سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :18

مسٽر الانا موهن جي دڙي کان وٺي سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، رسمن رواجن، فن ۽ هنرن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته اهو قديمي ورثو اسان جي عوام لاءِ فخر جو باعث آهي.“ هن چيو ته ڀرت جو ڪم سنڌي زالن جو بيمثال خزانو آهي، جن ۾ رلي، سوسي، گربي، کيس ۽ اجرڪ اهي قديم نمونا آهن، جيڪي هن جديد دور ۾ به ساڳيءَ طرح ئي زنده آهن.“

ڪراچي ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي منعقد ٿيل ڪتابن ۽ ڪخطوطن جي نمائش ۾ جناب علي الانا سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال تي بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر غلام الانا ربانيءَ سان سنڌي مخطوطن بابت گفتگو ڪري رهيو آهي. مسٽر الانا ٻڌايو ته عنقريب سنڌ سرڪار طرفان سنڌ بابت هڪ عظيم الشان ڪانفرنس ڪاٺائي ويندي جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن جا عالم به شريڪ ٿيندا ۽ سنڌ بابت تحقيقاتي مقالا پيش ڪندا.

ٻي نشت:

ادبي ڪانفرنس  جي ٻي نشست، منجهد جو سنڌ مدرسي هال ۾ سنڌ جي برک اديب ۽ دانشور پير حسام الدين  راشديءَ  جي صدارت هيٺ منعقد ٿي، ان ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن، تاريخ ۽ ادب جي موضوعن تي مقالا ۽ مضمون پڙهيا. انهن ۾ پير حسام الدين راشدي،  مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڪريم بخش خالد ، مسز ممتاز راشدي، ڊاڪٽر ميڪهري، سيد سبط حسين ۽ ٻين اديبن حصو ورتو.

محفل مشاعره:

ساڳئي ڏينهن رات جو 9 بجي سنڌ مدرسي  جي وسيع ميدان ۾ لڳايل پنڊال ۾ هڪ محفل مشاعره منعقد ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ جي عظيم شاعر ۽ اديب مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ  جن کي ڪرڻي هئي، پرپاڻ اسلام آباد  اسيمبلي اجلاس ۾ مصروف هجڻ ڪري اچي ڪونه سگهيا ان ڪري مشاعرو سنڌ جي محقق ۽ دانشور مولانا غلام مصطفي قاسميءَ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. سيڪريٽريءَ جا فرائض اياز قادريءَ  بجا آندا مولانا صاحب پنهنجي تقرير  ۾ چيو ته ”سنڌي زبان جي شاعرن  نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ  جي خدمت ڪئي آهي پر هتي جي علمي حيثيت  کي سنڌ کان ٻاهرين ٻولين جي ممتاز شاعرن پڻ تسليم ڪيو آهي.“ هن مشاعري  ۾ اٽڪل 80 کن شاعرن حصو ورتو، جن ۾ ڪن اُردو دان شاعرن پڻ پنهنجا سنڌي ڪلام ٻڌائي پنهنجي محبت  ۽ سچائيءَ جو ثبوت ڏنو. هن مشاعري ۾ ’مومن‘ مليرائي، ’ظفر‘سيوهاڻي، شرف  الدين، معمور،  يوسفاڻي، عبدالله .’ائر‘ محمد خان ’غني‘ ’منظور‘ نقوي، امداد حسيني،  پروانو“ ڀٽي، علي محمد خالدي، ساجد صوفي، ”امير“ قريشي، محمد هسن ”ساز“، محمد جمن  ’هالو‘ شمشيرالحيدري، قمر شهباز، بردوسنڌي، سرويچ سجاولي، سروپچندر شاد، زيب ڀٽي، رحيم بخش ’قمر‘، فقير جمالي،”خاڪي“ جويو،           ارشاد‘ رشيد .ارشد، ’انور‘ پيرزادي، ڊاڪٽر حسيني ۽ ٻين حصو ورتو. اهڙيءَ طرح هي يادگار ڪانفرنس رات جو 3 بجي  پوري ٿي.

