آگاهه رهجي ته هي تاريخي تذڪرو ڪنهن ناول يا
افسانوي طرز تي ناهي لکيل ۽ اُن کي نثر جي جنهن
ٽيڪنڪ ۾ لکيو ويو آهي، اُن انداز جي تحريرن کي
اولهه ۾ ”فيملي ساگا“
(Family Saga) جو نالو ڏنو پيو وڃي. ۽ ان انداز جي تحريرن کي اولهه ۾ وڏي
پذيرائي به حاصل ٿي رهي آهي ۽ اها اِنڪري جو اسان
جي ڀيٽ ۾ اُتي فيملي سسٽم ڏينهون ڏينهن، قصهءِ
پارينه بنجندو پيو وڃي.
ماضيءَ ۾، پرڏيهي ادب ۾، ورجينا وولف ۽ گارشيا
مارڪئيز جي اهڙي ڏانوَ سان لکيل ’فيملي ساگا‘ کان
قطع نظر، ننڍي کنڊ مان قرة العين حيدر پنهنجي
خاندان بابت جيڪو تذڪرو ”کارِ جهان دراز هي“ جي
نالي سان تحرير ڪيو آهي، سندس اُن ’فيملي ساگا‘ کي
اردو ادب ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب جهڙي حيثيت حاصل ٿي چڪي
آهي.
اسان جي مهر افروز مرزا به، پنهنجي خاندان بابت،
اهڙي ئي انداز سان، هن ڪتاب کي لکڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي.
۽ هتي آگاهه رهجي ته تاريخ … پوءِ اُها پنهنجي ذات
… ملڪ … يا وري خاندان بابت لکي وڃي … اُها هڪ
گهاٽي ۽ اُونداهي جهنگ ۾ داخل ٿيڻ وانگر هوندي
آهي، ۽ مؤرخ اُنهي جنگ ۽ اونداهيءَ مان، جي هڪڙي
ٽانڊاڻي جيتري ”روشن حقيقت“ به ساڻ کڻي ظاهر ٿئي
ٿو، ته هُن ڄڻ لَکُ کٽيا!
مهر افروز مرزا، سنڌ … جارجيا … مرزا خسرو بيگ …
مرزا فريدون بابت اڳ لکيل تاريخي ماخذن ۽ خاندان
جي بزرگن کان پنهنجن وڏڙن بابت ’ٻُڌل‘، سينه به
سينه روايتن جي آڌار تي هي جيڪو، هن ڪتاب جي صورت
۾ سفر ڪيو آهي، منهنجي خيال ۾ اُن جي تاريخي اهميت
کان ڪو انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي.
مرزا خسرو بيگ ۽ اُن جي ڪيڙ جون سنڌ جي تاريخ ۽
سنڌي ٻوليءَ جي ادب لاءِ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون خدمتون
آهن؟ ته ان ڏس ۾ منهنجو خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ
جا پڙهندڙ اِن حقيقت کان اُن وقت، اڃا به وڌيڪ
آگاهه ٿيندا، جڏهن هن ڪتاب جو هر سربستو مطالعو
ڪندا. البت ٽنڊي ٺوڙهي جي، اِن مرزا خاندان جي
’پنجينءَ پيڙهيءَ‘ منجهان هئڻ جي بنياد تي، پنهنجي
خاندان بابت منهنجو ذاتي مشاهدو وري اِهو آهي ته
شروع کان وٺي اُهو نهايت وضعدار، اعليٰ تعليم
يافتا، متوازن مذهبي ۽ ’ملٽي لئنگوئل‘ رهندو پيو
اچي.
خاندان جي اصل وڏڙن جي ماءُ – ٻولي ’ترڪي‘ هئي.
روس ۽ ايران جي پاڻ ۾ جنگين باعث، جارجيا جي
علائقي ”گرجستان“ منجهان، اِهي اسان جا وڏڙا جڏهن
ايران پهتا، ته کين ’فارسي‘ سکڻي پئي. سنڌ جي
بادشاهه مير ڪرم علي خان ٽالپر جي ايامڪاريءَ ۾
سنڌ پهتا، ته ’سنڌي‘، ’سرائڪي‘ ۽ ’ٻروچڪي‘ ٻولين
جي لهجن سان متعارف ٿيا. فيبروري 1843ع ۾ جڏهن سنڌ
تي فرنگي قابض ٿيا، ته برٽش راڄ ۾ مرزا خسرو بيگ ۽
مرزا فريدون بيگ جي اولاد، انگريزيءَ ۾ اعليٰ
تعليم پرائڻ لاءِ لنڊن ۽ بمبئيءَ جي ڪاليجن ۾ وڃي
داخلائون ورتيون، برطانوي مَنڊمن سان پريت جا پيچَ
پاتائون ۽ ’انگريز ٻارڙا‘ پيدا ڪري، ويسٽرن
اسٽائيل جي طرزِ زندگيءَ کي ويجها ٿيا.
ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ لنڊن منجهان اڌ درجن کن
مرزا صاحب ته ’بار ايٽ لا‘ ڪري موٽيا هئا، جن
منجهان جديد سنڌي افساني جو باني، نادر بيگ مرزا،
لاڙڪاڻي ۾ مئجسٽريٽ رهيو. خانبهادر سڪندر بيگ
مرزا، سنڌ ۾ ايدوڪيٽ جنرل جو منصب ماڻيو. ليکڪا
مهر افروز جو ڏاڏو سڊني بيگ مرزا، ڪمشنر انڪم ٽيڪس
مقرر ٿيو. اُن کان اڳ مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريدون
بيگ جي پٽن ۽ پڙپوٽن مان ڪي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيا ته ڪي
وري ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر … ويجهي ماضيءَ ۾، مرزا
خسرو بيگ جي پڙپوٽي، ظفر حسين مرزا، سپريم ڪورٽ جي
جج ۽ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمن جي حيثيت
سان ريٽائر ڪيو آهي. ظفر حسين مرزا جو فرزند،
ذوالفقار علي مرزا، ڪجهه سال اڳي تائين قومي
اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ سندس گهر واري
فهميده مرزا هن وقت به قومي اسيمبليءَ جي ميمبري
واريءَ منصب تي مقرر آهي. ۽ اِن ئي خاندان جو
وضعدار انسان، عاشق حسين مرزا، بلديه حيدرآباد جو
ايڊمنسٽريٽر رهي چڪو آهي، ۽ سندس وڏو برادر، ذاڪر
حسين مرزا، سنڌ اسيمبليءَ جو، جمال ابڙي صاحب کان
پوءِ مقبول ترين سيڪريٽري رهي چڪو آهي.
1946ع ڌاري، پنهنجن مردن سان گڏجي، جڏهن هِن
خاندان جون مستورات آگبوٽن ۾ سوار ٿي پهريون دفعو
ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ وڃي رهيون هيون، ته
پيرن کان وٺي مٿي تائين سخت پرده پوش ٿي ويون
هيون. وڏڙيون ٻڌائينديون آهن ته پردي جي پابندي
اِن حد تائين مرزا خواتين ڪنديون هيون، جو اُنهن
منجهان، خانبهادر مرزا صادق علي بيگ جي وڏي نياڻي
’لالا رخ (والده سيشن جج قنبر علي مرزا) ڪراچي
رواني ٿيڻ لاءِ جڏهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي
”وڪٽوريا“ ۾ سوار ٿي پهچندي هئي ته اُن گاڏيءَ کي
چؤطرف کان چادرن سان ڍڪيو ويندو هو ۽ اُن کان پوءِ
ريل جي الڳ بيٺل دٻي ۾ سوار ٿيڻ جي لاءِ بگيءَ کان
وٺي ڪمپارٽمينٽ جي دروازي تائين، پليٽ فارم جي
ٻنهي پاسي پردي جي خيال سان قناتون هنيون وينديون
هيون … بعد ۾، پوءِ وقت اهڙو به آيو، جو اُن
خاندان جي مستورات، لنڊن مان پرڻجي آيل ڀائرن جي
منڊمن جي صحبت ۾ سينڊل، لينگا ۽ سارهيون پاتيون …
۽ بقول مهر افروز مرزا، سندس ڏاڏي فخر النساءِ
(ڌيءَ مرزا قليچ بيگ) سلوار قميص ڪڏهن نه پاتي ۽
مرڻ گهڙي تائين مغربي طرز جي لباس ۾ ملبوس رهي.
