سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :7

سڀ کان آخر ۾ شفيق ۽ شميءَ موڪلايو. انوءَ شفيق کي چيو: ”ڀاڄائيءَ کان وري به منهنجي پاران معافي وٺي ڇڏجانءِ. شايد سندس من ڀرجي آيو آهي!“

شفيق کل ۾ سندس ڳالهه ٽاري ڇڏي؛ ۽ شمي کي ٻانهن جي سهاري دروازي کان ٻاهر وٺي آيو.

سنسان رستي تي چانڊوڪيءَ ۽ پاڇولن عجيب ڏکويل فضا ڦهلائي ڇڏي هئي. سرديءَ جي ڪري، رستي جي ماٺ به ڄڻ برف وانگر ڄمي ويئي هئي. هو چپ چاپ پنهنجي گهر واري رستي ڏانهن وڌندا ٿي ويا. سندن گهر ايترو پري به ڪين هو- رستي جي اڳئين موڙ تي گهٽيءَ اندر سندن فلئٽ هو. ان وقت ٽانگن جو اتان لنگهڻ محال هو، ان ڪري پنڌ ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪو نه هو.

شمي اڃا تائين ڪنهن سوچ ۾ ائين هلندي رهي، ڄڻ ته ننڊ ۾ هلي رهي هي. هن جي اها ڪيفيت شفيق جي دل ۾ عجيب وسوسا پيدا ڪري رهي هئي. هن پنهنجي اکين جي ڪُنڊن مان شميءَ ڏي نهاريو- ۽ پهرينءَ نهار سان هن جي سڄي جسم ۾ شميءَ جي طلب ڪَرَ موڙي اٿي. شميءَ جي کاڏيءَ کان چولي جي ڳچيءَ تائين، سندس گردن جي وڪڙ تي، چانڊوڪي، گلابي ڪوٽ ۽ سفيد شال جي پاڇولي سان ملي، گلابن ۽ موتين جو تصور هن جي ذهن ۾ کڻي آئي؛ ۽ تصور ئي تصور ۾ هن کي پنهنجا چپ انهيءَ محراب ۾ سجدو ڪندا نظر آيا. هن بي اختيار ٿي شميءَ کي پنهنجيءَ ٻانهن ۾ ورائي، ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”شمي، منهنجي جان، تو کان سواءِ آءٌ جيئرو رهي ڪين سگهندس!“

شميءَ ڪجهه به نه چيو. ماٺ ۾، سپنن جي ڄار اندر ڦاٿل ڪوريئڙي وانگر هلندي رهي. سندس قدمن ۾ عجيب خودفراموشي هئي- ۽ شفيق کي وري به پنهنجي دل ٻڏندي، سهارا تلاش ڪندي نظر آئي.

پنهنجي ڪمري ۾ پهچي، شمي چپ چاپ پلنگ تي اڌ ليٽي پئي. شفيق ڪجھ دير ته کيس هڪ- ٽِڪ ڏسندو رهيو. شميءَ جي جسم جو هر وڪڙ، هن جي روح ۾ ڪنهن مٺيءَ ڌُن وانگر وڪڙ کائيندو سمائجندو ٿي ويو. سندس جسم جي خوشبو، هن جي ذهن ۾ عورت جي ازلي سپردگيءَ جو احساس جاڳائيندي رهي، ۽ سندس جسم سان ويجهائي، هن جي انگ انگ ۾ ڪَرَ موڙڻ جي چاهنا پيد اڪرڻ لڳي هئي. هن جون نگاهون، شميءَ جو جائزو وٺندي، سندن اکين تي پهچي روڪجي ويون. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مٿس برف جي ڳريل پاڻيءَ جو گهڙو هارجي ويو. شميءَ جي بند اکڙين جي ڊگهين ڊگهين پنبڻين مان ٻه شفاف لڙڪ لڙي، اتي ئي روڪجي ويا- ڄڻ ته انهن حسين پنبڻين کي ڇڏڻ ئي نٿي چاهيائون.

ڀر ۾ پيل هڪ ڪرسي ريڙهي، هو ان تي ويهي رهيو. شميءَ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي، دل جو سمورو سوز اکين ۾ آڻيندي چيائين، ”ڇو، جاني، هي لڙڪ ڇو؟ اڄ توکي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي؟ ٻن سالن جي عرصي ۾ پهرئين دفعي مون توکي ايترو اداس ڏٺو آهي!“

شميءَ پنهنجون اداس اداس اکيون کولي، پنهنجي ڪانڌ ڏانهن نهاريو. گهڙيءَ لاءِ هڪ- ٽِڪ هن جي اکين ۾ ڪجھ ڳوليندي رهي، ... ۽ پوءِ ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين: ”شفيق، شايد منهنجي سر جا سائين، مون کي معاف ڪر. تو مون کي جيڪو پيار، جو نينهن ڏنو آهي، آءٌ شايد ان جي لائق ئي ڪانه آهيان. اڄ آءٌ توکي پنهنجي دل جي ڪنهن اَڏوهيءَ کاڌل ڪنڊ ۾ دٻيل هڪ راز ٻڌايان ٿي.... پر مون کي ڊپ آهي ته تون مون کي معاف نه ڪندين، ۽ آءٌ تنهنجو پيار وڃائي ويهنديس!“

شفيق جي دل ۾ شڪ، ڪاوڙ، پيار ۽ نفرت جا جذبا گڏجي عجيب وڍ وجهڻ لڳا. هو سوچڻ لڳو، ”ڇا هيءُ حسن، هيءَ پاڪيزگي، جن کي مون هيترو پوڄيو آهي، سي من سا بيوفائي ۽ دوکو ڪري سگهن ٿا؟ ڇا اها پاڪيزگي آلوده ٿي سگهي ٿي! هن جي دل جو هڪ ٽڪرو نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو، ۽ هن چيو، ”شمي، توکي خبر آهي ته منهنجو نينهن سڀڪجهه درگذر ڪري سگهي ٿو، پوءِ به اهو سوال ڪيئن پڇيئه؟“