ٺهراءَ:

هيٺيان ٺهراءَ مسٽر غلام رباني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ  جي ماتحت مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ  تياري ڪيا، ۽ ڪانفرنس  ۾ مسٽر غلام ربانيءَ  صاحب پاڻ پيش ڪيا، جي متفقه طور پاس ڪيا ويا.

1_ سنڌي  ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس، سنڌ جي وڏي وزير جناب غلام مصطفيٰ جتوئي جي اعلان تي وڏي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿي. جنهن ۾ هن سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ورثي  جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ حيدرآباد ۾ هڪ ٽيليوزن اسٽيشن قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي.

هيءَ ڪانفرنس انهيءَ ڳالهه تي به جناب جتوئي  صاحب جي شڪر گذار آهي، ته هن شاهه عبداللطيف  ڪلچرل سوسائٽيءَ کي پنهنجي سرڪار پاران، هر ممڪن سرپرستي ۽ مدد جي آڇ ڪئي آهي. ۽ ”شاهه هائوس“ ۽ سنڌي اديبن  ۽ دانشورن جي لاءِ هڪ  ڪلب جي قيام لاءِ مدد جو اعلان ڪيو آهي.

2_ هي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ايراني حڪومت جي شڪرگذاري آهي ته هن سنڌ جي ممتاز اديب ۽ محقق  پير حسام الدين راشديءَ کي سندس  علمي خدمتن تي ڊاڪٽر جي اعزازي ڊگري ڏني آهي.

ڪانفرنس  هن اعزاز کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ فخر سمجهي ٿي ۽ اُميد رکي ٿي ته پاڪستان جون ٻيون يونيورسٽيون  پڻ انهيءَ سهڻي مثال جي پيروي ڪري مشهور ۽ ممتاز اديبن کي اهڙي قسم جا اعزاز ڏينديون .

3_ هيءَ ڪانفرنس سنڌ سرڪار کي گذارش ڪري ٿي ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سالياني  گرانٽ  95 هزار رپين مان وڌائي  پنج لک رپيا ساليانو ڪري، ته جيئن هن ممتاز  ادبي اداري کي مالي مشڪلات کان نجات  ملي سگهي.

هيءَ ڪانفرنس  انهيءَ ڳالهه تي افسوس ڪري ٿي ته سنڌ جي وزير جي حڪم ڏيڻ کان پوءِ به مالي کاتي جي عملدارن  انهيءَ مسئلي  کي اڃا نظرانداز ڪيو آهي.

4_ هي ڪانفرنس  سنڌ سرڪار کي پُرزور اپيل ڪري ٿي ته ون يونٽ جي دوران سنڌي ادبي رسالن، روزنامن، مخزنن ۽ ڪتابن تي وڌل  بندش هٽائي وڃي.

ڪانفرنس سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير جناب ممتاز علي ڀٽي جي ڏنل خاطريءَ جي يادگيري ڏياري ٿي جا هن لاڙڪاڻي واريءَ سنڌي ادبي ڪانفرنس  ۾ هڪ موڪليل اعلان وسيلي ڏني هئي، ته اهڙن  رسالن ۽ ڪتابن تان پابندي ختم ڪئي ويندي ته جيئن ملڪ ۾ صحتمند، تعمير جمهوري پاليسين ۽ روايتن کي زنده رکي سگهجي.

5_ سنڌي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس سنڌ سرڪار کي گذارش ڪري ٿي ته شاهه عبداللطيف  ڀٽائيءَ جي درگاهه تي صدين کان وٺي اڄ تائين شاهه جو ڪلام جنهن طرز ۾ ڳايو وڃي ٿو. انهيءَ  کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺي .

ڪانفرنس انهيءَ ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪري ٿي ته انهيءَ طرز جو هاڻي فقط هڪ ماهر جناب غلام شاهه وڃي بچيو آهي، جنهن جي صحت وڏيءَ ڄمار  ڪري روزبروز خراب ٿي رهي آهي ۽ انڪري انديشو آهي ته اڃا به ڪجهه وقت   گذرڻ بعد، هو صاحب مورڳو ڳائڻ جهڙو نه رهي سگهي انهن حقيقتن جي پيش نظر هيءَ ڪانفرنس سنڌ سرڪار کي گذارش  ڪري ٿي ته جناب غلام شاهه جي آواز ۾ ڳايل  سڄو شاهه جو رسالو ٽيپ رڪارڊنگ وسيلي محفوظ ٿي ته جناب غلام شاهه جي آواز ۾ ڳايل سڄو شاهه جو  رسالو ٽيپ رڪارڊنگ وسيلي محفوظ ڪيو وڃي ۽ اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن عظيم ثقافتي  ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

6_ هيءَ ڪانفرنس  سنڌ جي شاعرن ، اديبن ۽ صحافين  جي گرفتاريءَ  تي ڏک جو اظهار ڪري ٿي. اها ڳالهه اظهار  گفتگو  ۽ آزادي جي منافي آهي.

هيءَ ڪانفرنس اهو محسوس ڪري ٿي ته سرڪار، هيءَ ڪاروائي ڪن مڪاني انتظاميه جي غلط سلط رپورٽن تي ڪئي هوندي.

ڪانفرنس کي پوري اُميد آهي ته اعليٰ  اختياريءَ  وارا هن معاملي جي سڄي پس منظر تي ويچار ڪندا ۽ نظربندن جي فوري طرح رهائيءَجو حڪم ڏيڻ فرمائيندا.

7_ هيءَ ڪانفرنس  سنڌ سرڪار کي پُرزورگذارش  ڪري ٿي ته سنڌ ۾ وفاقي  حڪومت جي ماتحت  خودمختيار  ۽ نيم خودمختيار ادارن جنهن ۾ ريڊيو، ٽيليويز نيشنل پريس ٽرسٽ ۽ ايسوسي ائٽيڊ  پريس آف  پاڪستان به شامل آهن، تن ۾، ڳوٺاڻي ۽ شهري ڪوٽا جي مطابق سنڌ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

ڪانفرنس  انهيءَ ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪري ٿي ته جڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي ضابطي هيٺ سمورن خودمختيار ۽ نيم خود مختيار ادارن جي تمام ڪيڊرن ۽ سروسز ۾ 19 سيڪڙو ڪوٽا سنڌ جي لاءِ مقرر ڪئي آهي، ته پوءِ انهيءَ تي عمل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي.

 

 

الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي استقباليه تقرير

نحمده ونصلي عليٰ رسول الڪريم وعليٰ آلہ واصحابہ اجمعين.

سائين غلام مصطفيٰ خان جتوئي صاحب ۽ عزيزو، توهان اسان تي وڏي ڪرم نوازي ڪئي آهي، جو اسان جي ”شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، جي دعوت تي تڪليف وٺي  اسان وٽ  آيا آهيو. بي سرو سامان وارن جي دعوت  قبول ڪرڻ، وڏي قرباني ۽ همٿ جو ڪم آهي ۽ وڏو جس لهڻي. اسان توڪل جو ترهو ٻڌي هي انتظام ڪيو آهي، الله سائين پار ڪندو. اهي بزرگ اديب، شاعر ۽ فنڪار جيڪي اسان جي دعوت تي ٻاهران آيا آهن، انهن جا اسين اڃا به مشڪورآهيون. اميد آهي ته اسان جون سڀ ڪوتاهيون معاف ڪري، سڀني اوڻاين کي اسان جي جذبي جي قدر سان ڏسندا . هن پروگرام  ۾ جن به مردن ۽ عورتن ، بزرگن ۽ نوجوانن، ڇوڪرن ۽ نياڻين  حصو ورتو آهي، اسين انهن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. آءٌ  خاص طرح سنڌ مدرسي  جي هيڊ ماستر  ۽ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج جي پرنسيپل ۽ ڪراچي جي نوجوان استادن جو مشڪور آهيان جن هيڏي جفاڪشيءَ کان ڪم ورتو آهي، اسين سندن ٿورائتا آهيون.

