·
ڊاڪٽر مدد علي قادري
ابومعشر نجيح بن عبدالرحمان سنڌي
(94 هه_ 170هه)
10 رمصان سنه 93 هه جي مبارڪ ڏينهن طائف جي نوجوان سپه سالار
غازي محمد بن قاسم ثقفي سنڌ فتح ڪئي 1 ۽ هيءَ
سرزمين مسلم حڪومت جو اهم جزو بنجي وئي. تعلقات
وڌڻ ڪري سنڌ جا ڪيترا عالم ، طبيب، رياضيدان، ۽
هنر مند اسلامي ملڪن جهڙوڪ حجازيمن، شام ۽ عراق
طرف هجرت ڪري ويا ۽ اتي مختلف علوه وفنون ۾ پنهجو
نالو چمڪايائون ڪي سلڇڻا سنڌي وري قيد ۽ غلام جي
صورت ۾ عرب ممالڪ ۾ آندا ويا.
انهن مان ڪيترا ته عربن سان رلي ملي هڪ ٿي ويا ۽ مروج علوم
وفنون ۾ تندهي سان تحصيل ڪيائون جو خود اتي جي
باشندن کان گوه کڻي ويا ۽ سندن اصل نسل ماڻهن کان
وسري ويو. اهڙن غير عرب عالمن جي شناخت لاءِ انهن
جي زبان جي لڪنت ئي هڪ معيار رهيو هو. ليڪن علامه
عبدالعزيز الميمن جي راءِ آهي ته اها عجمي لڪنت به
ٻي صدي هجريءَ جي اڌ تائين مس رهي2.
اهڙن سنڌي الاصل عالمن مان ابو نصر فتح بن عبدالله 3 فقه ۽ علم
الڪلام ۾، امام اوزاعي (157هه) 4 فقه، حديث ۽
فلسفي ۾، خلف بن سالم 231هه 5 حديث ۽ اسماءُ
الرجال 1 ڏسو فتح نامه سنڌ (چچ نامه) ص 261 2
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ديوان ابي عطاء مقدمو ص3
ياقوت حمويٰ معجم البلدان ج 6ص 367. 4سندس پورو
نالو ابو عمسرو عبدالرحمانبن عمرو الاوزاعي آهي.
هن وڏن تابعين کان علم حاضل ڪيو. شام جي علماءَ جو
امام بنيو، الهقل بن زياد جو چوڻ آهي ته هن 70
هزار مسئلن کي حل ڪيو. ڏسو امام ذهبي جو العبرج 1ص
227 5 سندس پورو نالو حافظ ابو محمد خلف بن سالم
سنڌي آهي. حديث جي مشهور حافظن مان هو. بغداد جي
محلي مخرم ۾ قيام هوس ، جنهنڪري المخرمي جي نسبت
سان مشهور آهي. ابن حجر به کيس السندي البغدادي جي
لقب سان لکيو آهي. ڏسو مولائي شيدائي، تاريخ تمدن
سنڌ ص 214. ۾ ابو معشر مغازي ۽ سيرت ۾ ابوعطا شعر
و شاعريءَ ۾ “ صالح بن بهلت طب ۽ حڪمت ۾ پنهنجو
نالو ڪڍيو.
هتي اسان انهن مشهور شخصيتن مان ابو معشر جي سوانح ۽ ڪارنامن
جو ذڪر ڪنداسون. سندس زندگيءَ جو باقاعدگيءَ
سان ڪنهن به مؤرخ احوال ڪو نه ڏنو آهي فقط هڪ ٻن
تاريخن ۾ سندس تذڪرو آهي. جهڙوڪ خطيب بغداديءَ
جي تاريخ بغداد ۽ امام ذهبيءَ جي ڪتاب العبر في
خبر من غبر ، جن تان ٻين تذڪره نگارن نقل ڪيو آهي.
مختلف ڪتابن ۾ سندس حالات ۽ فرائن کي ملائيندي اسان چئي
سگهون ٿا ته ابومعشر جي پيءُ هڪ سٺو سنڌي درزي
هو جو سنڌ جي فتح کان جلد پوءِ سنڌ کي خيرباد چئي
يمن ڏانهن هجرت ڪري ويو ۽ اتي وڃي سڪونت اختيار
ڪيائين. اتي ابو معشر ڄائو ۽ اتي ئي ڪجهه سال
سندس پرورش ٿي.
هڪ غلطيءَ جو ازالو: يمن ۾ ڄمڻ ڪري ڪن تذڪره نگارن ابو معشر کي يمني سڏيو
آهي 3 جا ڳالهه بلڪل غلط آهي. سنڌي الاصل هئڻ ڪري
هن جي زبان ۾ لڪنت هئي ۽ ننڍي ڪاف جو صحيح اچار نه
ڪري سگهندو هو. سندس شاگرد حافظ ابونعيم 129هه)
جو قول آهي.
”اسان جو استاد ابو معشر سنڌي هو ۽ هو جڏهن پنهنجي استاد محمد
بن ڪعب جو نالو وٺندو هو ته محمد بن قعب اچاريندو
هو ۽ سندس مقصود ڪعب هوندو هو.
(ياد رهي ته ڪاف جو تلفظ يمني ماڻهو ڪاف ئي ڪندا آهن.)
ڪن ته هن کي اصل يمني (حميري) سڏيو آهي ۽ هٿراڌو روايت آڻين ٿا
ته هو حنظلة بن مالڪ حميري جي اولاد مان هو 5 ليڪن
يمن جي نامور مؤرخن هن جهڙي يگاني عالم کي يمني
الاصل نه سڏيو آهي. اها ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته
ڪنهن به ملڪ ۾ خالي ڄمڻ هڪ شخص کي سندس اصليت
کان جدا نٿو ڪري. اسان جي علم ۾ ٻيا به ڪيترا
عالم آهن جي پيدا هڪ ملڪ ۾ ٿيا هئا، ليڪن سندن
شهرت وري به پنهنجي پنهنجي اصل وطن جي نسبت سان
ٿي. مثلاً امام حسن بن محمد صغاني (650هه) جو
ڄائو ته لاهور ۾ هو پر ڇاڪاڻ جو سندس وڏا مغاليان
(ماوراءَ النهر ) جا هئا، انڪري هو آخر تائين
مغاني سڏبو رهيو 6.
1 الخطيب البغدادي، تاريخ البغدادي ج 13 423. 2 فواد افرام،
دائره العارف چ 5 ص 131، بروڪلمان ، سپلمينٽري 1
ص307.
3 ڏسو تاريخ البغدادي 13_ 427 القطان جو بيان.