۽ منهنجي هن تحرير جي پُڄاڻيءَ تي، مهر افروز مرزا
جي لکيل هن ڪتاب
'Georgian Saga' مان خاص طرح سان، مرزا خسرو بيگ بابت انگريزيءَ مان سائين مراد
علي مرزا پاران ترجمو ٿيل ڪجهه چيپٽر، منهنجي هن
تحرير جي پٺڀرائيءَ ۾ اوهان کي ضرور پڙهڻا آهن، پر
انهن جي مطالعي کان اڳ، هتي ايترو عرض ضرور ڪندو
هلندس ته قديم زمانن کان وٺي سنڌ جي سرزمين تي
الائي ڪيترين جاتين ۽ ذاتين جا قاتل قافلا ڪاهيندا
آيا ۽ باهيندا هتان ويندا رهيا آهن. ۽ اهڙن قافلن
کان قطع نظر، ڪيئي اهڙا صابر ۽ شاڪر پرڏيهي خاندان
۽ الائجي ته ڪهڙين حالتن هٿان مجبور ٿي پنهنجي اصل
ڌرتيءَ تان اُکڙجي جڏهن سنڌ ۾ پهتا ته بس پوءِ
اُهي هِتان جا ئي ٿي ويا. مثال طور، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رح جا عربي ٻولي ڳالهائيندڙ وڏڙا
هرات منجهان ۽ مرزا قليچ بيگ جا تُرڪي ۽ فارسي
ٻولي ڳالهائيندڙ وڏڙا جڏهن ’جارجيا‘ منجهان سنڌ جي
سرزمين تي پهتا، ته هِتي جي ئي پاڪ مٽيءَ ۾ ’آسوده
خاڪ‘ ٿيڻ کي ترجيح ڏنائون ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي اَنَ –
پاڻيءَ واپرائڻ جي موٽ ۾، اِنهن نيڪنام ۽ خوش نهاد
بزرگن جي لازوال خدمتن ۽ بي مثل وفادارين جو ثمر
سنڌ کي پوءِ اِهو مليو، جو هتان جي ٻوليءَ،
شاعريءَ، ثقافت ۽ سماجي قدرن کي، شاهه لطيف ۽ مرزا
قليچ بيگ جي روپ ۾ اهڙا ته سدا سُرها گلاب جا گُلَ
مليا، جن جي سُرهاڻ مهراڻ ماٿريءَ ۽ هن ڪائنات مان
ڪڏهن ختم ئي ناهي ٿيڻي. ۽ سنڌ جا سٻاجها ۽ سهڻا
ماڻهو … مون کي پڪ آهي ته، اِنهن ٻنهي مڻيادار
انسانن جا سلامي، اڄ به آهن ۽ سدائين رهندا.
* * *
مرزا خسرو بيگ - - 1788 – 1860ع
مرزا خسرو بيگ، گرجستان ملڪ جي هڪ امير دائود خان
جي خاندان مان شهزادي الڪندر خان جو فرزند هو.
خسرو جي وڏي ڀاءُ همايون جي عمر نو ورهيه هئي،
جڏهن ته خسرو ستن سالن جو هو. هنن جو پيءُ، ملڪ جي
بادشاهه اريڪل ۽ ايران جي شآهه محمد خان قاچار جي
وچ ۾ جيڪا جنگ ٿي هئي، اُن ۾ مارجي ويو هو.
الڪندر جي جاگير طفلس ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪورا
درياءُ جي ڪنارن ويجهو هئي. اُن درياءُ کي فارسيءَ
۾ ڪورا ۽ ترڪيءَ ۾ ڪُروچي چوندا آهن، جيڪو ترڪي،
جارجيا ۽ آذربائيجان مان وهندو آهي. اهو درياءُ
ترڪيءَ ۾ ڪسرنجي جبل جي ڪنڌيءَ وٽان ٿيندو، ڪاڪيشس
جبل جي ڪيترن ئي لَڪن مان وهندو، آذربائيجان ۾
پهچي ڪئسپين سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. اُن جي ڊيگهه
1515 ڪلوميٽر آهي ۽ اُن جي 300 ميلن واري حصي ۾
ٻيڙيون هلي سگهن ٿيون.
الڪندر جي جاگير ۾ رهندڙ ماڻهن کي جڏهن ايراني فوج
جي حملي جي خبر پيئي ته اُهي اُتان ڀڄي ويا.
همايون ڏاڍو بيمار هجڻ جي ڪري اُتي ئي رهجي ويو.
اهو ڏسي ڀاڻس خسرو رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ همايون کي
چنبڙي پيو. اهڙيءَ ريت ٻيئي ڀائر محل جي باغ ۾ هڪ
محفوظ جاءِ ۾ لڪي ويٺا، جتي ٿورن سپاهين هنن جي
حفاظت ڪئي. جڏهن ايراني فوجن ڪرد سنيسي ۾ فتح حاصل
ڪئي ته سندن جنرل علي مراد خان پنهنجي ڪئمپ ڏانهن
واپس روانو ٿيو. هن سان گڏ سندس فوج به هئي. اهو
جنرل جڏهن الڪندر خان جي محل ۾ ويو ته اُتي مال
ملڪيت جي ڳولا ڪندي هن کي اهي ڇوڪرا هٿ آيا، جن کي
گرفتار ڪري ايراني فوج جي سپهه سالار محمد ابراهيم
خان جي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو. اُنهن ٻن ڇوڪرن کي اُتي
ٻن جدا جدا تنبن ۾ رهايو ويو. ٽئين ڏينهن همايون
سخت بخار جي ڪري گذاري ويو. هاڻي خسرو اڪيلو ٿي
پيو ۽ خوف ۽ غم هن کي وڪوڙي ويا.
