سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :9

سنڌ چيپٽر-1

سنڌي شاعريءَ ۾ جديديت جي کوج

 

مير عبدالحسين ”سانگي“

(1924- 1851)

ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

ڪنهن به علم بابت لکڻ مهل، ان علم سان لاڳاپيل فلسفي، منطق ۽ ٽيڪنڪ بابت ڳالهائڻ توڙي لکڻ مهل ٽيڪنيڪل لفظ استعمال ڪرڻ لازمي ٿي پوندا آهن. انهن ٽيڪنيڪل لفظن جي ترجمي ۾ وقت وڃائڻ بدران انهن کي جيئن جو تيئن استعمال ڪرڻ ئي عقلمندي آهي. اهڙا خالص علمي مقالا محض ان علم سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ هوندا آهن، انڪري اُهي عام ماڻهوءَ جي علمي دسترس کان ٻاهر هوندا آهن. مون پنهنجي مقالي ”شاعري ۽ نظريا“ ۾ اڻويهين- ويهين صديءَ جي گهڻي ڀاڱي Art ۽ Literature سان لاڳاپيل نظرين جو هڪ مختصر جائزو پيش ڪيو هو، جنهن ۾ ”جديديت جي تحريڪ“ جي ابتدا ۽ ان جي Origin جي حوالي سان لکيو هئم. جديديت (Modernism) جي تحريڪ جي ”سنڌ چيپٽر“ جي ابتدا ڪرڻ کان پهرين ڪجهه شيون جيڪي ان مقالي ۾ رهجي ويون هيون، تن جو هن مقالي ۾ ذڪر ڪرڻ بهتر ٿيندو.

اسين اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ Internet ذريعي سموري دنيا جي علم سان ڳنڍيل آهيون، انڪري اسين سڀ اهو پڻ ڄاڻون ٿا، ته هر علم جي پنهنجي هڪ ”پروگرامنگ لئنگئيج“ (Programming Language) هوندي آهي. ان ريت ادب توڙي شاعريءَ جي نقد جي حوالي سان ان جي تشريح ۽ ترويج لاءِ هڪ مخصوص اصطلاحي ٻولي هوندي آهي. ان ريت ”جديديت“ (Modernism) پڻ هڪ اصطلاح آهي. ان بابت ڳالهائيندي/ لکندي ان سان لاڳاپيل اصطلاحي لفظ اسان کي انگريزيءَ ۾ ئي اوس استعمال ڪرڻا پوندا. يورپ ۾ فرانس کان علاوه جرمنيءَ ۾ پڻ جديديت جو گهڻو چَوٻول رهيو.

 لفظ Modern 1887ع ڌاري جرمن ادب جو حصو بڻيو. جڏهن هڪ جرمن اسڪالر Eugen Wolff پنهنجي ٿيسز ۾ ان Term کي ڪتب آندو. هو  جرمنيءَ ۾ Die Modern يعني The Modern کي مروج ڪندڙن مان هو. هن لکيو (هي لکيو ان جرمن تحرير جو انگريزي ترجمو آهي):

        The Modern Literature should, with  merciless truth show people with flesh and blood and passions, Without thereby transgrossing the limits set by the work of art itself but rather indeed enhancing of art itself but rather indeed enhancing the aesthetic effect by the sheer extent of the truth to nature!

جديد ادب جو ڪم بيرحم سچاين کي پيش ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ فن (Art) کي به هٿئون ڇڏڻو نه آهي، نه ئي جمالياتي تاثر تي ڪو سودو ڪرڻو آهي. جديديت جي علمبردارن لاءِ اها هڪ ڏکي ذميواري هئي. اڻويهين صديءَ جي پڇاڙڪن ٻن ڏهاڪن ۾، برلن جي هڪ متحرڪ ادبي سرڪل Durch جديديت جي تحريڪ کي گهڻي هَٿي ڏني. جديديت جو محرڪ جذبو، ان جا اصول ۽ ان جي اسباب بابت بحثن جديديت کي اڳتي وڌايو. 1885ع ۾ جرمنيءَ جو هڪ معياري ۽ انتهائي بااثر جريدو  Die Gesellschaft نڪرندو هو. جيڪو ادب ۾ جديد تحريڪ جو هڪ اهم Organ هو. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي ”جديد جريدا“ (Modern Periodicals) نڪرندا هئا، جن جديد تصور کي قائم ڪرڻ ۽ ان کي اُڀارڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو. ائين انهن رسالن جا صفحا ماڊرن ڪنٽريبيوشن سان سٿيل هوندا هئا.  92- 1890ع ۾ ڇپيل ڪجهه تحريرن جا عنوان هئا:

