گذارش
ادب جي اگر ڪا مختصر ۽ جامع تعريف ڪري سگهجي ٿي ته پوءِ رڳو
ايترو چوڻ به ڪافي ٿيندو ته، ادب زندگيءَ جو
ترجمان آهي. ان تعريف جي روشنيءَ ۾ جاچبو ته
زندگي، زمان ۽ مڪان سان وابسته آهي، ۽ زندگيءَ جو
”حال“ زماني جي خيال کان، ”ماضيءَ “مان جنم
وٺي ٿو. ”حال“ جو روشن ۽ تابناڪ دور، اصل ۾،
ماضيءَ جي اُفق تان اُڀري ٿو: ٻين لفظن ۾ کڻي
چئجي ته ماضيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن صحتمند ۽ سائي
شاخ ۾ ئي، هال جو شگفته ۽ ديده زيب گل پيدا
ٿئي ٿو، تنهنڪري رڳو ”حال _ حال“ پڪاري، ماضيءَ
کي يڪر نظرانداز ڪري ڇڏڻ، نڪا
رانشملدي
آهي ۽ نڪا معفوليت
ايترو سو آهي ته ماني جي مئل ۽ افسرده، زندگيءَ
کان پري، ميوي جي کل وانگر اڇلايل روايتن کي چنبڙي
نه پوڻ گهرجي. زندگي، هميشه حرڪت ۽ تبديل ۾
سفرڪري رهي آهي ۽ ارتقاپذير آهي. هڪ داڻو، ڦٽڻ ۽
ڦاٽڻ کانپوءِ سنگ تائين پهچندي، ڪيئي رنگ ٿو
ڏيکاري، ڪيئي روپ ٿو ڌاري؛ ان طرح ڪيئي چيزون ناس
ٿيون ٿين، جن جي جاءِ تي ٻيون ٿيون اُڀرن: ائين
هلندي هلندي، ڪا حقيقت ٿي نمودارٿئي. بلڪل ان
طرح سان ادب ۾ به جدت، جزالت، ندرت ۽ ترقيءَ کي
وڏي اهميت حاصل آهي،اها جدت پسندي به ڪنهن تعميري
اصلاح ۽ انقلاب لاءِ پسند ڪئي وڃي ٿي.
ان سلسلي ۾ اها حقيقت به خيال ۾ رکڻ جهڙي آهي ته سماجي اصلاح ۽
تعميري انقلاب جا اسباب ۽ وسيلا،گهڻي ڀاڱي
انساني شعور جي انهن مبهم ۽ اڌ وساريل نقش ۽
تاثرات مان ئي ملن ٿا، جن کي تازو ڪن اردو رسالن
بحث جي موضوع بنائيندي، طنزيه طور ”ماضي،“ سڏيو
آهي. انهن لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته اسانجي
قومي زبان جا دانشور، پنهنجي جلدباز ۽ جذباتي
فيصلن جي ڪري حال پسنديءَ جي مظاهري ڪنڊي،نئين
سج نوان روپ ڌارين ٿا. اسانجي قومي ۽ سرڪاري زبان
جي نت نين انجمنن ۽ نين محفلن جا قاعدا ۽ قانون
ان تي شاهد آهن. مزو آهي ته اڄڪلهه جي هرنئين
انجمن، محفل گلڊ ۽ بزم، ”حال پسند ۽ حال پرست“ هجڻ
جي دعويٰ ڪندي، پاڻ کان اڳ واري ادب کي فرسوده
بي روح ۽ بي مقصد سڏي ٿي.نتيجو اهو ٿو نڪري، جو
نڪوکين”ادب“ جا صحيح ماخذات ٿا ملن ۽ نڪو تنقيد
لاءِ مواد: سندن تخليق ۾ ڪو عمل نه پيغام، نه
مسرت نه ولوله حيات، نه سوز نه ساز، نه هم گيري نه
اونهائي. لهاذا انهن جي ”جدت“جي عمر فقط ٻه چار
ڏينهن ٿي رهي، ڇالاءِ ته دائمي قدرن جي انتخاب ۽
ان جي صحتمند استععال کان هو هر حال ۾ بي بهره
رهجي ٿا وڃن. ان جو مک سبب اهو آهي ته انهن نون
ادبي محاذن جي فن جو واسطو ۽ رابطو، ان آب،حيات
سان وابسته ناهي، جنهن کي ماضيءَ جو بي ڪنار
سمنڊ، پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪايون ٿو اچي.