پوءِ خسرو سان بخت ان طرح ڀلائي ڪئي، جو اُن رات
ئي ڪئمپ جا پهريدار جنگ ۾ هٿ آيل مال جي ورهاست ۽
قيدي عورتن ۽ ٻارن کي حاصل ڪرڻ جي معاملي تي هڪٻئي
سان وڙهڻ لڳا، ڇو جو هنن کي غلام ڪري وڪرو ڪرڻُ
هون. ان گوڙ گهمسان جي خبر جڏهن محمد ابراهيم خان
کي ملي ته هو جاچ وٺڻ لاءِ ڪئمپ ۾ ويو. اُتي پهچي
هن سپاهين ۾ ٿيل جهيڙي بابت پڇا ڪئي ۽ اهو سبب
معلوم ڪرڻ کان پوءِ هن حڪم ڏنو ته ڦرلٽ جو مال
سندس اڳيان حاضر ڪيو وڃي. حڪم جي تعميل هڪدم ڪئي
ويئي ۽ قيدي عورتن ۽ ٻارن جي وچ ۾ هن کي هڪ ننڍو
ڇوڪرو نظر آيو، جيڪو رحم جوڳيون رڙيون ڪري روئي
رهيو هو. ظاهر هو ته هو ڪو رولاڪ نه، پر پنهنجي
شاندار لباس ۽ وضع قطع مان ڪنهن وڏي خاندان جو ٻار
ٿي لڳو. فوجي ڪمانڊر هن سان ترڪيءَ ۾ ڳالهائي سندس
روئڻ جو سبب پڇيو. اُن تي خسرو هن کي پنهنجو نالو
ٻڌايو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جو ذڪر ڪيو، جيڪو اُن
ڏينهن گذاري ويو هو ۽ جنهن جو لاش اڃا تائين
تنبوءَ ۾ پيو هو. اهو ٻڌي فوجي حاڪم حڪم ڏنو ته
لاش کي مسلمانن جي رسم مطابق هڪدم غسل ۽ ڪفن ڏيئي
دفن ڪيو وڃي. ابراهيم خان هڪ رحمدل انسان هو ۽
سندس ٻار به خسرو جيڏائي هئا. هن کي اميراڻي ٻار
تي رحم آيو ۽ هن حڪم ڏنو ته اهو ڇوڪرو هن جي ئي
خيمي ۾ رهايو وڃي ته جيئن هو سندس حفاظت ۾ هجي.
جڏهن ايراني فوج تهران پهتي ته ابراهيم خان، جنهن
سان خسرو هاڻي مانوس ٿي ويو هو، هن کي پنهنجي حرم
سرا ۾ وٺي ويو ۽ هن گهر وارن کي ٻڌايو ته اهو
ڇوڪرو گرجستان جي هڪ شهزادي جو ٻار آهي انڪري هن
کي شان مان سان ۽ پنهنجي اولاد وانگر رهايو وڃي.
حرم سرا جي خاتون ڏاڍي شفقت ۽ محبت سان خسرو جي
ڀليڪار ڪئي ۽ هن جي مٿان پنهنجي ڪاري چادر وڌي،
يعني هن کي پنهنجو پُٽ ڪيو. هاڻي خسرو جي پالنا
گهر جي ٻين ٻارن وانگر ٿيڻ لڳي ۽ هو خاص ڪري
ابراهيم خان جي وڏي فرزند مرزا محمد خان سان گڏ
رهڻ لڳو. هن کي فارسي ۽ عربي سيکارڻ لاءِ هڪ مولوي
مقرر ڪيو ويو. هو پنهنجي مربيءَ جي گهر ۾ ڪيترائي
سال رهيو. ابراهيم خان جي وفات کان پوءِ خسروءَ کي
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شيراز ۾ ابراهيم خان جي عزيزن
وٽ موڪليو ويو. جتي هن هڪ مدرسي ۾ داخلا ورتي.
ابراهيم خان جو اهو عزيز ايران جي بادشاهه جو
خزانچي هو.[1]
ايتري ۾ بادشاهه شاهه محمد خان قاچار کي قتل ڪيو
ويو ۽ هن جو ڀائيٽو ۽ جانشين بابا خان، فتح علي
خان جي لقب سان ايران جي تخت تي ويٺو.
اُنهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جو هڪ سفير سيد محمد
اسماعيل، شاهه شيراز ۾ آيو ۽ شاهه فتح عليءَ سان
سندس چاچي جي وفات جي تعزيت ڪيائين ۽ خسرو جي
مربيءَ (اڳوڻي وزير) جا سنڌي سفير سان سنگت وارا
لاڳاپا هئا. هن سفير کي خسرو جي باري ۾ سموري
ڳالهه ٻڌائي. ان اڳوڻي وزير شاهه فتح عليءَ جي
سرپرستي حاصل ڪرڻ جو اهو هڪ سونهري موقعو سمجهي
محمد اسماعيل شاهه کي چيو ته هاڻي پاڻ وزير جي
عهدي تان لٿل آهي، انڪري خسرو جي سنڀال جو ذمو نه
کڻي سگهندو. هن سفير کي صلاح ڏني ته خسرو کي سنڌ
جي امير مير ڪرم علي خان ٽالپر ڏانهن موڪلجي ڇاڪاڻ
ته هن کي ڪوبه اولاد ڪونهي ۽ هو ڪنهن اعليٰ خاندان
جي ٻار کي پنهنجو پٽ ڪري رکڻ گهري ٿو. وزير تجويز
ڏني ته جيڪڏهن بادشاهه اجازت ڏئي ته خسرو کي اُن
قافلي ۾ شريڪ ڪيو وڃي جيڪو سنڌ ڏانهن واپس وڃي
رهيو هو.
سيد محمد اسماعيل شاهه کي اها صلاح ڏاڍي سهڻي لڳي
۽ هن ايران جي بادشاهه شاهه فتح عليءَ کان اجازت
گهري ته خسرو کي ساڻس گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اهو
ٻڌي هن چيو ته خسرو گرجستان جي شاهي گهراڻي مان
آهي انڪري هن کي ايران جي شاهه جي طرفان هڪ خاص
تحفي طور سنڌ جي امير ڏانهن موڪليو وڃي. شاهه فتح
عليءَ کي اهڙي اجازت ڏيندي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن خسرو
جي ايران مان جلد از جلد روانگيءَ جو حڪم ڏنو. سيد
اسماعيل، خسرو جي ايراني خاندان کي خاطري ڪرائي ته
هن جي هر طرح سان سنڀال ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي مير وٽ
هن جو شاندار مستقبل آهي.[1]
خسرو جو سنڌ ڏانهن سفر:
سن 1805ع ۾ خسرو، سيد محمد اسماعيل جي نطرداريءَ ۾
شيراز مان حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو. اُن وقت هن
جي عمر سترهن ورهيه هئي. اُن موقعي تي اُنهن ڀاتين
کي سخت ڏک ٿيو، جن وٽ هو رهيل هو. عورتن ۽ ٻارن
سڏڪا ڀري رُنو ۽سندن اهو روڄ راڙو ٻاهر تائين ٻڌڻ
۾ پئي آيو. خسرو پاڻ به دانهون ڪري روئڻ لڳو. اهو
ڏسي اڳوڻي وزير جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن خسرو
کي چيو ته پاڻ کانئوس جدا ٿيندي خوش نه آهي، پر
شايد اهو سندس مقدر آهي ته پاڻ سنڌ جي حاڪم وٽ وڃي
رهي ۽ ايران جي شاهه جي به اهائي مرضي آهي. هن
خسرو کي وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته ٻه ٽي سال اڳ هن پاڻ
به سنڌ جي سفير سان اهڙو انجام ڪيو هو ته جيئن ئي
ڪو وَڏو گهراڻو ٻار مليو ته ان کي پُٽ ڪري وٺڻ
لاءِ مير ڏانهن موڪليو ويندو.
ايران جي شاهه فتح عليءَ پنهنجي طرفان ٻيا به
ڪيترائي تحفا اميرن لاءِ سفير جي حوالي ڪيا. اُنهن
۾ شاهه جي هڪ تمام وڏي تصوير به هئي جيڪا هڪ
خوبصورت فريم ۾ مڙهيل هئي ۽ گاڏيءَ تي رکي ويئي.
اها جماعت سفر ڪندي جڏهن به ڪٿي ترسي ٿي پيئي ته
اُتي ايراني پنهنجن گهرن مان نڪري ٿي آيا ۽ شاهه
جي تصوير کي عزت ۽ احترام سان ڏسڻ ٿي لڳا. ڳوٺن ۽
شهرن ۾ ماڻهو توڙي سرڪاري عملدار شاهه جي تصوير کي
ڏسي اُن کي چميون ڏيڻ لڳا ۽ خوشي ۽ احترام وچان هن
جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ لڳا.
ڪيترن ئي شهرن ۾ اُن موقعي تي مشعلون روشن ڪيون
ويون.
اهڙيءَ ريت سفير جو اهو قافلو خسروءَ سميت سنڌ ۾
داخل ٿيو. اميرن کي جڏهن اها خبر پهتي تڏهن هنن
اُن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪن سردارن کي
موڪليو. پوءِ شاهه جي طرفان موڪليل سوکڙيون ۽ سندس
وڏي تصوير، جيڪا هڪ گاڏيءَ تي رکيل هئي، ميرن جي
درٻار ۾ آندي ويئي، جتي سڀيئي مير ويٺا هئا. خسرو
کي ڏسي مير ڪرم عليءَ کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن خسرو ۽
سيد محمد اسماعيل جي آجيان ڪئي. سيد محمد اسماعيل
پوءِ ايران ۾ پنهنجي مصروفيت جو احوال پيش ڪيو.
