سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :4

سنڌي نثر جي اوسر ۽ ان جا ڪلاسڪ نمونا

 محمد عمراڻي

لساني ۽ ادبي تاريخ نويسيءَ جي حوالي سان سيد ميران محمد شاهه (اول) جي ٻن درسي ڪتابن ’سُڌاتورو ڪُڌاتورو‘ ۽ ’آڪاسي نروار‘ بابت سڀ کان اول محمد صديق ميمڻ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ (ٽيون ڇاپو 1954ع) ۾ تفصيلاً ذڪر ڪيو آهي. ميمڻ صاحب جو تنقيدي رايو آهي ته ’سڌاتور ڪڌاتورو‘ ڪتاب ۾ ڪم آندل ڪيترائي جملا سنڌي صرف و نحو موجب اصل ٺهيل نه آهن، ڇاڪاڻ جو بقول مصنف ان وقت صرف و نحو جو ڪوبه ڪتاب موجود نه هو. ڪتاب ”ڀمڀي زميندار جي ڳالهه“ سان ڀيٽ ڪندي البته پاڻ هن خيال جا آهن ته ”ٺٽي وارن بزرگن جيڪا عبارت پنهنجن ڪتابن (جهڙوڪ هندستان جي تاريخ – قاضي غلام علي واري ۽ ڀمڀي زميندار جي ڳالهه‘- ميان غلام حسين واري) ۾ ڪم آندي آهي، تنهن بنسبت هن ڪتاب ۾ وڌيڪ درست ۽ سڌريل عبارت ڪم آيل آهي.“ (سنڌ جي ادبي تاريخ 1954ع).

لساني ۽ ادبي نقطئه نظر کان سيد ميران محمد شاهه جو بهترين نثري ثمر ’مفيد الصبيان‘ آهي، جنهن جو وري ڪوبه ذڪر اذڪار ميمڻ صاحب واري ابي تاريخ ۾ نه آهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هي درسي ڪتاب 1861ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن بابت ڪتاب جي منڍ (Preface) ۾ هيءَ حقيقت بيان ڪيل آهي: ”اصل ڪتاب هنديءَ ۾ لکيل هو، جنهن تان سيد ميران محمد شاهه پٽ سيد محمد شاهه، مٽارن جي ويٺل، مسٽر اسٽوئرٽ صاحب بهادر، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي رٿ سان ترجمو ڪيو.“ (چونڊ سنڌي نثر 1935ع).

’مفيد الصبيان‘ مان ئي هڪ دلچسپ ۽ سبق آموز درسي آکاڻي ’فارس جو شهزادو‘ چونڊ سنڌي نثر ۾ ڏنل آهي. دراصل اهو ڪتاب (چونڊ سنڌي نثر) 1935ع ۾ ڏيارام وسڻمل مير چنداڻيءَ ۽ جمناداس ولڀداس سڏاڻيءَ بمبئي يونيورستيءَ جي مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ”نصابي ڪتاب“ طور ترتيب ڏنو هو. نثر جي گهاڙيٽي مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌي نثر تي اڃا سنسڪرت ۽ هنديءَ جو اثر هو. هن آکاڻيءَ جو آغاز هن ريت ٿئي ٿو: ”ڳالهه ڪندا آهن ته فارس جي بادشاهه جي گهر هڪ پٽ ڄائو، پر ان جي ڦر تي تريءَ جيڏو ڪارولسڻ هو. بادشاهه اُو ڏسي حيران ٿيو ۽ ان جو اَرٿ ڏاهن کان پڇيائين. سڀني چيو ته حڪيمن چيو آهي ته جنهن کي اهڙو لسڻ ٿيندو آهي سو بادشاهه ٿيندو آهي، پر اُن کي ڏک گهڻا آڏا ايندا آهن“ هن دلچسپ ڪهاڻيءَ جو انجام هنن ناصحانه ٻولن تي ٿئي ٿو ته ”هن آکاڻي مان فائدو هي آهي ته ڪميڻن جي سنگت آجي کي ٻانهو ۽ ٻانهي کي خراب ڪري ٿي.“

ڏيارام ۽ جمناداس ’جهوني سنڌي نثر‘ جا اصل عاشق هئا ۽ پنهنجي ’چونڊ سنڌي نثر‘ جي مهاڳ ۾ لکن ٿا ته ”سڀڪا قديم شيءِ دل ۾ هڪ قسم جي عزت پيدا ڪري ٿي، انهيءَ ڪري جهونا سنڌي ليک به توجهه لهڻن. منجهن ڪئين خوبيون آهن، خاص ڪري سندن گهرو نج ۽ سليس سنڌي ٻولي ڏاڍي سُٺي ۽ مٺي ٿي لڳي. شايد ڪن صاحبن کي هاڻوڪا ليک سرس سمجهه ۾ اچن، پر ساهتيه جي نظر کان جهونن ليکڪن کي ڪڏهن به درگذر نه ڪري سگهبو.“