        Modern aspirations

        Modern Poetry of truth

        Social Democracy and Modern

        On the criticism of Modern

        Modren Novel

1893ع ۾ ليپزگ مان Eugen Duhring جو ڪتاب .''The great of Modern'' ڇپيو.  ان سموري تفصيل ڄاڻائڻ جو مقصد محض اهو ٻڌائڻ آهي ته، اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات جي ڪُل ويهن پنجويهن سالن جي عرصي ۾ جرمن دانشورن جديديت جو سمورو سَت ڪشيد ڪري ورتو. 1904ع ۾ Samuel Lublinski جديديت جو سمورو ليکو چوکو پنهنجي ڪتاب Balance Sheet of Modern (Berlin) ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ان ڪتاب ڇپجڻ جي پنجن سالن کان پوءِ، خود Lublinski پنهنجي هڪ فالواَپ اسٽڊيءَ ۾ ”جديديت جي نيڪاليءَ“ جو اعلان ڪيو. سندس ان ڪتاب جو جرمن نالو هو Der Ausgang der Moderne جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندو: The Exit of the Modern . هي ڪتاب 1909ع ۾ ڊريسڊن ۾ ڇپيو.

سو، جديديت جي تحريڪ پورن پنجويهن سالن تائين جرمن ادب تي حڪمراني ڪندي رهي ۽ بالاخر ان تحريڪ پنهنجي طاقت وڃائي ۽ پوءِ ان جي حيثيت محض هڪ ڇُٽل ڪارتوس جيتري ئي رهجي وئي ۽ جرمن انهن ”جديدين“ مان ايتريقدر بيزار ٿيا جو جرمنيءَ ۾ محض صفت طور Modern جو استعمال به قدامت پسند، Old Fashioned ۽ بورزوازيءَ جي علامت بڻجي ويو. ان ريت جرمنيءَ ۾ جديدين جي جاءِ Expressionists اچي والاري. اهي جديديت کان پنهنجي لاتعلقيءَ جي اظهار ڪندي ان حد تائين ويا، جو هنن اظهاريو ته هو ڪيترا نه Un-Modern آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته جرمنيءَ مان ”جديديت“ (Modernism) جي تڏاويڙهه ان جو خاتمو نه هو. بلڪ حقيقتاً اها پڄاڻي Anglo- American Modernism جي شروعات هئي. اهوئي سبب آهي جو مون پنهنجي مقالي ”شاعري- ۽ نظريا“ (مهراڻ- سرءُ 2005ع) ۾ جديديت بابت اهو لکيو هو ته:

”اها ڪا هڪ تحريڪ نه هئي،  پر گهڻيون تحريڪون هيون. (ص: 108)

انگلنڊ ۾ ماڊرن يا ماڊرنزم کي ادبي لحاظ کان، هڪ پروگرام پٽاندر گهٽ ۾ گهٽ 1936- 1935 يعني ترقي پسند تحريڪ جي شروعات تائين ته ڪنهن به استعمال نه ڪيو هو. انگريز عام طرح رڳو لفظ New يعني نئون/ نئين کي ئي ان معنيٰ ۾ استعمال ڪندا رهيا هئا. ان ريت انهن وٽ صفت New سان جُڙيل ڪيترائي لفظ ادب ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. ائين ”نئين“ يا ”نئون“ (New) سان سلهاڙيل ڪيتريون ئي نيون Terminologies ٺهيون، جهڙوڪ:

New Poetry, New writings

New Spirit, New Humour, New Hedonism

شيخ اياز ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ ۾ حشوءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”هن مون کي New Writings جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا.“ اصل ۾ جديديت جي فلسفي جو سمورو زور فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ ئي رهيو. جنهن صورت ۾ انگريزن وٽ جديديت جو اصطلاح پذيرائي حاصل ڪري نه سگهيو، ته ان صورت ۾ ننڍي کنڊ ۾ ان جي پذيرائيءَ جو ان وقت سوال ئي نٿي پيدا ٿيو، ڇو ته ننڍو کنڊ سنئون سڌو انگريز جي حڪمرانيءَ هيٺ هو.

پيرس ۾ 1935ع ۾ برپا ٿيل World Congress of the Writers  فاشزم جي خلاف سڏائي وئي هئي. جنهن جو اصل پيغام هو: رجعت پرستن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ فن کي انسانيت لاءِ ارپڻ. ان ريت انهن جو سڄو زور ترقي پسنديءَ (Progessivism) تي هو ۽ سڄو ننڍو کنڊ ان وقت ترقي پسنديءَ جي بخار ۾ وٺجي ويو. اهو چئي آءٌ ترقي پسنديءَ جي اصل فلسفي کي، ان جي روح کي رد نه پئي ڪريان. ڇو ته ترقيءَ پسنديءَ جو فلسفو پنهنجي جوهر ۾ انسان دوست آهي. اهو فاشسٽ قوتن خلاف، سڄاڻ اديبن ۽ شاعرن جو هڪ بين الاقوامي محاذ هو. ٻن مهاڀاري جنگين جي هاڃيڪارين ۽ تباهڪارين، انسانيت جي وناش ۽ انساني ڪوس کي روڪڻ لاءِ، باشعور ۽ باعمل آرٽسٽن جي ٻڌيءَ جو عملي ۽ تحريري جواب هو. انهن نظرياتي اديبن ۽ شاعرن جنگ کان ۽ جنگ جي نتيجي ۾ آيل تباهڪارين کان نجات لاءِ پنهنجي تحريرن ذريعي جنگ ڪئي، انهن پنهنجي قلم کي عَلم بڻايو ۽ انهن موت جي مقابلي ۾ زندگيءَ جي نويد ڏني.

