[6]
مهراڻ سرءُ 2005ع جو شمارو سڪ سان پڙهي رهيو
آهيان. اوهان جي محنتن تي هڪ ڀيرو وري پيار آيو.
پرچي کي سهيڙڻ ۾ اوهان جو وجود محسوس ٿئي ٿو.
منهنجا ٻه غزل شايع ڪرڻ لاءِ دلي طور تي ٿورائتو
آهيان.
سحر امداد جو مضمون ’شاعري ۽ نظريا‘ ڏاڍو وڻيو. ان
۾ شاعريءَ جي نظرين جو ڏاڍي خوبصورتيءَ سان تنقيدي
جائزو ورتو ويو آهي، اهڙا ليک محنتي ۽ تخليقي
قلمڪار ئي لکي سگهن ٿا.
شاعريءَ واري ڀاڱي جي مُهڙ ۾ اوهان جا ’ٻه لفظ‘
پڙهي دنگ رهجي ويس. شاعريءَ ۽ ٻوليءَ سان اوهان جي
ڪمٽمينٽ ۽ سچائي سچ ته ساراهڻ جهڙي آهي. اوهان جي
آخري سٽ: ”اُنهن سوالن جا جواب تنقيد ئي ڏئي سگهي
ٿي، جيڪا اسان وٽ ناهي.“ پڙهي لونءَ ڪانڊارجي وئي.
واقعي اهو ڳؤرو سچ آهي. اهڙي سچ ڳالهائڻ / لکڻ تي
اوهان کي جس ڏجي ٿو.
طارق عالم، اسحاق سميجي، امداد حسيني، سحر امداد،
مر سنڌو، ابرار ابڙي، انيتا شاهه، سڀاش هميراڻي،
جعفر جاني، ياسين چانڊئي، نثار منصور، وسيم سومري
۽ فراق هاليپوٽي جي شاعريءَ ۾ تخليقي جوهرن جو
جمال آهي.
اوهان منهنجو خط شايع ڪيو، اُن لاءِ قرب. پر خط
مان اهي سِٽون الائي ڇو ڪَٽيون ويون آهن، جن ۾ مون
مهراڻ (اونهارو 2005ع) جي غزلن بابت راءِ ڏني هئي.
خطن واري حصي ۾ مانواري سرويچ سجاوليءَ جون سِٽون
آهن: ”عشقيه شاعري وقت جي گهرج نه آهي ۽ عشق ته
هينئر آهي ئي ڪونه. محبوب کي اڄڪلهه عشقيه غزل نه
پر هزار هزار وارا ڪيئي نوٽ گهرجن.“ افسوس ته اسان
جا وڏڙا ’پيار‘ جا الائي ڇو انڪاري ٿي پيا آهن!
جنهن انسان سان عشق نه ڪيو، اُهو وطن سان پيار
ڪيئن ڪندو؟ اڄڪلهه / هينئر نه صرف عشق آهي، پر
پيار ڪندڙ ماڻهو به آهن. خبر ناهي ته سرويچ صاحب
ائين ڇو سوچي ٿو؟
معاف ڪجو! سرويچ صاحب! عشقيه شاعري ئي وقت جي گهرج
آهي. جي عشقيه شاعري وقت جي گهرج نه آهي ته پوءِ
هينئن ڇو ٿا لڳو:
ڪڏهن ڪنهن بلوري بدن بخمليءَ جي،
جڙا جوڙجڪ ۾ جڪڙجي پيس مان.
پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. اڄڪلهه سڀئي محبوب
هزار هزار جا نوٽ نٿا گهرن، عشقيه غزل به گهرن ٿا.
انڪري ئي ته اسان جهڙا ماڻهو لکن ٿا. اوهين ڀل ته
ماڻهوءَ جي موهه، سچائيءَ ۽ پيار کي نه مڃيو ۽
وطني ڳالهيون ڪريو. اسان ته امداد حسينيءَ جي لفظن
۾ هينئن چونداسين ته:
”بادل وارن جا چاهياسي،
اکڙين منجهه هرڻ چاهيوسي،
تنهنجي لاءِ جيڻ چاهيوسي،
تنهنجي لاءِ مرڻ چاهيوسي.“
ڇو ته اسان کي ماڻهوءَ سان محبت آهي.