عزيزو: هن وسعت ۽ پيماني تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس، مشاعري جو پروگرام، موسيقي، نادرات ڪتابي ۽ ثقافتي  نمائش جو انتظام ڪرڻ ڪافي دشوار  مسئلو هو. اهو سڀ اسان جي سوسائٽيءَ  جي مخلص ميمبرن جي همت  افزائي ۽ تعاون سان ڪيو ويو آهي. 1947ع کان پوءِ هن قسم جي ڪانفرنس  يا هن معيار جو پروگرام يا گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ نه ڪئي ويئي  آهي. گذريل 27 سالن کان پوءِ هن قسم جي مجلس سنڌ جي عظيم درسگاهه ۾ اسين ڪري رهيا آهيون . اهو به قدرت جو ڪرشمو آهي. گذريل 27 سالن ۾ هي پهريون هن قسم جو خطبو هيترن  ۽ ههڙي قسم جي بزرگن ۽ نوجوانن جي اڳيان پيش ڪيو پيو وڃي. اسان کي اميد آهي ته اسين يا ٻيا ڪي هن ڏس ۾ اڃا به وک وڌائيندا ۽ روايتن کي مضبوط  بنائڻ جي ڪوشش ڪندا.

عزيزو: آءٌ اهو لازمي سمجهان ٿو ته اسان جي سوسائٽي متعلق  ڪجهه ذڪر ڪريان. چند مهينا  ٿيندا ته اسان جو جوشيلي سيڪريٽري اسان مان ڪن جي، اهڙي اداري جي آغاز لاءِ ننڊ حرام ڪري ڏني. اسان سڀني  نجات جو هڪڙو ئي طريقو  ڏٺو جو سوسائٽي جي رجسٽريسن لاءِ سڀني  ميمبرن  جلد دستخط ڪيا. ان کان پوءِ وري  اسان سڀني لاءِ طوفان جاري رهيو. جيسين پهرين گڏجاڻي منهنجي گهر  ڪراچيءَ  ۾ گهرائي سون ۽ ان سان فور گڏ سيڪريٽري صاحب وڏي مزي، اخلاص ۽ نفاست سان هي سڄو پروگرام اسان جي جهول ۾ وجهي ڇڏيو. خوشيءَ جي ڳالهه فقط اها هئي، جو سوسائٽي ءَ جي ‎ٺهڻ ۽ انهيءَ  جي مشتهر  ٿيڻ سان، ائين محسوس  ڪيو ويو ته ڪراچيءَ  جو شهر هن قسم جي اداري  لاءِ منتظر  هو. ڳالهه فقط اها هئي ته ڪير ٿو شروع ڪري. مون کي وڏي  تقويت حاصل ٿي، انهن بزرگن جي جي شموليت سان، جن جا نالا، هن قسم  جي سرگرمين  ۽ احساس ۾، ڪراچيءَ  لاءِ آءٌ تاريخي سمجهان ٿو. مون ڏ‎‎ٺو ته مخلص ڪارڪنن  جي وچ ۾ ماٺ ڪري ويهڻ چڱو ۽ شانائتو نه هو. ڊاڪٽر محمود  حسين جي شفقت ۽ صلاح  مشوري جي خوش نصيبي،  ڊاڪٽرمهڪريءَ جي علم ، دوستي ۽ تدبر، محترم دولت مهتاڻي جو ديرينه ۽ فياضانه سلوڪ، محترم سراج ميمڻ جي نوجوان همٿ محترم نورالدين  سرڪيءَ جي ادب  ۽ معاشري جي ارتقا ۾ دلچسپي، محترمه گل مينوالا جو صوفيانه اخلاص محترمه نعيمه سلطانه جو خاموش جوش ۽ محترم  مظهريوسف جي ڀڀڪندڙ شخصيت ۽ ٻين ڪيترن دوستن جي همت افزائي مون لاءِ  ٻيو ڪو به چاڙهو نه ڇڏيو ۽ هن ڪانفرنس گهرائڻ جو انتظام ڪيوسين.