شميءَ پنهنجن لڙڪن کي پنبڻين کان پاسي ڪرڻ کان سواءِ چيو: ”آءٌ جن ڏينهن ڪاليج ۾ پڙهندي هيس، انهن ڏينهن مان هڪ ڏينهن، ڪاليج جي سنڌي راڳ جي مجلس ۾ هڪ نئون ڇوڪرو، ’تنوير‘، بهرو وٺڻ آيو هو. اسين سڀ ڊائس جي اڳيان ويٺيون هيوسين. جڏهن هو مائيڪ جي سامهون آيو، تڏهن اسان جي ڪاليج جي شاگردن هن کي ’هُوٽ‘ ڪرڻ شروع ڪيو. شايد هر نئين شاگرد سان اهو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. پر آءٌ هن کي ڏسڻ ۾ محو هيس. هن جي چهري ۾ هڪ عجيب معصوميت، هڪ عجيب ڪشش، هڪ عجيب پنهنجائي هئي- يا مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو. جڏهن هن ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي پهرئين ’الا ميان‘ تي هال ۾ ماٺ ٿي ويئي؛ ۽ جڏهن هن ’شاهه‘ جو اهو ڏوهيڙو ڳايو-

’راڻو رات نه آئيو، ويئي ويل ٽري‘،

تڏهن ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته اهو آواز سپنن جي ڪنهن ڏکويل نگريءَ مان اٿي آيو. منهنجي دل الائي ڇو ڀرجي آئي، ۽ لڙڪ اکين مان بي اختيار وهڻ لڳا. مون ۾ ٻڌڻ جي طاقت نه هئي. بي اختيار، آءٌ هال کان ٻاهر نڪري آئيس. منهنجي نڪرندي ئي هال ۾ ماٺ ٿي ويئي. ڇوڪري ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو هو- شايد منهنجي ئي اٿي وڃڻ ڪري!“

هڪ عير محسوس سڏڪو شميءَ جي گلي ۾ گهٽجي ويو... هن وري چوڻ شروع ڪيو: ”۽ ان کان ٿورا ئي ڏينهن پوءِ، هڪ ڏينهن شام جو، آءٌ ننڍي ڀاءُ سان گ پنهنجي گهران ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتيس، ته هو رستي تان پئي ويو. آءٌ روزانو شام جو ٽَڪريءَ تي گهمڻ لاءِ نڪرندي هيس- ۽ شايد هن جو به اهو معمول هو. ڪجھ وقت ته اسين خاموش هلندا رهياسون، پوءِ اسان هڪ ٻئي کي سڃاتو...... هن جي چپن تي هلڪي مرڪ آئي، ۽ آءٌ به مرڪڻ کان رهي نه سگهيس. ان کان پوءِ اسين روزانو شام جو گڏجي گهمڻ نڪرندا هئاسون. هو اسان جي ويجهو ئي رهندو هو. ستين بجي هو اڳي ئي اسان جي ننڍڙي باغ جي سامهون بيٺو هوندو هو. پوءِ اسين گڏجي گهمڻ نڪرندا هئاسون. اسان پاڻ ۾ ايترو ڳالهايو به ڪين هو. مون کي هن سان ڳالهائڻ ۾ هڪ عجيب گهٻراهٽ محسوس ٿيندي هئي، ۽ هو به شايد ڳالهائڻ کان جهجهڪندو هو. پر اسان کي ائين خاموش گڏجي گهمڻ ۾ هڪ سڪون، هڪ عجيب آرام ملندو هو.......“

شفيق وچ ۾ پڇيو، ”هو توسان محبت ڪندو هو، يا تون هن سان؟“

”مون کي خبر ڪانهي. آءٌ پڪ سان چئي نٿي سگهان ته منهجي هن سان ڪا پريت هئي؛ پر شام ٿيڻ سان ئي، هن سان گڏجي گهمڻ جي آرزو مون کي گهر ۾ ويهڻ کي ڪانه ڏيندي هئي...... ۽ پوءِ، هڪ ڏينهن، تهه سياري جا ڏينهن هئا، ۽ شام ٿيڻ کان اڳ برسات به پوڻ شروع ٿي. ٿڌ به وڌندي ويئي، ۽ برسات پوندي رهي. ستين بجي مون کي دل ۾ اچي شڪ جاڳيو ته هو ضرور منهنجي انتظار ۾ هوندو. مون سوچيو ته آءٌ ٻاهر وڃي ڏسي اچان- يا کيس چئي اچان ته اڄ ته گهمڻ هلي ڪين سگهبو. پر ان ڏينهن گهر ۾ مهمان لٿل هئا- ۽ انهن مهمانن مان تو به هڪ هئين. اما مون کي اوهان مهمانن جي خاطر لاءِ ويهاري ڇڏيو هو.

”ٻئي ڏينهن، منهنجي لاءِ شام تائين ترسڻ محال ٿي پيو. آءٌ هن جي گهر لنگهي وئيس. گهر ۾ سندس ڀاءُ کان سواءِ ڪير به ڪونه هو. هن مون کي ٻڌايو ته هو بيمار آهي، ۽ اسپتال ۾ آهي. منهنجن هٿن مان ڄڻ ڪجهه ڪري پيو. اسپتال ۾ پهچي، هن کي موت ۽ زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ ڏٺم. سندس ماءُ سيرانديءَ کان ويهي، ٻاڏائيندڙ اکين سان پنهنجي جوان پٽ جي زرد چهري ڏانهن ڏسي رهي هئي. اڳينءَ شام جو، صبح ٿيڻ تائين، برسات ۾ هو منهنجي انتظار ۾ بيٺو رهيو هو! کيس ڊبل نمونيا ٿي پئي هئي. آءٌ سندس ڀر ۾ ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. هن اکيون کوليون- ۽ مون کي پنهنجي ڀر ۾ ڏسي، هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون..... پر سندس چپن تي هڪ بيمار مرڪ ڦهلجڻ لڳي هئي... ۽ هن هري هري چيو، ’شمي، شاهه جو اهو ڏوهيڙو ته ٻڌاءِ- راڻو رات نه آيو...‘- ۽ پوءِ ... ۽ پوءِ نرس هن جي منهن تي ڪپڙو وجهي ڇڏيو...!“

