سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :13

مظهرالحق صديقي شاهه جي سورمين تي ڳالهائيندي چيو ته شاهه جون سموريون سورميون ۽ سندن ڪردار بي مثال آهن. هر سورمي عشق ۽ محبت جو لازوال داستان آهي. ڀٽائي گهوٽ جي جنهن به سُر کي پڙهجي ته اُن ۾ سندس شاعريءَ جو معراج نظر اچي ٿو. ڀٽائي صاحب جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ لطيف جي ٻولي ۽ سندس شاعريءَ کان واقف ٿيڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته  سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي ٻين علمي ادبي ادارن، عالمن ۽ اديبن ۽ شاعرن جي سهڪار سان هڪ اهڙو جامع پروگرام جوڙي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻارن توڙي نوجوانن ۾ ڀٽائيءَ جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو شوق پيدا ٿئي ۽ سنڌي ماڻهو ڀٽائي گهوٽ جي روح کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. مظهرالحق صديقيءَ پاران لطيف شناسي بابت پيش ڪيل هن پروگرام کي بيحد پسند ڪيو ويو. حبيب الله صديقيءَ چيو ته هو شاهه جي رسالي مان پهرئين ڪلاس کان پوسٽ گريجوئيشن تائين جو هڪ نصاب جوڙي رهيو آهي، جنهن ۾ هر عمر جي ٻار ۽ ماڻهوءَ لاءِ سندس سمجهه مطابق بيت ڏنل هوندا، جنهن کي سنڌ جي نصابي ڪورس ۾ شامل ڪري ڀٽائي فهميءَ جو انقلاب آڻي سگهجي ٿو. جيڪڏهن في الوقت نصابي ڪورس ۾ شامل نه به ٿي سگهي ته مددي ڪتاب طور شاگرد هن نصاب مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهن ۾ ڀٽائي شناسيءَ جو شعور پختو ٿيندو ۽ ماڻهو ڀٽائيءَ جي ڪلام طرف متوجه ٿيندا. حبيب الله صديقيءَ جي هن تجويز کي پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ مظهرالحق صديقيءَ چيو ته اوهان اهڙو نصاب ضرور تيار ڪيو ته اسان ان کي پنهنجي ڀٽائي شناسيءَ واري پروگرام ۾ شامل ڪري عوام تائين پهچائي سگهون.

ذڪر ناٿ ۽ ناهه جو: انهيءَ دوران عنايت بلوچ ڀٽائي گهوٽ جي سر رامڪليءَ مان هيٺيون بيت پڙهيو:

جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪو چارو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اُتي آديسين جو، لڳو دڳ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناهه ۾.
 

هن چيو ته ڀٽائي گهوٽ جي هن بيت مان سندس فڪري پرواز جو پتو پوي ٿو ته هو ڪهڙي منزل جو راهي آهي. ڊاڪٽر بلوچ هن بيت تي روشني وجهندي چيو ته ”ناٿ“ ايشور يا خدا کي سڏيو ويو آهي. ”ناهه“ مان مراد پنهنجي ذات جي نفي آهي، يعني پاڻ کي ناهه يا فنا ڪري ناٿ جو مشاهدو ماڻڻ. يا وري هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ عدم جي عالم ۾ جڏهن هر طرف ناهه ئي ناهه هئي، ان ناهه واري عالم ۾ محبوب جي مشاهدي جو به ذڪر آهي. هن ٻڌايو ته ناٿ پنٿ گرو ڊونڊي مل آسام واري کان شروع ٿيو. هن پنٿ ۾ گرو گورکناٿ وڏو گرو هو. سنڌ طرف هن جي چيلن جي آخري منزل هنگلاج هئي، جتي بيبي ناني جو تڪيو آهي. امير علي شاهه ڄاموٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته هنگلاج وٽ ناني جبل واقعي موجود آهي.

ذڪرگورک هِل جو: ڊاڪٽر بلوچ گورک لفظ تي ڳالهائيندي چيو ته گورک هندو گروءَ جي طرف منسوب آهي. هن چيو ته تفريح گاهه وارو ٽڪر، جيڪو دادو ضلعي جي الهندي وارن جبلن ۾ آهي، ان کي گورک هل سڏڻ غلط آهي. هن ٻڌايو ته جبل جو اصل نالو گورغ آهي، جنهن کي بگاڙي گورک ڪيو ويو آهي. نئين گاج جي بنگلي وٽ اتر ۽ ڏکڻ وارن جبلن جا نالا بارغ ۽ گورغ آهن. بارغ جي معنيٰ آهي وڏو ۽ گورغ معنيٰ مينهن جي بوندار وارو. گورغ کي گورک سڏڻ وڏي غلط فهمي پيدا ڪرڻ برابر آهي.