- حُبدار سولنگي
[ڳيريلو، سنڌ]
* * * *
[7]
”ڄام شورو“- علم ۽ ادب جو مُنارو يا عشق جو
استعارو؟ هڪ قديم ننڍڙو ڳوٺڙو، ڄام شورو، هاڻي علم
۽ دانش جي اعليٰ مرڪز جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾
ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت اُتي ٽي رهائشي
يونيورسٽيون آهن: سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ
يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي. سنڌ جي ثقافت
جي واڌاري لاءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ادب جي
واڌاري لاءِ سنڌي ادبي بورڊ، نصاب جي ترتيب، تدوين
۽ ترويج لاءِ بيورو آف ڪريڪيولم ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورڊ ۽ ٻيا ننڍا وڏا سائنسي ۽ تحقيقي ادارا به هتي
ئي پنهنجو وجود رکن ٿا. هزارين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
سڄي سنڌ مان هر سال ڪهي، علم جي اُڃ اُڄهائڻ لاءِ
هتي جي هاسٽلن ۾ رهائش پذير ٿين ٿا. سڄو ڏينهن هتي
استادن ۽ شاگردن جي گهماگهمي رهي ٿي- ڪجهه سکڻ جو
شوق ۽ ڪجهه ڄاڻڻ جو ذوق. شام خوشبودار هوائن سان
معطر؛ رات ڪنهن شاعر جي خواب وانگر رومانٽڪ،
خوابناڪ، خاموش ۽ پرسڪون. فضا صاف ۽ ماحول جي
آلودگيءَ کان پاڪ، پر نه هتي سئنيما جي گندگي. نه
هوٽلن ۽ بازار جو شور ۽ غل. ويجهي ۾ ويجهي هوٽل /
ريسٽورنٽ ”المنظر“ به اٺن ميلن جي پنڌ تي آهي.
تعليم ۽ ذهني اوسر لاءِ اهو ماحول سوچي سمجهي
بنايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اهل دل ۽ روشن ضمير
دانشور علامہ آءِ. آءِ. قاضي جو دور انديشي بنيادي
حيثيت رکي ٿي. سج لٿي کان پوءِ سڀ ڇوڪريون پنهنجن
هاسٽلن ۾ بند ۽ ڇوڪرا ڪجهه دير ويران رستن تي واڪ
ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجن هاسٽلن ۾ پڙهائيءَ ۾
مشغول.
سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن معمول واري ماحول ۾ اسان
جي شاعرن کي ڇا ڏسڻ ۾ آيو آهي، جو هر سِٽ ۾ ”ڄام
شورو“ جي عشق ۾ مجنون بنيا وتن! اخبارن، رسالن ۽
ڊائجسٽن ۾ ”ڄام شورو“ جي ”حسن و عشق“ جي مستيءَ جا
دلفريب داستان کٽن ئي ڪونه ٿا!
وارن ۾ ويڙهئي ڄام شورو،
پوءِ ڀلا ديد کي قرار ڪٿي؟
(ليکراج راهي)
يا وري:
”اڙي ڄام شورا، اڙي ڄام شورا،
ڇڏيئه جيءُ منهنجو جڙي ڄام شورا.
اڙي ڄام شورا!“
هن نوجوان شاعر کان پڇيم ته: ”ڪڏهن ڄام شورو ڏٺو
اٿئي؟“ ته جواب ڏنئين: ”نه سائين! ائين ئي شاعري
آهي، ڪو سچ ٿوروئي آهي.“
مون کي يقين آهي ته مانواري ڀيڻ انيتا شاهه جڏهن
پنهنجو نظم ”ڄام شورا! اسان کي وڇوڙ نه ڏين ها“ (ص
101، مهراڻ بهار 2005ع) لکيو ته اُهو سچو ۽ نجو سچ
لکيو اٿس. جيڪي ڪجهه محسوس ڪيو اٿس ۽ دل تي وهيو
واپريو اٿس، اُهوئي ۽ اُئين ئي لکيو اٿس:
يادگيرين جي ديس جا ديرا
ڄام شوري اسان کي کِلايو گهڻو،
ڄام شوري اسان کي روئاريو گهڻو-
ڄام شوري جي بي حس حسينن هٿان-
ڄام شوري جا ڪافر ته ڪُسبا رهيا-
من ئي من ۾ مُٺا ماربائي رهيا.
سي ستم ڪنهن جي نظرن جي-
ڏسجڻ بنان ڪنهن جي ڪٽورين اکين ٿي ڪيا-
ڪنهن جي معصوم بيوس محبت مٿان-
ڄام شورو اُهي ظلم ڏسندو رهيو!
