ميان صاحب 1910ع ۾ ڄائو. مختصر تعليم پرائي، 1923ع کان پريس
لائين اختيار ڪيائين. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي
مشهور هندو فنڪارن ۽ ماهرن جي زير تربيت، پريس جي
فن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. ميان صاحب نهايت محنتي ۽
اورچ ماڻهو هو، انڪري رات ڏينهن پنهنجي ڪم ڪار ۾
مشغول رهندو هو ۽ فضول ڪمن ڪارين کان هميشه پاسو
ڪندو هو. آخر تائين پنهنجي سادگيءَ ۽ وضعداريءَ تي
قائم رهيو. پريس جي ڪم ۽ گهرو مشغولين کانسواءِ
ٻيو ڪو به ڪم ڪار نه ڪيائين.
اوائلي زندگيءَ ۾ ”خاڪسار تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو ۽ مير الهه بخش
مرحوم ۽ مير علي احمد خان ٽالپر پارن ليڊرن سان
گڏجي ڪم ڪيائين. پاڪستان کان اڳ، آفتاب، ۽ باب
الاسلام، (تحريڪ خاڪسار جي هفتيوار اخبار) جو
ايڊيٽر رهيو. ”خاڪسار تحريڪ جي ڦهلائن جي سلسلي
۾ علامه مشرقيءَ جون ڪيئي تقريرون سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪرائي ڇپايائين. ان کان علاوه ٻيا به علمي ۽ ادبي
ڪتاب شايع ڪيائين، جن ۾ سندس ناول وڌيڪ پسند ڪيا
ويا، جن ۾سندس زندگيءَ جي عڪاسي موجود هئي. ان طرح
هڪ قومي خادم جي حيثيت سان، ”خلاف تحريڪ“ ۾ به حصو
ورتائين. ”خاڪسار تحريڪ“ سان، تحريڪ جي خاتمي
تائين وابسته رهيو.
1952ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ، پريس قائم ڪئي، تڏهن بورڊ جي
پهرين سيڪريٽريءَ محترم محمد ابراهيم صاحب جويي جي
مردم شناس نگاهه، ميان صاحب کي منتخب ڪيو، پاڻ
مسلسل ٽيويهن سالن کان بورڊ جي شاندار خدمت ڪندو
پئي آيو.
بورڊ جي ڪتابن ۽ خاص طرح سان وضعدار، محنتي، مخلص ۽ محنتي
انسان هو. سڀني سان نباهڻ سندس زندگيءَ جو مقصد
رهيو. کيس ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو
ويو. مرحوم ميان صاحب جي تدفين وقت شهر جي نامور
شخصيتن، اديبن، شاعرن پريس لائين جي ماڻهن ۽ پاڙي
جي معززن شرڪت ڪئي. ان طرح بورڊ جون آفيسون سندس
ڏک ۾ بند ڪيون ويون. ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“ پاران
ٺهراءُ پاس ڪري، سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش
ڪئي ويئي.
آخر ۾ دعا آهي ته رب ڪريم کيس مرهي ۽ سندس پسماندن ، عزيزن ۽
دوستن کي صبر جي توفيق عنايت فرمائي.غ.م.گ
مرحوم حافظ شاهه ”حافظ“ حسيني:
سنڌي اديبن لاءِ، اها خبر دل کي ڏک پهچائيندڙ
ٿيندي ته مرحوم سيد حافظ شاهه ”حافظ“ حسيني
ٽکڙائي، 10 مئي 1974ع تي، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
ٽکڙ جي مردم خيز سرزمين، علم ۽ ادب، دين ۽ سياست جي ميدان ۾، جي
جيّد عالم ۽ فقيہ ، شاعر ۽ اديب، قومي خدمت گذار ۽
سياستدان پيدا ڪيا آهن، تن جو مثال ملڻ مشڪل آهي،
سنڌي موزون شاعريءَ جي اوليت جو شرف به ٽکڙ کي
حاصل آهي، نور محمد ”خسته“ ۽ حافظ ”عالي“ جو
برجسته ۽ شسته ڪلام سنڌ ۾ موزون شاعريءَ جو
اوائلي نموني آهي. ان سلسلي ۾ ٽکڙ جي سادات
خاندان جا برصغير جي تاريخ ۾ ڪافي اثرات ملن ٿا.
سيد حافظ حاجي حڪيم ميران محمد شاهه اول، علامه
قاضي اسدالله شاه ”فدا“ حسيني، سيد حاجي محمد
”حافظ“ شاهه مرحوم سيد ميران محمد شاهه ”مير“
پنهنجي پنهنجي دور جا جليل القدر انسان هئا.
