٽي ويس. اُن تصوير کي ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ آءٌ سرڪاري وڪيل نه آهيان، پاڻ ڏوهاري آهيان، ۽ ڏوهارين جي پڃري ۾ بيٺو آهيان!

”ادب ڪنهن فرد جي پنهنجي زندگيءَ جي تصوير نه آهي. جڏهن ڪو اديب قلم کڻي ٿو، ته هو پنهنجن گهريلو معاملن جو روزنامچو پيش نٿو ڪري. هو پنهنجين خواهشن، رنجشن، بيماري، ۽ تندرستين جو ذڪر نٿو ڪري. هن جي قلمي تصويرن ۾ گهڻي قدر ممڪن آهي ته لُڙڪ سندس ڏُکاريءَ ڀيڻ جا هجن، مُرڪ اوهان جي، ۽ ٽهڪ هڪ ڏُتڙيل مزدور جا. ان ڪري، پنهنجن لُڙڪن ۽ مُرڪن جي تارازيءَ ۾ انهن تصويرن کي تورڻ تمام وڏي غلطي آهي. هرڪو ادبپارو هڪ خاص فضا، هڪ خاص اثر، ۽ هڪ خاص مقصد لاءِ پيدا ٿئي ٿو: جيڪڏهن ان ۾ اها خاص فضا، اهو خاص اثر، ۽ اهو خاص مقصد محسوس نه ڪيو وڃي، ته اهو هڪ بيجان لاش بنجي ويندو.“ – منٽو

1. ڀائرو، جاڳو...                       - علامه آءِ. آءِ. قاضي

2. پليگ                                - ڊاڪٽر علي احمد قاضي

3. ادب ۾ ترجمن جي اهميت         - رسول بخش پليجو

4. تنقيد ڇا آهي                      - سرو پچندر ’شاد‘

5. سومرن جي دور جي شاعري                - غلام علي اَلانا

6. جديد سنڌي شاعري               - ’تنوير‘ عباسي

7. تيمور شاهه جو فرمان               - سيد مسعود علي

                                سنڌيڪار: پيرزادو مختار احمد

8. ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

9. وئتپتي ڪوش             - جهمٽمل نارومل وسڻاڻي

10. ’مهراڻ‘ جا موتي                 - ادارو

11. سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا       - چونڊيندڙَ

12. علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون:        - ادارو

(1) پهرين سنڌ ”سنڌي ادبي سنگت“ ڪانفرنس

(2) سگهڙن جون ڪچهريون

(3) مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ورسي

(4) مرحوم حسن علي آفنديءَ جي ورسي

(5) ”سنڌي زبان سوسائٽيءَ“ جو ميمورنڊم

13. تبصرا

”شرافت جو معيار آهي ذاتي جوهر، ۽ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن ۾ آيل علم ۽ عمل، نظر ۽ خبر؛ نه اسلاف جا ڪارناما ۽ رواياتءِ پارينه جا دفتر، يا نسب فروشيءَ جو اجايو غرور. اسان کي اصل ۾ ائين ٿيڻ گهرجي، جيئن ’ٿيڻ گهرجي‘؛ نه ائين چوڻ گهرجي ته اسان جا ابا ڏاڏا هيئن ڪيئن هئا!

”سچي ڳالهه، ڳالهه به لَکَ جي، اِها آهي ته اسان جي ذاتي نسبت سان اول اول انسانيت کي خوشي پهچي، ۽ ٻئي درجي ۾ اسان جي خاندان کي ماڻهو سڃاڻن- ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه ’مقصدي نسبت‘ ٿي ئي نٿي سگهي. آخر ان ۾ ڪهڙي چڱائي ۽ وڏائي آهي ته غيرن، ڌارين، مئلن ۽ گذريلن جي نسبت سان ماڻهو اسان کي سڃاڻن ۽ عزت ڪن؟ ائين ڪرڻ سان، جيئرا ٿيا مئلن جي وس!

”حوصله مند ماڻهن پنهنجون واٽون پاڻ گهڙيون آهن. هنن پراون پيچرن کي لتاڙڻ، لُنڊيءَ لتاڙڻ جي برابر پئي ڄاتو آهي. هنن پنهنجي ڪکائين جهُڳِي، جا سربفلڪ محلاتن کان گهڻو مٿي آهي، پراون ڪکن ڪانن ۽ پَٽين ڪامن مان نه ڪانه بنائي آهي، بلڪه اُن جهُڳي ۾ هر ڪانوَ سندن پنهنجو گهڙيل ۽ سنواريل آهي.