4 تذڪرہ لحفاظ 1_ 212، معجم البلدان3_367.
5ابن حجر،تهذيب التهذيب 11_ 419.
6 ڏسو اسان جو مضمون
Humanities Research Journal Sind University 1966
هن معاملي ۾ خود ابو معشر جو چوڻ آهي.
”بنوعباس جي غلامي اسان کي بنو حنطته سان منسوب ڪرڻ کان وڌيڪ
بهتر آهي.“ ابومعشر جيڪڏهن يمني هجي ها ته پاڻ
ڪڏهن به پنهنجي حسب نسب معتلق اهڙو بيان نه ڏئي ها
. حقيقت هيءَ آهي ته مديني ۾ قيد ٿي اچڻ کان پوءِ
جن هن کي غلام بنايو انهن مان گهڻو عرصو هو ام
موسيٰ بنت منصور الحميري جو غلام رهيو (2 ) جا
يعني حميري هئي ام موسيٰ جي شادي بعد ۾ عباسي
خليفي ابوجعفر المنصور(132_158هه) سان ٿي (3) .
اهڙي ريت ابو معشر بنو عباس جي غلاميءَ ۾ ميراث
طور به آيو ۽ حميري خاتون جي غلامي ڪري هن جو
تعلق حمير سان به رهيو (4) . اتان غلطي شروع ٿي.
سندس سن ولادت: الخطيب البغدادي، القطان (_ 333هه) جي واسطي
سان ابو معشر جي هڪ پوٽي دائود جو بيان ڏنو آهي ته
ابو معشر يزيد بن مهلب واري بغاوت جي عرصي ۾ يمامه
يا بحرين مان قيد ڪري مديني ۾ نيلام لاءِ آندو
ويو هو (5).
تاريخي لحاظ کان اها بغاوت سن 99 هه ۾ شروع ٿي هئي ۽ سن 102 هه
۾ يزيد بن مهلب کي قتل ڪيو ويو.
ابو عيسيٰ محمد بن عيسيٰ الترمذي 229هه) سعيد بن المسيب کي ابو
معشر جو استاد لکيو آهي (7) جنهن کي تذڪرت الحفاظ
جي مصنف امام ذهبي رفد ڏنو آهي ته ترمذي رحه چو
اهو قول غلط آهي، ڇاڪاڻ جو سعيد بن المسيب سن 93هه
۾ وفات ڪري ويو هو (8) بلڪ ابو معشر جو استاد سعيد
المقبري هو جنهن 123 يا 125 هه م وفات ڪئي.
ازانسواءِ الخطيب البغدادي مختلف حوالن سان ابومعشر جي وڏي ۽
باخبر عالم فرزند محمد ۽ ابو معشر جي هڪ شاگرد
محمد بن بڪار جو بيان درج ڪيو آهي ته ابو معشر
چوندو هو (9)
”مون ابو اُمامت اسعد بن سهل بن حنيف کي مديني منور ۾ ڏٺو. هو
جهور پوڙهو هوندو هو.“
(1)
تاريخ البغدادي 13 /427.
(2)
سندس پورو نالو اروي بنت منصور بن عبدالله بن
يزيد بن شمرالحميري هو. ڏسو تاريخ الطبري 6/347.
(3)
تاريخ الطبري ايضاً. (4) تاريخ البغدادي 13
/427 (5) ايضاً ص 427.
(4)
تاريخ الطبري 5/310_ 337، العبر ا / 124.
(5)
تذڪرو الحفاظ ج ا ص 216. (8) ايضاً وڌيڪ ڏسو
العبرج ا ص 110.
(9) تاريخ البغدادي ج 13 ص 427.
مورخين هن بزرگ ابو امام جو سن وفات 100 لکن ٿا
لهذا اسان هن نتيجي تي ٿا پهچون ته ابومعشر جي مديني منور ۾ آمد
غالباً سن 100 هه جي وچ ڌاري ٿي ۽ ان وقت هو سانڀر
سان هوندو يعني ان وقت سندس عمر 6_7 سالن جي لڳ
ڀڳ هوندي، ان تخميني مان اسان چئي سگهون ٿا ته هو
سن 94 جي شروع ۾ يمن ۾ ڄائو.
سندس اصل نالو: الطبيب البغدادي، مختلف واسطن سان ابو معشرجي هڪ ٻئي
پوٽي ابوبڪر الحسين بن محمد جو،سندس پهرئين نالي
متعلق هيٺينءَ ريت بيان درج ڪيو آهي: ”ابومعشر
جو نالو مديني ۾ قيد ٿي اچڻ کان اڳ، عبدالرحمان
ٻن ويد بن هالال هو. مديني جي بازار ۾ سندس نيلام
ٿيو ڪن بنو اسد قبيلي وارن کيس خريد ڪيو ۽ سندس
نالو نجيح رکيو“.
اهو بيان ڪيتريقدر صحيح آهي،انجي ڪنهن به ٻئي عالم تصديق يا
ترديد نه ڪئي آهي، ليڪن اسان سمجهون ٿا ته هيءُ
بيان منجهائيندڙ آهي ڇاڪاڻ جو هن ۾سندس پهريون
نالو عبدالرحمان آيو آهي جو سڀني مؤرخن سندس پيءُ
جو نالو ڄاڻايو آهي. ممڪن آهي ته پهريائين سندس
نالو ڪو ٻيوهو، جو کيس خريد ڪندڙن بدلائي نجيح
رکيو.
سندس اسيري: اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي ته ابو معشريمامه يا بحري نمان گرفتار
ڪري مدينه منور ۾ وڪري لاءِ آندو ويو. سن 99 هه ۾
يزيد بن مهلب بن آبي صفر ،عمر بن عبدالعزيز جي
خلاف بغاوت ڪئي، ۽ مختلف پرڳڻن ۾ هن جي جهنڊي
تحت لڙايون ٿيون. ان سلسلي ۾ يمن، بحرين ۽ يمامه
۾ به لڙايون لڳيون ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ابو معشر
جوپيءُ بحرين ۽ يمامه جي ماڻهن سان گڏجي لڙيو هجي،
جنهن ۾ سندس پيءُ شايد مارجي ويو ۽ هيءُ قيد ڪري
حجاز جي سرزمين ۾ آندو ويو. قيد مان ڪنهن شاهينگ
هن ننڍي ٻار کي اغوا ڪري مدينه جي بازار ۾ نيلام
لاءِ آندو، بنو اسد قبيلي وارن هن کي خريد ڪيو ۽
سندس نالو نجيح رکيو.
