سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :6

پر ان کي عام طرح ناقص ترجمو سمجهيو ٿو وڃي، جنهن ڪري سيد علي محمد شاه دائري واري 1277هه ۾ هڪ ٻيو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو جنهن جو نالو ”مصلح المفتاح“ رکيائين. ان ڪتاب کي عام طرح ”دائري وارن جي سنڌي“ پڻ چيو ويندو آهي. سيد علي محمد شاه جي همعصر عالم مخدوم فضل الله پاٽائي ان جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. پاڻ مقدمي ۾ ان ترجمي جو احوال هن طرح ڄاڻايو آهي:

”اترين ڀاڱي جو ويٺل هڪ شخص شرافت نصاب مروت مآب ميان غلام حيدر جو حرمين شريفين جي سفر سانگي ۽ داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ سببان ’پاٽ‘ جي شهر ۾ آيو ۽ هن فقير زاده (فضل الله) جي سجاده نشين ميان نظام الدين وٽ علم جي تحصيل ڪرڻ لڳو، تنهن کي اتفاقاً  جڏهن هن ڪتاب (سنڌي مصلح المفتاح) جي خبر پئي ته ان جي مطالعي ڏانهن راغب ٿيو، مگر سنڌي زبان جي ڏکيائي سندن ذوق جي راءِ ۾ مانع ٿي. انهيءَ ڪري احقر فضل الله هن ڪتاب جي حجاب کي هٽائڻ خاطر ان کي وري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته ڏکيائي آسانيءَ ۾ تبديل ٿئي ۽ ان فارسي ترجمي جو نالو ’اصلاح المصلح والمفتاح‘ رکيو ويو.“

پاڻ هيءُ فارسي ترجمو 1284هه/1867ع ۾ لکي پورو ڪيائون. ان ترجمي ۾ شامل مختلف مسئلن جي آخر ۾ مخدوم صاحب پنهنجي طرفان تنبيهات ۽ اختلاف راءِ کان سواءِ بعض جڳهن تي اضافا پڻ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ ئي ان ڪتاب جو نالو ”اصلاح المصلح المفتاح“ رکيو اٿس.

تازو راقم ذاتي ڪوشش وٺي ڪتاب ”مفتاح الصلواة“ جي اصل فارسي متن جو سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪرايو آهي، جنهن جي شايع ٿيڻ جي پڻ جلد اميد ڪجي ٿي. ان نسخي جو مترجم مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. مترجم جو استاد محترم ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو صاحب ان ڪتاب کي هڪ دفعو وري مدرسن جي نصاب ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آهي.

مفتاح الصلواة جا قلمي نسخا:

ڪنهن به قديم ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ان جي قلمي نسخن، ترجمن ۽ مٿس لکيل حواشي ۽ حوالن مان پڻ لڳايو ويندو آهي. مفتاح الصلواة جا قلمي نسخا اڄ به سنڌ جي قديم ڪتبخانن ۾ ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. بلڪ پنجاهه يا ان کان به اڳ جي سالن جا ڇاپي نسخا پڻ قديم علمي خاندانن جي ڪتبخانن جي زينت بڻيل آهن. مانواري قاضي شوڪت علي قريشي هالا پراڻا جي ڪتبخاني ۾ اهڙا ڪجهه ڇپيل نسخا ڏسڻ لاءِ مليا. ان کان علاوه ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو صاحب جي ڪنڊياري ۾ موجود مسجد ۽ مدرسه سان متصل عظيم ڪتبخاني قاسميہ لائبريري ۾ پڻ ان ڪتاب جا ناياب ڇاپي نسخا موجود آهن.

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقدمه مصلح المفتاح جي حواشي ۾ ٻن قلمي نسخن جو ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي، جيڪي پاڻ هالا پراڻا ۾ ڏٺائون. انهن مان هڪ جو ڪاتب محمد حافظ بن محمد محرم آهي، جنهن ان جي ڪتابت 1210هه ۾ ڪئي. جڏهن ته ٻئي نسخي (1231هه) جو ڪاتب موسيٰ نالي آهي. ڊاڪٽر صاحب جن اڳتي لکن ٿا ته: ”خود مصنف واري نسخي تان سنڌ ۾ اوائلي نسخا نقل ٿيا. اهوئي سبب آهي جو گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني قلمي نسخن جي آخر ۾ هي عبارت نقل ٿيل آهي ته: ”تم مفتاح الصلوات بيد مؤلفہ في سنہ احدي وستين بعد الالف من الهجرة.“

انهن کان علاوه به ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻئي نسخي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو ڪاتب هاله ڪنڊي جو هو. نسخي تي ”ڪتبہ الجليل 1157هه“ جا الفاظ لکيل آهن. سنڌالاجي ڄامشوري ۾ پڻ ٽي نسخا موجود آهن.

(1) هڪ نسخو جنهن جي آخر ۾ هي لفظ لکيل آهن: ”1061 تم مفتاح الصلواة بيد مؤلف.“

(2) هڪ ٻيو نسخو جنهن جي آخري صفحي تي ڪاتب جو نالو محمد حسن ولد حافظ محمد عابد ۽ سن ڪتابت 1201هه تحرير آهي. ڪاتب جي رهائش جي متعلق ”ساڪنه ديهه سونده“ جا لفظ لکيل آهن.

(3) ٽيون نسخو جنهن جو ڪاتب عبدالله ولد مرحوم محمد عابد 1274هه آهي.

سنڌ کان ٻاهر پڻ هن ڪتاب جا ڪيترائي قلمي نسخا تيار ٿيا ۽ اُن جو ترجمو ڪيو ويو. دارالسرور برهانپور جي هڪ عالمه فاضله محترمه حسينه بيگم صاحبه خط جي ذريعي ٻڌايو، ته هندستان ۾ پڻ هن جا ٽي مختلف ترجما ٿي چڪا آهن.

محترمه، ڊاڪٽر شيخ فريد برهانپوريءَ جي همشيره آهي، جنهن ”فارسي ادب جي ارتقا ۾ برهانپور جو حصو“ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. محترمه جي معلومات جو ذريعو پڻ اهو مقالو آهي. پاڻ لکن ٿيون ته ان جا ترجما (1) شاهه سعد الدين (2) قادر علي ڪمتر (3) سيد امام  الدين علي دهلوي ڪيا ۽ انهن جا قلمي نسخا ڪتبخانه آصفيه سالار جنگ ميوزم ۽ ڪتبخانه اداره ادبيات اردو حيدرآباد ۾ موجود آهن.

مددي ڪتاب

1. مقدمه مصلح المفتاح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

2. المڪتوب الحبيب، قلمي، موجود ڪتب خانه راقم.

3. عالمه فاضله محترمه حسينه بيگم صاحبه جا برهانپور مان لکيل خط

4. اصلاح المصلح و المفتاح، مخدوم فضل الله پاٽائي

5. بياض واحدي، مخدوم عبدالواحد سيوستاني

6. تاريخ باب الاسلام، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

7. برهانپور کي سندهي اولياءَ (س.ا.ب)

8. مفتاح الصلواة جي ڇاپي ۽ قلمي نسخن جو مطالعو موجود ڪتب خانه قاضي شوڪت علي قريشي هالائي، سنڌالاجي، ڪتب خانه ڪوٽڙي ڪبير، ڪتب خانه ڪنزالعلوم مدرسه سومراڻي رستم شڪارپور.

 

 

پير صاحب پاڳاري شهيد ۽ حُرن بابت تحقيقي مواد

محمد عمر چنڊ

 

(1)

حُر تحريڪ بابت لکندڙ

انگريزن ۽ اُنهن جي ساٿياري عملدارن ۽ کٽيو کائيندڙ عوامي وفادار ماڻهن سان پير صاحب پاڳارن ۽ حُرن 1843ع کان 1951ع تائين هڪ سَو اٺن سالن تائين مقابلو ڪيو. اُنهيءَ عرصي ۾ انگريزن ۽ سندن مقامي ساٿين ۽ مددگارن پير صاحب پاڳاري ۽ سندس حُر مريدن خلاف نه رڳو وڏي پيماني تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو، پر سندن ظلم جي شڪار اُنهن مريدن ۽ پير صاحب جي خلاف هڪ منظم انداز سان پروپيگنڊا ڪئي، جنهن سان حُرن کي هڪ خراب، جهيڙاڪ، اخلاق کان وانجهيل ۽ هڪ ڏهڪاري قوم جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو.

وقت جي حڪومت جي اهڙي ختم نه ٿيندڙ منفي پرچار جو لازمي طور اِهو نتيجو نڪتو جو ڪو ورلي ليکڪ اهڙو پيدا ٿي ٿيو، جيڪو وقت جي حڪومت جي طرفان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏاڍاين جو ذڪر ڪري ۽ حُرن ۽ ٻين مريدن ۽ غير مريدن سان ٿيندڙ ظلمن کي افشاءَ ڪري يا پڌرو ڪري. عوام الناس توڙي علماءَ جي اڪثريت تي انگريز جي راڄ ۽ مارشل لاءِ جو ايتري قدر خوف 7 هراس جو، جو گهڻي وقت تائين ڪنهن به شخص کي انهن مظلومن جي حق ۾ ڪجهه لکڻ يا چوڻ جي همت ڪانه ٿي. جيڪي خير خواهه لکندڙ هئا يا جن ڳالهه جي تهه کي سمجهيو ٿي، اُنهن کي به ورلي همت ٿيندي هئي جو ڪجهه چئي سگهن. الغرض هڪڙو وڏو زمانو اهڙو رهيو جو پير پاڳارن يا سندن مريدن جو نالو سُٺن لفظن ۾ وٺڻ ڄڻ ته وڏي ڏوهه جو ڪم هو. اول جن ماڻهن ڊڄي ڊڄي آواز اُٿاريو تن حُرن جي فائدي ۾ لکڻ جي بدران حُرن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف ڳالهايو يا لکيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڀلا سنڌ جا سڀئي ماڻهو حُر ٿي ويا آهن ڇا جو مٿن اهڙيون سختيون رکڻ لاءِ حُرن کي دٻائڻ واري ايڪٽ (حُر سپريشن ايڪٽ) جو ميعاد وڌندو ٿو رهي! 1946ع تائين حُرن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف لکڻ يا ڳالهائڻ ڄڻ ته پاڻ کي سرڪاري عملدارن جي طرفان ٻاريل باهه ۾ اُڇلڻ جي برابر هو. اُنهيءَ زماني ۾ روزنامه ”آزاد“ ڪراچي، قرباني، باب الاسلام، الوحيد، هفت روزهه پيغام صلح، روزنامه زميندار لاهور، روزنامه هندستان (سنڏي)، جهڙيون اخبارون، حريدا حُرن سان ٿيندڙ سرڪاري ظلمن جي خلاف ڪڏهن ڪڏهن موقعي مهل سان لکندا رهندا هئا، پر اهو آواز ايڏو ته جهيڻو هو جو سرڪاري ايوانن تائين ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. نيٺ اُنهن اخبارن ۾ ڇپيل اداريا يا ايڊيٽوريل گڏ ڪري حڪيم حافظ محمد يعقوب قادري صاحب 1947ع ڌاري اردو ۾ هڪڙو ڪتابڙو ”حُر مظلومون ڪي فرياد“ ڇپايو. ان ڪتابڙي جو مقصد هو ته سنڌي پريس ۾ جيڪي حُرن بابت فرياد اچي رهيا هئا، اهي اردو پڙهندڙن جي اکين ۽ ڪنن تائين به پهچن جو نوان حاڪم، جيڪي اُن وقت پاڪستان، خصوصاً سنڌ ۾ اچي رهيا هئا، ۽ جيڪي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هتي اچي رهيا هئا، يا پنجاب، سرحد، ۽ بلوچستان جي گهڻن علائقن ۾ رهيا ٿي، اُنهن ماڻهن جي لکڻ پڙهڻ جي ٻولي اردو هئي. ”حُر مظلومون ڪي فرياد“ ڪتابڙي جي اُنهن ننڍڙن مضمونن ۾ حُرن تي ٿيندڙ ظلمن ڏانهن سنڌ حڪومت ۽ پاڪستاني حڪومت جي عملدارن ۽ ٻين عوامي ماڻهن جو توجهه ڇڪايو ويو هو. بهرحال اُن وقت اهڙو ڪم ڪرڻ وڏي همت ۽ دل گردي جو ڪم هو، جو فيل مست ظالم حاڪم جي انتقامي ڏاڍ جي ڊپ هوندي به ڪوڌڻيءَ جو ٻانهو سرتريءَ تي رکي، حق جي ڳالهه چوي. ملڪ جي 1947ع ۾ آزاد ٿيڻ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به (فيبروري 1952ع تائين) ساڍن چئن سالن تائين روضي ڌڻيءَ جي گادي غير بحال رهي ۽ حُر مرد، عورتون ۽ ٻار لوڙهن يا ڪنسنٽريشن (Concentration) ڪئمپن ۽ جيلن ۾ قيد هئا ۽ مٿن ظلم برقرار رهيو، ۽ تقريباً پنجاهه سال حُرن تي ٿيل ظلمن خلاف اُٿندڙ آواز دٻيل رهيو.

اڻويهه سو پنجاهه واري ڏهاڪي جي اوائلي سالن ۾ جن ماڻهن علمي سطح تي حُرن بابت لکيو اُنهن مان سر فهرست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، ملهار فقير ۽ وليداد ولي جا نالا وٺي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب روض: ڌڻي سيد محمد راشد رح کان وٺي پير صاحب پاڳارن، صبغت الله شاهه اول، علي گوهر شاهه اول، حزب الله شاهه، شاهه مردان شاهه ۽ سورهيه بادشاهه (صبغت الله شاهه ثاني) تي اُنهن جي ديوانن، ملفوظات، خليفي نبي بخش جي ڪلام، واقعاتي بيتن ۽ ٻين مجموعن جي مقدمن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جيڪو بنيادي مواد جو ڪم ڏيندو رهيو آهي. نيم سرڪاري اداري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجندڙ رسالي ٽِه – ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڊاڪٽر صاحب جا اهڙا ڪيترا مضمون ڇپيا. ٽِه – ماهي ”مهراڻ“ کيرون لهڻيون جو اُن وقت سرڪاري ڏمر جي ڀَوَ کان هيسجڻ بدران ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ٻين مفڪرن جا مضمون ڇاپيائين. اُنهيءَ ساڳئي ٽِه – ماهي مهراڻ رسالي وليداد ”ولي“ جهڙي باضمير دردمندن دل رکندڙ رٽائرڊ عملدار جو هڪ تمام ڪارائتو مضمون 1958ع جي شماري نمبر 1 ۽ 2 ۾ ڇپيو ۽ اُتان پوءِ مختلف مجموعن ۾ ڇپجندو رهيو. 1992ع ۾ ”سانگهڙ جي سرهاڻ“ ۾ به هن مضمون کي جاءِ ملي. وري سنڌيڪا وارن به پنهنجي ڪتاب ”حُر گوريلا تحريڪ“ 2002ع ۾ هن مضمون کي درج ڪيو.

 وليداد ”ولي“ پنهنجي ڊائرين تان ورتل هن تمام ڪارائتي مضمون ۾ 1942ع ۽ 1943ع وارن ملٽري آپريشنز جو احوال ڄاڻايو، جنهن ۾ هن خصوصاً حُر عورتن سان ٿيندڙ زيادتين ڏانهن توجهه ڇڪايو ۽ غدارن جا ڪي مثال ڄاڻائين. اُن کان سواءِ پيسي جي لالچ ۾ وڙهندڙ انگريز جي نوڪرن جي بزدلين جا مثال ٻڌايائين ۽ وطن لاءِ وڙهندڙ جانفروشن حُرن جي همت ۽ بهادريءَ جو ذڪر ڪيائين. وليداد ولي، جيئن پاڻ بيان ڪيائين، سنڌ پوليس رينجرز جي بلوچ ڪمپنيءَ ۾ ڪوارٽر ماسٽر جي حيثيت سان 21- مئي 1942ع تي شامل ٿيو. پنهنجي ڊيوٽيءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هو حيدرآباد ۾ عبدالله خواب ۽ سندس ساٿين جي صحبت ۾ گذاريندو هو. هن مضمون جي خاص خصوصيت اها هئي، جو چئجي ته فرعون جي گهر جي ڀيدي هئڻ جي حيثيت سان وليداد هامان جي لشڪر ۾ رهي، ان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان پوءِ، فرعون ۽ هامان جي ڏاڍ، ظلم ۽ انسانيت دشمنيءَ جو ويهي داستان لکيو. اُن وقت ماڻهن ۾ ڪورٽ مارسل ٿيڻ جو گهڻو ڊپ هو ۽ اها هڪ وڏي جرئت (يا چئجي ته چريائپ)  جي ڳالهه هئي، جو اهڙي موضوع تي قلم کڻجي. اهڙيءَ مردانگيءَ جا مثال کانئس اڳ ڪٿي ڪونه ٿا ملن. البته هاڻوڪي زماني ۾ اُنهن فوجين جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي ويٽنام، ايران، عراق ۽ افغانستان ۾ وڙهي واپس اچڻ کان پوءِ پنهنجي ديس واسين کي اهو ٻڌائين ٿا ته سندن حاڪم ڪيڏي وڏي انسانيت سوز ڪم ۾ مشغول آهن. پر دنيا ۾ پهريون دفعو ضمير جي آواز تي اهڙي ڳالهه هندوستان ۽ پاڪستان جي علائقي ۾ ٿي ۽ اها وليداد ”ولي“ جهڙن ماڻهن ڪئي. وليداد وليءَ جو اهو مضمون اهڙو هو جيڪو اُڻ زماني ۾ گهڻن ماڻهن جي اکين تي چڙهيل پردن کي لاهڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيڻ کپندو هو، پر ماڻهن جي اکين تي انگريز جي پروپيگنڊا جي ڪري تعصب جو پردو ايڏو ته گهرو چڙهيل هو جو اُن کي لاهڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو. گهڻا سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا اُن زماني ۾ حُرن جي فائدي ۾ ڪا ڳالهه ڪين ڇاپيندا هئا، پر ويندي هن زماني ۾ اهڙا ڪي ورلي رسالا آهن، جيڪي اُنهيءَ ميدان ۾ مضمون لکن ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ملهار فقير خاصخيلي جو حُرن بابت لکڻ هڪ نئين، غير معمولي، تمام همت واري ۽ سٺي ڳالهه هئي. ملهار فقير هڪ غريب حُر فقير هو ۽ تعليم تمام معمولي هئس. اُڻ هوندي به تاريخ حريت سنڌ، بچو بادشاهه، بهادر ڀينرون، سرفروش سنڌ، سنڌ سجاڳ آهي، پنهنجون پچارون، جهڙا ننڍڙآ وڏڙا پندرهن کن ڪتابڙا لکيائين ۽ پنهنجي خرچ تي ڇاپائي پڌرا ڪيائين، ۽ نه رڳو حُرن تي ٿيل ظلمن جون ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌايائين، پر حُرن جي ڪردار کي صحيح ۽ مثبت انداز ۾ پيش ڪري، هنن جي شجاعت جو داستان اُن لاءِ ٻڌايائين ته ايندڙ نسل پنهنجي وڏن جي قربانين تي فخر ڪري سگهن. ملهار فقير جي لکتن مان محمد عثمان ڏيپلائي صاحب پنهنجي معرڪة الآرا ڪتاب ”سانگهڙ“ ۾ گهڻو استفادو ڪيو.

انهيءَ ساڳئي نقطهء نظر سان ڏيپلائي صاحب جي ناول ”سانگهڙ“ کي پڙهڻ گهرجي. ”سانگهڙ“ ناول لکي ڏيپلائي صاحب سنڌ ۽ سنڌ واسين تي وڏو ٿورو ڪيو، جنهن کي جيترو ساراهجي ۽ ڳائجي اوترو گهٽ آهي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نه رڳو حُرن فقيرن سان ذاتي تعلق هو، پر نور محمد ”سنڌي“ جهڙن لوڙهن جي مئنيجرن سان به ياريون هئس، ۽ صحافت جي ڪم ۾ مشغوليءَ جي ڪري سرڪاري ۽ نيم سراڪري ماڻهن سان واسطا هئس، جنهنڪري پنهنجي ناول ۾ ڪيترا اهڙا تاريخي واقعا ڏنا اٿس، جن جي سچ هئڻ ۾ ڪو شڪ ۽ گمان ڪونهي. مثال طور، پير صاحب صبغت الله شهيد سان سائين جي. ايم. سيد جي ملاقات (ص 99 – 100)، جنهن جي تصديق جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائجي ته سائين پاڻ پنهنجي ڪتاب "Case for Sindh" (”سنڌ ڳالهائي ٿي“) ۾ اها گفتگو ”سانگهڙ“ تان وٺي پيش ڪئي آهي. ۽ ان جو حوالو ڏنو اٿس. ان کان سواءِ پير صاحب سان ڪانگريسين جي ملاقات (ص 104 – 113)، پير صاحب سان غلام حسين هدايت الله جي ملاقات (ص 114 – 118)، 14 جنوري 1943ع تي لئمبرڪ جي پير صاحب سان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ملاقات (ص 573 – 582)، غلام رسول شاهه سان حُرن جو کينواريءَ ۾ مقابلو (ص 562 – 565)، ۽ بس کان کپري جي سب انسپيڪٽر جو قتل (ص 560 – 562) بلڪل صحيح واقعا آهن. البته هنن آخري ٻن واقعن ۾ تصحيحن جي ضرورت آهي. ڏيپلائي صاحب عام ديسي ماڻهن وانگر تاريخون ڪونه ڄاڻايون آهن، انڪري انهن واقعن مان ڪهڙو اڳ ٿيو ۽ ڪهڙو پوءِ، ان ۾ ٿوري دُرستي رهجي وئي آهي. کينواريءَ جو واقعو 16 مارچ 1942ع تي کپري واري بس جي واقعي (20 مئي 1942ع)  کان اٽڪل ٻه مهينا اڳ ٿيو آهي، انڪري ائين چئي ڪونه سگهبو ته غلام رسول شاهه کپري واري واقعي جو ٻڌي حُرن کي چئلينج ڏياري موڪليو. جيتوڻيڪ چئلينج ڏياري موڪلڻ جي ڳالهه سچي آهي، پر ان چئلينج جو ٻين واقعن سان تعلق هو. ٻي ڳالهه ته سب انسپيڪٽر جي نالي جي لِڪ ڪندي ڏيپلائي صاحب ان جو نالو ”محسن شاهه“ ڄاڻايو آهي. ان انسپيڪٽر جو اصل نالو ”محدم موسيٰ شاهه“ هو. (ڏسو نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر اسلام آباد جي فائل نمبر ايس 211 جو صفحو 33). انهن ڳالهين کان سواءِ ڏيپلائي صاحب غازي تحريڪ جي اوائلي ڏينهن ۾ ”اولين“ غازي حُر مجاهدن جا نالا ڏنا آهن (صفحا 92 کان 93 تائين) ۽ انهن جي مقابلن جا تفصيل گهڻي قدر بلڪل صحيح پيش ڪيا ويا آهن. البته سترهن عورتن جي تربيت ۽ مقابلن جا جيڪي تفصيل آهن، اُنهن ۾ اڪثر نالي ڦير ڪئي وئي آهي، ۽ انهن ۾ جاين جڳهين ۽ ماڻهن جي نالن نه هئڻ ڪري، اهي ڳالهيون افسانوي محسوس ٿين ٿيون، پر جيڪي واقعا ڏيپلائي صاحب ڄاڻايا آهن، اُهي واقعي ٿي گذريا ۽ سچا آهن، ۽ ڏيپلائي صاحب لکيو هو ته جنهن کي اصل نالا گهربا ته اهي مهيا ڪيا ويندا. معلوم ناهي ته سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ هاڻي سندس ڪاغذن ۾ اهڙا ڪي واضح اشارا هٿ ايندا يا نه! ستر جي ڏهاڪي ۾ لئمبرڪ پاڻ اُنهيءَ خوني داستان کي پنهنجن لفظن ۾ لکيو ۽ "The Terrorist" جي نالي سان هيءُ ناول 1972ع ۾ لنڊن مان ڇپرايائين. هن تاريخي ناول ۾ حقيقي واقعا ڏنا ويا، پر اُنهن ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون. اول ته ڪيترين حالتن ۾ ڪردارن جا نالا ڦيرايا ويا ۽ ٻيو ته جيتوڻيڪ ڪهاڻيءَ جو بيان ڪندڙ هيرو (سائين رکيو) حُر مريد ڪري ڏيکاريو اٿس ۽ کيس هر واقعي جو اکين ڏٺو شاهد ڪري ڄاڻايو اٿس، جو هو هر واقعي ۾ هر هنڌ موجود ڏيکاريو ويو آهي، پر هن سائين رکئي جي ڪردار کي لئمبرڪ پنهنجي تعصبي رنگن سان چٽيو آهي، جو هن کي پنهنجي واتئون پاڻ کي ڏوهاري، ڏهڪاري ۽ چور ٿو چورائي ۽ ليکڪ کانئس پنهنجي واتئون پنهنجي ماءُ جي يارن جي ڳالهه ٿو چورائي ۽ پڻ پنهنجي ڀيڻ، زال ۽ ساهيڙين متعلق بي غيرتائيءَ واريون ڳالهيون ٿو چورائي. اُنهيءَ لحاظ کان لئمبرڪ جيتريقدر حُرن سان دشمني سنڌ واري زندگيءَ ۾ ملهائي، اوتري قدر هن هيءُ ڪتاب لنڊن ۾ لکي رهيل کهيل ڪسر پوري ڪيائين. هڪ ايماندار ليکڪ جي حيثيت سان کيس جُڳائيندو هو ته ان ناول جو مک ڪردار يا هيرو پاڻ ٿئي ها يا ٻئي ڪنهن انگريز حاڪم يا ديسي ڇاڙتي کي هيرو بنائي ها ۽ ان جي واتئون اها ڪهاڻي ٻڌائي ها. پوءِ حُرن کي ڏهڪاري يا دهشتگرد سڏڻ کيس ٺهي ها، جو اهڙو بيان ليکڪ ۽ ان جي ناول جي مک ڪردار جي نقطئه نظر سان ٺهڪي اچي ها. اُنهيءَ لحاظ کان اهڙو بيان ليکڪ جي تخليقي ايمانداريءَ تي ٻڌل هجي ها. موجوده صورتحال ۾ لئمنبرڪ پنهنجي بيٺڪي سامراجي نقطئه نظر سان هڪ حُر جي واتئون اها ڪهاڻي چورائي آهي. جيتوڻيڪ انگريزن کان اهڙو ڪُڌو ڪم بعيد ناهي ۽ هُو ٻين قومن سان به اهڙوئي سلوڪ ڪندا رهيا آهن، پر آئوٽرام ۽ ايسٽوڪ جهڙا اڳيان انگريز ليکڪ ڌاري دشمن قوم متعلق انساني همدرديءَ واري ورتاءُ سان اهڙيءَ طرح لکندا هئا، جو پنهنجي هموطن ظالمن کي نندڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا. اهو ته هنن جي عقيدي کان بلڪل بعيد هو ته پنهنجو نقطئه نظر دشمن جي واتئون چورائين. لئمبرڪ اهڙو قدم کڻي تخليقي بدديانتيءَ جي عمارت جي نئين پيڙهه رکي آهي.

اهڙيءَ طرح 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ۽ ان کان پوءِ جن ماڻهن پير صاحب ۽ حُرن بابت لکيو، تن ۾ ميجر جنرل جي حيثيت سان رٽائر ٿيل وصال محمد خان جو نالو وٺي سگهبو، جنهن جا مضمون غلام مصطفيٰ شاهه صاحب پنهنجي انگريزي رسالي Sindh Quarterly ۾ ڇپايا. پير صاحب صبغت الله شاهه شهيد تي ڪيس هلڻ وقت سيميوئل غنيءَ جيڪا شاهدن جي تربيت گاهه ٺاهي هئي ۽ اُتي جيڪي سرڪاري ڌُر طرفان ڌانڌليون پئي ڪيائين، سي وصال محمد پنهنجي اکين سان ڏٺيون (ڏيپلائي صاحب به اُنهن جو ذڪر تمام واضح لفظن ۾ ڪيو)، ۽ ويڙهه ۾ حُرن جي بهادري، جرئت ۽ ايمان جي قوت سان انگريزن جي هيڏي قوت سان سندن مقابلو ڪرڻ، اهو سڄو داستان وليداد وليءَ وانگي فرعون جي لشڪر مان آيل ٻئي سپهه سالار جي تصديقي بيان وانگر آهي. جيتوڻيڪ وصال محمد خان جڏهن پنهنجا مضمون لکڻ شرو ڪيا ته سندس نقطئه نظر انگريزن جي نقطئه نظر جهڙو ٿي لڳو، جنهن ۾ پير صاحب ۽ سندس مريدن متعلق سندس راءِ اُهائي نظر ٿي آئي، جيڪا لئمبرڪ، رچرڊسن، ڪارگل، هيوڊو ۽ سندن ساٿين جي هئي، پر جيئن سندس مضمون اڳتي وڌيا ته وصال محمد جو انداز بدلجندي نظر ٿو اچي، ڄڻ ته پاڻ پير صاحب ۽ حُرن متعلق مثبت انداز ۾ سوچڻ شروع ڪيائين. سندس خيال لکڻ دوران صاف طور بدلجندي نظر اچي ٿو ۽ نيٺ هو پير صاحب ۽ سندس مريدن کي مثبت انداز ۾ ڏسڻ لڳي ٿو. اهي مضمون سنڌيءَ ۾ غلام حسين رنگريز ترجمو ڪيا، جيڪي ”سانگهڙ جي سرهاڻ، سانگهڙ ثقافتي ميلو 1992ع واري سوونيئر ۾ ڇپيا. 2002ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي وارن پنهنجي مجموعي ”حُر گوريلا تحريڪ“ ۾ به ڏنا آهن. اُنهيءَ ساڳئي مجموعي ۾ سنڌيڪا وارن آفتاب نبي، وصال محمد خان، جئڪ فيلپس (Jack Phelps) (جنهن کي غلطيءَ سان ڪرنل فلپ لکيو ويو آهي)، وليداد ولي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا مضمون ڏنا آهن. جيتوڻيڪ اهي سڀيئي مضمون اڳي ڪٿي نه ڪٿي ڇپجي چڪا هئا، پر اُنهن جي افاديت جي لحاظ سان انهن جو وري وري ڇپجڻ پڙهندڙن لاءِ ڪارائتو آهي.

اڻويهه سو اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن ۾ انگلنڊ مان ڊاڪٽر ساره انصاري سنڌ ۾ آئي، جنهن انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي مڙني گادين، پيرن ۽ صوفين جي ڳالهه کي ڪوليبوريٽر جي حيثيت سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن انگلنڊ جي يونيورسٽين ۾ ان وقت فئشن هو. ان طرز فڪر جو مطلب اهو هو ته انگريز سامراج بيٺڪن ۾ ظلم ڪونه ڪيا، پر اُتي جي ماڻهن سامراج جو ساٿ ڏنو (ڪوليبوريٽ ڪيو)، جنهن جي ڪري اُتي انگريز راڄ ڪري سگهيا. ڊاڪٽر ساره سنڌ جي مختلف دورن جي پيرن، گادي نشينن ۽ جاگيردارن بابت لکيو ته ڪيئن اهي سڀئي حڪومت طرفان عطا ٿيل نعمتن جي عيوض حڪومت جا ڇاڙتا ٿي رهيا ۽ وقت جي حڪومت جي ڪمن کي نڀائڻ لاءِ حڪومت جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا، ۽ ڪيئن حڪومت جنهن وقت ڏٺو ٿي ته هي ماڻهو حڪومت سان غداريءَ جا مرتڪب ٿي غلاميءَ جي ڳٽ کي لاهي ڦٽو ڪرڻ جي خيال۾ آيا ٿي ته ڪيئن ”ويچاري“ برطانيا جي انگريز حڪومت پنهنجي انتطام کي برقرار رکڻ لاءِ طاقت جي استعمال کان ڪم ٿي ورتو. اڙي عجب جهڙي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ساره انصاري پير صاحب پاڳاري ۽ حُرن بابت ٻه باب ڏنا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي انگريز وڏڙن جي طاقت جي استعمال کي مجبوريءَ جو قدم ليکيو آهي ۽ طاقت جي اهڙن سفاڪانه استعمال کي حق بجانب ڏيکاريو آهي. سنڌ جي صوفي سياستدانن تي لکيل هن ڪتاب ۾، جيڪو 1992ع ۾ ڇپيو. سنڌ جي سڀني اڳين پوين صوفي سڳورن ۽ سياستدانن کي اُنهيءَ نقطئه نظر سان ڏٺو ويو آهي، ته هو ڪيتريقدر حڪومت سان ڪوليبوريتر (Collaborators) (انگريزن جو ساٿ ڏيندڙ ۽ پنهنجي مل ۽ قوم جا غدار) هئا، يعني بيٺڪي سرڪار طرفان عطا ٿيل پيسي ڏوڪڙ، زمين ۽ اختيار جي لالچ جي حق نڀائڻ لاءِ مٿن اهو لازم هو ته هو غاصب حاڪمن سان شامل ٿي، پنهنجي وطن خلاف انگريزن سان ساٿياري ڌوڙي ڀيچي ٿي بيهن ۽ ڊاڪٽر صاحبه پاڻ ڏيکارڻ جي اها ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه ماڻهو اهڙو نه هو، جنهن بيٺڪي حاڪمن جي لوڻ جو حق نه نڀايو هجي. ڊاڪٽر ساره جي نظر ۾ ڪو هڪڙو سياستدان به ڪونه هو، جنهن لاءِ چئي سگهجي ته هن حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار هئڻ ڪري، ٻاهرين سان سازشن ۾ ساٿ نه ڏنو. ڊاڪٽر ساره انصاريءَ جو اهو ڪتاب اول هڪڙو نظريو رٿي، ان کي پوءِ ٻيا سڀ پهلو نظر انداز ڪري، ”تاريخ جي نئين تاويل“ سان ثابت ڪرڻ ۾ دلچسپي رکڻ جو بدترين مثال آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاريءَ، 1992ع ۾، پنهنجي اردوءَ ۾ ٻن جلدن ۾ ڇپايل ڪتاب ”تحريک آزادي مين سندهه کا کردار“ ۾ پهريون دفعو علمي تاريخ نويسيءَ جي حوالي سان سنڌ مان اُڀرندڙ آزاديءَ جي ٻين تحريڪن سان گڏ حُر تحريڪ جو به تمام تفصيل سان ذڪر ڪيو. پهرئين جلد جي اٺين باب (صفحي 137 کان 181 تائين) ۾ پير صاحب پاڳارن جي سموري ڪهاڻي پير صاحب شهيد سورهيه بادشاهه جي زڪر تائين تفصيلي ڪئي، جنهن ۾ اُن وقت تائين جيڪو مواد موجود ۽ مهيا هو ان کي استعمال ڪيو ويو.

اُن کان پوءِ ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ آگسٽ 1996ع کان آڪٽوبر 1996ع تائين آفتاب نبيءَ جي مضمون جون ڏهه قسطون ”ڊان“ اخبار جي جمعي جي پرچن ۾ ڇپيون، جنهن کي ستار وسطڙي اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ 2001ع ۾ ڇپايو ۽ اُنهن مضمونن کي پوءِ وري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”سنڌيڪا“ اداري 2002ع ۾ ڪتابي صورت ۾ آندو. ڊان اخبار ۾ ڇپيل اُنهن مضمونن ۾ پير صاحب پاڳاري تي ٿيل 1943ع واري ڪيس جي مختلف پهلوئن کي سرڪاري دستاويزن جي شاهدين جي آڌار تي پيش ڪري، اهو ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن انگريزن جي اها سڄي ڳالهه سراسر ڪوڙ تي ٻڌل هئي. پنهنجي ديسي ماڻهوءَ طرفان، پنهنجي ڪنهن به تعصب يا اڳ خياليءَ کان بلند ۽ بالا رهي آفتاب نبيءَ ڪي قدر سچي تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سندس اسلوب مان ڪن پڙهندڙن کي ڪتاب جي صحيح افاديت بابت غلط فهميون رهجي ويون آهن.

ڊاڪٽر حميده کهڙو به پنهنجي پيءُ محمد ايوب کهڙي بابت پنهنجي لکيل ڪتاب "MOhammaed Ayub Khuhro: A Life of Courage in Politics" ۾، جيڪو 1998ع ۾ ڇپيو، حُرن ۽ پير صاحب پاڳارن جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جي تيرهين باب ۾ حُرن ۽ پير صاحب پاڳاري سان انگريزن جي هلت جو تاريخي جائزو ورتو ويو آهي. اُنهيءَ ساڳئي ڪتاب جو چوڏهون باب محمد ايوب کهڙي ۽ انگريز حڪومت جي اهڙي ئي تصادم بابت آهي. (الله بخش سومري جي قتل ۾ کهڙي صاحب تي هليل ڪيس بابت). هن ڪتاب جو اهو تيرهون باب مسز ڊاڪٽر بلوچ (بيگم خديجه بلوچ) جي مدد سان ترجمو ڪيو ويو، جيڪو خاڪي جويي جي ڪتاب ”سورهيه بادشاهه ۽ آزاد سنڌ جو خواب“ (مارئي اڪئڊمي پاران 2002ع) ۾ به ڇپيو آهي. ڊاڪٽر حميده کهڙو جي هن باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن 1930ع واري ڪيس ۾ کهڙي صاحب پير پاڳاري کي جيل ۾ ڏسي سندس آزاديءَ لاءِ هٿ پير هنيو، پر جي اي ٿامس (G.A. Thomas) جي هٺيلي انداز حڪومت جي ڪري، کهڙي صاحب جي ڪوششن مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو ۽ جيئن ڪمشنر ٿامس جي واتان لفظ نڪتو، تيئن پير صاحب کي اٿنديئي ڏهن سالن جي سزا ڏني ويئي (جيڪا پوءِ اپيل ۾ گهٽجي اٺ سال ٿي ۽ پير صاحب جي جيل ۾ چال چلت جي صحيح هئڻ جي ڪري ڇهن سالن ۾ بدلجي وئي). ڊاڪٽر صاحبه ڏيکاريو آهي ته جيل مان واپس اچڻ کان پوءِ پير صاحب جيڪو پهريون ڪم ڪيو سو اهو ته سياست ۽ اليڪشن جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ بدران پاڻ فوراً حج تي هليا ويا. مخفي نه رهي ته پير صاحب نڪي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو، نڪي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، نڪي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، جيڪا غلام حسين هدايت الله، شاهنواز ڀٽي ۽ سنڌ جي ٻين سياستدانن گڏجي ٺاهي هئي. معلوم هجي ته ان وقت ڪنهن به عارضي سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ پير صاحب جن جي شان ۽ روحاني حيثيت جي خلاف هو. البته مسلم ليگ ۾ شامل نه ٿيڻ جي ڪري، پير صاحب ڏانهن مسلم ليگ جو جيڪو رويو رهيو، ان کي ڊاڪٽر حميده کهڙو جهڙن مفڪرن واضح ڪري لکيو آهي. 1943ع واري ڪيس ۾ حڪومت جو نقطئه نظر ۽ ان ڏس ۾ پير علي محمد راشديءَ جي مدد ۽ ڪردار کي پهريون دفعو سرڪاري دستاويزن جي آڌار تي ڊاڪٽر کهڙو پڌرو ڪيو. انهيءَ باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته راشدي صاحب ڪيئن سرڪار کان انعامن جا وڏا آسرا رکيو ويٺو هو ۽ انگريز ڪيئن اهڙن انعامن ڏيڻ کان نٽائي رهيا هئا. ڊاڪٽر صاحبه اهو به ڏيکاريو ته ڪيئن ڏيئلمل جي هوشياري يا پير صاحب جي معصوميت يا غير معصوميت هن ڪيس ۾ ڪم نٿي اچي سگهيا، جو حڪومت اڳيئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته پير صاحب کي ڦاسي ڏيڻي هئي. ڊاڪٽر کهڙو صاحبه اهو به ڏيکاريو آهي ته ڪيئن انگريزن جي دٻاءَ جي باوجود کهڙي صاحب پير صاحب جي موافقت ۾ ان وقت شاهدي ڏني. ڊاڪٽر صاحبه هن ڪتاب جي آخري باب ۾ آخري صفحي 512 تي هڪڙي تمام نازڪ، دلچسپ ۽ اهم معاملي ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي، جنهن تي گهڻن پڙهندڙن شايد غور نه ڪيو هجي. انگريز حڪومت کي پير صاحب جي نعش مبارڪ غائب ڪرڻ مان ڪو فائدو ٿيو يا نقصان، ان تي ظاهر آهي ته وقت جي حاڪمن خوب غور ڪيو هوندو ۽ ڪندا رهندا هوندا. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي تي ضياءُ الحق طرفان مڙهيل ڪيس پئي هليو ۽ ضياءُ الحق پڪو ارادو ڪري چڪو هو ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏبي، ان زماني ۾ کهڙي صاحب ضياءُ الحق کي خط لکيو ته اگرچه ڀٽي صاحب سان سندس ذاتي تعلقات اهڙا خوشگوار ڪونه هئا، پر اها اصول جي ڳالهه چوڻ ضروري هئي ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ مان ضياءُ الحق کي يا حڪومت کي فائدو ڪونه ٿيندو. کهڙي صاحب تمام زوردار لفظن ۾ ضياءُ الحق کي اهو ذاتي خط لکيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه ڏني وڃي، جو ان مان ملڪ جي بدنامي ٿيندي ۽ پاڪستان جي بين الاقوامي ساک کي نقصان پهچندو، ۽ اهڙي اُٻهرائيءَ جي ڪم مان پاڪستان حڪومت کي ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه لکيو آهي ته حڪومت جي طرفان ان خط جو ڪو جواب ڪونه آيو، پر پوءِ کين جنرل عباسيءَ سان ملڻ لاءِ چيو ويو، جنهن ٻڌايو ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو اڳي ئي ٿي چڪو هو. البته کيس چيو ويو هو ته کهڙي صاحب کان مشورو ورتو وڃي ته ڀٽي صاحب جي لاش (Remains) جو ڇا ڪجي. (مطلب ته ڀٽي صاحب جو لاش مائٽن کي واپس ڪجي يا نه ڪجي). عباسي صاحب کهڙي صاحب کي ٻڌايو ته ڪنهن نامعلوم يا غير معروف جڳهه تي دفن ڪرڻ ۽ سمنڊ ۾ دفن ڪرڻ (اُڇلڻ) جي ڳالهين تي ويچار ڪيو پئي ويو. (اهي ئي ٻه خيال انگريز سامراج جي ذهن ۾ پير صاحب جي نعش مبارڪ بابت هئا). ڊاڪٽر صاحبه لکيو ته کهڙي صاحب جو موقف ان بابت بلڪل واضح هو. پاڻ صاف لفظن ۾ چيائون ته لاش مائٽن کي واپس ڪيو وڃي. کهڙي صاحب اهو موقف انڪري به ورتو جو 1943ع ۾ پير صاحب جي لاش گم ڪرڻ مان حڪومت کي ڪو فائدو ڪونه ٿيو، جنهن جو حڪومت وارن کي آسرو هو، بلڪه لاش گم ڪرڻ مان حڪومت وارن کي وڌيڪ مسئلا درپيش آيا. پير صاحب صبغت الله صاحب جي شهادت وقت کهڙو صاحب حڪومت ۾ هو ۽ کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي ته پير صاحب جي لاش گم ڪرڻ مان حڪومت وارن کي ڪهڙا فائدا يا نقصان ٿيا. البته اها ڳالهه اهم آهي ته اهڙن واقعن مان حڪومت وارن کي ڪهڙو سبق سکڻ گهرجي ۽ آئيندي اهڙن عوامي ماڻهن جي لاشن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي. کهڙي صاحب جي انهيءَ لکپڙهه ۽ جنرل عباسيءَ سان ملاقات جو نتيجو اهو نڪتو جو شهيد ڀٽي جو لاش مائٽن کي مليو.

ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ پنهنجي انگريزي ڪتاب (History of Sindh, Volume II, Pakistan Movement) جي پنجين باب (صفحي 153 کان 204 تائين) ۾ حُر تحريڪ جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ سرڪاري دستاويزن مان ڪي ڳالهيون ڏنائين. خصوصاً سر شاهنواز ڀٽي سان جيڪا پير صاحب جي خط و ڪتابت رهي، ان ڏانهن توجهه ڇڪايائين، ته ڪيئن سنڌ جا هي ٻه خاندان هڪٻئي سان راس هئا ۽ هڪٻئي ڏانهن مدد ۽ ياريءَ جي لاءِ ڏسندا هئا. زرداري صاحب علي محمد راشدي صاحب جي خط و ڪتابت جا به ڪي ٽڪرا ۽ هولٽ جهڙن سرڪاري عملدارن جي خطن جا ٽڪرا به ڏنا آهن، جن ۾ تمام وڏي بيچينيءَ سان پير صاحب کي ڦاسي ڏيڻ جون سفارشون ڪيون ويون هيون. ڊاڪٽر زرداري پنهنجي هن ڪتاب ۾ هڪڙو عجب ۾ وجهڻ جهڙو جملو استعمال ڪيو آهي، جو لکيائين ته ”پير صاحب کي بجليءَ جي شاڪ سان شهيد ڪيو ويو.“ (صفحو 200). ڊاڪٽر صاحب جيڪي ٻيون ڳالهيون لکيون آهن، سي ته سڀئي سرڪاري دستاويزن تي ٻڌل آهن ۽ صحيح آهن (البته سندس تجزئي جو پهلو مختلف ٿي سگهي ٿو)، پر خبر ناهي ته بجليءَ جي شاڪ سان شهادت واري اها ڳالهه ڊاڪٽر صاحب ڪنهن سرڪاري دستاويز ۾ ڏٺي يا اهو سندس ذاتي خيال آهي. اسان هيستائين جيڪي سرڪاري ڪاغذ ڏٺا آهن، انهن ۾ اهڙو ذڪر نه ڏٺو اٿئون. عام طور جيڪو سمجهيو وڃي ٿو ۽ گورنر ۽ وائسراءِ جي خطن ۾ آيو آهي، سو اهو ته پير صاحب کي ڦاسي ڏني ويندي يا ڦاسي ڏني وئي. البته لئمبرڪ ۽ سندس ساٿين کان ڪا ڳالهه بعيد ڪانه هئي، جو هو اڪثر چوندا هڪڙي هئا، ڪندا ٻي هئا. انڪري جيڪڏهن بجليءَ جي شاڪ واري ڳالهه ڊاڪٽر صاحب ڪنهن دستاويز ۾ لکيل ڏٺي هئي، ته ان جو حوالو ڏئي ان کي پڌرو ڪرڻ کپي ها.

1992ع ۾ هن نيازمند ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سان انٽرويو ڪيا، جنهن ۾ پير صاحب پاڳارن ۽ خصوصاً پير صاحب صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه جي ننڍپڻ ۽ وڏي هوندي جي ڪن اهم پهلوئن تي معلومات حاصل ڪئي، جيڪا ”حُر تحريڪ، انگريز سامراجيت خلاف حُرن جي هڪ سو ساله جنگ“ جي نالي سان 2002ع ۾ مشعل پبليڪيشن طرفان ڇپي.

پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو صاحبه پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي سياسي تاريخ 1843ع کان 1947ع“ (ناري پبليڪيشنز، 2003ع) ۾ پنجون باب (صفحا 113 کان 140ع تائين) حُر تحريڪ بابت آندو آهي، جنهن ۾ پير پاڳارن جي خاندان، پهرين حُر تحريڪ، ٻي حُر تحريڪ، پير صاحب جي 1930ع ۾ گرفتاري، پير صاحب جي سنڌ واپسي، انگريز حڪومت جي ڏاڍائي، پير صاحب جن جي (ٻيهر) گرفتاري، ٽئين حُر تحريڪ، مارشل لا جو نفاذ، حُر تحريڪ ۾ عورتن جو حصو، حُرن جا جملا، حُرن تي مارشل لاءِ حڪومت جو حملو، پير صاحب جي سنڌ واپسي ۽ بغاوت ڪيس، ۽ پير صاحب جي شهادت جهڙن عنوانن سان پيرائتي ڳالهه ڪئي آهي.