مير ڪرم علي خسرو کي سڏي ڏاڍي شفقت سان ڀاڪر پاتو
۽ اعلان ڪيو ته هاڻي خسرو اسان جي حفاظت ۾ رهندو ۽
هن کي خاندان جو اولاد ڪري سمجهيو ويندو.
پوءِ هو خسرو کي پاڻ سان وٺي حرم سراءِ ۾ ويو، جتي
خواتين هن کي ڏسڻ لاءِ انتظار ۾ هيون. مير هنن کي
به ان ٻارڙي جي سرپرستيءَ جو ٻڌايو ۽ چيو ته خسرو
هاڻي هن خاندان جو هڪ فرزند آهي. اُن کان پوءِ حرم
توڙي ٻاهر هن کي مير جو پُٽ ڪري سمجهيو ويندو هو.
قلعي ۾ مير جي رهڻ واري محل جي ويجهوئي خسرو کي
رهڻ لاءِ ٻه ٽي ڪمرا ڏنا ويا ۽ سيد محمد اسماعيل
جو فرزند هن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ رکيو ويو، جو هُو
رڳو ترڪي ۽ فارسي ڄاڻندو هو. ڪمن ڪارن لاءِ پڻ
ڪيترائي خادم مقرر ڪيا ويا.
سنڌ جي ميرن جي ايران جي حاڪمن سان پڪي پختي دوستي
هئي، انڪري ٻنهي حڪومتن جا سفير هڪٻئي وٽ ايندا
ويندا هئا. مير ڪرم عليءَ کي تلوارن گڏ ڪرڻ جو شوق
هو. هن وٽ قديم ۽ خوبصورت تلوارن جو بي مثل ذخيرو
هوندو هو، جيڪو هن ڪيترن ئي ملڪن مان هٿ ڪيو هو.
اُن زماني ۾ سون ۽ چانديءَ جي نازڪ ڪم لاءِ ايران
جي گهڻي مشهوري هئي ۽ مير جي ذخيري ۾ ڪيتريون ئي
ايراني تلوارن ۽ خنجر هئا، جن تي هيرن ۽ جواهرن جي
جڙت ٿيل هئي. جڏهن خسرو ايران مان سنڌ ڏانهن پئي
آيو تڏهن ميرن لاءِ ايران جي شاهه جيڪي تحفا
موڪليا هئا، اُنهن ۾ ڪي تلوارون ۽ بندوقون به
هيون. ايران جي شاهه خراسان ۽ شيراز جي ڪن ڪاريگرن
کي به حيدرآباد موڪليو ته جيئن اُهي اُتي رهن ۽
مڪاني ڪاريگرن سان گڏجي سُرن ۽ نيري رنگ جو ڪم به
ڪن جيڪو ايراني سِرُن ۽ هالا جي سرن ۾ عام هوندو
هو.
خسروءَ جي اچڻ واري موقعي تي ايران جي شاهه جيڪي
تحفا موڪليا هئا، اُهي ڏسي مير ڪرم علي خان کي
خواهش ٿي ته اُنهن محبتي تحفن جي موٽ ڏني وڃي.
پوءِ هن پنهنجي درٻار جي مصاحبن ۽ سردارن سان صلاح
ڪئي ته شاهه فتح علي خان طرفان خاص تحفي موڪلڻ
لاءِ هن ڏانهن شڪر گذاريءَ جو خط لکجي ۽ موٽ ۾ ڪي
مناسب تحفا به موڪليا وڃن. گهڻي سوچ ويچار کان
پوءِ درٻارين فيصلو ڪيو ته بهترين تحفو ’هاٿي‘
آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ايران ۾ ڪونه آهن، پر هندوستان
۾ عام جام آهن. اُن فيصلي مطابق مير پنج سهڻا هاٿي
چونڊ ڪيا. اُنهن مان ٽن هاٿين جا نالا هئا: چنچل،
مکڻو ۽ ليلان رام. هر هڪ هاٿيءَ جي پٺيءَ تي سونو
هودو رکيو ويو، جنهن ۾ ڀرت ڀريل سهڻا گاديلا رکيل
هئا. ايران جي وزير ۽ بين درٻارين لاءِ پڻ قسمين
قسمين تحفا چونڊي ويا. اهي تحفا چئن سڄاڻ شخصن جي
سنڀال هيٺ موڪليا ويا، اُنهن ۾ هڪ سيد محمد
اسماعيل شاهه جو مائٽ سيد محمد علي هو. ٻيا هئا
حاجي خان تشڪري، جيڪو مير جو درٻاري هو. سيد ثابت
علي شاهه، سنڌ جو مشهور شاعر، جنهن پاڻ اُن وفد
سان گڏ وڃڻ گهريو هو ۽ ميان غلام محمد سيقل گر،
جيڪو ترارن جو پارکو هو. هن کي چيو ويو هو ته
واپسيءَ تي ايران مان ترارون خريد ڪري.
