سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :16

البت اهو سو صحيح آهي ته منصوه جي اڏاوت  کان پوءِ، اروڙ جي تباهيءَ جو ٻيو ڏاڪو درياهه جو رخ ڦيرائڻ هو. پهرين ڏاڪي سندس سياسي اهميت ختم ڪئي ته ٻئي ڏاڪي وري سندس واپار وڙو تباه ڪري ڇڏيو. آسپاس جي آبادي به گهٽبي ويئي. انڪري اڪثر رهواسين لڏي اچي روهڙي ۽ بکر جا شهر ٻڌا ۽ وسايا  پران جي باوجود اروڙ ڪافي وقت لاءِ اهم ۽ خاص مقام والاريندو رهيو. ائين اڪبري پٽاندڙ مغل  دور ۾، اروڙ صوبي جو هڪ محال هو، جنهن هيٺ  ماٿيلي ۽ سکر وارا علائقا اچي پئي ويا. 1008 هه ۾ مير معصوم اروڙ آيو ۽ اتي جي قلعي ٻاهران محمد بن قاسم  واري جوڙايل مسجد  جي تجديد ۽ مرمت  ڪرايائين . تنهن جي معنيٰ ته ان مهل به اروڙ ايترو وڏو  ۽ اهم شهر هو جو ان لاءِ هڪ شاهي مسجد  جي ضرورت هئي.(3)

اروڙ کي پوريءَ ريت  ڪاپاري ڌڪ هڻڻ ۽ تباهه ڪرڻ وارو شاهه بيگ ارغون هو. بکر جي علائقي ۾ ڌاريجن کي شڪست  ڏيڻ بعد قلعي بکر کي وڌيڪ  مضبوط  ڪرڻ خاطر هن اروڙ جو قلعو ڊهرائي اتان جون سرون هن قلعي ۾ ڪتب آنديون . (4) ان حرڪت اروڙ جي رهيل  کهيل دفاعي۽ فوجي اهميت ۽ حيثيت  کي به ڪاپاري ڌڪ هنيو. انڪري اروڙ تيزيءَ سان تباهي ڏانهن وڌڻ لڳو. ارغون ۽ ترخانن جي دور ۾ اروڙ تي مبارڪ خان  جو قبضو نظر اچي  ٿو، جنهن کي ڏيڍ هزار فوج ڏئي، مقامي بغاوت  کي دٻائڻ لاءِ ات رکيو ويو هو. مبارڪ خان وري سلطان محمود  بيگ جي هڪ ملازم بيگ اوغليءَ سان سازش ڪري پاڻ  اروڙ ۾ بغاوت  شروع ڪئي ۽ لشڪر ڪاهي بکر تي چڙهي آيو. روهڙيءَ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو، پر پوءِ محمود  بيگ جي شرمائڻ تي اَڻ مڃي  اروڙ موٽي ويو. (5) اعتماد  خان کان پوءِ

____

(1)              لب تاريخ: خانبهادر خداداد خان، امرتسر وارو ڇاپو،ص 27.

(2)             سنڌ: ري الٽر پرپٽيشن آف ان هيٽي ويلي، اروڙ ڊئم، ص 75.

(3)             تاريخ معصومي: سنڌي ترجمو  ، ص 32.

(4)             تاريخ معصومي: سنڌي ڇاپو ص 163، تحفة الڪرام: سنڌي ڇاپو، ص 144. بيگلارنامو. اوائلي سنڌي ڇاپو.

(5)              تاريخ معصومي: سنڌي ڇاپو ، ص 273_275.

بکر جي صوبيداريءَ جو پروانو فتح خان مهارت ۽ راجا تو ڏرمل جي مائٽ پرمانند کي مليو. ستت ئي پرمانند کي دهليءَ گهرايو ويو. سندس وڃڻ پڃاڻا  ڌاريجا سندس ڀاءُ ماڌو داس  جي خلاف بغاوت  ڪري اروڙ ۾ مورچابندي ڪري ويهي رهيا. ٻنهي قوتن درميان اروڙ وٽ ٽي چار ويڙهيون ٿيون، جن ۾ آخر ڌاريجن کي هار ملي (1)  ان بعد تاريخ ۾ ڪٿي به اروڙ جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي. شايد ان بعد هي شهر ڊهي وڃي هڪ واهڻ تي پيو.

