شڪار جا طريقا:
پهريون آهي بندوق سان شڪار: جڏهن ڪارو تتر بنڊ تي يا ڪنهن
مٿاهين بند تي چڙهي موج سان ٻوليندو آهي، ان وقت
توبچي لڪي ڇپي وڃي ان کي ڌڪ هڻندو آهي. هن نموني
فقط نر تتر جو شڪار ڪبو آهي. ٻيون نمونو آهي،
لائو تتر ڪنهن کليل هنڌ تي رکيو آهي ۽ ان جي ٻولڻ
تي ڪارو تتر جهنگ مان نڪري وڙهڻ لاءِ اچي ظاهر
ٿيندو اهي، ان وقت لڪل توبچي کيس بندوق سان ماري
وجهندو آهي. هن نموني به فقط نرتتر جو شڪار ٿيندو
آهي، ٽيون نمونو آهي ته جنگ ۾ يا پوکن ۾ ٻه چار
ماڻهو لٺيون ۽ بانٺا کڻي ٺڪاءَ ڪندا ۽ هڪلون ڏيندا
ايندا ۽ تترن کي تڙيندا ايندا آهن جنهن آواز تي
تتر اُڏامندا آهن، جن کي توبچي ڌڪ هڻندو ويندو
آهي. هن نموني نر توڙي مادي ٻنهي جو شڪار ٿيندو
آهي مگر ڀوري تتر جو شڪار ٻيءَ طرح ٿيندو آهي.
سانوڻيءَ جي موسم ۾ جڏهن سائو ڪلورو (سنهڙو گاهه)
پوٺن تي جام ٿيندو آهي، ان تي تترن جا ولر اٿي
ظاهر ظهور چڳڻ لاءِ گهمندا آهن يا سرءُ جي مند ۽
سياري ۾ جڏهن اهو ڪلورو سڪي ويندو آهي ۽ ان جي
پاڙن ۾ ننڍا ننڍا ڌاچوڙا هوندا آهن، جيڪي زمين
مان تتر چهنبن سان کوٽي انهن ڌاڃوڙن کي کائيندا
آهن. هيءَ سندن محبوب ۽ دلپسند خوراڪ هوندي آهي،
۽ ان کاڌي تي تمام متارا ٿيندا آهن، اهڙي وقت ۾
سڄو ولرگڏ هڪ هنڌ زمين کوٽڻ ۾ مشغول هوندو آهي.
اهڙن وقتن تي جڏهن تتر کليل ميدان ۾ هوندا آهن،
تڏهن توبچي لڪي مٿن فائر ڪندو آهي، جنهن ڌڪ سان هڪ
کاڌي ٻه ٻه، ٽي ٽي چار چار گڏ هڪ ڌڪ ۾ به اچي
ويندا آهن. ٻيون نمونو شام جو جڏهن تتر وڻن تي
وڃي ويهندا آهن. ان وقت کين بندوق سان ماري سگهبو
آهي، ٽيون نمونو ڪاري تتر جي شڪار وانگي ماڻهن جي
مدد سان جهنگ مان تڙي پوءِ کين بندوق سان ماربو
آهي. انهن ٽن طريقن سان ڀوري تتر جوشڪار بندوق سان
ڪري سگهبو آهي. ان کان علاوه جهنگ ۾ لڪي ڀوري تتر
جو شڪار بندوق سان ڪرڻ محال آهي.
بازن
سان شڪار ڪرڻ: باز سرد ملڪن جي پيداوار آهن. هتي
سنڌ ملڪ ۾ سياري ۾ ايندا آهن ۽ اونهاري جي شروعات
۾ واپس هليا ويندا آهن. بازن جا گهڻا ئي قسم آهن.
هو جڏهن سنڌ ۾ ايندا آهن، تڏهن بازن جا شوقين انهن
کي ڳولي، سندن رات جي ويهڻ واري هنڌ جي ڳولا ڪندا
آهن ۽ پوءِ اتي سنها رڇ (ڄاريون) اڏي ان ۾ کين
ڦاسائيندا آهن ۽ بروقت سندن اکين جي هيٺين ڇپرن کي
سُين سان ٽنبي سنهيون ڏوريون وجهي مٿي جي مٿان
ڏوريون ٻڌي سندن اکيون بند ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن
هو ڪجهه به ڏسي نه سگهن. پوءِ سندن ڄنگهن ۾ چمڙي
جون سنهيون ڏوريون يا ڪشا وجهي (جن کي دواليون
چوندا آهن) انهن کي سنهيءَ مضبوط ڏوريءَ سان ٻڌي
ڇڏيندا آهن ۽ هٿ جي مٿان چمڙي جو دستانو ٻڌي ان
مٿان باز کي ويهاريندا آهن ۽ ڏوري هٿ ۾ قابوجهلي
پوءِ باز کي شهرن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ گهمائيندا وتندا
آهن، جيئن هو ماڻهن جي آواز جو خوف برداشت ڪري
وڃن، پوءِ انهن جي اکين جون ڏوريون رفته رفته
ڍريون ڪندا ويندا آهن جيئن هو ماڻهن کي ڏسندو ۽ ڊپ
جهليندو رهي ان کان سواءِ رات جو کيس ننڊ ڪرڻ نه
ڏيندا آهن ۽ هڪ ماڻهو کيس سڄي رات هٿ تي ويهاري
آهستي آهستي پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو کيس سجاڳ ڪندو
رهندو آهي، اهريءَ طرح اٺ ڏهه ڏينهن ڪندا آهن
جيستائين باز ماڻهوءَ جو ڊپ جهلي ساