افسانا
”اسان جي روزاني زندگي، هلت چلت، ڏيڻ وٺڻ ، ڳالهه ٻولهه، دين ۽
ڌرم سڀڪجهه ايمانداريءَ سان ٿيڻ گهرجي. جيسين
اسان لالچ کي ماري، ”پنجن دشمنن “ کي پنهنجو غلام
نه بنائينداسين، تيسين اسين دين يا ڌرم تي هلي ڪين
سگهنداسين. اسان جي ڪمائيءَ جي ڏهين پتي به
جيڪڏهن پاپ جي ڪمائي آهي، ته پوءِ ڌڻيءَ در
اسان جي دعا به قبول ڪانه پوندي. ڌڻي ڏيندڙ آهي،
وٺندڙ ناهي. جيڪو شخص مالڪ جي مخلوقات سان جنهن کي
اکين سان ڏک ۾ مبتلا ڏسي ٿو، قرب نٿو ڪري، سو اڻڏ
ٺل مولا سان محبت ڪيئن ڪري سگهندو؟“
علامه ، آءِ. آءِ. قاضي.
·
محمد دائود بلوچ
وري شل ٻيڙي ٻڏي!
گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، جڏهن آءٌ ڳڀرو جوان سگهارو محنتي هوندو
هوس، ڌڻي تعاليٰ جي عطا ڪيل نعمتن مان لطف اندوز
هوس- ليڪن حج جي ثواب کان محروم هوس. سوچيم ته
جيڪڏهن حج نه ڪيم ته شايد يهودي ٿي مرندس، ڇاڪاڻ
ته آءٌ پنهنجي ماني مڇيءَ وارو هوس. انهن ڏينهن ۾
حج تي وڃڻ ڪو آسان ڪم ڪونه هو اڄڪلهه جون سامونڊي،
خشڪي ۽ هوائي سهولتون اڳ نه هونديون هيون. قافلي
وارا هڪٻئي جا دشمن بنجي ويندا هئا- رستي ۾ ڪو
بيمار ٿيندو هو ته ان کي ڪير به سهارو ڪونه
ڏيندو هو، هر ڪنهن کي اڳتي وڃڻ جي تڪڙ هوندي هئي.
رڃ ۾ جيڪڏهن ڪنهن حاجي ءَ جي سانداريءَ جو پاڻي
کٽندو هو ته پوءِ اهو اڃ مري ويندو هو- مگر ڪير
به کيس پاڻيءَ ڍڪ ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو هو.
بعضي ته رات جي وقت هڪٻئي جون چوريون ڪرڻ، پئسن
لاءِ رفيقن کي قتل ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا.
ڀليءَ ولايت جي سفر ۾ خبر ناهي ڇو حاجي اهڙي ذليل
کان ذليل حرڪت ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا، ولايت
جي سفر ۾ خبر ناهي ڇو حاجي اهڙي ذليل کان ذليل
حرڪت ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا، حج تي وڃڻ وارا
روئي موڪلائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته وڃڻ وارو اڪثر ڪري
موٽي نه سگهندو هو. حاجي سڳورو بدوين جي ور
چڙهندو هو ته اهي کيس قتل ڪري وٽانئس جيڪي نڪرندو
هو سو کڻندا هئا. قافلي جا رفيق هڪٻئي جا ويري
ٿيندا هئا. يا سفر جي مصيبتن ، مشڪلاتن ۽
خونخوار جانورن جي ور چڙهي ويندا هئا. جيڪڏهن ڪو
خوش نصيب صحيح سلامت حج ڪري واپس ايندو هو ته
پوءِ اهو به زنده لاش بنجي ايندو هو.
اسان پنج رفيق تيار ٿياسين، اهو سوچي ته جيڪڏهن ڀلي پار ويندي
راهه ۾ دم ڏنوسين ته به اسان جي سوڀ، جيڪڏهن حج
نصيب ٿيو تڏهن به اسان جي سوڀ.
ٻيا رفيق ڪرڙ وڍ هئا، آءٌ جوان هوس، جنهنڪري سفر جو خرچ به مون
وٽ رکيل هو، ۽ رستي ۾ ڏي وٺ به منهنجي هٿ وس هئي،
سڀئي ڪم به مون کي ئي ڪرڻا پوندا هئا. اڳ ڪڏهن به
ڪنهن سفر تي ڪونه نڪتا هئاسين، پر انڌن ملتان
لڌو، جي مثال کي اڳيان رکي پنڌ پياسين، ڳوٺان نڪري
ڪوئيٽا ڏانهن روانا ٿياسين_جتان ايران ڏي رخ
رکيوسين اسان وٽ ڪو به سرٽيفڪيٽ ڪونه هو،نه وري
پاسپورٽ هو: تنهنڪري جهرجهنگ مان لڪندا، پنندا،
کائيندا هلياسين، ايران کانپوءِ سمنڊ پار ڪرڻ لاءِ
هڪ ٻيڙيءَ واري جي تلاش هئي. آخر هڪ ٻيڙيءَ واري
هلڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري، جنهن وٽ ڪجهه ماڻهو اڳ ۾
ئي هلڻ لاءِ تيار هئا . پئسا ڏيئي توڪل جي
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پياسين. اجهاڳ سمنڊ ڏسي هر ڪنهن
دل ۾ اهو پئي سوچيو ته ”جاڙي به جڳ سان، ڪجهه دل
کي آٿت ڏيڻ، ڪجهه ڀليءَ ولايت جي زيارت جو شوق،
ليڪن ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هو.
اسان کي ته سڪ سمهڻ نٿي ڏنو،مگر ٻيڙيءَ واري جي
ڪهڙي اچي ڦٽي هئي جو ههڙي ٻيڙيءَ سان سمنڊ جو سفر
پئي ڪيائين. شايد بک بڇڙو ٽول آهي جا داناءَ
ديوانا ٿي ڪري، جيان هن ويچاري به سِر ڌڙ جي بازي
لڳائي، پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ٿي ڪيو، سوچيم ته
جيڪڏهن هوا جو رخ سڻائو ٿيوته ڪڏهن نه ڪڏهن وڃي
ٻيڙا پار ٿيندا، نه ته سمنڊ ۾ ٽلڪندا بک اڃ
مرنداسين يا ڪنهن آفت جو کاڄ ٿينداسين.
”توڪل جا ٻيڙا مولا پار ڪري“ چئي، سمنڊ ۾ ڪاهي پياسين. ٻيڙي
سمنڊ ۾ لڏندي رهي، ڪڏهن ڇولين ۾ پينگهه جيان پئي
لڏي ، ڪڏهن هوا جي رخ سان پئي هلي. اهڙيءَ طرح
ڪافي ڏينهن گذري ويا، ڪو سڻائو واءُ نه لڳو،
جنهنڪري خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتاسين_ ڪڏهن
اتر ڪڏهن ڏکڻ سمنڊ ۾ ڦرندا رهياسين. آخر سڀني
ڌڻيءَ در دعا گهري، ته يا خدا اسان کي سنئين واٽ
ڏيکار، جنهن سان وڃي پار پئون. قدرت خدا جي
سڻائو واءُ لڳو دل ۾ اميد پيدا ٿي ته هاڻي وڃي
ڪناري ڀيڙا ٿينداسين. پر بندي جي من ۾ هڪڙي ته
صاحب جي من ۾ ٻي، اوچتو سخت طوفان لڳو، ٻيڙيءَ
جي سمنڊ جي مقابلي ۾ آخر ڪهڙي حيثيت هئي. ڇولين
جي پاڻيءَ سان ٻيڙي ڀرجڻ لڳي. طوفان اهڙو ته سخت
هو جو ٻيڙيءَ ۾ پنهنجو توازن برقرار رکڻ به اسان
لاءِ مشڪل هو. جيئڻ جي آس تي دعائون گهرندا ٻيڙيءَ
مان پاڻي ڪڍندا الٽيون ڪندا رهياسين. اوچتو سخت
طوفاني ڇولين جي ڪري ٻيڙي اونڌي ٿي پيئي ، رڙيو،
واڪا...بچايو...بچايو...ليڪن ڪير بچائي. ڪيترا ته
ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سان ان جي هيٺيان اچي دٻجي ٻڏي
ويا. منهنجا ٻه ساٿي ۽ آءٌ اڇلجي وڃي پري پياسين،
نه ڪو سهارو نه ڪو ساٿ. ڪير ڪنهن کي بچائي، قيامت
وارو منظر هو_ اسين ٽيئي ڄڻا تارو هئاسين، انهيءَ
اميد تي پنهنجو توازن برقرارپئي رکيوسين ته من مرڻ
کان اڳ ڪا مدد ملي. ڇاڪاڻ ته چوندا آهن ته ”مارڻ
واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي.“ اسين ٽيئي ڄڻا
مرڻ وارا هئاسين. چائڻ وارو الائي ڪٿي هو، سا خبر
ڪانه هئي، ڪنهن کان مدد گهرڻ جو سوال ئي پيدا نه
ٿي ٿيو. ٽنهي کي پنهنجي سر سان لڳل هئي ، ڪجهه دير
کان پوءِ طوفان گهٽ ٿيو ۽ اسين هوا جي رخ تي ڌڪبا
رهياسين . سوچيوسين ته جيڪڏهن ڪا سامونڊي آفت جي
نظر پئجي ويئي ته ڳيت ئي هڪڙي ڏيندي. ٿوريءَ دير
کان پوءِ اسان کي ڪجهه پريان سمنڊ ۾ وڻڪار تي نظر
پيئي، هوا جي رخ ۽ ڪجهه هٿ پير هڻڻ سان اوڏانهن رخ
رکيوسين. ڌڻي تعاليٰ کي ٻاڏائڻ لڳاسين، دل ئي دل ۾
التجائون، آزيون ۽ نيزاريون ڪندا رهياسين. خدا جي
درگاهه ۾ ٻانهن کڻڻ وقت سمنڊ ۾ غرق ٿي ٿياسين.