”نيپولين بونا پارٽ جي حيثيت هونئن ته تاريخ ۾ ڪهڙي به هجي، پر ان جي هڪ تجرباتي راءِ کي طبيعت ڏاڍو ٿي پسند ڪري. هو جڏهن پرشيا کي فتح ڪرڻ کان پوءِ فريڊرڪ اعظم جي مزار تي ويو، تڏهن ڏٺائين ته ان جليل القدر شخص جي تلوار سندس قبر مٿان لڙڪي رهي هئي. نيپولين اها تلوار لاهي هڪ جنرل جي حوالي ڪئي ۽ کيس تاڪيد ڪيائين ته اها پيرس جي عجائب خاني ڏانهن موڪلي وڃي. اهو ٻڌي جنرل چيو ته ’جيڪڏهن مون کي اهڙي تاريخي عظمت واري تلوار ملي ها ته هوند ڪنهن به ٻئي کي ڪين ڏيان ها!‘ نيپولين وراڻيو، ’ڇا منهنجي تلوار مون لاءِ نٿي سونهي!‘ نيپولين جو اهو گفتو لک لهي. سچ آهي، سچي عزت ۽ عظمت جي واٽ اها ناهي ته فريڊرڪ واريءَ پرائيءَ تلوار هٿ ۾ ڪري ماڻهن کي ڏيکاريندو وتجي: سچي عظمت ته اها آهي، جيڪا اسان جي تلوار کي اسان جي نسبت سان ملي هجي.

”اسان کي پنهنجي مياڻ ۾ پنهنجي تلوار ئي رکڻ گهرجي. پراون مياڻن مان هٿ آيل، پراين تلوارن جي نمائش ۽ نسبت سان ڪهڙي عزت ٿيندي، ۽ ڪهڙيءَ شجاعت جو امڪان ٿي سگهي ٿو؟ ٻين جي تلوارن جي چمڪاٽ ۽ نمائش تي جيڪڏهن ڪو ڏسندڙن جو گروهه ڀنڀلجي پئي، ۽ سندن احترام ڪرڻ تي مجبور به ٿئي، ته پوءِ به پاڻ کي ته شرم محسوس ڪرڻ گهرجي، ڇا لاءِ ته عزت ۽ عظمت جا مالڪ وري به اهي ٿيا جن جي تلوار هئي، اسان جي حصي ۾ ته فقط نمائش آئي!- انسان ته بهرحال ان نمائش کان مٿي هئڻ گهرجي.“                     ــــــــــــــــ مولانا ابوالڪلام آزاد

 حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب مدظلہ جو مضمون، روزانه اخبار ”سنڌ زميندار“، سکر، جي ڊسمبر 1920ع واريءَ ڪنهن اشاعت ۾ شايع ٿيو هو. علامه صاحب جا افڪار عاليه افاديت جي حيثيت سان امر ۽ سدا حيات آهن. چنانچه، هن دور ۾ به ان مضمون مان اها ئي بصيرت ۽ افاديت حاصل ٿي سگهي ٿي، جا عالمي ادب جي هر زنده جاويد تحرير ۾ موجود آهي.                               ـــــ ادارو.

ڀائرو، جاڳو، پر براءِ خدا ڪَرَ ٿورا موڙيو!

جاڳائيندڙن ڏانهن ڇڙهيون ڪين هڻو!