خادم حسين موسوي 2004ع ۾ انگريزي زبان ۾ ”سوريءَ تي آزادي، سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي زندگي ۽  زمانو“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ پير صاحب جن جي خاندان، حُرن جي اُڀرڻ، پير صاحب جي نوجوانيءَ جي سالن، سندن پيريءَ مريديءَ جي فعال زماني، ستن سالن جي جيل، مقصد وارو ماڻهو، ٻيو دفعو جيل ۽ حُرن جا ڪارناما، هٿ ٺوڪي عدالت، حُرن جي جنگ، پير شاهه مردان شاهه جي تاجپوشي نالي ٻارهن باب ڏنا آهن. هن ڪتاب ۾ گهڻو مواد سرڪاري دستاويزن تي ٻڌل آهي، جيڪو انهيءَ موضوع تي ڪم ڪرڻ وارن کي ڪم اچي سگهي ٿو.

حُر تحريڪ بابت ٻي سطح تي هن وقت جن ماڻهن ڪم ڪيو آهي، تن مان مير محمد نظاماڻي، الهورايو بهڻ، محمد اسحاق مڱريو، استاد نظاماڻي، ولي محمد خاصخيلي ۽ ساڻن ڪم ڪرڻ وارا ٻيا ڪيترا سُڄاڻ نوجوان آهن، جيڪي جهونن حُر مردن ۽ عورتن کان انٽرويو وٺي ”جهونگار“، ”منصور“ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپائي رهيا آهن. سال 2003ع ۽ 2004ع ۾، مارچ جي آخر ۾، سورهيه بادشاهه جي ياد ۾ ٿيل تقريبات مان ۽ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ حُر تحريڪ تي ڇپيل انيڪ ڪتابن مان ظاهر ٿي رهيو آهي، ته سنڌ ۽ پاڪستان جي لکيل پڙهيل ماڻهن ۽ دانشورن ۾ هڪڙي ساڃهه پيدا رهي آهي، جنهن سان انگريزن جي پروپيگنڊا جو طلسم نيٺ ٽُٽي رهيو آهي ۽ حق ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن تائين پهچي رهيو آهي.

الغرض، اهو واضح ٿي رهيو آهي ته انگريزن ۽ سندن مقامي عملدارن لڳ ڀڳ هڪ سَو سالن تائين جيڪو حُر قوم تي ”ڪرمنل ٽرائبز“ جي نالي تي ظلم ڪيو، سو ناقابل قبول ڏاڍ هو ۽ ايڏو وڏو ڏاڍ سهي ۽ ان جو مقابلو ڪري، پير صاحب سورهيه بادشاهه ۽ سندس سرويچ مريدن پنهنجي جان جي قربان يڏئي نه رڳو ملڪ جي آزاديءَ لاءِ رستو هموار ڪيو، پر سنڌ جي سورهيائيءَ جو ڀرم رکيو. اُنهيءَ سڄي ڪهاڻيءَ کي وري وري ورجائڻ ۽ ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن سُڌ وارن توڙي بي سُڌن ۽ بي خبرن، پنهنجن توڙي پراون کي صحيح تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿئي، جيئن کين پنهنجي تابناڪ ماضيءَ تي فخر سان ڳاٽ اوچي ڪرڻ جي ترغيب ۽ سبب ملي.

 

(2)

نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر (ڪئبينيٽ ڊويزن) اسلام آباد ۾ حُر تحريڪ بابت موجود مواد

پير صاحب شهيد جا مريد هونئن ته سنڌ، بلوچستان، بهاولپور، راجسٿان، جوڌپور، جيسلمير ۽ ٻين گهڻن علائقن ۾ هئا، پر جن ضلعن ۾ سرڪاري عملدارن حُرن خلاف هٿيارن توڙي قلم جا خاص محاذ ۽ دفتر کوليا، تن ۾ سانگهڙ، نوابشاهه، ٿرپارڪر، سکر ۽ خيرپور هئا، جتان جي عملدارن پير صاحب ۽ حُرن خلاف ڪارروايون ڪيون. اُنهن ڪارواين ۾ ضلعن جا ڪليڪٽر، ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ۽ ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ سندن هيٺيون عملو شامل هئا. آخري معرڪي ۾ اپريل 1941ع کان وٺي انهن چئن ضلعن جا عملدار پير صاحب ۽ مريدن خلاف هڪ ٿي بيٺا. پير صاحب جي ڪيٽيءَ جي خيرپور رياست ۾ هئڻ ڪري، رياست جي وزيراعجاز علي، ناظم پوليس جون لاهور ۾ رهيل ريزيڊنٽ سان ۽ ان جون حڪومت سنڌ ۽ دهليءَ ۾ مرڪزي حڪومت سان لکپڙهون ٿينديون رهيون. اُنهن چئن ئي ضلعن جي ڪامورن جون اهڙيون لکپڙهون وري پنجين سطح تي پوليس جي جاسوسي کاتي اسپيشل برانچ حيدرآباد ۾ وينديون هيون. انهن لکپڙهن جو تت يا نچوڙ انهن پنجن ئي هنڌن کان ويندو هو. ڪراچيءَ ۾ موجود، سازشين جي سردار، گورنر هيو ڊو (Hugh Dow) ۽ سندس سيڪٽريٽرين وٽ، جتان اهڙيون لکپڙهون وري موڪليندا هئا، گورنر جنرل يا وائسراءِ (لنلٿگو) کي دهليءَ ۾، جيڪو وري انهن جو تت يا نچوڙ موڪليندو هو ست سمنڊ پار لنڊن ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ اموري (Amory) کي. اهڙين لکپڙهن جا ڪافي فائل پوئتي سکر، خيرپور، ميرپورخاص، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيا ۽ 1946ع ۾ جڏهن لئمبرڪ سنڌ ڇڏي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو ته جيڪي فائل وٽس پيل هئا، يا جيڪي کيس هٿ آيا، سي هو پاڻ سان لنڊن کڻي ويو، جتي ڪجهه وقت کان پوءِ لنڊن جي ”انڊيا آفيس لائبرري“ کي ڏنائين، جتي اڃا محفوظ آهن.

ستر واري ڏهاڪي ۾، جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن اسلام آباد ۾ ڪلچر (ثقافت) جا سيڪريٽري هئا، تڏهن ٻين ثقافتي تجويزن سان گڏ هڪڙي تجويز اها به ڪئي وئي ته ڪئبينيٽ ڊويزن ۾ هڪ ”نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر“ کوليو وڃي، جتي انڊيا آفيس لائبرري لنڊن مان، توڙي پاڪستان جي صوبن جي سرڪاري کاتن مان تاريخي رڪارڊ گهرائي، تحقيق لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. انڊيا آفيس لائبرري ۾ موجود حُرن بابت مواد به انهي مواد ۾ شامل هو. اهو رڪارڊ پوءِ ڪئبينيٽ ڊويزن جي پهرئين منزل تي ڊاڪيومينٽيشن سينٽر ۾ محفوظ ڪيو ويو. حُرن ۽ پير صاحب پاڳارن متعلق جيڪو مواد مختلف هنڌن تي هو، تنهن مان گهڻو فوٽو ڪاپي يا مائڪرو فلم ڪرائي سينٽر ۾ رکيو ويو. حيدرآباد، خيرپور، سکر، نوابشاهه ۽ ڪراچيءَ جي اسپيشل برانچن وارو مواد فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ فوٽو ڪاپي هولڊنگز (Photocopy Holding) ۾ رکيل آهي، جن ۾ 84 فائل حُرن بابت آهن. انڊيا آفيس لائبرريءَ مان آندل لئمبرڪ پيپرز ۽ ٻين ڪاغذن مان ستر اسي فائل مائڪرو فلم هولڊنگز (Microfilm Holding) ۾ موجود آهن. فوٽو ڪاپي هولڊنگز وارو مواد تقريباً ساڍن يارهن هزارن کان ٻارهن هزارن صفحن تي مشتمل آهي. ايترو ئي يا ان کان به وڌيڪ مواد مائڪرو فلم هولڊنگز جي صورت ۾ موجود آهي.

هن کان اڳي اسان کي هن قيمتي خزاني جي اسلام آباد جي نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر ۾ هئڻ جي خبر ڪانه هئي. هن کان اڳ اهو مواد رڳو لنڊن جي انڊيا آفيس ۾ سُجهيو ٿي، جتي عام محقق جو پهچڻ اُهکو ڪم هو، انڪري تمام ٿورا ماڻهو هئا، جيڪي هن کان اڳ ان مواد مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهيا. انهن خوش نصيبن مان اول ڊاڪٽر ساره انصاري ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو هيون. پوءِ سگهوئي آفتاب نبي ۽ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري به اهڙي مواد مان مستفيض ٿيا. آفتاب نبي اسلام آباد ۾ موجود مواد به نظر مان ڪڍيو اٿس، پر لنڊن ۾ موجود اهو دستاويزي خزانو عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پراهون هو. اسان ٻين ڪافي درن تي ڀٽڪڻ کان پوءِ حُسن اتفاق سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي ڏنل پار پتن تي 2003ع جي اپريل جي آخر ۾ نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر پهتاسين، جتي هيڏو سارو خزانو موجود ڏسي اسان کي اهڙي خوشي ٿي، جهڙي ماڪوڙيءَ کي مَڻُ ملڻ سان هوند ٿئي!

نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر ۾ فوٽو ڪاپي واري ان مواد جو مختصر تفصيل هيئن آهي:

پهريان چوڏهن فائل (فائل نمبر ايس 162 کان وٺي ايس 175 تائين) حيدرآباد جي اسپيشل برانچ وٽان آيل آهن، پر انهن جو تعلق پير صاحب جي خيرپور ۽ ٻين ضلعن جي معاملن سان به آهي ۽ ان ۾ 1914ع کان 1970ع جي سالن تائين جون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون.

ان کان پوءِ فائل نمبر ايس 176 ۽ 177 سنڌ رڪارڊز ڪراچيءَ مان چونڊيل فائلن مان ورتل آهن، جن ۾ 1929ع کان 1932ع وارن سالن جي لکپڙهه آهي.

