سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :24

(ب) جيئن ته سنڌي اڳي ئي هاءِ اسڪول تائين اڀياس جو مضمون ۽ تعليم جو ذريعو هئي، تنهنڪري انگريزن جي دور ۾ پڻ عملي طرح ان جي علمي ۽ تعليمي حيثيت ساڳيءَ طرح بحال رهي. انگريزيءَ جو هاءِ اسڪولن ۾ ذريعهء تعليم طور مڙهيل اڳيون سرشتون پڻ 1936ع ۾ بلڪل ختم ڪري، سنڌيءَ کي ميٽرڪ تائين تعليمي ۽ امتحاني ذريعو تسليم ڪيو ويو.

(ج) سنڌيءَ جي لڳاتار ترقيءَ سبب، 1940ع ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ پڻ عوام جي تقاضا کي قبول ڪندي، بي. اي. تائين سنڌيءَ کي امتحاني ذريعو تسليم ڪيو. انهيءَ ئي صورتحال ۾، 1947ع ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ کان اهو سرشتو سنڌي يونيورسٽيءَ کي منتقل ٿي مليو. بعد ۾، 1950ع ۾ ايم. اي. جي ڊگري، ۽ 1954ع ۾ پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگريءَ لاءِ پڻ سنڌي زبان کي تسليم ڪيو ويو.

مٿيون حقيقتون ظاهر ٿيون ڪن ته تعليمي ڪميشن جي رپورٽ کان اڳ سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت هيٺينءَ ريت هئي:

(الف) پرائمري ۽ ثانوي تعليم جي هيٺين درجن وارن لاءِ گذريل ٻه سو پنجاهه سالن کان سنڌي زبان ذريعه تعليم رهي آهي؛

(ب) عملي طرح گذريل نوي سالن کان (1870-1960ع)، ۽ سرڪاري طرح گذريل چوويهن سالن کان (1936-1960)، سنڌي زبان هاءِ اسڪول جي سطح تائين تعليمي ۽ امتحاني ذريعو رهي آهي؛

(ج) گذريل ويهن سلان کان (1940ع کان) سنڌي زبان بي. اي. تائين امتحاني ذريعو رهي آهي؛

(د) پرائمري درجن کان يونيورسٽيءَ جي تعليم تائين، ويندي ايم. اي. ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ. تائين، سنڌي زبان اڀياس جو مضمون رهي آهي.

مٿئين پس منظر ڄاڻن کان پوءِ، هر ڪو معقول ماڻهو تعليمي ڪميشن جي زير بحث سفارش جي عملي اثرات ۽ تعليمي اهميت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهي ٿو.

(1)  ڪميشن جي سفارش.

ڪميشن جي سفارش جي ’رپورٽ‘، جيڪا 283 ۽ 284 صفحن تي تيرهينءَ پئرا ۾ ڏنل آهي، سا هن ريت آهي:

”ٻين ملڪن ۾ ڪيل باضابطه تجربا ڏيکارين ٿا ته جتي گهڻيون زبانو ڳالهايون وڃن ٿيون، اتي بهترين تعليمي نتيجا ۽ قومي زبانون جو مڪمل فهم تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. جڏهن شاگرد جي مادري زبان پنجين درجي تائين تعليمي ذريعو، ۽ قومي زبان ٽئين درجي کان هڪ اڀياسي مصمون هجي؛ ۽ ڇهين درجي ۾ قومي زبان، مادري زبان جي جاءِ ڀريندي، تعليمي ذريعو بنجي: اسين انهيءَ نظريي سان اتفاق ڪريون ٿا، ۽ ان کي عمل ۾ آڻن جي سفارش ڪريون ٿا. ان جو مطلب هي ٿيندو ته پشاور ۾ پهرين پنجن درجن تائين تعليمي ذريعو پشتو زبان رهندي، پر هڪ اڀياسي مضمون طور ٽئين درجي کان اردو زبان متعارف ڪرائي ويندي: ساڳيءَ طرح سنڌي، جيئن هينئر آهي، تعليمي ذريعو رهندي، پر ٽئين درجي کان هڪ لازمي اڀياسي مضمون طور اردو متعارف ڪرائي ويندي. ٽئين درجي کان ڇهين درجي تائين، اردو جي سکيا لاءِ، ٽائيم ٽيبل ۾ اردوءَ کي ڪافي وقت ڏنو وڃي، ته جيئن ان کي ڇهين درجي کان اثرائتي نموني ۾ تعليم جو ذريعو بنائي سگهجي.“

ظاهر آهي ته مٿين سفارش سنڌيءَ جي تعليمي حيثيت کان پنجين درجي تائين محدود ڪري چڏي ٿي، جيڪا هونئن هاءِ اسڪول تائين تعليمي ذريعو ۽ بي. اي. تائين امتحاني ذريعو آهي.