ڇاڪاڻ جو ٽنگن ۽ ٻانهن جي زور تي پئي ترياسين.
ڪجهه اڳتي وڌياسين . هينئر وڻ صاف ۽ چٽيءَ طرح
نظر اچي رهيا هئا. هيٺ پيرن کوڙڻ جي ڪوشش ڪئيسين
ته معلوم ٿيو ته تري جي زمين آهي. آهستي آهستي پير
کوڙياسين ۽ پوءِ سرڪندا پاڻيءَ جو سينو چيريندا
ٿڙڪندا اڳتي وڌياسين. بدن ۾ ڪا طاقت ڪانه هئي.
پر حياتي هر ڪنهن کي پياري آهي. سڪيءَ تي پهچي
خير جو ڪلمو پڙهيوسين. ٿڪجي ماندا ٿي ڪِري
پياسين. بک کان بيهال هئاسين. پيٽ وڃي پٺيءَ سان
لڳو هو، سندرا ٻڌل نه هجن ها ته سڪيءَ تائين
پهچي به نه سگهون ها. چؤطرف ٿڌڪار لڳي پيئي هئي.
ڪيترائي جهنگلي ميويدار وڻ بيٺا هئا، اسان ته
انهن صوفن، ٻيرن ۽ توتن مٿان وڃي ڪڙڪياسين. ڪجهه
پيٽ ۾ پوندو ويو ته اکيون پٽيوسين ، کائي ڍو
ڪيوسين ته اڃ لڳي ته پاڻيءَ جي ڳولا ۾ اڳتي هلي
وري هڪ ٻير جي هيٺان ڪِريل ٻير ڏسي اهي کائڻ
لڳاسين. اوچتو وڻ تي کنگهڪار جو آواز ٻڌي ڇرڪ
ڀريوسين .يا خدا! هي وري مٿان ڪهڙي آفت آئي! خوف
کان ڊڄندي ڪنبندي مٿي نهاريوسين. ڏسون ته هڪ
نوجوان خوبصورت عورت تن تنها، اڪيلي، اگهاڙي ٻير
تي ويٺي آهي، ۽ پنهنجي اوگهڙ کي ٽنگن، ٻانهن ۽
ٽارين جي مدد سان ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.
سمجهوسين ته شايد آدم خور يا ڪا ڏائڻ آهي، نه ته
هتي هن جو ڪهڙو ڪم آهي. شايد هتي هن جا ٻيا
ساٿي به موجود هوندا. پوءِ ته ائين پئي محسوس
ڪيوسين ته ڄڻ سمنڊ جي مصيبت مان نڪري وري اچي
آدم خورن جي ور چڙهيا آهيون. ايتري ۾ هن عورت
اشاري ۾ چيو ته ڪپڙو موڪليو ته مان پنهنجي اوگهڙ
ڍڪي هيٺ اچان. اسين انهيءَ ويچار ۾ هئاسين ته ڪا
چادر موڪليون ته جيئن هوءَ هيٺ اچي يا ڀڄي جان
ڇڏايون پر ڀڄي به ڪيڏانهن وينداسين. نيٺ هڪ ڪندرو
کولي اجرڪ مٿي اڇايسين، هوءَ اجرڪ ۾ ويڙهجي
سيڙهجي هيٺ لهي آئي، ۽ اچي اسان جي ڀر ۾ بيٺي .
اسين ڊپ ۽ حيرت ۾ وائڙن وانگر کيس ڏسڻ ۽ ڏڪڻ
لڳاسين. عورت نهايت خوبصورت ۽ پنجويهن سالن جي لڳي
رهي هئي، ڀريل ۽ مضبوط جسم، ڊگها ڊگها ڪارا
گهنڊيدار وار، وڏيون وڏيون اکيون، سنهڙو ڊگهو نڪ،
موتين جهڙا ڏند، سنهڙا ۽ سهڻا چپ، چنڊ جهڙو چهرو
هوءَ ڪا پري هئي جنهن کي ڌڻي ڄڻ ته واندڪائيءَ
ويل ويهي ٺاهيو هو. هن جي نهارڻيءَ ۾ عجيب
پنهنجائپ، خوشي، اميد ۽ سهاري جا تاثر نمايان
ڏيکار جي رهيا هئا. ليڪن اسين انهيءَ سوچ ۾
هئاسين ته ههڙي خوبصورت عورت آدمخور ڪيئن ٿي
هوندي. هن پنهنجا سهڻا ۽ سنهڙا چپ چوريا ۽ ڪجهه
چيو، جيڪو اسين سمجهي نه سگهياسين. پوءِ هن اشارن
۾ چيو ته هتي ڪو به خوف خطرو ڪو نه آهي. اوهين
اطمينان ڪريو، پوءِ اسان جو خوف ڪجهه گهٽ ٿيو.
تڏهن به انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هئاسين ته دوکو ڏيئي ته
ڪانه ماريندي! اسان کانئس کائڻ پيئڻ جي باري ۾
پڇيو . پوءِ هوءَ اسان کي وٺي هلي، بهترين
ميويدار وڻن مان ڦل پٽي اسان کي کارايائين ۽ پوءِ
اسان کي ٿورو پريان وٺي هلي هڪ مٺي پاڻيءَ جي
چشمي مان اسان کي پاڻي پياريائين ۽ سڄو ٻيٽ اسان
کي گهمايائين، سٺن سٺن ميويدار وڻن مان ميوو پَٽي
اسان کي ڏنائين . هن پنهنجي رات رهڻ واري جاءِ
اسان کي ڏيکاري، جيڪا هڪ مٿانهين هنڌ تي ڇٻر سان
ڍڪيل هئي: جنهن جي چؤطرف خوبصورت ۽ خوشبودار
گُل ۽ ٻوٽا هئا. جتي سمهڻ سان رات جو آسمان
چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهبو هو شايد هوءَ روز
آسمان جا تارا ڳڻيندي رات گذاريندي هئي . انهيءَ
پارڪ نما ٿلهي جي چؤطرف بيٺل خوشبودار گلن ، ٻوٽن
مان عجيب سرهاڻ اچي رهي هئي. حيرت جي ڳالهه اها
آهي جو هن سرسبز ٻيٽ ۾ هن عورت کان سواءِ ٻيو ڪو
به انسان موجود ڪو نه هو. اسين چارئي گڏ ويٺا
هئاسين.
پهرين ته اسين مصيبت جا ماريل هئاسون، اسان کي پنهنجي سرسان لڳل
هئي . پر پوءِ جڏهن اسان جو پيٽ ڀريو ۽ پاڻي
پيتوسين تڏهن هوءَ عورت اسان کي حسين ترين لڳي رهي
هئي.