پهريون وڏو حڪيم، ٻيو وڏو عالم دين، ٽيون وڏو
شاعر ۽ چوٿون وڏو سياستدان هو.
مرحوم سيد محمد حافظ شاهه، ان سلسلي جو قابل تعريف فرد هو،
جنهن آخر تائين ٽکڙ جي تهذيبي ۽ علمي روايت کي
زندهه رکيو. سندس ضمير ۽ خمير ۾، ٽکڙ جي نجات ۽
شرافت، لفاست ۽ لطافت، محبت ۽ اخلاص، قرب ۽ شفقت
جا مڙيئي جوهر جمع ٿيا هئا. حافظ شاهه مرحوم ٽکڙ
جي روايت جي کويا زندهه تصوير هو. يارن جو يار،
وفاشعار ۽ وفادار، جهڙو مشڪل ملندو، پنهنجن ۽
پراون سان سندس لڳ لاڳاپا، هڪ شفيق دوست وارا
رهندا آيا. ڪنهن سا نه ڦٽايائين. هر ڪنهن جي خدمت
ڪيائين، هر ڪنهن سان اخلاق ۽ محبت جو پيوند
ڳنڍيائين، ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين، سندس قلب
سليم، مزاج لطيف، گفتگو سنجيدي ۽ ملائم ڪردار
بيداغ سراسر سون هو. وٽس نه ٻيائي هئي ۽ نه وڏائي
هئي.
مرحوم حافظ شاهه جي والد جو نالو سيد الله بخش شاهه هو، جو
پنهنجي دور جو رڄ چڱو مڙس، صاحب مطالعه سياستدان ۽
باشعور انسان هو. برصغير جي مشهور سياستدان مرحوم
سائين ميران محمدشاهه صاحب ”مير (وزيرمملڪت
پاڪستان) جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس وڏو دخل هو.
حافظ شاهه مرحوم جي تربيت به پنهنجي والد بزرگوار
جي نظر داريءَ هيٺ ٿي ان طرح حافظ شاهه مرحوم جو
ڏاڏو ، برصغير هند و پاڪ جو وڏو عالم۽ فقيہ، صوفي
۽ سياستدان حضرت علامه اسدالله شاهه ”فدا“ حسيني
هو، سندس شمار ”خلافت تحريڪ، جي پيشرو اڳواڻن ۾
ٿيندو هو. علمي حيثيت موجب ”بهار الاخلاق“ رسالي
جو ايڊيٽر هو. بهار الاخلاق“ سنڌي ادب ۾ قدامت جي
لحاظ سان وڏو مقام رکي ٿو.
حافظ مرحوم جو نالو سيد حاجي محمد ”حافظ“ شاهه پنهنجي دور جو
يڪتائه روزگار ڪافي گو شاعر هو، سندس دلسوز ڪلام
”پيغام غمگسار“ جي نالي، ڊاڪٽر حسين صاحب جو
ترتيب ڏنل شايع ٿي چڪو آهي.
حافظ شاهه مرحوم 22 فيبروري 1923ع ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم ۽
تربيت پنهنجي گهر کان شروع ٿي. مشهور شاعر حافظ
”دلگير“ وٽ ٻه سال کن ديني تعليم حاصل ڪيائين، چئن
درجن کان پوءِ حيدرآباد اڪيڊمي هاءِ اسڪول ۽
نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان
ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ 1951ع ۾ بي. اي آنررز) ۽ ايل
. ايل.بي پاس ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت شروع
ڪيائين.
حافظ شاهه مرحوم، وڪالت سان گڏ علم و ادب ۽ شعر وشاعريءَ جي
خدمت به ڪندو آيو، ان سلسلي ۾ ”اداره سنڌي ادب“
ٽنڊو محمد خان، سندس سرپرستيءَ ۾ ڪافي تعداد ۾
ڪتاب ڇپايا.حافظ مرحوم جا ترجمو ڪيل ڪتاب،
”تباهي“، ”ائين زندگي“ ۽ ”داستان غم“ به ان
اداري جا شايع ڪيل آهن.
حافظ شاهه نه فقط ڪامياب وڪيل هو، پر ان سان گڏ هڪ سٺو نثر
نگار ۽ شاعر پڻ هو. سندس نثر رنگين، مرصح دلڪش ۽
پخته آهي۽ سندس عبارت ۾ سلامت ۽ ميٺاج آهي. سندس
شاعري به فني لحاظ سان تعزيف جي قابل آهي، سندس
اڪثر ڪلام ’مهراڻ‘ ۽ سنڌ جي رسالن ۾ شايع ٿيندو
آيو آهي.
