پڙهندڙن جا خَطَ
[1]
ٽِه – ماهي مهراڻ سنڌي ادب ۾ هر دلعزيز رسالو آهي.
اُن جي لکڻين ۾ تمام بهترين مواد شامل هوندو آهي،
جنهن لاءِ نه رڳو لکندڙ مانُ لهڻن، پر پورو مهراڻ
سٿ به جس لهڻي.
مهراڻ اپريل – جون پرچو نظر مان گذريو. سوچيم ته
تقريباً سمورين لکڻين جو سرسري تنقيدي جائزو وٺجي،
اُنهن جي خامين تي ٻه اکر لکجن ته جيئن ليکڪ
پنهنجين لکڻين جي ڪمين کان واقف ٿي سگهن.
ايڊيٽوريل کان پوءِ ”وکر سو وِهاءِ“ ۾ سنڌ جي ڪجهه
ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري ڏئي، سندن شاعريءَ کان
واقف ڪيو ويو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي.
تحقيق واري پاسي سٺي محنت ٿيل آهي. هونئن به تحقيق
ڏکيو ڪم آهي، ان تي وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. ٻُٽ
صاحب 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جي لسٽ ڏئي،
ڪتابن جي اگهن ۽ پارن جي به پوري پروڙ ڏئي ڇڏي
آهي.
اشتياق انصاريءَ ”هيم ڪوٽ / جهم ڪوٽ“ تي وڏي محنت
ڪري، ان جي سمورن پهلوئن کي نروار ڪيو آهي.
”پراڻ، سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو“ ۾ مراد علي
راهمون پراڻ تي سٺي نموني روشني وڌي آهي. بئنر
جيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ”هن بهاولپور کان
کيرٿر جبلن جي قطار تائين جملي ارڙهين هنڌن تي
سنڌو نديءَ جي وهڪري جا رخ معلوم ڪيا، جن مان پراڻ
به هڪ هو. وري پراڻ جي نالي سان به ڍورا نظر اچن
ٿا: هڪ اُڀرندو پراڻ ڍورو، جيڪو ڪنري، فضل ڀنڀري ۽
نئين ڪوٽ کان ڦرندو، ٿر جي ڪنٺار سان وهي ’ونگي
پتڻ‘ وٽان لنگهي ’رهمڪي بازار‘ وٽان وهندو ’ڪڇ جو
رڻ‘ مان ٿي، سمنڊ وٽ ’ڪوري جي نار‘ سان وڃي گڏبو
هو.“
هتي هڪ ٻي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي، ته ماموئي
فقيرن جو هڪ بيت هن ريت آهي:
اچي ويجهو ماڻهئا! ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان اڏجو نجهرا.
يعني: اي ماڻهوئو! ٺٽي جي ويجهو پُراڻ جي ٻئي پاسي
گهر اڏجو. ان مان هڪ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي، ته سمن جي
دَور ۾ ٺٽي کي ويجهو به ڪا پراڻ هئي، اُن تي به
تحقيق ٿيڻ گهرجي. هڪ ٻيو ماموين جو شعر آهي، جنهن
۾ ”آر“ جو ذڪر آهي ته ”وسي وسي آر جڏهن وڃي
ڦٽندو…“ ته اهوآر به پير پٺي وٽ ضلعي ٺٽي ۾ هو.
(جنهن تي منهنجو مضمون لکيل آهي) تنهنڪري ممڪن
آهي، ته پراڻ نالي به ڪا واهڙ وسندي يا شاخ ٺٽي کي
ويجهو هجي …
مولائي شيدائي جهڙي مثالي محقق تي مخمور بخاريءَ
سٺي تحقيق ۽ محنت ڪري لکيو آهي. ساڳئي نموني مدد
علي سنڌي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر بدر اُڄڻ،
گل محمد عمراڻي، ايم. ايڇ. پنهور به پنهنجن مقالن
۾ پاڻ موکيو آهي.
هاڻ اچون ٿا شاعريءَ واري حصي تي. جيڪا به شاعري
مون کي سٺي لڳي آهي اُها مون نوٽ ڪئي آهي، پر جيڪا
شاعري دل کي ڇهي نه سگهي آهي، اُن کي مون سطح سڏيو
آهي. هونئن به شاعري اهائي آهي جيڪا دل جي تارن کي
ڇهي سگهي يا بامقصد ۽ اصلاح واري هجي، جنهن ۾
قافئي ۽ رديف سان گڏوگڏ خيال به سٺا هجن.
سرويچ سجاولي بيمار آهي، مگر سندس هيءُ نظم همت ۽
حوصلي جو ڏس ڏئي ٿو. هتي آءٌ سندس فقط هڪ بند پيش
ڪندس، جنهن مون کي متاثر ڪيو آهي:
جان نثارن جوڌن پٽن، جيجل ڪارڻ جنگيون جوٽيون
کيٽن وارن کاهوڙين اڄ کوٽن جي لئه کاهيون کوٽيون
ڌڱن جي ڌونڌاڙ وڌاهي، ڌارين ۾ ڏس ڌوڏا ڌوڏا
هن شعر ۾ ٽي سِٽون آهن. هر سِٽ ۾ تجنيس حرفيءَ جا
پنج پنج لفظ آهن. مطلب ته جيئن ڀٽائيءَ جي هر سِٽ
۾ تجنيس حرفي هوندي آهي، ائين لاڙ جي ڪجهه شاعرن
حاجي احمد ملاح، سرويچ، مجيدي، مُنشي وغيره جي
شاعري به تجنيس حرفيءَ کان خالي نه هوندي آهي.