فائل نمبر ايس 178 کان ايس 180 تائين ڊپٽي ڪمشنر خيرپور وٽان چونڊ لکپڙهه تي مشتمل آهن، جن ۾ 1938ع کان وٺي 1973ع وارن سالن جون لکپڙهون آهن.

فائل نمبر ايس 181 کان وٺي ايس 190 تائين ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر (ميرپورخاص) وٽان آيل رڪارڊز تان ورتل آهن، جن ۾ 1904ع کان وٺي 1968ع تائين جون ڳالهيون آهن.

اهڙيءَ طرح ايس 191 کان ايس 199 تائين سکر رڪارڊز مان چونڊيل فائل آهن، جن ۾ 1930ع کان 1941ع وارن سالن جو مواد آهي.

وري فائل نمبر ايس 200 کان وٺي ايس 246 تائين فائل آهن، جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ نوابشاهه جي عملدارن، سنڌ جي گورنر ۽ انڊيا جي گورنر جنرل يا وائسراءِ جون لکپڙهون ڏنل آهن. ايس 245 ۾ اپر سنڌ آپريشنز جي رپورٽ آهي، ۽ آخري فائل ايس 246 سنڌ جي سياسي دنيا ۾ ”ڪير ماڻهو ڪير آهي“ (Who is who in Sindh) هن فائل ۾ سنڌ جي سياستدانن تي سي آءِ ڊي وارن جون جوڙيل رپورٽون شامل آهن.

انهن فائلن جو وڌيڪ تفصيل هن ريت آهي:

جلد پهريون: فائل نمبر ايس 162. هن فائل ۾ هڪ سو ٻاويهه صفحا آهن ۽ 1914ع جي حالتن ۽ جناب پير شاهه مردان شاهه جي وچئين زماني کان وٺي 1923ع جي حالتن بابت ڪاغذ آهن، جو پير سائين سورهيه بادشاهه تخت تي ويهن ٿا. پير سائين شاهه مردان شاهه جي زماني جون خاص ڳالهيون هي آهن: ڪمشنر ليوڪس جو پير صاحب کان ڪنهن ڪاغذ تي زبردستي صحيح وٺڻ وارو واقعو؛ غلام محمد ڀرڳڙي صاحب جو پير صاحب وٽ صلاح مشوري لاءِ اچڻ؛ پير صاحب جي ڳوٺ ۾ چَٽي پوليس جو برپا ٿيڻ ۽ اتي حڪومت طرفان ڄاڻي واڻي حُر دشمن اڻپڙهيل جمعدار شادي خان کي ترقي ڏياري سب انسپيڪٽر ڪري رکڻ ته جيئن حُرن ۽ مريدن سان مهاڏو اٽڪائي رکي؛ پير صاحب شاهه مردان شاهه ڪوٽ ڌڻيءَ جو اهڙي ماڻهوءَ جي پير ڳوٺ جي پوليس چوڪيءَ تي رکڻ تي اعتراض ڪرڻ؛ وڏيري ڪريمداد جوڻيجي جو قتل ٿيڻ؛ ڪن نامور حُرن کي ويساپور ۽ ٻين ولايتن ڏي موڪلڻ؛ ساڻن گڏ ويل پوليس عملدارن جو حُر قيدين جا پيسا ۽ زيور کڻي ڀڄڻ؛ آفيسرن کي پوءِ دير سان معلوم ٿيڻ ته ديس مان ڏيهه نيڪالي ڏئي جن حُرن کي پرديس وٺي آيا آهن، تن مان ڪي اسي ورهين جا پوڙها به آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پاڻ ڪمائي پنهنجو پيٽ پالي سگهڻ جهڙا ناهن؛ درياءُ خان نظاماڻي ۽ ڪن حُرن جو ويساپور مان ڀڄي نڪرڻ ۽ پير سائين شاهه مردان شاهه جو انهن حُرن کي موٽائي حڪومت وٽ پيش ڪرڻ؛ نئين ڪمشنر لارينس جو نيٺ چوڻ ته ڪنهن پوري قوم کي ڏوهاري قبيلو قرار ڏيڻ غير فطري امر آهي؛ حُرن بابت پاليسيءَ ۾ ڪي نرميون اختيار ڪرڻ؛ پير صاحب جو اسڪول برپا ڪرڻ؛ عالمي جنگ ۾ پيسي ۽ ماڻهن جي مدد ڏيڻ جو وعدو ڪرڻ؛ پير صاحب شاهه مردان شاهه جي وفات؛ ميرپورخاص مان نڪرندڙ اخبار ”ميرپورخاص گزيٽ“ جو حُرن کي مشورا ڏيڻ ته حڪومت سان ٺهي هلجي؛ اخبار جو هڪ خط بعنوان ”هڪ حُر جي پڪار“ شايع ڪرڻ، جنهن ۾ سرڪار کي درخواست ڪرڻ ته حُرن سان بيٺڪن يا ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي جاچ ڪئي وڃي؛ سرڪاري عملدارن جي جاسوسي سرگرمين جو تيز ٿيڻ ۽ سرڪاري عملدارن جو اهو چوڻ ته هي خط ڪنهن حُر نه پر ايڊيٽر پاڻ لکيو آهي.

جلد ٻيو، فائل نمبر ايس 163 ۾ پير صاحب صبغت الله شاهه جي خلاف شڪايتون ۽ پٽيشنون آهن، جيڪي پنهنجن ۽ پراون کان 1928ع کان 1930ع جي عرصي ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ سکر ۽ سپرنٽينڊنٽ پوليس لکرايون آهن. پير صاحب پڳدار سيد صبغت الله شاهه جي ننڍي ڀاءُ سائين راحم شاهه جي معرفت، ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس جي چُرت ۽ هدايتن پٽاندڙ، پير صاحب جي ڳوٺ ۾ مڙهيل چٽي پوليس ۽ ٿاڻي جي ايماءُ تي، پراڻن ۽ نون نوڪرن ۽ نوڪرياڻين، ڪامين، مُکن ۽ خليفن کان خط لکرايا ويا ۽ پاڪن جي نالن تي خط لکرايا ويا، جن ۾ حڪومت کي درخواستون لکيون ويون ته ساڻن پير صاحب زيادتيون يا ظلم ٿو ڪري ۽ ”ٻاجهاري سرڪار“ سندن تدارڪ ڪري ۽ سندن حفاظت ڪري. اهڙيءَ طرح پاڙي وارن کان خط لکرايا ويا آهن ته اسان جي ڀرسان پير صاحب جايون وٺي اسان تي سوڙهه ڪئي آهي ۽ چون ٿا، ته انهن جاين وٺڻ جي پير صاحب کي ڪا ضرورت ڪانه هئي. (اسان کي ضرورت آهي) وٽس ڪهڙا ماڻهو اچن ٿا جن لاءِ چيائون ته کين پسند نه هئا. اهڙيون عام شڪايتون ورجايايون ته ڄڻ سندن گهرن جي اوگهڙ ٿي ٿئي. يا پير صاحب مان سندن مال متعلق ڪهڙيون شڪايتون ٿي ٿيون يا پير صاحب ڪهڙيون ناقابل قبول پابنديون مٿن ٿي وڌيون. جيئل شاهه جا ٻه خاص خط آهن، جيڪي هن پنهنجي انگريز دوست ڪليڪٽر برنارڊيڊ ڏي لکيا. هڪڙي مان ظاهر ٿو ٿئي ته ڪيئن جيئل شاهه سڄو وقت انهن ڪوششن ۾ لڳو رهيو ته مختلف اختيار وارا ماڻهو کيس لکي ڏين يا ڪنهن عملدار جي اڳيان هلي چون ته پير صاحب فلاڻي هنڌ کين چيو ته هو جيئل شاهه کي مارائيندو. انهيءَ خط ۾ عجيب دلچسپ تفصيل آهن: پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر قادريءَ جي رقابتي معاشقن ۽ انهن جي هڪٻئي جي تختن ڪڍڻ جي سازشن مان جيئل شاهه کي وڏين تڪليفن مان گذرڻو ٿو پوي. پر جيئل شاهه ان وقت پنهنجي ڪليڪٽر دوست برنارڊ کي اهو ڏهن صفحن جو تفصيلي خط لکڻ تي مجبور ٿو ٿئي جڏهن سندس سازشي يار ڊپٽي ڪليڪٽر قادري کيس دڙڪو ٿو ڏئي ته جيڪڏهن سندس ڪم راشديءَ وٽان نه ڪرايو اٿائين ته جيئل شاهه مارجي ويندو، پوءِ ماڻهو هونئن ئي هڻندا پير پاڳاري تي. پير کان ڪري ڀائيندا ۽ قادريءَ ڏانهن ڪنهن جو شڪ به ڪونه ويندو. اهو ساڳيو جيئل شاهه عرف حزب الله شاهه ٻئي خط ۾ ڪليڪٽر کي لکي ٻڌائي ٿو ته حُر جماعت وارا ڇو سندس خلاف آهن. ڪانڌڙا ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر ۽ ٻيا وڏا عملدار لکن ٿا ته ڪيئن راحم شاهه سان ساز باز ڪرڻ لاءِ پير صاحب جي دروازي تي ويندا آهن ۽ ڪهڙا نياپا کڻي ويندا آهن ۽ ڪهڙا نياپا کڻي ايندا آهن. پير صاحب صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جو ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس ڏانهن لکيل خط آهي، ته اوهان ۽ ٻين سرڪاري عملدارن منهنجي خلاف عملي ڪاررواين جي ۽ پروپيگنڊا جي هڪ مهم شروع ڪئي آهي، جيڪا سراسر بي انصافيءَ تي ٻڌل آهي. اوهان چَٽي پوليس به مون تي مڙهي آهي، جنهن جو ڪو جواز ڪونهي، پر مون هيستائين اوهان جي هرنامناسب ڳالهه رکي اوهان جي زيادتين تي به اوهان جي خواهشن مطابق مثبت ردعمل ڪيو آهي، پر اوهان جي ڪاررواين جو سلسلو انصاف تي ٻڌل چَٽي پوليس جي ناروا آزار کان آجو ڪيو وڃي. هن فائل ۾ اُهي لکپڙهون به آهن، ته نئين سنئين حُرن کي وري ٻيهر ويساپور موڪلڻ جا سانباها ڪري، ماڻهن کي سنڌ کان ٻاهر موڪليو. ڪليڪٽر هوڊ (Hood) لکي ٿو ته حُرن کي رجسٽر ڪرڻ يا سرڪاري لکپڙهه جي ٻيءَ ڪنهن فارملٽيءَ مان گذارڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، انهن کي وٺي (بنان لکپڙهه) پڪڙي ويساپور موڪلي ڇڏيو. جيتوڻيڪ انهيءَ ساڳئي فائل ۾ ايندڙ صفحي تي وري لکپڙهون به آهن، جن ۾ ڪنهن چڱي عملدار، انهن بي لغام ڇيڪ ڇڏيل ڪامورن جون وري اهي لکپڙهون نقل ڪري ڄاڻايو آهي ته (ڏوهاري قبيلن جي بيٺڪن) ڪرمنل ٽرائبز سيٽلمنٽ ۾ ماڻهن (حُرن) کي موڪلڻ لاءِ ڪهڙا طور طريقا اختيار ڪيا وڃن. سرڪاري سازشن سان ٽُٻٽار ڪهاڻين سان ڀريل هن فائل جي آخر ۾ حڪومت جي حڪم تي ويهن صفحن جي هڪڙي يادداشت تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 1923ع کان وٺي 1929ع تائين ٽن رپين، چئن رپين، يارهن رپين جي چورين کان وٺي وڏن ڌاڙن، قتلن ۽ ٻين لڳ ڀڳ ٻن سون وارداتن جي يادداشت ڏني وئي آهي ۽ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي انهن چئن ضلعن ۾، گذريل ستن سالن ۾، اهي سڀ چوريون، ڌاڙا ۽ قتل ”پير صاحب پاڳاري“ ڪرايا آهن ۽ سندس حڪم تي يا سندس اشاري تي اِهي واقعا ٿيا آهن.

