سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :17

ان دور متعلق، معلومات جا نقش ٿورا ملي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان تيمور شاهه سنڌ جي حڪومت ميرن کي بخشي، تڏهن کان وٺي ڪوبه اهڙو واقعو نٿو ملي سگهي جو سندس زماني تي روشني وجهي سگهي. تنهن هوندي به، مٿيون فرمان گم ٿيل ورقن تي ڪجهه نه ڪجهه روشني وجهي ٿو، جو تيمور شاهه جي شڪارپور ۾ اچڻ ۽ ان پرڳڻي تي سندس تسلط متعلق ڪامل شهادت آهي؛ ڇاڪاڻ ته هي واقعو سندس گشت ۾ ظهور پذير ٿيو هو ته هو ڪجھ ڏينهن شڪارپور ۾ برابر ترسيو هو، جتي سندس گورنر غلام صديق خان پاران حڪمراني ڪندو هو. تيمور شاهه جي شڪارپو ۾ اچڻ جو ٻُڌي، مظلوم ڇوڪري ’لطف‘ کي وٽس فرياد نيڻ جو موقعو حاصل ٿيو، جنهن سان ٿيل اَڻ سهائيندڙ ظلم تي چشم پوشي ڪري، تيمور شاهه جي اميرن سندس خانداني ملڪيت ناجائز طرح ٻين کي ڏياري ڇڏي. آخر الامر، هڪ زبون حال خاندان جي هڪ بيڪس ۽ يتيم ٻار جي ڏڪندڙ هٿن تي ههڙو نامڪمل فرمان رکيو ويو ته آئيندي به شرع شريف موجب قاضي کيس انصاف پلئه وجهندو رهندو! فرمان جي تاريخ مان ظاهر آهي ته مٿيون واقعو ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدا سان تعلق رکي ٿو، ۽ سن 1781/1195[1] سان منسوب آهي. آخر تيمور شاهه جي بادشاهي به ستت ئي ختم ٿي وئي، مگر هن تباهه حال ۽ ڦرجي ويل خاندان جو نالو نشان اَڃا تائين شڪارپور ۾ قائم ۽ دائم آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“

]’تنقيدي جائزي’ بابت وضاحت[

’مهراڻ‘، جلد 8، نمبر 4، سال 1959ع ۾، بنده جي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ تي مسٽر سراج الحق، ايم. اي.، جي نالي سان ”هڪ تنقيدي جائزو“ شايع ڪيو ويو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان اصل مضمون ۾ پيش ڪيل ڪن علمي حقيقتن بابت غلط فهميون پيدا ٿي سگهن ٿيون؛ انهيءَ ڪري، علمي خدمت خاطر، ان تنقيدي جائزي ۾ اظهار ڪيل خيالن جي نوعيت ۽ دليلن جي صحت توڙي ان جي آخري مقصدن ۽ نتيجن جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ حضرات ’اصل مضمون‘ توڙي ’تنقيدي جائزي‘ کي هن وضاحت جي روشنيءَ ۾ ڀيٽي پنهنجي صحيح راءِ قائم ڪري سگهن.

تنقيد جي نوعيت.