شبير هاتف جي غزل ۽ قطعن ۾ هيٺيون شعر جاندار هو:
پٿر ته کائبا ليلائي حق جي ڳولا ۾،
ڀلا ٿئي ٿو ڪو مجنون ملامتن کان سواءِ.
ڪيڏي نه سٺي ڳالهه آهي ته حق جي ڳالهه ڪرڻ ۾ پٿر
ته ضرور وسندا، پر خاموش ٿي ويهڻو نه آهي.
مير عبدالرسول ”مير“ جا بيت سمورا هنئين سان
هنڊائڻ جهڙا آهن. انهن ۾ همت ۽ حوصلي جا بادل برسي
رهيا آهن، نموني طور هڪ بيت:
نيٺ ته ڪاري رات کي، ملي ويندي مات،
ايندي آخر اوچتو، پڌري ٿي پرڀات،
ملندي ”مير“ نجات، اوندهه انڌوڪار کان.
ارجن حاسد جي هڪ غزل مان من موهيندڙ ٻه بند:
هوائن ڏي ۽ ڪڪرين ڏي نهاري،
ڀري هوءَ جهول خوشبو سان اچي ها.
انبن جي مُند، واچوڙا لڳن ٿا،
هجي ها گڏ ته اجرڪ ۾ وڻي ها.
هنن سِٽن ۾ بهترين منظر نگاري ۽ عڪاسي ٿيل آهي.
مايا راهيءَ جي نظم ۾ ڪيترائي مشڪل لفظ آهن، جيڪي
ممڪن آهي ته هنديءَ ۾ هجن، پر اسان وٽ ورلي ڪو
سمجهندو هوندو. مثال طور ”چڪر ويوهه“ (جيڪو عنوان
آهي). ”اَڀمنيو“ ”جنماترن“ وغيره.
اياز گل جي غزل جا هي شعر:
ڌُوڙ، وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر،
هر نئين سِجَ کي سلام نه ڪر،
نوڪريءَ سان نڀاءُ ڪر بيشڪ،
سوچ پنهنجي مگر غلام نه ڪر.
اياز گل اُنهن ماڻهن لاءِ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي
آهي، جيڪي سرڪاري نوڪري ملڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهن جون ڳالهيون وساري، بلڪل پنهنجن آقائن واري
ٻولي ڳالهائڻ لڳندا آهن.
ادل سومري جو نظم ’تاريخ جي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر“
ڏاڍو متاثر ڪيو. سندس هيٺيان لفظ پڙهو:
ڏوهن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي
۽ سڀ کان وڌيڪ ڏوهه
جنگين ۽ عدالتن ۾ ٿيا آهن …
جنگ ۾ ڪتبخانا جلندا آهن!
نصير مرزا پراڻي ۽ ختم ٿيندڙ باغ واري نظم ۾ هن
طرح پڄاڻي ڪئي آهي:
سدا ديس منهنجي تي،
سورج جو پرڪاش قائم رهي
هوائن ڏِسائن ۾
دريا جي دَم سان
هي سُرهاڻ دائم رهي،
فصل ۽ نسل
مَهڪندا جُهومندائي رهن سڀ سدا.
پُراڻي اُنهيءَ باغ جان پو
کڻي مان
هجان نه هجان.
سندس اهي سٽون ابراهيم منشيءَ جي هيٺئين نظم جون
سڪون لاهين ٿيون:
نه هونديون حويليون نه هوندا هي ٿاڻا
مان هوندس نه هوندس سو پاڻا نه ڄاڻا
طارق عالم جي طويل نظم ۾ هڪ رومانس آهي. لفظن جي
بهترين چونڊيل ٿيل آهي. سندس شعر جو آخري ٽڪرو هتي
ڏيڻ چاهيان ٿو:
هر طرف هندوري
جان
ٿيون لُڏن پيون لهرون
جن ۾ خواب جاڳن ٿا
اڻ چٽن سوالن جا
سڀ جواب جاڳن ٿا
مان سمهي پيو آهيان
۽ عذاب جاڳن ٿا!
واقعي هن ڌرتيءَ جي اڪثريت پيڙيل عوام آهي، جيڪي
سمهڻ وقت به خوابن ۾ پريشاني ۽ عذاب جا منظر ڏسن
ٿا. هن شعر ۾ اجتماعي سوچ نظر اچي ٿي.
حبيب الله صديقيءَ جي غزل ۾ مون کي ٻن بندن متاثر
ڪيو، جيڪي هيٺ لکجن ٿا:
ٻَڌي ايڪتا ۾ هلي جي سگهن
وڙهن ڪين هاري ٻني موڪ تي.
جياپي جي خاطر ڏنو سر وڃي،
ڏنو جئن عنايت اڏي جهوڪ تي.