اسان مان جيڪو عمر ۾ وڏو رفيق هو، تنهن چيو آءٌ اوهان کان وڏو
آهيان جنهنڪري مونکي خدمت جي وڌيڪ ضرورت آهي. مون
کي هتي ئي ڇڏيو ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن هت ئي
گذاريان. منهنجي لاءِ جنت به هتي ئي آهي. آءٌ اڳتي
هلي ڪونه سگهندس.
ٻيو ساٿي جيڪو عمر ۾ پهرئين کان ننڍو هو، ليڪن کيس اولاد
ڪونه هو. تنهن چيو: شادي مون کي ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ
ته منهنجو ڪو پونير ڪونهي، آءٌ سمجهان ٿو ته
ڌڻيءَ اسان کي هيڏانهن به تڏهن موڪليو نه ته سمنڊ
۾ ، جتي وڏا وڏا ٻيڙا غرق ٿيو وڃن_ جتي اهڙيون
آفتون آهن جو انسان کي بنا اوڳرائيءَ جي هضم ڪري
ڇڏين. اتان اسان جو سلامت بچي نڪرڻ ڪنهن حڪمت کان
خالي نه آهي. اوهان کي خبر آهي ته منهنجي ملڪيت ۽
ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ اولاد جي سخت ضرورت آهي. مان
سمجهان ٿو ته منهنجو وارث هن ئي عورت جي ڪُک مان
جنم وٺندو_ اوهين رضاڪارانه طور دستبردار ٿيو ته
چڱو.
مون چيو: دنيا ۾ اوهان ٻنهي ڪافي ڏٺو ۽ کاڌو آهي_ اوهان کان
ننڍو آهيان. نوجوان ۽ ڪنوارو آهيان تنهنڪري شادي
ڪرڻ جو حق مون کي آهي.
هڪ عورت، ٽي مرد ٽنهي جي خواهش هئي ته ان سان شادي ٿئي. اها
ساري رات اسان جي ننڊ غائب هئي ۽ اسان پاسا پئي
ورايا. هوءَ اسان جي ڀر ۾ بيخوف وخطر گهري ننڊ ۾
هئي، ليڪن اسان کي ننڊ ڪانه هئي. رکي رکي هن عورت
مان خوف به پئي محسوس ٿيو ته ههڙيون خوبصورت
عورتون جهنگ ۾ رهنديون آهن، سي اڪثر ڪري
ڏائڻيون هونديون آهن_ جيڪي رات جو انساني ڇاتيون
چيري دل ڪڍي کائينديون آهن. پر کيس ڏسڻ سان هوءَ
بيحد حسين لڳي رهي هئي ۽ چنڊ جي روشنيءَ ۾ هوءَ
پر ڪشش ۽ معصوم،لڳي رهي هئي، پهريون ڀيرو مونکي هن
جي معصوميت، سادگي، بيوسي ۽ مجبوريءَ جو احساس
ٿيڻ لڳو. هڪ نوجوان عورت تن تنها ههڙي ٻيٽ ۾
اڪيلي ۽ هينئر ٽن مردن جي ڀر ۾ صرف اجرڪ ۾
ويڙهيل مِٺي ننڊ ۾ بيخر هئي ۽ اسين جيڪي سندس
ڪنهن به رشتي ناتي ۾ نه آهيون، ليڪن هينئر کيس
بيحد عزيز آهيون، ۽ سندس سهارو آهيون. گهڻي دير
پاسن ورائڻ کانپوءِ مون کي ننڊ آئي. صبح جو جڏهن
اٿيس تڏهن هوءَ سڀني کاڻ اڳ اٿي ويٺي هئي. هن جي
معصوم مرڪ مون کي نهايت متاثر ڪيو. ايتري ۾
رفيق به اٿيا: اسان گڏجي چشمي تي وياسين، هٿ
منهن ڌوتاسين. هن پنهنجا وار ڌوتا ۽ پوءِ آڱرين
سان وارن کي ڦڻي ڏيڻ لڳي، چشمي تان اٿي اسين
اچي ميويدار وڻن تي پياسين، ميوو کائي ناشتو
ڪيوسين. هر قسم جا ميوا موجود هئا، ۽ کائڻ وارا
فقط اسين چار هئاسين.
پوءِ ساڳيءَ جاءِ تي اچي ويٺاسين_ منهنجي ساٿين شادي ڪرڻ کان
انڪار ڪيو ۽ مون کي چيائون ته تون شادي ڪر. پوءِ
هن کان اشارن ۾ پڇيائون، هن به ناڪار ڪانه ڪئي.
شايد هن کي به هڪ سهاري جي ضرورت هئي، اسين
هينئر کيس عزيزن کان به وڌيڪ عزيز هئاسين. هن
صرف اهو چيو: ته مون کي ڇڏي نه وڃجو، جيڏانهن به
وڃو ته مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃجو. حالانڪ هتي
ته چؤطرف سمنڊ هو ۽ نڪرڻ جو ڪو به رستو ڪو نه هو
۽ نه وري اتان ڪنهن ٻيڙيءَ جي اچڻ وڃڻ جو ڪو
رستو هو. شاديءَ جي ڳالهين کانپوءِ هن هڪ شرميلي
مُرڪ سان مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ اٿي وڃي گلن ڦلن
جي پريان ويٺي . مون پنهنجي ساٿيءَ هٿان اجرڪ ۽
سٺي سڳو موڪليو. جنهن مان هن پنهنجي لاءِ شاديءَ
جو وڳو تيار ڪيو پوءِ ساٿين مان هڪڙي نڪاح جي رسم
پوري ڪئي. ان کان پوءِ مون هن سان لانئون لڌيون.
هوءَ اجرڪ جي وڳي ۾ اجرڪ جي گهونگهٽ سان انتهائي
نماڻائيءَ سان ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئي. لانئن ڏيڻ
کانپوءِ ٻئي دوست هليا ويا. دوستن جي وڃڻ کانپوءِ
مون انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ سان سندس گهونگهٽ
هٽايو هن جون نظرون جهڪيل ۽ اکيون آليون هيون.
مون سندس کاڏيءَ هيٺان هٿ ڏيئي سندس مُنهن مٿي
ڪيو، هن هڪ دفعو اکيون اکين سان ملايون ٻه ڳوڙها
سندس نيڻن مان ٽمي پيا. مون کي ائين محسوس ٿيو
ته سوين هزار ميل پري جتي هن جو وطن هو، گهر
هو، جتي هن جون سهيليون ۽ سرتيون هيون،
ڀائرهئا ۽ ڀينرون هونديون ، آخر سندس به ڪو گهر
هوندو! شايد اُتي جون ڪي نه وسرڻ جهڙيون
شخصيتون سندس ذهن ۾ اڀري آيو نيٺ جون ڪي نه وسرڻ
جهڙيون شخصيتون سندس ذهن ۾ اُڀري آيون جيڪي هن
ڏينهن جي ڏسڻ لاءِ آتيون هونديون. مگر جلدئي
دوريءَ ۽ مجبوريءَ جي دونهي ۾ آهستي آهستي غائب
ٿي ويون.
هن انتهائي عاجزيءَ سان اشارن ۾ چيو، مان تنهنجي آهيان
تنهنجي داسي آهيان تون منهنجو ديوتا آهين. ائين
چئي هن منهنجا پير چميا، مون هڪدم کيس کڻي مٿي
ڪيو ۽ ڳراٽڙي پاتي. هن چيو مون کي ڇڏي نه وڃجان،
پاڻ سان گڏ وٺي وڃجان... ايتري ۾ ساٿي پريان اسان
لاءِ ميوو ۽ گلن جا هار کڻي آيا هنن ميوو اسان کي
کائڻ لاءِ ڏنو ۽ هار اسان جي گلي ۾ وڌا. هنن
دوباره شاديءَ جي مبارڪ ڏني ۽ پوءِ وري ٻئي طرف
روانا ٿي ويا. سج وڻن جي پويان آهستي آهستي لڪندو
پئي ويو ۽ چنڊ پنهنجي چانڊوڪي سرسبز ٻيٽ تي وڇائڻ
جي تيارين ۾ هو، اسين اتي ئي هئاسين جتي هوءَ رات
جو اڪيلي سمهندي هئي. جتي گاهه اسان جو وڇاڻو هو،
۽ ٻنهي جون ٻانهون وهاڻي جو ڪم ڏيئي رهيون هيون.