اُهي اها حقيقت به نٿا سمجهي سگهن ته آخر لڙاٽيل
پاڻيءَ مان ئي صاف ۽ شفاف پاڻي حاصل ڪجي ٿو!
اسان جي سنڌي ادب ۽ ان جي ماضيءَ ۾،فن۽ مواد ،جا اهڙا ته
دائميت رکندڙ ۽ روح پرور، تاريخ ساز ۽ ادب نواز
معيار ۽ قدر موجود آهن، جن جي وجود مان، ڪافي،
وائي، دوهي، بيت ۽ گيت جون صنفون نمودار ٿيون
آهن، جن کي اسان ماضيءَ جي شاندار روايت ۽
ورثوسمجهون ٿا.
سنڌي ادب جي شاندار ۽ زنده جا ودان روايت ۾، طول طويل ديني ۽
اخلاقي بيت به آهن ته قاضي قاذن، شاهه ڪريم،
لطيف، سچل ۽ خليفه صاحب، جو فن ۽ حسن به موجود
آهي. انهن جي بيتن جي صنف تي اڄ به اسان جا
سوين شاعر پنهنجي فن جو بنياد رکي چڪا آهن. اگر
اها ”بيت“ جي روايت نه هجي ها ته پوءِ ، حضرت طالب
الموليٰ ۽ شيخ اياز، پاران شهرت يافته شاعر پيدا
ئي نه ٿين ها! اگر ڪافي نه هجي ها ته پوءِ هيترا
سارا ڪافي گو شاعر ڪٿي پيدا ٿين ها اگر وائي، نه
هجي ها ته پوءِ شيخ اياز جي جذبات جي ترجماني،
ڪهڙيءَ ٻيءَ صنف ۾ ٿئي ها! اگر دوهو نه هجي ها
ته تنوير ۽ امداد ، ڇا لکي سگهن ها! بيشڪ اسان کي
سنڌي ادب جي روايت تي فخر حاصل آهي، جا صدين
کان مسلسل انداز سان زنده رهندي آئي آهي. سندس
تعلق هڪ طرف ماضيءَ سان آهي ته ٻٽي طرف خال، سان
آهي. ان جي مقابلي ۾، اسان جي قومي زان جي ماضيءَ
۾ اسان جهڙي زنده ۽ شاهڪار،”روايت“ آهي ئي
ڪانه! اردو زبان جي شاعري، ان جو مواد، ان جي
پيشڪش جو اسلوب سڀ ڌاريا آڌار آهن. وٽن نه بيت آهي
نه وائي نه ڪافي، نه گيت ۽ نه لوڪ ادب! ان زبان ۾
اگر ڪجهه آهي ته پوءِ اهو آهي غزل ۽ قصيدو ،جي به
فارسي شاعريءَ تان مستعار ورتا ويا آهن. ٻيو ٿيو
خير.
ان جي مقابلي ۾، اسان وٽ غزل ۽ نظم تي به بهترين تجربا موجود
آهن. اسان جي گذارش جو مطلب اهو آهي ته ادب ۾
اعتدال ۽ توازن جي ضرورت آهي ۽ نه انتهاپسنديءَ
جي. اهو به خيال رکڻ گهرجي ته اسان کي بيشڪ
عالمي شعور سان گڏجي هلندڙ ادب به پيدا ڪرڻو
آهي، پر ان کان اول، پنهنجي ماضيءَ، پنهنجي زبان
، پنهنجي علائقي ۽ پنهنجي تهذيبي قدرن جي تنظيم
ڪرڻي آهي، ان کان پوءِ عالمي شعور تائين رسائي
حاصل ڪرڻي آهي.
ان سلسلي ۾ اگر عرض ڪجي ته هن ملڪ ۾، اسان جي آئينده جو ادب
لطيف ۽ سچل، بلاشاه ۽ ميان محمد، خواجه غلام فريد
۽ وارث شاهه، خوشحال خان خٽڪ ۽ رحمان بابا،
وغيره جي فن مان ئي،هن دور جي فن ۽ روايت جو
مجموعي احساس ۽ مواد حاصل ڪري، زنده رهي سگهي ٿو،
ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ وڌي ۽ ويجهي سگهي ٿو، ته
پوءِ ان راءِ کي هروڀرو مبالغه آرائي نه سمجهڻ
گهرجي ۽ نڪو اها راءِ ڪنهن خاص زبان جي ادب متعلق
تنقيد يا تنقيص ئي سمجهڻ گهرجي.