هندو ڌرم جي حقيقت: ڊاڪٽر بلوچ هندو ڌرم تي ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ وحدانيت جو تصور موجود آهي. هن البيرونيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته البيروني سنسڪرت مان ڪيترائي ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن، جن مان ٽي هن وقت تائين موجود آهن، جن مان هڪ آهي ”غرة الزيجات“، جنهن جو نسخو احمدآباد جي مسجد ۾ سيد محمد شاهه جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. اهو مون ڏٺو آهي. ٻيو آهي ڪتاب پاتنجل، جنهن جو قلمي نسخو استنبول ۾ فاتح جي مسجد جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ان ۾ چيل آهي ته ”تعريف ان کي جڳائي جو سمجهه کان اعليٰ آهي“. ڀڳوت گيتا ۾ به وحدانيت يعني پرماتما جو ذڪر آهي. هنن مان صاف ظاهر آهي ته هندو ڌرم ۾ به وحدانيت جو تصور موجود هو، جيڪو بعد ۾ مسخ ٿي گهڻن خدائن جي تصور ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن چيو ته لفظ ”هند“ جمع آهي هنديءَ جو، يعني هندستان ۾ رهڻ وارو. هند يا هندو جاگرافيائي نسبت آهي، اهو ڌرم يا مذهب جو نالو نه آهي. اصل ۾ برهمڻ ازم يا برهما مذهب آهي، جيڪو هاڻي هندو ڌرم سڏجي ٿو. ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي چيو ته مولانا ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته هندن وٽ ننڍن ننڍن خدائن جي تصور سان گڏ ”رب الارباب“ يعني سڀ کان وڏي خدا جو تصور به موجود آهي، جيڪو هندو مذهب ۾ وحدانيت جي تصور ۾ نشاندهي ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ ڳالهه کي وڌائيندي چيو ته اسلام اهل ڪتاب کي ”ذمي“ هجڻ واريون رعايتون ڏنيون. جڏهن اسلام عربستان جي سرحدن کي پار ڪري ايران جي سرحدن ۾ داخل ٿيو ته اتي ”زردشت“ مذهب وارن کي به اهل ڪتاب واريون رعايتون ڏنيون ويون. دليل اهو ڏنو ويو ته زردشت به پنهنجي دور جو پيغمبر ۽ مصلح هو، انڪري ان جي مڃيندڙن سان به اهل ڪتاب وارو سلوڪ ڪيو وڃي. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته برهمڻ آباد مان خليفي ڏانهن لکيائين ته هتان جي ”برهما مذهب“ (هندو ڌرم) وارن کي به اهلِ ڪتاب واريون رعايتون ڏنيون وڃن.  جنهن تي جواب آيو ته سنڌ جي برهما مذهب وارن کي به اهلِ ڪتاب واريون رعايتون ڏنيون وڃن. ائين زردشتين ۽ برهما مذهب (هندو ڌرم) وارن کي به اهلِ ڪتاب جو درجو ڏنو ويو.