اها شاديءَ واري رات، اها پهرين رات، اها چنڊ جي چانڊوڪيءَ واري
رات، اها گلن ڦلن جي خوشبوءِ واري رات _ مونکي اڄ
به ياد آهي. اها رات سائي گاهه تي گلن گلن ڦلن جي
وچ ۾ گذاريسون. ڪٿي جي هوءَ، ڪٿي جو آءٌ، ڪيئن اچي
هتي ملياسون. شاديءَ جو ناتوبه مون کي عجيب ۽ حيرت
انگيز لڳو. خبر ناهي ڪٿان ڪٿان جا جوڙا ڪيئن اچي
ملندا آهن ۽ شاديءَ جي ناتي ۾ ڳنڍجي ويندا آهن!
اها شاديءَ واري رات، جنهن ۾ نه ڪا ڄڃ هئي، نه ڪنواريتا هئا:
نه هار سينگار ۽ ويس وڳا هئا،نه سيج پلنگ نوري
مينديءَ رتا هٿ هئا: نه دهل شرنايون ۽ بين باجا
هئا: ليڪن پوءِ به اها رات بيحد خوبصورت هئي!
اسين نيري آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ ۽ ٽم ٽم ڪندڙ تارن
جي روشنيءَ ۾ ڌرتيء تي هئاسين. ڄڻ هڪ ئي جسم
جان هئاسين اسان ۾ ڪا به دوري ڪانه هئي، ڪا وڇوٽي
ڪانه هئي. انهيءَ رات مون چنڊ ۽ ستارن کي گواهه
ڪري کيس يقين ڏياريو ته تون منهنجي رفيقعه حيات
آهين، تون منهنجي لڄ آهين. مان توسان وفادار
رهندس توکي ڇڏي نه ويندس توسان گڏ هوندس. انهيءَ
خاطريءَ کان پوءِ هن جو چهرو سدا گلاب جي گل
جيان ڳاڙهو ٿي ٽڙڻ لڳو. اها رات اسان جي پيار ۽
محبت واري رات هئي. اها رات اسان جي شاديءَ واري
رات هئي، اها رات ڪيتري نه خوبصورت هئي، اها رات
ڪيتري نه پياري هئي...!
صبح جو اٿي وهنجي سهنجي تازا توانا ٿياسين، ۽ ميوا پٽي کاڌاسين،
جنهن وڻ تي اسين چڙهي نه سگهندا هئاسين انهيءَ تي
هوءَ چڙهي ميوو پٽي ايندي هئي هوءَ اسان جو بيحد
خيال ڪندي هئي. اسان ڏينهن جو گهمڻ ڦرڻ ۽ کائڻ
پيئڻ ۾ پورا هوندا هئاسين ۽ رات جو دوست الڳ ۽
اسين ٻئي الڳ رهندا هئاسين. ائين ڪافي وقت گذري
چڪو هو.
ڪجهه وقت کان پوءِ هوءَ سنڌي ٻولي سمجهڻ لڳي، خاص ڪري ميون جا
نالا کيس چڱيءَ طرح سمجهه ۾ ايندا هئا. ليڪن هوءَ
اهي نالا صحيح اکرن ۾ اچاري نه سگهندي هئي. ائين
اسان جو وقت گذرندو رهيو. هڪ لـڱا هن چيو مان
ڪئين هتي لڙهندي آئي آهيان. ڪير آهيان، اهو وڏو
قصو آهي. توکي پوءِ ٻڌائيندس. اسان جي شاديءَ کي
ڪيترائي مهينا گذري ويا، سا خبر ڪانه هئي. پر هن ۾
عجيب تبديلي محسوس ٿيڻ لڳي هن مون کي ٻڌايو ته مان
اميدواري آهيان. اهو ٻڌي مان خوش ٿيس، اسين ٻئي
تصور ئي تصور ۾ پيا اچڻ واري لاءِ سوچيندا هئاسين
۽ ڳالهيون ڪندا هئاسين. آخر اهو وقت به آيو، جنهن
وقت لاءِ داين ۽ نرسن جي ضرورت پوي ٿي . پر جتي
اهي سهوليتون نه آهن اُتي قدرتي طرح آساني ٿئي ٿي.
ان بي سروسامانيءَ ۾ هن ويم ڪيو ۽ مون سندس مدد
ڪئي. هن پُٽ کي جنم ڏنو. هن جو پٽ، منهنجو پٽ . اڄ
ننڍو سڀاڻ وڏو. جنهن ۾ ڪجهه وصفون منهنجون ۽ ڪجهه
ماڻس جون هيون. هو اسان کي ڏاڍو پيارو لڳندو
هو،اسين ساري ساري رات ننڍڙي جي تات ۾ هوندا
هئاسين، جنهنڪري منهنجا ٻيئي ساٿي پاڻ ۾ گڏ گهمندا
ڦرندا رهندا هئا. هو اڪثر ڪري ڪناري ڪناري سان
پيا هلندا هئا. جيئن ڪوجهاز ڏسڻ ۾ اچي يا ڪٿان
پري ڪناري جي ڪا خبر پوي، ڇاڪاڻ ته هو ٻيٽ ۾ رهي
تنگ ٿي پيا هئا. آءٌ ته پنهنجيءَ زال ۽ پٽ سان
خوش هوندو هوس.
هڪ ڏينهن هنن مون کي چيو ته اسان هتان نڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي،
هاڻي هڪ پل به هتي رهڻ اسان لاءِ سال برابر آهي.
هنن پوءِ ڊڀ ۽ گاهه پٽي ان مان نوڙ وٽڻ شروع ڪيو،
هنن ڪاٺ جا پيل بنڊ نوڙن سان مضبوط ٻڌي هڪ
ڪاٺ جي ٻيڙي تيار ڪئي ۽ ان کي سمنڊ ۾ لاهي نوڙ
سان وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيو، ۽ پوءِ ڊڀ ۽ گاهه مان نوڙ
وٽيندا رهيا. ايتري تائين جو اهو ڊيگهه ۾ ميلن
تائين وڃي پهتو. ان کان پوءِ هو نوڙ جو هڪ ڇيڙو
وڻ سان ٻڌي ٻيو ڇيڙو ٻيڙيءَ سان ٻڌي هو اها ٻيڙي
سمنڊ ۾ پري پري تائين هلائيندا رهندا هئا، ته جيئن
پريان ڪنهن جهاز تي يا ڪناري تي نظر پوي. ليڪن هنن
کي ڪاميابي ڪانه ٿي. اهڙي طرح هو ڏينهن جو سمنڊ ۾
ڦرندا رهندا هئا ۽ شام جو موٽي اچي وري نوڙ وٽي
ان کي وڏو ڪندا رهندا هئا. آخر گهڻن ڏينهن کان
پوءِ هنن کي اولهه طرف تمام پري هڪ سنئين ليڪ جيان
ڪنارو نظر آيو، هنن مون کي چيو ته اسان کي ڪنارو
نظر آيو آهي ۽ اسين هاڻي وڃڻ وارا آهيون، صرف نوڙ
کي ڪجهه ميلن تائين اڃا به ڊگهي ڪرڻ جي ضرورت
آهي. آخر هڪ ڏينهن هنن مون کي چيو: ”تون ڪيستائين
هتي رهندين هڪ طرف ڀلي پار جون بازارون اسان کي
سڏي رهيون آهن ۽ ٻئي طرف ڳوٺ جي ڪشش. هڪ عورت سان
سفر تمام مشڪل ٿي پوندو ۽ خبر ناهي ڪهڙين ڪهڙين
مصيبتن سان منهن ڏيڻو پوي. تنهن کان سواءِ نه
پئسو نه پنجڙ، نه وري ڪو ڪپڙو لٽو، سڀئي اڌ
اگهاڙا آهيون، ۽ ههڙي حسين عورت مرڳو اسان لاءِ
ڪا ٻي مصيبت نه پيدا ڪري وجهي. ڪهڙي خبر اڳتي
هلي هن عورت جا ڪي وارث پيدا ٿي پون ۽ پوءِ اسين
سڀئي ڪنهن چوري، اغوا يا ٻيءَ مصيبت ۾ اچي وڃون.