اسان کي پنهنجي حال ۾ جيئدي ، غم ۽ الم، هجر ۽ فراق، اُميد ۽
آرزو، حسن ۽ جمال ، طلب ۽ خيال ، مقصد ۽ منزل
جا جيڪي اوان ڪردار ۽ معيار تخليق ڪرڻا آهن، سي
به ان فن ۽ روايت مان پيدا ٿي سگهندا. هروڀرو
نه ماضيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي ۽ نڪو خاص طرح
سان،اسان جي سنڌي ادب جي شاندار ماضيءَ متعلق
طنزيه ۽ ڏکوئيندڙ انداز پيدا ڪيو وڃي.
اسان جي قومي زبان جي دانشورن ، هرمحاذ تي، بنا ڪنهن دليل ۽
معقوليت جي ”قومي زبان، لفط جي آڙ ۾، ملڪ جي سڀني
علاقائي زبابن جي حقن کي به نظرانداز ڪرڻ اشتراڪ
ضروري آهي.“سندن ان مبهم ۽ وائڙي دعويٰ جو ڪو
منطقي سِرُ _ پير آهي ئي ڪونه! جيتريقدر اسان جي
سمجهه ۾، تهذيبي اشتراڪ جو مفهوم اچي ٿو، سو فقط
اهو آهي ته جوئر، ٻاجهر، ڪڻڪ ۽ جَوَ ، سڀ هڪ
چَڪيءَ ۾ پيهين، سڀني جنسن جي انفراديت مٽائي،
ان ۾ مڪائي ملائي ڪو روٽ پچائي، ان تي جدت ۽
ترقيءَ، پگالگت ۽ يڪجهتيءَ جي مهر هڻڻي آهي ۽ بس.
حالانڪ اسان وٽ پنجابي ۽ ملتاني ، پشتو ۽ بلوچي،
بروهي ۽ سرائڪي، گجراتي ۽ڪڇڪي ٻوليون موجود آهن،
جي سنڌيءَ جي فن کان ته گهڻو گهٽ آهن، پر سندن
ادب ۾ شاندر ۽ زنده انفرادي روايت ته موجود آهي،
جن لاءِ اسان جي قومي زبان جا دانشمند مشورا ڪري
رهيا آهن ته انهن سڀني زبانن کي ملائي سلائي مٿن
قومي زبان اردوءَ جو ٺپو هنيو وڃي! سندن اهو
ارادو غلط ۽ لغو، تخريبي ۽ غير سائنسي آهي.
اسان جي تقاضا ۽ منشا اها آهي ته، هت هر علاقائي زبان جي نشو
ونما ٿيڻ گهرجي ، هر هڪ زبان کي زنده رهڻ جا
وسيلا مهيا ڪري ڏنا وڃن، جيئن هر قوم جي ذهني
تشڪيل ، پنهنجي ماضيءَ کان ويندي، حال جي رشتن ۽
واسطن تائين، مجموعي تاثر ۽ رنگ حاصل ڪري سگهي.
اُميد ته اسان جا اردو دان دانشور ۽ اديب ، هر علاقائي ادب ۽
ان جي ماضيءَ متعلق احترام سان گفتگو ڪند.ا ۽
قومي زبان، جي نالي ۾ ڪنهن به استحصال ۽ استبداد
لاءِ راهه نه بنائيندا . ان ۾ ئي موجود ملڪ لاءِ
خير آهي.
”سنڌي ادبي بورڊ “ جي نئين تشڪيل.“
سنڌي ادب جي مشهور ۽ مقبول عام، علمي اداري، سنڌي ادبي بورڊ،
جي، سنڌ گورنمينٽ طرفان نئين سر تشڪيل ڪئي وئي
آهي.
انهن ميمبرن ۾، جن سنڌ جي مشهور عالمن، اديبن، مورخن ۽ محققن،
لسانيات ۽ لغت جي ڄاڻن ۽ تعليمي ماهرن کي منتخب
ڪيو ويو آهي، اهي ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن.