ڀيڻ انيتا شاهه کي ياد ڏياريندو هلان ته ”ڄام
شوري“ فقط اهي ”ظلم“ ڪونه ڏٺا ۽ سَٺا آهن، پر هتي
جي شاگردن جو سياسي ۽ سماجي شعور سدائين کان بيدار
آهي. ون يونٽ ٽوڙڻ جي شروعات ڄام شوري کان شروع
ٿي- سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جي تحريڪ هتان کان ئي
هلي ۽ هاڻ مکيه مامرو آهي ڪالاباغ ڊيم جو. هتان جي
شاگردن رڳو نظرن جا ستم ڪونه سَٺا آهن، پر جيل به
ڪاٽيا آهن ۽ اگهاڙن پُٺن تي ڦٽڪا به کاڌا آهن. 4
مارچ 1967ع جو رت اڃا به رستن تي روشن آهي. ٽوڙي
ڦاٽڪ جي ڪوس جي ڪهاڻي اڄ به ڄام شوري جي سيني ۾
سانڍيل آهي. هتي فقط ”ڪن دلڙيون ڏنيون ۽ ڪن دلڙيون
کسيون“ ۽ ”دل جي آڳنڌ تي، چپڙن جي چمين جي سعادت“
ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿي هوندي. مون کي انيتا شاهه
جي نظم تي تنقيد ڪرڻي ڪانهي. ٻين نظمن جيان سندس
هيءُ نظم پڻ رَسُ ۽ چَسُ رکي ٿو. ٻولي پياري ۽
انداز نيارو. وزن ۽ بحر ۾ پورو. لهجو رسيلو ۽ هر
هڪ لفظ سجيلو ۽ سجايو. پر ……! مون کي مانواري
شاعره کان فقط هي پڇڻو آهي ته ڇا هُن ڄام شوري ۾
گذاريل پنجن سالن ۾ فقط چاهتن جا ۽ راحتن جا سبق
حاصل ڪيا آهن يا ڪجهه ”علم ٻلم“، ڪجهه ”تعليم
ٻعليم“، ڪجهه ”تربيت ٻربيت“ به حاصل ڪئي يا نه؟
ڪلاس ۾ استادن جا ليڪچر، لئبارٽرين ۾ پرايل تجربا
۽ لئبريريءَ ۾ گذاريل لمحا، ڇا ڄام شوري جي يادن ۾
شامل ڪونه ٿا ٿين؟ سڄي نظم ۾ ڪٿي به ڪو هڪ لفظ
محترمه پنهنجي علمي اڀياس جي حاصلات لاءِ ڪونه
لکيو آهي! آخر ڇو؟
ڄام شوري کي اڄڪلهه وري نئين زور شور سان ايڏو
رومانٽڪ ڇو بنايو پيو وڃي، جو هر غزل جو قافيو ۽
رديف ”ڄام شورو“ ٿو لڳي! مون کي ته شڪ ٿو پوي ته
ڪٿي هن رومان زده تصوراتي شاعريءَ جو اثر وٺي سنڌ
جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جا وچولي طبقي جا مائٽ، متان
پنهنجين نياڻين کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن
ادارن ۾ داخلا وٺائڻ تي پابندي نه لڳائي ڇڏين! خدا
نه ڪري.
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو! (شام)
- حميد شهيد هالائي
[هالا سنڌ]
مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون
(1) مواد ۾ ڇپيل راين، تجزين، نتيجن ۽ علمي فڪري
زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي.
سندن راين کي ”سنڌي ابي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ
کپي.
(2) پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽
روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اِها خاطري ڄاڻائڻ
لازمي آهي ته اُهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن به
رسالي يا اخبار کي نه موڪليل آهن.
(3) ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي،
اُن اصل لکت جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد
ضروري آهي. ان طرح واضح حوالو پڻ ڄاڻائجي، جتان
اهو مواد ترجمو ڪيو ويو آهي.
(4) فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ پهتل مواد ڪنهن به صورت ۾
قبول ڪو نه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ تي جي ٻنهي
پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي.
(5) مواد پڙهڻ لاءِ سمجهه ۾ ايندڙ صاف سُٺن اکرن
۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر
۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي. فون نمبر،
فئڪس، اي ميل هجي ته اُهو به لکجي. (تازه فوٽو
موڪلڻ نه وسارجي)
(6) پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي.
ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻَڌل نه رهندو.
(7) ايڊيٽر کي مواد ۾ ضروري درستين ۽ گهربل ڦيرڦار
ڪرڻ جو پورو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال
رکيو ويندو ته جيئن ليکڪ جو مخصوص اُسلوب ۽ مواد
جو اصل مفهوم قائم رهي.
(8) نظرثاني کان سواءِ ۽ تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل
مواد جي هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف
درستين لاءِ بنهه گهڻو وقت سيڙائڻو پوي ٿو. جيتري
قدر ٿي سگهي، آخري طرح پورو اطمينان ڪجي ته مواد
صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي.