اُن وفد جو اڳواڻ سيد محمد علي هو. تهران ۾ پهچڻ
کان پوءِ هن مير جو خط ۽ هن جا موڪليل تحفا ۽ هاٿي
شاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيا، جن کي ڏسي هن کي ڏاڍي
خوشي ٿي. ان موقعي لاءِ سيد ثابت علي شاهه ٻه
قصيدا فارسي ٻوليءَ ۾ ٺاهيا هئا، هڪ پيغمبر
صلي الله علي وآلہٖ وسلم
۽
ٻارهن امامن جي شان ۾ ۽ ٻيو ايران جي شاهه جي
تعريف ۾. سيد محمد علي ايران جي شاهه کي عرض ڪيو
ته ثابت علي شاهه کي انهن قصيدن پڙهڻ جي اجازت ڏني
وڃي، پر شاهه جي موجودگي ۽ سندس عظيم الشان درٻار
جو هن تي ايڏو رعب ٿيو جو هن جي وات مان هڪ لفظ به
نه نڪتو ۽ هو ڏڪڻ لڳو ۽ هيٺ ڪري بيهوش ٿي ويو. اهو
ڏسي شاهه ۽ هن جا درٻاري حيران ٿي ويا ۽ هڪدم هن
جي مُنهن تي گلاب جي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هن کي هوش
۾ آندو ويو. پوءِ ثابت علي شاهه پنهنجو پهريون
قصيدو پڙهيو، جيڪو پاڻ سڳورن ﷺ ۽ امامن جي شان ۾
هو، جنهن ڪري شاهه ۽ سندس سمورا درٻاري ادب سان
اُٿي بيٺا. ان قصيدي جي ختم ٿيڻ تي اهي ويهي رهيا
۽ ثابت علي شاهه ٻيو قصيدو پڙهيو. شاهه کي قصيدو
پسند آيو ۽ هن خوش ٿي شاعر کي انعام ۾ سروپاءِ ۽
ٻيون ڪيتريون ئي سوکڙيون ڏنيون. وفد جي ٻين فردن
کي به تحفا ڏنا ويا. جلد ئي اهو وفد تهران ڇڏي
واپس سنڌ ڏانهن وريو. هنن اصفهان ۽ خراسان جون
ٺهيل خوبصورت تلوارون ۽ سنڌ جي ميرن لاءِ ٻيا
ڪيترائي تحفا پاڻ سان سنڌ ۾ آندا. اهڙيءَ ريت ٻن
دوست ملڪن ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ دوستيءَ جا لاڳاپا
وڌيڪ مضبوط ۽ پختا ٿيا[1].
سنڌ ۾ خسروءَ جي شروعاتي زندگي:
جڏهن خسرو سنڌ ۾ آيو ته هن کي ڏاڍي اڪيلائي محسوس
ٿي هئي. ان وارياسي علائقي ۾ خشڪ گرمي ۽ مٽي هئي.
مير هن کي قلعي جي جنهن محل ۾ رهايو هو، اُن جي
مٽي ۽ سرن وارين ڊگهين ديوارن هن کي ويڳاڻو ڪري
ڇڏيو. هن کي ايران جا چهچ ساوا ميدان ۽ ماٿريون ۽
اصفهان ۽ شيراز جا سهڻا محل ۽ باغ بستان ياد اچڻ
لڳا، جتي هو سنڌ ۾ اچڻ کان پهرين رهيل هو. هن کي
پنهنجن مائٽن ۽ دوستن جي ياد ستائڻ لڳي. حيدرآباد
جون ريتون رسمون حيرت واريون هيون ۽ اتي جيڪا ٻولي
ڳالهائي پئي ويئي، اُها هن جي سمجهه کان مٿي هئي.
هن ايران ۾ جيڪا زندگي گذاري هئي اُها موجوده
زندگيءَ کان بنهه جدا هئي، جنهنڪري هو خوش نه هو.