انهن جي علمي ۽ تعليمي، ادبي ۽ تهذيبي خدمتن
کان،سنڌ جو هر پڙهيل واقف آهي. اميد آهي ته، بورڊ
پننجي علمي ۽ تاليفي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري،
سنڌي ادب ۾ اڃا به وڌيڪ مقام حاصل ڪندو ۽ پنهنجي
انفرادي حيثيت کي قائم رکي سگهندو.
اسمائي گرامي.
1_ جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ _
چيئرمين
2_ وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي، ميمبر
3_ ڊئريڪٽر آف ايڊوڪيشن،حيدرآباد سنڌ ميمبر
4_ پير حسام الدين صاحب راشدي ميمبر
5_ ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني ميمبر
6_ جناب ايڇ. ايم،. خوجه صاحب ميمبر
7_ جناب محمد ابراهيم جويو صاحب ميمبر
8_ جناب محمد علي جوهر صاحب ميمبر
9_ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ميمبر
10_ ڊاڪٽرغلام علي الانا صاحب
ميمبر
11_ سيد بچل شاهه صاحب
ميمبر
”مهراڻ“ جي اشاعت ۽ ڇپائيءَ جي سلسلي ۾، محترم غلام رباني
صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جو ادارو مشڪور
آهي، جنهن خاص توجهه ڏئي ”مهراڻ، جوڪم وقت تي
پورو ڪرايو. ان طرح سنڌي ادبي بورڊ پريس جي اڳوڻي
مئنيجر مرحوم ميان علي بخش احمد زئي جي وفات ڪرڻ
سببان، سندس عهدي تي مقرر ٿيل، نئين مئنيجر
پريس، مسٽر الله بچايو يوسف زئي جو به ادارو مشڪور
آهي، جنهن جي دل ۽ تعاون ،۽ فني مشورن سان،رسالي
جي ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ، زيبائش ۽ سهڻائيءَ ۾ اضافو
ٿيو آهي. محترم محمد امين بلوچ .مئنيجر سنڌي
ادبي بورڊ بوڪ اسٽال جو پڻ ادارو ٿورائتو آهي،
جنهن جي باهمي تعاون ۽ قابل تعريف ڪارڪردگيءَ
سان، رسالو وقت اندر،خريدارن تائين پهچايو ويو
آهي. _ غ. م . گ.
شعرا
”سمنڊ جي اجهاڳ ۽ بي انت تري ۾ سهسين بي بها، موتي سپجن ٿا، جي
هوند جهان کي وڌيڪ جرڪائين ۽ اجالو ڪن، هزاين
گلابي گل، پنهنجو مجبوبي منهن لڪائي، برپٽ کي واس
ڏين ٿا، جن مان هوند سنسار کي سڳنڌ ملي: اسان جي
پياري سنڌڙي به ڪنهن سمي اهڙن املهه ماڻڪن جي کاڻ
هئي، ۽ اهڙن سهڻن گلن جو چمن هئي. ڪٿي آهن اهي
غواص جي پاتال ۾ پيهي ، سپون سوجهي ڪڍن ۽ جوتيون
جواهرن جون عالم کي آڇين، ڪٿي آهن اهي واس وٺندڙ
ڪوڏيا، جي بيراني بيابان جهاڳي نازڪ گلن جي سرهاڻ
سنگهن، ۽ ان جي عطر سان دنيا جي دٻيل دماغ کي دئي
ڏين، ڪٿي آهن اهي ڪافيءَ ڪرامت جا صاحب، جن جي فيض
مان پرت جا پهيڙا پُرجام پيئندا هئا. اڄ انهن جي
جاين تي ڌپ سڙيا الغارون ڪري رهيا آهن.“
مرحوم شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو.
آغا عبدالنبي خان ”عليگ
الاّ
الاّ هيءُ خيالِ مهوشان چَوُ ڪيئن وڃي،
ڇا ڪريان سيني مان هي آهُ وفغان چَوُ ڪيئن
وڃي.
نقش
دلبر چشم تر ۾ مون اُڪاري آڇڏيو،
جو
ويو اکين ۾ اُڪري سو اُتان چَوُ ڪيئن وڃي.؟؟
ٿي ٿئي قربان ڪبڪ اڄ تو سندي رفتار تي،
سا پري توکان ڀلا سرو روان چَوُ ڪيئن وڃي.
تنهنجي هوندي اي بت پر فن ڀلا تون ئي ٻڌاءِ.
ٻي ڪنهين تي خون منهنجي جو گمان چَوُ ڪيئن وڃي.