صحافي ادب ۾، سندس ايڊٽ ڪيل رسالو ”لطيف“ هڪ عمدو يادگار آهي،
جو ڪراچيءَ مان شايع ٿيو.
شاهه صاحب هڪ مخلص ۽ محنتي ماهر قانون جي حيثيت سان به وڏي
ڪاميابي ۽ شهرت حاصل ڪئي، آخر تائين ڪيترن اهم
ادارن جو قانوني مشير پڻ رهندو آيو.
مرحوم حافظ شاهه حسينيءَ جي ذات ٽکڙ جي روايات جو گويا عمدو
يادگار چئي سگهجي ٿي. اسان هن صدمي جانڪاهه ۾،
سندس عزيزن ۽ قريبن، خاص طرح سان سندس ڀائرن ڊاڪٽر
سيد اسدالله شاهه الحسيني، چيئرمن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ،
۽ جناب سيد شبير ”هاتف ڊئريڪٽر نئشنل بوڪ
فائونڊيشن، سان اظهار تعزيت ڪندي،ڏک جو ڪريون ٿا.
دعا آهي ته رب ڪريم مرحوم کي مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن
پسماندگان، فرزندن ۽ عزيزن کي صبر جميل جي توفيق
عنايت فرمائي آمين غ. م . گ.
ثقافتي سرگرميون
·
انور هالائي
سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪراچي
(13_اپريل 1974ع)
ڪراچي، ايشيا جي راڻي، سنڌ جو دارالحڪومت ، بين الاقوامي شهرت
جوعظيم مرڪز ڪراچي، سنڌ جي سهڻي لطيف جي ڪراچي،
مورڙي ميربحر جي جراّت جو يادگار ڪراچي، ايشيا ۾
اسلامي آمد جي پهرين منزل ڪراچي، ايشيا، جي
تاريخ ۾ عظمت جو نشان ڪراچي، جنهن جي جهوليءَ ۾
ڪيترين ئي آرزوئن ۽ تمنائن جا حسين گل ٽڙيا ۽ ڪو
مائجي ويا، جنهن ڪراچيءَ، تاريخ جا سوين صدما
سٺا ۽ ڏک ڏٺا، پر وقتاً فوقتاً پنهنجي اهميت ۽
انفراديت کي قائم رکندي پيئي اچي، ان ئي ڪراچيءَ
۾، شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جي زير اهتمام
ملهايل، سنڌي ادبي ڪانفرنس، ان عظيم جذبي جو نتيجو
هو، جيڪو ون يونٽ کان پوءِ دٻيل هو ۽ جنهن کي
جاڳائڻ لاءِ، ڪنهن حساس شخصيت جي ضرورت هئي ۽ ان
سان گڏ هڪ منظم تحريڪ جي ضرورت هئي . جنهن ذريعي
نه فقط مردهه دلين ۾ روح ڦوڪي، کين زنده بنائي
سگهجي بلڪه، ان شهر ڪراچيءَ ۾ ”لطيف“ جي ان فڪر
جي ترجماني پڻ ڪئي وڃي، جنهن کي لطيف سائين پنهنجي
دور ۾ عوامي بنائي ڇڏيو هو. لطيف نه فقط احساس ۽
جذبن کي پيدا ڪيو آهي، بلڪ صحيح طور تي انهن جي
ترجماني پڻ ڪئي آهي. ۽ پنهنجي قوت اظهار جي اثر
سان توڙي هڪ آدرشي مصلح جي حيثيت سان، پنهنجي قوم
بلڪ پوري انسانذات لاءِ هڪ عظيم پيغامبر پڻ بنجي
چڪو هو.
ڪراچيءَ جي سڀني رهاڪن ۾ ڪشش ۽ بيتابي پيدا ڪرڻ واري شخصت
پروفيسر الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه آهي، جيڪو
سنڌڙيءَ جو سپوت آهي، جنهن جون علمي ۽ ادبي خدمتون
وسارڻ جوڳيون نه آهن. شاهه صاحب، ڪراچيءَ ۾ ”شاهه
لطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ نالي هڪ ادبي جماعت جو
بنياد وڌو، جنهن جو چيئرمن پاڻ آهي ۽سندس ميمبر
آهن: ڊاڪٽر محمود حسين، ڊاڪٽر رياض الاسلام ،
ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، ڊاڪٽر جي . ايڇ مهڪري
ڄام امير علي خان، سراج الحق ميمڻ، دولت مهتاڻي
ڊينگومل رامچنداڻي، نورالدين سرڪي، مسز گل
مينوالا، پروفيسر نعيمه سلطانه بيگم ۽ جنرل
سيڪريٽري مظهر يوسف آهي. هن سوسائٽيءَ جو بنياد
انهن مقصدن تي رکيو ويو آهي ته جئن شاهه لطف جي
عظيم فلسفي کي فروغ ڏيئي، ان کي پاڪستان توڙي دنيا
جي ٻين رهواسين تائين پهچائي سگهجي. ۽ لطيف جي
زندگيءَ تي صحيح تحقيق ۽ سندس ڪلام جي صحيح ترتيب
ڏني وڃي. ۽ ان سلسلي ۾ سيمينار، سمپوزيم، ورڪشاپ ۽
هڪ عوامي لئبرري قائم ڪئي وڃي.
