سارنگ حيران هو ته اهو ”جادوگر“ ڪٿي آهي؟.. اهڙو
بيڊولومزور،ايترو طاقتور جادوگر ته نٿي ٿي سگهيو.
هن رڌڻي جي هر ڪنڊ ڏانهن نظر ڊوڙائي. پر ان شخص ۽ پورچياڻيءَ
کان سواءِ، اتي ٻيو ڪو به موجود ڪونه هو.. ته پوءِ
ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ڪوجهو شخص ئي جادوگر
آهي. ڳجهه کي معلوم ڪرڻ خاطر، سارنگ اندر داخل
ٿيو. ان تي ”جادوگر“ ايڏو ڇرڪ ڀريو جو هن جي هٿ
واري ٿالهي ڪِرندي ڪِرندي بچي وئي.
بورچياڻي پنهنجي مڙس کي آٿت ڏيندي چيو: ”تون ماني کائيندو رهه،
ننڍڙو سائين توکي ڪجهه نه چوندو.“
سارنگ حيران ٿي پڇيو ”هان؟“
”پنهنجي ماءُ کي نه ٻڌائجانءِ ته هي شخص ٻوڙ کائي رهيو هو.
هيءَ بچيل اوبر آهي، ننڍڙا سائين!“
”هي شخص ڏاڍو بکايل آهي، ننڍڙا سائين! توهان کي هن تي قياس
ڪرڻ گهرجي.“ ”ڪير؟“
”هي شخص ... منهنجو مڙس.“
”تنهنجو مڙس؟“
سارنگ پنهنجي پاڻ کي يقين ڏيارڻ خاطر، هن ماڻهوءَ کي ڌيان سان
ڏٺو ۽ پنهنجي دل ۾ چيائين : هن جادوگر ضرور پنهنجي
شڪل بدلائي ڇڏي آهي.
پوءِ ڪجهه دير سوچڻ بعد چيائين: ”تون جادوگر آهين.... مون کي
چڱيءَ طرح خبر آهي ته تون جادوگر آهين.!“
مزور ، ڊڄندي ڊڄندي پڇيو ”ڪير؟“
”تون ٻيو ڪير.“
سائين، مان هڪ مسڪين مزور آهيان.“
”پر تون جادوگر آهين. مون کي پڪ آهي ته تون جادوگر آهين. تون
سڀڪجهه ڪري سگهين ٿو. پر ڏس! هاڻي اهڙي حرڪت نه
ڪجانءِ بجليءَ کان سواءِ گهر ۾ ڏاڍي اوندهه
ٿئي ٿي ۽ ڪارخانن جي بند ٿيڻ ڪري مون کي بسڪوٽ نه
ملندا آهن.“
سائين مون ته ڪا به اهڙي حرڪت ڪانه ڪئي آهي... مان هاڻي وڃان
ٿو.“
”تون مونکي دوکو ڏئي رهيو آهين. تون ته ڪنهن کان به نه ڊڄندو
آهين. منهنجو خيال هو ته تون ماڙيءَ جيڏو وڏو
هوندين، پر ڏسجي ٿو ته توشڪل بدلائي ڇڏي آهي.“
”توهين مون سان مذاق ٿاڪيو، رڳو انڪري جو مون وٽ
کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. اهڙيءَ طرح مذاق ڪرڻ
گناهه آهي، منهنجا سائين!
”مون ويچاريو هو ته تون ڏاڍو گنڀير هوندين. پر ڀانئجي ٿو ته تون
مسخرو پڻ آهين. ٻوڙ کائڻ وقت تنهنجا هٿ ڏڪي رهيا
هئا، انڪري مان توکان صفا ڪو نه ٿو ڊڄان.“
ايترو چئي، سارنگ رڌڻي مان ٻاهر نڪري، دروازي وٽ اچي بيٺو ته
جي جادوگر هن جوپيڇو ڪري، ته هو جلدي گهر مان ڀڄي
وڃي. پر اميد جي ابتڙ ، جادوگر هن جي پٺ نه ورتي.
سارنگ پوئتي مڙي ڏٺو ته جادوگر ...ها، ها، اهوئي
جادوگر، هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ بيهي روئي رهيو هو، ۽
پنهنجا ڳوڙها، پنهنجي ڪوٽ جي گنديءَ ٻانهن سان
اگهي رهيو هو.
”هڪ جادوگر ٿي تون روئي رهيو آهين! چڱو ٿيو، توکي اهڙي ئي سزا
ملڻ گهرجي. تو منهنجي پيءُ کي گهر اچڻ ڇونه ڏنو
هو؟ تو بجلي ڇو بند ڪئي هئي؟ تو منهنجا بسڪوٽ ڇو
بند ڪيا هئا؟ هاڻي خدا توکي چڱي سزا ڏني آهي. رو!
ڀلي رو!“
ائين چئي، خوشيءَ مان واڪا ڪندو، سارنگ گهر ۾ هليو ويو، ۽
نوڪرياڻيءَ وٽ وڃي چوڻ لڳو:
”هاڻي مانهن جادوگر کان نٿو ڊڄان... صفا نٿو ڊڄان!
