اوپري دل آشنا
اکيون
فياض چنڊ ڪليري
هُو ٻئي ڄڻا ڪيتري دير کان خاموش آهن. هوءَ پنهنجي
کير جهڙي سفيد ۽ مکڻ جهڙي ڪونئري بدن کي نرم ڪمبل
سان ڍڪي ٿي ۽ ڳهريل نيڻ کڻي، ڪمري جي ديوارن تي
لڳل تصويرن کي ڏسي ٿي. سندس بيڊ جي مٿان
ايشورياراءِ جو خوبصورت مُرڪندڙ پورٽريٽ ڄڻ
مُرڪندڙ اکين سان ڪجهه ڳالهائي ٿو. هوءَ پورٽريٽ
تان نظرون هٽائي، سامهون واري ديوار تي ائبسٽريڪٽ
آرٽ جي تصويرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هڪ تصوير
۾ نم جي وڻ کي عورت جي چهري ۾ پلٽيو ويو آهي ۽
سموريون ٽاريون، مردن جا هٿ ۽ ٻانهون آهن. عورت جي
اکين ۾ پڇتاءُ ۽ ڪجهه وڃائڻ جو تاثر آهي. کن لاءِ
کيس محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ اُها عورت هوءَ پاڻ آهي!
هوءَ اُن تصوير تان نظرون هٽائي، اُن نوجوان جي
اکين ٻوٽيل چهري تي وجهي ٿي، جيڪو سندس کاٻي پاسي،
سندس ڇاتيءَ تي پنهنجو مٿو رکيو ستو پيو آهي ۽
جنهن جون اکيون ڪنهن گهري سُرور جي حاصلات ۾ پوريل
آهن. جنوريءَ جي برفيلي رات هوندي به نوجوان جون
لوندڙيون پگهر جي نشان سان ڪنهن دلفريب ڪهاڻيءَ جو
عنوان محسوس ٿي رهيون آهن. هوءَ نوجوان جي منجهيل
وارن کي مخروطي آڱرين سان ڦَڻي ڏيندي، رات جي سانت
کي پهرئين جملي جي ڀيٽا ڏئي ٿي:
”نويد ڇا پيو سوچين...!“
نوجوان پنهنجون پوريل اکيون ائين کولي ٿو، ڄڻ کيس
ڪنهن هوا جي رٿ تي سوار ڪهڪشان جي سفر تان واپس
موٽايو ويو هجي.
”سوچيان پيو.... ڇا سڀڪجهه واقعي به خواب آهي...؟“
ڇوڪري پنهنجي چهري تي ڪريل وارن جي پف کي هٿن سان
جائتو ڪندي چوي ٿي:
”نويد! خواب ۽ حقيقت ۾ گهڻو فاصلو ناهي. صرف ارادي
۽ عزم جي ڳالهه آهي، ماڻهو ڄاڻي واڻي ڇڏيل محبتن ۽
رشتن جي اڌورائپ کي خوابن جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيندو
آهي....“
بيڊ جي ڀرسان روڊ ڏانهن کُلندڙ ڪاٺ جي درين جي بند
ٿيل تاڪين جي وٿين مان سرديءَ جي هڪ لهر ڪمري ۾
داخل ٿي، هڪ ٻئي جو تاءُ وٺندڙ ٻن جوان جسمن جو
طواف ڪرڻ لڳي ٿي. نوجوان پنهنجي ڇاتيءَ کي ڪمبل
سان ڍڪيندي مدهوشيءَ واري انداز ۾ چوي ٿو:
”سيمي! اين جي اوز جي دنيا ۾ رهي رهي وڏا فلسفا
ڳالهائڻ سکي پئي آهين، وڏي حقيقت پسند ٿي پئي
آهين، يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ ته ائين نه
هئينءَ.....“
ڇوڪريءَ جو کنيل وڏو ساهه سموري ڪمري ۾ اُداسيءَ
جو اسپري ڪري ڇڏي ٿو. سندس لهجي ۾ سرءُ جو احساس
اُڀري اچي ٿو.
”نويد! جڏهن ماڻهوءَ جا آئيڊيل ۽ آدرش زندگيءَ جي
جبل سان مٿو ٽڪرائين ٿا، جڏهن تيزيءَ سان گذرندڙ
وقت ماڻهوءَ جي روح ۾ کاٽ هڻي ٿو ۽ جڏهن ماڻهو
پنهنجو پاڻ کي ڪا استعمال ٿيندڙ شيءِ محسوس ڪرڻ
لڳي ٿو، تڏهن اکين لاءِ خواب ڏسڻ ڏکيا ٿي پون
ٿا...“
نوجوان ڇوڪريءَ جي لئيءَ جي تلهڙ جهڙي جسم کي ڀاڪر
پائيندي ننڍڙي ٻار وانگر کيٽو ڪندي چوي ٿو:
”سيمي! غلط اندازا قائم نه ڪر.... مون کي سمجهڻ ۽
محسوس ڪرڻ جي ڪوش ڪر....“
ڇوڪري پهريون ڀيرو ردِ عمل ظاهر ڪندي، نوجوان جي
ٻانهن پنهنجي چيلهه مان ڇڏائيندي چوي ٿي:
”ڇا نٿي سمجهان.... اهوئي ته آفيسر ٿيڻ کان پوءِ
تون هاڻي اُهو نويد نه رهيو آهين، جيڪو شاگردي ۽
غربت واري زماني ۾ ڄام شوري جي پٿريلن رستن تي
منهنجي اڳيان پٺيان بيوس ۽ پريشان گهمندو هو....