هنن ڏينهن ۾ ’جاڳو! جاڳو!‘ جو آواز هر گوشي کان اچي رهيو آهي. اهڙيءَ وسعت سان اهو آواز زماني جي شروع کان اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به ڪونه آيو. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته سُتلن ۾ چرپر هر طرف هويدا آهي، موت جهڙي ننڊ چندان ڀڳل آهي، پر هن ۾ به گمان ڪرڻ اجايو آهي ته پوريءَ جاڳ جا نشان اڃا ناپيدا آهن، ۽ بلڪل نمايان نه آهن. پيش از آنڪ اسين پڙهندڙن کي ثابت ڪري ڏيکاريون ته پوري جاڳ اڃا پري آهي، اسين انهن اسبابن جو ڪجھ ذڪر ڪرڻ مناسب ٿا ڄاڻو، جي به اُٿارڻ جا اُپاءَ هئا، پر جن سندن خواب تي اهڙو اثر وڌو، جهڙو بعض ڏاڍي نينڊيءَ کي آهستي ٽَنگ مَنڻُ ڪندو آهي- يعني ته هيڪاري ڏاڍي ننڊ. نه ته جيڪر پوين تاريخن جي چنڊ جو شعاع جو پڇاڙيءَ رات جي انڌيري کي دفع ڪرڻ لاءِ نمايان ٿيو هو، سو ئي اسان کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي هو، پر تنهن رڳو ايترو اٿاريوسون جو ڪپڙو منهن تي ورائي وري سمهي رهياسون. گهڻئي ترورا انهيءَ چشمہ روشن جا سدا اسان جي اکين ڏانهن آيا ته ”فاعتبروا يا اولي الابصار“، پر ٻوٽيل اکيون ڪهڙي عبرت وٺن!

فطرت کي گهڻن نمونن جون اپيلون ياد آهن. ساڳئي پهر ۾، جڏهن اکين نه ڏٺو ته ڪنن کي اپيل ٿي. چيچڙي جي لات ۽ قمريءَ جو آلاپ به مئلن دلين ۽ ستلن روحن جي جاڳائڻ جي علاجن منجھان آهن: قمرين آلاپيو ۽ چيچڙن لنوڻ سان گهٽ ئي ڪانه ڪئي، پر ان مرڳو ئي اسان جي ننڊ گهري ڪئي، تڏ هن وري به هڪ ڏورانهون آواز پرڀات جي انڌيري مان آيو: ”الصّلواة خير من النوم!“ پر ٻُڌي ڪير ٿو؟ عربي زبان، ڪنهن سمجهي، ڪنهن نه سمجهي. تڏهن وري فطرت ساڳي ڳالهه سنڌيءَ ۾ اُچاري: ”ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري؛ صبح جو سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي“ (لطيف). پر فطرت کي ٻوڏ ڦوٽ به ڪنهن ڪانه ڪئي! ”آم تحسب انّ اڪثرهم يسمعون آو يعقلون اَنّ هم اِلاّ ڪالانعام بل هم اَضلّ سبيلا“ (قرآن). جڏهن سڀئي اٿارڻ جا اُپاءَ بيڪار رهجي ويا ته پوءِ، بقول ’حافظ‘، ڇا باقي رهيو پر ’ڏَنڀڻ‘ل ”بصوتِ بلبل و قمري اگر ننوسي مي، علاج ڪي ڪنمت آخر الدواء الڪي“ (حافظ). پر ان کان به وڏي زور وارو آواز آيو- ”اَن ياءتيهم ابناءِ ما ڪانوا بہ يستهزئون“ (قرآن). مگر، انهيءَ درميان ۾ دنيا جي ٻئي گوشي ۾، هن آخر الوقت شب جي چنڊ جي ڪِرڻن جي روشنئايءَ، اونداهيءَ رات جي ستلن تي ٻئي طور اثر ڪيو: جيئن هنن جون اکيون ڪِرڻن جي شعاع کوليون، تيئن وري پوريون ئي ڪين! ايتير دلچسپي وٺي رهيا هئا، جو نزديڪيءَ وارا پنهنجا سنها تارا به ڏسڻ ۽ ساراهڻ لڳا. هڪ کي ’صبح جو تارو‘ سڏڻ لڳا، ۽ هن جيڪا روشني ڪئي تنهن جو به داد ڏيڻ لڳا. بت پرستيءَ جا باقي نشان اڃا سندن دامنگير هئا، سي ڊاهڻ لڳا. مذهبي ڏِنگن پيچرن کي سڌاري سنئون ڪرڻ لڳا. تانڪ، چار صديون هن کان اڳ، - ”و رهبانية ابتدعوها ما ڪتبناها عليهم“ (قرآن) جي آواز کي پروڙي، مڙهيون ڊهرائي، مڙهين ۾ ويهندڙن کي لڏايو؛ ڪيتريون ديوليون، تن بت پرستي ڇڏي؛ ’چرچُن‘ مان ’چيپلون‘ ٺاهي، هيڪڙائي جي اصول کي هم آغوش ڪيو: ۽ هر ڪا ڪنڊ جنهن تي روشنائي پيئي هئي، تنهن کي سمجھڻ ۽ پيرو ٿيڻ ۾ جهد ڪيو.