صديقي صاحب ”جياپي جي خاطر ڏنو سر وڃي“ واري مصرع
چئي وڏي ڳالهه ڪئي آهي ته سر به اُتي ئي ڏجي، جتي
ٻين لاءِ جياپو نظر اچي، يعني فائدو هجي. باقي
خودڪشين واري قرباني ڪنهن ڪم جي ناهي.
بيدل مسرور جي شاعريءَ ۾ تصور سٺا آهن، پر خيال
ٿورو منجهيل آهي:
مثال طور ڪجهه سٽون:
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو ڪوڙ جي بستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾ …
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو شهرت سستيءَ ۾
پنهنجي مستيءَ ۾ …
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو وهم جي وستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾ …
هڪڙو يار اسان جو آ،
جو گم ٿيو دولت دستيءَ ۾
پنهنجي مستيءَ ۾ …
هڪڙو يار اسان جو بيدل،
گُم ٿيو راڳ الستيءَ ۾،
پنهنجي مستيءَ ۾ …
اسان اُنهن جا، اُهي اسان جا،
هلون ڦرون سڀ هستيءَ ۾ …
هتي جيڪو ماڻهو ڪوڙ جي بستيءَ ۾ گم ٿي ٿو وڃي ۽
دولت جي لالچ ۾ گم ٿي ٿو وڃي، اهو اسان مان ڪيئن
ٿو ٿي سگهي؟ اهي ٻئي تضاد ڪيئن گڏجي ٿا سگهن؟
اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، باقي هيٺ ڏاڍي سٺي
ڳالهه ڪيل آهي ته هلون ڦرون سڀ هستيءَ ۾. يعني
جيڪي انهن شين ۾ گم ۽ گمنام آهن يا مايوسيءَ جي
ڪُن ۾ ڦاٿل آهن، اُهي سڀ پنهنجين لڪل صلاحيتن کي
اُجاگر ڪري هستيءَ ۾ هلون.
اسحاق سميجي جا غزل ڏاڍا وڻيا. هڪ غزل جا ڪجهه بند
هيٺ ڏجن ٿا:
اڌ اُگهاڙا انگ هويا ڪجهه ڪاڳر تي،
باقي هاريل رنگ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي.
هڪڙي پاسي بُک ڏٺو پئي وحشت مان،
هڪڙي پاسي سنگ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي.
گونگا گونگا منظر ها ڪجهه لاتين جا،
آوازن جا جهنگ هُيا ڪجهه ڪاڳر تي.
هڪ پاسي بک جو منظر ته ٻئي پاسي ڪاڳر تي سنگ جي
چٽسالي – اهو اسحاق سميجي جي شاعريءَ جو ڪمال آهي،
پرآوازن جو جهنگ ڪاڳر تي هجڻ واري چٽسالي ڪيئن ٿي
سگهي ٿي. آواز جو جهنگ اهو اصطلاح ته ٿي سگهي ٿو،
پر ڪاڳر تي آواز جو روپ ڪيئن چٽي سگهبو، اها ڳالهه
منهنجي سمجهه کان ڳري آهي. ممڪن آهي ته شاعر جو
خيال ٻئي نموني جو هجي، آءٌ اُن کي سمجهي نه سگهيو
هجان، پر جيئن مون سمجهيو آهي، تيئن ئي اُن تي ٻه
اکر لکيا اٿم. بخشل باغيءَ جون هي سٽون من کي ڇهين
ٿيون:
سارو عالَم ڀنل ڀنل هوندو،
لُڙڪ نيڻن ۾ تون رکي ڏسجان.
ساحر راهو غزل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هن غزل جي هر
بند ۾ هڪ درد ڪهاڻي لڪل آهي، تنهنڪري ڪوبه بند هتي
لکڻ نٿو چاهيان، ڇو ته تبصرو طويل ٿي ويندو.
اختر درگاهيءَ جي هڪ غزل جا ٻه بند:
دل دُکي آ، گهڙي گهڙي ٿي دُکي،
هُن کي چئجو اسان کي خط نه لکي،
ماڳ رُڃ جو ۽ لوڪ پٿر جو،
ڳالهه ”اختر“ جي هتڙي ڪير ٻڌي!
واقعي جتي جا ماڻهو پٿر جا ٿي وڃن، اُتي سچي ڳالهه
ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار نه هوندو آهي. اهو بند هن غزل
جو شاهڪار بند آهي، پر اُن کان مٿئين بند ۾ خط نه
لکڻ واري ڳالهه ڪري شاعر ڪجهه مايوسي جو اظهار ڪيو
آهي.
اطهر منگيءَ جي غزل جي هيٺئين مصرع ۾ ڪيڏي نه وڏي
ڳالهه چيل آهي:
احساسن جذبن کان پالها،
يارو! هوندا پاڇا آهن.
اسان وٽ اڪثر آزاد نظم بي مقصد لکيا وڃن ٿا، پر
سڀاش هميراڻيءَ جي نظم پڙهڻ سان ڪجهه آٿت ملي ٿي
ته ”اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ايئن
سمجهين مئا مور سارا!“
(اياز)
”ڪارونجهر“ نالي نظم جون ڪجهه سٽون:
جڳ مڳ جڳ مڳ ديپ ٻرن ٿا
ڏونگر سارو ڏيئي وانگي
ها پر ان جي هيٺيان جيڪي
سالن کان گگدام رهن پيا
تن جي جهوپن ۾ هريل ڇو
ڌيري ڌيري شام لهي ٿي …
هن نظم ۾ مسڪين ۽ مارو ماڻهن لاءِ درد سمايل آهي.