جلد ٽيون، فائل نمبر ايس 164، 135 صفحن تي مشتمل هن جلد ۾ 1928ع کان 1930ع واري زماني ۾ خانداني نزاع جون وڌيڪ ڳالهيون آهن ۽ انهن ۾ سرڪاري عملدار ڪهڙي نموني ننهن کان چوٽيءَ تائين ملوث هئا، ڪهڙيءَ طرح راحم شاهه کي لالچ ۽ دُلبي ۾ آڻي، ڪوٽ ڀڃرائي پاڪن کي ڪوٽ مان ٻاهر آڻي جيئل شاهه جي ڪوٽ ۾ آڻي رهايائون. انگريز کيڏارين اهڙيءَ وڏيءَ ڳالهه کي چرچو يا راند ڪري سمجهيو. سکر جو نئون آيل ڪليڪٽر جي. آر. هوڊ (J.R. Hood) اول ته محتاط آهي، ڊڄي به ٿو ۽ جي. جي. ري (G.G. Ray) جي سازشن ۾ لهي پَهي شامل ٿيڻ کان لهرائي ٿو، جو 14- ڊسمبر 1929ع تي ري کي سندس تازي سازش جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته ”پير صاحب جي والده کي ڪنهن ڊرامائي انداز سان ڪوٽ مان ڪڍڻ جي صلاح آءٌ اوهان کي ڪونه ڏيندس. جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته اول ته پير صاحب کي جلدئي خبر پئجي ويندي، ٻيو ته ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ڪوڙ واري پوزيشن ۾ وجهنداسون. البته جيڪڏهن خاتون پاڻ پنهنجي ليکي ڪوٽ مان نڪري اچي پوءِ ٻاهر اچي اسان کان پوليس جي حفاظت جي گهُر ڪري ته پوءِ ڀلي ائين ڪري.“ پر پنهنجي سازشي يارن سان صحبتي ٿي هوڊ صاحب بهادر ٿوري ئي وقت ۾ شاهاڻين رمزن مان محظوظ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ سازشن مان حاصل ٿيندڙ فائدن جو پتو پويس ٿو ۽ سگهوئي، 9- فيبروري 1930ع تي پنهنجي ماتحت پر سازشي پيالي ڀائي ۽ رهبوجي. جي. ري کي ميرپور ماٿيلي مان ويهي اهو لکي ٿو ته ”خواتين جي معاملن ۾ هينئن هٿ وجهڻ آهي ته وڏي بڇڙائيءَ واري گِهل يا آزار جو ڪم (Nuisance)، پر انهيءَ سان سدائين اها اميد رهي ٿي ته (اسان جي انهيءَ طريقي اختيار ڪرڻ مان) ٿي سگهي ٿو ته خواتين اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌائين، جنهن سان پير صاحب کي ڦاسي ڏياري سگهجي.“ وڌيڪ چوي ٿو ته ”پير کي پاڻهئي پتو پوندو ته هتي پير جي ڳوٺ ۾ اصل حاڪم ڪير آهي.“ کين خطرو رهيو ٿي ته پير صاحب جي هوندي حڪومت وارن کي اهڙي عزت ڪانه ٿي ملي، جنهن جي کين اميد هئي. ري جي بڇ تي ۽ هوڊ جي حڪم تي ويچارو سٽي ماجسٽريٽ (اُڌارام) ماين کان بيان ته وٺي ٿو، پر فيبروريءَ جي ڏهين تاريخ 1930ع تي پنهنجي بالاعملدار کي مرندي سجهندي چورايائين ته ”سائين، ڪنهن ڪيس داخل ڪرائڻ کان سواءِ، ماين کي هٿ ڪري کانئن مون وٽ بيان پيا وٺرايو. اهڙن بيانن جي هن حالت ۾ ڪابه قانوني حيثيت ناهي. اوهان مهرباني ڪري ڪو ڪيس داخل ڪري انهيءَ جي حساب سان اهڙا بيان ڏياريو، ته پوءِ انهن بيانن جي قانوني اهميت ٿيندي.“

جن ماڻهن ڀانيو هو ته پير صاحب جي جيل ۾ وڃڻ کان پوءِ ڏاڍو ڪو آرام حاصل ٿيندو، سي قدرتي قانون مطابق پنهنجن سان وير وجهڻ ۽ ڌارين ڪافر سازشين کي ساٿ ڏيڻ کان پوءِ هڪٻئي جي هٿان ويتر وڌيڪ آزار ۾ پئجي ويا. جنهن جيئل شاهه جي ڳالهين تي لڳي پاڪن سرڪار جو ساٿ ڏنو، سو پير صاحب ۽ راحم شاهه جي والده کان پيسن ڦرڻ جي ڪم ۾ مستعد ٿي پيو جو بقول والده جي ”کيس پيسن جي ضرورت رهي ٿي.“ پاڪن کي ايترو بيزار ڪيائين جو ڪپتان ڏانهن خط لکي والده کي چوڻو پيو ته ”جيئل شاهه پهريان اسان کان پيسا طلب ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن کي ڪجهه رقم اسان ڏني. جڏهن پيسا اسان وٽ نه ٿيا تڏهن زيور طلب ڪرڻ لڳو جنهن تي ٽن سَون جي سون جي ڪنڊي ۽ هڪ سَو جو ٻيو زيور ڏنم، جي اڃا به وٽس آهن. ۽ هو هاڻي خيال ڪري ٿو ته مون کي ڪا وڏي رقم ڏين، مگر مان مسڪين وٽ ڪا دولت ڪانه هئي … مگر اسان سندس هيءَ روش ڏسي برڪنار ٿياسي ۽ هو انهيءَ کان پوءِ به اسان جو پيڇو نٿو ڇڏي ۽ ڪوڙيون شاهديون ٿو ڏئي ته ……“

اهڙيون عبرت واريون ڳالهيون آهن هن فائل ۾، پر هن فائل جي پوري ٿيڻ کان اڳ جي. جي. ري جي تفصيلي رپورٽ آهي ته 1930ع وارو ڪيس هن ڪيئن تيار ڪيو، جنهن جا تفصيل وري فائل نمبر ايس 191 ۾ مائڪرو فلم جي پندرهن فائل ۾ ڏنل آهن. ري پنهنجي هن رپورٽ ۾ لکي ٿو ته 1930ع واري هن ڪيس ۾ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن مدد ڪئي ۽ ڪهڙن کي انعام ملڻ گهرجن. ماڻهن کي 1020 رپين جا انعام ڏنائون. بچاءُ واري ڌر بابت چوي ٿو ته انهن 175000 رپيا بچاءُ جي وڪيلن تي خرچ ڪيا. چئي ٿو ته اهي دراصل ڇهه ڪيس هئا، جن مان پوءِ ٽي ڪيس هليا. قتل جو ڪيس ڪوڙو ٿيو، حبس بيجا واري ڪيس تي ٻه سال سزا ٿي. هٿيارن واري ڪيس تي پهريائين اٺ سال سزا ٿي، جيڪا پوءِ اپيل ۾ ڇهن سالن ۾ تبديل ٿي. ٽي ڪيس جيڪي ڪونه هليا تن مان هڪڙو هو ته پير صاحب پنهنجي ننڍي ڀاءُ راحم شاهه جو سامان چوري ڪيو آهي، باقي ٻه ڪيس ٻانهين تي شڪايتن بابت هئا. اهي ٽيئي ڪيس اٿندي ئي ڪوڙا ٿيا، جو ڪورٽن ۾ نه هليا، ۽ سرڪار واپس ورتا.

فائل نمبر 165 کان 168 تائين، ۽ 188 ۽ 189 انهن خطن تي مشتمل آهن، جيڪي پير صاحب عملدارن ۽ خانگي ماڻهن کي جيلن مان لکيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com