سن 1864ع ۽ سن 1870ع جي وچ ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ٽي عاليشان (Masterpiece) نثري ڪتاب لکيا، جي ڪافي حد تائين طبعزاد (Original) هئا. اُهي هئا ”سوکڙي“، ”گلقند“ ۽ ”گل شڪر“. بقول ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ ”افسوس جي ڳالهه آهي ته اُهي دستخط ڪتاب 35 سالن کان به مٿي تعليم کاتي جي ڪٻٽن ۾ نڌڻڪا ٿيا پيا هئا ۽ سن 1905ع ۾ سج جي روشني ڏٺائون.“ (سنڌي نثر تي نظر – چونڊ سنڌي نثر 1935ع) انگريز دور جي درسي نثري انقلاب ۽ نشاة الثانيه (Renaissance) جا روح روان ٻه ديوان عامل مصنف آهن، جيڪي عام فهم ٻوليءَ جي چاشني، لذت ۽ جولاني، سلاست ۽ روانيءَ جا شهسوار (Craftsman) ليکيا وڃن ٿا. هي ٻئي صاحب طرز انشاپرداز به آهن ۽ يگانه جاکوڙي به ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي ۽ منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي اڻويهين صديءَ جا آفتاب ادب! ننديرام ميراڻيءَ بابت چيتن ماڙيوالا مهراڻ (آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر 1946ع) ۾ رقم طراز آهي ته ”ديوان ننديرام جو ڏاڏو مهرو مهتو هو، جو لعل شهباز جو مودي هو، ان جي نالي پٺيان هن کي ’ميراڻي‘ ڪري سڏين ٿا. اهوئي سبب آهي جو جن هندو قومن سرزمين سيوهڻ تي رهي قلندر لعل شهباز جي فداين جي لسٽ ۾ نالو داخل ڪيو، اُنهن ۾ ميراڻي ديوان پيش پيش آهن.“ انگريز سرڪار ۾ ننديرام ميراڻيءَ جي چونڊ باقاعده هڪ سخت چٽاڀيٽيءَ رستي ڪئي وئي ۽ کيس سرڪاري مترجم (Government Translator) مقرر ڪيو ويو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيو. هن 1854ع ۾ ”تاريخ معصومي“ (فارسي) جو تُز ۽ بامحاورا سنڌي ٻولي ۾ پروقار ۽ شانائتو ترجمو ڪري تمام گهڻي انعام اڪرام ۽ اسناد جو مستحق ٿيو ۽ سرڪاري حلقن ۾ پنهنجو علمي ادبي ڌاڪو ڄمائي ڇڏيائين. سندس اولين علمي ڪشالو ”بابنامو“ (1852) آهي، جيڪو نئين انگريزي دور ۾ عربي سنڌي صورتخطي لکڻ، پڙهڻ ۽ سيکارڻ جو پرائمر (Primer) آهي. هن ۾ ”هِجي“ جو طريقو ڪم آيل آهي. ”بابنامي“ جي 32 صفحن مان 22 صفحا فقط هِجي جي استعمال ۾ ڪم آيل آهن ۽ باقي 10 صفحن ۾ اٺ سبق ڏنل آهن. اُنهن اَٺن ئي سبقن ۾ ڪُل ستر جملا سمايل آهن، جن مان ڪي مفرد جملا ته ڪي مرڪب جملا آهن. (ادبي تاريخ، محمد صديق ميمڻ)

سن 1854ع ۾ ننديرام ميراڻي مسٽر ايلس (Ellis) اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏجي ”ايسپ جون آکاڻيون“ شايع ڪيون. هيءُ ڪتاب ارد شير رستمجيءَ جي ڇاپخاني مان ليٿو ۾ شايع ٿيو. اُن جي مٿان انگريزيءَ ۾ هي الفاظ لکيل آهن.

Esops Fables in Sindhi – Kurrachee: Lithographed by Ardaseer Rutomjee 1854.

ان ڪتاب جو مُنڍ ٻن صفحن تي مشتمل آهي. ڪُل 188 صفحا آهن ۽ آکاڻيون 203 آهن. ان بعد منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ ”ايسپ جي آکاڻين“ مان هڪ سو پنج ”چونڊي، سنواري، سموهي ۽ سڌاري“ ساڳي پريس مان شايع ڪرايون. بقول محبوب علي چنا صاحب جي ”اُن جي پهرئين ڇاپي جي خبر نٿي پوي، اُن جو سن ضرور 1883ع کان اڳ جو هوندو، جو هن صاحب جو مرتيوئي 1884ع ۾ ٿيو آهي. اسان کي هنن آکاڻين جو پنجون ڇاپو مليو آهي، جنهن تي 1891ع اُڪريل آهي … منشي اُڌارام پنهنجي ڪتاب جون سڀ آکاڻيون منشي ننديرام واري نسخي تان ورتيون آهن، مگر اُنهن جا عنوان ڦريل، زبان سنواريل، عام فهم ۽ سلاست وارا عناصر غالب ۽ فهرست داخل آهن.“

(مقدمو ”ايسپ جون آکاڻيون“، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع).

لسانياتي جائزي خاطر هِت هڪ Textual موازنو (Contrast) هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ اَصل انگريزي عبارت، منشي ننديرام ميراڻيءَ جي عبارت ۽ منشي اُڌارام ٿانورداس جي عبارت ۽ ٻوليءَ جو فرق نمايان آهي. انگريزيءَ واري عبارت جيتوڻيڪ هڪ جديد ڇاپي واري ڪتاب تان ورتل آهي، پر اُن مان اِها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اڃا تائين ”ايسپ“ عالمي ادب ۾ هڪ ڪلاسڪ آهي.

The Fox and the Bunch of Grapes. A famished fox, seeing some bunch of grapes hanging [from a vine which had grown] in a tree wanted to take some, but could not reach them. So he went away saying to himself: 'Those are unripe.' Similarly, certain people, not being able to own their affairs well because of their inefficiency, blame the circumtances. This famous fable gave rise to the common English expression: 'Sour grapes' [Aesop: The Complete Fables, translated by Olivia and Robert Temple, Penguin Books, 1998]

آکاڻي (1) [منشي ننديرام جي لکيل]

لوڪڙ ۽ ڊاک جي

هڪ لوڪڙ بکيل اوچتو ڊاک جي باغ ۾ آيو، تنهن ۾ سنهارا ڇڳا ٽنگيل پيا هئا، پر منہ ڊاک جو ايترو مٿي هو ته جيترو ڪيترو لومڙ پنهنجي ٿڪجڻ توڻي ٽپا ڏنا پر هڪڙو ڇڳو نملئس نيٺ چيائين جنهن کي وڻي سو وڍي ڇا کان جو هي کٽا ۽ ڪچا آهن من کي نٿا گهرجن.

آکاڻي (1) [منشي اُڌارام جي لکيل]

گدڙ ۽ ڊاک جي

هڪ بکيل گدڙ گهمندي گهمندي اوچتوئي ڪنهن ڊاک جي منهن هيٺ اچي سهڙيو، اُتي جان کڻي مٿي نهاري ته ڇا ڏسي جو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن! ڀانيانءِ ته ٽپو ڏئي ڇني کان؛ پر ڊاک جو منهن جو تمام مٿي هو، سو هي ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو ته هڪڙو ڇڳو نالي کي نه مليس. نيٺ چوڻ لڳو ته جنهن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجن. ڇاکون ته کٽا ۽ ڪچا آهن.