ام سلمه ۽ ام موسيٰ جي غلامي:
بنو مخزوم قبيلي جي هڪ عورت ام سلمه هن ٻارڙي ۾ ڪي
خوبيون ڏسي، بنو اسد قبيلي وارن مان کيس خريد ڪري
پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ان نيڪ
عورت کي قسطن ۾ پئسا ادا ڪري هن پنهنجي آزادي خريد
ڪئي.
(1) ابن عبدالبر، الدستيعاب ج 2 ص 620 ۽ العبرفي خبر من غبرج 1
ص 118.
(2) تاريخ البغدادي ج 13 ص 428
(3) تاريخ البغدادي، ج 13، ص 431. تذڪرت الحفاظ، ج
ا، ص 216. طبقات ابن سعد،ج 5، 309.
ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو باب وريو. عباسي خليفي ابو جعفر
المنصور (36_ 1558هه) جي مڱيندي ”ام موسيٰ اروت
بنت منصور بن عبدالله الحميري“ ابو معشر کي خريد
ڪري پنهنجي غلاميءَ ۾ آندو. اهڙي طرح هيءُ بنو
عباس جي ميراث ۾ آيو ۽ ان گهراڻي ۽ يمني خاندان
سان هن جو گهرو تعلق پيدا ٿيو.
مديني منور ۾ تعليم و تربيت:
ڪجهه عرصي کان پوءِ ابو معشر، ام موسيٰ کان آزادي
حاصل ڪري، پنهنجو پورو توجهه علم جي تحصيل ۾ صرف
ڪيو. قدرت کيس وقت جي نامور تابعين ڪرام ۽ علماءَ
افاضل مثلا نافع، موليٰ عبدالله بن عمر (117هه )
محمد بن ڪعب القرظي (108 يا 117هه)، ابو بروة بن
موسيٰ الا شعري (104ع موسيٰ بن سارالماطلبي، هشام
بن عروة (146هه) امام زهري (123هه) سعيد المق
مقبري (123 يا 125) 125) وغيره وٽ زانوءَ ادب تهه
ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هنن عالمن جو ذڪر پنهنجي
جاءِ تي ڪيو.(2)
اهڙن يگانه روزگار عالمن وٽ ابومعشر مروج علوم تفسير،نقه،اصول
فقه، حديث مغازي، ۽ سِير جو مطالعو ڪيو. انهن مان
تاريخ، حديث، مغازي ۽ سِير ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي
(3). تاريخ، حديث، مغازي ۽ سِير ۾ مهارت حاصل ڪرڻ
کان پوءِ ابو معشر مديني منور ۾ انهن علوم جي
تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. سندس علم و فضل ۽ تعليم جي
هاڪ ملڪان ملڪ پکڙجي ويئي. لهاذا ڪيترن هنڌن کان
علم جا اُڃايل هن علم جي چشمي وٽ ڪهي آيا ۽ سندس
تعليم کان مستفيد ٿي پنهنجي پنهنجي وطن واپس وريا.
اهڙي ريت سندس تدريس جو سلسلو سالها سال رهيو.
بغداد ڏانهن روانگي:
ذوالحج سن 160 هه ۾ عباسي خليفو المهدي (158_ 169)
فريض عه حج ادا ڪرڻ لاءِ آيو. حج ڪرڻ کان پوءِ
زيارت تربة النبي ﷺ لاءِ مديني منور ۾ آيو. اتي
ابو معشر جي ساڻس ملاقات ٿي. المهدي، پنهنجي والده
ام موسيٰ کان سندس نالو اڳيئي ٻڌو هو. علم جي
قدردان ساڻس ڪن مسئلن تي گفتگو ڪئي ۽ سندس معلومات
مان ڪافي متاثر ٿيو. لهذا کيس فرمائش ڪيائين.
”مهرباني ڪري مديني منور مان هجرت ڪري دارالسلام (بغداد) هلو ۽
اتي اسان جي حاشيه بردارن کي پنهنجي علم سان
مستفيد ڪريو. اوهان کي هڪ هزار دينار ماهوار
معاوضو به ملندو.“
لهذا سن 161هه جي ابتدا ۾ ابو معشر، المهدي سان گڏجي دارالسلام
پهتو (5). اتي هن زندگيءَ جا آخري ڏهه سال در ۽
تدريس ۾ گذاري، ڪيترن علم جي شائقينن، جي بغداد،
بصره، ڪوفي ۽ خراسان آيا هئا انهن کي مستفيد ڪيو.
(1) تاريخ البغدادي ايضاً، تذڪره الحافظ ايضاً. (2) ايضاً،(3)
ايضا. (4) تاريخ البغدادي، ج (13، ص 428، تذڪرت
الحفاظ ج ا، ص 216. (5) تاريخ البغدادي ايضاً.
مديني منور ۽ بغداد شريف ۾ هن علم جي ڀنڊار وٽان ڪيتران ئي
شاگردن تعليم حاصل ڪئي. جن مان حافظ عبدالرزاق،
حافظ ابونعيم، محمدبن بڪار، يزيد بن هارون،محمد بن
عمر الواقدي، سفيان ثوري، منصور بن ابي مزاحم قابل
ذڪر آهن. ( سندس شاگردن جو ذڪر پنهنجي جاءِ تي
ڪيو).
سندس وفات: بغداد ۾ ڏهن سالن گذارڻ کان پوءِ رمضان سن 170هه ۾ 76 ورهين جي ڄمار ۾ داعي
اجل کي لبيڪ ڪيائين (1) ان سان خليفي الهادي بن
المهدي (129_170هه) وفات ڪئي هئي ۽ سندس ڀاءُ
هارون الرشيد (170_193هه) ربيع الاول مهني ۾ مسند
خلافت تي ويٺو هو.
هارون الرشيد، ابومعشر جي نماز جنازه جي امامت ڪئي (2) ۽ بغداد
جي وڏي مقبري ۾ سنڌ جو هيءُ درخشده ستارو دفن ڪيو
ويو.
ابو معشر هڪ عالم ۽ استاد جي حيثيت ۾:ابو
معشر کي تاريخ، مغازي، حديث ۽ فقه سان وڏي دلچسپي
هئي ۽ قدرت کيس مديني منور ۾ انهن علوم جي بلند
پايه علماءَ کان استفاد، ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽
انهن وٽ تحصيل ڪرڻ کان پوءِ هن مذڪور علمن ۾ وڏي
مهارت حاصل ڪئي.
مغازي ۽ سير ۾ هن کي بدطوليٰ حاصل هو. ڪيترن امامن ۽ علماءَ
ڪرام هن جي انهن علمن ۾ مهارت جي تصديق ڪئي آهي.