مشتاق سچارويءَ چيو ته هن وقت دنيا ۾ توحيد ۽ وحدانيت جو پيغام پنهنجي اصلي روح ۽ روپ ۾ رڳو خدا جي آخري ڪتاب قرآن حڪيم ۾ موجود آهي، باقي هن کان اڳ آيل سمورن آسماني ڪتابن ۾ تحريف ۽ تبديلي اچڻ ڪري وحدانيت جو پيغام روايتن ۽ رسمن جو شڪار ٿي ويو آهي. اهلِ ڪتاب يهودي ۽ نصاريٰ، زردشت، برهمڻ يا ٻڌ ڌرم وارا اهي سڀ اصلي الاهي پيغام کان گهڻو پري ٿي ويا آهن. برهمن ازم هن وقت رڳو هندو روايتن، رسمن ۽ مِٿ جو شڪار ٿي ويو آهي. سيد آفتاب علي شاهه ڄاموٽ چيو ته اهو الله جي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو ڪرم آهي، جنهن جي سنت خدا جي قرآن، خدا جي دين ۽ خدا جي وحدانيت کي قيامت تائين زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ديوان جهمٽ مل کان معلوم ڪرڻ چاهيو ته ”اوم“ جي معنيٰ ڇا آهي. ڇا ”اوم“ لفظ جي معنيٰ ”برهما“، ”الله“ آهي يا ڪا ٻي آهي، جنهن تي جهمٽ مل وراڻيو ته ”اوم“ الله طرف اشارو آهي. جنهن تي آفتاب علي شاهه ڄاموٽ چيو ته جهڙيءَ طرح صوفي ”هو“ جو ذڪر ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح ”اوم“ جو لفظ به استعمال ٿئي ٿو. حبيب الله صديقيءَ  چيو ته رگ ويد ۾ هڪڙو ڀڄن آهي، جنهن ۾ قدرتي نظارا بيان ڪندي وراڻو اچي ٿو ته ”تت توم اسي“. اهو تون آهين جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو. هن ۾ خدا يعني ”تون هي تون“ جو تصور موجود آهي. ديوان جهمٽ مل چيو ته هندو ڌرم جي اصل ڪتابن ۾ وحدانيت جو تصور هر هنڌ موجود آهي، جنهن ۾ هڪ ئي خدا کي هن ڪائنات جو پيدا ڪندڙ ۽ پاليندڙ سڏيو ويو آهي. بعد ۾ ننڍن ننڍن خدائن جو تصور اچي ويو آهي. پر انهيءَ مان اهو نه سمجهڻ گهرجي ته هندو ڌرم خدا جي وحدانيت جو انڪاري آهي. اڄ به هر ڪوئي خدا کي مڃي ٿو ۽ هر ڏک سک ۾ اُنهيءَ جو نالو ڳنهي ٿو. هن چيو ته گيتا جو سمورو گيان بلڪل وحدانيت تي آهي ۽ مون کي ڄڻ ماڊرن ڪتاب لڳي ٿو. ان طرح هندو ڌرم تي ڪافي علمي بحث مباحثو ٿيو، جنهن ۾ مظهرالحق صديقي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي، سيد امير علي شاهه ڄاموٽ، سيد آفتاب علي شاهه ڄاموٽ، آغا مير محمد پٺاڻ، ديوان جهمٽ مل، غلام حسين سچاروي، پروفيسر ثناءُ الله ڀُٽي ۽ عنايت بلوچ سرگرم حصو ورتو.

”انجمن آفتاب ادب“ طرفان هن  سلسليوار ڪچهريءَ ۾ سيد علي گوهر شاهه ڄاموٽ، مراد علي خان نظاماڻي، انجنيئر محمد اسلم ميمڻ، ڊاڪٽر شوڪت علي مڱريو، ڊاڪٽر طٰہ حسين علي، سيد حسن علي شاهه ڄاموٽ، سيد طارق شاهه ڄاموٽ، سيد عبدالقادر شاهه ڄاموٽ، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر محمد ايوب لغاري، پروفيسر عنايت الله زنگيجو، سعيد اختر بلوچ، ڊاڪٽر سيد علي اڪبر شاهه ڄاموٽ ۽ ڊاڪٽر ياسر پٺاڻ به موجود هئا. علي شير صديقي ڪچهريءَ ۾ موجود شخصيتن جي فوٽوگرافي ڪري هنن يادگار لمحن کي تصويرن جي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. آخر ۾ مشتاق سچارويءَ جي دعوت شيراز ۾ شرڪت ڪري دوستن روح پرور بحث مباحثن سان گڏ طعام جي لذت به حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح رات جو 11 وڳي ڌاري هي محبت ڀريو ميڙ پُڄاڻيءَ تي پهتو. يار زندهه صحبت باقي.

 

دَهشتَ دَمُ درياهَه ۾، جِتِ جايُون جانارنِ،

نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ، نه ملاحنِ،

دَرندا دَرياهَه ۾، واڪا ڪِئو وَرنِ،

سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَلِئا هيٺ وڃنِ،

پُرزو پَيدا نه ٿِئي، تَختو منجهانِ تَنِ،

ڪو جو قَهرُ ڪُننِ ۾، وِئا ڪينَ وَرن،

اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ سِيرَ لنگهائيين.