يورپ جي تاتيل نپايل اهائي ترقي پسند تحريڪ اسان جهڙن بيٺڪي راڄن ۾، سامراج جي مٿي جو سُور بڻجي وئي، انڪري ترقي پسنديءَ جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ جديديت کي هوا ڏني وئي. ائين اسان وٽ اهو Cycle ابتو هلايو ويو. يورپ ۾ رد ٿيل جديديت جي تحريڪ کي نئين مَک چَک سان پِڙ ۾ لاٿو ويو- يعني يورپ ۾ ماڊرنزم (Modernism) جي Exit کان پوءِ سموري ننڍي کنڊ ۾ ان جي re-entry لاءِ ميدان ٺاهيو ويو. ائين نئين ٺهيل ملڪ جي واڳ ڌڻين کي ترقي پسنديءَ جي ”ٻائوءَ“ کان بچايو ويو.

تنوير عباسيءَ پنهنجي مقالي ”جديد سنڌي شاعري“ ۾ جديديت بابت چيو آهي:

”.....جيتوڻيڪ ان جو ٻج گهڻو اڳ ۾ پوکجي چڪو هو.“ (سوکڙي- ص: 137)

اهو ”گهڻو اڳ“ ڪيترو  گهڻو اڳ هو؟ هو ان جو تعين نٿو ڪري. انڪري ان جو تعين اسان کي پاڻ ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي ان ”نئين“ جي کوج اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان ئي ڪرڻي پوندي. ڇو ته بين الاقوامي سطح تي ايندڙ سمورين تبديلين جو اثر ان وقت جي سنڌ تي اسان کي چِٽو نظر اچي ٿو. اسان جي اديب ۽ شاعر شعوري سطح تي ان کي نه رڳو محسوس ڪيو، پر تخليقي طور ان کي اختيار پڻ ڪيو. ان ريت ان نواڻ ۽ تبديليءَ جا پَرُون تڏهن کان ئي پون ٿا. بهرحال اسان کي جيڪڏهن ان ”نئين“ کي ”گهڻو اڳ“ تلاشڻو آهي، ته ان نئين جي تلاش اسان کي مير عبدالحسين سانگي ۽ مرزا قليچ بيگ کان ڪرڻ جُڳائي، جيڪي پنهنجي دور جا نؤپسند، سماجي تبديليءَ جا شيدائي، روشن خيال ۽ ماڊرن شهري جوان هئا. ان ڏس ۾ اول مير عبدالحسين سانگي.

مير عبدالحسين سانگيءَ جي ابتدائي زندگي بنگال جي حسين وادين ۾ هڪ بنهه مختلف ماحول ۾ گذري. مير عبدالحسين سانگي پنهنجي اَڍَ کان ئي هڪ روشن خيال شخص هو. هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي ان نئين تبديليءَ جا ابتدائي اهڃاڻ ملن ٿا. سانگي پنهنجي دور جي ٻين شاعرن کان مختلف ۽ منفرد روايتن کي جنميندڙ آهي. هن پنهنجي دور جي مُدي خارج روايتن کي ٽوڙيو. هن پنهنجي دور جي شاعريءَ کي هڪ نئين تازگي بخشي. هن جي ٻوليءَ جي شگفتگي ۽ نغمگيءَ ۽ احساس جي تازگيءَ خود هن جي غزل کي منفرد حيثيت عطا ڪئي:

جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا
چپ چاشنيدار چکائي ويا، سُتي سورن کي ته جڳائي ويا..
 

اڃان هاڻي هتي هئا يار پرين،، دلبند سڄڻ دلدار پرين،
غمخوار مٺا منٺار پرين، جي پيچ پيارل پائي ويا.
 

هتي دردن جا ته دڪان هئا، هِت سُورن جا ته سامان هئا
وڏا شوخن جا هت شان هئا، سي هاڻي ماڳ مَٽائي ويا..
                                  (ڪليات سانگي- ص7)

مير عبدالحسين سانگيءَ جي غزلن ۾ ”رومانويت ۽ سنڌيت“ جو هڪ يگانو رنگ آهي. اهي رنگ جيڪي تنوير عباسي 1960ع ۾ جديد سنڌي شاعرن ۾ پَسي ٿو. اهي سمورا رنگ 1960ع کان، تقريباً مُني صدي پهرين، مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ موجود هئا. هن جي شاعريءَ جو مزاج  ۽ لهجو سليس ۽ سادو، وڻندڙ ۽ نرم آهي:

ڪڙن سان ڪجن مَر ڪَڙائي جون ڳالهيون
مِٺن سان ڪجن پر مِٺائي جون ڳالهيون
اسان ساڻ ڪر آشنائي جون ڳالهيون
اي سهڻا سڄڻ ڪر سچائي جون ڳالهيون
مناسب نه آهي مٺا جي ڪندين تون
وفادار سان بي وفائي جون ڳالهيون.