ان حجر عسقلاني (852هه) الخليي جي واسطي سان چوي ٿو ته ته ابو
معشر کي تاريخ ۽ علوم هڪ اعليٰ مقام حاصل هو.
سندس تاريخي روايات سان فن جي امامن به حجت ورتي
آهي(5)
ابو الخليي جي واسطي سان چوي ٿو ته ابو معشر کي تاريخ ۽ علوم ۾
هڪ اعليٰ مقام حاصل هو. سندش تاريخي روايات سان فن
جي امامن به حجت ورتي آهي (5)
امام حنبل (214هه) امام ڏهبي (748هه) ابوزرعته جي واسطي سان چوي
ٿو ته هو بيحد سچو هوو(4) معشر متعلق فرمائي ٿو:
”ابو معشر کي مغازي ۾ وڏي بصيرت هئي ۽ هو نهايت سچو هو. علم
حديث ۾ هو پنهنجي زماني جو هڪ وڏو امام هو ليڪن هن
۾ هڪ عيب هو جو هو استاد کي کي قائم نه ڪندو
هو.(5)
اهوئي سبب آهي جو ڪن عالمن ته هن کي منڪر الحديث به سڏيو آهي.
(1) تاري البغدادي، ج 13، ص 431. تذڪرة الحفاظ ج ا،ص 216.
ابن النديم جو چوڻ ته ابو معشرالهادي جي ايامڪاري
۾ وفات ڪئي غلط پيو ڏسجي ڇاڪاڻ جوسندس نماز جنازه
هارون الرشيد پڙهائي جو ربيغ الا ولا 170 هه ۾
خليفو ٿيو. وڌيڪ ڏسو العبر في خبرمن غبر ج ا، ص
257. (2) تاريخ البغدادي ايضاً، العبر ايضاً.
(3)ابن حجر، تهذيب التهذيب ج اا ص 419 (4) امام
ذهبي، تذڪرة الحفاظ ج ا ص 216. (5) ايضاً.
(a) امام محمد بن اسماعيل البخاري رحه جو چوڻ آهي ته ”ابومعشر
سنڌي منڪر الحديث هو، (1).
(b) ابن حجر عسقلاني مختلف استاد سان علي بن عبدالله المديني جو
قول آندو آهي ته ابو معشرهڪ ضعيف محدث هو. هن محمد
بن ڪعب ۽ محمد بن قيس صالح کان سچيون حديثون روايت
ڪيون آهن: ۽ مقبري ۽ نافع کان منڪر ۽ ڪوڙيون
حديثون روايت ڪيون آهن،(2).
(c) الخطيب البغدادي مختلف استاد جي ذريعي عمرو بن علي الباهلي
الفلاس (249هه) جو قول آندو آهي ته ”ابو معشر هڪ
ضعيف محدث هو. هن جون حديثون محمد بن قيس، محمد بن
ڪعب ۽ انهن جي استادن کان روايت ڪيون آهن. اهي
صالح ۽ سچيون آهن: ۽ جي حديثون مقبري، هشام بن
عروت، نافع ۽ ابن المنڪدرکان روايت ڪيون آهن اهي
ردي آهن ۽ نه لکڻ جي لائق آهن“(3).
انهن تمام روايات کي مدنظر رکندي اسان چئي سگهون ٿا ته اسان جو
مصنف، تاريخ، مغازي ۽ سير ۾وڏي بصيرت ۽ اعليٰ
مهارت رکندڙ هو ۽ انهن علمن ۾ مڃيل اٿارٽي تصور
ڪيو ويندو هو. ليڪن حديث جي ميدان ۾ هن واسطي
علماءَ جا ٻه رايا آهن.
هن ضمن ۾ اهو چوڻ به بيجا نه ٿيندو مذڪور عالمن (امام بخاري،
علي بن عبدالله المديني ۽ عمرو بن علي) جا ابو
معشر جي حديث ۾ درڪ متعلق بيانات شخصي رايا آهن ۽
انهن مان مؤخرالذڪر ٻن عالمن ته نه فقط ابو معشر
کي ضعيف الحديث سڏيو آهي، ليڪن نافع، مقبري، هشام
بن عروت ۽ ابن المنڪدر جهڙن وڏن تابعين کان
روايتن کي به ردي ۽ نه لکڻ جي لائق سڏيو آهي.
حالانڪ مالڪ بن انس، سفيان بن عيسينة، يحي بن
معين، ابن سعد ۽ ٻين وڏن محدثن انهن چئني بزرگن کي
سچ جي کاڻ، سونهري زنجيرجهڙا لقب ڏنا آهن.
(مفصل احوال هر هڪ جي تذڪري ۾ ايندو)
ابو معشر جون تصنيفون.
(1) ڪتاب المغازي:اسان
جي مصنف جو زياده تر وقت درس و تدريس ۾ گذرندر هو.
لهاذا هن گهڻا ڪتاب نه لکيا آهن. فقط هن جي هڪ
ڪتاب المغازي جو ڪيترن مؤرخن ذڪر ڪيو آهي ابن
النديم جي وقت تائين اهو ڪتاب وجود ۾ هو. ان کان
پوءِ هن ڪتاب جو ڪو پتو نٿو پوي.
ابو معشر پهرينءَ ۽ ٻيءَ صدي جي عاليقدر تابعين ۽ صالحين کان
تعليم ورتي هئي. ان ڪري هن جون مغازيءَ ۾ روايتون
صحيح ۽ مستند آهن.
مستند ۽ ثقه روايتن ڪري، مغازي جي پوين مؤرخن هن ڪتاب تان گهڻي
قدر نقل ڪيو آهي: مثلاً الواقدي (207هه)، ابن سعد
(230هه) ۽ ابن سيدالناس (734)5.
(1) امام بخاري،التاريخ الڪبير 4_2/ 114.(2) ابن حجر، تهذيب
التهذيب ايضا. (3)الخطيب البغدادي، تاريخ البغدادي
ج 13 ص. 430. (4) ابن النديم، الفهرست ص 142 (5)
فوادافرام، دائرهء المعارف ج 5ص 121.
(2) ڪتاب المبغث: ڪنهن به مؤرخ هن ڪتاب جوذڪر نه ڪيو آهي. ليڪن
العلاءَ المعري، رسالة الغفران ۾ هن ڪتاب جو ذڪر
ڪيو آهي.(1)
الطبري پنهنجي مشهور تاريخ ۽ سيرت محمد جي مرتب ڪرڻ ۾ هن ٻنهي
ڪتابن مان تمام گهڻو نقل ڪيو آهي، خصوصاً واقعاتي
تذڪرن ۾، اهڙا تذڪرا سندس وفات جي سال تائين ملن
ٿا.