تنهنڪري اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني .اسين توکي
سهڻي صلاح ڏيون ٿا ته پنهنجو پٽ وٺي هل ۽ هن عورت
کي هتي ئي ڇڏي هل، نه ته قيامت تائين هن ٻيٽ مان
نڪري نه سگهندين ۽ پوءِ پڇتائڻ مان ڪجهه به حاصل
نه ٿيندو، اسين تنهنجا پنهنجا آهيون، اسين اهوئي
چاهيون ٿا جيڪو تنهنجي لاءِ چڱو هجي.“
مان ٻن دريائن جي وچ ۾ اچي ويس، سوچيم ته ساٿي ڀل هليا وڃن: مان
هتي ئي رهي پوان. پر پوءِ شايد ڪڏهن به هتان نڪرڻ
جو وجهه ملي نه سگهي. جيڪڏهن زال کي وٺي هلندس ته
ٿي سگهي ٿو ته هن جا ڪي وارث نڪري اچن ، ۽ هيءَ
وري به انهن سان ملي وڃي ۽ اسين ڪنهن ناحق روڪ بند
۾ ڦاسي پئون. هڪ طرف زال جي جدائي ۽ کيس رڻ ۾ رولڻ
نه پئي گهريم، ۽ ٻي وري رستي جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن
جو علم هو. پر منهنجي لاءِ اهو محال هو ته مان
پنهنجي پٽ جي ماءُ کي ڇڏي وڃان. ڇاڪاڻ ته انهيءَ
سموري عرصي ۾ هوءَ مون سان ائين هلي ڄڻ مان سندس
ديوتا آهيان ۽ هوءَ منهنجي داسي آهي. هن هر
لحاظ کان مون کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي محبت
۾ هوءَ سنڌي به چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ڳالهائي
سگهندي هئي. مان روز رات جو کيس ڪانه ڪا سنڌي
ڪهاڻي ٻڌائيندو هوس. ڪڏهن سسئي پنهون جي، ڪڏهن
مومل راڻي جي، ڪڏهن سهڻي ميهار وغيره جي. جڏهن
ڪنهن مظلوم عورت جي مظلوميت جو داستان ٻڌندي هئي
ته سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي پوندا هئا. سسئي جي
داستان ۾ هوءَ مسلسل روئيندي رهندي هئي. ان کان
پوءِ هن مون کان ڪيترائي سوال پڇيا جي سسئيءَ
متعلق هئا ۽ ڪجهه پنهنجي متعلق. مون کيس يقين
ڏياريو ته اسين سنڌي ننگ تي سِر ڏيندا آهيون. ليڪن
هوءَ بار بار ائين چوندي رهي: ”ته راڻي جا پيءُ،
سسئيءَ جي داستان کي ٻيهر نه دهرائجو مون مسڪين تي
ايڏو ظلم نه ڪجو، متان ڌاري سمجهي هليا وڃو ۽ آءٌ
هتي هنجون هاريندي رهان.“
مون چيو : هڪ ته هتان نڪرڻ جو ڪو رستو ڪونه آهي، جيڪڏهن ڪا اهڙي
صورت نظر آئي ته توکي به پاڻ سان وٺيو هلندس، تون
غمگين نه ٿي. ان کان پوءِ هن کي خاطري ٿي ۽ هن
وري مون سان اهڙي ڳالهه ڪانه ڪئي، هڪ ته هن کي
يقين هو ته هتان نڪرڻ آسان نه آهي ۽ ٻيو وري
منهنجي يقين ڏيارڻ تي خاموش ٿي ويئي.
انهيءَ وچ ۾ مان ساٿين جي راءِ سان شامل ٿي ويس ته مان پنهنجي
پٽ راڻي کي وٺي هلندس ۽ زال کي هتي ئي ڇڏي هلندس.
مون ائين سمجهيو ته اڳتي هلي اسين يا هوءَ ڪنهن
مصيبت ۾ ڦاسون: تنهن کان بهتر آهي ته هوءَ هتي ئي
هجي، زنده ته هوندي بک ڪانه مرندي. انهيءَ رٿ کان
پوءِ مون کي ڪافي ڏک ٿيو ليڪن مصيبتن ۾ زال سان گڏ
هلڻ جي مون ۾ جرئت ڪانه هئي.
رٿ واري ڏينهن راڻي جي ماءُ کي چيم: اڄ منهنجي طبعيت ناساز آهي
تنهنڪري مان راڻي سان گڏ هتي ويٺو آهيان تون وڃي
چشمي جي پريان ميوو پٽي اچ. مگر هن چيو ”تون ٺيڪ
نه آهين ته ويٺو هُج: ميوو کڻي ٿي اچان ۽ راڻي کي
به پاڻ سان وٺيو ٿي وڃان: هتي توکي تنگ ڪندو،“
ائين چئي هوءَ راڻي کي وٺي ويئي منهنجا ساٿي به
ڀر سان تيار ويٺا هئا. ليڪن راڻي جي وڃڻ ڪري خاموش
ٿي ويا. ٻئي ڏينهن صبح سان مون وري راڻي جي ماءُ
کي چشمي ڏانهن موڪليو، ته ميوو پٽي اچ. راڻو مون
وٽ هو، هن جي پٺ ڏيڻ شرط آءٌ راڻي کي کڻي ساٿين
طرف ڀڳس ۽ پوءِ اسين ڊوڙندا اچي ٻيڙيءَ وٽ پهتاسين
وڻ مان نوڙ ڇوڙي ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ ڌڪي چڙهي
پياسين ۽ ٻئي دوست ڪاٺ جي بنڊن مان ٺهيل ٻيڙيءَ کي
ڊگهين لٺين جي ذريعي اڳتي هلائيندا رهيا. اسين وڃي
رهيا هئاسين مون کي هن جي مظلوميت جو احساس هو
ليڪن آءٌ مجبور هوس، وقت ۽ حالتن مون کي پٿر دل
بنائي ڇڏيو هو.
اسان پري کان ڏٺو ته هوءَ ٻيٽ ۾ ڊوڙندي اسانکي ڳولي رهي هئي، ۽
جڏهن هن جي نطر اسان تي پيئي تڏهن هوءَ بي اختيار
اسان ڏانهن ڊوڙندي آئي هوءَ اهڙي ته تيز ڊوڙي رهي
هئي: جو مون ڪنهن به انسان کي ائين تيز ڊوڙندو نه
ڏٺو هو، ڄڻ هوءَ زندگيءَ طرف ڊوڙي رهي هئي.
اسان کي ويندو ڏسي هن جي جهولي مان سمورو ميوو
ڪِري پيو. هو منهن مٿو پٽيندي ٻاڪاڙيندي ڊوڙندي
رهي. ڊوڙندي رهي. هوءَ اُڀ ڦاڙڻ لڳي. ”اوظالمو!
مون مسڪين کي ڇڏي نه وڃو مون تي ايڏو ظلم نه
ڪريو. مون کي پاڻ سان وٺي وڃو. آءٌ اوهان کان
ڪجهه به ڪو نه گهرنديس.“ هو رڙيون ڪندي هنجون
هاريندي رهي، پر اسان تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو اسين
ٻيڙي هلائيندا رهياسين.