آصف جماليءَ جو نظم ”ڍنگر“ ڏاڍو زبردست آهي، باقي
پويان ٻه نظم سطحي آهن. ڍنگر نظم همت ۽ حوصلن جو
شاهڪار نظم آهي.
”سوز“ ٽکڙائيءَ جي شاعري ڏاڍي ڀلي هوندي آهي، پر
هتي الائي ڇو هڪ سطحي غزل ڏنو ويو آهي. هڪ بند ۾
چوي ٿو:
خود کي ڀاڪر وجهي ۽ لولي ڏئي،
پاڻ کي ڄاڻ ٿو سُمهاريان يار.
پاڻ کي ته کيس جاڳڻ کپي، سمهارڻ يعني ڪجهه نه ڪرڻ
واريون ڳالهيون شاعر ڪيئن ڪيون آهن؟
مخمور بخاريءَ جو نظم ”بک“، جيڪو بدي جي غليظ رسم
تي ۽ بک تي لکيل آهي، ايڊيٽر جي بهترين چونڊ آهي.
اسان جي سماج کي هن وقت اهڙي شاعري جي ضرورت آهي.
عزيز ڪنگراڻيءَ جا سمورا بيت اُتساهه پيدا ڪن ٿا.
ابرار ابڙي جي غزل جي سٽ ”نيڻ دريءَ مان ڇاڻي هر
هر ٿڌڙا ساهه ڀرين ٿي“ ۾ نيڻ دريءَ مان ڇاڻڻ
اصطلاح آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ ٺيڪ نه آهي، ڇو ته
دري مان نيڻ ڇڻندا ناهن، نيڻ لياڪا پائيندا آهن،
ڏسندا آهن. ها باقي نيڻن مان نظرون ڇڻي سگهن ٿيون.
نظرن جو ڇڻڻ وارو محاورو اڃا به هلي ويندو.
شبنم گل جون هي سٽون پڙهڻ جهڙيون آهن:
اونداهي نه هجي
ته ڪوئي روشنيءَ کي
ڪيئن سڃاڻي ها.
بهرحال شبنم گل جا سمورا آزاد نظم پڙهڻ لائق آهن.
اُنهن ۾ لفظن جي جادوگري ۽ جملن جو سهڻو ميلاپ
آهي.
رخسانه سومرو جو نظم ”محبت روحن جي سمفني آهي“ ۾
محبت جي وضاحت هن طرح ڪيل آهي:
”محبت روحن جو اُهو سڏ آ،
جيڪو هڪ دل مان نڪري
اکين جي پيغام رسانيءَ سان،
ٻيءَ دل ڏي پهچي ٿو.
ان مان لڳي ٿو ته محبت فقط سڄا ماڻهو ڪندا آهن
تڏهن ته اکين جو ذڪر آهي، جڏهن ته محبت انڌا به
ڪندا آهن، جيڪي ڏسي نه سگهندا آهن، تنهنڪري اُهو
روحن جو سڏ دلمان نڪري اکين جي پيغام رسانيءَ سان
گڏوگڏ ٻين حواسن ذريعي دل ڏي پهچي ٿو. جيڪي ڪن به
ٿي سگهن ٿا، ته هٿ به ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري ان
شاعريءَ ۾ هڪ سٽ جو اضافو ڪرڻ سان محبت جي وصف
پوري ٿي ويندي. ٻيو ته سمفني نئون لفظ آهي، اهڙي
لفظ جي حاشيي ۾ معنيٰ ضرور لکڻ گهرجي.
سحر امداد جا ٻه نظم ڏاڍا وڻندڙ آهن، خاص طرح ”آءٌ
اَنانءُ ٻار نمبر 81 لاءِ“ دل جي تارن کي ڇهندڙ
آهي. ”جل پري“ نظم به ’سونامي‘ جي ياد تازي ٿو
ڪري، پر جيڪڏهن مٿئين نظم سان گڏ نه هوندو ته خبر
نه پئجي سگهندي، ته اهو ڪهڙي ماجرا کي نظر ۾ رکي
لکيو ويو آهي.
امداد حسيني به سنڌ جو شاعر آهي، جنهن جا ڪجهه نظم
ڇپيا آهن، پر آءٌ اُنهن سڀني کي ڇڏي ڪري سندس هڪ
غزل جا ٻه بند لکڻ پسند ڪندس، جيڪي جاگيرداري سماج
جي عڪاسي ٿا ڪن:
مانيءَ بدران
دوکو ٿو کان،
سمجهه نه دل کي
ٺڪر جو ٿان.
اُهي شاعر، جيڪي دل کي ٺڪر جو ٿانءُ سمجهي صفا
ٽوڙيو ويٺا آهن، اُنهن لاءِ سنيهو آهي ته دل کي
مايوسين جي ڪُن ۾ نه اُڇليو، اُن کان وڏا ڪم وٺي
سگهجن ٿا.