(ڪليات سانگي، ص: 46)

اسان جو عشق ٿيو اظهار، پنهنجن ۾ پراون ۾
اسان جو نينهن ٿيو نروار، پنهنجن ۾ پراون ۾
نه هلجي ناز ۽ انداز جي رفتار نازڪ سان
سڄڻ سهڻا ڪري سينگار، پنهنجن ۾ پراون ۾.

(ڪليات سانگي، ص: 141)

سانگيءَ جي شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو ڳُڻ هن جي انفراديت آهي. هن جي شاعري Poetic-emotion سان ڀرپور آهي:

عمر ساجهر مون سي سنگهار ساريا
گهنگهر جن ري مون آهن ڏينهن گهاريا
عمر تنهنجا ڏسي هت باغ بنگلا
نڌر ناهينِ ويڙهيچا وساريا
ٿي ڀانيم تان ڪُٺيءَ جي من لهن ڪر
مون پائر پار جا پانڌي نهاريا.

هونئن ته سانگيءَ جا غزل هڪ منفرد حيثيت رکن ٿا. پر هي ته بنهه حيرت انگيز غزل آهي. هن غزل جو خيال، فڪر، ٻولي، تجنيس حرفي، موضوع، ڪردار، قافيا، نج سنڌي رڱ ۾ رڱيل آهن. اسين دعويٰ سان چئي سگهون ٿا ته: سانگيءَ ته غزل جو مزاج ئي بدلائي ڇڏيو.

سانگيءَ نه رڳو غزل لکيا، پر هُو هڪ خوبصورت ڪافي گو شاعر پڻ آهي:

سور ڪنهن کي سلجن ڙي ميان، مارو ٿيم ملير ۾
لوئي لاکي سر تي اَلا، پَٽ پري پلجن، ڙي ميان
ميرا ماروئڙن ڏي اَلا، حال وٺي هلجن ڙي ميان
”سانگي“ صدقو سِر ڪجي الا، مارو جي ملجن ڙي ميان

(ڪليات سانگي، ص 377)

 هر نئون نسل پاڻ سان هڪ نئون تجربو ۽ هڪ نئين تبديلي آڻي ٿو. پر شرط انهيءَ سان ته هن وٽ نئين جو شعور به هجي ۽ ان سان گڏ هن وٽ علم ۽ آگهي به هجي. ان نئين شعور ۽ نئين آگهيءَ جا اولڙا اسان کي ميرعبدالحسين سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ جابجا ملندا. سنڌي غزل جي هن حسين شهزادي زماني جون زوراوريون به ڏٺيون، ته هن نوان شيطان ۽ نوان شَر به ڏٺا. هن انهيءَ ماحول“ منظر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورتيءَ سان چِٽيو آهي. اسين پوري يقين سان چئي سگهون ٿا، ته سانگي اڻويهين- ويهين صديءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن نه رڳو مسلسل غزل لکيا، پر جنهن نظم جي موضوع کي غزل ۾ سمايو. هو پنهنجي غزل جي هڪ سِٽ ۾ غزل کي ”نظم“ ئي چئي ٿو. سانگي پنهنجي ان غزل کي هيئن نظم ڪيو آهي:

ڏيکاري ٿو زمانو زوراور ذري ذري
شيطان نوان، شرير نوان، شر نوان نوان
رد قاعدا قديم ٿيا، قانون ساز ڪيا
ڪورٽ نئين، وڪيل نوان، وَر نوان نوان
هن نظم منهنجي جو ڏسي ٻيو جُلد چيو ”گدا“
”ديوان سانگيءَ“ جا ٿيا دفتر نوان نوان!“

(ڪليات سانگي، ص 216)

سانگي ان غزل ۾ زوراور زماني جي زوراورين کي ڏيکارڻ لاء ”نوان شيطان“ ۽ ”نوان شر“ جا نوان اهڃاڻ آڻي ٿو. ”نئين زماني“ ۾ ”قديم قاعدن“ جي رد ٿيڻ کان ويندي، نئين دور جا ”نوان ور وڪڙ“ وجهڻ لاءِ هن کي ان دور ۾ ”ڪورٽ نئين، وڪيل نوان ته وَر به نوان نوان“ ٿا نظر اچن. پنهنجي دور جي ان نئين ٽڪساٽ کي وائکي ڪرڻ لاءِ سانگي خود پنهنجي شاعريءَ جا دفتر به نوان تحرير ڪري ٿو.