هوءَ چوندي رهي: ”او سنڌيو! سسئي جي داستان کي ٻيهر نه دهرايو،
اوهين سنڌي ته لڄن تي سِر ڏيندا آهيو پوءِ مون
نماڻيءَ تي ايترو ظلم ڇو ٿا ڪريو. اوهين نٿا بيهو
ته ڀلي وڃو، پر منهنجو لخت جگر مون کي موٽائي ڏيو
منهنجو لال مون کي ڏيو، منهنجو راڻو مون کي ڏيو
منهنجو پٽ مون کي ڏيو...“
ائين دانهون ڪندي، هوءَ ڪِري پيئي، شايد بيهوش ٿي ويئي. راڻو
پريان ماءُ کي ڏسي روئڻ لڳو: ”بابا، امان کي وٺي
هل... بابا، امان روئي پيئي... آءٌ امان وٽ
وڃان... آءٌ امان وٽ وڃان...... منهنجن اکين مان
ڳوڙها وهي رهيا هئا ، ليڪن ٻيڙي ٻيڙي اڳتي وڌندي
رهي. مون سمجهيوته اهي ڪيهون ٻڌي آسمان ڦاٽي
پوندو_ قدرت جو قهر ڪڙڪندو، سمنڊ اسان کي غرق ڪري
ڇڏيندو يا ڪو مانگر مڇ اسان کي ڳڙڪائي ويندو. مگر
ڪجهه به ڪونه ٿيو ٻيڙي هلندي رهي. ڪجهه وقت پريان
ڪناروسنهي ليڪ جيان نظراچي رهيوهو، اسان همت نه
هاري ۽ ونجهه هلائيندا رهياسين. اوچتو سمنڊ جي ٻن
آفتن منهن ڪڍيو، ۽ منهنجن ٻن ساٿين کي ڳڙڪائي سمنڊ
۾ گم ٿي ويون.آءٌ ۽ راڻو بچياسين. آءٌ راڻي کي به
سنڀالي رهيوهوس ۽ ٻيڙي به هلائي رهيوهوس، ڪجهه
وقت کانپوءِ وڃي ڪناري تي پهتس. ڪناري تي قدم
رکڻ سان وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس.
هڪ طرف راڻي جي ماءُ جي يادگيري ٻئي طرف دوستن جو
غم. بي يارو مددگار سوچيم ته هن زندگيءَ کان ته
موت بهتر آهي. دل ۾ آيو ته خودڪشي ڪريان يا واپس
ٻيٽ طرف وڃان، مگر ننڍڙي جي ڪري صبر ڪيم. زنده لاش
جيان پٽ سميت اڳتي روانو ٿيس. اڃا ٻه ميل پنڌ
مَس ڪيم ته هڪ شهر ۾ اچي پهتس، سمجهه ۾ ته ڪو
عرب ملڪ آهي ڪوشش ڪيم ته ڪا مزوري ملي ته من راڻي
لاءِ ڪجهه وٺان. اڃا ايتري ۾ هوس ته مون کي شڪي
۽ جاسوس سمجهي وڃي جيل ۾ وڌائون جتي ٻيا به هئا.
پوءِ اسا کان پڇا ڳاڇا ڪري هر ڪنهن کي سندس ملڪ ڏي
روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون. حالانڪ اسان جي نيت حج
ڪرڻ جي هئي. مون کي پٽ سميت هڪ جهاز ۾ ڪراچيءَ
روانو ڪيائون. جتان مرڻينگ حال ۾ اچي ڳوٺ پهتس.
ننڍڙو راڻو هينئر جوان آهي. جنهن جو رنگ، اکيون،
چَپ نَڪ سندس ماءُ جهڙا آهن. جڏهن هو پڇندو آهي:
”بابا، امان ڪٿي آهي؟“ ته منهنجي زبان مان جواب
ملڻ کان اڳ ڳوڙها ڳڙي پوندا آهن ، ۽ انتهائي مشڪل
سان ڪوڙ ڳالهائي چوندو آهيان: گذاري ويئي. تنهن تي
هو سوال تي سوال ڪندو آهي : ”امان کي ڪهڙي بيماري
هئي ڪٿي گذاري ويئي، ڪڏهن گذاري ويئي؟“
پوءِ هڪڙي ڪوڙ کي لِڪائڻ لاءِ سوين ڪوڙ ڳالهائڻا پون ٿا. مان هر
سال راڻي سميت ساڳي رستي سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويندو
آهيان ته وري شَل ٻيڙي ٻڏي ته مان راڻي سميت ٻڏندو
ترندو هن ٻيٽ تي وڃان، ۽ هن مظلوم عورت کي سندس
لخت جگر ڏيکاريان. مگر هر دفعي صحيح سلامت وڃي پار
پوندو آهيان ۽ اسان کي جاسوس سمجهي جيل ۾ وجهندا
آهن. جتان آزاد ڪري جهاز ۾ وجهي ڪراچيءَ ۾ اچي
ڇڏيندا آهن.
ليڪن مون کي اڄ به ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هر سال حاجي حج تي
ويندا آهن، انهن جي ٻيڙي ٻڏندي آهي جتان ڪو ٻڏندو
ترندو هن سرسبز ٻيٽ تي وڃي پهچندو آهي ۽ راڻي جي
ماءُ سان انجام ۽ اقرار ڪري شادي ڪندو آهي. هن جي
ڪُک مان هڪ ٻار جنم وٺندو آهي پوءِ هو دغا سان
ٻار کڻي هليو ويندو آهي، ۽ هوءَ مامتا جي ماريل
مظلوم عورت اتي ئي پنهنجي لخت جگر لاءِ ٻاڪاريندي
ٻاڪاريندي بيهوش ٿي ويندي آهي.....
·
نثار بزمي
درد جوسفر
علڻ جي اکين ۾ اڄ اوسيڙي ۽ اَٻاڻڪائيءَ جا انگ نمايان پئي نظر
آيا. هن جون نظرون اڄ نماڻيون ۽ نهوڙيل پئي نظر
آيون. سندس ڳاڙها ڳاڙها ٿُلها چپ اڄ سرءُ جي پنن
وانگر سُڪل ۽ پيلا پئي ٿيندا نظر آيا.
اڄ اخبار ۾ هن پنهنجي ڳوٺ مرزاپور جي ٻُڏي وڃڻ جي وحشت اثر خبر
پڙهي هئي. درياءَ بادشاهه ساوڻ جي موسم ۾ هونءَ
به پنهنجي وس کان بيوس ٿي ڪنهن مست ۽ ٽاهڙ
هاٿيءَ جيان زنجير ٽوڙي اڳتي اڳتي ڌوڪڻ لڳندو
آهي: مگر هن سال سندس جنون ۽ جولان جو عالم تي ڪو
ٻيو هو. ڄڻ سمورين صدين جو ڪڙوڌ اچي سندس ڪڇن ۾
ڦاٿو هو. وڄندو گجندو پئي آيو. جنهن پئي اهي
جولانيون ڏٺيون، اُن جي ڇاتي پئي ڇڳي. ماڻهن
جي منهن تان پنا ئي لهندا پئي ويا. سندن خون جسمن
۾ ڄمي ويو هو. هو پنهنجي مال رزق ۽ اَن ڀان کي
بچائڻ سان گڏ پنهنجن سرن کي سلامت رکڻ لاءِ آتا ۽
ماندا هئا. فصلن جي تباهه ٿيڻ جو فڪر هر دل ۾
موجود هو.
هن سال پوکون به ڪاريهر وات ۾ جهليو بيٺيون هيون. هر طرف جريب
خرار جون وايون پئي هليون .
ها، سو ڳالهه پئي ڪيم علڻ جي. هو حيدرآباد مان پکي بڻجي
اڏامي پنهنجي اجهي تي اچي ها، هو ڪنهن هيليڪاپٽر
جي پَرَ سان چبنڙي اچي گهر نڪري ها. جيڪڏهن هن
وٽ پئسا نه هجن ها ته هو بنا ٽڪيٽ سفر ڪري ڌڪا
ٿاٻا جهليندو پنهنجي وطن جا وڻ ڏسي ها: مگر هو
مجبور هو ۽ بيوس هو.
سول اسپتال جي بستري تي ليٽيل علڻ اٿڻ ويهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ کان
لاچار هو.
اِسڪوٽر ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هن جي ساڄي ٽنگ گوڏي کان ضربجي پيئي
هئي. جنهن تي پلستر چاڙهيو ويو هو، اخبار به هن
ڀرسان واري هرنيا جي مريض کان پڙهڻ لاءِ ورتي
هئي. ۽ اها دک ڀري خبر پڙهي هو ديوانگيءَ جي حدن
۾ داخل ٿي رهيو هو. هن زور زور سان ڳالهائڻ ۽ چيخڻ
شروع ڪيو.
نه نه ائين ڪڏهن به نه هوندو. منهنجي ڳوٺ کي ٻوڏ ٻوڙي نٿي
سگهي.......... اخبارن وارا ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ به
لکندا آهن. هو تيليءَ کي ٿنڀ ڪرڻ جا استاد هوندا
آهن.