پهريون روشنائيءَ جو زبردست ڪِرڻو جنهن سندن اونداهي منور ڪئي، سو هو ”طلب العلم فريضة عليٰ کل مسلم ومسلمة“. فريڊرڪ ٻئي جي ملڪ، هوڏانهن بيڪن، ابيلار، ۽ سڊ ۽ بوڪيشو جي ڳوٺاين، اين رشد ۽ بوعلي سينا کي سيني سان لاتو؛ ۽ ٻه صديون هن کان اڳ، اول الذڪر ملڪ ۾ هر هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ تي تعليم جو وٺڻ لازمي ۽ ضروري ٺهرايو ويو، تاحديڪ هڪ بي علم ماڻهوءَ جو ملڻ ناممڪن رهيو. پر، جن انهيءَ پيالي مان پيتو هو، تن کي ڪفايت ڪٿي ٿي ٿئي؟ ”و قل رب زدني علماً“ (قرآن) جي حڪم جي دل و جان سان گهر ڪرڻ لڳا، ۽ منجهانئن هزارين، ”فانتشرو في الارض وابتغوا من فضل الله“ (قرآن) جو فائدو وٺي، دنيا جي چوگرد پکڙجي پيا. هوڏانهن سندن ماڪي تسلط ۽ تمدن، جو هڪ شخص جي خاص مرضيءَ تي منحصر هو، تنهن کي، ”وامرهم شورى بينهم“ (قرآن) پڙهي تبدل ڏيڻ شروع ڪيائون. مصلحت ڪرڻ لاءِ پارليامنٽون گڏ ٿيون. هن وقت يهودين جو ستائڻ اڃا برپا هو، ۽ ڪئٿولڪ ۽ پراٽيسٽنٽ هڪ ٻئي کي ساڙيندا هئا، پر آسمان مان آواز آيو ”لا اِڪراه في الدين“ (قرآن)؛ ۽ وري زياده غصي ڀريل آواز آيو ”افانت تکره النّاس حتى يڪونوا مومنين“ (قرآن). ٻڌندي ئي، زبانن مذهب جي آزاديءَ جي صدا کڙي ڪئي.