سو هن وٽ موضوعن جي فراواني ۽ ندرت به آهي. هن نئين دور جون نيون ڳالهيون ئي رڳو نه ڪيون پر هن پنهنجي ”ڪلاسيڪي ورثي“ کي پڻ سنڀاليو. هن نه رڳو ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن جهڙوڪ: بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نهايت ڪمال ۽ ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو. ان سان گڏوگڏ هن ان دور جي نج سنڌي ٻوليءَ کي نهايت فنڪارانه انداز ۾ پنهنجي تخليقات ۾ سموهيو. هن ڪلاسيڪي دور جي ڪردارن کي نئين رنگ ۾ نروار ڪيو. هن ”مارئي“ کي ”وطن جي حب“ لاءِ هڪ سگهاري اهڃاڻ (Symbol) طور استعمال ڪيو. سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ موجود ترنم ۽ موسيقيت هن جي شاعريءَ کي هڪ منفرد ۽ نمايان حيثيت عطا ڪري ٿي. سانگيءَ جو هي مسلسل غزل پنهنجي موضوع توڙي خيال، ٻوليءَ جي حسن سان گڏوگڏ بحر وزن جي پختگي ۽ ان ۾ سمايل موسيقيت جي ڪري هڪ اعليٰ حيثيت رکي ٿو. ان ۾ سمايل ”سنڌيت جو هڳاءُ“، غزل جي حُسن کي بي مثال بڻائي ٿو:

”عمر پائر جي پاسي جي پَهون چارينِ پهنواريون
سِڪن سارن سدائين مون کي سي سرتيون وَڙن واريون
وطن کي ڪيئن وساريان، ڪيئن وساريان آءٌ وطن وارا
نه وسري ويڙهه، وسرن ڪين ٿيون، ويڙهيچيون ويچاريون
اسين ماڻهو سڱر، سائون، مُنگها مکڻي کِليو کائون
ڦِٽن ڦوٽن مان ڇا ڄاڻون، سڃاڻون ڪين سوپاريون
ڀِٽن ۾ پاڪ پائر جي، پهن کي چاهه مان چاريون
وطن رشڪ چمن ٿئي ٿو، جڏهن باران رحمت ٿئي
هتي گلزار  ۾ آهن جي رنگارنگ گُلڪاريون.

اسين ڍاٽي سدا ڍٽ ۾، ڏکيو ڏهلو گذاريون ٿا
ڀِٽن جي ڀر تي ڀونگا جوڙي، ڳوٺن کي ڏيون ڳاريون
چَڙيون چوطرف چُونگارينِ وڻجارن جي ويڙهي وٽ
وَڻن سي، جي وڻن ۾ ويڙهه جي، لاتيون ٿيون ڪن لاريون.“
                        (ڪليات سانگي، ص: 146)

هن غزل جو اَڇوتو موضوع، خوبصورت منظرنگاري، ٺيٺ سنڌي ٻولي، ان غزل جي لئي، نغمگي ۽ رواني، نِج سنڌي قافيا: پهنواريون، واريون، ويچاريون، تاريون، سوپاريون ۽ ڳاريون، لاريون.... غزل ۾ سنڌيت جو هڳاءُ ڀرين ٿا. غزل ۾ فطري نموني موجود تجنيس حرفيءَ جو حسن، سٽن جي چُست بندش ۽ تخيل جو حسن ان غزل کي هڪ منفرد حيثيت عطا ڪري ٿو. سانگي ”لاتيون ٿيون ڪن لاريون“ چئي هڪڙي بيجان شيءِ کي  فطري منظر جو جاندار حصو ٿو بڻائي ڇڏي. ميرعبدالحسين سانگي سنڌ جي حسين منظرن کي جنهن خوبصورتيءَ سان منظوم ڪيو آهي، سو حيرت انگيز آهي. سانگي، جو خود هڪ انگريز عورت جو پُٽ هو ۽ اڳتي هلي پاڻ به هڪ انگريزياڻيءَ سان پرڻيو هو، سو ان اڌ انگريز سنڌيءَ جي سنڌي ٻوليءَ تي دسترس حيران ڪندڙ آهي. اهو سڀ سنڌ سان هن جي اٽوٽ ۽ اٿاهه  محبت جو چِٽو ثبوت آهي.

