”ابڙو“ بيشڪ سنڌ جو هڪ لائق صد احترام ۽ ناميارو
قبيلو آهي، جنهن سنڌ ۾ خاص طرح سان زراعت تي اڻٿڪ
ڪم ڪري اناج پيدا ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي.
سومرن جي دور ۾ ارڏي ابڙي سردار جو سام جهلڻ وارو
سونهري ڪردار تاريخ ۾ نمايان ۽ ڀرپور نظر اچي ٿو،
جنهن کي مؤرخن به دل کولي ساراهيو آهي، ته شعر ۾
شاعرن ۽ سگهڙن به ڳاتو آهي.
ليکڪ پنهنجي تصنيف ۾ جابجا ڪلهوڙن ۽ ابڙن جي وچ ۾
”زمين واري تڪرار“ کي خوب هوا ڏني آهي. تقريباً هر
باب ۾ ان ساڳي ڳالهه جي رٽ لڳائي اٿس ته: ”ڪلهوڙن
ابڙن کان زمينون کسيون...گهوڙا ڙي.... ڪلهوڙن ابڙن
کان زمينون کسيون...!“
هڪ معامله فهم ليکڪ کي ڇا اهو سونهين ٿو، ته هو ٻه
ٽي صديون اڳ واري هڪ فروعي بحث کي فساد ۽ تڪرار
واري انداز ۾ لاڳيتو کولي، جنهن مسئلي تي خود
تاريخ جا ماخذ به مونجهاري ۽ ابهام جو شڪار آهن!
صديون اڳ واري دور جون صحيح ڪيفيتون ۽ ٽاڻا ثابتين
کان سواءِ هٿ ڪرڻ، اڄ جي لاءِ اوندهه ۾ هٿوراڙيون
ڏيڻ جي برابر آهن. ڪو اهڙو موضوع هجي، جنهن تي
محنت ڪرڻ سجائي به ٿئي ۽ جنهن مان سماج تي ڪي
خوشگوار ۽ سٺا اثر به پون. ليکڪ پنهنجي تصنيف ۾
ڪلهوڙن ۽ ابڙن جي وچ ۾ قبائلي تعصب ۽ فساد پيدا
ڪرڻ واري ڪوشش کي نهايت شدت سان هوا ڏني آهي.
نسلي چڙ ڏياريندي هڪ هنڌ لکي ٿو:
”ڪلهوڙن زور وٺڻ کان پوءِ شڪارپور ۾ رهندڙ اسان جي
خاندان (ابڙن) جي فردن ڏي سڱ وٺڻ لاءِ ميان نور
محمد ڪلهوڙي هن طرح چوائي موڪليو، ته اوهان جي
اصطبل ۾ جيڪڏهن ڪا اعليٰ نسل جي گهوڙي آهي ته اسان
کي ڏيو. جنهن تي شڪارپور وارن وڏيرن (ابڙن)
چوارائي موڪليو، ته اسان جي اصطبل ۾ ڪا اعليٰ نسل
جي گهوڙي ته نه آهي، باقي اعليٰ نسل جا ٻُور ٻهاڻ
گهوڙا سو گنج آهن.“ (ص - 359).
هتي ليکڪ جو ڪيل اهڙو تذڪرو ڇا ٿو ٻڌائي؟ اهڙا
اشتعال انگيز فقرا تصنيف ۾ عام جام ملندا. هڪ
وڏيري جي واتان ٻڌل ڳالهه جي آڌار تي ليکڪ حتمي
راءِ قائم ڪري بيٺو آهي ۽ وري اها ڏاڍي اهتمام ۽
شدمد سان پنهنجي تصنيف ۾ لکي آهي. ميان نور محمد
ڪلهوڙي اها ڳالهه ڪٿي ڪئي؟ ڪهڙي ڪتاب ۾ اهو ذڪر
آيل آهي؟ ليکڪ کان اخلاقاً اهو پڇڻ جو اسان حق
رکون ٿا.
سنڌ جي تاريخ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو، هڪ عالم،
سنجيده، متوڪل، رحمدل ۽ صبر وارو حاڪم ٿي گذريو
آهي. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر امن ۽ آسودگي
هوندي هئي. سندس شخصيت ۽ ڪارناما، بيروني دشمنن
سان مقابلا، داخلي سازشن کي ختم ڪرڻ جا جتن، سنڌ
جي اقتصادي وسيلن کي ترقي وٺرائڻ ۽ سنڌ جي منتشر
ٿيل وحدت کي مضبوط ڪرڻ جهڙا روشن ڪارناما، سندس
اٿاهه سياسي بصيرت ۽ غير معمولي ذهانت جا عمدا
مثال آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ بادشاهن ڌارين ۽ ماتحت
قبيلن مان شاديون ڪيون آهن ۽ اهو شرعي طرح جائز
آهي. سمي بادشاهه ڄام نظام الدين ماڇين مان به
شادي ڪئي هئي. ڄام تماچيءَ نوري مهاڻيءَ کي پَٽ
راڻي بنائڻ ۾ ڪو عار نه سمجهيو هو. جيڪڏهن ميان
نور محمد ڪلهوڙي ابڙن سردارن وٽان سڱ گهريو ته ان
۾ ڪهڙي خراب يا غير شرعي ڳالهه آهي، جنهن کي ليکڪ
نهايت ڏکوئيندڙ ۽ تڪراري انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
لکندڙ پنهنجي تصنيف جابجا اڻ سونهائيندڙ ۽ اشتعال
انگيز ٻوليءَ سان ڀري، سنڌ جي هڪ پروقار ۽ نيڪنام
خاندان جي دل آزاري ڪئي آهي. ڪلهوڙا هڪ قبيلي طور
نه پر سنڌ جي زرين تاريخ جو هڪ اهم باب آهن. ان
ريت هي سنڌ جي تاريخ سان به هڪ سنگين زيادتي آهي.
هتي ڪجهه چونڊ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا، جيڪي ليکڪ جي ذهني
تُنديءَ کي ظاهر ڪن ٿا:
** ”يار محمد ڪلهوڙو مغلن جي غلاميءَ لاءِ ايترو ته هيٺ
لهي آيو هو، جو هو رڪاب جهلڻ يعني مغلن جون جُتيون
سڌيون ڪرڻ واري مشقت ڪندي قربان ٿي وڃڻ لاءِ به
تيار هو.“ (ص - 362)
** ”يار محمد ڪلهوڙو مغلن جي غلاميءَ جو ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ پائڻ
کان پوءِ ’خدا يار خان‘ جو لقب ماڻي، وڌيڪ طاقتور
بڻجي ويو ۽ ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندي ابڙن سردارن
سان دشمنيءَ وارو رويو اختيار ڪيائين. يار محمد
ڪلهوڙي، ابڙن سردارن جي زمينن، مال و دولت تي
ناجائز قبضا ڪرڻ شروع ڪيا.“ (ص - 244)
** ڪلهوڙا درويشي لباس ۾ ملڪ سنڌ جا حاڪم بڻيا. ڪلهوڙن جو
اهو درويشي لباس بلڪل اهڙو ئي هو، جهڙو هن شاعر
ٻڌايو آهي ته:
ورسيس ڏسي ويس، نه ته وڻ به گهڻا ها ويجهڙا،
لاهي ڇڏ لڱن تان، اهو لال لبيس،
مون ڀانئيو درويش، تون بازن کان بڇڙو.
(ص - 245)
ان کان سواءِ اهڙا ٻيا به ڪيترائي اشتعال ڏياريندڙ
اقتباس تصنيف ۾ ملندا، جيڪي هتي طوالت جي ڪري نه
ٿا ڏجن. اهڙي قسم جون چڙ ڏياريندڙ ڳالهيون نسلي
اعتبار کان ٻنهي محبت آفرين معزز خاندانن ڪلهوڙن ۽
ابڙن کي (خدانخواسته!) هڪٻئي کي پري ڪرڻ ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ليکڪ پنهنجي تصنيف ۾
جابجا نهايت اڻ سونهائيندڙ ٻولي استعمال ڪئي آهي،
جيڪا هڪ دورانديش ليکڪ جو قطعاً شيوو نه آهي، پر
مهدي شاهه هڪ مؤرخ تي لاڳو ٿيندڙ مقرره اصولن ۽
قدرن کي اورانگهي، تاريخ جي تقدس کي متاثر ڪيو
آهي.
ليکڪ ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي بنياد تي ڪلهوڙن جي
وڏي ميان شاهل محمد عرف شاهه علي کي تڪراري
ڄاڻائيندي اهو تاثر ڏياريو آهي، ته يوسف ميرڪ جنهن
شاهه علي مهديجي شيخ ڏانهن اشارو ڪيو آهي، اهو اصل
۾ ڪلهوڙو نه پر ابڙو آهي.
يوسف ميرڪ ”شاهه علي“ جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
”چنانچه ’جوکي هرني‘ نام شهري و منہ نام شهري مير
ابره مذکور بست. و ”پوپتي“ نام شهري ننده ابره
بست. و ”ڪوتلي“ نام شهري شاه علي کہ شيخ مردم ابره
است و مهديجہ خود را مي نامد، بربست.“ (اصل فارسي
متن، ص 17)
(’جوکي هرڻي‘ ۽ ’مَنههَ‘ نالي وارا ڳوٺ مير ابڙي
جا ٻڌرايل هئا، ساڳيءَ ريت ’نندي ابڙي‘ ’پوپٽي‘
نالي ڳوٺ ٻڌرايو. ابڙن جي مرشد شاهه علي، جيڪو
مهديجو سڏائي ٿو، تنهن ’ڪوٽلي‘ نالي ڳوٺ آباد
ڪيو.“)
ليکڪ ڪلهوڙن کي ابڙن جي مرشد هئڻ واري تاريخي
حقيقت کي مسخ ڪرڻ لاءِ يوسف ميرڪ جو مذڪوره بيان
ڏئي دراصل اهو غلط تاثر ڏنو آهي، ته اهو شاهه علي
مهديجو شيخ- ابڙا قبيلي مان ئي هو ۽ اهو ئي سندن
مرشد به هو. ڪلهوڙا، ابڙن جا مرشد هئا، اها هڪ
عالم آشڪار ڳالهه آهي. مهدي شاهه يا ٻئي ڪنهن جي
مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو. ”مهديجا
شيخ“ خالصتاً ڪلهوڙن ڏانهن اشارو آهي، ڇو ته
ڪلهوڙن جي وڏي ميان آدم شاهه، سيد ميران محمد مهدي
جونپوريءَ جي نسبت سان سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ جو بنياد
رکيو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا مهدي جونپوريءَ جا عقيدتمند
هئا. ابڙن جي ڪٿي به مهدي جونپوريءَ جي مريد هجڻ
واري شهادت نه ٿي ملي، تنهنڪري مظهر شاهجهانيءَ ۾
”مهديجو شيخ“ ڪلهوڙن ڏانهن ئي واضح اشارو آهي، نه
ڪي ابڙن ڏانهن.
ليکڪ ڪلهوڙن جي وڏي ڏاڏي ميان آدم شاهه کي شيخ
الياس لنگراچ، شيخ ابوبڪر ۽ شيخ عيسيٰ جي ٽن واسطن
سان ميران محمد جونپوريءَ جو مريد نه ٿو سمجهي( ص
- 246) ان جي شڪ جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي
ڏانهن منسوب ”منشور الوصيت في دستور الحڪومت“ جو
اهو بيان آهي، جنهن ۾ ميان نور محمد چوي ٿو
ته:”اسان جا وڏا طريقن جي چوڏهن سلسلن مان سهروردي
طريقي ۾ آهن. سيد ميران محمد جونپوري، جيڪو اسان
جو پير مرشد آهي، سو به ان طريقي تي هو.“
هتي ليکڪ مهدويت کي سهروردي وانگر ”طريقو“ سمجهيو
آهي، تنهنڪري مونجهاري جو شڪار بڻجي غلط نتيجو اخذ
ڪيو اٿس. سندس درست معلومات لاءِ گذارش ٿي ڪجي، ته
سيد ميران محمد جونپوريءَ جو طريقو ”سهروردي“ هو.
”مهدوي“ طريقو نه پر هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جيڪا
ميان آدم شاهه جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي سورهيه قبيلن
مغلن جي خلاف هلائي هئي.
تاريخ نويسيءَ لاءِ مؤرخ جو مڪمل اڻ ڌريو ٿي لکڻ
هڪ مڃيل اصول آهي. تاريخ اشاري تي نه لکي ويندي
آهي. خود صاحبِ ڪتاب به اِها راءِ بيان ڪئي آهي.
هو ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي راءِ سان
سهمت ٿيندي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، ”سنڌ جي بدقسمتي
رهي آهي ته شروع کان ئي اُن جي جيڪا تاريخ لکي وئي
آهي، اها بيٺڪي حوالي سان لکي وئي آهي. ان جو سبب
هيءُ آهي ته سنڌ تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڌاريا
قابض رهيا آهن ۽ ملڪ جي فتح کان پوءِ انهن سنڌ جي
تاريخ پنهنجن مفادن کي آڏو رکي لکرائي آهي. انهيءَ
ڳالهه جو سڀ کان وڏو نقصان هيءُ ٿيو، ته تاريخ کي
هڪ طرفو لکيو ويو. فتح نامه عرف چچ نامه، تاريخ
معصومي، تاريخ طاهري، بيگلار نامه، ترخان نامه،
تحفة الڪرام وغيره اهي سڀئي تاريخون اشاري تي
لکيون ويون آهن.“ (ص -17)
ليکڪ جي انهيءَ بيان سان راقم الحروف گهڻي ڀاڱي
اتفاق ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ سندس تصنيف کي به مذڪوره
راءِ جي تناظر ۾ ڏسي ٿو. تنهنڪري خود ليکڪ مهدي
شاهه کي به پنهنجي تصنيف بابت اها ئي راءِ جوڙڻ
کپي، ته جيئن تاريخ جي مضمون سان انصاف ٿي سگهي.
مددي ڪتاب
1. ”تحفة الڪرام“ - مير علي شير قانع ٺٽوي، س.ا.ب.
2. ”مارڪس اور ايشيائي طرز پيداوار“- سبط حسن.
3. ”تاريخ سندهه: مغل دؤر“- ڊاڪٽر مبارڪ علي.
4. “سمن جي سلطنت“- ڊاڪٽر غلام محمد لاکو.
5. ”ڪلهوڙا دور حڪومت“- ڊاڪٽر غلام محمد لاکو.
6. ”ڪلهوڙن جي عروج ۽ زوال تي ماحولياتي اثر“
ايم.ايڇ. پنهور، ٽماهي مهراڻ 1998ع.
7. ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“- پروفيسر
عبدالله مگسي.
ڇنڊڇاڻ
[تبصرا/ تعارف/ اڀياس/ راءِ/ تنقيد]
(هن ڪالم لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ ضروري
آهن)
شاهه لطيف کي ڇڏي، ٻئي جنهن سنڌي شاعر تي گهڻي کان
گهڻو - ۽ پوءِ به ٿورو – لکيو ويو آهي، سو لاشڪ
شيخ اياز آهي. مٿس سندس جيئري به لکيو ويو ۽ مُئي
پڄاڻا به لکيو پيو وڃي. ڪن مٿارو لکيو ۽ ڪِن پيهي
منجهه پاتار ماڻڪ ميڙيا. جن مٿاڇرو لکيو، تن ۾ آءٌ
به شامل اهيان. جيڪي پاتار ۾ پيهي ويا، تن ۾
منهنجيءَ سانڀر موجب، محمد ابراهيم جويي، امير علي
چانڊئي، اڪبر لغاريءَ ۽ آغا سليم جا نالا ڳڻائي
سگهجن ٿا. اُنهن پاتار ۾ پيهي ويندڙن ۾ جويي صاحب
۽ آغا سليم جي امتيازي خاصيت هيءَ آهي ته هنن اياز
جي ڪنهن هڪڙي ڳٽڪي تي هيڪاندو لکيو آهي؛ جويي صاحب
ڀرپور مهاڳن جي شڪل ۾ ۽ آغا صاحب ’شيخ اياز: صدين
جي صدا‘ جي شڪل ۾، جيڪو، جي ڀلجان نٿو ته، ’ڪَپر
ٿو ڪُنَ ڪري‘ جي چونڊ مواد جو اڀياس آهي. مون ’شيخ
اياز: صدين جي صدا‘، مسودي توڙي ڇپيل، ٻنهي صورتن
۾ پڙهيو آهي؛ مسودو سال اڌ اڳ ۽ ڇپيل هاڻ. پهرين
منهنجو خيال هو ته مهان شاعريءَ جا اڀياس يا تجزيا
يا تفسير اُن جي جيءَ کي تنواريندڙ انگَ، اُن جي
گپت سنگيت ۽ وڄت، اُن جي پراسرار موسيقيت ۽
نغمگيءَ کي تَڪي، مجروح ڪري ڇڏيندا آهن. پر جويي
صاحب جا مهاڳ ۽ آغا صاحب جو اڀياس انهيءَ خيال جي
نفي ڪن ٿا ڇو جو اهڙن اڀياسن، تجزين، يا تفسيرن جي
پس منظر ۾ مهان شاعري وري پڙهجي ٿي ته اُن جو جيءَ
کي تنواريندڙ انگُ پاڻ سوايو ٿي وڃي ٿو، ۽
شيڪسپيئر جي ڪليات جي مهاڳ لکندڙ سينٽ جان اِرون
جي اِن راءِ جو سچ پاڻ مڃائي وٺي ٿو ته:
"The mind of a man of genius is not immediately
comprehended but must be approached many times
before its fullness is seen."
[اِها راءِ مون پنهنجي اياز جي چونڊ نظمن ۽ نثر جي
انگريزي ترجمن واري
'Songs of Freedom'
نالي ڳٽڪي جي نوٽ ۾ نقل ڪئي آهي.]
آغا صاحب اياز جي شاعريءَ جي معنوي ڀرپوريت جا تهه
مٿان تهه برابر کوليا آهن، پر آءٌ سمجهان ٿو ته
سندس ڪمال اِهو آهي ته هن اهي تَهه سنڌي توڙي
عالمي ادب ۽ علمي روايتن جي آڳاٽي توڙي هاڻوڪي
تاڃي پيٽي ۾ کوليا آهن ۽ ٻڌايو اٿس ته هن ٻيجل جي
ڪينري ۾ جيڪي سُر آهن، تن ۾ ڪٿان ڪٿان جو سنگيت
ٻُري ٿو. آغا صاحب جي پرک جو ڪئنواس ايترو ته
ويڪرو ۽ وسيع آهي جو جيڪي لفظ مداح ممدوح لاءِ چيا
آهن ته ”اياز جيترو وڏو شاعر هو، ايڏو پڙهيل به
هو؛ هن دنيا جي ادب کي آگهاريو هو ۽ هن کي نون نون
ادبي ۽ فني لاڙن جي ڄاڻ هئي.“ سي خود مداح لاءِ به
ذري گهٽ اوتري ئي سچائيءَ سان چئي سگهجن ٿا.
پاڻ ڪونه ٻڌايو اٿائين ته هُن اِهو ڪتاب ڇو ۽ ڪيئن
لکيو. مون کي لڳي ٿو ته هُن ”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري“
ورهين پڄاڻا وري هٿ ۾ کنيو ۽ پڙهندي پڙهندي جيڪي
تاثرات ذهن ۾ اُسريس، تن کي دل جي حضور سان لکندو
ويو. مون اِهو اندازو سندس لکڻيءَ جي طرز مان
لڳايو آهي. ائين ٿو ڀاسي ڄڻ آغا صاحب بڙ جي ”اڳي
کان گهاٽي“ ڇانو ۾ پاڻ جيڏن ۽ ننڍن سان ڪچهري ڪندي
ڀاشڻ پيو ڏي، يا وري ڏاڍيان پيو ڳڻي ڳوتي. انهيءَ
ڪري ’شيخ اياز: صدين جي صدا‘ کي اڀياس يعني
Study
جي بدران
Oration
۽
Loud thinking
جي وچواري شيءِ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، ۽ ڪتاب جي
مواد لاءِ ’مدح‘ ۽ صاحب ڪتاب لاءِ ’مداح‘ جا لفظ
ڪتب آڻڻ به شايد سڀاويڪ نه آهي، ڇو ته لکڻيءَ جو
اسلوب مجموعي طرح کولي بيان ڪرڻ يعني تفسير يا
Par-aphrasing
وارو آهي، ۽ شايد انهيءَ ڀاشڻ / ڳالهايل سوچ کي
قلمبند ڪرڻ جو مقصد به اِهوئي هو. آغا صاحب اياز
جي شاعراڻي شخصيت يعني
Persona
جا رڳو اُهي رُخ اجاگر ڪيا آهن، جيڪي ’ڪپر ٿو ڪُنَ
ڪري‘ جي بيتن مان جهلڪن ٿا. اُنهيءَ ڳٽڪي ۾ وايون،
گيت، غزل ۽ نظم توڙي نوٽبڪ به آهن، جن مان ليئا
پائيندڙ شاعر جي شخصيت جا ٻيا رُخ سامهون نه آندا
ويا آهن. مجموعي طرح ڏسجي ته اياز ۾ رت جو وِلوڙ
جيئن جيئن ماٺو ٿيندو ويو هو، سندس سوچ جي تِک به
تيئن تيئن ماٺي ٿيندي وئي هئي، ۽ هو ’نانهن‘ کان
’آنهن‘ ڏانهن، ’اِنڪار‘ کان ’اثبات‘ ڏانهن ورندو
ويو هو. نانهن / آنهن، انڪار/ اثبات جا اصطلاح
ڌرمي /ديني
Context
۽
Orientation
وارا آهن؛ نه ته هوندائين چئجي ته اياز
Intellectually
هميشه آنهن يا اثبات واري حالت ۾ رهيو هو؛ تڏهن به
جڏهن هو
Hedonist
۽
Agnostie
هو، ۽ تڏهن به جڏهن هُن آواگون کي مڃيو ۽ دُعائون
لکيائين. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چوان ته حياتيءَ جي
مختلف دؤرن ۾ هن جيڪا به
Ideology
يا عقيدو اختيار ڪيو، تنهن تي هو انهيءَ دور جي
پڇاڙيءَ تائين ثابت قدم رهيو. ڇا اِها ثابت قدمي
اثبات نه آهي؟ جي ڪوئي اياز جي مختلف دَورن ۾
مختلف عقيدن تي ثابت قدميءَ کي سندس ڪردار جي
ناپختگيءَ تي محمول ڪري ٿو ته ڀلي ڪري:
چشم ما روشن، دِلِ ما شاد.
تَتُ تتاڻي، ڳالهه کُٽائڻي: مون لاءِ ’شيخ اياز:
صدين جي صدا‘ جي ڪئنواس جي وسعت
Over whelming
آهي ۽ اُن جي لکڻي
Captivating
.
– سليم نور حسين
”شيخ اياز: صدين جي صدا“ تي ڪجهه ويچار:
آغا سليم هڪ مشهور معروف ۽ مڃيل اديب ۽ محقق آهي.
”شيخ اياز- صدين جي صدا“ اياز جي شاعري ۽ آغا سليم
جو تجزيو، 118 صفحن ۾ هيءُ هڪ بيحد دلڪش ۽ ذهن
افزا مطالعو آهي.
شيخ اياز جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ آغا سليم جهڙوئي
برجستو قلم ڌڻي درڪار آهي. ”ڀنؤر ڀري آڪاس“ کان
”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري“ تائين، شيخ اياز جي شعري مجموعن
کي آغا ’ترديدي‘ ۽ ’انڪاري‘ شاعري قرار ڏئي ٿو.
مثال طور، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت:
”سَتُر ڪج ستار، آءٌ اگهاڙي آهيان،
ڍڪج ڍڪڻهار، ڏيئي پانڌ پناهه جو.“
جي ڀيٽ ۾ شيخ اياز چيو ته:
”ڍَڪ نه ڍڪڻهار، آءٌ اگهاڙو ئي چڱو،
مٿان سچ ميار، هرڪو پاند پناهه جو.“
آغا سليم، جيڪو شاهه جو شارح به آهي، اسان کي
سمجهائي سگهي ٿو ته شيخ اياز جي ترديدي يا انڪاري
شاعر واري فڪر ۽ لطيف جي لافاني صدا ۾ جيڪو صدين
جو فرق آهي، سو ڪهڙي قسم جو فرق آهي؟ سندس تشريح
مطابق اسين ”گذريل اڍائي سَو سالن کان ڀٽائيءَ کي
پيا ڳولهيون ۽ اڃا تائين کيس پوريءَ طرح ڳولهي به
نه سگهيا آهيون. اياز کي ته اسان اڃا ڳولهڻ شروع
ئي نه ڪيو آهي. اسان کي عام طرح اياز جي رڳو ايتري
خبر آهي، ته اياز ديس جي درد ۽ اُن درد مان جنم
وٺندڙ قومپرستيءَ جو شاعر آهي …“
ڏٺو وڃي ٿو ته شاه جي زماني ۾ سنڌ جي جيڪا صورتحال
هئي ۽ اياز جي زماني واري صورتحال ۾ ڪو وڏو فرق نه
آهي. شاهه جي ڪلام ۾ ديس جو درد ۽ قومپرستي بدرجه
اُتم موجود آهي، ليڪن اُنهيءَ جو اظهار اهڙي نموني
ڪيل نه آهي جهڙي نموني اياز جي اوائلي شاعريءَ ۾
ڪيو ويو آهي.
آغا سليم جي لکڻ موجب ”شيخ اياز سنڌيءَ جو پهريون
شاعر آهي جنهن شعوري طرح ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي (ص
7) ۽ عمر جي آخري حصي ۾ سهڻيءَ وانگر ڪُنن مان
ڪاهيندو پنهنجي ميهار ۽ پنهنجي پاڻ تائين پهتو ۽
دعائون لکيائين.“ (ص 10) انهيءَ حقيقت کي هيئن
بيان ڪجي ته:
”اياز آخر شاهه جي روحانيت طرف موٽ کاڌي ۽ فڪري
سفر جي توڙ تي لطيف جي درس جو کٿابي بنجي ويو. سو
ڀلا ڪهڙيءَ ريت؟ شيخ اياز جي مزاحمتي شاعري، جنهن
۾ ترديد ۽ انڪار آهي، انهيءَ جي اوسر ۽ اختتام،
جنهن ۾ تصديق ۽ اقرار آهي، پڻ اڀياس هيٺ آڻڻ
گهرجي.
آغا سليم جو پيش ڪيل اڀياس منفرد آهي. اڳي شاهه ۽
اياز تي ائين لکيو نه ويو آهي، جيئن آغا مشرق جي
فڪر کي مغربي فڪر سان ڀيٽي لکيو آهي. وليم ورڊسورٿ
جي فطرت ڏانهن موٽ ۽ اياز جي ماضيءَ ڏانهن موٽ-
ليڪن ٻئي فطرت جا شاعر آهن. عالمي ادب ۾ ٽي لاڙا:
ماضي، حال يا مستقبل، پر اياز جي شاعري ٽنهي رخن ۾
سندس ديس جي ترجمان آهي.
همرچي جو ويلوڙي – پر حال ۾ ووءِ پراڻيون پوٿيون ۽
مستقبل آجي ٿيڻ جي آرزو. ٽراٽسڪي جو قول ته ”موت ۽
زندگي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪري نه ٿيون سگهجن“
۽ هٽلر جو مذاڪرات لاءِ طاقت وارو نظريو، آغا سليم
اياز جي شاعريءَ جي وضاحت ڪندي بيان ڪيو آهي:
”ناليءَ مان بندوق جي، ڏُور ڏسي آڪاسُ،
گوليون گوريلي ڀري، کنيو اونهون ساسُ،
آيو ڪٿان واسُ، ڪٿي گل ٽڙن پيا.“
يا
وڙهندي مانَ وسن، ٿر تي ٿڌا مينهڙا.
آغا پنهنجي چونڊيل اٺن موضوعن مان هر هڪ موضوع تي
زير اَڀياس شاعري جي وضاحت ڪندي، تعليقات وانگر
متعلقه يا لاڳاپيل مزيد معلومات فراهم ڪئي آهي،
جيڪا هڪ نئين واٽ آهي، پنهنجن عظيم شاعرن کي بين
الاقوامي پس منظر ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي.
منهنجي خيال ۾ آغا سليم کي اهڙيءَ ريت وڌيڪ لکڻ
گهرجي. سندس هيءُ ڪتاب ”شيخ اياز- صدين جي صدا“
اڻپورو آهي. انهيءَ جو ٻيو حصو لکڻ گهرجي، ۽ شيخ
اياز آخري عمر ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙيون ”دعائون“ لکيون،
انهيءَ جي اُپٽار ٿيڻ گهرجي.
- ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
”شيخ اياز:
صدين جي صدا“
نورالدين سرڪيءَ کي آغا سليم ”شيخ اياز: صدين جي
صدا“، ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏئي ويو ته ان ڏينهن مان به
وڃي سرڪي صاحب وٽ سهڙيس.
ڪتاب تي نظر پيم – پنا اُٿلائي، اول مضمونن جي
ترتيب تي نظر وڌم ته ڪجهه موضوع عجيب عجيب لڳم.
جڏهن سرڪي صاحب سان ان جو اظهار ڪيم ته هن هڪ
پئراگراف پڙهڻ لاءِ کولي ڏنو. ”اياز ’ڪاپائتي‘ ۽
صراف واري ان ساري تصور کي رد ڪيو. اهو انياءُ ۽
ناانصافي آهي ته جن رنڊا روڙيا، اهي صرافن آڏو
سَرهيون آهن ۽ جن جو سُٽ سنهو ۽ سڦرو آهي، تن جو
صراف دُڪو داخل نه ٿا ڪن. اياز جي ’ڪاپائتي‘ رڳو
ڪَتي ۽ ڪَنبي ن ٿي، پر صراف سان سينو ساهي، کيس
ڦورو ڦولهي، سُٽ پرکي پوءِ اگهاڻڻ لاءِ اسرار ڪري
ٿي.“ ان پئراگراف مٿان ٻه بيت شاهه لطيف ڀٽائيءَ ۽
هيٺان چار بيت شيخ اياز جا به مثال طور پيش ڪيا
اٿس، جيئن اهو ڪتاب يا مضمون پڙهندڙ پاڻ پڙهي ڏسي
۽ فيصلو ڪري. شاهه لطيف جي انهن ٻن بيتن ۾ ٻن لفظن
’چائت‘ ۽ ’محبت‘ جي پرک ضروري هئي. شاه لطيف جي
سُر سورٺ ۾ هڪ بيت آهي ته:
سؤ سِرنِ پائي، جي تند برابر توريان،
اُٽَلَ اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجلُ ٻُرائي،
سَکڻو هڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃڻ ناهه ڪي.
شاهه لطيف کي هر اديب، شاعر، دانشور ويندي سياسي
ڪارڪن تائين، هر ڪنهن مطالعو ڪيو آهي. مان سمجهان
ٿو ته اهڙو شايد ئي ڪوئي هوندو، جنهن شاهه لطيف نه
پڙهيو هجي ۽ ان مان پنهنجو مقصد نه ماڻيو هجي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ کان خود شيخ اياز ايترو
متاثر هو جو هڪ هنڌ لکيو هئانين ته: ’مون کي شاهه
لطيف سڄي جو سڄو ياد هوندو هو، پوءِ مون ڪوشش ڪئي
ان کي وسارڻ ۽ ذهن مان ڪڍڻ جي، ورنه هر هر منهنجي
قلم مان شاهه لطيف ئي اُڀري ايندو هو.‘ (هي لفظ
جيئن جو تيئن شيخ اياز جا ناهن، پر هو مون سان
ڪچهرين ۾ ائين ئي چوندو هو ته مان زوريءَ شاهه
لطيف کي وساريو، ورنه منهنجي شاعريءَ مان شاه لطيف
جهلڪڻ لڳندو هو). هڪ هنڌ خود آغا سليم لکيو آهي
ته: هو اول شيڪسپيئر کان متاثر هو، پر جڏهن سندس
شناسائي شاهه لطيف سان ٿي ته کيس خبر پئي ته شاعري
ڇا ٿيندي آهي. (هي لفظ به جيئن جو تيئن آعا سليم
جا ناهن، پر يادگيريءَ مان حاصل ڪيل آهن.)
هاڻ ٿا اچون اصل مقصد تي. مان اها ڳالهه به واضح
ڪندو هلان ته مان ڪالهه به اڄ به شيخ اياز ۽ آغا
سليم کان متاثر آهيان.