خلق ٿي چئي ڪر تون دعويٰ خون جي قاتل
مٿان،
توتي دانهين حاش الله هيءَ زبان چؤڪيئن وڃي.
گرچه ”آغا“ کان وڃي جان وجهان يا جو به آهي،
آرزو دل مان اوهان جي جان، جان چَوُ ڪيئن وڃي.
·
هميشه آههِ فرقت ۾ دلِ افگار کي گِريو،
دهن خاموش آهي ديده بيدار کي گريو.
ڪيم زاريون مگر سهڻا رسائي ڪانَ تو وٽ ٿي،
رهيو شب ڀر پس ديوار حال زار کي گِريو.
ڪٿي خنده خرد آهي ڪٿي آ روڄ مستيءَ کي،
مگر تنهنجي اڳيان آ مست ۽ هوشيار کي گِريو.
ڪيو هو قصد منهنجي خون جو قاتل ڏسي هاڻي،
خدا ڄاڻي اچي ويو آههِ ڇو خونخوار کي گِريو.
ڏسي هن چاڪ دامن کي بيابان جُنون اندر،
رهيو آ غم ڪَنان هتڙي سڄي ڪهسار کي گِريو.
ڏسي سڪرات ۾ حالت دم، مُضطر سندي، يارو،
ندامت ٿي سڄڻ کي هئي، هيو اغيار کي گِريو.
ڪري برباد بلبل جو ٻهاريءَ ۾ نشيمن اڄ،
ڏٺو ضياد تو آهي گل و گلزار کي گِريو.
نه آ پرواهه هُن کي ڪا اسان جي حال آبتر جي،
رڳو قسمت تي پنهنجي آهي هن نادار کي گِريو.
ٻُڌي اڄ داستان غم مٺا مرغ چمن کان هي،
رنو سوسَن سَمن سنبل آيو گلنار کي گِريو.
کڻي اڄ ساز سورن جا شب فرقت ۾ اي آغا،“
ڏنم مضراب غم سان دل سنديءَ هرتار کي گِريو.
رکي آ عشق ۾ خالق ادا اڄ آبرو منهنجي،
مون کي هُن جِي _ جي آخواهش ته هن کي جستجو
منهنجي
ڪرم ٿيندو مٺا تنهنجو لتاڙي لاش گر ويندي،
رهي ٿي زندگيءَ ۾ ئي اها هڪ آرزو منهنجي
تمنا
ڪانه بَر آئي نه ڪاٿي مدعا پوري،
ڀريءَ محفل ۾ توسان ٿي ڪڏهن نا گفتگو
منهنجي
ڀري ڏي جھام اُلفت تون ته ٿي اڄ آرزوپوري،
فڪر ناگرزماني ڪئي گلا اي تند خُو منهنجي
فلڪ سان دشمني منهنجي مٺا روز ازل کان هئي
زمانو ڀي ٿيو حاسد زمين آ اڄ عَدو منهنجي
غلط هڪ حرف مان آهيان مٽائيندين ته ڇا ٿيندو،
پڇا توکان نه ڪا ٿيندي ڪڏهن اي جنگجو منهنجي.
مون کي ڀي ڪجهه پيارج اڄ خدارا مهربان ساقي،
اوهان جي ئي
ته هٿ وس آ خوشي اي ماهرو منهنجي.
خدا اڳيان ته ويندس مان بنا ڪنهن داغ جي
يارو،
جو تو به جي
ته لُڙڪن هت ڪئي آ شسته شومنهنجي.
پچي ڏس تون چمن ۾ اڄ نشان منهنجي شهادت
جو،
لنهو لاله ۾ آ منهنجو گلن ۾ آهه بُو منهنجي.
حقيقت جو پُڄاري پاڪباز آهيان ته مان ”آغا،“
عبادت ٿي چُڪي مقبول اڄ آ بي وضو منهنجي.
·
ديده دل جي تسلي تنهنجي اڄ نظرن ۾ آ.
دل سندو معراج تنهنجي مهلقا ابرن ۾ آ.
سَروَ يڪتا يا قيامت تنهنجي قامت آ مٺا،
دام منهنجي دل لئي تنهنجي دلربا گيسن ۾
عنبرناياب آ يا مُشڪ آ تاتار جو،
توتيائيه چشم ڀِي آ خاڪ جا پيرن ۾ آ،
دوهر عاليٰ به هَن۽ در هائي بي بها،
حاصلات هر دو عالم تنهنجي مَن مُرڪن ۾ آ.