ابو معشر جا استاد
اسان هاڻي ابو معشر جي مشهور استادن جو ذڪر ڪنداسون.
1. ابو حمزه محمّد بن سليم القرظي المدني(م108يا 117هه) (3)
محمد بن ڪعب القرظي مديني جي قديم علماءَ مان هڪ نامور عالم ٿي
گذريو آهي. سندس والد ڪعب قريظه خاندان مان هو۽
خاندان جي ٻين ماڻهن سان قيد ٿي مديني ۾ آيو هو.
محمد بن ڪعب جي ولادت، نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جي حياتيءَ
۾ ڪوفه شهر ۾ ٿي ۽ اتي ئي سندس پرورش ٿي. چڱي
عرصي کان پوءِ هو مديني منور ۾ آيو. مدينه طيبه ۾
عاليقدر علماءَ ڪرام وٽ تعليم پرايائين مثلاً حضرت
عباس بن عبدالمطلب (32هه)، حضرت علي (م400)
عبدالله بن مسعود (32هه) ۽ عمرو بن العاص (43هه).
مديني منور ۾ سندس وڏو مدرسو هو جتي ڪيترن علم جي شائقينن هن وٽ
تعليم حاصل ڪئي.
چون ٿا ته هن جي شان ۾ هڪ حديث آئي آهي:
”ٻن ڪاهن قبيلن مان هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيندو جو قرآن مجيد کي هڪ
اهڙي طريقي سان پڙهندو جو هن کان پوءِ ڪو به هڪ
پڙهي نه سگهندو.“
سندس وفات مدينه ۾ سنه 108هه يا 117هه ۾ ٿي.
2. نافع، موليٰ عبدالله بن عمر رضه (117هه يا 120هه).
ابو عبدالله ”نافع“ موليٰ عبدالله بن عمر وڏن تابعين ۽ علماءُ
ڪرام مان هڪ هو. هن پنهنجي آقا ابو عبدالرحمان
عبدالله بن عمر رضه (73هه) حضرت بيبي عائشه رضه
(57هه)، حضرت ابو هريرة (57هه) بيبي ام سلمه
(61هه) رافع بن خديج (74هه) ۾ ابو سعيد الخدري
(74هه) جهڙن نامور عالمن وٽ تعليم پرائي.
ايوب السختياني (131هه)، عبيدالله بن عمر (147هه)، ابن عون
(151هه)، ابن جريج (150هه) الاوزاعي (157هه) مالڪ
بن انس (179ه) جهڙا بلند پايه عالم جا شاگرد ٿي
رهيا آهن.
(1) ابو العلاءِ، رسالت الغفران ص 510 (2) دائرة المعارف ايضا
(3) العبرفي خبرمن غبر ج ص 134، الوصاة ص 853 (4)
العبرج ا ص 147. التاج المڪلل ص 35، تذڪرة الحفاظ
ج ا ص 94.
نافع، علم حديث ۾ مشهور عالمن ۽ ثقه راوين مان هڪ هو. حضرت مالڪ
بن انس جو قول آهي: ”مان جڏهن به نافع جي ابن عمر
رضه کان روايت ٿيل حديث ٻڌي ته مون کي اهو فڪر نه
ٿيندو هو ته ڪنهن ٻئي کان ٻڌان.“
اهل حديث فخر سان چوندا آهن ته امام شافعي رحه جي مالڪ بن انس
کان ۽ ان جي نافع کان ۽ ان جي ابن عمر رضه کان
روايت هڪ سونهري زنجير آهي. انهن سڀني راوين مان
هر هڪ جي جلال ۽ عظمت جي ڪري. نافع 117 هه ۾ وفات
ڪئي.
3. محمد بن المنڪدر (1302هه (1).
ابو عبدالله محمد بن المنڪدر ابن عبدالله القرشي
التيمي المدني هڪ وڏو عالم، حافط، زاهد، فقيه ۽
قاري هو.
هن بيبي عائشه رضه، ابو هريره ، عبدالله بن عباس
(68هه)، جابر بن عبدالله (78هه) خادم رسول الله
انس بن مالڪ 93هه ۽ سعيد بن المسيب جهڙن وڏن
صحابين کان تعليم پرائي. شعبة بن الحجاج 160هه،
معمر بن راشد 153 هه، سفيان بن عينية 198هه، سفيان
الثوري 161 هه وغيرهم ،هن وٽ زالوء تلمذ تهه ڪيو.
سفيان بن عيسية جو قول آهي: ”هو سچ جي کاڻين مان
هڪ اهڙي کاڻ هو جنهن ۾ صالحين اچي گڏ ٿين.“
مالڪ بن انس جو قول آهي: ”ابن المنڪدر تمام قارين
جو سردار هو.، هن 130 هه ۾ وفات ڪئي.
4.
هشام بن عروة (164هه)(2) .
ابو المنذر هشام بن عروة بن الزبير بن العوام
الاسدي مدينه جو هڪ وڏو فقيه حديث جي امامن مان هڪ
امام ٿي گذريو.آهي. الاعمش 148هه ۽ هشام ٻنهي لاءِ
مشهور آهي ته اهي ٻئي يوم عاشورا تي ڄاوا هئا.
هن پنهنجي والد عروة بن الزبير 94هه، چاچي عبدالله
بن الزبير 73هه، ابو سلمة بن عبدالرحمٰن بن عوف
104هه، جهڙن بلند پايه عالمن وٽ تعليم پرائي.
ايوب السختياني، شعبة بن الحاج، مالڪ بن انس،
سفيان الثوري، سفيان بن عيسينة، حماد بن زيد
179هه، حماد بن سلمة 167هه، حماد بن اسامة 201هه،
عبدالله بن نمير الڪوفي 199هه، يحييٰ بن سعيد
القطان 198هه ۽ ڪيترن ٻين عالمن هن وٽ تعليم
پرائي.
محمد بن سعد (230هه) جو قول آهي: ”هشام هڪ مڃيل
ثقه هو. هن کي ڪيتريون حديثون هيون. هو هڪ حجت
هو“.
(1). التاريخ الڪبير 1_1/219، تذڪرة الحفاظ ا /119، العبرا/71ا.
(2). التاريخ الڪبير 4_2/94ا، تذڪرة الحفاظ ا/36ا، العبر ا
/206.
عثمان الدارمي جو قول آهي: مون يعني بن معين کان
ته” پڇيو توکي هشام وڌيڪ پيارو آهي يا زهري؟“ ابن
معين جواب ڏنو. ” اهي ٻئي ۽ هڪ کي ٻئي تي فضيلت نه
ڏنائين.“
5. سعيد المقبري المدني(م 123 يا 125 هه) (1).