(لطيف)

 

شاعري

 

”… شاعريءَ ۾ لفظن سان جذبن ۽ احساسن کي اظهارجي ٿو. لفظَ بذات خود شيون نه هوندا آهن، شين بابت هوندا آهن. شيون ڪيئن آهن شاعريءَ ۾؟ جيئن جو تيئن، انهن جي ورثن جي اهميت ٿي سگهي ٿي، پر شاعريءَ ۾ بنيادي اهميت ان ڳالهه جي آهي ته شين کي ڪيئن هئڻ کپي؟ هتي هڪ مثال ٿا ڏيون: ’ڀتِ‘ جو، جيڪا اوڏڪي به ٿئي ته سِرن جي به، ته تيڪي جي به. پٿرن جي به، ته سيمنٽ جي بلاڪن جي به! ان جي ڪڇ – ماپ به ٿيندي آهي. گهر جي ڀت جي به، ته ٻي ڪنهن عمارت جي ڀتِ جي به.

ان ڀتِ ۾ گهڻيون سِرون ڪتب آيون؟ مزوري گهڻي ٿي؟ ٻيو مسالو ڪيترو لڳو؟ گهڻن ڏينهن ۾ اها جُڙي راس ٿي؟ اهڙو سمورو حساب ڪتاب رکيو/ ڪيو ويندو آهي.

ڪڏهن آڱرين تي، ته ڪڏهن ڪاڳرن تي. پر شاعريءَ جو حساب ڪتاب، ظاهر آهي ته ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هڪ لوڪ – سِٽ، اسان جي ان ڳالهه کي شايد ڪجهه چِٽو ڪري:

جنين آڏو ’ڀتِ‘، سي به سڄڻ ڪَرَ ڏُور!

اتي ’ڀتِ‘ دوريءَ جي استعاري طور ڪتب آيل آهي ۽ ان دوريءَ جي پيڙهه دل جي زمين ۾ رکيل آهي.

ان ريت ”مارئيءَ“ جي لوئي، شاعريءَ ۾، محض ڌاس مان ٺهيل اوڇڻ نه آهي. بلڪ لڄ جو اهڃاڻ (Symbol) آهي. ”دودو“ رڳو نالو ناهي پر هڪ جوڌو آهي، جيڪو ديس تان سر ڏئي سَرهو ٿو ٿئي ۽ سورهيائيءَ جو اهڃاڻ (Symbol) بڻجي ٿو وڃي ۽ ڀاڳو ڀان ان سورهيائيءَ تي وير – گاٿا (Epic) ٿو چئي: ”سسئي“ جڏهن پنهونءَ جي ڳولا ۾، ڀنڀور ڇڏي، جبل جهاڳي ٿي، لَڪَ لتاڙي ٿي، تڏهن جاکوڙ جي علامت بڻجي ٿي وڃي ۽ لاکيڻو لطيف سسئيءَ تي پنج سُر ٿو سرجي.

سنڌي شاعريءَ (لوڪ، ڪِلاسيڪل، روايتي، جديد ۽ هاڻوڪي) جو اهڙو اڀياس ٿيڻ گهرجي- پر، جيستائين اهڙو اڀياس ٿئي، تيستائين اهي جيڪي شاعر آهن، تن کي خود پنهنجي شاعريءَ جو اهڙو اڀياس ڪرڻ جڳائي …“

- امداد حسيني

 

شبير ”هاتف“

غزل

 

وقت آخر ئي سهي پر جي پرين پهچي ويا،

آءٌ ڀائيندس ته منهنجا ٻَئي جهان سڌري ويا.

تنهنجي در پهتا جي سر ۽ ساهه جو سودو ڪري،

سي الائي ڪيئن هڪڙي مُرڪ تي سرچي ويا.

هونءَ ته ساقيءَ جي ادائن تان ٿيا پئي جان نثار،

مئي کُٽي ويئي ته مئخاني مان سڀ کسڪي ويا.

پير جي چڪر ۾ مُلڪان مُلڪ جن سان ملي ٿيو،

پيٽ جي چڪر ۾ سي سهڻا سڀئي وسري ويا.

منهنجي مجبورين جي شايد منهن ۾ ٿوري هئي جهلڪ،

ڪيترا ڄاڻو سڃاڻو اڻ سڃاڻو ٿي ويا.

مون ته اُن قرضِ محبت جي تقاضا ڪئي هئي،

جيڪو دل کولي ڏنم يارن کي، پر کائي ويا.

زندگي تي هڪ نظر پاتم ته مون کي پئي خبر،

مون ڪيا اڪثر ڀُڏا ڪم ۽ چڱا رهجي ويا.