جنهن مون سان زندگيءَ جي آخري لمحي تائين ساٿ
نڀائڻ جا واعدا ۽ وچن ڪيا هئا.... اهو نه ٿي
سمجهان ته پئسي منهنجي نويد کان پيار جي پيڙا ۽
انتظار جو احساس کسي ورتو آهي.... ۽ مون کي اهو
سڀڪجهه سمجهڻ جي ضرورت ڪانهي....“ احساسن جي بي
ربط وهڪري سان گڏ ڇوڪريءَ جي معصوم اکين مان ڳوڙها
بي مُندي برسات جيان وسڻ لڳن ٿا.
نوجوان پنهنجي جسم جي چوڌاري گرم ڪمبل کي ويڙهي
بيڊ تي اُٿي ويهي رهي ٿو ۽ ٻنهي هٿن جي ترين سان
ڇوڪريءَ جي اکين مان وهندڙ اکين کي اُگهندي،
پنهنجي اکين ۾ اُڀري آيل شرمساريءَ جي احساس کي
لڪائيندي چوي ٿو:
”سيمي! ائين بنهه نه آهي، جيئن تون محسوس ڪرين ٿي.
اسٽوڊنٽ لائيف ۽ پرئڪٽيڪل لائيف ۾ زمين آسمان جو
فرق آهي. اسٽوڊنٽ لائيف ۾ ماڻهوءَ لاءِ وڃائڻ خاطر
ڪجهه به نه ۽ پائڻ لاءِ سڄو جهان آهي ۽ پرئڪٽيڪل
لائيف ۾ ماڻهو نه چاهيندي به ڪيترن ئي ماڻهن ۽
رشتن آڏو جوابدار بڻجي پوندو آهي.... ماڻهوءَ کي
ڪيترا ڪم پنهنجي مرضي ۽ منشا جي اُبتڙ ڪرڻا پئجي
ويندا آهن.....“
ڇوڪريءَ جي اکين مان اُداسي ۽ بيوسي بدستور ڇڻي
رهي آهي. سرءُ جو احساس سندس لهجي ۾ شدت اختيار
ڪري ويو آهي. ”تون صاف صاف ڇو نٿو چوين ته تون مون
کي
own
نه ڪندين.... ۽ پنهنجي ڳوٺ جي انهيءَ سادي سودي ۽
اڻپڙهيل سَوٽ سان صرف انڪري شادي ڪندين، ڇوته اُن
جو والد اسلام آباد ۾
Key post
تي آهي ۽ تون ڇوڪريءَ کي ڏاڪڻ بنائي دولت ۽ شهرت
جا انبار لڳائيندين.....“
ڇوڪريءَ جي تلخ لهجي ۾ لڪل حقيقت جا تير نوجوان جي
ڇاتيءَ ۾ سوراخ ڪري پار هليا وڃن ٿا ۽ هو پاڻ کي
Justify
ڪرڻ خاطر لفظ ڳوليندي چوي ٿو:
”سيمي!
Try to understand my position مون توکي دل سان
own
ڪيو آهي... تون.... تون.... منهنجي روح ۾ رچين ٿي.
پر ڇا هر محبت جي پڄاڻي شادي ئي هئڻ لازمي آهي. ڇا
شاديءَ جي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ، ٻن پيار ڪندڙن جي
وچ ۾ ڪو تعلق تا حيات قائم نٿو رهي سگهي؟ ۽
پاڻ.... پاڻ ته پڙهيل لکيل آهيون، پنهنجي سوچ ته
گهٽ ۾ گهٽ
Steriotype
نه هئڻ گهرجي....“
نوجوان جا لفظ ڪنهن تکي ڪات وانگر ڇوڪريءَ جي وجود
تي ڪرن ٿا ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڳڀا ڳڀا ٿيندي
محسوس ڪري ٿي ۽ درد سندس لهجي سان لائون لهي رهيو
آهي.
“Mr.
Naveed! there is great difference bitween keep
and wife”
جيڪڏهن توکي منهنجن خوابن، خواهشن ۽ احساسن جي
تذليل ئي ڪرڻي هئي ته پوءِ ڇو هڪ ڇت هيٺان گڏ رهڻ
۽ مون جهڙا ٻار پيدا ڪرڻ جا خواب ڏيکاريا هيئه....
تڏهن توکي پنهنجي
Position
جو اُلڪو ڇونه هو ۽ هاڻ جڏهن توکي نوڪري ملي آهي،
چئن ڦيٿن واري سرڪاري گاڏي ملي اٿئي، ته تون
Westren Society
جي کوکلن لاڳاپن جو فيور ٿو ڪرين
It's selfishness!
۽ مون تو مان اها توقع ڪڏهن به نه ڪئي هُئي....!
هُو پنهنجو پاڻ کي ڇوڪريءَ جي احساسن جي وزن هيٺان
پورجندي محسوس ڪري ٿو ۽ بحث جو رُخ مٽائڻ لاءِ
ڇوڪريءَ کي دلاسو ڏيندي چوي ٿو:
Ok. Ok... let me think about our future...