هاڻ وٺون ڳالهه جي ڳاٽي کي ته ’صدين جي صدا‘ مان
آغا سليم جي شيخ اياز سان عقيدت ۽ سندس سمجهه جي
پروڙ پوي ٿي، ته شيخ اياز جي شاعري صدين تائين
سنڌي ادب جي آسمان تي پهرئين تاري جيان چمڪندي
رهندي. مون کي ان ڳالهه تي ڪوبه اعتراض ناهي، اڃا
به مان آغا سليم سان سو سيڪڙو سهمت آهيان. پر
اعتراض مون کي رڳو هڪڙي ڳالهه تي آهي ته شيخ اياز
جنهن دَور ۾ پيدا ٿيو، جنهن دَور ۾ وڌيو ۽ سندس
ادبي اوسر ٿي، اهو صنعتي دَور ۽ دنيا ۾ سياسي ۽
سماجي اُٿل پٿل جو دور رهيو، جنهن کان آغا سليم
صاحب به انڪار ڪري نه سگهندو. پر شاهه لطيف، شيخ
اياز جي دَور کان اڍائي سَو سال اڳ پيد اٿيو ۽ اهو
دَور سنڌ جي مٿان مذهبي جنونيت وارو دَور هو. اهڙي
دَور ۾ صوفي هجڻ، ساڌن ۽ سامين، جوڳين ۽ لاهوتين
سان شاهه لطيف جي دوستي ان دَور جي ترقي پسندي نه
چئبي ته ٻيو ان کي ڪهڙو نالو ڏبو؟ اها ڳالهه به
عالم آشڪار آهي ته شاهه لطيف مخدوم معين عرف مخدوم
ٺاري ٺٽويءَ سان نه صرف ڪچهريون ڪرڻ ويندو هو، پر
ڪن مبهم ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهين بابت مخدوم
معين ٺٽويءَ سان لکپڙهه ذريعي منجهيل ۽ ڳوڙهن
سوالن ۽ پاڻ کي درست ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ پڇا ڳاڇا
ڪندو رهندو هو، جنهن جو مثال ’رسالهء اويسيه‘ آهي،
جيڪو هن سال ’شاهه لطيف ثقافتي مرڪز‘ وارن، نياز
همايونيءَ جي ترجمي ۽ اصل فارسي ٻوليءَ سميت ڇپائي
پڌرو ڪيو آهي. ظاهر آهي ته شاهه لطيف جي ذهني اوسر
۽ هن جي ادبي ۽ سماجي فلاسافي، شيخ اياز جي ادبي
اوسر ۽ سماجي ۽ سياسي اوسر کان بنهه مختلف هئي/
آهي. هاڻ شيخ اياز تي لکڻ ويل شيخ اياز جي دَور جي
فلاسافيءَ کي نظر ۾ رکي لکڻ گهرجي ۽ منهنجي خيال ۾
هرو ڀرو ائين چوڻ ۽ لکڻ نٿو جڳائي ته شيخ اياز جي
ئي دَور جي ڪنهن شاعر جي شيخ اياز جي شاعريءَ سان
ڀيٽ ڪجي. پوءِ هن کي هيٺ ۽ شيخ اياز کي مٿاهون
ڏيکارڻ، ٻنهي سان زيادتي ٿيندي. مون ’شيخ اياز:
صدين جي صدا‘ ڪتاب پورو پڙهيو آهي ۽ ڪيترين جاين
تي نوٽس به لکيا اٿم، پر هن ڪتاب جي هر هڪ مضمون
تي لکڻ لاءِ هڪ ٻيو ڪتاب لکڻو پئجي ويندم، جيڪو في
الحال ممڪن ناهي، نه ئي وري ”مهراڻ“ رسالي ۾ يا
ادبي بورڊ وٽ ايتري جاءِ آهي جو اهو ڪجهه ڇاپي
سگهي. شيخ اياز کي سندس دَور، سياسي ۽ سماجي اُٿل
پٿل، سندس فلسفي، سندس ذهني اوسر، سند شاعري ۽
لکڻين مان جهلڪ تي لکي، شيخ ايا زجي پوري سُڌ ٻُڌ
۽ سندس دَور جي ادبي تاريخ کي قلمبند ڪرڻ انتهائي
ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته شيخ اياز جي دَور جا همعصر
کولي لکن ته ان سان ايندڙ نسل کي فائدو رسندو.
باقي شاهه لطيف جو نه اڄ دَور رهيو آهي، نه هن جي
فلاسافيءَ سان لاڳاپيل هن جا همعصر رهيا آهن، نه
ئي ان جي شاعريءَ تي شاهه لطيف جي ڪنهن سندس
ساٿيءَ، هڪ جهڙي ساڳيءَ فلاسافيءَ سان واسطو رکندڙ
ڪنهن پارکوءَ جي ڪا لکت هٿ آئي آهي، سواءِ ڪن
ٿورين ڳالهين ۽ اشارن جي جن کي به هن دَور وارن
مدي خارج ڄاڻائي انهن تي قلم کڻڻ جي ڪوشش ئي ڪانه
ڪئي. ڪنهن به شاهه لطيف جي هن سوال ته: ’ڪُپيريءَ
۾ پير، ڪنهن پاتو پيرئين‘ جو صحيح معنيٰ ۾ ڪو جواب
ڳولي هٿ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان منزل ۽ ان پنڌ جو
ڪوبه پانڌيئڙو هن دَور ۾ نه رهيو ناهي، سواءِ
خواجه محمد الزمان لواريءَ واري جي جواب جي ته:
ڪُپيري اوري رهيا، اَٻُڌَ ٻڌائون،
انهيءَ وٽ آئون، رهي آيس راتڙي. |