سنڌي ادبي ڪانفرنس، جيڪا ويهن سالن جي طويل جمود ۽ خاموشيءَ
کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي رهي هئي، ان ۾ حصي
وٺڻ لاءِ فقط ڪراچيءَ جي سڀني طبقن جا رهاڪو، پر
سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو وڏو اشتياق ۽ چاهه ڏيکاري
رهيا هئا. 13 اپريل 1974ع شام هن ڪانفرنس جو
افتتاح سنڌ جو زويراعليٰ“ جناب غلام مصطفيٰ خان
جتوئي ڪري رهيو هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارين
ماڻهو، هن عظيم الشان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جوق درجوق
سنڌ مدرسہ السلام جي تاريخي عمارت ۾ ڪٺا ٿي رهيا
هئا. ماڻهن جو هڪ سمونڊ هو جو ڪانفرنس ۾ سمائجي
نٿي سگهيو، ماڻهن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هو.
مقرر وقت تي وزيراعليٰ سنڌ جناب غلام مصطفيٰ شاهه،
وزيراعليٰ ۽ ٻين معزز سامعين جي آڌرڀاءُ ڪندي چيو
ته ”شاهه لطيف هن سر زمين جو سردار، نه فقط شاعر
هو، پر هن سرزمين جو روح ۽ مضبوط ڍال به آهي“.
جناب غلام مصطفيٰ خان جتوئي، پنهنجي افتتاحي تقريب
۾ شاهه صاحب طرفان ڪيل ان مطالبي سان اتفاق ڪيو ته
”ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي، تاريخي ثقافتي ۽ معاشرتي
روايتن جو سينٽر قائم ٿيڻ گهرجي.“
هن چيو ته سنڌي ثقافت ۽ روايتن کي زنده ڪرڻ لاءِ هو ضروري ڄاڻي
ٿو ته حيدرآباد ۾ سنڌي پروگرامن لاءِ جدا ٽيليويزن
اسٽيشن قائم ٿيڻ گهرجي. پڇاڙيءَ ۾ سوسائٽي جي
اعزازي سيڪريٽري مسٽر مظهر تقرير ڪئي ۽ شاهه لطيف
ڪلچرل سوسائٽي جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ شريڪ ٿيل
عالمن ۽ اديبن جوشڪرو ادا ڪيو.
(تقريرن جو مڪمل متن جدا ڏنو ويو آهي).
محفل موسيقي: رات جو سنڌ مدرسي هال ۾ ، هڪ عظيم الشان محفل موسيقي منعقد ٿي،
جنهن ۾ سنڌ جي شوقيه فنڪارن کان سواءِ، ريڊيو ۽ ٽي
ويءَ جي فنڪارن محمد ابراهيم، محمد جمن، فقير
عبدالغفور، سليمان شاهه، زرينه بلوچ ۽ ٻين حصو
ورتو. هيءَ محفل ڀنڀرڪي تائين جاري رهي، جنهن جو
تاثر ڪراچيءَ جي شهرين جي ذهنن تي تا عمر رهندو .
ڪتابن جي نمائش: ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن 14_ اپريل صبح جو ڏهين وڳي سنڌ سينٽر ۾
سنڌي ڪتابن ۽ هنري نمونن جي ڏيک جو افتتاح ، سنڌ
جي تعليم ۽ ثقافتي معاملن واري وزير مسٽر پيار علي
الانا ڪيو، هن چيو ته ”سنڌي ادب کي وڌائڻ ۽ هنرن
کي ترقي ڏيارڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ سنڌي اديبن ۽
هنرمندن کي، حڪومت سان تعاون ڪرڻ گهرجي.“ هن چيو
ته ”سنڌ کي قديم زماني کان وٺي فن ۽ هنر ۾ جيڪو
مقام حاصل آهي، اهو سنڌي عوام اڄ سوڌو برقرار
رکيون اچي ٿو. سنڌ ۾ هنرن لاءِ جيڪو چاهه ۽ پيار
آهي، ان سنڌ کي ناميارو بنايو آهي.“ |