تيسين ڪنهن ٻئي موضوع تي ٿا ڳالهايون ۽ سيمي پليز!
تون اجايو ايتري
Agressive
نه ٿي.... رليڪس... مان تنهنجو آهيان.... صرف
تنهنجو....
I will never leave you alone
نوجوان جي واتان آٿت ڀريا لفظ ٻُڌي ڇوڪريءَ جي
اکين ۾ کن پل لاءِ اُميد جا ڳاڙها گلاب ٽڙي پون
ٿا. خاموشي نوجوان دلين جي ڌڙڪڻن جي ڪلڪيوليٽر
بڻجي پوي ٿي. دريءَ جي تاڪن جي وٿين مان زوري اندر
گهڙي ايندڙ هوا جا سرد جهوٽا ٻن پيار ڪندڙن جي
جسمن کي نرميءَ سان ڇُهڻ لڳن ٿا. ڇوڪري سامهون
ديوار تي لڳل گهڙيال ڏانهن نهاري ٿي، جتي رات جا
ٽي ٿي رهيا آهن. ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ
هوءَ ڳالهائي ٿي:
”تنهنجي جاب ڪيئن پئي هلي.... تو اڃا مسواڙ تي الڳ
پنهنجي جاءِ به نه ورتي آهي ۽ تنهنجو وڏو ڀاءُ
توکي الڳ ٿيڻ ڪيئن ڏيندو.... هر مهيني کيس
Share
جو ڏيندو آهين.... نويد!
It's Enough ڪيسين پاڻ تنهنجن دوستن جي اوطاقن تي چورن وانگر ملندا
رهنداسين!“
نوجوان تبديل ٿيل موضوع تي اطمينان جو ساهه کڻي
چوي ٿو: ”ها.... مسواڙ جي جاءِ ته وٺڻي ئي
پوندي... اڄوڪي رات به هن ڪمري لاءِ دوست کي ايلاز
۽ منٿون ڪرڻيون پيون. همراهه اصل پڙ ڪڍي بيهي
رهيو.....“
”ڇو؟ ڇا پيو چوي....“ ڇوڪريءَ سوال ڪيو.
”چوندو وري ڇا.... اجائي ڊرامي بازي.... منهنجو
ڀاءُ اعتراض ٿو ڪري.... پاڙي وارن کي خبر پوي
ته.... هي بيچلرز ڪوارٽر ناهي.... تون منهنجو دوست
آهين، پاڻ جڏهن وڻئي اچي رهه، باقي ڪا عورت....
ڏکيو آهي.... ڏاڍو ڏکيو.... سيمي! دنيا وڏي فنڪار
آهي... جڏهن وسڪيءَ جي بوتل مٿي ۾ هنئي مانس....
تڏهن وڃي همراهه ٺريو.“
ڇوڪري وري پنهنجون مخروطي آڱريون نوجوان جي وارن ۾
ڦيريندي چوڻ لڳي: ”پر.... تون ته چوندو هئين...
تنهنجو دوست ڀلو ماڻهو آهي، محبت جو قدردان ۽
Broad minded
آهي. پوءِ ائين ڇو چيائين....“
ڪاوڙ نوجوان جي لهجي ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. ”هون...
کُليل ذهن.... هتي هر ٻئي ماڻهوءَ جو صرف هٿ کُليل
آهي. هر رشتو، مفادن جي بازار ۾ پنهنجي پنهنجي
اگهه تي وڪامي ٿو. مفاد ۽ غرض کان سواءِ ڪوبه ڪنهن
کي هڪ منٽ به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي!“ ڇوڪري نوجوان
جي واتان، ڪڙا ڪسارا لفظ ٻڌي ٻيهر اُداسيءَ جي ڌنڌ
۾ ويڙهجي وڃي ٿي ۽ لفظن تي زور ڏيندي چوي ٿي:
”نويد! تنهنجو پنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
ڪجهه لمحن جي سانت کان پوءِ ٻيهر مخاطب ٿئي ٿي:
”تو هر رشتي کي مفادن جي بازار جو سستو سودو، ڪيڏي
سولائيءَ سان چئي ڇڏيو.... ۽ هي مان.... منهنجو
جسم.... منهنجو روح.... منهنجا ساهه... منهنجا
ڳوڙها... ڇا تو انهن جي ڪڏهن قيمت چُڪائي آهي....؟
تو وٽ منهنجي پيار جو ڪهڙو اگهه آهي.... ٻڌاءِ مون
کي.... توهان سڀ مرد ائين ئي آهيو.... عورت به
توهان لاءِ بازار مان خريد ڪيل ڪو سامان آهي ۽
بس.....“
نوجوان ڇوڪريءَ جي احساسن ۽ جذبن جي ٻوڏ کان پاڻ
کي بچائڻ جا جتن ڪري ٿو ۽ سندس مُک کي ٻنهي هٿن ۾
پيالي وانگر پڪڙي، سندس اکين کي چُمندي، پنهنجي
ڇاتيءَ ۾ لڪائيندي چوي ٿو، ”مون ته زماني جي رشتن
جي ڳالهه پئي ڪئي، تون هرو ڀرو هر معاملي کي پاڻ
ڏانهن ڇو ٿي محسوس ڪرين.... لڳي ٿو ته ٿر ۾ رهندي
رهندي. صحرا جو سمورو تاءُ تنهنجي اندر ۾ اوتجي
ويو آهي....“
هوءَ هُن جي ڇاتيءَ ۾ ڪيتري دير تائين پنهنجو چهرو
لڪائي ننڍڙن ٻارڙن وانگر روئندي رهي ٿي ۽ اوچتو
ننڊ ٻنهي ڄڻن جا اُلڪا ۽ وسوسا چورائي وٺي ٿي...