(ايلڪ گووارا) هنگاريءَ
مشهور اديب جي
لکيل
هڪ سماجي ڪهاڻي
سنڌيڪار: محبوب علي جوکيو
هڪ ماءِ جو اولاد
گارشا اڄ هڪ تفريحي پارڪ کي منتخب ڪيو هو. هو پنجويهن سالن جو
حسين نوجوان هو. جسم تي پتلون هئس ۽ مٿي هڪ هلڪو
ڪوٽ، اها پوشاڪ ڪا ايترو ڪريل ڪانه هئي، جو هو هڪ
تفريحي پارڪ ۾ ڪنهن اُچيءَ سوسائٽيءَ جي ماڻهن ۾
ويهي نه سگهي ها. هو هوريان هوريان هلندو، پٿر جي
انهيءِ بينچ طرف وڌيو جنهن تي هڪ اڌڙوت عمر وارو
شخص آرام ڪري رهيو هو. سامهون سائيءَ ڇٻر جي ٻاري
۾، صاف سٿرن ڪپڙن ۾ پهريل هڪ چئن _پنجن سالن جو
ڇوڪر راند کيڏي رهيو هو ۽ اهو ڇوڪر شايد انهيءِ
اڌڙت عمر واري شخص سان هو. گارشا انهيءِ بينچ تي،
انهيءَ شخص جي ڀر ۾ ٿي ويٺو. انهيءِ بينچ تي هڪ
وڌيڪ ماڻهوءَ جي گنجاش هئي.
هو گهڻيءَ دير تائين، ڇٻر تي کيڏندڙ ٻار ڏانهن نهاريندو رهيو،
جيڪو ڀر ۾ ويٺل شخص سان ئي هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ
دوران اهو ان ڇوڪري کي پري نه وڃڻ جي هدايت ڪري
چڪوهو.
”سائين، جيڪڏهن گنجائس هجي ته هيءُ سِڪو خريد ڪريو“ گارشا
پنهنجي کيسي مان سون جو هڪ سِڪو ڪڍي، هن ڏانهن
ڊگهيڙيندي چيو، هن شخص مُنهن ورائي گارشاجي تريءَ
تي رکيل سِڪي ڏانهن نهار ڪئي. اهو سِڪو اٽڪل ٽيهه
سال اڳ، عام سِڪن وانگر رواج ۾ هو، پر سون جو وڌيڪ
مهانگي ٿي وڃڻ جي ڪري، بند ڪيو ويو هو ۽ هاڻي
انهيءِ سِڪي جي قيمت موجوده سِڪي جي قيمت کان سئو
دفعا وڌيڪ هئي. ”نه، ادا“ هن شخص حسرت ڀرئي انداز
۾ وراڻي، ” هن وقت ته انهيءِ حالت ۾ ڪو نه آهيان“
”مهرباني تڪليف ڏيڻ لاءِ معافي ٿو گهران “ گارشا پنهنجو هٿ
پوئتي هٽائيندي جهيڻي آواز ۾ چيو. ” بهتر آهي ته
هيءُ نه وڪامي. جيڪڏهن هڪ ڏينهن جي بک اٿم ته ڇا
ٿي پيو. آءٌ هن بکن _ڏکن واريءَ حالت ۾ به سِڪي ۾
پنهنجي ماءُ جي شڪل ٿو پسان“
”ماءُ جي شڪل!“ ڀر واري شخص حيرت مان پڇيو .
”هائو “ گارشا هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو۽ چيو ” هيءُ منهنجي ماءُ،
منهنجي ڏهين سالگر تي مونکي ڏنو هو. سالگرهه جي
ٻئي ڏينهن، هوءَ هڪ حادثي جي لپيٽ ۾ اچي ويئي ۽
مري ويئي؛ پر هي سِڪو اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهي،
آءٌ هن سڪي کي ڪڏهن به پاڻ کان الڳ ڪو نه ڪندس“
گارشا نهايت درديلي انداز ۾ ڳالهائي رهيوهو ” آءٌ
ڪيترن هفتن کان بي روزگار آهيان ۽ بک کان بيحال
ٿي، ڪڏهن انهيءِ سِڪي کي وڪڻڻ جو ارادو ڪندو
آهيان، پر جڏهن به آءٌ ان ڏانهن ڏسان ٿو تڏهن ان ۾
مونکي پنهنجي ماءُ جي صورت ٿي نظر اچي. مون کي
ائين ٿو لڳي، ڄڻڪ امڙ مون کي نصيحت ڪري رهي هجي
ته پُٽ ، سخت تڪليف واري وقت ۾ به صبر کي هٿان
نه ڇڏج، ۽ آءٌ ان جي نصيحت تي عمل ڪرڻ جي پوري
ڪوشش ڪري رهيو آهيان. توهان کي ته ڄاڻ آهي ته
سائين، اسان ماڻهن جي هڪ ئي ته ماءُ آهي، جيڪا
سڀڪجهه هوندي آهي، صرف هڪ ماءُ ....“ايترو چئي،
گارشاجي نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ سندس آواز ڀرجي آيو، هن
اهو به محسوس ڪيو ته ڀر واري شخص جي اکين مان به
پاڻي ٽِمي رهيو هو.
ٿوري گهڙي خاموشي رهي، پوءِ ان ڪروڙڍ شخص کيسي مان هڪ وڏو نوٽ
ڪڍيو ۽ گارشا ڏانهن ڊگهيڙيندي چيائين، وٺ ”ادا ،
اڳ ۾ ته تون ماني وڃي کاءُ “پوءِ هن پنهنجيون
اکيون رومال سان اُگهندي چيو، ”سچ ته توکي پنهنجي
ماءُ جي انهيءَ آخري نشانيءَ کي وڪڻڻ نه
گهرجي.“
گارشا هن جي هٿ مان نوٽ وٺڻ کان پوءِ دل جي گهراين سان ٿورا
مڃيا، ڳرن قدمن کڻندي، پارڪ کان ٻاهر نڪري ويو.
هاڻي هو انهيءَ نوٽ مان، ٻه ٽي ڏينهن ٺٺ سان گذاري
سگهيو ٿي.