پشپا ولڀ جي شاعري مون کي ڄڻ ڪو ’تجريدي نظم‘ لڳو.
ڪوشش ڪجي ته آسان لفظن ۽ سولي ٻوليءَ ۾ شاعري لکجي
ته جيئن عام ماڻهو به سمجهي سگهي. حبدار سولنگي،
انيتا شاهه، عطيه دائود، قادر بخش مگسي، شبير
هاليپوٽي، وسيم سومري، راشد مورائي، حميد ”شهيد“ ۽
عنايت بلوچ جي شاعري ڪجهه بهتر لڳي. ياسين چانڊئي،
ثمينه ميمڻ ۽ پيرل فقير جي شاعري ۾ فن ته هو، پر
فڪر جي مڙئي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي، جڏهن ته ڪنهن
ٻئي هنڌ سندن چڱي شاعري به نظر مان گذري آهي.
ڪهاڻين جي حصي ۾ مون کي جنهن ڪهاڻيءَ متاثر ڪيو،
اُها هئي محمد صديق منگيو جي ”اونداهيءَ ۾ لاٽ“،
جنهن ۾ هڪ عورت جي ڪهاڻي لکي وئي آهي. هونئن به
جنهن ڪهاڻيءَ ۾ تجسس ناهي، اُها ڪهاڻي دل جي
ديوارن تي عڪس نٿي ڇڏي سگهي. هيءَ سڄي ڪهاڻي سٺن
جملن سان ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ هر هنڌ موزون
چوڻيون ۽ پهاڪا به ڏنل آهن. باقي ڪجهه ڪهاڻين ته
بور ڪيو. ڪهاڻي لاءِ ضروري آهي، ته ڪو واقعو هجي،
باقي پنهنجا خيال بيان ڪري اُن جي پڄاڻي ڪرڻ کي
ڪهاڻي ته نه چئبو، جيئن عذرا سرور جون ٻه ڪهاڻيون
”سپ وانگي خالي من“ ۽
"Date Expire"
آهن. اُنهن ۾ محترمہ ڇا سمجهائڻ چاهي ٿي، اها
ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. مون کي ائين لڳو ڄڻ
پهرين ڪهاڻي ڊائريءَ جا ورق هجي. ٻي ڪهاڻيءَ کي
ڊائري جا ورق ته نٿو چئي سگهجي، پر ڪهاڻي به نٿو
چئي سگهجي. هن ڪهاڻي
Date Expire
جو پلاٽ ڪجهه هن طرح آهي، ته ٻه ڪردار ڳالهائين
ٿا. هڪ ڪردار پنهنجي دوست کي چوي ٿو ”مون کي برٿ
ڊي تي سڀني ٽيليفون ڪئي ته ڀائرن ۽ ڀينرن ڳالهايو،
پر تو نه ڳالهايو. لڳي ٿو، تنهنجي لاءِ
Date Expire آهيان، پر ڀائرن ڀينرن ۽ ٻارن لاءِ
Date Expire
نه آهيان.“ هاڻ اوهان ئي اندازو لڳايو ته اهڙيون
ڪهاڻيون سماج کي ڇا ڏيئي سگهنديون؟ اسان جا ٻار
ٻچا هجن، پوءِ به پنهنجي ور بجاءِ ’ٻئي‘ جي نه
ڳالهائڻ تي ميارن سان رسالي جو ته پيٽ ڀري سگهن
ٿيون، پر سماج ۾ تبديليءَ جون محرڪ نٿيون بڻجي
سگهن. ها باقي ليکڪا جملن جي ترتيب ڏاڍي سٺي رکي
آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سانئڻ سٺي
لکندڙ آهي. پر کيس گذارش آهي ته ههڙن معياري رسالن
۾ جيڪا شيءِ هٿ اچي، اُها نه موڪلجي ته سٺو آهي.
ساڳيو حال منظور جوکئي جي چئن ڪهاڻين جو آهي، جن
مان پهرين ڪهاڻي اٿس ”دل تي ڪريل ڳڙا“. هن ڪهاڻيءَ
۾ ٽي ڪردار آهن: هڪ ليکڪ جو پنهنجو، ٻيو سندس ماءُ
جو ۽ ٽيون محبوبا جو پلاٽ ڪجهه هن طرح آهي ته ضمير
متڪلم وارو ڪردار مينهن ۾ گهر ۾ گهڙي ٿو، ڪپڙا
بدلائي ٿو، ڊائري کڻي ٿو. ماءُ اچي ٿي، کيس چوي
ٿي، ”تون هن ڊائريءَ ۾ پنهنجي سڄي ڏينهن جي
ڪارگذاري لکندو آهين، جڏهن ته اڄ تو ڪجهه نه ڪيو
آهي، سڄو ڏينهن سُتو پيو آهين.“ هي دل ۾ چوي ٿو ته
”امان! ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه نه ڪندي به ماڻهو الائي ڇا
ڇا ڪري ويندو آ من ۾ …“ هي ٽئين ڪردار سوفيءَ کي
ياد ڪري ٿو، جيڪا سندس محبوبا آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي
هن طرح ڪري ٿو. دري کولي گئلريءَ ۾ هليو ويو. ٻاهر
مينهن جي ڦڙن سان گڏ ڳڙا به وسڻ لڳا … هن محسوس
ڪيو ڄڻ ڳڙا سندس دل تي وسندا هجن، سوفيءَ جي
جدائيءَ ۾. سوفي ڪير هئي، جيڪا هن کان نفرت ڪندي
هئي؟ اها ڇو رسي وئي؟ سڀڪجهه منجهيل لڳو. ان کي
ليکڪ چٽو نه ڪري سگهيو آهي، تنهن هوندي به ان کي
ڪهاڻيءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. پر ٻي ڪهاڻي
"One Man Show"
ته ڪهاڻي نه چئبي، رڳو هڪ ماڻهوءَ جا ڊائلاگ آهن.