تنقيد نگار کان احسان جي اميد نه، ته به انصاف جي تقاضا ڪري سگهجي ٿي. تنقيد ڪندي هن کي مبلغ جي بدران محقق بنجڻ ضروري آهي، ۽ پنهنجن مخصوص نظرين جي تبليغ جي بدران علمي تحقيق کي ترجيح ڏيڻ ضروري آهي. ذهني ايمانداريءَ جي تقاضا آهي ته تنقيد نگار جي اصل مضمون جي مقصد ۽ مفهوم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. صحيح تنقيد جو مقصد حقيقت کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ آهي، ۽ نه پنهنجن مخصوص نظرين جي بناء تي محض مخالفت ڪرڻ. فڪر ۽ تحقيق جي بجاءِ پنهنجن ذاتي مفروضن ۽ جذبن جي بناء تي ڪيترن ئي صاحبن ”تنقيد“ جي نالي سان رد ڪيا آهن، پر محض رد لکڻ سان هو علمي ۽ تحقيقي نظرين کي زائل ڪري نه سگهيا آهن. ’رد لکڻ‘ ۽ صحيح طور تي ’تنقيد ڪرڻ‘ ۾ مکيه فرق اهوئي آهي ته رد لکندڙ پنهنجي ذاتي فڪر ۽ تحقيق بجاءِ ٻئي جي دليلن ۽ حوالن کي پنهنجي مقصد خاطر استعمال ڪري ٿو، ۽ تنقيد نگار هڪ مصنف محقق بنجي پنهنجيءَ خاص تحقيق جي بناء تي نوان ۽ بهتر نظريا پيش ڪري ٿو. مسٽر سراج الحق ’تنقيدي جائزي‘ جي نالي سان حقيقت ۾ اصل مضمون جو رد لکيو آهي؛ سندس مقصد مخالفت آهي، انهيءَ ڪري اصل مضمون جي هر پهلوءَ کي رد ڪرڻ جي ذميواريءَ جو بار کنيو اٿس. حالانڪ اهو بار البت ڳرو آهي ۽ سندس کڻڻ کان ٻاهر آهي. مسٽر سراج الحق محض رد ڏيڻ خاطر دليلبازي ڪرڻ تي پڻ اڪتفا نه ڪئي آهي؛ هن صاحب ٻي به هڪ ناانصافي ڪئي آهي، جنهن ۾ سندس ذاتي جذبن کي وڏو دخل آهي. شروع ۾ هن صاحب اصل مضمون لکندڙ جي تعريف ڪئي آهي، پر اڳتي هلي اهو ڪي لکيو اٿس جنهن مان تحقير ۽ خنده زنيءَ جي بوءِ اچي ٿي. وڏي ڳالهه ته محقق جي بدران مبلغ بنجي هن پروپئگنڊا کان ڪم ورتو آهي، جو هڪ تنقيد نگار جي شايان شان نه آهي. هن صاحب، پڙهندڙن جي جذبات کي اڀارڻ خاطر، اصل مضمون لکندڙ کي سنڌ ۽ سنڌين جي بدخواهه ۽ پاڻ کي خير خواهه طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس لکڻ موجب، اصل مضمون لکندڙ پنهنجي ”مضمون ۾ ڪي نظريا اهڙا ۽ اهڙن لفظن ۾ پيش ڪيا آهن، جن سنڌ ۽ سنڌي تمدن سان محبت رکندڙن جي دلين کي ڏکويو آهي“ (ص ص 177-178)، ۽ ”جيڪي نه فقط غلط ۽ گمراه ڪُن آهن پر ايذائيندڙ پڻ آهن“ (ص 185)؛ اصل مضمون جا ڪي لفظ پڙهي نه فقط کيس ”ذهني ايذاءُ پهتو آهي“، پر ٻئي ”هر سنڌيءَ کي پڻ پهتو هوندو“ (204)؛ ”ازانسواءِ دانستہ يا نادانستہ (اصل مضمون جي ٻئي) حصي ۾ ڪجھ اهڙا جملا پڻ آيل آهن. جيڪي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي تمدن لاءِ نازيبا ۽ ناروا سمجهيا ويندا.“ (198) ظاهر آهي انهيءَ قسم جا الفاظ پڙهندڙن کي بدظن ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آهن.