روئي دل اهل طريقت تننجي اڳيان ٿو جهُڪي ،
زينه ءِ رازِ حقيقت تو سندي لفظن ۾
آ.
عالم ظلمات آهي يا شب تاريڪ آ.
ياسواد شب قدر تنهنجي سيه وارن ۾ آ.
جوهر و تيزي جا تنهنجي نيڻن ۽ پنبڻين ۾ آ،
سا ڪٿي تيرو تبر يا تيغ جي ڌارن ۾ آ.
مهر و مهَ زهره عطارد مُشتريءَ ۾ آ ڪٿي،
جا ڪشش تنهنجي ڳليءَ جي خاڪ ۽ پٿرن ۾ آ.
اشتياق لعل لب آ جان، فزا اي جان مَن،
آب حيوان خضر منهنجا تو سندي چپڙن ۾ آ.
سرمگين سهڻيون اکيون يا نرگس شهلا چوان.
سرخئي رنگ شفق بي خوشئي چشمن ۾ آ.
سرمگين سهڻيون اکيون يا نرگس شهلا چوان ،
سرخئي رنگ شفق بي شوخئي چشمن ۾ آ.
چارهه گر کان ڪين پڄندو مرض منهنجي جو علاج،
داروئي هر درد مون لئي يار جي غمزن ۾ آ.
درد وغم کان گر رکيو هُت دل اندر لاله آ داغ،
داستان غم ڀريل هن دل جي هِت زخمن ۾ آ.
آ سرود ناله ءِ مستان مٺو آهنگ پر،
سو اثر”آغا،ڪٿي جو تنهنجي اڄ آ هُن ۾ آ.
گوهر ِ دل گو به ڪف مان ٿو رکان،
آبرو ِمثل صدف مان ٿو رکان،
اي ڪمان ابروءَ سندي صدقي وڃان،
تير تنهنجي جو هدف مان ٿو رکان.
ياد هِن پُر داغ دل کي اُن سدا،
چار سو پنهنجي نظر، مان ٿو رکان.
لذت زخم جگر کان جان مَن،
روڄ تا عُمر تلف مان ٿو رکان.
هاءِ پنهنجي يار جون پنبڻيون ڏسي،
دل ۾ زخمن جي ته صف مان ٿو رکان.
موج ۾ ايندو ڪڏهن هو جنگ جُو،
تيخ قاتل سر به ڪف مان ٿو رکان.
ذرو ذرو خاڪ جو خورشيد آ،
شوق مُلڪ ”من عرف،“ مان ٿو رکان.
هن دلِ معذور ۾ دلبر غلط،
ڪو نه ڪوئي ڪو حرف مان ٿو رکان.
ڪو غرض تنهنجو نه آ هاڻي هُما،
سايهءِ شاه نجف مان ٿو رکان.
ظلم کان هُن جي ته آغا“ دمبدم،
ظلم کان هُن جي ته آغا“ دمبدم،
دانهن دل ۾ مثل دف مان ٿو رکان.
·
ماه پيڪر مشتري،روح چمن رشڪ پري،
شاخ خوشي وئي آ ڳري،بي آب آ نيلوفري.
آهيان نجو بيمار غم، پرورده رنج و آلم،
مون وٽ اچي شل صبحدم، شمشاد قدمہ پيکري،
اُٿ ننڊ ڇڏ اي مهلقا، باعشوهونازو ادا،
مَفتون ڪر خلق خدا، پَهري تون زيبا زيوري.
هڪ هَول طاري شڪل تي، ٻي آهي گردش چشم کي،
پڻ سي غَبغَب رخ آتي، ناياب آن سيمين بري.
نسرين رو غنچه دهن،شَڪر لب و شيرين سخن، نازڪ بدن
رشڪ چمن، آ دلربا ڪر دلبري.
تنهنجي به ظاهر دلبري، آ دراصل افسونگري،
هيءُ سحر ناهي سامري، آ تو سندي جادوگري.
هيءُ نيش ناڪو نوش آ، تنهنجو رڳوآغوش آ،
جنهن اڄ ڪيو مدهوش آ، رشڪ بتان آذري.
اي مهجبين اي ماهرو، نمڪين زبان ۽ نيڪ خُو،
آتش فشان اي شمع رو، ”آغا، جي ڪر اَڄ رهبري. |