گهڙي لاءِ چپ ٿي ويئي. شفيق جو ذهن هر جذبي کان، هر احساس کان خالي ٿي چڪو هو. هن شميءَ ڏانهن نهاريو. ٻه لڙڪ اُٿڙي هن جي ڳلن تي اچي پيا هئا ... ۽ هوءَ ننڊ پئجي ويئي هئي. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته شمي هن وٽ موٽي آئي هئي، ۽ هن جي ٻڏندڙ دل کي سهارو ملي ويو هو. هن اٿي شميءَ جي نرڙ تي هڪ مِٺي ڏني- ۽ وري اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. سگريٽ پيئندي، هن سامهون دريءَ کان ٻاهر نهاريو... دور، آڪاش جي هڪ ڪنڊ ۾، هڪ کڙندڙ تارو، ٽُٽي، اونداهين ۾ گم ٿي ويو، ۽ هڪ ٻيو تارو ان جاءِ تي اجاگر ٿيڻ لڳو هو!

خواجا سليم

اَلا، ڪنهن پَرِ.....!

اڄ وري منهنجي دل تي اُداسيءَ جا تهه چڙهي ويا آهن. واهه جو ماٺ ميٺ ۽ سانت ۾ وهندڙ پاڻي منهنجين رڳن ۾ ڪو سُر نٿو جهونگاري، ڪپر تي بيٺل وڻ ٻوٽا، پنهنجين ٻانهن تي پيلن ۽ سرءُ ماريل پنن جو بار کنيو، مبهوت مبهوت، آسمان کي تڪي رهيا آهن؛ سندن ٽارين مان لنگهندي، ٿڌي هوا منجهن ڪا ترنگ ڪانه ٿي تنواري. ڌرتيءَ جي روشني به ٿڪل ٿڪل ٿي نظر اچي؛ سندس ڪِرڻا پاڻيءَ جي سيني تي ڪو اُمنگ ڀريو ناچ ڪين ٿا نچن. مان ڇا اُداس آهيان. سڄي ڪائنات اُداس آهي- اُداس، اُٻاڻڪي ۽ ويڳاڻي- ڄڻ سندس ڪو ڪونه هجي، هوءَ اڪيلي هجي- صفا اڪيلي!

مان جڏهين به اُداس ٿيندو آهيان ته منهنجي دل مون کي شهر جي هنگامن کان پري واهه جي ڀِڪَ تي وٺي ايندي آهي، جتي مان ڪنهن سانتيڪي ڪُنڊ ۾ ويهي پنهنجن گذريل ڏهاڙن جي پچار ڪندو آهيان. ماضيءَ جي پچار الائجي ڇو هڪ قسم جو سُڪون، هڪ عجيب تسڪين بخشيندي آهي؛ حالانڪه منهنجو ماضي منهنجي حال کان وڌيڪ بدتر ۽ ڏکوئيندڙ هو- بيرنگ، پُر درد، ۽ سونهن ۽ سندرتا کان خالي!

اڄ وري مان اُداس آهيان. منهنجي وجود جي اٿاهه اونهاين ۾ عجيب، مبهم ۽ اڻڄاتل سُور جاڳي اُٿيو آهي، ۽ دل شهر جي هُل- هُلاءَ کان پري واهه جي ڀِڪَ تي وٺي آئي اٿم. مان واهه جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ پير وجهيو، ننڊ پيل ڇولڙين کي نهاري رهيو آهيان، ۽ منهنجو ذهن ويڳاڻي وهڪري ۾ سُرن ڳولڻ جي اجائي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مان پاڻيءَ تان اکيون کڻي اُفق تي نهار ٿو اُڇلايان. اُفق مون پنهنجي پنهنجن خيالن جي پهچ کان به پري ٿو لڳي- ايترو، جيترو خوشي ۽ سڪون پري آهن، جيترو سج جي جنم جي جاءِ پري اهي. مون اُفق تان نظر کڻي، ڀرسان بيٺل سرءُ ماريل وڻن تي اُڇلائي آهي. اهي وڻ، جن پنهنجيون ٻانهون لوڏي منهنجي آجيان ڪين ڪئي هئي، پنهنجن ڍرڪيل ٻانهن ۾ پِيلن پنن جا تحفا کڻي، بهاري هِيرُن جو انتظار ڪري رهيا آهن. اِهو اوسيڙو، اِهو انتظار به هر وجود جي روح ۾ آهي- روح جو ڏاج، آس اُميد وانگي.

مان واهه جي ڪپر تان ننڍيون ننڍيون پٿريون کڻي پاڻيءَ ۾ پيو اُڇلايان. پٿريءَ جي ڪِرڻ سان ’ٽُٻڪ‘ جو هلڪڙو آواز ٿو اُسري. پاڻيءَ ۾ گول ٿو ٺهي، ۽ وڌي ويجهي، وري تحليل ٿيو وڃي. پاڻيءَ جا اِهي گول، چڪر ڏيئي، ماضيءَ جي لتاڙيل پيچرن تي وٺي هلي اٿم، ۽ اکيون ڪي قدر ٻوٽجي انهن گولن ۾ کُپي ويون اٿم.