اهي الزام لڳائيندي، رد لکندڙ ڄڻ پاڻ کي ئي سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تمدن جو محافظ سمجھي ٿو، بلڪه انهن جي مدافعت خاطر پڻ پاڻ کي ئي سڀني سنڌين جو نمائندو تصور ڪري ٿو. اها بذات خود هڪ وڏي جوابداري آهي. ازانسواءِ سندس پروپئگنڊا جو دائرو پاڪستان تائين پڻ محدود ناهي. کيس ارمان آهي ته ڇو هن ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ واري مضمون کي ڀارت جا ڪي اديب سَنَد طور پيش ڪري رهيا آهن. بلڪه سندس راءِ ۾ ”هندستان جي سنڌي اديبن“ جو هن مضمون کي دليل طور پيش ڪرڻ ”دروغ مصلحت آميز“ آهي (178)؛ جنهن جي معنيٰ ته سندس خيال ۾ هيءُ مصمون هڪ دروغ يا ڪوڙ آهي. هت ايترو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڀارت جي جن به صاحبن هن مضمون جو قدر ڪيو آهي تن جو اسان کي دلي قدر آهي، ۽ جيڪڏهن منجهائن ڪي کڻي انهيءَ مضمون کي نندين ته به اسان جي مٿن ميار ڪانهي. البته رد لکندڙ جي وطني خير خواهيءَ جو اهو هڪ انوکو مثال آهي جو هڪ ملڪي اديب خلاف ٻئي ملڪ ۾ پروپئگنڊا جو بار پنهنجي ذمي ڪيو اٿس.

هت اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اصل مضمون محض سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ ان جي خدمت خاطر لکيو ويو هو، ۽ نه سنڌي ٻوليءَ جي توهين يا سنڌين جي دل آزاريءَ خاطر. اهو مصمون ڏهه سال اڳ، 1950ع ۾، ڏهين سنڌي ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻه، جي موقعي تي پڙهيو ويو هو، جنهن کي سنڌ جي نمائنده اديبن غور سان ٻڌو. مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو توڙي ٻيا لائق اديب، جيڪي ان اجلاس ۾ موجود هئا، تن مضمون کي پسند ڪيو. ان بعد اهو مضمون ڪانفرنس جي ڪارروائيءَ طور ”تحفہ لاڙڪاڻه“ ۾ ڇپيو، ۽ سنڌ جي سڀني عالمن ۽ اديبن توڙي ٻين ذوق وارن ان کي گذريل نون سالن ۾ پئي پڙهيو آهي. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترن ئي صاحبن، خطن ذريعي توڙي روبرو زباني طور، سهڻن لفظن ۾ انهيءَ مضمون جي قدرداني پئي ڪئي آهي، ۽ ڪنهن هڪ صاحب به دل شڪنيءَ جي شڪايت ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ حالت ۾ ائين چوڻ ته هن مضمون ۾ پيش ڪيل نظرين ”سنڌ ۽ سنڌي تمدن سان محبت رکندڙن جي دلين کي ڏکويو آهي“ محض هڪ الزام آهي، جنهن سان سڀني سنڌين يا سنڌي تمدن سان مڙني محبت رکندڙن کي وابسته ڪرڻ نه کپندو هو.

بهرحال، انهيءَ قسم جي ذاتي جذبن ۽ رجحانن سببان، مسٽر سراج الحق کان هڪ تنقيد نگار جي وسيع نظر، انصاف ۽ خالص علمي خدمت وار اپهلو هتان ڇڏائجي ويا آهن، ۽ هن محض مخالفت خاطر ويهي اصل مضمون جي هر نُڪتي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عمداً ۽ ارادتاً رد لکڻ واري انهيءَ جذبي سببان، سندس لکيل رد ۾ خاص طرح هيٺيان سُقم رهجي ويا آهن: اصل مضمون ۾ ڏنل تحقيقاتي حوالن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي؛ موقعي بموقعي نفس مضمون کان هٽي غير متعلق بحثن ۽ بيانن کان ڪم ورتو ويو آهي؛ هر موضوع بابت پنهنجي طرفان نئين مواد يا نئينءَ تحقيق پيش ڪرڻ بدران گهڻيءَ حد تائين اصل مضمون واري مواد کي ئي پنهنجي مقصد خاطر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي؛ ۽ مستقل علمي حوالن ۽ ثابتين جي بدران گهڻي ڀاڱي تائين محض راءِ زنيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. انهن سڀني سقمن کي تفصيل سان بيان ڪري سگهجي ٿو، پرجيئن ته هن وضاحت جو مقصد علمي نظرين جي صرف انهن پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي، جن ۾ رد لکندڙ طرفان يا ته ڪي دليل پيش ٿيل آهن، ۽ يا وري ڪن غير صحيح مفروضن تي ايترو زور ڏنل آهي جو بغير وضاحت جي غلط فهمي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.

