سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :5

(1) فرائض:

فرائض نہ داني شوي در قلق

(اگر نماز جي فرائض کان واقف نه آهين ته پريشان ٿيندو رهندين)

       اُجَجس              نُوَق       تُقَق               رَسَق

1 2  3   4      5  6 7    8  9   10      11  12   13

نمبر شمار

حرف

لفظ/فارسي جملو

سنڌي ترجمو

1

ا

اندام پاک کردن

نهائي جو پاڪ ڪرڻ

2

ج

جاي پاک کردن

جڳهه جو پاڪ ڪرڻ

3

ج

جامه پاک کردن

ڪپڙن جو پاڪ ڪرڻ

4

س

ستر عورت کردن

اوگهڙ ڍڪڻ

5

ن

نيت کردن

نيت ڪرڻ

6

و

وقت شناختن

وقت جو ڄاڻڻ

7

ق

مقابل قبلہ ايستادن

قبلي رخ ٿي بيهڻ

8

ت

تکبير اولي گفتن

پهرين تڪبير چوڻ

9

ق

قيام کردن

قيام ڪرڻ

10

ق

قرائت خواندن

قرات ڪرڻ

11

ر

رکوع کردن

رڪوع ڪرڻ

12

س

سجده کردن

سجدو ڪرڻ

13

ق

قاعده آخرين نمودن

آخري قعدي ۾ ويهڻ

(2) واجبات:

چو واجب نداني شوي در خطر

(جيڪڏهن واجب نه ڄاڻندين ته خطرناڪ حالت پيش ايندئي)

      فُضَت    تُقَت   لُقَت    جَسَر

      1  2  3      4  5  6     7  8   9    10   11   12

نمبر شمار

حرف

لفظ/فارسي جملو

سنڌي ترجمو

1

ف

فاتحہ خواندن

فاتحہ(الحمد) پڙهڻ

2

ض

ضم سورت نمودن

فاتحہ سان گڏ سورت ملائڻ

3

ت

تعين قرائت در دو رکعت

فرض جي پهرين ٻن رڪعتن کي الحمد جي تلاوت لاءِ معين ڪرڻ

4

ت

تعديل ارکان نمودن

نماز جا رڪن اطمينان ۽ سڪون سان ادا ڪرڻ

5

ق

قعده اوليٰ نشستن

پهرئين قعده ۾ ويهڻ

6

ت

تشهد در هر دو قعده خواندن

ٻنهي قعدن ۾ تشهد (التحيات) پڙهڻ

7

ل

لفظ سلام در آخرين گفتن

نماز ختم ڪرڻ وقت السلام عليڪم چوڻ

8

ق

قنوت در وتر خواندن

وتر ۾ دعاءِ قنوت پڙهڻ

9

ت

تکبيرات در هر دو عيد گفتن

ٻنهي عيدن جي نماز ۾ اضافي ڇهه تڪبيرون چوڻ

10

ج

جهر خواندن در نماز جهري

جهري نمازن ۾ ڏاڍيان پڙهڻ (صبح، مغرب، عشا، جمعه، عيدين)

11

س

سر خواندن قرائت در ظهر و عصر

ظهر ۽ عصر ۾ آهستي قرائت ڪرڻ

12

ر

رعايت ترتيب نمودن

ترتيب جي پابندي ڪرڻ

(3) سنتون:

چو سنت بداني شوي مقتدا

(سنتون ڄاڻندين ته ماڻهن جو رهبر ٿي ويندين)

     رُ  وُ  ث      تُبَت      تُسَت      دَ   دَ   ا

     1  2  3      4   5  6     7   8    9      10 11  12

نمبر شمار

حرف

لفظ/فارسي جملو

سنڌي ترجمو

1

ر

رفع يدين در وقت تکبير اول کردن

تڪبير تحريمہ چوڻ وقت ڪنن تائين هٿ آڻڻ

2

و

وضع يمين بر شمال

کاٻي هٿ تي ساڄو هٿ رکڻ

3

ث

ثنا يعني سبحاک اللهم خواندن

ثناءَ يعني سبحانک اللهم پڙهڻ

4

ت

تعوذ خواندن

اعوذ بالله پڙهڻ

5

ب

بسم الله گفتن

بسم الله پڙهڻ

6

ت

تکبيرات انتقالات گفتن

هڪ رڪن مان ٻئي رڪن ۾ وڃڻ وقت الله اڪبر چوڻ

7

ت

تسبيح رکوع و سجود گفتن

رڪوع ۾ سبحان ربي العظيم ۽ سجدي ۾ سبحان ربي الاعليٰ چوڻ

8

س

سمع الله خواندن

سمع الله لمن حمده چوڻ

9

ت

توقف در قومہ و جلسه نمودن

رڪوع کان پوءِ قومه يعني چيلهه سڌي ڪري بيهڻ ۾، ۽ سجدي کان پوءِ جلسه يعني ويهڻ ۾ ٿورو ترسڻ

10

د

دعاءَ خواندن

دعا گهرڻ

11

د

درود خواندنن

درود پڙهڻ

12

1

آمين گفتن

آمين چوڻ

مفتاح الصلواة انهن لايعني لفظن جي اشارن جو تفصيل آهي. مصنف اهي شعر پنهنجي ويڳي سنڌي ماءُ زوجه اول مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوريءَ کان سکيا ۽ انهن کي بنياد بڻائي ڪتاب تحرير ڪيو. پاڻ اهو ڪتاب 1061هه/1652ع ۾ مڪمل ڪيائين، جنهن ۾ بعد جي ڪجهه سالن ۾ اضافا پڻ ڪندو رهيو.

هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته ان موضوع تي پاڻ هڪ ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ اڳ به تحرير ڪيو هئائون، ان جو نالو ”فتح المذاهب الاربعة“ آهي ۽ اهو سن 1050هه/1640ع ۾ لکي پورو ڪيائين. پاڻ لکي ٿو ته:

”بدانکه در مسائل وضو و تيمم و مسح خفين و آب وضو وغيره از مقدمات نماز اختصار واقع شه هرکه خواهد مستوعبا معه دلائله ومسائله کما يحق وينبغي همه را مطالعه نمايد فعليه بملاحظه فتح المذاهب الاربعہ للکاتب (بابا فتح محمد) فانہ کان في المسائل التفصيلية و واف للمطالب العلميہ، انشاءَ الله تعاليٰ.“

ان کان علاوه پاڻ رساله جهة الکعبة، رسالہ مستحب وقت عشا و ظهر، مثنوي تنزل الحق جل و علا عقيده صوفياءَ فتوح العقائد ۽ فتوح الاوراد لکيا اٿن.

نماز جو موضوع ۽ علماءَ سنڌ:

نماز اسلام جو بنيادي رڪن هئڻ ڪري، عالمن آڏو وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي. سنڌ جي عالمن به ان موضوع تي پنهنجون حياتيون صرف ڪيون آهن. سندن پورهيو ڪنهن قيمتي وٿ کان گهٽ ڪين آهي. انهن جو ذڪر بي مهل ته نه ٿيندو، بلڪ اسين ان سلسلي ۾مفتاح الصلواة جي گذشته سان پيوسته ڪڙي جي اهميت ۽ جڳهه کي پڻ آسانيءَ سان سمجهي سگهنداسين.

1- علامہ رحمت الله سنڌي مدينه منوره ۾ ”غاية التحقيق ونهاية التدقيق في مسائل ابتليٰ بها اهل الحرمين الشريفين“ تحرير ڪيو. ان ۾ نماز جا پنج مسئلا 1- اقتداءِ بالمخالف 2- جماعة ثانية 3- وقت العصر 4- قراة خلف الامام 5- سنة بعد الجمعة، جي متعلق لکيائين. پاڻ 993هه ڌاري مدينه منوره ۾ ئي وفات ڪيائين.

2- علامہ رحمة الله سنڌيءَ جي ڀاءُ علامہ حميد سنڌي ”القول الحسن في جواز الاقتداءِ بالامام الشافعي في النوافل و السنن“ تحرير ڪيو. هي ڪتاب نفلن ۽ سنتن ۾ امام شافعي مسلڪ جي امام جي اقتداءَ ڪرڻ جي تائيد ۾ تحرير ڪيو ويو. پاڻ 1006هه ۾ مدينه منوره ۾ حيات هئا.

3- مفتاح الصلواة: ان سلسلي جي ٽين اهم ڪڙي آهي. هيءُ ڪتاب فقه حنفي جي اصولن تي مرتب ٿيل آهي. سنڌ جي عالمن ۾ ان جي مقبوليت مان اندازو ٿئي ٿو، ته هن علائقي ۾ مفتاح الصلواة لکجڻ سان فقہ حنفي کي وڏي هٿي ملي. مقدمه مصلح المفتاح ۾ سرتاج العلماءَ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن رقمطراز آهن ته:

”هيءُ ڪتاب نماز جي ڪنجي مٿئين ڪتاب (القول الحسن في جواز الاقتداءِ بالامام الشافعي في النوافل و السنن) کان پنجاهه سال کن پوءِ سن1061هه ۾ سنڌ جي هڪ برگزيدي خاندان جي هونهار فرزند مخدوم فتح محمد لکيو. مخدوم فتح محمد، مشهور عالم شيخ عيسيٰ جندالله جو فرزند هو. هي بزرگ اصل پاٽ شهر جا هئا، جن لڏي وڃي هندستان ۾ برهانپور کي وسايو هو. مخدوم فتح محمد جو هيءُ ڪتاب نهايت ئي مقبول پيو ۽ نماز جي مسئلن بابت ان کي سَنَد ڪري مڃيو ويو. سنڌ کان ٻاهر توڙي سنڌ ۾ هن ڪتاب جي مطالعي ۽ تحقيق ڏانهن خاص توجهه ڏنو ويو. اسان جي مصنف سيد علي محمد شاه پنهنجي ڪتاب (مصلح المفتاح) يعني ”سيد دائري وارن جي سنڌي“ جو بنياد پڻ هن ڪتاب تي ئي رکيو آهي.“

4- مفتاح الصلواة کان 30 سال پوءِ ٺٽي جي عالم ابوالحسن سنڌي مقدمہ الصلواة لکيو.

5- مخدوم ابوالحسن ڏاهري 1162هه ۾ سراج المصلي تحرير ڪئي.

6- مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي ڪتاب ”بياض واحدي“ ۾ ”ڪتاب الصلواة“ لکيو ويو.

7- ترتيب الصلواة: خانواده مسيح الاولياءَ جي هڪ فرد مخدوم فضل الله پاٽائي 13 صدي جي آخري اڌ ۾ هي ڪتاب نظم ۾ تحرير ڪيو.

8- رسالہ نماز فرائض سنڌي: قاضي نور محمد بن آخوند محمد حسن قريشي سانوڻي هالائي سنڌي نثر ۾ هيءُ ڪتاب تحرير ڪيو، جيڪو 1891ع ۾ بمبئي مان شايع ٿيو.

مٿي بيان ڪيل سڀني ڪتابن جي موجودگي باوجود سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ اهميت ۽ شهرت مفتاح الصلواة ۽ ان کان پوءِ مقدمة الصلواة کي حاصل ٿي.

مفتاح الصلواة تي ٿيل وڌيڪ تحقيق:

مفتاح الصلواة شروع کان ئي سنڌ جي عالمن ۽ مدرسن ۾ مطالعي هيٺ رهيو، جنهن ڪري ان تي حواشي لکجڻ سان گڏ ترجما به ٿيا. بعض عالمن ان ۾ پنهنجي استطاعت مطابق اضافا به ڪيا. سڀ کان پهريائين مصنف خود ان ڪتاب ۾ موجود مسئلن تي تعليقات ۽ تصريحات لکيون، جنهن کي ”منهيات المفتاح“ چيو وڃي ٿو. هن وقت تائين جي تحقيق موجب مخدوم انور اهو پهريون بزرگ آهي، جنهن مفتاح الصلواة جو سنڌي ترجمو ڪيو. مخدوم فضل الله پاٽائي پنهنجي تحرير ”اصلاح المصلح المفتاح“ جي مقدمي ۾ ان ترجمي متعلق لکي ٿو ته: ”کتاب مفتاح الصلواة تصنيف مخدوم فتح محمد عليہ الرحمة در بيان مسائل عباداتي بزبان فارسي بوده- پس مخدوم محمد انور لارائي اورا براي سهوليت مردمان سند بزبان سندي ترجمه نموده.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com