منهنجو ڳوٺ سادن ۽ سچن جو ڳوٺ آهي..... منهنجو ڳوٺ ديانتدارن ۽
ديندارن جوڳوٺ آهي... منهنجو ڳوٺ قربدران ۽
ڪونڌرن جو ڳوٺ آهي... منهنجو ڳوٺ عاشقن ۽ الستين
جو ڳوٺ آهي.
سائين جعفر شاهه جي درگاهه جي موالين جون صدائون سکڻيون
وينديون؟ ..ماسي سڀائيءَ جي ڏٻرن ۽ رڳن نڪتل
هٿن کي مٿي کڄندو ڏسي فرشتا روئي نه ويهندا؟...
مُلان الهورائي جي تسبيح جو کڙڪو خدا نه ٻڌندو؟
ائين ڪيئن ٿيندو. منهنجي ڳوٺ کي ٻوڏ ڇو ڳهندي؟..
۽ وري هن جي سوچ ۽ لوچ جو پهلو يڪ لخت مُڙي ويو جيڪڏهن
خدانخواسته هن جو مٺڙو ڳوٺ ٻوڏ ٻُوڙي برباد ڪندي
ته هن تي ڇا گذرندي؟ ... هن کي ڪهڙو پتو پوندو ته
هيءَ اها جاءِ آهي جتي هو ننڍپڻ ۾ هڪ جيڏن سان
کليو ۽ ڪُڏيو هو.. هو سائين جعفر شاهه جي نِمن
جي ٿڌي ڇانءِ ڪٿان ڳوليندو ؟... هو رکيل فقير
سان ڪٿي ويهي پنهنجا سور سليندو ۽ اور اوريندو؟
... استاد خدابخش جا مولود هو ڪهڙيءَ مسجد ۾
ٻڌندو؟...
۽ پوءِ هن کڙڪندڙ آواز ۾ خدا سان ڳالهايو: مولا! منهنجيءَ
مرزاپور کي آباد رکجانءِ...مون کي پنهنجي آباڻي
ڳوٺ جو ديدار ڪرائي پوءِ مارجانءِ...
۽پوءِ هو ٻيئي هٿ اکين تي ڏيئي روئڻ ۾ رُجهي ويو. سندس لڙڪن
جون لڙهيون هن جي وهاڻي ۾ پيهي ويون...
مرزاپورڳوٺ جي ماڻهن پنهنجي ڳوٺ جي چوڌاري مضبوط بند ٻڌڻ جو
ارادو ڪيو هو. هو ڪهاڙيون،ڪوڏرون ۽ ٽوڪريون کنيو
ڪم کي جنبي وڃڻ لاءِ گهرن مان نڪرندا پئي رهيا.
بس! هر طرف وٺ وٺان ۽ هڻ هڻ جو عالم پئي نظر آيو.
ماڻهو اميد ۽ ڊپ جي وچ ۾ پئي ڦٿڪيا، ننڍي وڏي جي
منهن تي مايوسيءَ ۽ غم جون گهاٽيون ريکائون پئي
رڙهيون. هر دماغ مستقبل جي اجنبي راهه تي پئي
ڀٽڪيو. ڇا ٿيندو؟ سڀ ڪنهن جي دل ۾ اهو سواليه
اشان اُڀو پئي ٿي ويو. هن اوچتي آفت کان بچڻ لاءِ
ويچارن حيلا ۽ وسيلا پئي ڳوليا. هنن جا روح
سُڪي ويا هئا. کين ڪا به ڳالهه مٺي نه پئي لڳي.
پوڙهن آسمان ڏانهن ڏڪندڙ هٿڙا کڻي پئي خدا کي کي
ٻاڏايو. هر گهر ۾ دعائون ۽ درور جاري هئا، اهڙي ڪا
اک نه هئي، جا هن صدمهء جا نڪاهه کان آلي ۽ اداس
نه هئي... اهڙي ڪا دل نه هئي: جنهن ۾ هن قيامت
خيز ٻوڏ جو غم نه هو. هر جسم تي هڪ جمود طاري هو.
هو ڪو منهن لٿل ۽ ويڳاڻو هو. پڙهيل ڳڙهيل نوجوان
سارو ڏينهن ريڊيو تي ڪن ڏيئي ٻوڏ جون خبرون ۽
بليٽنون ٻڌندا پئي رهيا. هيءَ ڪا ٻوڏ ته نهئي،
غضب هو غضب! پنهنجي سنڌڙيءَ ۾ ڪشمور کان ڪيٽي
بندرتائين درياءَ شاهه جي ٻنهي طرفن کان اهو
هنگامو محشر برپا ڪري چڪو هو. حقيقتاً ماڻهن جي
گپوڙن ۽ اجاين افواهن به خلق خدا کي رولي رکيو هو.
ڪنهن پئي چيو: ڀڄو ... ڀڄو ..قيامت پيئي اچي.
ڪنهن پئي چيو: اسان وارو بند ڪهڙو ڌڪ جهليندو.
جڏهن پاڻي وڻ ٽپندو پيو اچي. بچل ٽانگي واري ته
پنهنجا ٽپڙ به کڻي ٽانگي ۾ سٿيا هئا. هو لڏيو
پئي ويو، مگر ڀوتار وڏي سڄي راڄ کي خاطري ڏني
ته رکو الله تي.. ڳوٺ مان ڪو به نه لڏي، گڏ
مرنداسين گڏ جيئنداسين .. اها مصيبت ته هرطرف آئي
پيا ٻڌون ، باقي ڪٿي هلي ٻار ٻچا رولجن! جمعدار
جادل به ڀوتار جي پاران سڀني کي هدايت ڪئي ته
ڀائرو! مهلون مڙسن تي اينديون آهن. گهٻرايو ڇو ٿا
.. همت مردان مدد خدا. بزدلي گناهه آهي.. جوان
ٿيو.. حاجي احمد، ڀائو خير محمد ۽ ادي عارب وارن
به چيو ته لڏي هلڻ کان پنهنجن ڪکن ۾ مرڻ بهتر
آهي. ماڻهن جي سڙيلن دلين تي آٿت جا ٿڌا ڇنڊا
پيا، ۽ هو وري پنهنجي هڻ هڻ ۾ لڳي ويا. تنهن هوندي
به کين پوکن جي ٻڏي وڃڻ ۽ مال جي دربدر ٿي مرڻ جو
ڊپ کائي رهيو هو، غريبن رونڀي راڙي تي پئسا ڇڏيا
هئا ۽ وري سندن پوکون به ڀَلڙ ۽ خاصيون ٿيون
هيون. پنهنجي ساين ساين سارين جي سرهاڻ سنگهندي
چاچي پنجل پئي چيو: ڀٽاريون شل خير سان پَچي بَچي
ايندؤ.. ڀائو ليمون ته پنهنجين ڪارين ۽ ڪُنڍين ۽
ڀورين ڀٽارين کي ڏسندي روئي به ويٺو ٿي. امڙيون!
شل وار ونگو نه ٿيندو.. ۽ پوءِ هو انهن کي بوڇڻ
سان ڇنڊي ڪنهن ٻئي ڪم سان وڃي پئي لڳو.
اڄ ماڻهن جي منهن تي درد ۽ دک جا اڻ ڳڻيا آثار پئيڻ نظر آيا،
گذريل رات ساڍي يارهين بجي کن سکرکان ٽي ميل اوري
آرائين ڳوٺ وٽان درياءَ جو پاڻي بچاءَ بند کي چيري
آزاديءَ جو اعلان ڪري چڪو هو. هر طرف افراتفري کان
سواءِ ڪجهه به نه هو. اڄ ڪنهن به انسان جو دماغ
پوريءَ جاءِ تي نه هو. ماروئڙن جي منهن تي
مصيبت ۽ موت جا پاڇا پئي پيا. ننڍڙن ننڍڙن ٻارڙن
به هن روز محشر جو احساس رکندي اکيون کڻي
ڦوٽاريون هيون. هنن کان راند روند ۽ کل خوشي
موڪلائي ويئي هئي. اٺ ماما گوگڙون، سائي لڪڙ
پوئتون،
منهنجا ماما ڪاٿي، پيرن جي پاسي،
جهڙا ٻاراڻا ۽ ٻاتڙا ٻول هنن اڄ ڪو نه پئي ٻوليا، هو موڳا ۽
منجهيل پئي لڳا. پنهنجن مائرن کان روئڻهارڪو منهن
ڪندي پڇي رهيا هئا: امان! بابا جن پَڌر ۾ ڇا ٿا
ٺاهين؟ هو ڪلهن تي ڪاٺيون ڇو ٿا کڻن؟ .. مائرن
کين ٻڌايو پئي: ابا ٻوڏ ٿي اچي، سامان سڙي ۽ ان
مال جي بچاءَ لاءِ بابهن جن مَڏ ٿا ٺاهين، معصومن
کي ڇا پتو ته ٻوڏ ڪيئن ايندي آهي، يا مَڏ ڇو
ٺاهيا ويندا آهن.