گارشا کي يقين ڪو نه هو ته ڪو هن کان سواءِ ڪنهن ٻئي به پنڻ جي
انهيءَ طريقي کي اختيار ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن
سمجهيو ٿي ته هن طريقي ۾ وڏي هوشياري ۽ ڪوشش جي
ضرورت آهي. اهوئي سبب آهي جو هن جڏهن منڍ ۾ اهو
ڌنڌو اختيار ڪيو هو ۽ ان ۾ ڪامياب رهيو هو، تڏهن
ڏاڍو خوش هو ۽ سمجهيائين پئي ته هو انهيءَ ڌنڌي
کي ڪافي عرصي تائين جاري رکي سگهندو، پر خبر نه
آهي ته ڇو هو ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي ڌنڌي مان ڪڪ
ٿي پيو هو. انهيءَ جو مکيه سبب اهو هو ته ڪنهن به
شخص جي اڳيان انهيءَ سِڪي جي داستان شروع ڪرڻ
کان اڳ هن کي انهيءَ شخص بابت گهڻو ڪجهه معلوم
ڪرڻو هو ته هو هن جي انهيءَ داستان کان متاثر
ٿيندو الاهي نه، يا ڪٿي گذريل وقت انهيءَ شخص
کان اڳ ته اهڙي نموني خيرات ڪونه وٺي چڪو آهي.
اهي خطرا هن کي هر وقت رهندا هئا ڇاڪاڻ ته ائين هن
جا پول پڌرا ٿي سگهيا ٿي. جيڪڏهن قانوني طرح نه،
ته به اخلاقي طرح ماڻهو ضرور هن کي ڦِٽ لعنت
ڪندا، سو، جڏهن هن کي پورو يقين ٿي ويندو هو ته
مذڪور شخص هن لاءِ بلڪل نئون ماڻهو آهي، تڏهن ئي
ان سان هو پنهنجي مراد بيان ڪندو هو. پر جيئن ته
گذريل ڪيترن سالن کان هو هزارن ماڻهن کان اهڙيءَ
طرح سان مدد حاصل ڪري چڪو هو، تنهنڪري هن کي ڏاڍي
اهنجائي محسوس پئي ٿي ۽ هو پنهنجي انهيءَ ڌنڌي
کان ڏاڍو بيزار ٿي پيو هو، حالانڪ هن اها ڳالهه
ڪڏهن به ڪانه ٻُڌي هئي ته ڪو فلاڻي گداگر پنڻ ڇڏي
ڏنو آهي. شايد گارشا انهيءَ ڏينهن پنهنجي انهيءَ
ڌنڌي کي ترڪ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. جڏهن
هن جي ملاقات پنهنجي هڪ دوست سان ٿي. ان دوست جو
نالو ڊان جل هو ۽ هو پوليس جي کاتي ۾ ملازم هو.
گارشا هن کي ٻڌايو ته آءٌ ڪيترن ئي مهينن کان
بيروزگار آهيان . تنهن تي سندس دوست ڊان جل، کيس
ٻڌايو ته ”آءٌ پنهنجي کاتي ۾ تنهنجي لا ڪا جڳهه
حاصل ڪري وٺندس.“
پوءِ جلدئي ڊانجل، هن کي پنهنجي کاتي ۾ جاسوسيءَ جو ڪم ڏياريو
، پر شرط اهو هو ته گارشا اڌ پگهار جو ڊان جل جي
حوالي ڪندو رهندو.گارشا مجبوريءَ سبب، اهو شرط
قبول ڪيو، اهو هڪ لِڪل سمجهوتو هو، جيڪوهنن ٻن جي
وچ ۾ هو.
پر،گارشا لاءِ سڄو سارو مهينو گذارڻ مشڪل هو. هن وقتي، ڊان جل
کان ڪجهه اوڌر گهرڻ جو ارادوڪيو، پر ان کان اڳ ئي
ڊان جل، اشاري طور ٻڌائي ڇڏيو هوس ته ”آءٌ
تنگدستيءَ ۾ مبتلا آهيان.“ گارشا ويچارو چپ رهيو
۽ وقتي، پنهنجي جاسوسيءَ جي ڌنڌي سان گڏ پنهنجي
پراڻي ڌنڌي کي به جاري رکڻو پيس. پر ائين ڪرڻ ۾،
هن کي ڏاڍي ڪوفت محسوس ٿيندي هئي. هن انهيءَ
ڳالهه کان نفرت پئي ڪئي ته پوليس جي ملازمت ڪرڻ
سان گڏ خيرات به وٺندو رهي. ڪڏهن ته هن پنهنجي
ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ پيل سوني سِڪي کي بازار ۾
وڪڻڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان به سوچيو هو. هڪ دفعي ته
هن جا قدم صراف بازار ۾ هڪ سوناري جي دڪان ڏانهن
به وڌيا، پر هر وقت هڪ گمنام احساس هن کي سِڪي
وڪڻڻ کان بازرکيو. ڪڏهن ته هن کي ائين محسوس ٿيڻ
لڳو، ته سچ پچ هي سِڪون سندس ماءُ هن کي ڏهين
سالگره تي ڏٺو هو.