جيڪي گهَرين ويٺا هئا، تن وري ”و آتي المال على حُبّہ، زوي القربى و اليتامى والمساڪين و ابن السبيل والسائلين وفي الرقاب“ (قرآن) جي چِت ڏنو، ۽ جلد ئي اسپتالون، مسافرخانا، غريب- گهر، آرفينج (يتيم خانا) سيڪڙين ٺهي ويا. پر انهيءَ وچ ۾ هڪ قوم، جا هينئر بفضل خدا شاهوڪار هئي، تنهن پروڙيو ته هڪ ٻانهي کي آجي ڪرڻ جو ڇا ثواب آهي؛ ۽ ”فَڪُرقبة“ (قرآن) جو آواز ڪن لائي، نه فقط پنهنجا پر ساريءَ دنيا جا ٻانهان آزاد ڪرايا. سڀني قومن، خمر ۽ ميسر جي مطابق، ”فيهما اثمّ ڪثير ومنافع للناس و اثمها ڪابر من نفعهما“ (قرآن) پڙهي، ’ٽيمپرنس سوسائٽيون‘ برپا ڪيون؛ ۽ منجهانئن هڪڙيءَ، جهونن آوازن جي مخالفت سهي به، قانون جاري ڪيو ته شراب اصل ٺاهڻ، وڪڻن ۽ پيئڻ بند رهي. هن ڳالهه جي پوري بيان بابت ڪتاب گهرجن. نه اسان جو غرض آهي ته هنن قومن ساري روشنيءَ جو فائدو ورتو، يا اڌ به سمجهيو، جنهن جي ڏيکارڻ لاءِ هيءَ روشني ڪامل ۽ ڪافي هئي؛ نه وري اسان جو مطلب آهي ته سڀ جي انهيءَ روشني مان مستفيد ٿيا آهن، سي انهيءَ احوال کان واقف آهن، يا شڪرگذار آهن- هرگز نه. جي گهڻن ڏسي آمنا ڪئي آهي، ته ڪيترا اکيون ٻوٽي ناسپاس به رهي آهن؛ پر ته به هيتري قدر هنن فائدو ورتو آهي، جنهن جو ذڪر ڪيو ويو جيڪي قومون پهرين چونڊيون ويون هيون، تن تي هي خطاب لازم آهي: ”فامليت للّذين ڪفروا ثم اخذتهم فڪيف ڪان عِقاب“ (قرآن). ذاتيرا مسلمان اسين آهيون، پر ”اڪر مڪن عند الله اتقاڪم“ (قرآن)- جي صاف سنڌيءَ ۾ چئجي، ته ”ڏات نه آهي ذات تي، جيڪو وهي سو لهي“ (لطيف). قومون، جي اسان کي جاڳائڻ آيون آهن، ۽ جن اسان جا گهڙا ڀريا آهن، تن فقط ڏهين پتيءَ تي عمل ڪيو آهي، پر انجام آهي ”ونعم اجر العالمين“ (قرآن)؛ ۽ اسان جي ”صُمّ بڪم عمي فهم لا يرجعون“ (قرآن) جي حالت ڪري، اُهو قديم دڙڪو- ”و ان تتولوا يستبدل قوماً غيرڪم ثم لا يڪونوا امثالڪن“ (قرآن) اچي نازل ٿيو؛ پر صد شڪر فطرت جا ته ”اَن ياتيهم ابناءَ ما ڪانوا بہ يستهزئون“ (قرآن) به اچي سهڙيو. اسان جي ته جاڳڻ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت، هن کان زياده، ته جيئن نينڊي اُٿارڻ واري کي بد ڳالهائيندا آهن ۽ ڪَرَن موڙيندي ٻانهون ٽنگون هڻندا آهن، تيئن پيا ڪريون! نه وري جاڳائيندڙن ڪو سخت رستو اختيار ڪيو آهي. اهو سندن دشمن به جي مصنف ٿيندا ته قبول ڪندا ته نرمن کان نرم رستو جاڳائڻ جو اختيار ڪيو اٿن. پر مباحثي لاءِ کڻي فرض ڪجي ته هن سَرسامي ننڊ مان جاڳائڻ لاءِ جاڳن کي ضرور ٿيو آهي، ’حافظ‘ جي صلاح مطابق ۽ حديث شريف موجب، ڏنڀ ڏيڻ جو، يا نشتر کڻي سِير ڇوڙڻ جو، ته به جاڳائڻ لاءِ ”دهم مزد بفصاد تا زند نشتر“ (سعدي). هتي مزد ته مزد جي ماڳ، پر اٽلو ئي بد الفاظ ۽ لتون! اسان جي ننڊ جو انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت؟ تڏهن، ڀائرو، جاڳو! ڪَرَ به گهڻا موڙياسون. اُٿي، يڪبارگي منهن ڌوئي، روئي کلي، جاڳن کي به چئو ته ’اوهان جي ڀلائي!‘ جنهن وقت اسان ائين ڪيو، تنهن وقت اسان جو جاڳڻ مسلم الثبوت ٿيو. ان کان اڳ صاحب کين صاف ٿا چون ته اسين غير هوشياريءَ جي حالت ۾ آهيون. هٿ جي ڪنگڻ کي آئيني جي ضرورت آهي ئي ڪانه. فقط هڪ حالت ۾ جاڳڻ ناسپاسي لهڻي: سا هيءَ، ته اسان اڃا به موتمار ننڊ پسند هجي ۽ جاڳڻ ناپسند- هيءَ صدين جي ننڊ! جي ائين آهي، ته اطوار اڳي ئي اهڙيءَ طرح پيا انگشت نمائي ڪن: تڏهن ’بسم الاِبليس‘، اچو ته سمهون، جيسين اسرافيل جو آواز اٿاريئون! پر، انهيءَ ننڊ جا خواب به ڪي ابليس پارا ڏاڍا مڙس جهليندا: ”ثم لا يموت فيها ولا يحى“ (قرآن).

جيڪر هوند جاڳو، ته ڏسو ته ’جاڳن‘ اُهو ڪي توهان وٽ آندو آهي، جو خمار چڙهڻ کان اڳ اوهان پاڻ ڏسي پنهنجو ڪيو هو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com