رد جو پهريون ڀاڱو.

هن ڀاڱي ۾، اصل مضمون جي پهرئين حصي ۾ پيش ڪيل انهيءَ مرڪزي نظريي جو رد لکيو ويو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پيدا ٿيل ناهي، پر سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي ٻولي آهي. انهيءَ رد ۾ ٻن قسمن جا دليل پيش ڪيا ويا آهن: هڪڙا اهي جن جي بناء تي چيو ويو آهي ته (الف) سنڌي سنسڪرت مان نڪتل آهي، ۽ (ب) ٻيا اهي جن جي ذريعي سنڌيءَ جو سنسڪرت کان اڳ جي ٻولي هئڻ واري نظريي جي ترديد ڪئي وئي آهي.

(الف) اهي مکيه دليل جن جي بناء تي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان نڪتل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، سي هي آهن:

شروع ۾ ”ٻولين جي ساڳئي ۽ عام بنياد ۽ اصل ڏانهن اشارو ڪندڙ“ ٽي ”اهڃاڻ“ بيان ڪيا ويا آهن (ص 179-181)، جن جي آڌار تي نتيجي طور چيو ويو آهي ته ”انهن اصولن جي ڪسوٽيءَ تي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پرکبو ته گهڻي ڀاڱي اهو ثابت ٿي سگهندو ته سنڌي ٻوليءَ جو لاڳاپو دنيا جي ٻولين جي ڪهڙي گروهه سان وڌيڪ گهرو آهي“ (182)؛ البته انهيءَ گروهه جو نالو نشان ڪونه ٻڌايو ويو آهي. انهيءَ باري ۾ ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌي ”هند- آريائي“ گروهه جي ٻولي آهي، ۽ ساڳيءَ طرح سنسڪرت پڻ ”هندي- آريائي“ گروهه جي ٻولي آهي. جيڪڏهن انهن ٽن اهڃاڻن جي بناء تي لکندڙ پڻ اهو ساڳيو نتيجو پيش ڪرڻ گهري ٿو ته سنڌي ۽ سنسڪرت ٻنهي جو اصل ۽ بنياد ساڳيو آهي ته هو پنهنجيءَ راءِ ۾ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي توڙي سنسڪرت جو سرچشمو سنڌو- ماٿر جي اصل آريائي ٻوليءَ يا ٻولين وارو مشترڪ سرمايو آهي. البته جيڪڏهن لکندڙ سندس پنهنجن لفظن ۾ ”ساڳئي ۽ عام بنياد ۽ اصل ڏانهن اشارو ڪندڙ“ اهڃاڻ بيان ڪري، انهن مان نتيجو اهو ڪڍي ته هڪ ٻولي ٻيءَ مان نڪتل آهي، يعني ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل آهي، ته اهڙو نتيجو انهن ٽن اهڃاڻن جي سندس پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيل نوعيت جي بناء تي غلط ليکبو. ازانسواءِ هر هڪ اهڃاڻ جي تجزيي مان پڻ اهو ثابت نٿو ٿئي ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل آهي، ۽ نڪي لکندڙ پڻ صاف لفظن ۾ انهيءَ قسم جي دعوا ڪئي آهي جو ان بابت وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ٿئي. نتيجي طور صرف ائين چيو ويو آهي ته اهي ٽي اهڃاڻ ٻولين جي ساڳئي گروهه ڏانهن رهنمائي ڪندڙ آهن- ۽ بيشڪ اهو صحيح آهي ته سنڌي ۽ سنسڪرت ٻئي ساڳئي گروهه جون ٻوليون آهن.