اَبوسعد ڪيسان سعيد بن ابي سعيد المقبري هڪ وڏو
معدت، فقيه ۽ انساب جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي.
هن ڪيترن صحابه ڪرام وٽان علم پرايو. مثلاً ابو
هريره، ابو سعيد الخدري، سعد بن ابي وقاص، جبير بن
مطعم 54هه، جابي بن عبدالله 78هه، انس بن مالڪ،
بيبي عائشه رضه، معاويه رضه ۽ ابو شريح الخزاعي
68هه.
اسماعيل بن اميه 139هه، ايوب بن موسيٰ، زيد ابي
انيسة 125هه، يحي بن سعيد الانصاري 143هه، الوليد
بن ڪثير المدني 151هه، ابن اسحق 151هه، مالڪ بن
انس، الليث بن سعد الفهمي 175هه، دائود بن قيس
الدباغ 161 هه هن وٽ تعليم پرائي.
احمد بن حنبل ۽ يحي بن معين ٻنهي بلند پايه عالمن
هن جي تعريف ڪئي آهي. ابن سعه، ابوزرعه ۽ ٻين هن
کي ثقه جي خطاب سان ياد ڪيو آهي. سندس حديثون
تمام مستند حديث جي ڪتابن ۾ مرقوم آهن. سندس وفات
سن 123هه يا 135هه وفات ٿي.
6_ الزهري (م 123هه).(2).
ابوبڪر محمد بن مسلم بن عبيدالله بن شهاب الزهري
مديني جو هڪ وڏو حافظ، فقيه، نسّب ۽ مغازي جو وڏو
ماهر هو.
هن سهل ب سعد م 91هه، انس بن مالڪ ۽ ٻين ڪيترن وٽ
تعليم حاصل ڪئي. ابن حجر جي راءِ آهي ته زهري احد
الائمة الاعلام هو. هو هڪ وقت پنهنجي زماني ۾ حجاز
۽ شام جو عالم هو.
ڪيترين خبرن ۽ روايتن مان، جي ابن اسحاق، واقدي ۽
ٻين هن کان روايت ڪيون آهن، اهي واضح ڪن ٿيون ته
زهري پهريون شخص هو جنهن متقدمين جي روايتن کي جمع
ڪيو ۽ انهن ۾ ڪجهه اضافا به ڪيا. ان کان پوءِ ابن
اسحق، واقدي ۽ موسيٰ بن عقبة انهن روايتن کي
ترتيب ڏيئي سيرت نبوي جي صورت ۾ آندو.
حاجي خليفه جو چوڻ آهي ته هن جو مغازي تي هڪ ڪتاب
آهي.
ابن اسحاق، موسيٰ بن عقبه ، مالڪ بن انس، معمربن
راشد، محمد بن عبدالله بن ابي سبرة هن جي
اولوالعزم شاگردن مان هئا. پويان ٽي وري واقديءَ
جا ماَخذ رهيا آهن.
ابن المديني 234هه جو قول آهي:”هن جون اٽڪل 2000
حديثون آهن“.
ايوب السختياني جو قول آهي: ”مون زهري کان وڌيڪ ڪو
عالم نه ڏٺو.“
(1) العبر ا /59ا، تذڪرة الحفظ_ا /110. (2) العبر
ا/170، تذڪرة الحفاط ا /19ا.
7. موسيٰ بن يسارالمطلبي. (1)
موسيٰ بن يسارالمطلبي مدينه جي صدر اول جي علماءَ
مان هڪ يگانو عالم ٿي گذريو آهي. حضرت ابو هريرة ۽
ٻين ڪيترن عالمن وٽ تعليم پرائڻ جو کيس شرف حاصل
ٿيو.
محمد بن اسحاق بن يسار (صاحب السيرة) عبيدالله بن
عمر رضه دائود بن قيس الفراءَ161هه ۽ ڪيترن ٻين هن
وٽ تعليم حاصل ڪئي.
يحييٰ بن معين، موسيٰ لاءِ چوي ٿو: ”موسيٰ بن يسار
هڪ ثقه عالم هو، ابن حيان هن کي ثقه عالمن ۾ شمار
ڪيو آهي.“
8. محمد بن قيس.(2)
محمد بن قيس بن مخرمه القرشي، حجاز جي جليل القدر
عالمن ۽ زاهدن مان هڪ اعليٰ شخصيت هو. هن جو تعلق
بنو عبد مناف قبيلي سان هو. عبدالله ۽ زينب بنت
قيس جو ڀاءُ هو. هن ابو هريرة رضه ۽ بيبي عائشه
رضه وٽ تعليم پرائي.
ابن جريج جو قول آهي: ”مون ثقه راوين کان ٻڌو آهي
ته جنهن محمد بن قيس کان ڪا روايت ٻڌي، گويا ان
بيبي عائشه رضه کان،نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم
وٽان روايت ڪيل روايت ٻڌي.“
9. ابو بردة بن ابي موسيٰ الاشعري (م 04 اهه.) (3)
ابوبردة عامر بن ابي موسيٰ الاشعري الڪوفي، ڪوفي
جو هڪ وڏو عالم ۽ قاضي هو. هن حضرت علي رضه ۽ ٻين
وڏن اصحابن وٽ تعليم پرائي هئي.
ابو معشر جا شاگرد.
1.يزيد بن هارون (118_206هه) .(4)
شيخ الاسلام ابو خالد يزيد بن هارون السلمي الواسطي هڪ ماهر
عالم ۽ حافظ ٿي گذريو آهي. هن ابومعشر کان سواءِ
عاصم الاحول 142هه، يحييٰ بن سعيد الانصاري،
143هه، سليمان التيمي 143هه، الجُريري 144هه،
دائود بن ابي هند 140هه، عبدالله بن عون 151هه ۽
ٻين عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي.
(1) ابن حجر تهذيب ا /377.
(2) امام بخاري التاريخ الڪبير ا_ا/211.
(3) العبر ا /128.
(4) ايضا ا/350.
هن وٽ امام احمد بن حنبل، علي بن المديني، ابوبڪر بن ابي شيب
235هه، عبد بن حميد 249هه الحارث بن ابي اسامه
282هه ۽ ٻين بيشمار عالمن تحصيل ڪئي.