’ٽُٻڪ!‘..... پاڻيءَ مان هڪ ماڻهو اُسريو آهي. منهن تي انيڪ گُهنج اٿس، گوڏ مان سُڪل ڪاڍيءَ جهڙيون پِنيون ٻاهر نڪتيون پيون اٿس. اِن ماڻهوءَ کي مان ’بابا-بابا‘ ڪري سڏيندو هوس. پاڻيءَ مان هڪ ٻيو جسم اُڀريو آهي. اِها زائفان آهي. سندس ٻانهن ۾ ڳچ جيتريون سونيون چوَڙيون پيون آهن، ۽ سندس آلين اکين ۾ ڳاڙيهون ڏوريوپن پيون ترن. اها زائفان مون کي سڀني کان گهڻو پيار ڪندي هئي. سندس هنج ۾ ليٽي ۽ سندس اُتر- واءَ جهڙيون ماٺيڻيون لوليون ٻُڌي، مان ننڊ پئجي ويندو هوس- اگهور ۽ سٻاجهڙي ننڊ. هيءَ زائفان منهنجي ’اما‘ هئي- منهنجي جيجل اما!

هڪ ڏينهن جڏهين سڄي گهر ۾ روڄ مَتل هو، جڏهين امڙ پنهنجين ٻانهن مان چُوڙيون لاهي ڇڏيون هيون، ۽ جڏهين ’ابا‘ کي ماڻهو هڪ اڇيءَ چادر ۾ ويڙهي الائي ڪيڏانهن کني ويا هئا، ته مون پنهنجيءَ رڙندڙ اما کان پڇيو هو، ”اما، تون لوئِين ڇو تِي؟ هي ماڻهو آيا تي تاڏي تڻي ويا هَن؟“ اما مون کي ڪنهن جوان ڏيڻ بدران ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو هو، ۽ منهنجين اکين مان به ڳوڙها ڳڙڻ لڳا هئا. گهڻا گهڻا ڏينهن پوءِ مون کي خبر پئي هئي ته منهنجي ’ابا‘ کي ماڻهو اهڙي پاسي کڻي ويا هئا، جتان اڄ تائين ڪو ڪونه موٽيو آهي- منهنجو پيءُ مري ويو هو- منهنجي ماءُ جو سهاڳ، ڏهاگ ۾ مَٽجي ويو هو.

پوءِ، هڪڙي ڏينهن صبح جو سويل منهنجيون ڀينرون رُنيون پئي. ماڻهو منهنجيءَ ’اما‘ کي به چادر ۾ ويڙهي کڻي ويا هئا. تنهن ڏينهن منهنجي ’اما‘ مري ويئي هئي. مان ڇورو ٿي ويو هوس. اُن ڏينهن مون ائين محسوس ڪيو هو، ڄڻ سڄي جڳ جون مائرون مري ويون آهن، دنيا جا سڀئي ماڻهو يتيم ٿي ويا آهن، ۽ حياتيءَ جو سمورو ڪار وهنوار هڪ هنڌ ڄمي ويو آهي- اِئين، ڄڻ ڪڏهين هلڻو ئي نه هجيس.

اهي ٻئي مورتون اُفق جي اوٽ ۾ گُم ٿي ويون آهن، ۽ مون کان هڪ ٿڌي اونهي آه نڪري وئي آهي.

مون کي ياد آيو آهي ته پوءِ مون کي اُها جاءِ ڇڏڻي پئي هئي، جت مون جنم ورتو هو، جت منهنجي معصوم محبت جنم ورتو هو، جت منهنجي ٻال- اوستا جهومندي ڳائيندي گُذري هئي، ۽ جتان جي ٽڪريءَ اوڏو مون آهي اٻوجهه ۽ اڄاڻ حرڪتون ڪيون هيون، جيڪي ٻارن جو مَرڪ هونديون آهن. مون کان ۽ منهنجين ڀينرن کان اسان جي جنم- ڀومي ڇڏرئاي، اسان جي چاچي جي گهر ڪوٽڙيءَ ۾ آندو ويو. اسان جو هيءُ چاچو هڪ وڏو سيٺ هو- لکن جو مالڪ!

منهنجو هيءُ نئون گهر، منهنجي پهرئين گهر کان وڌيڪ وڏو ۽ سهڻو هو. ڪمرا غاليچن ۽ ڪٻٽن سان سينگاريل هئا. آءٌ اهڙو سٺو ۽ ڪشادو گهر ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوس. هڪ ڪمري ۾ گهڙيس ٿي ته چاچيءَ چيو: ”جُتي لاهي اندر وڃ، غاليچا نه خراب ٿي وڃن!“

منهنجي خوشي دٻجي ويئي. ڪنڌ ورائي چاچيءَ کي ڏٺم. چاچيءَ جو نڪ، طوطي وانگر، چهنب وٽان هيٺ تي نِويل هو؛ اڇن کير جهڙن ڍرڪيل ڳلن تي عجيب کهري کهري ڪُنئرائپ هيس؛ ۽ سندس اکين ۾ هڪ اهڙي قسم جي مامتا جو اظهار هو، جيڪا همه گير نه هجي، ۽ جنهن جو دائرو صفا تنگ هجي- بنهه پاڻ تائين محدود!

مون پنهنجي سوٽ ’غنيءَ‘ ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”هو جو بوٽ پائي ويٺو آهي!“

”اِهو ڪمرو آهي ئي هن جو. بوت ويهي يا لاهي ويهي، سندس مرضي، تنهنجو ڇا!“ مون کي ڇڙٻ ڀريو اُتر مليو هو.

مون وري پنهنجي سوٽ کي ڏٺو. هو آئيني ۾ اکيون کپايو پنهنجيءَ شڪل جو جائزو وٺي رهيو هو. ٿلهو متارو ۽ ڳاڙهو ڳٽول هو. منهن تي لاپرواهيءَ ۽ الغرضائيءَ جو تاثر ڇانيل هوس. سندس ڳاڙهيون اکيون هن جي خود غرض، مصاحب پسند، پُر غرور ۽ ضدي طبيعت جي شاهدي ڏيئي رهيون هيون. منهنجيون نظرون واپس وري آيون. مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجو سوٽ هڪ اهڙو رقب آهي، جنهن کي زير ڪرڻ لاءِ ناممڪن هو. دل احساس جي شدت سان ڀرجي ويم، ۽ ڪمري ۾ گهڙڻ بدران ٻاهر نڪري هليو ويس- پويان چاچي مون بابت بدتميزيءَ جو رمارڪ پاس ڪري رهي هئي.