اهڙيءَ طرح، اها سفارش سنڌي ڳالهائيندڙن کي سندن گهڻي عرصي کان حاصل ڪيل انهيءَ حق کان محروم ڪري ٿي، جيڪو حق هنن سخت جدوجهد بعد بمبئيءَ جي انگريز صوبائي حڪومت ۽ غيرمسلمن جي ضابطي هيٺ هلندڙ بمبئي يونيورسٽيءَ کان حاصل ڪيو. اها سفارش سنڌيءَ جي موجوده تعليمي حيثيت بابت مڃيل ۽ ثابت ٿيل حقيقتن کي پڻ نظرانداز ڪري ٿي. ڪميشن، جنهن هونئن هڪ بهترين رپورٽ تيار ڪئي آهي، جي عزت ڪندي. اسين عرض ٿا ڪريون ته ان (ڪميشن) پاڪستاني ٻولين جي تعليمي استعمال واري مسئلي جي حل لاءِ رهبريءَ ڪرڻ بجاءِ ان کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي، ۽ قائم شده تعليمي روايتن ۽ دستورن کي ٽوڙي، سرڪاري طرح تسليم ٿيل پاليسيءَ کي بالائيءَ طاق رکي، خوف ۽ خدشي جي فضا پيدا ڪئي آهي.

(2)               ڪميشن جي سفارش هر نقطه نگاهه کان ڪمزور آهي.

اسين گذارش ٿا ڪريون ته پاڪستاني ٻولين جي درجي بنسبت ڪميشن جي سفارش هر نقطه نگاهه کان ڪمزور آهي.

(الف) اڳين تعليمي پاليسين کان انحراف. هيءَ سفارش پاڪستاني علاقائي ٻولين جي درجي بنسبت انهن اڳوڻين قومي تعليمي پاليسين جي خلاف آهي، جيڪي قائداعظم ۽ قائد ملت لياقت علي خان جي رهبريءَ هيٺ، ۽ ان کان پوءِ اولهه پاڪستان جي ون يونٽ ٺهڻ وقت بنايون ويئون هيون. پهرين ڪُل پاڪستان تعليمي ڪانفرنس، 1947ع، جيڪا قائداعظم جي خواهش مطابق ڪوٺائي ويئي هئي ۽ جنهن تعليم بابت قومي پاليسين جون رٿائون ڪيون هيون، تنهن تسليم ڪيو آهي ته ”اردو لازمي طور ثانوي زبان جي حيثيت سان پڙهائي وڃي، ۽ تعليمي ذريعن جي چونڊ لاءَ هر هڪ صوبي (جنهن کي هاڻي ’ريجن‘ ٿو چئجي) جي مرضيءَ تي ڇڏيو وڃي ته اهي پنهنجين ضرورتن مطابق فيصلو ڪن.“

(ڏسو ضميمو 2)

مرحوم لياقت علي خان جي دور ۾ پڻ پاڪستان سرڪار جي اها تسليم شده پاليسي رهي، جنهن جو ”يونسڪو“* جي هڪ ڪتاب ۾ هن ريت ذڪر ڪيو ويو آهي: ”حڪومت جي پاليسي آهي ته ذريعه تعليم علاقائي زبان هجي، ۽ اردو انهن (شاگردن) کي لازمي طرح سيکاري وڃي جن جي مادري زبان اردو نه آهي.“ (ڏسو ضميمو 3)

اولهه پاڪستان جي ون يونٽ ٺهڻ وقت حڪومت جي ظاهر ڪيل پاليسيءَ اهو يقين ڏياريو هو ته اها (حڪومت) علاقائي ٻولين جي ترقيءَ لاءِ سرگرم ڪوششون ڪندي.

پاڪستان جي 1956ع واري اڳئين دستور پاڪستان جي شهرين کي بنيادي حق بخشيا، ۽ ناهن جي ثقافت، رسم الحظ ۽ ٻوليءَ جي سلامتيءَ جو هيٺين لفظن ۾ ذڪر ڪيو: ”شهرين جو ڪو طبقو، جنهن کي پنهنجي مخصوص ثقافت، زبان ۽ پنهنجو رسم الخط آهي، تنهن کي انهن جي بقا جو حق ٿو پهچي.“

ڪميشن جي سفارش، جيڪا علاقائي ٻولين جي ذريعه تعليم طور استعمال کي پنجين درجي تائين محدود ڪري ٿي، سا شايد ئي انهن کي ترقيءَ کي سڌيءَ طرح روڪي ٿي، ۽ ان کي 250 ورهيه پوئتي ڌڪي ٿي، جڏهن سنڌي پهريائين ابتدائي ۽ ثانوي درجن لاءِ ذريعه تعليم هئي.