آءٌ حڪومت سنڌ جي نوجوان ۽ بزرگ ڪارڪنن جو مشڪور آهيان. جن جون دعائون اسان کي نصيب ٿيون، باقي امداد  جي تقاضا هن کان پوءِ. خيال اهو رهيو آهي ته پهرين پاڻ کي مستحق ثابت ڪريون ته پوءِ لهڻو ۽ پنڻ جوڪم شروع ڪريون. اسان جي اميدن جي انتها  آسمان  تائين آهي. اسان جي گودڙيءَ  ۾ جيڪي پوندو، سو اسان جي اکين تي.

سائين جتوئي صاحب، هن جماعت جو نالو اسان شاهه عبداللطيف ڪلچر سوسائٽي ان ڪري رکيو جو اسان جون شاهه ۽ شاهه جي نالي سان سڀ امنگون وابسته آهن. شاهه عبداللطيف  اسان جي احساسات ۽ جان جو مالڪ آهي. شاهه صاحب هن زمين   جو سردار ۽ مضبوط  ڍال  آهي. ڀٽائي گهوٽ فقط  شاعر نه ، مگر هن زمين جو علمبردار ۽ دعاگو رهبر آهي. ڀٽائي  جو شعر صوفيانه ثقالت کان پري آهي. ڀٽائيءَ  جو شعر سنڌي ننڍي  ۽ وڏي جي، مرد يا عورت جي تمنائن جو نچوڙ ۽ ان جي ترجماني آهي. شاهه صاحب کي جڏهن فقط صوفي شاعر سڏيو، سمجهيو يا ليکيو ويندو آهي ته آءٌ انهن ماڻهن جي ڪم علمي ۽ ناقدري جو اندازو لڳائيندوآهيان. شاهه صاحب  جي ڪلام ۾ صوفيت  ۽ شريعت  جو ميلاپ ايترو  آهي، جيترو  قرآن ۾. شاهه جو شعر  قرآني زبان جي عبارت  ۾ لکيل  آهي. قرآني  نثر آلاپ سان  پڙهي سگهجي ٿو ۽ شاهه جو ڪلام به شاهه صاحب جي شعر ۾ مبالغي جو ۽ غير فطري شعر جو هڪ قطرو به نه آهي. شاهه صاحب ڪو به اهڙو واقعو  اهڙو ڪو به انساني جذبو  ۽ دل جي اميد پنهنجي زبان  تي نه آندو آهي، جيڪو ممڪن نه هجي ۽ جنهن جو تعلق  صرف عالم خيال سان هجي. شاهه جو شعر صوفين جي خمار کان پري آهي. شاهه صاحب جي شعر جي لفظن، ستل قوم کي اٿاري  بيهاري ڇڏيو. صوفي شاعرن جو ڪلام لڏڻ ،لمڻ، مستي ۽ مدهوشيءَ  جو ڪلام آهي. شاهه صاحب جو ڪلام فلڪ شگاف درد جي پڪار ۽ نعرن جو ڪلام آهي. اهڙي بزرگ کي فقط صوفي چئي ختم ڪرڻ سندس توهين ۽ ان جي عظمت لاءِ ناقدري ۽ بي خبري ۽ بي عمليءَ  جو ثبوت  آهي. شاهه صاحب کي صرف صوفي سڏڻ جهالت جو انڪشاف آهي.

عزيزو: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ  جي شعر ۾ پروردگار  سان صوفين واري گستاخي نه ملندي. شاهه صاحب اهو هڪ ئي شاعر آهي جو فسلفي  آهي ۽ انقلابي مزاج جو حامل آهي، جنهنجي لفظن ۾ عوام جو روح ۽ جذبو  ملندو، جنهنجي لفظن ۾ غرور ۽ تڪبر  کي ڪا به جاءِ  نه آهي. ڀٽائيءَ جو شعر دعا لئڙت، نياز ۽ ٻاڏائڻ  جو شعر آهي. شاه صاحب اهو واحد شاعر  آهي جنهنجي قول ۽ فعل جي حياتيءَ ۾ فرق ۽ تفاوت ملندوشاهه صاحب ان باري تعاليٰ جي درگاهه کان سواءِ ڪنهن به دنيوي  طاقت اڳيان سر نه نمايو، نه حاڪمن جو خيال ڪيو ۽ نه انهن کان ڪا توقع ڪئي اهي، هن ڀٽ جي بادشاهه ڏاڍن  کي به ڏاري وڌو .