هڪ ڏينهن هو انهن ئي خيالن ۾ گم، صراف بازار جي منڍ ۾ بيٺوهو ته
اوچتو هڪ فقير هن جي اڳيان هٿ ڊگهيڙيو
”بابوجي،الله جي نالي ڪجهه ڏيو . ڪيتري ئي وقت کان
بکيو آهيان.“
گارشا گهاٽي ڏاڙهيءَ واري، جانٺي فقير جو جائزو ورتو جنهن جي
ڪڇن ۾ گهوڙيون لڳل هيون. هڪ پير زمين کان مٿي کنيل
هوس، جنهن مان معلوم ٿي ٿيو ته اهو فقير سورهن آنا
منڊو آهي. فقير پنهنجو سوال اڳ کان به وڌيڪ
انڪساريءَ سان ورجايو. گارشا جي دل گهريو ته هو
انهيءَ منڊي فقير جي غلط فهميءَ تي وڏا وڏا ٽهڪ
ڏئي، پر اهو سوچي ته اهڙو قدم نهايت غير مهذبانه
آهي، هن اهو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو . هن سمجهيو ته
معاشري ۾ پنڻ جي اجازت ته ضرور آهي، پر ڪنهن منڊي
فقير تي ٺٺولي ڪرڻ جي اجازت هرگز نه آهي، پوءِ
چاهي هن جي منڊائپ محض دوکو ڇونه هجي. تنهن کان
سواءِ هن کي اهو احساس ٿيو ته گذريل ٽن ويلن کان
هو خود به بکيو آهي ۽ هن جا آنڊا وڪڙ کائي رهيا
آهن. ممڪن آهي ته هن فقير جي به اها حالت هجي، ۽
هو سچ ڳالهائي رهيو هجي. پر پاڻ ته ماڻهن کي ڪوڙو
داستان ٻڌائي، انهن جي جذبات سان مذاق ڪري، انهن
کان رقمون ڦري رهيو آهي. اهو سوچي،هن جو هٿ، ازخود
پاڻمرادو، ڪوٽ جي اندرئين کيسي ڏانهن وڌي ويو ۽ هن
هڪ ننڍو سڪو ڪڍي، انهيءَ منڊڙي فقير جي جهوليءَ
۾ وڌو. هن فقير جي دعائن تي وڌيڪ توجهه ڪو نه ڏنو،
پر ان جي بجاءِ، هو ڪنهن ويجهي سوناري جي دوڪان تي
چڙهي ويو. هاڻي هو انهيءَ سون جي سڪي کي وڪڻڻ جو
پڪو ارادو ڪري چڪو هو. هن کي احساس ٿيو ته سون جي
سِڪي کي کيسي ۾ رکي، ٽن ويلن کان بکيو رهڻ سراسر
حماقت آهي.
هو خوش ٿيڻ لڳو ته انهيءَ سون جي سِڪي کي وڪڻڻ کانپوءِ ، دل ۾
پيدا ٿيل ان پراڻي ڪراهت جهڙي ڌنڌي جي تلخ
يادگيرين کي به مٽائي ڇڏيندو، ۽ هو هميشه محنت
مزوري ڪري، پنهنجي حلال جي روزي ڪمائي کائيندو.
”جناب آءٌ پنهنجو هڪ سون جو سِڪو وڪڻڻ چاهيان ٿو.“
هن پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ هٿ وجهندي چيو ۽
هن سڪو ڪڍي، سوناري جي ڪائونٽر تي رکيو.
ڪائونٽرجي پويان ويٺل وڏين مڇين واري سوناري، سامهون پيل سِڪي
کي ڏٺوته سندس اکين ۾ رت تري آيو، ۽ گارشا کي قهر
ڀرين اکين سان ڏسڻ لڳو، ۽ چيائين ”هي سون جو سِڪو
آهي! اڙي، تنهنجي پيءُ ڏاڏي به ڪڏهين خواب ۾ سون
جو سِڪو ڏٺو هو؟“ گارشا سوناري جي اهڙي ڪڙي تنقيد
ٻڌي، حيرت ۾ پئجي ويو. هن سِڪي ڏانهن نهاريو ۽ ڇرڪ
نڪري ويس. پوءِ جلدي کيس احساس ٿيو ته هن اهو سون
جو سِڪوغلطيءَ وچان، انهيءَ منڊي فقيرکي ڏئي ڇڏيو
آهي. جيڪو سِڪو هن سوناري جي اڳيان رکيو هو، اهو
سچ پچ ته هڪ معمولي سِڪو هو، جنهن سان صرف هڪ
بسڪوٽ ئي خريد ڪري سگهجي ٿو. ”اڙي!“ هن جي زبان
مان بي اختيار نڪري ويو. ”مون هن فقير کي، غلطيءَ
وچان، سون جو سِڪو ڏئي ڇڏيو!“ هن چيو،۽ پنهنجو
سِڪو کڻي، وائڙن وانگر، سوناري جي دڪان تان هيٺ
لٿو.
”تنهنجي پيءَ به ڪنهن کي خيرات ڏني هئي! مون کي آيو آهي بيوقوف
بڻائڻ!“ گارشا سوناري جي واتان اهي لفظ ٻڌا، پر في
الحال ته هوخود به بيوقوف بڻجي ويو هو. ڀلجي، هن
فقير کي هڪ معمولي سِڪي جي بجاءِ ، هڪ قيمتي سون
جو سِڪو ڏئي ڇڏيو هو، ۽ سوناري جي چوڻ موجب، هن کي
پڪ هئي ته سندس پيءُ برابر اهڙي سخاوت ڪانه ڪئي
هئي. هو ٻه ٽي ٻرانگهون ڀري، اچي انهيءَ واردات
واريءَ جڳهه تي پهتو. پر هاڻي ته انهيءَ منڊي
فقير جو اتي نالو نشان به ڪو نه هو. ڪجهه قدمن تي،
هڪ چئن ڦيٿن واريءَ گاڏي ۾، هڪ اپاهج فقير ويٺو هو
۽ ماڻهن جو توجهه پنهنجي بيوسيءَ ڏانهن ڇِڪي رهيو
هو. گارشا ان کان انهيءَ منڊي فقير بابت پڇا ڪئي،
۽ کيس ان جا پارپتا ڏنا.