(ب) غلط تصور تي ٻڌل، غير سائنٽفڪ دعوا. ڪميشن پنهنجي سفارش، فرضي ’سائنٽفڪ ثبوت‘ تي رکي آهي، جو هن طرح آهي:

”ٻين ملڪن ۾ ڪيل باظابطه تجربا ڏيکارين ٿا ته جتي گهڻيون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُتي بهترين تعليمي نتيجا ۽ قومي زبان جو مڪمل فهم تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن شاگرد جي مادري زبان پنجين درجي تائين تعليمي ذريعو، ۽ قومي زبان ٽئين درجي کان هڪ اڀياسي مضمون هجي؛ ۽ ڇهين درجي ۾ قومي زبان، مادري زبان جي جاءِ ڀريندي، تعليمي ذريعو بنجي: اسين انهيءَ نظريي سان اتفاق ڪريون ٿا، ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ جي سفارش ڪريون ٿا.“

مٿين دعوا بنيادي طرح سائنٽفڪ آهي، ۽ اها جديد تعليمي نفسيات موجب ڪنهن به صورت ۾ معقول ۽ صحيح ثابت نه ٿيندي، ۽ نه ئي وري تعليمي ميدان ۾ سائنٽفڪ تجربن سان ڪا حمايت حاصل ڪري سگهندي.

مٿئين تصور کي رد ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ماهرانه دليل جي گهرج ٿيندي ته ”يونسڪو“ جي ماهرن جي هيٺين شاهدي بيان ڪرڻ ڪافي ٿيندي، جيڪا بنياي تعليم تي، ”تعليم ۾ ڏيهي ٻوليءَ جو استعمال“ (“The Use of Vernacular Languages in Education”) نالي خاص مقالن جي ڪتاب ۾ آهي (ڏسو ضميمو 4). ’يونسڪو‘ جي انهيءَ لسانيات جي موضوع تي ڇپيل ڪتاب ۾ باظابطه تجربا بيان ڪيل آهن، ۽ مادري زبان کي ذريعه تعليم بنائڻ ڪري پيش آيل دشواريون ۽ اُٿاريل اعتراض پڻ ڏنل آهن. ليڪن ’يونسڪو‘ جا ماهر، هر طرح ويچارڻ بعد، يڪراءِ هيٺين سفارش ڪن ٿا:

”(هيٺين سببن ڪري) اهو ضروري آهي ته تعليم مادري زبان ۾ پڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪئي وڃي... تعليمي بنيادن تي، اسين سفارش ڪريون ٿا ته مادري زبان جو (تعليمي ذريعي طور) استعمال ايترو ئي وڌائجي، جيترو ممڪن ٿي سگهي.“

(ص ص 47-48)

’يونسڪو‘ جي دستاويزن توڙي ٻئي تعليمي مواد مان سوين ماهرانه رايا پيش ڪري سگهجن ٿا، جن مان اهڙا بيشمار سائنٽفڪ دليل ملن ٿا، جن مطابق ڪنهن به تعليمي بنياد تي مادري زبان بدران ڪنهن ٻيءَ زبان کي ذريعه تعليم نٿو بنائي سگهجي- (ڏسو ”رائٽرس گلڊ“ جي ’زبانن ۽ رسم الخطن بابت ڪاميٽي‘ جون سفارشون، ضميمو 5).

(ج) تعليمي ڪميشن جي سفارش، گهڻين ٻولين وارن ملڪن جي تعليمي تجربن مطابق نه آهي. پاڪستان ئي رڳو اهڙو ملڪ گهڻين زبانن وارو ملڪ نه آهي، جنهن کي قومي زبان ۽ علاقائي زبانن جي تعليمي سرشتي ۾ مناسبت پيدا ڪرڻ جو مسئلو درپيش آهي. دنيا جي ڪيترن ملڪ ۾ اها ساڳي صورتحال آهي، ۽ اتي جي علاقائي عوام جي جذبات ۽ تعليمي معاملات مطابق، طويل تجربن کان پوءِ انهن مسئلن جا حل ڳوليا ويا آهن، جيڪي تعليمي طرح صحيح، ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائيندڙ شهرين جي ضرورتن پٽاندر آهن. روس ئي اهڙو ملڪ نه آهي جنهن اهو مسئلو حل ڪيو آهي، بلڪ ڪئناڊا، سئٽزرلئنڊ، ڊينمارڪ، ناروي ۽ اولهه يورپ جا ٻيا ملڪ پڻ پنهنجن اسڪولن ۾ هڪ کان وڌيڪ زبانون استعمال ڪن ٿا. عام دستور اهو آهي ته مادري زبان يا علاقائي زبان، اولين ۽ مکيه ٻوليءَ طور سيکاري وڃي ٿي، جيڪا ذريعه تعليم پڻ آهي؛ ۽ غير مادري زبان، باوجود سرڪاري زبان هئڻ جي، ثانوي ٻوليءَ جي حيثيت سان سيکاري وڃي ٿي. مثال طور، ڪئناڊا جي ڪُئبڪ پرڳڻي ۾ يونيورسٽيءَ تائين فرينچ ئي اڀياس ۽ ذريعه تعليم لاءِ اولين ۽ مکيه ٻولي آهي، ۽ اتي انگريزي ثانوي ٻوليءَ جي حيثيت سان پڙهائي وڃي ٿي. يونائيٽيڊ ڪِنگڊم (برطانيه) ۾، جتي انگريزي نه صرف قومي زبان آهي پر اها برطانيه شهنشاهت جي زبان به رهي آهي، اتي به حڪومت ’ويلش‘ (يعني ويلس علائقي جي ٻولي) کي اولين زبان ۽ تعليم ذريعي طور قبول ڪندي، ويلس جي ’ليڪ ڊسٽرڪٽ‘ پرڳڻي جي تعليمي مسئلي جو حل ڪڍيو، ۽ انگريزيءَ کي اتي ثانوي درجو ڏنو ويو آهي. ويلس جو اهو ضلعو پاڪستان جي اڪثر ضلعن کان ننڍو آهي، تڏهن به اُتي اڀياس ۽ تعليمي ذريعي جي اولين زبان ويلش آهي، ۽ انگريزي ثانوي زبان جي حيثيت سان سيکاري وڃي ٿي.