پڄاڻي ڪندي چوي ٿو ته ”واقعي بک لڳي آهي، هاڻي
اسان کي رڪشا پڪڙي هلي هوٽل تي ماني کائڻ گهرجي.“
ڊائريءَ نما ڪهاڻيءَ مان ليکڪ ڇا ٿو سمجهائڻ چاهي،
اُها کيس خبر هجي، ته ٻي ڳالهه آهي، مگر پڙهندڙ ٻن
ڀيرن کان پوءِ به سمجهي نه سگهندا ته ڪهاڻي ڇا ٿي
چوي؟ پوين ٻن ڪهاڻين جي به ساڳي صورتحال آهي.
منظور جوکئي وانگر رفيق سومرو به نالي وارو
ڪهاڻيڪار آهي. سندس چڱيون ڪهاڻيون به نظر مان
گذرنديون رهيون آهن. رفيق جي ڪهاڻي ”قبرن منجهه
سُڏڪا“ سڄي خيالي ڪهاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ خيالي
ڪهاڻيءَ جو هجڻ خراب نه آهي، پر اُن جا پير زمين
تي ضرور هجڻ کپن. اُن ۾ حقيقت جو هڳاءُ ضرور هجي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ به حقيقت جو هڳاءُ ملي ٿو، پر ڪٿي
ڪٿي مونجهارا به محسوس ٿين ٿا ۽ ڪهاڻيءَ کي ڊگهو
ڪرڻ لاءِ هروڀرو به ڊيگهه ڪئي ويئي آهي. مثال طور،
”ايني بيسنت جي اکين مان آواز، اُڌما ۽ ارمان بڻجي
اُڏامڻ لڳا… هن ڪنن تي هٿ رکيا، پر آواز ڪٿان
اندران پئي آيو … ٻڌي ڇڏ ته هماليه هلي پوندو. وري
ڪڏهن نه رجندو … آبشار اُڏامي ويندا … هامان ۽
فرعون اهرامن کان اُٿي ڀڄندا. ڪلهوڙن جي قلعن مان
جيئرا لاش نڪري ڀڄندا …“ پورو هڪ صفحو ڊيگهه لڳي.
ٻيو ته اکين سان آواز جو ڪهڙو واسطو، جڏهن ته آواز
جو ڪنن سان واسطو آهي. بهرحال رفيق جي ڪهاڻيءَ ۾
هڪ پيغام آهي، جنهنڪري اُن کي مڪمل ڪهاڻي چئي
سگهجي ٿو، جنهن مان امن جو اوسيئڙو نروار نظر اچي
ٿو.
اصغر گگي جي ڪهاڻي ”خوابن جو صحرا“ يونيورسٽيءَ جي
ماڻهول تي هڪ عشقيه ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ مرد ۽
شهلا اهم ڪردار آهن. آخري سيمسٽر ۾ پيءُ اچي چوي
ٿو، ته امتحان ڏئي جلدي گهر اچ (۽ اُتي تنهنجي
شادي ٿيندي). اها ڳالهه کيس ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي، ڇو
ته هوءَ ڪنهن کي چاهي ٿي. پنهنجي دوست کي
پريشانيءَ مان چوي ٿي ته ”مان وڃان ٿي ۽ امتحان به
نه ڏينديس.“ اتي مرد ڪردار کيس ان غلط عمل کان
بلڪل ڪونه ٿو روڪي، نه ئي ڪو اهڙو اظهار ڪري ٿو،
کيس وٺي ريل تائين اچي ٿو ۽ ائين ئي ٻئي وڇڙي ٿا
وڃن. هن ڪهاڻيءَ ۾ سماج جو هڪ روپ نروار ڪيو ويو
آهي، پر هڪ تمام ننڍڙو جهول ڪهاڻيءَ جي مقصد کي
ڪجهه ڪمزور ڪري ٿو.
عبيد راشديءَ جي ڪهاڻي ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۾ مردن
جو عشقيه روپ ڏيکاريل آهي، جيڪا به سماج ۾ هڪ
حقيقت آهي. مگر ليکڪ ڪهاڻيءَ جي ڪردارن ۽ انهن جي
نفسيات کي چٽو ڪري نه سگهيو آهي.
ثمينه ميمڻ ”اندر روح هيام“ ۾ هڪ واقعي کي اهڙي
نموني فِٽ ڪيو آهي، جو کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي
نٿو سگهجي.