سانجهيءَ جو گمي ڦري موٽيس، ته چاچو ويٺو هو. وچولي قد جو چرٻيءَ چڙهيل بُٽ؛ ننڍيون، ميريون، ڳاڙهيون ۽ ڪُنڊن وٽان گهُنجيل اکيون؛ پيٽ ٻاهر تي نڪتل؛ وڏين ناسُن سان ٿُلهو نڪ؛ وات جي کاپي واڇ ڇڪيل، ۽ نراڙ تي ٻارهوئي رهندڙ گهنج! چاچي کي ڏسي مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ هن شخص ۽ مُرڪن جي ميٺاج جي وچ ۾ وڏي دشمني هئي. منهنجي دل دهلجي ويئي- سالم به ڪو نه ڪري سگهيوسانس. چاچي به سڏي، ڀر ۾ ويهاري، مٿي تي هٿ به ڪين رکيم.

مان چپڙي ڪري هڪ ڪم ري ۾ لنگهي ويس. اُتي منهنجيون ڀينرون ويٺيون هيون- اُداس ۽ اُٻاڻڪيون. کين ويٺل ڏسي، الائي ڇو منهنجا ڏند ڀِڪوڙجي ويا، ۽ ساڻس ڪجھ ڳالهائڻ کان سواءِ ئي ٻاهر نڪري هليو ويس.

ڏينهن اِئين گذرندا رهيا- بي ڪيف، الوڻا ۽ بي چَسا!

”چاچي، چار آنا ته ڏيو؛ اِسڪول جي ڪم لاءِ بُڪ وٺڻو اٿم.“ هڪ ڏينهن مون پنهنجيءَ چاچي کي چيو.

”پنج رپيا جو ڏنا هُئماءِ، سي ڪيڏانهن ڪيئه؟ هفتي ۾ سڄي ساري مهيني جا پنج رپيا کپائي ڇڏيا اٿئي! ڇورا، تون ته ڪو وڏو هٿ ڦاڙ آهين!“ چاچيءَ ’مهيني‘ ۽ ’پنجن رپين‘ تي زور ڏيندي چيو.

.اُنهن مان ته مون مس- قلم ۽ ڪتاب ورتا هئا، کپي ويا.“ مون جواب ڏنو.

چاچيءَ وراڻيو: ”مان انهن پنجن رپين کان مٿي ڪاري پائي به ڪو نه ڏينديسانءِ. اسان وٽ تنهنجين فضول خرچين لاءِ پيسا ڪينهن!“

مون ويچاريو، ’منهنجي گُهرج جون شيون وٺڻ به هن لاءِ فضول خرچي آهي!... پٽهنس جو سئو سئو رپيا وٺي وڃي اُڏائي ايندو آهي، ڇا اها فضول خرچي ناهي؟‘

گهڻيءَ گهڻيءَ ويل تائين آءٌ ماستر جي مار کان بچڻ لاءِ بُڪ هٿ ڪرڻ جي طريقن تي ويچار ڪندو رهيس. مسين مسين طريقو سُجهيم... ڌڙڪندڙ دل سان مون اُهي چار آنا وڃي چاچيءَ جي هنڌ جي وهاڻي هيٺان چورايا، ۽ بُڪ ورتم.

هڪ ڏهاڙي منجهند ڌاري گهر ۾ گهڙيس ته چاچيءَ کي پُڦيءَ سان ڳالهائيندي ٻڌم. پُڦي تنهن ڏينهن صبح ويل آئي هئي، ۽ اڪيلائپ ۾ مون کان پڇيو هئائين ته ’خرچي گهڻي ملندي اٿئي؟ ڪپڙن جا ڪيترا جوڙا اٿئي؟ چاچهين ڳالهائيندو اٿئي؟‘ اهڙن سوالن جو مقصد شايد مون کي پنهنجي يتيمي جو احساس ڏيارڻ هو! چاچيءَ پڦيءَ کي چيو پئي: ”... جيڪو منهنجو پٽ ٿو پائي، سو هي ٿا پائين: جيڪو منهنجو پٽ ٿو کائي، هو هي ٿا کائين؛ مان ته ٻچا ڪري ٿي پاليان!...“ اِهو ٻڌي منهنجين اکين آڏو غنيءَ جو ’پِڪ ائنڊ پِڪ‘ جو فسٽ ڪلاس استري ٿيل سوٽ تري آيو، جيڪو هن صبح ئي پاتو هو. پوءِ منهنجي نظر وڃي پنهنجي بت تي پيل بافتي جي لتاڙيل سٿڻ- قميص تي پيئي، ته مون کي اهو واقعو ياد اچي ويو، جڏهين چاچيءَ بورچياڻيءَ کي مانيءَ ۾ سڻڀ ذري وڌيڪ وجهڻ تي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍي هئي. ۽ مان اهو سوچيندو ٻاهر نڪري آيس ته هيءَ سڀني کي ائين ڇو پئي چوندي وتي- ’ٻچا ڪري ٿي پالي.... هون! وڏي آئي آهي ٻچا ڪري پالڻ واري!‘

چاچو مون سان هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا مس ڳالهائيندو هو. اسان جي ان گفتگوءَ ۾ به سدائين ”اندر چانهه چئه“، ”پاڻي ڀري ڏي“ وغيره جهڙا جملا هوندا هئا، ۽ بس. هڪ ڏينهن کيس پنهنجي پٽ کان- ”هي مجيد ڪهڙو درجو پڙهندو آهي؟“ پڇندو ٻُڌي، مون سوچيو: ’هي من کان ڇو نٿو پڇي؟ شايد مون سان ڳلالهائڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي ٿو سمجهي، يا وري مون کي پنهنجو نٿو ڀانئي- نه ته مون کان نه پڇي ها، مون سان چڱيءَ طرح ڳالهائي ٻولائي نه ها؟... هائو، هي مون کي غير ٿو سمجهي!‘