هاڻ ڪنهن کي حسن جو خيرات ڏيندين اي سخي!

منهنجي در سينون هڻڻ وارا ڇنڊي جهولي ويا.

واٽ تي حرص ۽ هوس جي اجگرن جو زور هو،

عشق جي منزل تي پهتا ڪي، ٻيا کاڄي ويا.

تن کي ٻَڌرايون اٿن پيرِ مغان جون اڄ پڳون،

خون حق جو آخري قطرو به جيڪي پي ويا.

*طالب الموليٰ، گرامي، بيخود ۽ مجروح، راز،

نيٺ هاتف تون به ويندين جئن سڄڻ ساٿي ويا.

 

 

غزل

 

زندگي ڏاڍي قيمتي آهي،

پر مون هڪ مرڪ تي وِڪي آهي.

جان جيڪا رهي سهي آهي،

تو مٿان ئي ته وارڻي آهي.

ڪجهه حسين ٻيا به ماپجي ويندا،

جاءِ دل منجهه ايتري آهي.

اهڙي مجنون سان ڪانه ٿي هوندي،

جيڪا مون ساڻ تو ڪئي آهي.

چار ماڻهو ڏسي هي هيج نه ڪر،

منهنجا سائين ڍڪي ڀلي آهي.

ڪهڙي آڌار تي وفا ٿو گهرين،

سائي لُڻبي جا پوکبي آهي.

منهنجي چهري جي رونقن جو سبب،

تنهنجي چهري جي تازگي آهي.

ڪو چڱو ٻول، ڪو چڱو چهرو،

پنهنجي خواهش ته ايتري آهي.

ڀاءُ پاران ته لٺ ڀلي کڻجي،

شاهدي حق جي پر ڏبي آهي.

دوستن سان ته سِر جي بازي آهه،

دشمنن سان به دوستي آهي.

آهه اُن جوئي آسرو جنهن جي،

ٻن جهانن تي صاحبي آهي.

پنهنجي اُن سان به دوستي آهي،

جنهن جي هر ڪنهن سان دشمني آهي.

هونءَ حياتي به تنهنجي نالي آهه،

هي ڦٽيل دل به پيشگي آهي.

هي زمانو ۽ هوش جون ڳالهيون،

هاءِ ’هاتف‘ جي اڄ ڦِٽي آهي.

 

حميد ”شهيد“ هالائي

غزل

 

خواب خالي خواب هئا، وکري ويا جاڳان پيو،

هاڻ اکين ۾ رهن سانوڻ بڊا، جاڳان پيو.

 

آهه اوسيئڙو به يا، اُن کان سوا جاڳان پيو،

رات جا پاڇا پڇن ٿا، ڇو ڀلا جاڳان پيو.

 

پڪ اٿم اچڻي نه آهوءَ روح جي راڻي هتي،

آس جا پوءِ ڀي ڪري روشن ڏِيا، جاڳان پيو.

 

چاهه جي چارن مٿان نفرت جا چوڪيدار چُست،

هوءَ جدا جاڳي پئي ۽ مان جدا جاڳان پيو.

 

ننڊ جون گوريون به سڀئي آزمايون مون مگر،

برهه جو بيمار آهي لادوا، جاڳان پيو.

 

روز جئن پرڀات پڻ اڄ ڄاڻ آئي هي ڏسڻ،

درد جي درياهه ۾ لُڙهندو اڃا، جاڳان پيو.

 

تنهنجي ڪمري جي دريءَ جي روشني جاڳي پئي،

ڇڏ رُساما پُڇ اچي مان ڇو ڀلا جاڳان پيو؟

 

جيستائين سنڌ جاڳي، جاڳ پنهنجو ڀاڳ آهه،

واهرو جيسين وَرن، تيسين سدا جاڳان پيو.

 

روز راتاها لڳن پيا، سنڌ جي حق تي ”شهيد“،

روز اخباري بيان ڏئي رهنما، جاڳان پيو.

 

 

نظم

 

اي پرين! کلندو رهين، ٽڙندو رهين،

شل نه منهنجي سنڌ جهڙا ڏک ڏسين.

شل نه سنڌوءَ جي ڪناري اُڃ مرين،

شل نه هن سائي زمين تي بُک سهين.

شل نه ڪنهن ڌاڙيل جي تون ور چڙهين،

ماءُ جا زيور ڏئي آزاد ٿين.

شل نه ڪنهن سان پيار جو پرڻو ڪَرين،

شل نه جرڳي جي هٿان ”ڪارو“ بڻين!

شل نه صوبيدار جي آور اچين،

گهر کي پوءِ گروي رکي پنندو وَتين.

شل نه تون سرڪار کان ڪو حق گهرين،

موچڙا پوءِ پاڻ ئي هٿ سان وٺين.

اُٺ ڪتابن جو ڀلي ويهي پڙهين،

نوڪري پر پاڻ لئه ڪانهي پرين.

ڪيسين هي سڀڪجهه ڏسين، چُپ چُپ سهين،

تون به گڏجي دم مون سان کنين.

ايترو ناهي پري منزل نئين،

نيٺ پنهنجو خواب ٿيندو ساڀيان،

اُڍ، اُٿي ڪر دور نئين جي آجيان.

جند جئن آزاد ٿئي آزار کان،

سنڌ جئن آجي ٿئي پرمار کان.

گيت، وايون، بيت پوءِ ڳايون اسين،

اي پرين، منهنجا پرين، پيارا پرين!

 

هيرو ٺڪر

وائي

 

ڪوسو لڳئِه نه واءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

مان تنهنجو وڇڙيل ٻچڙو، تون آن منهنجي جيجل ماءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تون آن منهنجو سڏُ امڙ ۽ مان تنهنجو پڙلاءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تنهنجي سونهن عجب آ سائِڻ، تنهنجو عجب هُڳاءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تنهنجي ئي سِڪ ڇڪ تن من ۾ تنهنجوئي سؤداءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

ڪيئي ظالم آيا ويا، ته به قائم رکيئه جٽاءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

او سنڌوءَ جي نياڻي توسان ڪيڏو ٿيو ڪُنياءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تو تي نظر کڄي جي ميري، ٿو مون ۾ اُڀري تاءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

توکي گر ڪا چوٽ رسي، ٿو مون کي ٿئي ڪهڪاءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

ماندي ٿيءُ نه امڙ! ڏينهن ڦِرندا، وري به ورندو واءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

تنهنجي سڏ تي سهسين سورهيه هڻندا سِر جو داءُ،

سنڌ! منهنجو تو ۾ آهي ساهه.

 

ارجن حاسد

غزل

 

هوائن جي سامهون هلي ڏس ته هيڪر،

اسان جي اکين ۾ اچي ڏس ته هيڪر.

 

ڏٺئه، آرسيءَ ڪنهن ڏي ويٺي نهاريو،

ائين عڪس ڪنهن جو ڇُهي ڏس ته هيڪر.

 

ڦِڪو ڪَوڙو جهڙو سواد آ اسان جو،

اَچي ڀر ۾ ويهي چُمي ڏس ته هيڪر.

 

هئي ڳوٺ ۾ هڪ ڪُراڙي به عورت،

لڳي ماءُ وانگر، وڃي ڏس ته هيڪر.

 

اسان جي ئي ڌرتيءَ جي مٽي سڀاڳي،

ڀري ٻُڪ اکين تي رکي ڏس ته هيڪر.

 

ڪٿي ڪيترا فهم وارا رهن ٿا،

گهٽيءَ مان گهٽيءَ ۾ رُلي ڏس ته هيڪر.

 

نه شاعر جو ٿيندو ڪو آڪار آهي،

فقط رنگ خوشبو پڙهي ڏس ته هيڪر.

 

*’حسيني‘ چون سڀ چريو آهه ’حاسد‘،

ڀلي تون به ڪنهن کان پڇي ڏس ته هيڪر.

 

فتاح ملڪ

وقت جي وڻراهه ۾!

(غزل)

 

ڏينهن گذري ويو، رات گذري نٿي،

ياد تنهنجي مگر يار وسري نٿي.

 

سُور سندرو ٻڌي ڄن ته بيهي ويو،

ڇيت ڇاتيءَ منجهان هاءِ نڪري نٿي،

 

راهبر؟ راهزن؟ فرق ناهي رهيو،

قافلا ڪنهن لُٽيا، ڳالهه نِبري نٿي.

 

مُندَ مٽجي وئي، تون نه آئين مِٺا،

آس ايندين مگر، ڪابه اُسري نٿي.

 

عمر گذري وئي، وقت ناهي ڪٽيو،

پهر پهريون مگر باک نڪري نٿي.