ولي رام ولڀ جي ترجمو ڪيل ڪهاڻيءَ مان پيغام مليو
ته ڪنهن به گهر کي هلائڻ ڪنهن هڪ جو ڪم نه، پر
ٻنهي جو ڪم آهي. ٻئي جڏهن ٻارن تي ڌيان ڏيندا تڏهن
ئي اُنهن جي تربيت ٿيندي، تنهنڪري ڪهاڻيءَ جو
پيغام به چٽو آهي.
”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ ۾ مشتاق ڀرڳڙي، اسحاق سميجي
جي شاعريءَ تي لکيو آهي، جيڪو پڙهي خوشي ٿي، ته
تعريفي جملن بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي تنقيد به ٿيل
آهي.
يوسف سنڌي ۽ عنايت الله عباسي لکڻ ۾ چڱي محنت ڪئي
آهي. ان کان سواءِ ٻين لکڻيون به بهتر لڳيون. آخر
۾ جس هجي اداري جي دوستن کي، جيڪي اهڙين لکڻين هٿ
ڪرڻ ۾ مشغول آهن. آئندي به وقت مليو، ته مهراڻ جي
لکڻين تي ٽيڪاٽپڻي ڪندو رهندس.
- محمد مارو خشڪ
[وَر – ضلعو ٺٽو]
* * * *
[2]
ٽه – ماهي مهراڻ ۾ آندل ڪجهه تبديلين ۾ ڪافي نواڻ
موجود آهي. محمد صدي منگئي ۽ پير عبيد جي ڪهاڻين
پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏيو. ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ ۾
مشتاق ڀرڳڙيءَ طرفان هڪ بحث کي ڇيڙڻ جي سٺي ڪوشش
ڪيل آهي، جنهن لاءِ پڄاڻيءَ تي چيف ايڊيٽر
(اعزازي) مانواري امداد حسينيءَ ڪجهه وضاحتون ڪيون
اهن ۽ ڪجهه شيون مضمون جي مرڪزي ڪردار اسحاق سميجي
لاءِ ڇڏيل آهن.
ساحر راهو
* * * *
[3]
ٽِه – ماهي مهراڻ (سرءُ) 2005ع نظر مان گذريو.
پرچو، ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل سميت ٺيڪ هو، پر ان جا
پنا / اڳين پرچن جي ڀيٽ ۾ سستا آهن. اداريو ٺيڪ
هو.
نثر ڀاڱي ۾ طارق عالم توڙي سانول جون ڪهاڻيون به
ٺيڪ هيون، البت سانول جي ڪهاڻي فارميٽ کان ڪجهه
مختلف لڳي. ماهتاب محبوب جي ڪهاڻي ’ڀَل ڪُليري
ڀاڄائي‘ تمام سٺي ۽ طنزيه سماجي ڪهاڻي هئي، جيڪا
سندس سڃاڻپ رهي آهي.
شعري ڀاڱي ۾ امداد حسيني، اسحاق سميجي، راشد
مورائي، ڪرم ٽالپر، امر سنڌو، انيتا شاهه، وسيم
سومري، عزيز ڪنگراڻي، ملهار سنڌي، فراق هاليپوٽي،
نثار منصور ۽ سحر امداد جي شاعريءَ ۾ زندگي نظر
آئي ۽ سچ پچ ته ٽه – ماهي مهراڻ شاعريءَ جي چونڊ
جي حوالي کان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ لاجواب رسالو آهي.
مراد علي مرزا جو ناول ’سامي سج وڙاءُ! شاهه لطيف
جي زندگيءَ تي لکيل هڪ شاندار ناول آهي، جيڪو گهڻا
سال اڳي علي احمد بروهي جي مخزن ’لطيف ڊائجسٽ‘ ۾
ڇپجندو هو. سحر امداد جو تحقيقي مضمون ”شاعري ۽
نطريا“ به وقتائتو هو. باقي ڊاڪٽر ٻُٽ جو مضمون
’سنڌي ڪتابن جو جائزو‘ تمام گهڻو طويل آهي. اهڙا
ڪجهه ٻيا به سلسلا آهن، جن تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي.
باقي سلسلن ۾ ڪتابن تي تبصرا، خطن جا جواب ۽
سفرنامو پڻ پڙهڻ جهڙا هئا.
- رئوف عباسي
[لاڙڪاڻو – سنڌ]
* * * *
[4]
توهان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، دل کي ڏاڍو سڪون
۽ آٿت مليو. ڪي ڏينهن ۽ انهن جا نقش ذهن تي تري
آيا ۽ منهنجو من ماضيءَ جي گهرين کاهين ۾ هليو
ويو. لطيف چواڻي ته ”ڏٺي ڏينهن ٿيام …“ ڪاش زندگي
هلندڙ سفر ته هجي ها، پر اها هڪ شاعرانه تعلي آهي.
زندگي ته وقت جي پرن تي سوار آهي. وقت جيڪو پنهنجي
رنگن ذريعي پنهنجا نقش ڇڏي ٿو، گذري ٿو يا نٿو
گذري؟ اهو وڏو فلسفو آهي. (ان تي به لکيو اٿم)
باقي ضرور چئي سگهجي ٿو ته اسين وقت جي پولار مان
گسندا، پيسندا گذرندا پيا وڃون ۽ ائين اسان جو
وجود وقت جي پُڙن ۾ پيسجي پنهنجي وجود جي هيئت
مٽايو وري ٻي صورت وڃيو اختيار ڪري، جنهن جو
انساني فهم ۽ ان جي دائرهء شعور ۾ اچڻ ناممڪن ته
نه، پر انتهائي ڏکيو ضرور آهي.