مير ڪرم علي خان خسرو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ کيس
خوش رکڻ لاءِ هن جو خاص حڪم هو. هن اهو به فيصلو
ڪيو ته ايران ۽ ڪاڪيشيا مان ڪي ڇوڪرا گهرائجن،
جيڪي هن جا صحبتي ٿي رهن. ان ڪم لاءِ هن پنهنجا
هوشيار واپاري عبدالرزاق ۽ مهر علي ايران روانا
ڪيا. اُهي واپاري ايران مان ڪيترن ئي ڇوڪرن کي وٺي
آيا، جن مان چئن وڪرن کي خسرو جا سنگتي ٿي رهڻ
لاءِ چونڊيو ويو. پنهنجي اڳوڻي ملڪ مان آيل ڇوڪرن
سان ملي خسرو کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هو ميرن جي قلعي ۾
خوش رهڻ لڳو. هن جي اُنهن چئن ساٿين مان مرزا محمد
باق پوءِ مير ڪرم علي خان جو وزير ٿيو. ٻيو ڇوڪرو
سهراب سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي گذاري ويو ۽ يوسف
نالي ڇوڪرو وري ميرن جي ڪنهن ڪاروبار جو نگران
ٿيو. رستم کي ميرن جي قبرستان جي نظرداري ڪرڻ لاءِ
مقرر ڪيو ويو، جتي پوءِ مير ڪرم علي خان جو مقبرو
ٺهيو.
مير ڪرم علي خان جي ذاتي ملازم الهداد چنڊ کي حڪم
ڏنل هو ته هُو هر روز خسرو جي سار سنڀال لهي ۽ هن
جي ضرورتن جو هڪدم پورائو ڪري. هڪڙي ڏينهن گهوڙي
سواري ڪندي خسرو گهوڙي تان هيٺ ڪِري پيو ۽ سندس
ٽنگ ضربجي پيئي. اهو زخم ڪيترن ئي ڏينهن تائين
هلندو رهيو. هن جي معالج خسرو جي سنڀال لاءِ لالڻ
چنڊ کي مقرر ڪيو، جيڪو هن کي پنڌ ڪرڻ کان منع ڪندو
هو ته متان زخم اُٿلي پوي. اُن دوران هو پنهنجي
هڪمري ۾ سُتو پيو هوندو هو ۽ سارو وقت اُتي رهڻ جي
ڪري ڏاڍو ويڳاڻو ٿيندو هو. اهڙي پريشانيءَ ۾ خسرو
هڪ ڪاغذ تي هيٺيون مضمون لکي الهداد چنڊ جي هٿان
مير ڏانهن موڪليو:
”اي سائين! … اوهان جي انصاف جي اڳيان هر بادشاهه
جو انصاف هيچ آهي. آءٌ جنهن طرف به وڃان ٿو، مقدر
مون کي ڇوٿو منع ڪري. پنهنجي زخم ۽ لالڻ جي سلوڪ
سبب آءٌ چُري به نه ٿو سگهان. پنهنجي ننڍڙي ۽
سوڙهي ڪمري ۾ آءٌ ويهي به نه ٿو سگهان، سائينءَ جن
مهرباني ڪري ڪنهن جراح کي حڪم صادر ڪن. ته منهنجي
سنڀال لهي، ۽ سائينءَ جن مهرباني ڪري چنڊ[1]
کي حڪم صادر ڪن، ته مون وٽ ڪنهن کي وٺي اچي، جيڪو
هڪ اهڙو گهر ٺاهي جنهن ۾ آءٌ آرام سان رهي سگهان
....“
جڏهن الهداد چنڊ مٿيون سٽون مير کي پهچايون ته اهي
پڙهي هن کي مٿس سخت ڪاوڙ ٿي جو هن خسرو کي رنجايو
هو. اهو ڏسي الهداد پنهنجي بچاءَ ۾ مير کي عرض ڪيو
ته هن خسرو جي هر ڪا خدمت ڪئي پر جيئن ته ان ڏينهن
هن جي ٽنگ ۾ سور هجڻ جي ڪري هن اهڙيءَ طرح اوهان
کي دانهن ڏني آهي جيئن ڪو ٻار پنهنجي پيءُ وٽ
دانهين ٿيندو آهي. اهو ٻڌي مير کِلي ڏنو ۽ خسرو جي
خط جي جواب ۾ هيٺيون مضمون فارسيءَ ۾ لکي موڪليو:
”اي منهنجا پيارا فرزند،
تو پنهنجي درخواست ۾ جيڪي لکيو آهي، اُهو مون
تائين پهتو. خاطري رک ۽ آرام سان رهه؛ مون حڪم ڏنو
آهي ته تنهنجون ٻئي ضرورتون هڪدم پوريون ڪيون
وڃن.“
پوءِ مير حڪم ڏنو ته هڪ خاص طبيب خسرو کي تپاسي هن
جو علاج ڪري ۽ هن جي مرضيءَ مطابق هڪ ڪشادو ۽ آرام
وارو گهر تعمير ڪيو وڃي.[1]
|