(9) اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي
وڃي يا ضرور ڇپجي. چونڊ ۽ اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر
جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو. ۽ ڇپجڻ جي حالت ۾،
سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.
(10) ”مهراڻ“ سان لاڳاپيل ڪن خاص ۽ اهم مامرن تي
ڄاڻ ڏيڻ / وٺڻ لاءِ سيڪريٽري بورڊ سان رابطو ڪري
سگهجي ٿو.
”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي“
واڌو ڄاڻَ
ناسف علي شيراز
”مهراڻ“ جي اونهاري ۽ سياري (2004) وارن پرچن ۾
راقم جو مقالو ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽
ببليوگرافي“ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو. مقالي لکڻ وقت
مون پوري پوري ڪوشش ڪئي ته سنڌي لغتن متعلق وڌ ۾
وڌ ڄاڻ پڙهندڙن تائين پهچائي سگهان، پر ان جي
باوجود ڪجهه لغتون رهجي ويون، جن جو ڏس پتو مقالي
جي شايع ٿيڻ کان پوءِ پيو. سوچيم ته انهن رهيل
لغتن جو به ذڪر ٿي وڃي، ته جيئن پڙهندڙن کي انهن
لغتن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي. اميد آهي ته پڙهندڙ
هيٺئين ڄاڻ کي مقالي سان گڏ شامل ڪري پڙهندا:
(1) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) ”ٻاروچي
ٻولي“، مهراڻ 4/1973ع، حيدرآباد سنڌ.
(2) نجف علي ڪمتر نقوي: (مقالو) سر ڪلياڻ جي لغت ۽
معنيٰ، سر ڪلياڻ جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، (1970ع).
(3) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) سر جمن جي
لغت ۽ معنيٰ، سر جمن جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر بلوچ،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، (1971ع).
(4) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) سر سريراڳ جي
لغت. سر سريراڳ جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، (1973ع).
(5) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) سر سامونڊي
جي لغت. سر سامونڊي جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر بلوچ،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، (1974ع).
(6) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) سر آبري جي
لغت ۽ معنيٰ. سر سسئي آبري جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر
بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي (1976ع).
(7) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) سر معذوري جي
لغت ۽ معنيٰ. سر معذوري جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر
بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، (1977ع).
(8) نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: (مقالو) سر کنڀات جي
لغت. سر کنڀات جو مطالعو/مرتب: ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي 1973ع.
(9) تنوير جوڻيجو: ”سماجياتي اصطلاحن جي لغت“
(انگريزي- سنڌي)، ”سنڌي ادب“، جلد-6، نمبر-1 ۽ 2،
(1982ع)، ص 53-80.
(10) تنوير جوڻيجو: ”سماجياتي اصطلاحن جي لغت“
(انگريزي- سنڌي)، ”سنڌي ادب“، جلد-6، نمبر-1 ۽ 2،
(1983ع)، ص 160-177.
(11) تنوير جوڻيجو: ”سماجياتي اصطلاحن جي لغت“،
(انگريزي- سنڌي)، ”سنڌي ادب“، جلد-8، نمبر-1 ۽ 2،
(85- 1984ع)، ص 102-125.
(12) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: (مقالو) ”شاهه جي
رسالي ۾ آيل خاص لفظن جي لغت.“ ”ڪينجهر“، سنڌي
شعبو، سنڌ يونيورسٽي (1987ع)، ص 5-46.
(13) مرحوم محمد يعقوب آغا: ”ڪليد گنج لطيف“
(رسالي جي ڪنجي) 1985ع.
هيءَ لغت آغا صاحب جي انگريزيءَ ۾ جوڙيل رسالي جي
آهي. لغت متعلق آغا صاحب لکي ٿو ته، ”هيءَ لغت سڄي
رسالي جي ڇهن هزارن ڏکين اکرن جي انگريزي معنيٰ تي
مشتمل آهي. ان کان علاوه، فارسي، عربي، ترڪي،
سرائڪي، اردو ۽ هندي زبانن مان نڪتل سنڌي اکرن
متعلق پڻ ڄاڻ ڏنل آهي.“ هن لغت متعلق خبر ناهي ته
شايع ٿي يا اڃا قلمي صورت ۾ موجود آهي.
(14) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي/سرڪاري کاتي واري رسالي
جي لغت.