ٻيو دليل جو انهيءَ ڏس ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو سو هيءُ آهي ته آريا لوڪن سڌو سنئون موجوده سنڌ واريءَ اراضي ۾ اچي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون، جنهن مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ئي سنسڪرت جو بنياد پيو ۽ پوءِ ان مان اتي ئي سنڌي ٻولي اُسري ۽ رائج ٿي. سنڌ ۾ آرين جي براه راست اچڻ وارو اهو دليل، اصل مضمون جي انهيءَ نظريي جي رد ۾ ڏنو ويو آهي ته اوائلي آرين جون بيٺڪون هاڻوڪيءَ سنڌ کان مٿئين ڀاڱي ۾ سنڌونديءَ جي ڪناري تي ٿيون؛ مگر جيئن ته هن دليل مان سنڌ ۾ سنسڪرت جي بنياد ۽ ان مان سنڌي ٻوليءَ جي اُسرڻ جو نتيجو نڪري ٿو، انهيءَ ڪري هت ان جي وضاحت ڪجي ٿي. رد لکندڙ هن سلسلي ۾ هيٺيون حجتون پيش ڪيون آهن (ص 188-189): (1) ”آرين جي هندستان اچڻ لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته هو سمنڊ ذريعي پڻ آيا هئا“، ۽ (2) ”ائين به ٿي سگهي ٿو ته سمنڊ رستي ئي سنڌ پهتا“؛ (3) لاڙ واري ڀاڱي تي شامل خِطي کي ’سنڌو‘ جو ناو ڏنائون؛ ۽ (4) آرين جي سنڌو خطي مان اوڀر طرف لڏپلاڻ جي سلسلي ۾، هيٺئين سنڏ واري علائقي مان به ڪن جي لڏي وڃڻ جا مثال ملن ٿا. ا. هه. انهن چئني حجتن جي باري ۾ مختصر طور ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته اڄ تائين قديم تاريخ بابت جيڪا تحقيق ٿي چڪي آهي، ان مان انهن مان ڪنهن به هڪ جي تصديق نٿي ٿئي. سنڌ خواهه هند ۾ پٿر وارين بيٺڪن سان آرين جي آمدورفت جو ڪوبه تعلق ڪونهي. نه فقط عام پڙهندڙن بلڪ قديم تاريخ جي ماهرن جي علم ۾ اضافو ٿيندو، جيڪڏهن انهن چئني حجتن مان ڪنهن به هڪ کي علمي دليلن ۽ حوالن سان ثابت ڪيو ويندو.

انهيءَ سلسلي جي ٽئين دليل کي هيٺين حجتن تي قائم ڪيو ويو آهي: (1) آريا سنڌ ۾ آباد ٿيا، سندن ٻولي سنسڪرت هئي جا ترقي يافته ٻولي هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جون مڙيئي مقامي ٻوليون سندن سنسڪرت ٻوليءَ ۾ سمائجي ويون، ۽ سنڌ جي عام ٻولي سنسڪرت بنجي وئي (183)؛ (2) سنڌ مان جيڪي آريا اوڀر طرف هندستان ڏانهن ويا، سي سنسڪرت ڳالهائيندا به رهيا ۽ لکندا رهيا، پر جيڪي آريا سنڌ ۾ رهيا سي فقط سنسڪرت ڳالهائيندا رهيا، انهيءَ ڪري ”سنسڪرت جيڪا سنڌ ۾ رهي سا محض ’ٻولي‘ يعين ’ڳالهائڻ جو وسيلو‘ رهجي وئي“ (183)؛ (3) اوڀر ڏانهن جيڪي آريا ويا تن جي ٻولي ”سنسڪرت برهمڻي وياڪرڻن ۽ مذهبي قيدن ۾ جڪڙجي وئي“ (183)، پر ”سنڌ ۾ جيڪي آريا رهجي ويا، انهن جي ٻولي ڪنهن به قسم جي بندشن کان سواءِ قدرتي اصون تي ارتقا ڪندي وئي“ (184)، ڇاڪاڻ ته اها ”هٿرادو وياڪرڻن ۽ ڌرمي قيدن ۾ بند نه ٿي ويئي“ (187)؛ ۽ (4) هندستان جي ٻين ڀاڱن واريءَ سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ ”سنڌ جي سنسڪرت هڪ ڊگهي عرصي تائين محض ڳالهائڻ جي ٻولي ئي رهي، ان ڪري ان جي اوسر ۽ ارتقا بنهه الڳ نموني ۾ ٿي“ (184).