ابن المديني جو قول آهي: ”مون يزيد بن هارون کان وڌيڪ حافظ نه
ڏٺو.“
يحييٰ بن يحييٰ جو قول آهي: ”يزيد بن هارون وڪيع کان وڌيڪ حافظ
هو.“ احمد بن حنبل جو قول آهي:”يزيد بن هارون
ڀروسي وارو حافظ هو.“
ابوزرعہ جو قول آهي: ”مون يزيد کي چوندو ٻڌو: مون 24 هزار
حديثون استاد سان ياد ڪيون آهن.“
ابو حاتم الرازي جو قول آهي: ”يزيد بن هارون هڪ اهڙي ڀروسي وارو
امام آهي جنهن جهڙو ڪو مثال نه ملي سگهندو.“
2. بن عمر الواقدي م 207هه(1)
ابو عبدالله محمد بن عمر بن وافد الواقدي المدني، مولي بني
هاشم، مديني جو هڪ وڏو عالم ۽ امام ٿي گذريو آهي.
مغازي ۽ سيرت ۾ کيس اعليٰ مقام هو. مختلف علوم ۾
هن تصنيفات ڇڏيون آهن. النديم ۽ ٻين هن جي 28
ڪتابن جو شمار ڪيو آهي، جن مان هيٺيان مشهور آهن.
1.ڪتاب التاريخ و المغازي.
2.ڪتاب اخبار مڪہ.
3.فتوح الشام.
4.فتوح العراق،
5.ذڪر القرآن.
6.تاريخ الفقهاءِ.
7.ڪتاب الاداب.
8.التاريخ الڪبير.
9.ڪتاب غلط الحديث.
10.ڪتاب الاختلاف.
هن جا استاد: هن ابن ابي ذئب ابو معشر، معمربن راشد، بن انس، سفيان
الثوري ابن عجلان ابن جريج وٽ تعليم پرائي.
هن جي شاگردن ۾ محمد بن سعد صاحب ”الطبقات“ مشهور آهي. هارون
الرشيد هن کي مشرقي بغداد جو قاضي مقرر ڪيو هو.
(1) تاريخ البغدادي 3/3_21. تذڪرة الحفاظ ا/317، التاج المڪلل ص
123.
3.اسحاق بن عيسيٰ بن الطباع: م 215هه (1)
اسحاق بن عيسيٰ بن الطباع بغداد جو هڪ وڏو عالم گذريو آهي. هن
ابو معشر کان سواءِ حماد بن زيد بن سلمة ۽ ٻين
ڪيترن عالمن وٽ تحصيل ڪئي.
4. محمد بن بڪار بڻ الريان ۾ 238هه (2)
محمد بن بڪار بن الريان بغداد جو هڪ وڏو فقيه ۽ عالم ٿي گذريو
آهي. هن فليح بن سليمان (168هه) قيس بن الربيع ۽
ٻين ڪيترن عالمن کان تحصيل ڪئي.
1.
ابو نعيم (130_219هه) (3)
الحافظ ابو نعيم الفضل بن دڪين عمرو بن حماد بن زهير الملائي،
ڪوفي جو هڪ يگانه حافظ قرآن و حافظ احاديث ٿي
گذريو آهي.
هن جا استاد: هن ابو معشر کان سواءِ الاءِ عمش زڪريا بن ابي زائہ :
عمر بن ذي شعبة ۽ ٻين ڪيترن وٽ تعليم حاصل ڪئي.
هن جا شاگرد: احمد بن 241، اسحاق بن عيسيٰ، يحييٰ بن معين،
الذهلي امام بخاري 256، اندارحي 255 ۽ ٻين ڪيترن
هن وٽ تعليم ورتي.
امام احمد بن حنبل جو قول آهي: ”فن حديث ۾ نهايت باخبر ۽ ڄاڻو
هو. اسعاءَ الرحمان ۽ انساب ۾ وڪيع کان وڌيڪ ڄاڻو
هو. ۽ وڪيع وري هن کان فقه ۾ وڌيڪ ڄاڻو هو.“ ابن
معين جو قول آهي: ”ابو نعيم ۽ عفان بن مسلم کان
وڌيڪ ڪو به سچو نه ڏٺم.“
2.
ثفيان الثوري: (95_161هه) (4)
ابو عبدالله سفيان بن سعيد بن مسروق بن حبيب رافع الثوري ڪوفي
جو هڪ وڏو فقيه ۽ محدث ٿي گذريو آهي. دين، تقويٰ ۽
زهد جي ڪري نهايت مشهور هو. پنهنجي زماني جي
ماڻهن ۾ علم و عمل ۾ سردار هو.
الشيخ ابوالقاسم جنيد هن جي مذهب تي هلندو هو.
هن جا استاد: هن ابو معشر، سماڪ بن حرب الذهلي، اعمش، ابو اسحاق
السبيعي ۽ ٻين ڪيترن وٽ تعليم ورتي.
هن جا شاگرد: الاوزاعي، ابن جريج، محمد بن اسحاق، مالڪ بن انس هن کان
تعليم پرائي. ابن المبارڪ چوي ٿو: ”مون هڪ هزار
علماء متعلق تذڪرو لکيو، انهن سڀني ۾ مون سفيان
کان وڌيڪ بهتر ڪنهن کي نه ڏٺو.“
(1) العبر ا/367
(2) العبر ا /428، تاريخ البغدادي2/101
(3) تذڪرة الحفاظ ا/338
(4) العبر ا / 335، التاج المڪلل ص.5.
ابن معين چوي ٿو: ”سفيان حديث جي علوم ۾ امير المومنين هو.“
احمد بن حنبل جو ارشاد آهي: ”منهنجي دل ۾ سفيان کان ڪو به
متقدم نه آهي.“
يحي القطان جو قول آهي: ”مون سفيان الثوري کان ڪنهن کي به وڌيڪ
حافظ نه ڏٺو، ۽ هو هر شئي ۾ مالڪ کان فوقيت رکي
ٿو.“
3.
عبدالرزاق: (126_211هه) (1)
ابوبڪر عبدالرزاق بن همام بن نافع الحافظ الصنعاني يمن جو هڪ
وڏو حافظ ٿي گذريو آهي.
هن جا استاد :
ڪجهه وقت عبيدالله بن عمر وٽ تحصيل ڪيائين. ان کان
پوءِ ابن جريج ثوربن يزيد، ابو معشر، معمر بن
راشد، الاوزاعي ۽ الثوري وٽ تعليم ورتائين.
هن جا شاگرد: احمد بن حنبل، يحيٰ بن معين، محمد بن يحي نيشاپوري،
اسحاق بن ابراهيم (م 285هه) جهڙن ممتاز عالمن هن
کان تعليم حاصل ڪئي.