نصيحت: گهڻا اهڙا ماڻهو آهن ته جڏهن ڪنهن شيء جي واسطي ڪوشش گهڻي ڪندا آهن. پوءِ جي هٿ نه لڳندي اٿن، ته ڀائين جو ڦڪا نه ٿيون، تنهن لاءِ چوندا آهن ته اسان کي هن شيءِ جي گهرجئي ڪانهي؛ ڇا ڪجي، ڪم جي ڪين آهي، ملي ته به نه وٺون. تنهن تي سنڌيءَ واري چيو آهي ته ”گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.“ پر سياڻن ماڻهن جو ڪم اهو نه آهي؛ انهن کي کپي ته جنهن ڪم ۾ هٿ وجهن، سو جيتوڻي پورو نه ٿئي، ته به ان جي گِلا نه ڪن.

”ايسپ جون آکاڻيون“ قديم يوناني ڪلاسڪ ادب جو بهترين مرقعو آهن. اُن جي باري ۾ خود انگريزي نقاد بيحد رُطب الللسان آهن. هن قديم ڪتاب جو جديد ترين ڇاپو 1996ع ۾ جڳ مشهور اشاعتي اداري Penguin جي عالمي ڪلاسڪ ادب جي سلسلي ۾ شايع ٿيو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ادبيات جي اُستاد رابرٽ ٽيمپل اُن جو قديم يوناني ٻوليءَ مان جديد انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. پنهنجي مهاڳ ۾ هي ڏاهو لکي ٿو ته:

 جي عالمي ڪلاسڪ ادب جي سلسلي ۾ شايع ٿيو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ادبيات جي اُستاد رابرٽ ٽيمپل اُن جو قديم يوناني ٻوليءَ مان جديد انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. پنهنجي مهاڳ ۾ هي ڏاهو لکي ٿو ته:

Aesops Fables – of all the names of authors from Greek antiquity, Aesop is probably the best known, more so even than Homer.' [Robert Temple, the Complete Fables of Aesop, Penguin Books, 1998]

”ايسپ جون آکاڻيون – قديم يوناني ادب جي ڪلاسڪ لکيتن ۾ ايسپ شايد سڀني کان وڌ جڳ مشهور آهي، هومر کان به گهڻو وڌيڪ.“

پروفيسر محبوب علي چنا صاحب جي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ”اِيسپ جون آکاڻيون“ واري مقدمي ۾ ٻنهي وڏن ليکڪن، ننديرام ۽ اُڌارام وارن ڇاپن جو عالمانه تنقيدي تجزيو ڏنل آهي (اڄڪلهه اهڙا مقدما گهٽ ٿا لکڻ ۾ اچن) جنهن جي مختصر اُپٽار هن ريت آهي ته:

1) منشي ننديرام واري نسخي ۾ ڇاپي خواهه اعرابن جون گهڻيون غلطيون آهن. جزم، پيش ۽ زبر کي اڪثر استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اکر ”هِڪڙو“ لکڻو آهي ته اُن کي ”هِڪڙُو“ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي صورتخطي جون ڪيتريون ئي غلطيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري منشي اُڌارام واري نسخي ۾ نه آهن.

2) ٻيو ته ’ٺ‘ خواهه ’جهه‘ جا حرف به پريس ۾ موجود نه هئا، جن کي ’ت‘ ۽ ’ج‘ ڪري لکيو ويو آهي. ديوان اُڌارام جي نسخي جي اشاعت تائين اُهي حرف باقاعدي پريس ۾ موجود هئا.

3) منشي ننديرام جي نسخي ۾ ڪي غير مروج لفظ ڪم آيل آهن، جيئن گدڙ کي لوڪڙ، وغيره. منشي اُڌارام وري اُهي سنواري مروج صورت ۾ پيش ڪيا آهن.

4) منشي ننديرام واري نسخي ۾ آکاڻين جا عنوان، بيمزي ۽ بي سواد آهن. ڪن ۾ موجوده خيال کان گرامر جون غلطيون ڏٺيون وڃن ٿيون، پر منشي اُڌارام ان کي بلڪل شسته بنايو آهي.

5) منشي اُڌارام ٻوليءَ کي وڌيڪ نمڪين بنائڻ لاءِ پهاڪن، محاورن ۽ اصطلاحن جي آميزش ڪئي آهي.

آخر ۾ برٽش لائبرري لنڊن ۾ رکيل ”چونڊ نثر“ (1935ع) واري ايڊيشن مان ڪجهه اختصار پيش ڪجن ٿا، جن مان اُڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي ٻوليءَ ۽ اُن جي لساني ساخت (Structure)، اسلوب (Diction)، صرف و نحو (Syntax/Grammar) جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي سن 1809ع ڌاري ڄائو هو. هي اصل روينيو کاتي ۾ ٿوري پگهار تي منشي ٿي گهڙيو، ۽ آخر پنهنجي ايمانداريءَ ۽ محنت ڪري مختيارڪار ٿيو. سن 1864ع ۾ پينشن ورتائين. پنهنجو پينشن جو وقت هن ڪتابن لکڻ ۾ صرف ڪيو. پارسي توڙي هندي زبان ۾ بلڪل قابل هو. سنڌيءَ ۾ ٽي ڪتاب لکيائين- سوکڙي، گل يا گلقند ۽ گل شڪر. اهي ٽيئي ڪتاب ڏاڍا وڻندڙ آهن ۽ اڃا تائين به ڪن اسڪولن ۾ پاڙهبا آهن. گلقند جو ڪتاب هن سن 1871ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ ٻيا ڪتاب به اٽڪل اُنهي وقت ڌاري لکيل اٿس. هن جي سنڌي عبارت ۽ لکڻي ڏاڍي سهڻي ۽ سٺي آهي، جا ڳالهه سندس ڪتابن مان چونڊيل ليکن مان معلوم ٿيندي.