انهن حجتن جو بنياد علمي تحقيق جي بدران محض قياس آرائيءَ تي آهي. خود سنسڪرت زبان جي محقق عالمن جي تصنيفن ۾ انهيءَ قسم جي دليلن جو نالو نشان نظر ڪونه ٿو اچي. بذات خود پڻ اهي دليل نهايت ضعيف آهن: (1) اول ته آرين جي زبان سنسڪرت ڪانه هئي. سنسڪرت آرين جي هن برعظيم ۾ سالها سال رهائش بعد اُسري. اڄ ڏينهن تائين سنسڪرت جي ڪنهن به عالم اهو نظريو پيش ڪونه ڪيو آهي ته سنسڪرت موجوده سنڌ واري خطي ۾ اُسري. اهي سنڌ جون ڪهڙيون زبانون هيون جيڪي سنسڪرت ۾ سمائجي ويون؟ جيڪڏهن مڃجي ته سنڌ جون اصلي زبانون سنسڪرت ۾ سمائجي ويون ته سنسڪرت جي اندروني مطالعي مان ان جو ثبوت ملي سگهي ٿو، اهڙيءَ دعوا لاءِ اهڙو علمي ثبوت ڏيڻ ضروري آهي. سنڌ جي عام ٻولي سنسڪرت بنجي وئي، سان ڪڏهن؟ ۽ ان لاءِ اسان وت ڪهڙو علمي ثبوت آهي؟ (2) ٻيو، ائين چوڻ ته سنڌ مان جيڪي آريا اوڀر طرف لڏي ويا سي سندن سنسڪرت ٻولي ’ڳالهائڻ‘ توڙي ’لکڻ‘ لڳا پر جيڪي سنڌ ۾ رهجي ويا سي صرف ٻولي ڳالهائيندا رهيا، ظاهر ڪري ٿو ته لکندڙ جي خيال موجب سنڌ ۾ جيڪي آريا رهجي ويا تن ۾ يا ته فطري طور ’لکڻ‘ واري صلاحيت ئي موجود ڪانه هئي، يا ته سمجهدار لڏي ويا ۽ صرف اڻ ڄاڻ سنڌ ۾ رهجي ويا. اهو ملڪ جنهن ۾ آرين کان اڳ ’لکڻ‘ جو فن موجود هجي (جيئن ’موئن جي دڙي‘ وارين لکيتن مان ثابت آهي)، ان ۾ آرين جو لکڻ واريءَ صلاحيت کان خالي هجڻ يا ان کان بيخبر رهڻ ڪيئن ٿو مڃي سگهجي! (3) ٽيون اهو نظريون ته ٻين خطن ۾ سنسڪرت ”برهمڻي ويا ڪرڻ ۽ مذهبي قيدن ۾ جڪڙجي وئي“ پر سنڌ واري سنسڪرت ”قدرتي اصولن تي ارتقا ڪندي وئي“- سنسڪرت جي ارتقا جي تاريخ توڙي ٻين ٻولين جي ارتقا جي تاريخ بابت لسانيات جي مڃيل اصولن جي خلاف آهي؛ (4) چوٿون ته ڪهڙِن علمي ثابتين جي بنياد تي ائين چئي سگهجي ٿو، يا ڪهڙي محقق ثابت ڪيو آهي ته هندستان جي ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سنسڪرت ”هڪ ڊگهي عرصي تائين محض ڳالهائڻ جي ٻولي ئي رهي.“