منهنجي سوٽ کي مون کان وڌيڪ پنهنجا دوست پيارا هئا. گهڻو ڪري هر روز ڪار ڪاهي حيدرآباد ويندو هو. ڪڏهين ڪڏهين مان به کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ چوندو هوس ته وراڻيندو هو، ”تنهنجي هلڻ جو ڪو ضرور ڪونهي“؛ ۽ پوءِ سنگتين کي ڪار ۾ ويهاري هليو ويندو هو. هن جو اهرو رکو جواب ٻڌي منهنجي دل بي اختيار روئڻ چاهيندي هئي، پر مان روئندو ڪونه هوس- الائي ڇو؟

هڪ لڱا منهنجي مٿي ۾ ڏاڍو سخت سور ٿي پيو؛ ائين ٿي سمجهيم ڄڻ ڦاٽو ڪي ڦاٽو. نوڪر کي ’اسپرو‘ آڻي ڏيڻ لاءِ چيم. جواب ڏنائين، ”سائين، مون کي سيٺ غنيءَ جي ڪمري جي صفائي ڪرڻي آهي، مان ڪيئن وڃان!“ مون وڃي چاچيءَ سان شڪايت ڪئي. چاچيءَ چيو، ”پاڻ وڃي وٺي اچ. نوڪر ويچارا به ڇا ڪن، ڪنهن جو ڪم ڪري ڪنهن جو ڪن!“ منهنجيءَ دل ۾ خيال آيو، ’ڳالهه ته سچي آهي. ٻچا، هي نوڪر تنهنجا ٿوروئي آهن! گهر جي ترتيب ۾ تنهنجو ۽ تنهنجين ڀينرن جو نمبر آخري آهي- سمجهيئه! هي نوڪر هن گهر ۾ توکان مٿانهين حيٿيت ٿا رکن؛ ۽ سيٺ غنيءَ جي ڪمري جي صفائي ٿوريءَ دير لاءِ به ملتوي ٿي نٿي سگهي!...‘

ڊرائيور جي به مون تي اک ئي ڪانه ٻڏندي هئي. ڪڏهين ڪڏهين اسڪول کير دير ٿي وڃڻ جي ڪري ڪار تي ڇڏي اچڻ لاءِ چوندو هوسانس ته سدائين سيٺ غنيءَ لاءِ سيڙيل هجڻ جو عذر ڪري نٽائي ڇڏيندو هو. يار چوندا هئم: ”سوٽهين ته ’شيورليٽ‘ کان سواءِ هلي ڪونه ٿو سگهي، ۽ توکي ٻه- ڦِيٿي سائيڪل به ڪانهي... حيف اٿئي!“ مان سوچيندو هوس، ’آخر اهو سڀڪجهه ائين ڇو آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟‘ ۽ پوءِ منجهيل دماغ ۽ سڏڪندڙ دل سان وڃي ڪنهن ڪُنڊڙيءَ ۾ ويهي، خالي خالي اکين سان چوڌاري نهارڻ لڳندو هوس.

جڏهن دل ڏاڍي اُداس هوندي هيم، ته ڪٿان نه ڪٿان ڇهه آنا هٿ ڪري وڇي کيل ڏسندو هوس. هال ۾ سڀني پاسن ماڻهن کي ڳالهائيندي، کلندي ۽ ٽهڪ ڏيندي ڏسي، منهنجي اُداسائي دور ٿي ويندي هئي. کيل ختم ٿيڻ تي خوش خوش ٻاهر نڪرندو هوس. جي اتفاق سان ڪو واقفڪار مون کي ڇهين آني واري ڪلاس مان ٻاهر نڪرندي ڏسي وٺندو هو، ته چئي ڏيندو هو: ”اڙي! تون هيڏي ڊنگ سيٺ جو ڀائيٽيو ٿي ڪري ڇهين آني واري ڪلاس ۾ کيل ڏسندو آهين! چاچهين ڏيڍ رپيو به ڪونه ٿو ڏيئي ڇا؟“ اهو ٻڌي منهنجي خوشيءَ سان ڀريل دل وري اُداس ٿي ويندي هئي، ۽ ڏاڍي خلوص سان ئاين چاهڻ لڳندي هئي ته جيڪر مان ڪنهن غريب جي گهر رهندو هجان ها، پوءِ مون کي ڪو اِئين ته نه چوي ها... اي ڪاش!