عبدالرزاق جو پنهنجو قول آهي: ”آءُ معمر بن راشد وٽ ست سال
ويٺس.“
احمد بن حنبل جو چوڻ آهي: ”اسان جو استاد عبدالرزاق معمر جون
حديثون اڪثر ڪري ياد ڪندو هو.“
حافظ ذهبي جو چوڻ آهي: عبدالرزاق جون حديثون صحاح سة ۾ آيون
آهن.“
4.
الليث بن سعد الفهمي م 175هه (2)
ابوالحارث الليث بن سعد الفهمي، مصر جو هڪ وڏو فقه ٿي گذريو
آهي. ابو معشم کان سواءِ هن ابن ابي مليڪہ، نافع
۽ ٻين ڪيترن عالمن وٽ زالوئه ادب تهه ڪيو. وقت جو
هڪ وڏو عالم ۽ حجت هو.
5.
وڪيح بن الجراح الرواسي (197هه) (3)
ابوسفيان وڪيع بن الجراح الرواسي عراق جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو
آهي. ابو معشر کان سواءِ اعمش ۽ ٻين وٽ تعليم حاصل
ڪيائين.
القعنبي جو قول آهي: ”هڪ دفعي اسان حماد بن زيد وٽ ويٺا هئاسين،
اوچتو وڪيع آيو، ماڻهن ڏسي چيو ته هيءَ سفيان جو
راوي آهي. اهو ٻڌي حماد چئي ڏنو ته آءُ کيس سفيان
تي ترجيح ڏيان ٿو.“
احمد بن حنبل جو قول آهي: ”منهنجي اکين وڪيع جهڙو ڪو به مثال
هرگز نه ڏٺو.“ ابن معين جو قول: ”مون وڪيع کان
ڪنهن کي به بهتر نه ڏٺو.“
(1) العبر ا/ 360، تذڪرة الحفاظ ا /331.
العبرا /266.
(3) تذڪرة الحفاظ ا /282، العبر ا/324.
2 عبدالله بن ادريس ( 152 هه)(1).
ابو محمد عبدالله بن ادريس الازدي، ڪوفي جو هڪ ممتاز عالم ۽
حافظ هو. ابومحشر کان سواءِ حصين بن عبدالرحمان (م
136هه) ۽ مالڪ بن انس وغيرهم هن جا استاد هئا. ابو
سعيد” عبدالله بن سعيد الاشج (257هه) هن جي ممتاز
شاگردن مان هڪ هو.
احمد بن حنبل جو قول آهي: ”عبدالله بن ادريس پنهنجي وقت جو هڪ
يگانو عالم هو“ ابو علي الحسن بن عرفہ جو چوڻ
آهي:”مون ڪوفي ۾ عبدالله بن ادريس کان وڌيڪ فضيلت
وارو ڪو نه ڏٺو.“
(1)ابن مهدي (م 197هه) (2)
امام ابو سعيد عبدالرحمان بن مهدي ”بصري“، جو هڪ وڏو حافظ ۽
سرزمين عراق ۾ حديث جي بلند پايه عالمن مان هڪ هو.
ابو معشر، هشام الدستوائي ۽ ٻين ڪيترن وٽ پڙهيو.
احمد بن حنبل جو قول آهي:”ابن مهدي، يحي القطان کان بهتر فقيه
کان بهتر فقيه وڪيع بن الجراح کان وڌيڪ پختو روي
هو.“
(11) هوذة بن خليفه الثقفي (م 216هه) (3)
هوڏه بن خليفہ الثقفي البڪراوي ”بصري“، جي سٺن عالمن مان هڪ
عالم هو. هن ابومعشر کان سواءِ يونس بن محمد
بغدادي (208هه) عقبہ بن خالد الڪوفي 188هه، سليمان
التيمي ۽ ٻين عالمن وٽ تعليم حاصل ڪري، بصري جي صف
اول جي عالمن ۾ شمار ٿيو.
(13) ابو النضر هاشم بن قسم (207) (4)
ابوالنضر هاشم بن قاسم خراسان جو هڪ وڏو عالم ۽ حافظ ٿي گذريو
آهي. هن ابو معشر کان سواءِ شعبة ابن ابي ذئب ۽
ٻين وٽ تعليم پرائي. هو سوچي روايت بيان ڪندو هو.
ثقه ڪيو ويو آهي.
(14) ايو ضمرة الليثي (م 200هه) (5)
ابو ضمرة انس بن عياض الليثي مدينه منور جو هڪ ثقہ راوي ٿي
گذريو آهي ابو معشر ۽ سهيل بن ابي صالح هن جا
نامور استاد آهن.
(15) هشيم الواسطي (105_183هه) (6)
ابو معاويہ هشيم بن بشير بن القاسم الواسطي بغداد جو هڪ جيد
محدث ٿي گذريو آهي. زهري ۽ ابومعشر کان ڪافي روايت
ڪيائين.
(1)العبر ا / 308 (2) ايضاً ص 326. (3) ايضاص 370. (4) ايضاَ ص
353. (5) ايضاً ص 332. (6) العبر ا/286.
عبدالرحمان بن مهدي جو قول آهي: ”هشيم کي ثوريءَ کان وڌيڪ
حديثون ياد آهن.“ يحييٰ بن سعيد القطان چوي ٿو:
”سفيان الثوري ۽ شعبة کانپوءِ جيڪي به حافظ مون
ڏٺا، انهن کان هشيم وڌيڪ پختو هو.“
(6)منصور بن ابي مزاحم (235هه) (1)
ابو نصر منصور بن ابي مزاحم بشير الترڪي بعداد جو
هڪ سٺو عالم هو. هن شعبة کي ڏٺو ابو معشر، مالڪ
بن انس، فيح بن سليمان المدني ۽ عبدالله بن
المبارڪ هن جا نامور استاد آهن.
هن وٽ مسلم بن حجاج، ابو دائود، ابو زرعہ الرازي، ابو بڪربن ابي
الد ني ا۽ عبدالله بن احمد بن حنبل تعليم پرائي.
(17) سعيد بن منصور (227هه) (2)
ابو عثمان سعيد بن منصور الخراساني هڪ وڏو حافظ ۽ سيرت جو
بهترين ڄاڻو هو. هن ابو معشر، فليح بن سليمان
المدني، شريڪ بن عبدالله النخفي کان تعليم حاصل
ڪئي. آخري ڏينهن خانه ڪعبہ جو مجاور ٿي گذاريائين
۽ اتي رمضان سن 227هه ۾ وفات ڪيائين. انهن نامور
شاگردن کان سواءِ محمد بن سواءِ السدوسي (187هه)
عثمان بن عمر البصري (209هه)، ابو الربيع الزهراني
(234هه) ۽ ابو الحسين عاصم بن علي الواسطي (221)
پارن به هن وت تحصيل ڪئي(3). |