ڇوڪري جڏهن جاڳي ٿي، تڏهن درين جي تاڪن جي وٿين
مان سج جا ڪرڻا ڪمري ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن
ٿا ۽ ڪمري ۾ گذريل رات جا پيرا ڪنهن جاسوس وانگر
کڻڻ لڳن ٿا. هوءَ بيڊ تي نظر ڊوڙائي ٿي، جتي
نوجوان موجود نه آهي. سندس نظرون پيرانديءَ کان
ڪجهه وکن جي مفاصلي تي ٺهيل باٿ روم ڏانهن کڄي وڃن
ٿيون، جتي بلب ٻري رهيو آهي ۽ پاڻيءَ جي ڇُلڪي جو
آواز اچي رهيو آهي. هوءَ بيڊ شيٽ تي نظرون کُپائي
ٿي. هُن کان هڪ سرد آهه نڪري وڃي ٿي. هوءَ ڪمري ۾
لڳل گهڙيال ڏانهن نهاري ٿي. گهڙيال ڏينهن جي ڏهين
وڳي جو ڏس ڏئي رهيو آهي. هوءَ ڀڻڪي ٿي: ايتري دير
ٿي وئي.
Oh my god”
خبر ئي نه پئي... اڄ اهم اسائنمينٽ تي مِٺيءَ به
وڃڻو آهي، ڇهن ستن ڪلاڪن جو مفاصلو ڪيئن ٿيندو
سڀڪجهه....“ ايتري ۾ باٿ روم جو دروازو کُلي ٿو ۽
نويد آلن وارن کي هٿ سان ڇنڊيندو ٻاهر اچي ٿو ۽
ٽيبل تي رکيل واچ ٻانهن ۾ ٻڌندي چوي ٿو:
”سيمي! جلدي فريش ٿي وٺ ته هلي ڪنهن ريسٽورينٽ ۾
نيرن ڪريون، دير به گهڻي ٿي وئي آهي....“
هو ٻئي ڄڻا هڪ ريسٽورينٽ جي ڪنڊائتي ٽيبل تي
ٺونٺيون رکي گرم گرم چانهن پي رهيا آهن. ڇوڪريءَ
جي اکين ۾ گذريل رات جا لمحا ڪنهن اڻڄاتل مسافر
وانگر ڀٽڪي رهيا آهن. اهڙو مسافر، جنهن جي منزل جا
سڀ نشان حالتن جي واريءَ ۾ پورجي ويا هُجن.
ريسٽورينٽ ۾ ڌيمي آواز ۾ سي ڊي پليئر تي ڪائي
ميلوڊيس ڌُن هلي رهي آهي. نوجوان چانهن جي گرم سِپ
ڀريندي، ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسي، مُرڪندي سوال ڪري ٿو:
”سيمي! پوءِ..... وري ڪڏهن ايندينءَ....؟“
ڇوڪري نوجوان جي اکين ۾ نهاريندي جواب ڏيڻ بدران
سوال پڇي ٿي:
”نويد! تو پاڻ ٻنهي جي مستقبل بابت ڇا فيصلو ڪيو
آهي؟“
ڇوڪريءَ جو سوال نوجوان کي ٻُڏتر جي ٻه واٽي تي
بيهاري ڇڏي ٿو. لفظ سندس ساٿ ڏيڻ کان نابري واري
بيهن ٿا.
”نويد! مان توسان پئي ڳالهايان....!“
نوجوان جي ڪيفيت اُن چالاڪ کيڏاريءَ جا ڏيک ڏئي
ٿي، جيڪو هڪ ئي وقت ٻه بال هٿ ۾ رکڻ چاهي ٿو. هو
پنهنجون نظرون ڇوڪريءَ جي چهري تان هٽائيندي چوي
ٿو: ”آءٌ سڄي حياتي توسان محبت ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان....“
”ڪهڙي
Relation
جي بنياد تي؟“ ڇوڪريءَ جو سوال وري سندس دل ۾
سوراخ ڪري پار هليو وڃي ٿو.
”ڇا محبت جهڙو ڪو ٻيو تعلق ٿي سگهي ٿو....؟“
نوجوان جو جُملو ٻُڌي ڇوڪريءَ جو چهرو ڳاڙهو لال
ٿي وڃي ٿو. هوءَ پاڻ کي ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تان
اونهي کاهيءَ ۾ ڪرندي محسوس ڪري ٿي، پر پنهنجو پاڻ
تي ضبط جا بند ٻڌندي چوي ٿي:
”نويد! تون چاهين ٿو ته تون شادي پنهنجي ڳوٺاڻي
سَوٽ سان ڪرين ۽ مون کي سڄي حياتي ڪنهن
Secondary relation
جي خاني ۾ فٽ ڪري
Use
ڪندو رهين.