اسان جي تعليمي مسئلن جي مستقل حل لهڻ لاءِ ڪميشن کي انهن سڌريل ملڪن جي تجربن جو مطالعو ڪرڻ کپندو هو. جيتريقدر ملڪ جي عام ٻوليءَ، يعني صوبائي- علاقائي- ٻوليءَ جي استعمال جو تعلق آهي، اسين گذارش ٿا ڪريون ته هڪ اهڙي صدارتي ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي، جيڪا مختلف گهڻين ٻولين وارن ملڪن جي پرايل تعليمي تجربن جو مطالعو ڪري، انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تعليمي پاليسي مرتب ڪري.

قومي اتحاد.

آخر ۾، سائين، اسين گذارش ڪريون ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن کي ڌڻيءَ تعاليٰ قسمين قسمين خوبيون عطا ڪيون آهن- قسمين قسمين خوبيون، جيڪي طبعي توڙي ثقافتي پهلوئن ۾ سمايل آهن. اها حقيقت ته اسان وٽ مختلف علاقائي ٻوليون آهن، جيڪي تخليقي شاعريءَ ۽ ادب جو ڀنڊار آهن، تسليم ڪرڻي پوندي. فڪر جي اصليت لاءِ مادري زبان جو استعمال لازمي آهي. اسان جو يقين آهي ته پاڪستان ۾ عام تعليم جو مسئلو صرف اسڪولي نظام ۾ علاقائي ٻولين جي مؤثر استعمال ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو.

زنده ۽ جاندار تنوع ۽ گوناگونيءَ کي ختم ڪري، مُزده ۽ بيجان يڪسانيت کي نافذ ڪرڻ مان ڪوبه مقصد حاصل نٿو ٿئي.

پاڪستان ۾، يا ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾، قومي اتحاد جو مدار واحد ٻوليءَ تي نه بلڪ واحد نظريي تي آهي. اهو واحد نظريو جيڪو پاڪستان جو روح آهي، سو اسلام آهي. هاءِ ڳالهه بلڪل صاف آهي ته جيتوڻيڪ اسان کي پنهنجين پنهنجين مادري زبانن- بنگالي، سنڌي، پشتو، پنجابي ۽ بلوچي- سان محبت هئي ۽ اسين الڳ الڳ اهي ٻوليون ڳالهائيندا هئاسين، پر تنهن هوندي به اسان متحد ٿي پاڪستان حاصل ڪيو. قومي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچندو، جيڪڏهن اسان جا عوام پنهنجين مادري ٻولين سان محبت جو جذبو رکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي انهن جي ذريعي تعليم ڏيارين. مشترڪ اظهار ۽ سرڪاري ڪاروبار لاءِ اڳي ئي اردو ۽ بنگالي سرڪاري زبانون تسليم ڪيون ويون آهن. اسان کي جڳائي ته نظرياتي اشتراڪ ذريعي قومي اتحاد حاصل ڪريون، ۽ نه مشترڪ عملن ذريعي. روس گهڻين زبانن جي باوجود مضبوط آهي؛ پر ڏکڻ آمريڪا ڪيترن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، جيتوڻيڪ انهن مان هر هڪ جي قومي زبان فقط هڪ ئي اسپيني زبان آهي.