عمر ويئي گذري پورو نه هڪ ورق ٿيو. رب جي ذات
رحيمي جا وڏا ڪرم، جنهن مون کي وري به زندگي بخشي،
جو اڄ اوهان سان مخاطب آهيان. مطالعو جاري آهي ۽
لکڻ به. گهڻو ڪجهه لکيو اٿم. لطيف تي، تصوف تي،
تاريخ تي، فلسفي تي. بهرحال ڪوشش اهائي آهي ته ڪو
سڦلو ڪم ڪجي. هڪ مقالو موڪليان ٿو. هيءَ هڪ تحقيقي
ڪم جي ابتدا آهي. سنڌي قوم جي بڻ بڻياد ۽ ان جي
تاريخي حيثيت ۽ ٻوليءَ تي وڏي ڪم جي ضرورت آهي.
مون کي اميد آهي ته انهي ڏس ۾ منهنجي ڪيل اڀري
سڀري ڪوشش کي پسند ڪندا.
- محمد حسين ڪاشف
[چمبڙ، سنڌ]
* * * *
[5]
اڃا ”ٿورو ٿورو“ شهيد آهيان، ”پورو“ شهيد ٿيڻ ۾
شايد اڃا ڪجهه ڏينهن لڳن. هن دفعي ته موت جي منهن
مان بچي نڪتو آهيان، شايد ڌڻي سائين اڃا مهلت پيو
ڏئي. ڇا جي؟ گناهن جي، ثوابن جي، لکڻ جي يا پڙهڻ
جي! منهنجي صحت به پوري سوري آهي، پنهنجي ابتي
سبتي شاعريءَ وانگي منهنجي غزل جي باري ۾ اوهان
ڪابه راءِ (چڱي يا مٺي) نه ڏني آهي. نظم تي ڌيان
ڏيڻ واري صلاح به سٺي لڳي. هن سان گڏ نظم موڪلي
رهيو آهيان.
هي شعر شايد منهنجي حسبِ حال آهي:
هجان تنها، هجي ميڙو، رهي ٿو جيءُ سان جهيڙو،
ڪڏهن امن آشتي آهي ته تنهنجي ئي ڪري آهي.
هن شعر مون کي ڪافي اُتساهيو آهي لکڻ لاءِ. امن و
آشتيءَ جي ترڪيب تمام سهڻي ٿي لڳي. جيتوڻيڪ استاد
انِ ادب ان تي اعتراض به ڪري سگهن ٿا ته واء عطفي
فقط ٻن عربي يا فارسي نسل جي لفظن کي جوڙڻ لاءِ
جائز آهي، جڏهن ته لفظ ’آشتي‘ شايد هندي نسل جي
پيدائش آهي. والله اعلم.
مگر هن شعر ۾ واء عطفي کي لڪائي خفي ڪري توهان هڪ
نئين خوبصورت ترڪيب جوڙي آهي. بلاشڪ استاد شاعر ئي
زبان کي سليقو ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سائين شبير
جي گهر جا مشاعرا وسرڻ جوڳا ناهن ۽ هن مشاعري ۾
شريڪ نه ٿيڻ جو مون کي سدائين افسوس رهندو. اوهان
مون کي نثر ۾ لکڻ جو به حڪم ڏنو آهي، اهو به اکين
تي ۽ ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي.“ (شاهه)
اوهان اڳ ۾ ادل سومري جو ڪتاب ”وساري نه ڇڏجو“
تبصري لاءِ اماڻيو هو. ضروري نوٽس وٺي رکيا اٿم.
مگر ڊڄان ٿو، خوف فساد خلق کان. هن ڪتاب ۾ ڪجهه
شعر سٺا ۽ تمام سٺا ۽ ان کان گهڻا غلط، مبهم، بي
معنيٰ ۽ وزن ۽ بحر کان ڪريل آهن. هاڻي جي قلم جي
سچائيءَ کي ڪم ٿو آڻيان ته پوءِ شايد توهان به ڇپڻ
لاءِ دل من هڻو. مگر مون لاءِ ته اصل ”هڻ کڻ“ ٿي
ويندي. حڪم هجي ته ان لاءِ به حاضر آهيان.
هالا نوان شهر جو پهريون ڇپيل ”ديوان انجم“ آخوند
عبدالرحمان انجم. (ايڊيٽر ماهوار ”فردوس هالا) تي
به هڪ تعارفي مضمون تيار ٿيل آهي. جيڪڏهن گنجائش
هجي ته اهو به موڪلي ڏيان.
آخر ۾ اهائي دعا آهي ته اوهان ڪنهن به ذاتي جنگ ۾
پاڻ کي ملوث ڪري اجايو وقت وڃائڻ بدران ساڳي
سرجوشيءَ سان ادبي ڪم ڪندا رهو.
- حميد شهيد هالائي
[هالا]
* * * * |