۽ پوءِ هر گهر جي اڱڻ ۾ اهڙا مَڏ کڙا ٿي ويا هئا. ڪن ماڻهن
پنهنجو سڀ ڪجهه وڻن جي وڏن ڏارن ۾ ٽنگي رکيوهو. ڪن
ڀاڳين پنهنجا مال ڪن سلامتيءَ وارن هنڌن ڏانهن
موڪلي ڏنا هئا.
ڳوٺ جي بند تي ڪم جو زور هو. نه هئي ڏينهن جي ۽ نه هئي رات جي،
يوسف شيخ ۽ غلام قادر جوڻيجي وارن جا وٺ وٺارا
پئي نظر آيا. جوانن پنهنجا جذبا ۽ جولان دل تي
پئي ڏيکاريا. مرڻ ۽ جيئڻ جي نه پئي ڪيائون. پٿر
جهڙا پختا ۽ فولاد جهڙا مضبوط ٿي پيا هئا بند
ڪافي مٿي چڙهي چڪو هو.
ريڊيو تي آرائين واري کنڊ جي ٻڏڻ بند جي ناڪاميءَ ۽ ان کان
ڪجهه اوري وري هڪ ٻئي کنڊ پوڻ جو اعلان ڪيو ويو.
هي اعلان نه هو، مگر موت جو پيغام هو. هر انسان جو چهرو
لوساٽبو ۽ هن جو روح هيسبو رهيو. مايوسيءَ جي
ديوي پنهنجا پَر پکيڙي اچي دلين تي چڙهي ويٺي .
اکين تي اداسيءَ جا گهاٽا تهه ۽ سينن تي صدمن جا
پهاڙ ڪِرندا رهيا. سدا سهاڳڻين پنهنجي سهاڳن جا
خير پئي گهريا.. ڀينرن ڀائرن جي جوانيءَ جي
سلامتيءَ جون سکائون پئي باسيون.. مائرن پنهنجي
ٻچڙن لاءِ خدا کي پئي ٻاڏايو... بند تي ڪم جي
چرپر وري تيز ٿي ويئي ، جانٺا جوان سنڌ ساهي پئي
اٿيا. جهڙا شير.... جهڙا ديو...
علڻ کي ڊاڪٽر اجائي وات هڻڻ کان روڪيندي پئي چيو: ميان! اچي
چڙهيو آهين، باقي اٿيئي ڪي ڏينهن. پوءِ وڃي لئي
ڪجانءِ.. مگر علڻ ماٺ کان مجبور هو. هن ته پاڻ اڄ
اخبار ۾ سکر شهر ۾ پاڻيءَ داخل ٿيڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ
واري ريلوي اسٽيشن الهداداڻي جي ٻڏي وڃڻ جي تازي
خبر پڙهي هئي. هو انهيءَ الهداداڻيءَ تان لهي ته
بچل جي ٽانگي ۾ چڙهي ڳوٺ ويندو آهي!
هينئرهن کي پورو يقين هو ته سندس ڳوٺ سلامت نه آهي . هو سوچڻ
ويٺو:
هو ايترو پريشان ۽ بيقرار ڇو ٿو ٿئي. ايڏي پريشاني ۽ مونجهه ته
ٻچڙيوالن ۽ مالدارن کي هجي. هن کي ٻار ٻچا ته ڪو
نه آهن، هو ته هن آسمان هيٺان بلڪل اڪيلو آهي.
جڏهن تختهء دنيا تي هن جو ڪو به عزيز ۽ مائٽ ڪو
نه آهي ته هو اهڙي آڙاهه ۾ ڇو ٿو ٻري؟
يڪا يڪ هن جي خيالن ۾ نئين جهنجهوڙ آئي:
ٻار ٻچا نه آهن ته ڇا ٿي پيو! پنهنجي اباڻي ڳوٺ جون ڳليون ته
هن لاءِ سڀڪجهه آهن! جعفر شاهه جون نِمون ۽ انبن
واري کوهه جا انب ته هن کي پُٽن کان به پيارا آهن.
جن وڻن جي ڇانو ۾ هن جوانيءَ کي جاڳايو. اهي ٿڌا
پاڇا ته هن کي عزيز کان به عزيز آهن!
هن ڀرسان واري مريض جي اوٻاسي ڏسندي پاڻ به هڪ ڊگهي اوٻاسي
ڏني ۽ پوءِ هن پنهنجو مُنهن وهاڻي ۾ ڇپائي ڇڏيو.
سنڌڙيءَ جي مختلف هنڌن تي ٻوڏ جي قهري ڪارنامن جا داستان
ريڊيو تي پئي ٻڌاسين. ڳوٺ وارو بند هينئر شتر مرغ
جيان ڳاٽ اوچو جهلي بيٺل پئي نظر آيو خاموش زبان
سان هو ماڻهن کي ڄڻ ته آٿت ڏيئي رهيوهو ته اوهان
بيفڪر رهو. هو اوهان لاءِ لوهه بنجڻ جي ڀرپور
ڪوشش ڪندو، ۽ پنهنجو حق ضرور ادا ڪندو.
ماڻهن جي من تي هينئر ڳوٺ ٻڏي وڃڻ واري ڪيفيت
طاري ڪانه هئي. کين يقين هو ته هو پنهنجون جايون
مڙيوئي بچائي وجهندا، مگر پوکن جي ٻڏڻ وارو ڀؤ
اڃا به سندن دلين تي ڄميل هو. گاهه پَٺو ڪٿان
ايندو؟ ... مال ته بکن ۾ مري ويندا.. گزر سفر
ڪيئن ٿيندو؟ .. انهن ڳاراڻن ۾ هرڪوئي پئي ڳريو.
سُڃن سکڻن لاءِ ته کڻي سڀ سڻائي هئي. نه هنڌ نه
کٽولو نه رلهي نه گودڙي، نه ٻڪري نه ٺڪري.. بوڇڻ
ڪلهي تي رکيو پيا اوطاقن ۾ حقا پيئڻ. تڏهن به
اداس ۽ اُٻاڻڪا هئا. اوطاقون ڊهي پونديون ته هو
ڪٿي ويهي قرب جون ڪچهريون ڪندا؟ ... ويڙها ويران
ٿي ويندا ته باقي ڇا رهندو؟ راتين جون رهاڻيون هو
ڪٿي ڪندا؟ هو ڪٿي ويهي دودي چنيسر ۽ سهڻيءَ
ميهار جون ڳالهيون ڳائيندا. هو ڪِٿي ويهي هڪٻئي
کي ڳجهارتون ڏيندا ۽ الغوزا وڄائيندا. مطلب ته هو
نفس هن نفسانفسيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو هو.
ڳوٺ جي ٻاهران سڙڪن تي ٻوڏ جي ٻڏلن ۽ سورن جي
ستايلن جا قافلا پئي گذريا . کٽن، هنڌن ۽ ٻين
سامانن سان سٿيل بيل گاڏيون رينگنديون پئي ويون.
اهو لڏپلاڻ جو سلسو روان ۽ دوان هو. ڪَچي جا
ٻُڏل ۽ مصيبتن جا ماريل ماروئڙا سِرن بچائڻ
لاءِ منتظر ۽ مجبور هئا.
ڳوٺ واري بند جو ڪم اڃا جاري هو، جوانن جا جذبا ڪي ٺريا ڪونه
هئا. متان پاڻي اچي بند سان ٽڪرجي ۽ سِم سيڪ کان
جاين ۾ ڏارون پون. انهيءَ ڪري بند جي پِيڙه وڌيڪ
مضبوط ۽ پختي ڪئي پئي ويئي. |