مسٽر سراج الحق اهي مٿيان دليل سنڌيءَ جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي جي پٺڀرائيءَ ۾ ڏيئي، آخر ۾ نتيجي طور منڍئون انهيءَ نظريي جو ئي انڪار ڪيو آهي. چوي ٿو ته ”منهنجيءَ راءِ ۾ سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ئي نه، پر سڌيءَ طرح ان جي هڪ بدليل صورت آهي“ (187)- يعني ته سنڌي هڪ پراڪرت جي حيثيت ۾ سنسڪرت مان ڪانه اسري آهي، بلڪه سندس خيال موجب خود سنسڪرت تدريجي طور ارتقاء ڪري ’سنڌيءَ‘ جي صورت اختيار ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اصليت بابت انهيءَ قسم جو نظريو بيشڪ هڪ اهميت رکي ٿو، بشرطيڪ ان کي مضبوط علمي دليلن سان ثابت ڪيو وڇي؛ پر صرف ”منهنجيءَ راءِ“ جي بناء تي ايڏي وڏي دعوا ڪرڻ، علمي ڄاڻ ۽ تحقيق جي خلاف آهي. هن وقت تائين جن به عالمن سنسڪرت کي سنڌيءَ جو سرچشمو سمجهيو آهي، تن جي ته متفقه راءِ آهي ته ٻين پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان اُسري آهي، ۽ اها ’وراچڊ اپڀرنش‘ نڪي سنسڪرت آهي ته نڪي ٻين پراڪرتن وانگر سنسڪرت مان نڪتل نج پراڪرت؛ بلڪ سنسڪرت سان نسبت واري لحاظ سان، سندن راءِ موجب، سنڌيءَ جي اها سڳي ماءُ ’وراچڊ اپڀرنش‘ هڪ نهايت بگڙيل ٻولي آهي، محض زوراوري آهي. ازانسواءِ جيستائين داردي، عربي يا ٻين ٻولين جي سنڌيءَ تي اثر جو تعلق آهي، ته مسٽر سراج الحق انهيءَ اثر کان گهٽ ثابت ڪرڻ خاطر سنڌيءَ جي ’انفراديت‘ تي زور ڏنو آهي (195، 197 وغيره)؛ البته سنسڪرت ۽ سنسڪرتي پراڪرتن سان لاڳاپي بابت سنڌيءَ جي مستقل انفراديت واري خيال کان هَٽي، ”سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت هڪ حد تائين انفرادي ئي سهي“ (178) مڃي ٿو. پر جيڪڏهن سندس اها ذاتي راءِ قبول ڪجي ته سنڌي محض سنسڪرت جي هڪ تدريجي بدليل صورت آهي، ته پوءِ، از روءِ علم لغت، سنڌيءَ جي رهي سهي انفراديت ئي ختم ٿي وڃي ٿي.

(ب) اهي دليل جن جي ذريعي سنڌيءَ جو سنسڪرت کان اڳ جي ٻولي هئڻ واري نظريي جي ترديد ڪئي وئي آهي، تن مان پهريون ۽ مکيه هيءُ آهي ته سنڌي ٻولي سامي- سٿ جي زبانن مان ناهي. رد لکندڙ جو چوڻ آهي ته اصل مضمون جو لکندڙ (ڊاڪٽر بلوچ) ۽ ساڻس هم خيال عالم ”سنڌيءَ کي سامي- سٿ جي زبان... سمجهن ٿا“ (182)، ۽ ”هنن سنڌيءَ کي عربي يا سامي تمدن جي مرهون منت ثابت ڪرڻ ۽ وس آهر سنسڪرت کان علحده ۽ نرالي ٻولي ثابت ڪرڻ کي بنهه ديني فرض ويهي تصور ڪيو آهي. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو تحقيق ۽ علم ۾ به ڌرم ۽ مذهب، شخصي پسند ۽ ذاتي لاڙن کي دخل انداز ٿيڻ ڏنو وڃي ٿو“ (182).