هتي آءٌ وري به تنوير عباسيءَ کي Quote ڪرڻ چاهينديس ته:

”اڄوڪو شاعر سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز ۾، انفرادي ذاتي مشاهدي احساس ۽ فڪر سان، وڻندڙ ۽ پياري لهجي ۾ پنهنجي ئي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار، مٺي موسيقي ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري. جنهن به شاعر جي شعر ۾ مٿيون خاصيتون نظر اچن، بنا هٻڪ جي سمجهو، ته اهو جديد شاعر آهي.“                                                       (سوکڙي، ص: 145)

سو، اسين بنان هٻڪ جي سانگيءَ کي ”جديد شاعر“ سمجهون/ چئون/ مڃيون ٿا. سانگيءَ جي وسعت نظري هن کي جديد آگهي ۽ شعور عطا ڪيو. انڪري ئي هن جي شاعريءَ جو ڪئنواس وسيع آهي. هو منفرد روايتن کي جنميندڙ آهي ۽ پنهنجي دور جي نئين عصري تقاضائن جو علمبردار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ انوکي تازگي، جدت ۽ جوش آهي. هو بلاشبه ويهين صديءَ جو هڪ وڏو شاعر آهي، جنهن سان ڪوبه برميچي نٿو سگهي. ڪشنچند بيوس سانگيءَ جي شاعريءَ جي مڃتا هئين ڪري ٿو:

”سانگيءَ جو شعر، آڪاس ۾ تارن جي
جهرمر سان سينگارڻ جهڙو آهي.“

(ڪليات بيوس- ص: 23)

مير عبدالحسين سانگي يقيناً ويهين صديءَ جو هڪ بيمثال شاعر آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي جيد عالم ”ڪليات سانگيءَ“ جو مقدمو وڏي عرق ريزيءَ سان لکيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ ان دور جي شاعريءَ ۾ سانگيءَ کي قدماء واري دور کان پوءِ رکيو آهي. قدماء واري دور جو سرواڻ خليفو گل آهي جنهن فني طور ’نِج سنڌي غزل‘ کي جنم ڏنو.“ (ڪليات سانگي، ص: 60)

ڊاڪٽر بلوچ سانگيءَ جي سن جي شاعرن کي ”وچين دور“ ۾ آڻي ٿو. هو لکي ٿو:

”سندن دور ۾ ’سنڌي ماحول‘ وڌيڪ روشن ٿيو.“  هن دور جي نمائنده شاعرن ۾ مير عبدالحسين سانگي به آهي ته مرزا قليچ بيگ به آهي. ڊاڪٽر بلوچ سانگيءَ جي ساراهه ڪندي هن کي ”عالم شاعر“ به چئي ٿو:

”سانگي عالم شاعر هو ۽ کيس معلوم هو ته شعر ۽ شعر جي زبان بابت علمي ۽ فني ڄاڻ شاعرانه لياقت لاءِ هڪ بيش بها سرمايو آهي. مگر پنهنجي نفسياتي ۽ احساساتي شعور کيس اهو پڻ محسوس ڪرايو ته اعليٰ شاعريءَ جي حقيقت ’اُلهامي‘ آهي، ۽ ان لحاظ سان شاعري محض علم جو نتيجو ناهي. بلڪ ’عطا الاهي‘ آهي.“

                         (ڪليات سانگي، ص: 72)

ڊاڪٽر بلوچ سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ مقامي ماحول، نج سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جي استعمال ۽ هن جي اسلوب بيان کي ساراهيندي لکي ٿو:

”انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته نج سنڌي اصطلاحن ۽ محاورن جي استعمال سان سانگي روايتي غزل کي صحيح معنيٰ ۾ ’سنڌي غزل‘ بنايو.“

                           (ڪليات سانگي  ص: 76)

غزل جي جنهن رنگ کي ستر جي ڏهاڪي ۾  امداد حسينيءَ ”ڌرتيءَ“ ۾ ڇپيل شيخ اياز جي اڀياس ۾ ”گيڙو ويس غزل“ چيو هو. ان ”نج سنڌي غزل“  جي ابتدا سانگيءَ کان به اڳي ڪڏهوڪو ٿي چڪي هئي.

سانگيءَ جي شاعراڻي شخصيت جي تعمير ۾ هن کي مليل ڏکن جو وڏو هٿ آهي. سانگيءَ پينگهي ۾ ئي سور پرايا هئا. سانگي ڇهن ڏينهن جو هو ته سندس جيجل ماءُ گذاري ويئي. ڇهن سالن جو هو ته جلاوطنيءَ جي عالم ۾ سندس پيءُ پنهنجي ئي گوليءَ جو شڪار ٿيو. انڪري سانگي سدائين پاڻ کي ”ڇٺيءَ جا ڇورا“ چوندو هو. لطيف سائينءَ وانگر هو به ڦوهه جوانيءَ ۾ عشق جي اري ۾ اچي ويو. مهراڻي جي ڪيٽيءَ ۾ شڪار ڪندي، سانگي پاڻ شڪار ٿي ويو:

”پاڻ آهيان شڪار ٿيو هاڻي
سانگي ڪهڙو وڃي شڪار ڪريان!“

مير عبدالحسين سانگيءَ جي چاچي مير حسن علي خان جنهن سانگيءَ کي پنهنجي پٽن جيان پاليو هو، سو ان عشق جي وچ ۾ ديوار ڪونه بڻيو ۽ حاجران، نوريءَ وانگيان سنڌ جي هزهائينس مير عبدالحسين سانگيءَ جي حويليءَ جو سينگار بڻي. پر ويريءَ وقت وٽ سانگيءَ لاءِ سُورن جا ڪي اڻميا خزانا هئا ۽ سانگيءَ کي حاجران بيبيءَ جي ڪمهلي موت جو ڏک به سهڻو پيو:

”سچ آهي سنگ سخت کان انسان سنگ دل
جن ريءَ نه دم سريو ٿي، سو سانگي سريو سريو“

جن ريءَ دم نٿي سريو- جو سانگي هر جمعي جي رات ڀٽ شاهه سلامي ڀرڻ ويندو هو ۽  محفل سماع ۾ شريڪ ٿيندو هو، سو حاجران کان سواءِ سندس دم سريو- پر ڪيئن سريو؟ سانده ٻه سال سانگي ان صدمي ۾، سُوءَ ۾ گذاريو. اُٿاهه درد جي انهن سالن ۾ سانگيءَ جي دُک جو درمان انهن ”ڪافين“ ڪيو- جيڪي سانگيءَ انتهائي درد، فراق ۽ سوز جي عالم ۾ چيون. سانگيءَ جون پُرسوز سريليون ڪافيون ٻڌي، اندر اڌ ٿيو وڃي. جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته سانگي پنهنجي دور جو ڪافيءَ جو پڻ تمام وڏو شاعر آهي.

سانگي ستاويهن سالن جي عمر ۾ ٽنڊي الهيار جي سول سرجن ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. بيبي بلقيس هڪ پڙهيل ڳڙهيل، بااخلاق ۽ باشعور خاتون هئي. هن سٺي نموني سانگيءَ جو گهر ٻار سنڀاليو. هوءَ سنڌي ٻولي سکي ۽ ائين هن سانگيءَ جي علمي ادبي ذوق جو ساٿ ڏنو. هوءَ مهراڻن جي ڪيٽيءَ ۾ شيل شڪار ۾ پڻ سانگيءَ سان گڏ هوندي هئي. هن خاتون پنهنجي سگهڙاپي سان مختصر آمدنيءَ مان به عزت آبروءَ سان گذارو ڪيو ۽ سانگيءَ کي گهرُو سُک ۽ سُڪون مهيا ڪيو. سانگيءَ کي انگريز سرڪار فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا هئا. هو ان دور ۾ هزار رپيا ڏنڊ ۽ ٻه سال سزا ڏيڻ جو اختيار رکندو هو. پر هو ايڏو ته رحمدل هو، جو هن ڪڏهن ڪنهن کي سزا نه ڏني، بلڪ هو ڌرين جو سدائين ٺاهه ڪرائي ڇڏيندو هو. جيتوڻيڪ هن جي زندگيءَ جا پڇاڙڪا سال ڏاڍي تنگدستيءَ ۽ مشڪل ۾ گذريا. پر هن پنهنجي مئجسٽريٽيءَ جي پاور کي پئسا ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن استعمال نه ڪيو. شاعريءَ سان هن جي شغف جو اهو عالم هو، جو هو پنهنجي ڪورٽ جا آرڊر به شاعريءَ ۾ لکندو هو.

شعر شاعريءَ جون محفلون منعقد ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ سانگيءَ جا محبوب مشغلا هئا. مير عبدالحسين سانگي جنهن شهزادن وانگر زندگي گذاري- سندس چاچي مير حسن علي خان کيس پنهنجو پٽ ٿي ڀانيو، تنهن جي وفات کان پوءِ مير حسن علي خان جي سموري ملڪيت ڪورٽ سندس ڀيڻ کي ڏني، جنهن ڪورٽ ۾ اهڙي دعويٰ دائر ڪئي هئي. مير عبدالحسين سانگي پنهنجي پڦيءَ ڏانهن وڏي ظرف جو مظاهرو ڪيو. خود اهو ڌڪ مير عبدالحسين سانگيءَ لاءِ جهڙوڪر ميرن کان بادشاهيءَ کسجڻ واري واقعي جو ورجاءُ هو.

هن جي غيوريءَ هن کي غربت ۾ به غير ڏانهن ڏسڻ نه ڏنو. هن جي اخلاق  جي عظمت سندس شعر جي ان انداز تخاطب مان ڪري سگهجي ٿي، جڏهن هو وڏي مانَ ۽ مريادا مان ”اي غريبو!“ چئي غريبن سان ائين مخاطب ٿئي ٿو- ڄڻ چوندو هجي ”اي شهنشاهو!“

اي غريبو! نه غير ڏي ڏسجي.
حال غربت ۾ ڀي غيور آهيان!