لالچ

(هيٺيون مضمون ديوان ڪيولرام جي سوکڙيءَ مان ورتل آهي.) پورهيت هڪڙي گهڻا پورهيا ڪري سؤ روپيو گڏ ڪيو هو. هڪڙي ڏينهن پرڏيهه ڏي تيار ٿيو. هي روپيا ڌراوت رکڻ لاءِ کڻي هڪڙي هٽائيءَ وٽ ويو، پر هٽائيءَ ڌراوت رکڻ جي نه ڪئي. اُن ڳالهه تي پورهيت ۽ هٽائيءَ جو پاڻ ۾ ڳچ سوڌو چؤٻول ٿيو. ڇو جو ڌراوت رکڻ لاءِ پورهيت ماندو ۽ هٽائي ڀڄندڙ. ايتري ۾ ڳوٺ جي قاضيءَ جي ٻانهي دمڙيءَ جو تيل وٺڻ آئي، پر هٽائيءَ ۽ پورهيت جي رڳڙي ڪري ويرم لڳيس. تنهن کان قاضيءَ ويرم جو سانگو پڇيو. تنهن پورهيت ۽ هٽائيءَ جي سؤ روپين جي ڌراوت جي ريڙهه پيڙهه جي ڳالهه ڪري سڻايس. قاضي اِها ڳالهه ٻڌي، ٺڳي دل ۾ رکي دمڙي ٻي اُن کي ڏني. تنهن قاضيءَ جي چوڻ موجب ٻي هٽ تان تيل وٺي، اُن هٽائيءَ جي تيل ۾ گڏي، وري هٽائيءَ وٽ وڃي چيائينس ”تو ڀلجي تيل وڌيڪ وجهي ڏنو آهي، پر قاضيءَ کي پرائو وڌيڪ نه گهرجي. پنهنجو تيل لاهي وٺ.“ هٽائيءَ تيل لاهي ڏنس. پورهيت اِها ڳالهه ٻڌي پاڻون ڄاڻي ناڻو وٽس ڌراوت رکي ويندو رهيو.

ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ وري اچي ڌراوت قاضيءَ کان گهريائين. قاضي ڌراوت اَلي ويو. ويچاري کي ڌراوت جو ساکي ڪونه هو، تنهنڪري قاضيءَ تي ڌراوت ورجائڻ اَهنجي ڏسي ماٺ ڪري وڃي هڪڙيءَ بيوه وٽ ٽڪيو. پر اَرمان سان ٿڌا شوڪارا ٿي ڀريائين. اِهو حال ڏسي عورت پڇيس، تنهن کان گهڻو گسايائين. پر نيٺ قاضيءَ واري ڳالهه سڄي ڪري ٻڌايائينس. تڏهن هن چيس ته ”جيڪڏهن مون کي پنج روپيا مٺائيءَ جا باسين ته ڊول ڪري ڌراوت وٺي ڏيانءِ.“ پورهيت گهڻي خوشيءَ سان اِها ڳالهه باسي. جهڙيءَ ريت ڪو سوريءَ بدران ڪنڊو باسي. هيءَ مائي دلجاءِ ڪري، پورهيت کي مت سيکاري، اچا ڪپڙا ڏسي ڀال ڀلائي پڇيس. مائيءَ ڊوهه ڪري چيو ته ”ڌمڪي امير تي راجا ڏمر ڪيو آهي. ڀانئجي ٿو ته متان گهر ڦرائيس، تنهنڪري سندس گهران جواهرن جي دٻلي ڌراوت رکڻ لاءِ توڏي ڏني اٿن.“ قاضي هن جي جَون کي ڪڻڪ ڄاڻي خوش ٿيو. ايتري ۾ پورهيت اچي قاضيءَ کي سلام ڪيو. قاضيءَ پنهنجي سچائي لکائڻ لاءِ روپين جي ڳوٿري اُن گهڙيءَ ڪڍي ڏنيس. پورهيت پنهنجو ويل مال هٿ ڪري خوش ٿي ٻاهر نڪتو. واٽ تي دهل وڄندا ڏسي جهمر هڻڻ لڳو. ايتري ۾ زال پڻ قاضيءَ وٽ دٻلي ڇڏيندي پورهيت وٽ اَچي دهلن تي نچڻ لڳي. تانسين قاضي دٻلي پٽي پاهڻ ڏسي زال جي ٺڳيءَ تي تپرس کائي چوڻ لڳو ”چورن مٿان مور پيا.“ قاضي ڊوڙي زال جي پٺيان پيو. ٻاهر نڪري ٻنهي کي نچندو ڏسي پاڻ به نچڻ لڳو. ماڻهن ٽنهي کي نچندو ڏسي چيو: ”پرائين دهلين اَحمق نچي.“ اها ڳالهه ٻڌي پورهيت چيو ته ”مون سؤ روپين وڃايل لڌو آهي، تنهنڪري خوش ٿي ٿو نچان.“ زال چيو ته: ”آءٌ ٻه ٽي ڏوڪڙ ڏهاڙي ڪمايان، اڄ ته پنج روپيا مليا اٿم، تڏهن ٿي جهمر هڻان.“ قاضيءَ چيو ته ”ٻيا ڪتاب گهڻا پڙهيو هوس پر اڄ نئون سبق سکيو آهيان تنهنڪري ٿو نچان.“

حاصل ڳالهه جو: قاضيءَ دبليءَ جي لالچ تي سؤ روپين جو هٿان ڇڏيو. ڏسو لالچ جا ڪم، جنهن قاضيءَ جو ههڙو حال ڪيو. سياڻا چوندا آهن ”هڪڙي واءُ کان گهڻا ڪڪر ۽ هڪڙي شينهن کان گهڻا مرون ۽ هڪڙي مور کان گهڻا سپ، ۽ هڪڙي سينڱه کان گهڻا ڪانءُ ڀڄن،“ تنهن ريت هڪڙي لوڀ کان گهڻا گڻ ڀڄن. توکي جڳائي ته جوفي جهڙي بڇڙي بلا کي جاءِ نه ڏي؛ ۽ اهڙيءَ بلا کان پنهنجو پاڻ بچاءِ.

تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي تلوار

ڦٽيءَ ڦٽيا ڪيترا، ڪري ڪني ڪار

ڏيئي چش چوڙنگ ڪري، ماريا هن مُردار

گهٽيءَ گهوٽن کي، گهٽي ڌڙ ڪَياءِ ڌار

پنهنجو پاڻ سنڀار، سپر ڏيئي سيل جي.

دنيا جي هئڻ يا نه هئڻ مان دک:

(هيٺيون ليک ديوان ڪيولرام جي ڪتاب گلقند مان ورتل آهي).

دولت ٻن طرحين دک دائي آهي. هن ريت جو جنهن وٽ نه آهي سو سندس گڏ ڪرڻ لاءِ ڏک پاپ پٽيندو وتي، جنهن وٽ آهي سو سندس سانڍڻ سنڀالڻ ۾ ڏکيو. جيئن ته فارسي وارو چوي ٿو:

اگر دنيا نباشد درد منديم

و گر باشد به مهرش پاي بنديم.