”صاحب ، ڇهين بجي کان پوءِ هو گهر هليو ويندو آهي ۽ ان کان
پوءِ هن فٽ پاٿ کي آءٌ سنڀاليندو آهيان. جيڪڏهن
اوهان کي خير خيرات ڏيڻي آهي ته ڪنهن کي به ڏئي
سگهو ٿا. ان جو ثواب هر حال ۾ اوهان کي ئي
ملندو.“ انهيءَ پنگلي فقير،گارشا ڏانهن پر اميد
نظرن سان نهاريندي چيو. پر ويچارو گارشا هاڻي
خيرات ڏيڻ جهڙو ڪٿي هو! هو ته خود فقير ٿي
پيوهو. هن پاڻ ڏانهن ايندڙ ڪنهن ٻئي فقير ڏانهن رخ
ڪيو، جيڪو ٻنهي هٿن کان لولو هو. ”ها ، ان جو نالو
لارينو آهي.“ لولي فقير چيو. پوءِ هن گارشا کي
انهيءَ فقير جو ڏس ڏنو.
”وڏي مهرباني.“ گارشا چيو، ۽ انهيءَ ٻڌايل طرف روانو ٿي ويو.
لولي فقير جي ٻڌائڻ موجب انهيءَ منڊي فقير جي
رهائش اتان کان ٻه ميل پري هئي. پر سندس اندازو هو
ته کيس رستي ۾ ئي ملي ويندو. هن پنهنجي سون واري
سِڪي کي هر حالت ۾ هٿ ڪرڻ چاهيو ٿي، پر هو سوچي
رهيو هو ته اها ڪهڙي قسم جي ڪالوني هوندي جتي اهو
پوڙهو لارينو رهندو هوندو! هڪ فقير جي جڳهه بابت
سوچيندي ، هن جي ذهن ۾ هڪ ننڍڙي ءَ جهوپڙيءَ جو
تصور تري آيو، پر هو محسوس ڪري رهيو ته هو جنهن
وستيءَ طرف وڃي رهيو آهي، اها ته ڪيترين عاليشان
محلاتن تي مشتمل آهي ۽ اهڙن محلن ۾ ته صرف امير
ئي رهي سگهن ٿا. خير، جڏهن گارشا انهيءَ سمجهايل
پتي تي، يعني لارينو جي جڳهه تي پهتو تڏهن هن کي
يقين ٿي ويو ته انهيءَ لولي فقيرکيس غلط پتو ڏنو
آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن جڳهه جي دروازي تي هو پهتو،
انهيءَ جي عظمت ۽ شوڪت ٻڌائي رهي هئي ته اندر ڪو
لکا پتي ماڻهو ئي رهندو هوندو. هن هڪ واٽهڙوءَ کان
پڇيو.
”هائو، جناب لارينو صاحب جو بنگلو اهوئي آهي.“ انهيءَ
واٽهڙوءَ جواب ڏنو.
”بنگلي “ ۽ ”جناب“ جا لفظ ٻڌي، گارشا جو دماغ ڦرڻ لڳو. ممڪن آهي
ته انهيءَ ناليوارو ڪو ٻيو امير شخص انهيءَ
بنگلي ۾ رهندو هجي. هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ اڳتي
وڌي رهيو هو ته بنگلي جي دروازي تي چوڪيدار بيٺو
هو، جنهن سخت لهجي ۾ هن کان پڇيو . ”ڪنهن سان
ملڻو اٿو؟“
”جناب لارينو صاحب سان.“گارشا جي زبان مان بي اختيار نڪري
ويو.”ته پوءِ اندر هليا وڃو. لارينو صاحب ڇهين بجي
کان پوءِ گهر ۾ ئي ملي سگهندو آهي.“ چوڪيدار
ٻڌايو.
گارشا کي ياد آيو، ڦيٿن واري گاڏيءَ ۾ ويٺل فقير به اهوئي
ڇهين بجي جو ذڪر ڪيو هو. هيستائين ته ڳالهيون
ڀچنديون اچن ٿيون. چوڪيدار ته کيس اندر وڃڻ جي
اجازت اڳ ۾ ئي ڏئي چڪو هو. جلدئي هن کي پاڻ بنگلي
۾ اندر داخل ٿيندي محسوس ڪيو.
اڳيان اڌ درجن کن سنگمرمر جا ڏاڪا هئا، جن کي لاشعوري طور پار
ڪندي، هڪ وسيع لابيءَ ۾ وڃي نڪتو. اڳيان هڪ سهڻو
دروازو هو جو بند هو، مٿان ڪال بيل به هو. هن
ڌڙڪندڙ دل سان، ان بٽڻ تي آڱر رکي ۽ زور ڏنو.
جواب ۾ جلد ئي دروازو کليو ۽ هڪ سترهن ارڙهن سالن
جي خوبصورت ڇوڪري ٻاهر نڪتي، ”فرمايو.“ هن گارشا
کي هيٺ کان مٿي تائين ڏٺو.
”جناب لارينو صاحب...“
”هائو، مون سان گڏيا اچو“ ڇوڪريءَ چيو، ۽ موٽڻ لاءِ پٺتي
ڏٺائين. گارشا هنجي پويان هلڻ لڳو. هاڻي هو ڪاريڊر
۾ اچي پهتا، جتي عاليشان غاليچو وڇايو پيو هو.