اسان جا لائق ۽ محترم صدر، اسان مٿيون حقيقتون اوهان اڳيان خالي پيلي بحث خاطر نه رکيون آهن، پر محض حقيقتن پيش ڪرڻ خاطر. اسين سنڌي ڳالهائيندڙ پاڪستانين پاران اوهان کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجن ٻارن جي تعليم جي ڀلائيءَ لاءِ سنڌيءَ کي اسڪول کان ڪاليج تائين ذريعه تعليم طور بدستور بحال رکيو وڃي. خدا ۾ اسان جي ايمان ۽ اوهان ۾ اعتماد، اسان کي هيءَ اپيل اوهان تائين پهچائڻ تي مجبور ڪيو آهي، جنهن کي اميد ته اوهين ڪرم ڪري قبول فرمائيندا.

اوهان جا تابعدار،

- وفد جا ميمبر*

]’سنڌي زبان سوسائٽي‘، حيدرآباد.[

ضميمو 1

سنڌي سترهين صديءَ کان ٿانوي تعليم جي سطح تئاين اڀياسي مضمون ۽ تعليمي ذريعو رهي آهي

يارهين صدي هجريءَ جي پوين پنجاهه سالن واري عرصي ۾، عوام جي ڪم از ڪم گهربل ضروري تعليم مان فائدي پرائڻ جي خيال کان، سنڌ جي عالمن، تعليمي نگاهه کان، قرآن شريف جي مطالعي کان فوراً پوءِ، جيئن سڄيءَ اسلامي دنيا جو دستور هو، ٻارن کي سندن مادري زبان جو باقاعدي اڀياس ڪرائڻ ضروري سمجهيو. ابو الحسن ٺٽوي (وفات 1075) اهو پهريون عالم هو، جنهن ”سنڌي“ جي نالي سان مشهور هڪ درسي ڪتاب جوڙيو، جيڪو ٻين نصابي ڪتابن سان گڏ مڪتبن ۾ پڙهايو ويندو هو.

سنڌيءَ جو هي نئون نصاب، جيڪو پارسيءَ جي تحصيل لاءِ تياريءَ جو ذريعو هو، ابتدائي ثانوي سطح تائين مروج رهيو، ۽ سنڌي اعليٰ سطح تائين ذريعه تعليم رهي. نصابي ڪتابن ۾ وقت بوقت ضرورتن پٽاندر تبديليون آنديون ويون. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ (وفات 1174هه)، ابو الحسن جي نقش قدم تي هلندي، نوان سنڌي ڪتاب جوڙيا، جيڪي پوءِ درسي ڪتابن طور ڪتب ايندا رهيا. هڪ سئو سال پوءِ، ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾، حيدرآباد ۾ رهندڙ انگريز ريزيڊنٽ، رچرڊ برٽن، ان وقت (1830ع) جي مروج سنڌي نصاب جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي:

”اسڪول ۾ پهرئين سال پوري ڪرڻ کان پوءِ جڏهن شاگرد خود بخود لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن کيس بنا سمجهاڻيءَ جي قرآن پڙهڻ سيکاريو وڃي ٿو. هن ترقيءَ جي رفتار سست آهي، ۽ شايد نون سالن جي عمر کان پوءِ هو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو- يعني کيس باقاعدي سندس مادري زبان سنڌي پڙهائي وڃي ٿي. تعليم جو نصاب هن ريت آهي:

”پهريون: ’نورنامو‘، جو انسان جي پيدائش کان اڳ جي عناصرن جي تاريخ تي مشتمل هڪ مختصر ۽ سولو مذهبي ڪتاب هو. هيءُ ڪتاب عبدالرحمان نالي هڪ شخص لکيو هو، جنهن جو مواد حديثن ۽ روايتن مان ورتل معلوم ٿئي ٿو.

”ٻيو: نظر ۽ نثر ۾ داستان- جهڙوڪ سيف الملوڪ، ليلا- مجنون، وغيره. مقبول ترين ڪتاب ’حڪايات الصالحين‘ آهي، جو هڪ سنڌي مُلا عبدالحڪيم عربيءَ تان ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اسلام جي سونهري دور جي درويشن، مردن ۽ عورتن جا حالات زندگي، ڪارناما ۽ قوم بيان ٿيل آهن. ’لاڏاڻو‘ ڪتاب ۾ پيغمبرﷺ جي وفات جو ذڪر آهي، جيڪو ميان عبدالله جي ’حبيب السيار‘ تان ورتل آهي. ’معراج نامي‘ ۾ محمدص جي آسماني سير (معراج) جو احوال آهي. ’سئو مسئلا‘ اسماعيل نالي هڪ شخص جو جوڙيل هڪ ننڍو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته عبدالحليم نالي هڪ فقير، ڪيئن هڪ سئو سوالن جا جواب ڏيئي، روم جي بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جن سوالن سان هوءَ پنهنجن بيشمار عاشقن کي منجهائي ڇڏيندي هئي.

”نوجوان (طالب علم) کي اهڙي قسم جا ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب ملن ٿا، جيڪي هن ۾ نوان خيال پيدا ڪن ٿا ۽ سندس تخيل کي پختو بنائين ٿا. عام طرح هو اهي مفيد ڪتاب ٻن يا ٽن سالن تائين پڙهي ٿو. اٽڪل ٻارنهن يا تيرنهن ورهيه جي عمر ۾ شاگرد کي باقاعدي پارسي پڙهائڻ شروع ڪئي وڃي ٿي.“

]برٽن رچرڊ ايف: ”سنڌ، ۽ سنڌو- ماٿر ۾ رهندڙ قبيلا“، ڊبليو. ايم. ايڇ. اٽلن ائنڊ ڪمپني، لنڊن، 1951ع، ص ص 135-36[

ضميمو 2

”آل پاڪستان تعليمي ڪانفرنس“ (ڪراچي، 1947) جو تعليمي ذريعي بابت نظريو

27- نومبر 1947ع تي، ڪراچيءَ ۾، قائداعظم جي ارشاد مطابق سڏايل ”پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس“ جي ’پرائمري ۽ ثانوي تعليم جي ڪاميٽيءَ‘ اردوءَ کي تعليمي ذريعي طور استعمال ڪرڻ جي تجويز تي گهرو غور ڪيو، ۽ آخر ۾ انهيءَ فيصلي تي متفق ٿي ته ”اردو کي ثانوي لازمي زبان طور پڙهايو وڃي، ۽ تعليمي ذريعي جي سوال کي صوبن (هينئر ريجن) جي مرضيءَ تي ڇڏيو وڃي ته هو پاڻ پنهنجين ضرورتن پٽاندر ان جي انتخاب جو فيصلو ڪن“- (ڪانفرنس جي ڪارروائي، صفحو 21). ڪاميٽيءَ جو مٿيون رايو پوءِ ڪانفرنس جي ٺهراءَ نمبر 4 ۾ منظور ڪيو ويو- (ڪانفرنس جي ڪارروائي، صفحو 43).

ضميمو 3

مرحول لياقت علي خان جي ڏينهن ۾ پاڪستان سرڪار جي ريعهء تعليم بابت پاليسي، جيڪا ”يونسڪو“ طرفان ڇپايل ڪتاب، ”تعليم ۾ مقابي زبانن جو استعمال“، ۾ ڄاڻايل آهي (پئرس، 1953ع، صفحو 29)

”پاڪستان ۾ پڻ هندستان جهڙو (هڪ کان وڌيڪ زبانن هجڻ جو) مسئلو آهي. اردو کان سواءِ، جيڪا هن نئين ملڪ جي قومي زبان آهي آهي، ٻيون زبانون پڻ اتي موجود آهن. جهڙوڪ بنگالي، سنڌي ۽ پشتو- جن کي سرڪاري طور علاقائي زبانن جو درجو حاصل آهي. حڪومت جي پاليسي آهي ته تعليم جو ذريعو مادري زبان هئڻ گهرجي، ۽ جيڪي شاگرد اردو نٿا ڳالهائين، تن کي اردو لازمي سيکاري وڃي. انگريزي پڻ هڪ لازمي مضمون طور پڙهائي وڃي ٿي. يونيورسٽيءَ ۾ انٽرميڊئٽ تائين سمورا مضمون اردو ۾ پڙهائڻ لاءِ اڳ ئي سفارشون ڪيون ويون آهن، پر انهيءَ سلسلي ۾ درسي ڪتابن جي عدم موجودگيءَ جي وڏي مشڪلات درپيش آهي. اڄ ڏينهن تائين انگريزي زبان يونيورسٽيءَ جي تعليمي سرشتي ۾ سرڪاري طرح تعليمي ذريعو بنيل آهي، ۽ آفيسن ۽ ڪورٽن ۾ پڻ سرڪاري زبان جي حيثيت سان هلندڙ آهي. زبانن کي فني ۽ سائنسي محاورن سان جدت ڏيارڻ جو سوال پڻ ويچار هيٺ آهي؛ ۽ تخليق سان گڏوگڏ رسم الخط جا مسئلا پڻ حل ڪيا پيا وڃن۔“

ضميمو 4

مقامي زبانن کي تعليمي ذريعي بنائڻ بابت ”يونسڪو“ جي تصديق

نومبر 1951ع ۾، پئرس ۾، ”تعليم ۾ مقامي زبانن جي استعمال“ تي ويچار ڪرڻ لاءِ، ”يونسڪو“ طرفان سڄيءَ دنيا جي وڏن ماهرن جو هڪ ميڙ ڪوٺايو ويو. انهيءَ ميڙ ۾ هن مسئلي بابت ڪيل محدود تجربا پڻ پيش ڪيا ويا. گهڻي غور خوض کان پوءِ جيڪا راءِ قائم ڪئي ويئي، سا ’يونسڪو‘ جي ڪتاب جي مهاڳ ۾ هنن لفظن ۾ ظاهر ڪيل آهي:

”اسين هن، راءِ کي تسليم ٿا ڪريون ته ٻار لاءِ بهترين تعليمي ذريعو سندس مادري زبان آهي. پر اهڙيون سوين زبانون آهن، جن کي پنهنجو رسم الخط نه آهي، يا جيڪڏهن آهي ته ان ۾ شاگردن لاءِ ڪتاب موجود نه آهن، تنهنڪري في الحال مشڪل آهي جو انهن ٻنهي مقصدن تي عمل ڪري سگهجي. انهيءَ هوندي به سڀئي زبانون، بلڪ اهي زبانون پڻ جيڪي اڃا ابتدائي حالت ۾ آهن، اسڪولي تعليم جو ذريعو بنجي سگهن ٿيون: ڪي ٻيءَ زبان سکڻ جو ذريعو ٿي سگهن ٿيون، ۽ ڪي تعليم جي هر سطح تي استعمال ٿي سگهن ٿيون. اسان جو خيال آهي ته بهترين تعليم شاگردن جي مادري زبان ذريعي ئي ڏيئي سگهجي ٿي.“ (ص ص 283-84)

ڪتاب ۾، ٻئي هنڌ، ”زبانون ۽ تعليم“ جي عنوان تي ’تمهيد‘ ۾ هن طرح لکيل آهي:

”هيءَ هڪ واضح حقيقت آهي ته ‎ٻار کي سيکارڻ جو بهترين ذريعو سندس مادري زبان آهي. نفسياتي طور، اهو هڪ پُر معنيٰ اشارن جو نظام آهي، جيڪو سمجھڻ ۽ ظاهر ڪرڻ لاءِ هن جي دماغ ۾ خود بخود ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. سماجي نقطه نگاهه کان، هو جنهن طبقي ۾ رهي ٿو تنهن جي سڃاڻپ جو اهو (مادري زبان) هڪ ذريعو آهي. تعليمي نقطه نگاهه کان، ٻار پنهنجيءَ مادري زبان ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان سکي ٿو، بنسبت اهڙي زبان جي جنهن سان هو مانوس نه آهي.“ (ص 6)

ديباچي جي آخر ۾ وري به انهيءَ اصول کي ورجايو ويو آهي ته ”اسين ظاهري ڪري چڪا آهيون ته تعليم بهترين نموني سان مادري زبان ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿي- پوءِ ڀلي  ته شاگرد ٻار هجي يا بالغ.“ (صفحو 15)

سچ پچ ته هيءُ (”يونسڪو“ جو) هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن مسئلي کي تمام وضاحت ۽ خوبصورتيءَ سان طي ڪيو ويو آهي. اختصار طور، اسين ماهرن جي انهيءَ رپورٽ جي نچوڙ مان ڪي اشارا هيٺ نقل ڪريون ٿا، جيئن اصل ڪتاب ۾ آيل آهن (ص 68).

(1)                 ماڻهوءَ جي مافي الضمير جي اظهار جو قدرتي وسيلو سندس مادري زبان آهي، ۽ سندس اولين ضرورتن مان اها به هڪ ضرورت آهي ته هو پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪرڻ جي قوت کي مڪمل ترقي ڏياري.

(2)                جيڪڏهن مادري زبان ۾ يونيورسٽيءَ ۽ اعليٰ فني تعليم جي ذريعي بنجڻ جي هر ڪا لياقت هجي، ته پوءِ ان کي ضرور انهيءَ مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ کپي.

(3)                ٻين حالتن ۾، مادري زبان جو استعمال ڪتابن وغيره جي دستيابيءَ آهر ڪرڻ کپي.

(4)                قومي زبان، مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري سگهي، جيستائين ٻار اسڪول ۾ اچڻ کان اڳ ئي انهيءَ زبان سان مانوس نه ٿيا آهن.

(5)                تعليمي اختياريءَ وارن جو فرض آهي ته هو مادري زبان جي ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن کي آماده ڪن، جيڪي انهيءَ اصول جي مخالفت ڪندا هجن- پر ان لاءِ کين مجبور نه ڪرڻ کپي.

(6)                جيڪڏهن ٻار جي مادري زبان اها آهي جيڪا سندس ملڪ جي سرڪاري زبان نه آهي، يا سندس مادري زبان بين الاقوامي زبان نه آهي، ته پوءِ کيس ٻي زبان سکڻ جي ضرورت آهي.