تڏهن پڌرو ٿيو ته دولت کي اِهي ٻئي مرض لڳل آهن، پر ڌڻيءَ سڀني مرضن جي دوائن جوڙڻ ۾ گهٽ ڪين ڪيو آهي. جهڙو عربيءَ ۾ ڪلام آهي ته ”خلق الڪل داءِ دواءِ“ يعني جوڙيون اٿس سڀني ڏوارن جون ٻڪيون. تڏهن هن مرض جا علاج نه جوڙيا هوندائين ڇا؟ بيشڪ جوڙيا اٿس. ٻڌ اُهي هي آهن:

پهريائين اڻ هوند جي سڀني کان چڱي دوا صبر آهي، جو صبر وارن تي هميشہ ڌڻي مهربان رهي ٿو. ڀلا جنهن تي ڌڻيءَ جي مهرباني سوڏکي ڇو رهندو؟ هڪڙي ڪامل کان پڇيائون ته سڀاڳا ڪهڙا لڇڻ ڌارين؟ چي ”اَڻ هوند ۾ صبر ڪن ۽ هوند ۾ شڪر.“

ٻي هوند جي مرض جي دوا هڪڙو شڪر ٻي سخاوت. جنهن کي اِهي ٻه آهن سو ڌڻيءَ کي گهڻو وڻي ۽ اُن جي دولت اجائي نه وڃي. هن ريت جو دولت اهڙي شيءِ نه آهي جا سدائين هڪڙي وٿي رهي، پر جيڪڏهن شڀ مارگ هلي چلي ته هت به سک ڏئي، پر لوڪ جوپڻ سمر ٿئي. تنهن لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:

هڪڙي غريب گهڻا ڏهاڙا هڪڙي سچي درويش جي ٽهل ڪئي، تنهن راضي ٿي چيس ته دين ۽ دنيا ٻنهي مان هڪڙو گهر ته ڏيانءِ. چي دنيا. چي ڙي، دنيا ڪڪر جي پاڇي وانگي ناپائدار بي وفا، دورنگي، ڪنهن سان نبيهه نه ٿئي، اُها ٿو گهرين؟ چي سائين، جيڪا اَوهان جي خوشي. درويش چيو ته مون ٻول ڪيو آهي ته جا شيءِ گهرندين سا ڏيندوسانءِ. نيٺ درويش سندس مرضيءَ موجب دولت جي واڌاري جي دعا ڪيس ۽ ويندو رهيو. خدا جي حڪمت سان درويش جي دعا اگهاڻي ۽ غريب وٽ دولت گهڻي اچي گڏ ٿي. پر اُن تنهن دولت مان پنهنجي هٺا هٺيءَ ڪا ٿوري لاتي، مگر گهڻي سڀ خدا جي واٽ ۾ لاتائين. هڪڙي پاسي طرح طرح جا سداورت جاري ڪيائين ٻئي پاسي مسافرخانا ۽ خيراتي کوهه، باغ، تلاءُ ۽ رستا جوڙائي ڇڏيائين. ۽ ٻيا پڻ گهڻن طرحن جا اهڙا ڪم ڪيائين جي مان خلق جو سکه ٿئي. حاصل ڳالهه جو ته هڪڙي ڏهاڙي ساڳيو درويش گهمندي ڦرندي اُتي اچي نڪتو ۽ اهو حال ڏسي کلي چيائينس ته ڏاڍو پڪو آهين. گهُريئي هڪڙي شيءِ، ورتئي ٻي. مطلب ته جا دولت چڱي رستي هلندي سا ٻنهي جهانن جي سک جو سبب آهي.

منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي (1883 – 1833)

هي صاحب حيدرآباد جو رهواسي هو ۽ پهرين سنڌين مان هو جن انگريزي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو، ۽ جلدئي ان کي ڪمشنر صاحب جي دفتر ۾ نوڪري ملي، جتي ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌي ترجمان مقرر ٿيو. اوائل ۾ جيڪي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۾ آيا تن مان ڪيترا هن صاحب جا هئا جهڙوڪ: سنڌي گرامر، آموز پارسي، ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون جهڙوڪ راءِ ڏياچ، دودو چنيسر، مهر منير ۽ بدر منير ۽ ڪي سنڌي درسي ڪتاب. هن جي لکڻي ڏاڍي سهڻي ۽ وڻندڙ هئي. هو گهرو ۽ نج سنڌي لفظ ڪم آڻيندو هو ۽ سندس عبارت پڙهڻ سان دل کي فرحت پيئي اچي. سندس ٺاهيل بيت، جي جهونن سنڌي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن. تن ۾ اهڙو ميٺاج آهي جو وري وري پڙهڻ مان به ماڻهو ڪڪ نه ٿيندو.

وهئين ۽ ولهي جي آکاڻي

هيءَ ڳالهه منشي اُڌارام صاحب سن 1860ع ڌاري لکي هئي. ڳالهه جهڙي اهي مزيدار تهڙي ئي آهي سندس ٻولي سليس ۽ وڻندڙ. گهڻو ڪري سڀ لفظ ”و“ جي اکر سان شروع ٿين ٿا. اهڙن جملن جي بناوت کي انگريزيءَ ۾ Aliteration يعني تجنيس خطي چون ٿا ۽ اها هڪڙي قسم جي حسن ڪلامي آهي.

هڪڙي وهئين جي وياءَ جو ويانهن هو، تنهن وٽ هڪڙو ولهو ويو ته وهئين ويٺي وڙين جو پلاءُ واڱڻن جي ڀاڄيءَ سان کاڌو. تڏهن ولهو وڃي ويجهو ويٺس. وهئين کڻندي ئي وڙي ڇڪي ولهي جي وات ۾ وڌي ته ولهي ويچاري جنهن ويهن ورهين لاڪون وڙيءَ جو واس ئي نه ورتو هو سو وسو ٿي ويو ۽ وات پٽيو ويٺو ڪري ”واهه، واهه.“ جڏهين وهنيون وڙيون کائي واندو ٿيو، تڏهن ولهي کي چيائين ته ويجهو ٿي ويهه ته ڪا ورونهن ڪريون. ولهي واڪو ڪري چيو ته نه، آءٌ ويندس، وهندس ڪين. تڏهين هاڻي وهيون ٿو ولهي کي چوي:

وهيون ولهي کي چوي، ڙي ورنهه وير وريام

آءُ ويجهو ويهه وچ ۾، ڙي کاءُ وڙين جا طعام

وندريا رهون مدام، ڪر وائي م وڃڻ جي.