خبر نه آهي ته ڇو گارشا پاڻ کي محسوس ڪري رهيو
هو. هو سوچي رهيو هو ته هن گهرجي رهاڪوءَ سان،
جيڪو نه صرف وڏو امير هو، پر معاشري ۾ به ڪو
اعليٰ مقام حاصل اٿس، ڪهڙيءَ طرح هيئن چئي
سگهندو ته ٿوري دير اڳ، هن کانئس خيرات ورتي هئي
۽ هن کيس هڪ معمولي سِڪي جي بدران هڪ قيمتي سونو
سِڪو ڏنو هو. اهو سوچي، هن جي منهن تان پگهر ريلا
ڪري وهڻ لڳو. هاڻي هو سوچي رهيو هو ته هن بنگلي
۾ داخل ٿي هن وڏي غلطي ڪئي آهي، جنهن جي سزا کيس
جلد ئي ڀوڳڻي پوندي. جناب لارينو صاحب، جيڪڏهن کيس
بيعزتيءَ جي ڪيس ۾ پوليس جي حوالي کڻي نه ڪري،
پر ته به کيس ڌڪا ڏيئي ٻاهر ضرور ڪڍرائي ڇڏيندو.
هن سوچيو ته پوئتي ڀڄي نڪران، پر هاڻي ڇا ٿي سگهيو
ٿي. ڪاريڊر جي ڇيڙي تي ڇوڪري منهن ڦيرائي سريلي
آواز ۾ چيو ، ”اوهان کي کاڌي واري ڪمري ۾ هلڻو
پوندو، ڇاڪاڻ ته هو هن وقت کاڌو کائي رهيو آهي.
اوهان ساڻس اتي ئي ملو.“
” ته پوءِ آءٌ بي وقتو آيو آهيان.“گارشا رڪجي ويو. ”ٺهيو. پوءِ
ڪنهن وقت اچي ساڻس گڏجاڻي ڪندس.“ ائين چئي، هو
پوئتي موٽڻ لڳو.
”نه نه، اهڙي ته ڪا به ڳالهه ڪانه آهي. لارينو صاحب نهايت
فراخدل ماڻهو آهي. هو انهيءَ ۾ ڪو به عار محسوس
ڪو نه ڪندو آهي. ساڻس ملڻ وارا گهڻو ڪري ماني
کائڻ وقت ئي ملي ويندا آهن.“ ڇوڪريءَ سامهون وارو
دروازو کوليندي چيو، ”اچو،“
لاچار، ڇوڪريءَ سان گڏ هو به اندر داخل ٿيو. هاڻي هو هڪ وڏي
هال ۾ هو، جنهن جي ڇت ڪافي مٿي هئي ۽ جنهن جي وچ
۾ رنگين بلوري شيشي جو هڪ وڏو فانوس روشن هو. فرش
تي عمدو غاليچو وڇايل هو. هال جي وچ تي هڪ وڏي ميز
رکيل هئي، جنهن جي چؤطرف ڇهه ڪرسيون پيون هيون. هڪ
ڪرسيءَ کان سواءِ ، ٻيون سڀ ڪرسيون خالي هيون ۽
انهيءَ ڪرسيءَ تي اهوئي شخص ويٺو هو، جنهن جي تلاش
۾ هو به هت اچي پهتو هو. هن وقت سندس جسم تي اهو
اڳڙين ۽ ٿڳڙين وارو وڳو ڪو نه هو، پر نهايت قيمتي
وڳو اوڍيل هئس ۽ اڳيان قسمين قسمين جا طعام رکيا
هئس.
”اچو، اچو، ويهو.“ هن ماني کائيندي چيو ۽ پنهنجي هٿ ۾ جهليل
ڀُڳل ڪڪڙ جي ٽنگ پليٽ ۾ رکندي، هن جي استقبال لاءِ
اُٿي کڙو ٿيو.
”گارشا، اچو.“لارينو صاحب پنهنجي ڀر واريءَ ڪرسيءَ ڏانهن اشارو
ڪندي چيو. گارشا جي ويهڻ کان پوءِ، ڇوڪريءَ کي
چيائين ”هلدا، هاڻي تون ڀل وڃ“
ڇوڪريءَ ادب سان سر جهڪايو ۽ هال مان ٻاهر هلي وئي. گارشا
پنهنجي ڀرسان ويٺل شخص تي، ڦڙتائيءَ سان نظر وڌي.
برابر اهوئي اهو منڊڙو فقير آهي، پر هن کي اهو
سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو هن کي ڪيئن چوي ته ”تون
ٿورو وقت اڳ ، صراف بازار ۾ پني رهيو هئين، ۽ مون
توکي خيرات ڏني هئي، پر غلطيءَ وچان، هڪ معمولي
سِڪي جي بدران توکي هڪ قيمتي سونو سِڪو ڏنو هوم
ڇا، اهو هڪ معزز شخص تي الزام نه آهي، ۽ ڇا هيءُ
امير ماڻهو انهيءَ الزام کي قبول ڪندو؟“ اهو سوچي
هن جي جسم مان درهڙي نڪري وئي.
”ٻڌو، ڪيئن تڪليف ڪئي اٿو؟“ هن ڏاڙهيءَ واري ڳالهايو.
”گارشا خشڪ چپن کي آلي ڪندي هن ڏانهن نهاريو. هن کي پنهنجي
مقصد بيان ڪرڻ لاءِ نڪي موزون لفظ ڪونه ٿي سجهيا.
هن ائين محسوس ڪيو، ڄڻڪ هو گونگو آهي.
”اڙي مون توهان کان مانيءَ بابت ته پڇيو ئي ڪونه ..“ لارينو
چيو.
”مهرباني، آءٌ ماني کائي آيو آهيان.“ گارشا محسوس ڪيو ته آءٌ
گونگو نه آهيان.
”ته پوءِ ٻڌايو، آءٌ اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“ لارينو
چيو :۽ ڀرسان رکيل شراب جي بوتل کڻي، هڪ ننڍو گلاس
ڀريائين ۽ گارشا جي سامهون رکيائين. ان سان گڏ، هڪ
سونهري رنگ جو سگريٽ ڪيس ۽ هڪ جديد قسم جو خوشنما
لائيٽر به هن طرف سرڪار يائين. ”آءٌ سمجهان ٿو ته
مون توهان کي اڳ به ڪٿي ڏٺو آهي.“ هن چيو. گارشا
پنهنجي گلاس مان هڪ وڏو ڍڪ نڙيءَ کان هيٺ لاٿو.
شراب ته ڏاڍو عمدو ۽ ڪو جهونو هو. ”اها منهنجي خوش
قسمتي آهي، جو توهان مون کي سڃاڻو ٿا. اڄ شام جو
ئي مون توهان کي هڪ سونو سِڪو خيرات طور ڏنو هو.“
گارشا ڳالهايو پر هن کي اها پڪ ڪانه رهي ته اهو
جملو هن پاڻ ڳالهايو آهي يا ڪو غيبي آواز هو.
”سون جوسِڪو!“ ڏاڙهيءَ واري گِرهه چٻاڙڻ واري عمل کي في الحال
ته منسوخ ڪيو. هن جي لهجي مان اها ڳالهه صاف ظاهر
هئي، ته هن کي ”خيرات طور ڏنو هو“ واري فقري تي ته
ايترو عجب ڪونه لڳو، جيترو ”سولو سِڪو“ واريءَ تڪ
تي عجب لڳس. گارشا پنهنجي گلاس وارو بچين سچيل
مقدار به پيئندي، گلاس ميز تي رکيو ۽ چيو :
”هائو، مون معمولي سِڪي جي بجاءِ، توهان کي هڪ سونو سِڪو ڏنو
هو، ٻيءَ حالت ۾ آءٌ توهان کي ههڙي وقت تڪليف ڪونه
ڏيان ها.“
”ڳالهه ته اعتبار جهڙي ئي ڪانهي.“ ڏاڙهيءَ واري چيو. هن جو لهجو
ٻڌائي رهيو هو ته هن کي پنڻ جو ته اعتراف ضرور
آهي، پر هو هيءَ ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ هرگز تيار
نه آهي ته ڪو هن کي خيرات ۾ سون جو سِڪو به ڏئي
سگهجي ٿو. فقير بيخيالي واري انداز ۾ بوتل کنئي، ۽
پنهنجو ۽ گارشا وارو گلاس وري به ڀريو ۽ پوءِ بي
اعتماد نظرن سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو.
گارشا شراب جو ٻيو گلاس به جلدئي خالي ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ”جانب
، اهو سڀڪجهه غلطيءَ سبب ٿيو هو، نه ته آءٌ ته
انهيءَ سِڪي کي وڪڻڻ لاءِ صراف بازار ۾ به ويو
هوس. ايتري ۾ توهان سوال ڪيو ۽ هڪ سِڪو کيسي مان
ڪڍي، ڏسڻ وائسڻ بنان، توهان کي ڏئي ڇڏيم. اوهان
کان ڇا لڪائجي. اهوئي هڪ سِڪو منهنجي سموري ملڪيت
هو، ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي حيثيت فقير کان
وڌيڪ نه رهي آهي.“ گارشا چيو، پر ان کي شدت سان
احساس ٿيو ته هو غلط ڳالهه ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته
هڪ فقير جي حيثيت ته ان وقت خود هن جي اڳيان
واضح هئي.
لارينو ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ مشڪيو ۽ هٿ جي اشاري سان
گارشا جو ڌيان شراب جي بوتل ڏانهن ڇڪيائين. شايد
هن ائين ٿي چاهيو ته سندس مهمان اهو محسوس نه ڪري
ته ڪو ڪنهن ڪنجوس وٽ اچي نڪتو آهي. ”ڏاڍو عمدو
شراب آهي.“ گارشا پنهنجو گلاس ٽيون دفعو به ڀريو ،
۽ چيو:
”هائو، پورچو گالي آهي.“ فقير مختصر جواب ڏنو.
”ها، ته جناب آءَ اهو چئي رهيو هوس ته انهيءَ سوني سِڪي جي
پويان هڪ درد ناڪ ڪهاڻي لڪل آهي. نه ته آءٌ....“
”وڌيڪ وضاحت جي ضرورت نه آهي منهنجا دوست. اهڙي قسم جوننڍيون
وڏيون غلطيون انسان ڪندو ئي رهي ٿو.“ لارينو ڳالهه
کي مڪائيندي چيو ته پوءِ ميز تي رکيل گهنٽي
وڄايائين. جواب ۾، اها ساڳي ڇوڪري، هلدا، اچي
حاضر ٿي. هلدا، منهنجو پنڻ وارو لباس ته کڻي اچ.
اڃا مون ان جا کيسا ڪونه کوليا آهن.“
”اجهو آيس، جناب.“ ائين چئي، ڇوڪري واپس هلي وئي. ان جي وڃڻ کان
پوءِ گارشا ٿوري کنگهڪار ڪئي ۽ پنهنجو گلو صاف
ڪيائين. پوءِ چيائين ”جناب، اهو سونو سِڪو منهنجي
لاءِ، ان جي موجود قيمت کان به وڌيڪ قيمتي آهي.
اهو سِڪو واپس وٺڻ کان اڳ، آءٌ توهان کي ان جو سبب
ضرور ٻڌائيندس.“
”مون کي يقين آهي دوست، ته ڪونه ڪو سبب ضرور هوندو.“ لارينو چيو
۽ ايتري ۾، هلدا، اها ڦاٽل پوشاڪ کڻي آئي. جيڪا
صراف بازار ۾، گارشا انهيءَ فقيرجي بدن تي ڏٺي
هئي. هن وقت ته ان پوشاڪ ۾ ڪيترائي کيسا نظر ٿي
آيا ۽ اهي نهايت وزني ٿي معلوم ٿيا. لارينو ميز جي
هڪ حصي کي خالي ڪيو ۽ هلدا کان اها پوشاڪ وٺي،
کيسن مان ريزو ڪڍي، کڻي ميز تي اوتيائين. گارشا
ته حيران ٿي ويو، جو اها چڱي خاصي رقم هئي. ان ۾
ننڍا وڏا ڪيترائي سِڪا موجود هئا، پرانهن سڀني کان
ڌار، سونو سِڪو پري کان چمڪي رهيو هو.
”اهو آهي، جناب.“ سونو سِڪو هٿ ۾ کڻي، نهايت خوشيءَ واري انداز
۾ چيو ”مون کي ته هن وقت پتل ۽ ٽامي جا سِڪا ئي
ملندا رهيا، پر هي سونو سِڪو پهريون دفعو ئي مون
کي خيرات ۾ مليو آهي.“
”پر آءٌ ته عرض ڪري چڪو آهيان ته مون غلطيءَ مان...“
”ها، ها، ٺيڪ آهي. مون کي اعتراف آهي ته توهان اهو غلطيءَ مان
ئي ڏنو آهي ۽ انهيءَ ڪري اهو توهان کي واپس ملڻ
گهرجي. “فقير چيو ۽ اهو سِڪوگارشا جي هٿ تي
رکيائين. وري چوڻ لڳو، ”مون کي افسوس آهي جو
انهيءَ غلطيءَ سبب توهان کي هيستائين اچڻ جي تڪليف
گوارا ڪرڻي پئي، حالانڪ آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجي
غريبخاني تي اچي، اوهان منهنجي عزت افزائي ڪئي
آهي.“
”جناب، آءُ هيءُ سِڪو ڪڏهن به واپس نه وٺان ها، پر...“
”ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي. ڪا ٻي ڳالهه ڇيڙ . “ فقير هٿ جا اشارا به
ڪيا. گارشا انهيءَ سِڪي کي، پنهنجي هٿ ۾ اٿلائي
پٿلائي ڏٺو ۽ چيو: ”نه سائين، مون کي ڳالهائڻ ڏيو.
اوهان جي فياضيءَ مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو
آهي. آءٌ توهان کي هن سِڪي جو داستان ضرور
ٻڌائيندس.“
فقير مشڪندو رهيو ۽ انتظار ڀريل نگاهن سان گارشا ڏانهن
نهاريندو رهيو. گارشا کي هن وقت اهي لفظ ياد ڪونه
ٿي آيا، جيڪي هو هزارن ماڻهن جي اڳيان ورجائي چڪو
هو. هن آخر چيو، ”توهان ته انهيءَ کي کڻي بيوقوفي
به سمجهو پر ماءُ ته ماءُ ئي هوندي آهي. توهان
ته ڄاڻو ٿا ته اسان سڀني جي صرف هڪ ئي ته ماءُ
هوندي آهي. صرف هڪ ماءُ...“ ايتري چئي، گارشا جي
نڙي خشڪ ٿي وئي. نڙي ته اڳ ئي سڪي وئي هيس ۽ آواز
ڀرجي آيو هوس، ۽ هن جو آخري نڪتو. جنهن کي هو
ڪارگر سمجهندو هو، اهي ڳوڙها هئا وڏا وڏا ڳوڙها ،
جيڪي هن جي اکين مان وهڻ تي هئا.
فقير انهيءَ ڪرسيءَ تان اُٿيو، ۽ ويجهو اچي، هن جي پٺي ٺپرڻ
لڳو ۽ چيائين ، ”صبر ڪر، پٽ، صبر ڪر“
”نه، نه. مون کي ائين ڪرڻ نه گهرجي.“ گارشا سڏڪا ڀريندي چيو،
”منهنجي هيءَ ڪهاڻي ته هي سونو سِڪو مون کي منهنجي
ماءُ ڏنو هو، درست نه آهي.“
”يعني!“
”اهو سڀڪجهه ڪوڙ آهي.“ گارشا نيٺ سچ ڳالهايو. ”آءٌ ڪيئن احسان
فراموش ٿيان، جو آءٌ پنهنجي محسن جي ههڙي فياضيءَ
جو بدلو ڪوڙ ۽ مڪاريءَ سان ڏيان! هيءُ سِڪو منهنجي
ماءُ مون کي ڪونه ڏنو هو، پر هيءُ خود مون خريد
ڪيو هو. ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ خاطر انهن کان
ناجائز نموني ۾ همدرديون حاصل ڪرڻ جي غرض سان، ۽
پنهنجي عادت موجب، اها ساڳي حرڪت مون توهان سان
به ڪئي، جا مون کي ڪرڻ نه گهربي هئي. آءٌ پنهنجي
انهيءَ ڪارنامي تي شرمندو آهيان. ڇا، توهان مون کي
معاف ڪونه ڪندا؟“ هو ٻارن وانگر سڏڪا ڀرڻ لڳو:
”توهان هي سِڪو موٽائي ڏنو آهي ۽ مون تي وڏي
مهرباني ڪئي آهي. بس، هڪ مهرباني ٻي به ڪريو. مون
کي معاف ڪري ڇڏيو، آءٌ نهايت شرمسار آهيان.“ |