Sorry! my clever friend....
آءٌ هاڻ وڌيڪ تو وٽ استعمال ٿي نٿي سگهان.... توکي
تنهنجو روشن مستقبل مبارڪ هجي....“
ائين چئي ڇوڪري ڪُرسيءَ تان اُٿي ٿي. ننڍڙي
خوبصورت سفري بيگ کڻي ريسٽورينٽ جي ٻاهرئين کلندڙ
دروازي ڏانهن وڌي ٿي. ڇوڪريءَ جي اهڙي غير متوقع
رد عمل تي نوجوان وائڙپ جي ور چڙهي وڃي ٿو. کيس
سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ڇا ڪري.... اڻتڻ جي آڙاهه
مان تڪڙ ۾ پاڻ کي ڪڍندي هو ٽيبل تي بل رکي ٿو.
گاڏيءَ جي چاٻي کڻي تڪڙا ۽ بي ترتيب قدم کڻندو
ريسٽورينٽ مان ٻاهر نڪري ٿو. پر تيسين ڇوڪري رڪشا
۾ سوار ٿي چڪي آهي. هو سڏ ڪري ٿو. ”سيمي....
سيمي....!“ رڪشا جي آواز ۾ سندس سڏ هوا ۾ تحليل ٿي
وڃي ٿو ۽ سندس اکين سان رڪشا جو اُڏامندڙ دونهون
اچي ٽڪرائجي ٿو!
ٻيو وجود
منور سراج
اکين ۾ ڳوڙها جرڪڻ لڳس. پُٽ کي ڇاتيءَ لائي، آلين
اکين سان زال ڏي ڏسندي ڀريل آواز ۾ چيائين: ”صدف،
تون اڪيلي نه آهين، مان زندهه آهيان.“ اُن رات
ڏاڍي گهري ننڊ ستو.
ڪافي ڏينهن کان مٿي جي سُور جي شڪايت هئس. مختلف
ڊاڪٽرن جون دوائون کاڌائين پئي، پر فائدو عارضي.
ڀاڻس نيورو سرجن ڏي وٺي ويس. سرجن سي ٽي اسڪين
لاءِ چيو. رپورٽ آئي: ”برين ٽيومر.“ ڀاسيس: اوچتو
زندگيءَ جي ڊوڙندڙ ٽرئفڪ جي آڏو ڳاڙهي بتي ٻري پئي
هجي.
”ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه ڪانهي، ٽيومر ڏيڍ ملي
ميٽر...“ ڊاڪٽر جو آواز سندس ڪنن تائين پهچڻ کان
اڳ ڪٿي رستي ۾ ئي فريز ٿي ويو. ڊاڪٽر دوائون
لکيون، في ورتي، ٿورڙو مُرڪيو ۽ ڪال بيل تي آڱر
رکي ڇڏيائين! ڀاڻس وري به ڊاڪٽر سان رابطي ۾ رهيو،
پر هي رابطن کان الڳ ٿي ويو.
آفيس ۾ هر نگاهه منجهه رحم ڏسي موڪل جي درخواست
لکيائين. دوستن سان ملڻ ڇڏيائين. دوستن ساڻس ملڻ
ڇڏيو. گهر تائين محدود ٿي ويو. گهر ۾ ماٺار....!
انديشي“ خوف سان ڀريل ماٺار. شدت سان احساس
ڏياريندڙ ته ڪو غير معمولي واقعو ٿي گذريو آهي،
ٿيڻ وارو آهي. زال جو هر وقت گم سُم رهڻ وڌيڪ زخمي
ڪرڻ لڳس.
چاهيائين ٿي ته گهر ۾ سڀڪجهه معمول مطابق هجي. صبح
جي اخبار سان گڏ رنڌڻي ۾ پچندڙ اُڦراٽن، آنن ۽
پٽاٽن جي خوشبو ۽ گرم گرم چانهه جو هڳاءُ. اسڪول
جي تڪڙ ۾ ٻارن جو ٿيلهن، ڊريسن، ٿرماسن ۽ لنچ
باڪسن لاءِ گهر مٿي تي کڻڻ. ڀاڄائيءَ جون ادا وڏي
کي آفيس مان ورنديون، روز جيان گهر جي سامان نه
وسارڻ جا تاڪيد ۽ زال جون ساڻس شڪايتون. ”اڄ به
آفيس مان اُٿي سڌو پنهنجن يارن ڏي هليو وڃجان.
ساجُهر گهر اچڻ کان ته اصل قسم کنيل اٿئي!“ نيرن
ڪندي هِڏڪي اچڻ تي وري اُها ڪهڙي پئي ياد
ڪرئي؟.... پراڻي.... نئين؟“ هن جو پاڻيءَ ڍڪ پي
کلندي چوڻ ”گرهه چڙهي پيو آهي، خدا جي بندي“ ۽ هٿ
وڌائي سندس پوتيءَ جي پلئه سان آڱريون اُگهي آفيس
هليو وڃڻ.
پر شايد هاڻي ماحول جو معمول تي اچڻ سولو نه هو.