(ڪليات سانگي، ص 47)

سانگي هڪ باوقار، خوددار ۽ وضعدار شخص هو. سانگيءَ جي شاعري هن جي زندگيءَ جي تجربن جو سَت آهي. هن پنهنجي سموري دور جي ڀڃ ڊاهه کي ڏٺو هو. هن ”وطن ۾ فساد“ کي ڏسي اکيون ڪونه ٻُوٽيون، ڇو ته هن ”غريب الوطنيءَ“ جو ڏک به ڏٺو هو:

”ڇو غريب الوطن نه ٿئي سانگي
ٿو ڏسي پيو وطن ۾ آهي فساد!“

 (ڪليات سانگي ص:  )

سانگيءَ جي دور  ۾ ادبي ماحول ۾ پڻ تبديلي آئي. سانگيءَ جهڙن سڄاڻ شاعرن نوان ۽ ڪامياب تجربا ڪيا. هن شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. هن جو غزل عروض تي پڪو پختو آهي. هن جون ڪافيون راڳ ۽ راڳڻين تي آڌارڪ آهن. جنهن مان هن جي راڳ ۽ موسيقيءَ مان واقفيت پڻ پڌري ٿئي ٿي. هن، ڪامياب بيت پڻ لکيا ۽ ٽيهه اکريءَ جي صنف کي نهايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو. انهن صنفن ۾ هن ڇند جي وزن کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. ”ٽيهه- اکري“ جي صنف هن سموري خطي جي، سنڌي ۽ سرائيڪي شاعريءَ جي هڪ مختلف ۽ منفرد صنف آهي. هڪ خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ صنف آهي، جنهن ۾ شاعر ڪنهن به موضوع کي قلمبند ڪري سگهي ٿو، ڪنهن به جذبي ۽ احساس کي اکر-وار اُکيلي سگهي ٿو:

’ميم‘ محبت من ۾، آهي سدائين
پري وڃي ڏينهن جو، لالڻ ٿو لائين
وري وطن جي اچين، ٿورو مڃائين
”سانگيءَ“ سان سائين، گڏ گذارين ڏينهڙا.

*

’ڪاف‘ ڪريان آءٌ ڪنهن سان، هيڻو پنهنجو حال
جوڙي هنيون جيءَ ۾، جانب جَڙون جال
نڪو گُهرجي مُلڪ مون، نڪو مال منال
”سانگي“ سندم شال، جانب اچي جُوءِ ۾.

(ڪليات سانگي، ص: 414)

سانگيءَ جي شاعري اصلوڪي رڱ ۾ رڱيل، رچيل، پچيل ۽ سچي شاعري آهي. سانگيءَ وٽ ٻوليءَ جي پختگي ۽ ان  جو خوبصورت استعمال اسان کي ملندو. سانگي بحر وزن، ڇند توڙي سُر کي مهارت سان استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ٻوليءَ کي آرٽسٽڪلي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ اٿس. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انيڪ انگريزي لفظ ڪاريگريءَ سان استعمال ڪيا آهن. جيڪا شيءِ پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان دور ۾ انگريزيءَ جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ مدغم ٿي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لڳا هئا.

سانگي نه رڳو سنڌي پر اردو، فارسي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ پڻ اعليٰ درجي جي شاعري ڪئي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سندس ڀرپور زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا، خيال، جذبا، احساس ۽ فڪر نهايت خوبصورتيءَ سان سمايل ملندا. سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ حسن ۽ عشق جي لوازمات سان گڏ، وطني ماحول، ناانصافين تي احتجاج ۽ انگريزن جي غلاميءَ خلاف احتجاج پڻ هن جي شاعريءَ جا اهم موضوع آهن.

سانگيءَ جي شاعريءَ ۾وطن پرستيءَ جا جذبا ڳُتيل ملندا. سانگيءَ جي ٻولي توڙي خيال جي بيساختگي، هن جي شاعريءَ ۾ موجود نغمگي، هن جي شاعريءَ جو خاص ڳُڻ آهي. هن وٽ موضوعن جي گوناگوني ۽ خيال جي خوبصورتي به آهي.

شاعريءَ ۾ اهڙن ئي انيڪ ڳُڻن کي ڳڻيندي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:

''Flowers Smell sweeter in the works of the poets then they do in gardens.''

گُل شاعريءَ ۾ ئي وڌيڪ خوشبو ڏين ٿا. شاعريءَ ۾ گل جي خوشبو ۽ تازگي تڏهن ئي قائم رهندي آهي، جڏهن شاعر ۾ خود سرجڻهارڪ سگهه هوندي آهي- انڪري ئي هن جي شاعريءَ ۾ گُل ڪڏهن به ڪومائبا نه آهن. مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعري اهڙي ئي سرجڻهارڪ سگهه جو ڪرشمو آهي ۽ خود ميرعبدالحسين سانگي، هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هڪ اهڙو خوشبودار گل آهي، جيڪو شاعريءَ جي اتهاس ۾ اڄ به تروتازه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com