ذهني ايمانداري جي تقاضا آهي ته تنقيد کان اڳ ٻئي جي نقطه نظر کي پوريءَ طرح سمجهڻ گهرجي. افسوس جو رد لکندڙ نه صرف ڄاڻي ٻجهي اصل نقطه نظر کي نظر انداز ڪيو آهي، پر ان کي غلط نموني ۾ بيان ڪيو آهي. اصل مضمون ۾ ڪٿي به سنڌيءَ کي سامي- سٿ جي زبان نه سڏيو ويو آهي ۽ نه سمجهيو ويو آهي. اصل مضمون ۾ سنڌ جي قديم دور کي ”سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دور“ سڏيو ويو آهي. اصل مضمون ۾ سنڌ جي قديم دور کي ”سنڌ جي ٻوي يا ٻولين وارو دور“ سڏيو ويو آهي، ۽ صاف طور ڄاڻايو ويو آهي ته موجوده سنڌي ٻولي ان وقت ناپيد هئي. ان قديم دور ۾ سنڌ جي جيڪا به ٻولي يا جيڪي به ٻوليون هيون، انهن تي ٽن مکيه زبانن- آريائي، سامي، ۽ داردي- جا اثر پيا (ڏسو اصل مضمون، ’مهراڻ‘، 1959، جلد 8، نمبر 1، ص 135). اصل مضمون ۾ فقط ’موئن جي دڙي‘ واري قديم سنڌي تمدن جي ٻوليءَ کي ’سامي- سٿ‘ جي زبان سڏيو ويو آهي (ايضاً، ص 132). انهن صاف لفظن جو مفهو به صاف آهي. رد لکندڙ پاڻ اصل مضمون مان اهي الفاظ بيڻ جاين تي (179، 188، 190) نقل ڪيا آهن، جنهن جي معنيٰ ته اهي الفاظ پوريءَ طرح سندس مطالعي هيٺ رهيا آهن. انهيءَ ڄاڻ هوندي به ائين چوڻ ته اصل مضمون لکندڙ (ڊاڪٽر بلوچ) ”سنڌيءَ کي سامي- سٿ جي زبان“ سمجهي ٿو، هڪ الزام آهي. نه فقط ايترو، پر رسالي ’مهراڻ‘ 1959ع، جلد 8 نمبر 2-3، ۾ بلڪل وضاحت سان بيان ڪيو ويو هو ته علمي تحقيق جي بناء تي آءٌ سنڌيءَ کي سامي- سٿ جي زبان نه، پر سنڌو ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي هند- آريائين ٻولي سمجهان ٿو. انهيءَ وضاحت جي ڄان هوندي به رد لکندڙ جو چوڻ ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ ساڻن همخيال عالم ”سنڌيءَ کي سامي- سٿ جي زبان سمجهن ٿا“، هڪ صريح بهتان آهي، رد لکندڙ اهڙي الزام تي به اڪتفا نه ڪئي اهي، بلڪه مٿان ٻيو الزام مڙهيو آهي ته ”سنڌيءَ کي عربيءَ يا سامي تمدن جي مرهون ثابت ڪرڻ“ ۾ ڄڻ ”مذهب، شخصي پسند ۽ ذاتي لاڙن کي دخل انداز ٿيڻ“ ڏنو ويو آهي، ڪنهن جي نيت تي حملا ڪرڻ نه صرف علمي تنقيد جي دائري کان ٻاهر آهي، بلڪ ديانتداريءَ جي اصولن جي خلاف آهي.

مٿينءَ مکيه غلط فهميءَ جي صفائيءَ بعد، هيٺ صفحي به صفحي باقي ٻين دليلن جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي.

ص ص 189-193: اصل مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته جن ماڻهن جي تهذيب ۽ تمدن بالاخر ’موئن جي دڙي‘ واريءَ تهزيب ۽ تمدن جي صورت ۾ اوج تي پهتا، سي الهندي طرف وارن ملڪن مان آيا. اهو نظريو قديم تاريخي تحقيق جي بناء تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن موجب قديم زماني ۽ آڳاٽين قومن جون هجرتون، قديم ميڊيا (Media)، قديم آريانا، قديم عراق ۽ وچ ايشيا کان شروع ٿيون، جن جو رخ هڪ طرف يورپ ڏانهن ته ٻئي طرف هندستان ڏانهن ٿيو، جتي سنڌونديءَ جي ماٿرين تائين انهن آڳاٽين قومن جون بيٺڪون ٿيون.


[1] . ان وقت جي تاريخن ۾، جن ۾ ’فتح نامه سنڌ‘ به اچي وڃي ٿو. تيمور جي اِن دفعي جي اچڻ متعلق ڪوبه احوال موجود نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com