رڳو ٻليءَ جو پلونگڙو به اگهو ٿي پوندو آهي ته گهر
ڀاتي بي نياز رهي نه سگهندا آهن.... هو ته....! هو
ڪمري ۾ قيد ٿي ويو.
ٽيبل تي ٽي وي، ڇت ۾ پکو، ڀت تي گهڙيال، گهڙيال ۾
ڪانٽا. ڪانٽا جهڙا وقت کي اگهاڙي پٺيءَ تي کڻي
ڊوڙندڙ سرڪش گهوڙا. چَوطرف خاموشي ۽ اڪيلائي
جهڙيون موت جون ڀينر. زالهنس کان سواءِ ٻئي ڪنهن
جو اندر اچڻ وڃڻ نه برابر. زالهنس جون اکيون جهڙا
وساڻل ڏيئا.
ڪيڏيون نه سهڻيون هونديون هيون اُهي اکيون! اهي
اکيون ئي ته هيون جن پهرينءَ نهار ۾ ڏانوڻ ڏئي
ڇڏيا هئس.
”ڇا ڏٺو اٿئي منهنجي اکين ۾؟“ هڪ شوخ نهار جي پهڻي
ڍنڍ ۾ ڪِري ته دائرا ٺهندا ويا.
”آب حيات پيئڻ سان سالن جي اُڃ لهي وئي اٿم.“
”سچي؟“ آواز ۾ لاڙ جي ليارن جي خوشبو هئس.
”دل تي هٿ رکي ڏس، ڪيئن سينو ستار ٿي ويو آهي!“
”اَلا...! پر آءٌ ته گهڙيءَ کان پوءِ گهر هلي
وينديس... هو ڏس پريان کجين جي پويان لهندڙ سج جي
سِڌ ۾ منهنجو گهر.“ من مڪليءَ جي شام بڻجي ويس! پٽ
تان اُٿيو ۽ ڪپڙا ڇنڊي واپس موٽيو ته هوءَ پٺيان
لڳي آيس ۽ هميشه لاءِ سندس ٿي وئي.
’ڇا ڏنم سندس ڪينجهر جهڙن نيڻن کي!‘
پلصراط تي هئس ڄڻ پير... ۽ ڪمرو جهڙو ڪارنر آف
ڪنفيشن.....!
’ڏنم ته رڳو ڏک، ڳوڙها ۽ انتظار!‘ سالن کان پوءِ
وقت مليو هئس هن بابت سوچڻ جو. ڄڻ گهر جي ڪنهن ڪنڊ
۾ رکي وساري ويٺو هئس.
چوندي هئس ”ڪائي شام گهر کان ٻاهر گذارجي. پارڪ ۾
ويهي کوڙ ڳالهيون ڪجن. رات جي ماني هوٽل تي کائجي.
الله جو سُنهن گهر جي ساڳي روٽين لائيف ته بيمار
ڪري ٿي ڇڏي.“ ڪيڏي نه ننڍڙي فرمائش! لهجي ۾ لاڏ ۽
ڳل ڳرهاٽيون.
”ها، هلنداسين“. ۽ واعدو، جيڪو ڪڏهن وفا نه ٿيو.
هجيس ڀلا وقت؟ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون
رولاڪين حوالي. دوست، ڪچهريون، ڪتابي ۽ بي نتيجي
سياسي بحث، نشا پتا ۽ عورتون تنهن کان سواءِ.
عورتون جيڪي سندس لاءِ ’محبوبائون هيون ۽ جوڻس
لاءِ رنون‘.
گهر ۾ هوندو به ته هر وقت ڪتاب هٿن ۾، قلم آڱرين
۾، ڪاڳرن جا ٿها ميز تي. هوءَ ڪاڳرن جي ڍير هيٺان
اچي ڄڻ سندس نگاهن کان الوپ ٿي وئي.
”مون سان جيڪي ٻه چار لفظ ڳالهائين ها، اهي به
انهن ڪاڳرن ۾ لکي سڪ پلي ڇڏيئي. مون لاءِ لفظ ته
نه بچيا، اٿئي پر رڳو سکڻي نهار لاءِ به سڪي وئي
آهيان!“ ڪڏهن ڪڏهن اندر اُٿلي پوندو هئس ته روئي
اکيون سڄائي ڇڏيندي هئي. تڏهن اکرن تان اکيون کڻي
مُرڪندي چوندو هئس: ”اجايو پئي وهلور وڃين، اهڙي
ڪا ڳالهه ڪانهي. دل ۾ تولاءِ ججهو پيار اٿم....“
”رڳو دل ۾ پيار ڪافي نه هوندو آهي، عورت اظهار به
چاهيندي آهي. رڳو اظهار ئي نه، عمل به، ۽ عمل جو
ردِعمل به. ايڏو پڙهيل ٿي ڪري به ايترو نه ٿو
سمجهين.“ فرمائشون وساري ويٺي. فرمائش جي جاءِ
ضرورتن والاري.
پنهنجو گهر هجي......
....ها.... هي مسواڙ جو گهر ته دوزخ آهي.....!
ڳالهين جا ڳوٺ اڏيندو، خيالن جا محل جوڙيندو رهيو.