تڏهن ولهو ويچارو وائڙو ٿي اچي وهئين وٽ ويٺو ته اُتي وهيان ۽ ولها گهڻيئي اچي گڏ ٿيا.

هاڻي وهيون ويهي وچ ۾، ساءِ ٿوواکاڻي پاڻ

ته ولهو ويهي اُتهين، ٿو گهري وهئين کان ڏاڻ

پوءِ وهيون ولهي کي ساڻ، وٺي ويو به وٿاڻ ۾.

اُتي هن وڙين جي پلاءُ جو وٽو ڀري آڻي ولهي وٽ رکيو. ولهو به اچي جو وچڙيس سو وڙي نه ڇڏيائين هڪڙي. تڏهين وڙيون جي وڌيڪ کاڌائين تنهن کان اچي وائيءَ ورتس. پوءِ ويڄ ميڙي گڏ ڪيائون، تن ويهي ويچار ڪيو ته هاڻي ولهي جي جا وائي وڃي سا ڪيئن وڃي. تنهن جي واسطي ويچار ڪري هي دوائون ورتائون: وڏڦ، واوُڻنگه، وڏا ڦوٽا، ورق سونا روپا. اِهي چار دوائون ڪٽي ڦڪي جوڙي وائيءَ جي وڃڻ واسطي ولهي ويچاري کي وٺايائون؛ پروس ڪونه هليس.

ڪري وڏائي وس، ساءِ ويڄ سڀ وريا

ته ڦڪيءَ فرق نه پوي، ساءِ ٻڪيءَ ٻاجهه نه ڪا

تڏهين اُٿي ويڄ ويا ۽ وريا وري سي ڪينڪي.

ماڻهو هن ڳالهه کي چرچو ڄاڻندا پر کپين ته هن جي مطلب ڏي ڏسن يعني ته جيڪو هٻڇ ڪري وڌيڪ کائيندو آهي سو ڪڏهن نه ڪڏهن ولهي وانگي اَگهو ٿيندو آهي. تنهن ۾ واجب آهي ته وات رکجي، وڌيڪ نه کائجي، ڇا کون ته پوءِ ماڻهو طبيبن تات نه پوي.

[برٽش لئبرري لنڊن واري ”چونڊ سنڌي نثر“ تان ٿورن سان]


 

 

مفتاح الصلواة“

(هڪ سنڌي عالم جي قيمتي تحرير)

مخدوم سليم الله صديقي

جهڙيءَ طرح ڪيترا انسان تاريخ ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏي وڃن ٿا، تهڙيءَ طرح ڪجهه ڪتاب به صدين تائين پڙهندڙن جي ذوق ذريعي نسل در نسل پنهنجي مڃتا حاصل ڪندا رهن ٿا.

سيدنا عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ جي دور ۾ سنڌ ڏيهه جو ڪجهه علائقو اسلامي خلافت ۾ داخل ٿي چڪو هو. درٻار خلافت مان هميشه فتح ڪيل علائقن ۾ اسلامي قانونن جي اجراءَ ۽ نفاذ لاءِ ڄاڻو ماڻهن کي موڪليو ٿي ويو. سنڌ جي حوالي سان اهو قياس اسين  محمد بن قاسم ثقفي لاءِ به ڪري سگهون ٿا. ان  جي تائيد  تاريخ جي ان بيان سان ٿئي ٿي ته اروڙ جي فتح کان پوءِ اتان جي قضا ۽ خطابت جو عهدو موسيٰ ثقفي کي سونپيو ويو. هيءُ اهو ئي زمانو آهي، جڏهن کان سنڌ ۾ علمي جستجو ۽ تحقيق جي شروعات نظر اچي ٿي. ٿوري ئي عرصي ۾ اسان کي ديبل، منصوره، بکر ۽ سيوهڻ علمي مرڪزن جي حيثيت ۾ اُڀرندا نظر اچن ٿا. سنڌ جي عالمن، تفسير، حديث، فقه، رجال ۽ ادب جي مختلف شعبن ۾ تحقيق جو هڪ خاص معيار مقرر ڪيو. ڪيترن ته سنڌ کان ٻاهر به وڏي شهرت ماڻي. ابتدائي دور جي عربي ڪتابن ۾ سندن احوال موجود آهن، بلڪ ڪجهه عالمن  جون تحريرون اڄ به موجود آهن، جن مان ابو جعفر ديبليءَ جو ”مڪاتيب النبي ﷺ“ ۽ امام مسعود بن شيبہ بن حسن سنڌي جو ”مقدمہ ڪتاب التعليم“ گهڻا معروف آهن. انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته سومرن جي سموري دور ۽ سمن جي ابتدائي زماني جون علمي ڪاوشون اڄ به محققن جي پهچ کان پري آهن، پر پوءِ به عالمن سڳورن جا جيڪي نالا ملن ٿا، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته وڏا وڏا فقيهه ۽ قلم جا صاحب موجود هئا. سومرن جي دور ۾ مولانا برهان الدين بکري عظيم المرتبت سنڌي عالم هو. سلطان علاؤ الدين محمد شاهه خلجي جي ڏينهن ۾ سندس شهرت هندستان جي ڏورانهن علائقن تائين پکڙيل هئي. سمه دور ۾ سنڌ ۾ تعليم ۽ درسگاهون آب و تاب سان قائم هيون. مخدوم محمود فخر پوٽو ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي ثاني پاٽائي (892-802) سما دور جي آخري ڏينهن ۾ ملندڙ نيڪ نالا آهن. مخدوم بلاول هڪ اعليٰ درسگاهه جو باني هو. انهيءَ دور ۾ قاضي ابراهيم درٻيلوي، قاضي قاضن، مخدوم محمد سيوستاني، قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو سيوستاني ۽ قاضي ڏتو نمايان حيثيت رکن ٿا. مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو يا مٺو جي تعليم و تربيت ۽ نشوونما پڻ سمن جي آخري ڏينهن ۾ ٿي.