ائين ئي، آءٌ پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ وڏو خال محسوس ڪرڻ لڳس- هڪ اهڙو خال، جنهن کان مون کي پنهنجين ڀينرن جي موجودگي به بچائي نه سگهي. منهنجيون ڀينرون، جيڪي سڄو سڄو ڏينهن گهر ۾ نوڪرن سان گڏ ڳهنديون هيون- ۽ ٻنهي مان ننڍي ڀيڻ تمام چيڙاڪ، هٺيلي، هوڏي ۽ ذري ذري تي روئي ڏيڻ واري بڻجي ويئي هئي- مون کان ايتريون ته پري ٿي ويون هيون، ڄڻ اسان جي وچ ۾ ڪوبه رشتو ڪونه هو، ڄڻ اسين رڳو هڪٻئي جا رسمي واقفڪار هئاسين. ڀينرن کي در ٻيڪڙي روئندو ڏسي، مون کيا لائجي ڇو خار اچي ويندا هئا- ۽ کين دلداري ڏيڻ بجاءِ ڇڙٻون ڏيئي ڪڍندو هوس. ٻيو ته ٺهيو، مون ساڻن پنهنجي اندر جو سور به ڪڏهين ڪين سَليو- شايد اسان کي هڪٻئي تي ويساهه ڪونه رهيو هو- شايد اسان جي دلين ۾ ڪنهن عجيب قسم جي رقابت ۽ رياڪاريءَ جا جذبا جاڳي اُٿيا هئا. آخر هي ڪهڙي قسم جو ماحول هو، جنهن اسان جي خون جي رشتي کي فريبڪاريءَ ۽ فريب خوردگيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو هو، جنهن محبت جي جاءِ تي حقارت ۽ بُڇان جو ٻج کڻي ڇٽيو هو، ۽ جنهن منهنجي ننڍڙيءَ حياتيءَ ۾ ايڏو وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو هو! هيءُ هڪ اهڙو خال هو جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو، ۽ هري هري ايڏو ته وڏو ٿي ويو جو مون کي پنهنجي سڄي هستي ان ۾ سمائبي معلوم ٿيڻ لڳي، ۽ آءٌ ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ ته منهنجو ڪو وجود ئي ڪونهي- ڄڻ ته مان آهيان ئي ڪونه- رڳو اهو خال آهي، ۽ بس! هڪ تنهائي هئي، جيڪا روح کي اَڏوهيءَ جيان کائيندي ٿي ويئي. هڪ جيتامڙو ساهه هو، جيڪو وقت جي لهرن تي ٻڏندو، ترندو، وهندو ٿي ويو- بنا ڪنهن ماڳ جي، بنا ڪنهن منزل جي. بعضي بعضي منهنجي من ۾ هڪ عجيب قسم جو اُمنگ اُٿندو هو، هڪ چاهنا جاڳندي هئي- هڪ اهڙي چاهنا، جنهن بابت مون کي به خبر ناهي ته اها ڇا جي لاءِ هوندي هئي. منهنجو روح ڪجهه گهرندو هو. ڇا؟-  الائجي ڇا! ۽ پوءِ آءٌ ائين محسوس ڪندو هوس، ڄڻ مون کي گهر جون ڀتيون ۽ ڪٻٽ به حيران حيران نگاهن سان تڪي رهيا آهن، ۽ چئي رهيا آهن: ’تون الائي ڪير آهين، الائي ڪٿان آيو آهين، ڇا لاءِ آيو آهين؟ اسين ته توکي سڃاڻون به ڪونه!‘ انهيءَ احساس تي منهنجن نيڻن مان لڙڪ لڙي ايندا هئا، ۽ آءٌ ويچاريندو هوس ته هي گهر ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي هليو وڃان.... هي گهر، جتان جا واسي مون کي پنهنجو نه ٿا ڪن، جتي جي ڪُنڊ ڪُنڊ مون کي غير ٿي سمجهي، ۽ جتي جا نوڪر به مون کان اُتانهون درجو ٿا رکن!

هڪ ڏينهن، آءٌ گهر جو سودو وٺي پئي موٽيس ته گهٽيءَ ۾ پنهنجن ٻن چئن سنگتين کي ’تَرَ‘ راند ڪندي ڏٺم. منهنجي دل به سرڪي ويئي- (تن ڏينهين ڪڏهين ڪڏهين آءٌ قسمت آزمائي به ڪندو هوس). اکر- ڀوري ڪندي، من گهر جي سودي مان بچيل ساڍا ست آنا هارائي ڇڏيا. گهر موٽيس ته انهن ساڍن ستن آنن جي پُڇا ٿي. مون ڪو جواب ڪونه ڏنو ته چاچيءَ چيو، ”ضرور جوا ۾ هارائي آيو هوندو!“ ۽ پوءِ، جڏهين منهنجو چاچو مون کي ٿڦن ۽ مُڪن سان مار ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيو، ته مون ويچاريو، ’هي سڀڪجهه شايد ساڍن ستن اَنن جي ڪري آهي... نوڪرن جي منهن تي منهنجي بيعزتي ٿا ڪن! هون،... ”جوا ۾ هارائي آيو هوندو!“ پٽهنس ته ڄڻ وڏو ساڌ ۽ نيڪ آهي!‘ ائين ويچاريندي ويچاريندي، منهنجي من ۾ حقارت ۽ ڪاوڙ پيهي پيا، ۽ دل چوڻ لڳيم ته هن گهر ۽ گهر جي هر چيز کي تيلي ڏيئي ڇڏيان ۽ پاڻ ڪنهن پاسي هليو وڃان! گهر کي تيلي ته ڪو نه ڏيئي سگهيس، پر ائين جو ائين گهران ڀڄي ضرور نڪتس. پاڙي جي هڪ گهر مان چاچيءَ جي نالي پنجاهه رپيا ورتم، ۽ حيدرآباد مان پنجاب ويندڙ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس. ٻئي ڏينهن تي لاهو ۾ هوس- وڏي ۽ تاريخي شهر لاهو ۾، جيڪو منهنجي گهر کان پري، گهڻو پري هو، ۽ جتي جي هر شي مون الءِ اوپري ۽ اجنبي هئي. اڻڏٺل چهرا، جايون جڳهيون، گَسَ ۽ رستا سڀ اڻڄاتل، نه دوست نه واقفڪار،- ذرو ذرو اجنبي هو!

... من پٿريون اُڇلائڻ بند ڪري ڇڏيون آهن. ذهن وري ماٺيڻي وهڪري سان گڏ ٿِڙي هليو اٿم. هي واهه جنهن جي ڀِڪَ تي آءٌ ويٺو آهيان، انهيءَ لاهور شهر جي پاسي ۾ ئي ته وهي ٿو. مون کي هِت آئي چار سال ٿي ويا آهن. هاڻي منهنجي عمر پندرهن ورهين جي لڳ ڀڳ ٿيندي. انهن چئن سالن ۾ مون جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، تنهن جون مورتون، ماضيءَ جي جهِيڻن جهَڪن رنگن ۾ ٻُڏي، اکين آڏو ائين پيون ٽِلن، ڄڻ وقت موٽ کاڌي آهي، ۽ آءٌ انهن واقعن سان وچڙيو پيو هلان!