سائين جتوئي صاحب ۽ عزيز اسان جي هن سوسائٽي کي قائم ڪرڻ سان اصل مقصد هي آهي ته ڪراچي جي شهر ۾، جو سنڌ جي جسم  ۽ جان جو  حصو آهي سنڌ جي دارالحڪومت آهي، جنهن ۾ قائد اعظم مرحوم ڄائو ۽ نپنوهو ۽ جنهن ۾ هو آخري سڪون پائي رهيو آهي، جنهن کي پاڪستان جي دارالحڪومت جو شرف حاصل رهيو، جنهن جي زمين وڻ ۽ هوا سنڌ جو حصو آهن، جيڪو پاڪستان  ۾ وڏو ۾ وڏو شهر آهي، جنهن جي تاريخ ۾ پيشاني تي  جديد ۽ قديم جو عجيب امتزاج آهي اتي هڪ شايانشان سنڌ ۽ پاڪستان جي خوش نصيبي ۽ بلندي  لاءِ هڪ سينٽر ٺاهيو وڃي جيڪو اسان جي ادبي تاريخي ثقافتي  ۽ معاشر تي روايتن ۽ خوبين جو گهر هجي.

سائين جتوئي صاحب  توهان تي، سنڌ تي ۽ پاڪستان تي اهڙي اداري ٺاهڻ جو فرض آهي. الله سائين توهان کي سنڌ جي چڱين روايتن ۽ اخلاص جو حامل بنايو آهي. ڪراچي شهر جي سنڌ جي دارالحڪومت جي اهميت ۾ هن سينٽرجو قيام وڏو اضافو ڪندو. آءٌ حيران ٿيندو آهيان، جڏهن پڙهيل لکيل طبقي کي  ابن خلدون ۽ پروفيسر بڪل جي فلسفي کي نظرانداز ڪندي ڏسندو آهيان. هي سينٽر اسان جي هن معاشري جي رهبري ۽ ترقي ۽ فخر جو مرڪز هوندو.

عزيز،  منهنجي بزرگ دوست ڊاڪٽر محمد  حسين جي چوڻ مطابق ڪراچي شهر ۾ هڪ يا ٻه نه مگر ڪيترا علمي ادبي ۽ ثقافتي ادارا هئڻ گهرجن مون کي اها به خوشي  آهي ته اسان جي هن ڪوشش کي ڏسندي مون کي اندرون سنڌ مان ڪيترن دوستن لکيو آهي ته کين اجازت  ڏيو ته هن سوسائٽي جون سنڌ جي ٻين شهرن ۽ جاين تي شاخون ٺاهين . آيا، اسين ايڏي ڪم ۾ هن وقت هٿ وجهي سگهنداسون، ان جو فيصلو اسان جي سوسائٽي  ڪندي في الحال  هن مرحلي مان گذرياسين ته لک کٽياسين.

اسان جي واسطي اهو ضرور آهي ته اسين پنهنجي هن سوسائٽي کي مستحڪم ۽ پائدار ڪريون اسان کي ڪراچي شهر مان خاص طرح ۽ سنڌ مان ٻين هنڌان هميشه امداد جي اميد رهندي. ڪراچي شهر کي الله سائين دل ۽ هن قسم  جي ادارن جي اهيمت جو احساس ڏنو آهي ۽ ڪراچي جي ماڻهن کي ثروت عطا ڪئي آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ڪراچيءَ  جا فياض دل رکندڙ ۽ وسعت رکندڙ بزرگ اسان جي هن ڏس ۾ مدد ڪندا . اسان يقيناً  حڪومت ۾ وڏي توقع رکون ٿا ۽ انهن کان مدد گهرنداسين ۽ اسين ان جا مستحق آهيون مگر اسان پنهنجي معاشري جي خوشحال طبقي جي امداد ۾ هميشه اميد رکنداسون. هن ڪانفرنس  جو سڄو ڪم ننڍي پيماني تي ڪراچي جي بزرگن جي اخلاص  جو نتيجو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com