ڄام نظام الدين سمي جو زمانو علمي ۽ ادبي لحاظ کان بهترين دور سمجهيو وڃي ٿو. ان خوشگوار ماحول ۾ ڪيترائي عالم ۽ فقيهه سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. مخدوم عبدالعزيز هروي ابهري کان علاوه صاحب ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ حي جد امجد شيخ شهاب الدين سهروردي ثاني پاٽائي انهن ئي ڏينهن ۾ پاٽ جي علائقي کي آباد ڪيو. سمن  جي آخري دور ۾ علم فقه کي تعليمي نظام ۾ اهميت ملڻ لڳي.”بياض واحدي“ جلد ثاني مان سما دور جي هڪ ٻئي بزرگ مخدوم و قاضي برهان الدين بن شيخ شهاب الدين (صديقي) جي فتوائن ۽ بياض جو ڏس ملي ٿو. شيخ شهاب الدين سهروردي ثاني جو هڪ فرزند شيخ معروف پاٽ ۾ رهيو، جڏهن ته سندس هڪ ٻئي فرزند جو مقبرو پاٽ کان 25 ڪلوميٽر اتر- اولهه طرف ڪڪڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي وچ ۾ ”خانپور“ ۽ ”ڪلي“ جي ڳوٺن طرف ويندي واٽ تي موجود آهي. مقامي روايتون به سندس سما دور جي هجڻ جي تائيد ڪن ٿيون. مٿس دولهه درياخان مقبرو جوڙايو. سندس نالي سان گڏ ”مخدوم و قاضي“ جا لقب ٻڌائن ٿا ته هي بزرگ زاده مخدوم، ڪڪڙ جي علائقي جو قاضي مقرر ٿيو هو.

سمن جي دور ۾ علم فقه جي ترويج قاضي قاضن جي بيتن مان به ٿئي ٿي. ائين ٿو لڳي ته ”ڪنز“ ۽ ”قدوري“ ديني تعليم ۾ بنيادي حيثيت رکندڙ ڪتاب هئا. سمه دور جا ٻه ٻيا وڏا عالم، جن جو تعلق خانواده مسيح الاولياءَ سان هو، سي مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي ۽ مخدوم رڪن الدين هئا. هي بزرگ تفسير، حديث ۽ ٻين علمن جا وڏا عالم هئا. سمه حڪومت جي خاتمي (927هه) کان پوءِ سنڌ جون عمومي حالتون افراتفريءَ جو شڪار ٿيڻ لڳيون. تعليمي نظام جو تسلسل ٽٽڻ لڳو. مخدوم عباس جي وفات کان پوءِ مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي، جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي چاچي شيخ طاهر محدث وٽ برار ايندو ويندو رهيو ٿي، برهانپور ۾ عقد ثاني ۽ شيخ لشڪر محمد عارف جي مريدي حاصل ڪرڻ کان پوءِ مستقل اقامت اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. برهانپور ۾ عقد ثاني يعني برهانپوري گهر واري بي بي خديجه مان کيس بابا فتح محمد صاحب ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ پيدا ٿيو. سندس ولادت جي سن جو ذڪر گلزار ابرار ۽ ڪشف الحقائق ۾ موجود ڪونهي. البت واقعات مان سندس ولادت جو اندازو لڳايو ويو آهي، جيڪو 1000هه/1591ع يا ان جي ويجهو ڪو سال بيهي ٿو. سندس نالو عبدالرحمان ۽ ڪنيت ابوالمجد آهي. مگر سندس والد کيس پيار مان بابا فتح محمد جي نالي سان پڪاريندو هو، جيڪو ايترو ته زبان عام ٿيو، جو سندس اصل نالو ڪن ٿورن ئي کي معلوم آهي. سن1017هه/1608ع ۾ کيس پنهنجي والد وٽ تفسير، حديث ۽ فقه پڙهندي ڏيکاريو ويو آهي. ان حساب سان سندس والد  جي وفات وقت، سندس عمر 31-32 يا ان جي ويجهو بيهي ٿي. ان وقت پاڻ خانقاه سان ڳنڍيل مدرسي جا مهتمم هئا. حضرت مسيح الاولياءَ جي فرزند ڪلان شيخ عبدالستار جي وفات ۽ سندس فرزند ابوالقاسم کي سرمست قرار ڏيڻ جا واقعا بابا فتح محمد جي اکين اڳيان ٿيا. پاڻ به اوچتو مسند ارشاد ’شطاري خانقاه برهانپور‘ تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجا مشغلا تصنيف ۽ تاليف تائين محدود رکيا. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجي حياتيءَ جا 30-35 سال گذاري ڇڏيا. 1654ع ڌاري پنهنجي تمام جائداد متعلقين ۾ ورهائي ڏيڻ کان پوءِ هميشه لاءِ برهانپور کي خيرباد چئي مدينه منوره ۾ اقامت اختيار ڪيائين. حياتيءَ جا باقي رهيل تقريباً 14 سال روضه رسول الله ﷺ جي ڇانوَ ۾ درس و تدريس ڏيندي گذاريائين. 1080هه ڌاري وفات ڪيائين ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.

مدينه منوره ۾ مستقل قيام کان اڳ سندس سنڌ ۾ اچڻ جو احوال المڪتوب الحبيب (قلمي 1332هه) ۽ ڪتبخانه ڪوٽڙي ڪبير ۾ موجود چند اوراق آهن. المڪتوب الحبيب ۾ لکيل آهي ته: ”جن ڏينهن ۾ حضرت بابا شاهه (بابا فتح محمد) جوڪه موجب لکيئي اولاد سندس معلوم ٿو ٿئي ته برهانپور مان پاڻ حضرت محدث پاتر ۾ پنهنجي ڀائٽي مخدوم حسن قاري پاتري قدس اسرارهم جا ملاقي هئا، تن ڏينهن ۾ ڪيترا ڪتاب معدوده به طريق هبه جي پنهنجي ڀائٽئي مخدوم قاري ابن شيخ شهرالله ابن مسيح الاولياءَ عليہ الرحمهم کي لکي ڏنا هئائون. ورق آخرين شرح الموافق جيتي پَرَ اتي نسب آبائي قاريءَ (مخدوم حسن قاري) جو هنريت ساڻ لکيو اٿن:

”نقل نشان خاتم عسيٰ ان يبعثک ربک مقاما محمودا.