ڊاڪٽر نواز علي شوق، ”لغات لطيفي“ جي پيش لفظ ۾
ديوان ڀيرومل جي هڪ مڪمل لغات جو ذڪر ڪيو آهي. لکي
ٿو ته، ”ڀيرومل تعليم کاتي وارو رسالو آڏو رکي، ان
جي لغات تيار ڪئي هئي، پر افسوس جو اها مڪمل لغات
ڇپجي نه سگهي.“ (لغات لطيفي/مرزا قليچ بيگ: پيش
لفظ: از ڊاڪٽر نواز علي شوق، 1994ع).
(15) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ: ڊڪشنري (انگريزي- سنڌي يا
سنڌي- انگريزي).
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به سنڌي- انگريزي يا انگريزي-
سنڌي ڊڪشنري لکڻ جو خاڪو ذهن ۾ رکيو هو، پر سندس
وفات جي ڪري اهو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو. ڊاڪٽر شوق
هن لغت متعلق لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به
ڪئپٽن اسٽئڪ جي طرز تي ڊڪشنري لکڻ جي ڪوشش ۾ هو،
پر سندس وفات جي ڪري اهو ڪم اڌورو رهجي ويو.“
(شاهه جو رسالو/ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ: مهاڳ، از
ڊاڪٽر نواز علي شوق، 1985ع، ص 17 ۽ 18)
(16) نامعلوم/ مختصر ڊڪشنري (انگريزي لغت).
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود
قلمي نسخن جي فهرست/مرتب، مولانا محمد صديق
السنڌي ”ماعر“. (نسخو نمبر- 290، ص 26). هن لغت جو
قلمي نسخو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾
موجود آهي.
(17) تنوير جوڻيجو: ”سماجياتي لغت“.
محترمه تنوير جوڻيجو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان
”سماجياتي لغت“ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن لغت متعلق
خبر ناهي ته مڪمل ٿي آهي يا نه.
(18) عثمان علي انصاري: شاهه جو رسالو: ڏکين لفظن
جي معنيٰ. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، (1955ع)، ص
761-816. متن کان پوءِ رسالي جي آخر ۾ انصاري صاحب
سڄي رسالي جي ڏکين اکرن جي معنيٰ کي سهيڙيو آهي.
(19) ليلا رام وطڻ مل لالواڻي: ”دي لائيف، رليجن
اينڊ پوئٽري آف شاهه لطيف“. (پارٽ ٻيو) سڄي رسالي
۾ آيل ڏکين اکرن جي انگريزيءَ ۾ معنيٰ. (1889ع)، ص
43-223، (سنڌي- انگريزي لغت).
(20) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو: ”ڪنز اللطيف“
(شاهه جي رسالي جي فرهنگ).
ڊاڪٽر دائودپوٽو به شاهه جي رسالي جي اهنجن لفظن
جي لغت لکڻ جي ڪوشش ۾ هو. جيئن پاڻ لکي ٿو،
”منهنجو ارادو آهي ته شاهه جي متن تيار ٿيڻ کان
بعد گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪتاب لکان: (1) ڪنزاللطيف: لطيفي
قديم لفظن جي صحيح معنيٰ جو فرهنگ. (2) ڪشف
اللطيف: اهو ابجد وار ڪتاب جنهن جي وسيلي شاهه
لطيف جي هر هڪ بيت کي سولو ڳولي سگهجي.“ (”مضمون ۽
مقالا“، ص 222). ڊاڪٽر صاحب جي لکت مان معلوم ٿئي
ٿو ته سندن ارادو شاهه جي رسالي جي فرهنگ لکڻ جو
هو، جنهن جو نقشو پڻ سندن ذهن ۾ هو ۽ ان جو نالو
به سوچي ڇڏيو هئائون، پر سندن اوچتي وفات جي ڪري
اهو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو.
(21) وئتپتي ڪوش/ جهمٽمل نارومل وسڻائي. مهراڻ،
جلد-9، نمبر 12، (1960ع). ص 192-235.
(22) Luchman Mulchand Khubchandani, Sindhi Dictionaries. In:
Encyclopedia of Indian Literature volume-2,
Sahitia Acadamy,
New Delhi, 1987, pp, 1037-1038.
(23) Pitniak. D.P. Sindhi grammar, Dictionaries
and Teaching Material. Indian Languages
Bibliography of grammar, Dictionaries, and
Teaching Material. Educational Resource. New
York, Education Department, 1973, p 87-89.
(24) Mahboob Pathan. A brief History and
Bibliography of Sindhi Dictionaries.
Sindhological Studies. Summer, 2000, vol. 18,
no-1, pp 33-53.
(25) Mahboob Pathan. A brief History and
Bibliography of Sindhi Dictionaries,
Sindhological Studies. Summer-winter, 1993, vol.
17, no-1, 2, pp 1-13. |