هن کي جهوپڙي به نه ڏئي سگهيو. هاڻي ته شايد ڏيڻ
وٺڻ جهڙو رهيو به نه هو. ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻ ٿي
گهريائين پر ڪيئن؟ زندگيءَ جي جملي کي فل اسٽاپ جو
اشارو جو ملي چڪو هئس.... وقت واريءَ وانگر ويس
پئي هٿن مان وهندو.
”آخر اسين انهن کي ئي ڇو رنجائيندا آهيون، جيڪي
اسان سان پيار ڪندا آهن“، ڏک جي ڇولي اکيون پُسائي
ويس. هو موت کان نه، زندگيءَ کان ڊنل هو. زندگي،
جنهن اکين ۾ پڇتاءُ جا ڳوڙها ڀري ڇڏيا هئس.
ڪنهن چئنل تان 11/9 جي واقعي واري مووي پئي هلي.
گهڙي اڳ سُور پيو هئس. اکين ۾ ۽ لوندڙين ۾ سُيون
چُڀنديون ڀاسيون هئس. جسم پگهرجي ويو هئس. زالهنس
ٽري ۾ چانهه بسڪوٽ رکي اندر آئي. اڻ استري هاف
وائيٽ وڳو پاتل ۽ وار وکريل. اسڪرين تي اوچتو جهاز
ظاهر ٿيو ۽ آسمان چيريندو تير وانگر ٽريڊ سينٽر جي
سيني ۾ کُپي ويو. دونهين جو ڪڪر اڀريو، شعلا اُٿيا
۽ پَل ۾ اجگر جيڏي بلڊنگ مکڻ جي ماڙيءَ وانگر رجي
وئي. ڀانيائين..... سندس مٿو ٽريڊ سينٽر جي عمارت
آهي ۽ منجهس کُپي ويل جهاز.... ٽيومر..... ٽي وي
آف ڪري ڇڏيائين. چانهه پيتائين. هوءَ ويٺي هئي
انتظار ۾ ته هو ڪجهه ڳالهائيندو. پنهنجي تڪليف
ٻڌائيندُس. ڪا شڪايت ڪندو. ڪاوڙ مان چوندس: ’ڪٿي
هئينءَ ايتري دير، يڪو گُم... ڪيڏو انتظار ڪيو
اٿم، اٿئي ڪا پرواهه؟ هي گوريون کڻي ڏي، پاڻيءَ جو
گلاس ڏي ۽ دري کول. پکي جي رفتار گهٽ ڪر، مٿي کي
زور ڏي، وارن کي ٿورو تيل هڻ....‘
پر هو خاموش!
اکيون ملائي ڳالهائڻ ڏکيو ٿي پيو هئس هن سان.
هوءَ، جيڪا جوءِ مان بدلجي جيجل ٿي پئي هئس، ننڊون
حرام ڪري ڇڏيون هئائين پاڻ تي.
”اوهان وٽ فقط انهن کي تڪليف ڏيڻ جو حق آهي، جن کي
توهين خوشي ڏيندا هجو.“ هن آڏو معمولي سمجهڻ لڳو
هو پاڻ کي، معمولي ۽ گِلٽي!
کيس خاموش ڏسي ڪمري مان نڪري ويندي، پر ٻاهر به سک
نه ايندس. ڀائيندي ڄڻ سڏيندو هجيس هو. اندر ايندي.
”تو سڏ ڪيو ڇا؟“
”نه..... نه ته“ ويهڻ گهرندي. ويهندي نه.... پوتي
پُسائي ڇڏيندي اکيون اُگهي اُگهي....!
تنهن ڏينهن وري سُور پيس. مٿو باهه تي رکيل
ديڳڙيءَ جئان ٽچڪڻ لڳو هئس. ڀاسيس ته دماغ اُٻري
رهيو آهي... اُٻري اُٻري سڻڀي گهاٽي گرم لَئيءَ
وانگر وات مان، ڪنن مان ۽ نڪ مان وهي رهيو آهي.
هارجي رهيو آهي ڪپڙن تي.‘ وهاڻي تي، هنڌ تي. گلاس
اڌيڪو ڪري هڪ بدران ٽي گوريون ڳِهائين- لوندڙين
مان سوساٽ نڪري ويس.
’مائٽ منهنجي چاليهي جو انتظار به نه ڪندا!‘ باهه
تان لٿل ديڳڙيءَ جهڙي ذهن سان سوچيائين، ڄڻ ذهن
اليڪٽريفائيڊ ٿي ويو هئس.
’شاديءَ لاءِ زور وجهندس. ڪجهه وقت ضرور نه نه
ڪندي. پر، ڪيستائين؟ خود ماڻس ئي چونديس.... ڇوري
ڇو چري ٿي آهين؟ جبل جيڏي زندگي ڪيئن گذاريندينءَ
اڪيلي. جواڻ جماڻ سهڻي ملوڪ آهين... هڪڙو ٻار ڪو
منهن تي ٿو پوئي....!‘ سور جهڪو ٿي ويس. پاڻ کي
ملامت ڪيائين. خيال بدلائڻ گهريائين...!
هڪڙو ٻار!
پنجن سالن جو پُٽ دانيال.
مهانڊي ۾ ئي نه طبيعت ۾ به ذري گهٽ پيءُ جهڙو.