شجر مبارک به مواهير علما وامرا هندوستان شرح آنکه هذه شجرة اصلها ثابت و فرعها في السماءِ وکتبتها مطابق لاصلها ماثبت بمواهير المتدنين وسلمتها لابن اخي الشيخ محمد حسن القاري ابقاءَ الله تعاليٰ وهو ابن الشيخ رمضان وهو ابن ابي قطب الاقطاب الشيخ عيسيٰ الباتائي البرهانپوري وهو ابن الشيخ قاسم نور الله مرقده وهو ابن الشيخ يوسف.“

المڪتوب الحبيب کان علاوه، ڪوٽڙي ڪبير ۾ موجود اُهي چند اوراق- جن ۾ سج جي پاڇي جي حساب سان سن، سيوستان ۽ پاٽ ۾ نماز جا وقت مقرر ٿيل آهن- بابا فتح محمد جي سنڌ ۾ سفر جو احوال ڏين ٿا. کانئس پوءِ يا ويجهي ئي زماني ۾ مفتاح الصلواة جي اصل نسخي تان ڪيترن ئي نقلن جي تياري پڻ انهيءَ ڳالهه ڏانهن واضح اشارو ڪري ٿي، ته هي ڪتاب سندس حياتيءَ ۾ ئي سنڌ جي عالمن جي مطالع هيٺ رهيو.

مفتاح الصلواة جو بنياد:

بابا فتح محمد سنڌيءَ جي تحريرن ۾ سڀ کان وڌيڪ شهرت ماڻيندڙ ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ آهي، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ يڪسان مقبوليت حاصل ڪئي. هيءُ ڪتاب پنهنجي ڀاڻج شيخ احمد بن سليمان کي تعليم ڏيڻ لاءِ تحرير ڪيائون، پر  سندن اصل مقصد عوام الناس جو ڀلو هو. انهيءَ ڪتاب جو بنياد حرفي اشارن تي مبني انهن ٽن بيتن تي آهي، جن لاءِ خود مصنف فارسي نسخي جي آغاز ۾ رقمطراز آهي:

”بزرگ از علمائي سندهه فرائض و واجبات واسنن را درسه بيت بحروف اشارت کرده است که اکثر اوقات حضرت ما (ماءُ) صاحب تعليم ميفرمودند.“

”برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ“ ۾ راشد برهانپوريءَ انهن شعرن جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو:

”کسي سندهي بزرگ کي حرفي اشارات مين تين شعر مشهور تهي اور اس قدر مشهور تهي که تعليم يافته گهرانون مين مستورات ڪو بهي ازبر تهي اور وه اپني اولاد کو صغرسني جي مين ياد کراديا کرتي تهين. خود حضرت شيخ فتح محمد ني بهي اپني والده محترمه سي سيکهي تهي. جيسا که مفتاح مين مذکور هي.

انهن بيتن متعلق المڪتوب الحبيب جي تحرير پڻ سٺي ڄاڻ فراهم ڪري ٿي:

”اهي بيت حضرت مولانا محمد زاهد علماءَ سنڌ جا، جنهن مدرسي پاتر (پاٽ) کان هئا، سي عالم سنڌ جا حضرت عبدالستار ۽ شيخ رمضان شهر الله پاتري ۽ مخدوم عثمان محدث وغيره سندن اولاد امجاد کي تعليم ڏيندا هئا. مدرسا ڀريل برڪات جا گهڻا هئا. هڪڙي مدرسي جي نشاني هت ظاهر ٿي ڏيکارجي: نقل از ڪتاب ”مراح الارواح“ مورخ 972 (1565ع) الضعيف الخفيف الراجي الي (اعليٰ) رحمة الله عزيز العليم، موسيٰ بن بدر الدين في مدرسة مولانا واولينا وهو الزاهد الزاهدين واعظ الملوک والسلاطين مولانا فريد الحق والملة والدين سلمہ الله تعاليٰ وابقاه الي يوم الدين شيخ الاسلام پرگنه الانام الموليٰ الفاضل ذوالهمم نظاما مخدوما قاضي بن قاسم مدد الله عمره ونفعنا بہ اليٰ يوم الدين وسائر المبتدين من الطالب الذين في بلدة المبارکة قبة الاسلام ”پاتر“ سلمها الله تعاليٰ وصانها الله من الافات والبليات وقد تم الکتاب المسميٰ ”بمراح الارواح“ من الشهر العظيم المبارک شهر رمضان اثنين وسبعون (رمضان 972هه/1556ع) وتسمائة من الهجرة النبوية عليہ افضل الصلواة واڪمل التحيات وقد کتبت لاجل نفسي ونفع غيري من ادعيٰ سواه بطل دعواه“ (المڪتوب الحبيب قلمي)

انهن شعرن ۾ نماز جي فقهي مسئلن کي ڪجهه اهڙي انداز ۾ حرفي اشارن ۽ لايعني لفظن ۾ قيد ڪري منظوم شڪل ڏني وئي آهي، جو ننڍڙو ٻار به انهن کي برزبان ياد رکي سگهي. انهن شعرن مان لڳي ٿو ته حفظ ڪرڻ جو اهو طريقو قديم زماني کان سنڌ ۾ مروج هو. اڄڪلهه ته بين الاقوامي تنظيمن ۽ معاهدن جا طويل نالا مخففات ۾ قيد ڪيا وڃن ٿا. انهن جا ڊگها نالا ياد ڪرڻ بجاءِ لفظن جا پهريان اکر کڻي لايعني لفظ جوڙي ياد ڪيا وڃن ٿا. مفتاح الصلواة به انهيءَ هيئت جي شعرن جي اشارن جو تفصيل آهي. اهي ٽي شعر هي آهن:

(1) فرائض نه داني شوي در قلق
   اججس نوق تقق رسق
(2) چو واجب نداني شوي در خطر
   فضت تقت لقت جسر
(3) چو سنت بداني شوي مقتدا
     روث تبت تست ددا

شاعر پهريائين شعر جي ذريعي فرض، واجب ۽ سنتن جي متعلق اهم نڪتا بيان ڪري ٿو، پوءِ لايعني لفظن ذريعي فرض واجبن ۽ سنتن جا پهريان اکر کڻندي انهن کي محفوظ ڪري ٿو. اسين انهن شعرن جي وضاحت کي هيٺين چارٽ ذريعي بهتر سمجهي سگهنداسين:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com