 

ڌرتي هڪ حقيقت آهي، آڪاش اکين جو دوکو آ،

پو به پکي ڇو اُڀ ڏي اُڏري، هتڙي جيون جوکو آ.

 

ڪيئي مٺڙا ماڻهو هتڙي، جن تي سڀڪجهه وارڪجي،

پر ڪي گهاءَ جگر جا اهڙا، جن جو مِٽجڻ اوکو آ.

 

ڪيسين قيد ڪري ڪو رکندو، پڃري ۾ هن پنڇيءَ کي،

پرڙا کوهي نڪري ويندو، آڪاشن ۾ سوکو آ.

 

انسانن جي بستيءَ ۾ ڀي حيوانن جو ميلو ڙي،

جيئرو ماس چٻاڙن ويٺا هر ڪنهن مطلب دوکو آ.

 

ڏينهن سارو ڪنهن گذاريو وقت جي وڻراهه ۾،

رات ساري ڪنهن گذاري چاندنيءَ جي چاهه ۾.

 

دل مسافر ڪوڦُري ويو راهه ۾ ٿي رهنما،

ڪِن ڦرايو شهر سارو، عشق بي پرواهه ۾.

 

ڪي گهٽائن جي سهاري، رِڻ سندا راهي ٿيا،

ڪن سموريون سانوڻيون آهن سهيڙيون ساهه ۾.

 

ڪئين ڪچهريون، ڪئين ڪهاڻيون ۽ رهاڻيون روح جون،

سي سمورا خواب ها بس رات جي اونداهه ۾.

 

ڪِن جي قدمن جا نشان مِٽجي ويا لَٽجي ويا،

منزلون تن کي مليون جيڪي نه ها ساڃاهه ۾.

 

محفل مَتي چَمن ۾، باغن ۾ بلبلن ۾،

آه وفغان ويو پر، دل تي غبار آيو.

 

ساري جهان جا دلبر کِلندا وتن خوشين ۾،

پنهنجي اڱڻ ۾ ڪوئي زارو قطار آيو.

 

اندر ۾ اهه خوشبو، ڪنهن جي جو ياد آئي،

اکڙين ۾ دلربا جو خاصو خُمار آيو.

 

هيءَ حسن جي پرستش، ڀل امتحان هجي ڪو،

ديوانو اڄ به ڪنهن تي ٿيندو نثار آيو.

 

وسري وئي هئي موسم، هتڙي خزان هئي جي،

موٽي بهار آيو، ليڪن نه يار آيو.

 

 

ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي

گيت بي شمار!

(وائي، نظم)

 

ڪٿان اچي رات،

ڪيڏانهن وڃي رات!

ادا، ڪٿان اچي رات!

چنڊ ڪنهن جو پاڇو آهي، سج ڪنهن جي ذات،

ادا، ڪٿان اچي رات!

فلڪ ۾ تڙپن ڀٽڪن ڪنهن جا نغمات،

ادا، ڪٿان اچي رات!

ڪنهن جي ڪَڇ ۾ وڃي لڪي ڀلا پرڀات،

ادا، ڪٿان اچي رات!

سناٽو ڇا ٿو چئي، ڇا پَنَ خيالات،

ادا، ڪٿان اچي رات!

سورج مُکي هڪڙي حمد آهي، چنبيلي نعت،

ادا، ڪٿان اچي رات!

اي بلبل، اي ڪوئل، ڪر ڪا اسنا سان بات،

ڪٿان اچي رات!

ڪيڏانهن وڃي رات!

 

نظم

گيت بي شمار

ڌڙڪن سڀني جي سيني ۾!

جهاتي پائي ڏسو

وجود سراپا ساز

پنهنجو پاڻ موسيقي

پيهم آغاز

تڪ ڌنا ڌن تڪ

طبلي جا اسرار

گيت بي شمار

ڌڙڪن هر وجود ۾!

ڪٿان اچي، ڪيڏانهن وڃي

ندي هيءَ سرن جي

ڇا ازل هڪ مهاڪوي

آهي منهنجي ادي

خزان گيت، گيت بهار

ڌڙڪن سڀ جي دل ۾،

هر وجود ۾!

 

سڀن ۾ پنهان ساز

گيت بي شمار

سيءُ، خزان، بهار

پيچيده راز

ڌڙڪن هر وجود ۾!