راند روند گهٽ، چپ چپات گهڻي. پنهنجي عمر کان وڏو
لڳندو. سڄو ڏينهن پنهنجي منهن گذاريندو. رات جو
سمهندو به نانيءَ وٽ. اُها شهزادن ۽ پرين جون
آکاڻيون ٻڌائينديس. ننڍڙو شهزادو چنڊ جي رَٿ تي
ويهي سرمائي دونهين جهڙن ڪڪرن ۾ ڍڪيل ڪوهه قاف جي
جبلن تان اُڏامندي ننڊ پئجي ويندو ته کڻي اچي ماءُ
کي هنج ۾ ڏئي ويندي! شروع ۾ ته ڪمري جي در تي بيٺو
اندر نهاريندو هو. ڪمري ۾ پير نه رکندو هو، ڄڻ ڊنل
هجي پيءُ جي ماٺ کان. ڪمري جي اڪيلائيءَ کان. ماڻس
سڏ ڪنديس ”داني پُٽ.... اچ.... بابا کي ڀاڪي
پاءِ... اَپي ڪرينس.“ بيهي بيهي ايندو. ڀاڪر
پائيندس، چُمي ڏيندي ۽ اُنهن پيرن تي ئي ٻاهر
ڀڄندو. پڻس هميشه کيس رانديڪا گهڻا ڏنا چميون
ٿوريون. بوٽ، ڪپڙا ۽ فروٽ ججهو، ڀاڪر بنهه مختصر.
پڻس جي گهر ۾ موجودگي ۽ سندس ڇهاءُ ماڻي آهستي
آهستي ڀرسان ڀرسان رهڻ لڳس. گڏجي ماني کائڻ، ٽي وي
ڏسڻ، ڳالهيون ڪرڻ ۽ راند کيڏڻ لڳس. ٻنهي کي ائين
ويجهو ڏسي هوءَ لڙڪن ۾
ڀِڄڻ لڳي.... من ته اڳيئي ڦِٿو پيو هئس.
ان ڏينهن ٽي ويءَ تي هڪ فلمي گيت پئي هليو.
”داني، ٻڌاءِ، هنن ڇوڪرين مان تون ڪهڙيءَ سان شادي
ڪندين؟“ هو ٽپ ڏئي ڪرسيءَ تان لٿو ۽ وڃي اسڪرين جي
ڀرسان بيٺو.
ڏسي ڏسي ڪورس جي انداز ۾ نچندڙ ڳائيندڙ ڇوڪرين جي
ولر مان سڀني کان سهڻي، ڊگهي، گلابي ساڙهيءَ واري
ڇوڪريءَ جي بلائوز کان ٿورو هيٺ روپي چلڪندڙ پيٽ
تي کڻي آڱر رکيائين.....!
زال مڙس ٽهڪن ۾ ٻڏي ويا. هو ته ايترو کليو جو اکين
مان پاڻي وهي آيس. سڀ سُور وسري ويس. وڏي عرصي کان
پوءِ ايترو کليو هو.... وڏي وقت کان پوءِ زندگيءَ
جو حقيقي لطف ماڻيو هئائين ڄڻ.....!
پر... گهڻي دير ٿي وئي هئس شايد سمجهندي سمجهندي!
ان ڏينهن جيترو کليو، باٿ روم ۾ وڃي ايترو ئي روئي
آيو.
گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو. گورين جا جيڪي ٻُڪ پئي
کاڌائين تن ڄڻ کيس پئي کاڌو. ائين جيئن اَن کي
سُرو. پر خوش هو.
زال سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو. پُٽ سان لُڊو ۽
وڊيوگيم کيڏڻ ۽ هر راند ڄاڻي واڻي هارائڻ ۽ هارائي
خوش ٿيڻ. دير تائين ٽي وي ڏسڻ ٻنهي جي گڏيل
دلچسپيءَ جو ذريعو هو. ڪنهن مهل فلم، ڪنهن مهل
ڪارٽون، ڪنهن مهل جانور ۽ مڇيون ته ڪنهن مهل مختلف
ڊاڪيومينٽريز.
تنهن شام ”ريئل ٽي وي“ تان آمريڪي بمباريءَ ۾
تباهه ٿيل هڪ عراقي شهر جي ڊٺل گهرن ۽ گهر ڌڻين
بابت رپورٽ پئي ڏيکاريائون. هڪ گهر ۾ مارجي ويل
ماءُ پيءُ جي اڪيلي ننڍڙي، شيلنگ ۾ ٻئي ٻانهون
وڃائي ويٺل ٻار کي ڏسي سوچيائين، ’ويچارو ڪيئن
کائيندو پيئندو، اٿندو ويهندو؟‘ تنهن مهل پُٽس
اسڪرين تان اکيون کڻي سندس ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورائي
عجيب ڏکاري لهجي ۾ چيو، ”بابا، هي پنهنجي اميءَ کي
ڀاڪر ڪيئن پائيندو؟“
ڪو به جواب جُڙي نه سگهيس. پُٽ کي ڇاتيءَ لائي
ڀرجي آيل آواز ۾ زال کي چيائين، ”صدف! تون اڪيلي
نه آهين.... مان زندهه آهيان.“ ان رات ڏاڍي گهري
ننڊ سُتو! |