ان عظيم ۽ قديم شهر جي کنڊرن جي وچ ۾ ۽ مٿان اروڙ نالي جو هڪ ڳوٺ  اڄ به وجود رکي ٿو. ڊٺل قلعو، اداس ٺل  ۽ ويران کنڊر اڄ به هن شهر سان ٿيل زيادتين ۽ ڏاڍاين  جو داستان  ٻڌائي رهيا آهن.  قلعي جي الهندي پاسي واري مکيه دروازي جي بچيل ٺل هيٺان  پکڙيل  تيلءَ جو ميدان  اڄ به ڪيترين ئي لڙاين ۽ بهادرين جا راز سيني ۾ سانڊيو چپ ڪيو ستو پيو آهي. ڪنهن به ان کي کولڻ يا کوٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪنهن به ان ٺل کان سندس اداسيءَ جو ڪارڻ نه پچيو  آهي. انڪري اُهي  اڄ به اسان جي بيهسيءَ ۽ بيوسي ۽ آثار قديم اتي جي بيمروتيءَ ۽ ٻيائيءَ تي ماتم  ڪري رهيا آهن تاريخ ۽ تهذيب  جو هي عظيم مظهر اڄ پنهنجو سمورو  تهذيبي ۽ تمدني سرمايو ۽ ورثو سيني ۾ سانڍيو گنگا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. اڄ به جهڙي ڦڙيءَ بعد  ڳوٺاڻا کنڊرن ۾ ويندا آهن. ته سڪا ۽ ٻيو نوادرات جو سامان لهي ايندا آهن. پر  آرڪيالاجي وارا اڃا به هٿ ٻڌيو ويٺا آهن. اوائل ۾ 1835ع ڌاري  مسٽر برنس اروڙ جي کنڊرن جي جانچ ۽ تپاس ڪري ان تي هڪ ڪتاب لکيو هو (2) پر هن وقت اهو ڪتاب به سنڌ ۾ دستياب نه آهي. ان ڪتاب تي ئي دوارڪا پرشاد پنهنجي ڪتاب  جو بنياد ٻڌو هو. ان بعد  خيرپور جي مير رستم خان لڪل خزاني جي ڳولا  ۾ هن کنڊر جي ڪجهه کوٽائي  ڪرائي، پرڪجهه به نه  ملڻ ڪري اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. (3) 1920ع ڌاري سنڌ جي ٻين دڙن جيان، آثار قديمه کاتي هن شهر جي به ڪنهن ڀاڱي جي کوٽائي ڪرائي، پر پوءِ  ان کي ٻئي وقت لاءِ ملتوي  ڪري ڇڏيائون ، جا التوا اڃا تائين  پئي هلي. خبر نه آهي ته ڪيستائين هلندي ۽ ۽ سندس وارو ڪڏهن ايندو به يا نه ايندو به ڪين! ۽ آفي باقي آثار به ائين ئي ختم ٿي ويندا .هينئر اروڙ پنجاهه سٺ  گهرن وارو هڪ ڳوٺڙو آهي. ورهاڱي  کان اڳ هڪ بازار وارو ننڍڙو شهرڙو  هو. جنهن رفتار  سان هي تباهيءَ طرف وڌي رهيو آهي  ته اهو ڏينهن پري نه آهي جو سندس وجود ۽ آثار به ختم ٿي وڃن. ڳوٺاڻا کنڊرن مان مٽي ڪڍي زمين لاءِ ڀاڻ ڪري واپرائيندا آهن، ۽ گهرن ٺاهڻ لاءِ قلعي جي ڀت يا کنڊرن جون سرون پٽيندا آهن، جي آثار  قديمه  وارن اڃا به سستي  ۽ غلفت  ڪئي ته پوءِ هي بچل ۽ کوٽيل کنڊر ائين گم ٿي ويندا جيئن هن شهر جي عظمت ۽ شهرت ختم ٿي ويون آهن.

____

(1)              تاريخ معصومي: سنڌي ڇاپو، ص 290.

(2)             پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو: دوارڪا پرساد روچيرام، ص 101.

(3)             ڊراءِ نيوز فرام ينگ ايجنٽ: ايسٽ وڪ، اروڙ بابت بيان.

آديسي اٿي ويا

ميان علي بخش احمد زئي مرحوم:

سنڌ جي مشهور، طباعت ۽ ڇپائيءَ جي ماهر ميان علي بخش احمد زئي، مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ پريس حيدرآباد ، 29_اپريل 1974ع (5_ربيع الثاني 1394هه) قلب جي حرڪت بند ٿيڻ ڪري تقريباً  ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ميان علي بخش مرحوم، طباعت جي فن جو وڏو ماهر هو. سنڌي ادبي بورڊ جا شاهڪار ڪتاب، سندس مخلصانه ۽ ماهرانه فن لاءِ شاهد آهن.

ميان صاحب مرحوم، احمد زئي خاندان جو فرد هو ۽ سندس والد مرحوم محمد يوسف، پنهنجي وقت جو رڄ چڱو مڙس هو، ميرن جي صاحبيءَ ۾ هن خاندان کي حيدرآباد ۾ ڪافي ملڪيت انعام طورمليل هئي. ميان صاحب ٻڌائيندو هو ته ڪنهن زماني ۾ موجود اولڊ يونيورسٽيءَ کان شاهه مڪي ۽ گاڏي کاتي سميت ايريا، سندس وڏن جي ملڪيت هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com