وقت

 

منهنجي هٿ ۾

وقت آهي

آءٌ ڪڏهن اُن کي مٿي ڦٽو ڪيان ٿو

ڪڏهن لت هڻان ٿو

ڪڏهن ڀت تي زور سان هڻان ٿو

وقت واپس منهنجي مُٺ ۾ اچي ٿو

مون کي وقت تي ڏاڍي

ڪاوڙ آهي

آءٌ چاقو کڻي وقت جي پيٽ ۾

زور سان هڻان ٿو

اَلا، اندر رڳو خلا آهي.

مون کي وقت کان نفرت آهي، اُن تي ڏاڍي ڪاوڙ آهي

وقت منهنجو محبوب مون کان کسي ورتو

وقت ڏاڍو ظالم آهي!

 

اياز گُل

غزل

 

ماڻهو اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا،

نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا.

سچ، اُصول ۽ احساسن کي دفنائي،

رستن تي بس زندهه لاشا ڊوڙن ٿا.

ڪيئن ڪري سگهندا منزل کي پنهنجو هو،

خيال جيڪي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا.

ٻار ڇا سوچن، جيون ڪهڙي ويڌن آ،

جنهن جي پويان اَمان بابا ڊوڙن ٿا.

هر شيءِ هُن کان ڪيڏو ڏور هلي وئي آ،

دل پاسي بس يار، دلاسا ڊوڙن ٿا.

سالن کان پوءِ توسان گڏجڻ ٿيو آهي،

چپڙن ڏي ڄڻ هو جمالا ڊوڙن ٿا.

 

دوها

 

ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي هاڻي، هو ٿو ايئن نهاري،

هُن جي قيمتي ڪپڙن تي ڄن مس ڇڏي مون هاري.

رات انڌيري، وقت اويرو، سرد هوا ڀي آهي،

شايد ڪوئي دَرُ به کُلي پئي، سڏ ڪرڻ ۾ ڇاهي.

هُن جي ياد کي تالو هڻبو، لڙڪ ڪبا مدفون،

دل جون پنهنجون يار سزائون، پنهنجوئي قانون.

ڪوڙا، دوکيباز چوين ٿو، هاڻي تون جن کي،

ساهه جيان ويساهه ڪندو هئين، ساڳين نيڻن تي.

جوڀن آيس، ٿي وئي آهي، پاڻ ئي هڪ ڪهاڻي،

ٻالڪپڻ ۾ ٻُڌندي هئي جا نانيءَ کان آکاڻي.

اڳي اهي ئي منظر ها پر، بور ٿيو هئس مان،

ساڳيا منظر نوان لڳن ٿا، آهيان جي توسان.

ماري ٿو، يا موت قبولي، سامهون تيز ترار،

بند ڳليءَ ۾ بيٺل ماڻهو، ڪيئن ڪندو ٻيو يار.

 

ادل سومرو

مفلسيءَ جو فلسفو

 

• پروفيسر!

مفلسيءَ جي موسم ۾

فلسفي تي ليڪچر ڏيڻ کان پهريان

مفلسيءَ جو فلسفو ٻُڌاءِ-

• مون کي ٻڌاءِ ته

ڌرتيءَ جي سُونهن وڌائڻ وارا ماڻهو

زندگيءَ جي حُسن کان محروم ڇو آهن؟

سيمنٽ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ مزور

ڪچي گهر ۾ رهي ٿو

ڪوريءَ جو پُٽ

ڦاٽل ڪپڙا پهري ٿو

هارياڻيءَ جو ڇَڄ

اَن ڪڻي لاءِ سِڪي ٿو

انگلش ميڊيئم گرامر اسڪولن جي

طبقاتي تعليمي ماحول ۾

وڻ هيٺان پٽ تي ويهي

تعليم حاصل ڪندڙ ٻالڪ جو

مستقبل ڪهڙو آهي؟

• پروفيسر!

ٽيڪس چوري ڪندڙ

خوشحال ماڻهن کي

”معزز شهري“ جو درجو حاصل آهي

اسڪول جو ماستر

معزز شهري ڇو نٿو ٿي سگهي؟

• پروفيسر!

هڪ فلاحي رياست جو

تصور ڪهڙو آهي

۽ انهيءَ ۾ عزت ۽ احترام جو

ڪهڙو معيار هئڻ کپي؟


* مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، غلام محمد ”گرامي“، ڊاڪٽر اسد الله شاهه ”بيخود“، علي محمد ”مجروح“، عبداللطيف ”راز“ بلڙائي.

* امداد حسينيءَ جي نالي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com