... اِجهو، آءٌ فُٽ پاٿ تي اخبارون پٿاري اچي سُتو آهيان. ڄاڻ پوليس وارو آيو. کيس چانهه جي لاءِ انهن پيسن مان ڇهه پيسا ڪڍي ڏيندس، جيڪي مون صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين ٽيشڻ جي ڀر واري گدام جا ڪوئلا ڍوئي ڪمايا آهن. جيڪڏهين کيس خرچي نه ڏيان ته هوند فٽ پاٿ تي سمهڻ ئي ڪين ڏئي! جيڪڏهين هو مون کان ڇهه پيسا نه وٺي ته چانهه ڪيئن پيئي؟ جي چانهه نه پيئي ته ڊيوٽي ڪيئن ڏئي؟ ۽ ڊيوٽي ته کيس ڏيڻي ئي آهي، تنهنڪري.... خير، ڇڏيو انهيءَ ڳالهه کي!

... هي منهنجو فُٽ پاٿي ساٿي ڏسو. سندس اکيون ڏسو ٿا... منجھن جَڳَ رَتُ اوتي ڇڏيو آهي- ڳاڙهو ڳاڙهو رت! منهني هن ساٿيءَ جو نالو ’اُستاد مَنگُو‘ آهي. سندس ڪم سُوٽ ڪوٽ پهريندڙن جا کيس صاف ڪرڻ آهي. ڪڏهين ڪڏهين مون کي به هٿ جي صفائي ڏيکارڻ جي صلاح ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي: ”تون ته ڪو وڏو ڀُوڪ آهين! قدبت ڏسو پٽ جو،... ڪوئلا ٿو ڍوئي! اڙي گڏهه، ڪو جيئڻ جو ڍنگ سِک: اسان وانگي، کڻ ڪئنچي ۽ ڏيکار ڪا هٿ جي صفائي! اڙي، نه ته ائين ڪوئلا ڍوئيندي ڍوئيندي ڪڏهن پاڻ به ڪوئلو ٿي ويندين!.. .ڀيڻان ڪو ميڄالو ڌار!...“ ۽ جڏهين مان کيس اُتر ۾ چوندو آهيان ته ’هي ڪم ته گناهه جو آهي، خدا ناراض ٿيندو، مان نه ڪندس‘، ته اُمالڪ رڙ ڪري چوندو آهي: ”هان، ڇا چيئه؟- هي ڪم گناهه جو آهي! پورهيو ڪرڻ پاپ آهي؟... خدا انهيءَ ۾ ناراض ڇو ٿيندو!.. .جي اِئين اهي ته خدا سائينءِ کي چئه ته هن سامهين بنگلي ۾ رهندڙ سيٺ کي بنگلي مان ڪڍي آني مون سان گڏ فٽ پاٿ تي سمهاري ڇڏي: کيس چئه ته مون به هڪ ڪار ڏي، هڪ بنگلو ۽ ڪجهه بئنڪ- بئلنس ڏي، پوءِ مان هي ڌنڌو ڇڏي ڏيندس: اُنهيءَ ذات جو قسم، مان پوءِ ماڻهن جا کيسا ڪونه ڪتريندس!...... توکي خبر ناهي، هي سيٺ به ماڻهن جا کيسا ڪتريندو اٿئي! مان ڪئنچيءَ سان ڪتريندو آهيان، پر هي ڪئنچي بنا! جيڪڏهن هيءُ سيٺ ائين نه ڪري ها، ته مان هِن فٽ پاٿ جي بجاءِ ڪنهن گهر جي دالان ۾ کٽ تي ستو پيو هجان ها، ۽ تون ڪوئلن ڍوئڻ بدران ڪنهن اسڪول ۾ پڙهندو هجين ها.... ڇا، خدا کي اها ڳالهه پسند ناهي؟.... جيڪڏهن هو اهو سڀڪجھ نٿو ڪري سگهي، ته مان به ڪئنچي وهائڻ بند نٿو ڪري سگهان! گناهه هجي يا ثواب، مون کي پرواهه ڪانهي. جيئڻ لاءِ ماني کپي، ۽ ماني ڪمائڻ لاءِ هنر... اسان جو هنر اجهو اِهو اٿيئي! ... چڱو، هاڻي بڪواس بند ڪر، ۽ سمهي رهه.“ ائين چئي، هو پاسو ورائي سمهي رهندو آهي، ۽ مان کيس اکيون ڦاڙي تپرس وچان تڪڻ لڳندو آهيان. ائين محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ اهو سڀڪجھ منگوءَ نه پر ڪنهن ٻئي جي واتان نڪتو هجي.

اِجهو، مان رڌڻي ۾ ويٺو ٿانوَ مليان. هيءُ رڌڻو جج صاحب جو اهي. منهنجي هڪ فٽ پاٿي ساٿيءَ مون کي هن جج وٽ نوڪري وٺرائي ڏني هئي. اجها، هيءَ پليٽ ڏسو. هن ۾ انهيءَ ڪڪڙ جون چوسيل هڏيون پيون آهن، جيڪا ڪالهه سج لٿي جو هڪ خونخوار اکين وارو ماڻهو ڏيئي ويو هو. هيءُ ڪَچَ جو پيالو آهي. ان ۾ منهنجيءَ مالڪڻ ’اِسڪاچ‘ جا جام پيتا هئا. منهنجي مالڪڻ روزانو شام جو هارسينگار، ڦڻي ڦوڪار ڪري، ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان پنهنجي هڪ نه ٻئي دوست سان ڪلب ويند آهي، اتان اڌ رات جو بڪندي ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي موٽندي آهي. اهي ٿانوَ مليندي، ڪڏهين ڪڏهين منهنجي ذهن ۾ اُهو سوال جاڳي اُٿندو آهي، جيڪو منهنجي امڙ مون کان منهنجن وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪندي اڪثر پڇندي هئي- ”پٽ، تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ مون کي ياد آهي، مان کيس چوندو هوس، ”سيشن جج، اما!“... ۽ هاڻي مان سوچيندو آهيان ته اهي هٿ جن کي ڪڏهين قسمتن جا فيصلا ڪرڻا هئا، سي هاڻ رڌڻي جي اڌ اونداهيءَ ڪنڊ ۾ ٿانوَ پيا صفا ڪن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com