(7)                ڪنهن به ٻيءَ زبان سکڻ لاءِ، انهيءَ زبان کي سڀني موضوعن لاءِ تعليمي ذريعي بنائڻ کان سواءِ به، اهو ممڪن آهي ته انهيءَ زبان ۾ سٺي قابليت حاصل ڪري سگهجي.

ضميمو 5

صدر طرفان مقرر ڪيل ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ جي ’زبانن ۽ رسم الخطن واري ڪاميٽيءَ‘ جو سفارشون

(پهريون ميڙ، ڊاڪا، فيبروري 1-4، 1960ع

”(2) تعليمي ڪميشن جي سفارشن جي روشنيءَ ۾، سنڌي زبان جي موجوده حيثيت جي مسئلي بابت، ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ طرفان موڪليل ياداشت تي غور ڪيو ويو.

”1. هن وقت، حيدرآباد ريجن (سابق صوبه سنڌ) ۾، ٻار سنڌي زبان ذريعي پرائمري تعليم حاصل ڪن ٿا، پر تعليمي ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته پرائمري ٽئين درجي کان اردو کي گڏوگڏ لازمي زبان طور متعارف ڪيو وڃي. هيءَ ڪاميٽي سفارش ٿي ڪري ته پرائمري پهرئين درجي کان پنجين درجي تائين فقط مادري زبان پڙهائي وڃي. جتي اردو ٻار جي غير مادري زبان آهي، اتي اردو ثانوي تعليم جي شروعات کان، يعني ڇهين درجي کان سيکارڻ کپي، جڏهن ٻار جو ذهن ايترو پختو ٿي وڃي ٿو جو هو ٻيءَ ٻوليءَ جا اُچار ۽ مقصد وغيره سمجھي سگهي ٿو. پهرين ڪل پاڪستان تعليمي ڪانفرنس، جيڪا قائداعظم جي حڪم سان ڊسمبر ۽ جنوري 1947ع ۾ سڏائي ويئي هئي، ۽ جنهن اهو بنيادي اصول طي ڪيو هو ته پرائمري تعليم مادري زبان ذريعي ڏني وڃي، تنهن جي هيءَ ڪاميٽي تائيد ٿي ڪري. ان تي مڪمل طور عمل ٿيڻ کپي ته جيئن انهيءَ مسئلي بابت ڪي نوان اختلاف نه پيدا ٿين، ۽ سمورا خوف خدشا ختم ٿي وڃن.

”2. هن وقت هاءِ اسڪول تائين ذريعه تعليم سنڌي آهي، پر تعليم ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته ثانوي تعليم جي ابتدا کان، يعني ڇهين درجي کان، سنڌيءَ بدران اردو کي تعليمي ذريعو بنايو وڃي. هيءَ ڪاميٽي سفارش ٿي ڪري ته سنڌي زبان جيئن  ته هڪ تمام ترقي يافته زبان آهي، ۽ گذريل اڌ صديءَ کان هاءِ اسڪول تائين ڪاميابيءَ سان تعليم جو ذريعو بني رهي آهي، تنهنڪري ان کي ثانوي تعليم تائين ذريعهء تعليم طور بحال رکڻ کپي. ’غير مادري زبان‘ جي نصاب ۾، انهن ٻارن لاءِ جن جي مادري زبان اردو نه آهي، تعليمي ذريعي طور، اردو پهريائين اعليٰ ثانوي سطح تي سنڌيءَ سان گڏ استعمال ڪجي.“


 *“UNESCO” = United Nations Educational, Scientific and Cultural Organization.

(بين الاقوامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم)

* مٿيون ميمورنڊم ’سنڌي زبان سوسائٽيءَ‘ پاران پاڪستان جي تعليمي وزير مسٽر حبيب الرحمان کي، ڀٽ شاهه کان واپس ٿيندي، 10- آگسٽ 60ع تي حيدرَآباد ۾ پيش ڪيو ويو. سوسائٽيءَ جي وفد ۾ هيٺيان ميمبر شامل هئا: (1) مسٽر محمد عبدالواحد ميمڻ، وڪيل (وفد جو اڳواڻ)؛ (2) مخدوم امير احمد، پرنسپال سنڌي اورينٽل ڪاليج (مهتمم ’سنڌي زبان سوسائٽي‘)؛ (3) مسٽر غلام محمد گرامي، ايڊيٽر رسالو ’مهراڻ‘؛ (4) سيد سردار علي شاهه، ايڊيٽر روزانه اخبار ’مهراڻ‘، ڪراچي؛ (5) مسٽر غلام علي الانا، ليڪچرر سنڌي يونيورستي؛ ۽ (6) مسٽر حفيظ قريشي، وڪيل، حيدرآباد، وزير صاحب وفد جي ميمبرن کي چڱي نموني ٻڌو، ۽ خاطري ڏياري ته انهيءَ مسئلي تي دوباره غور ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com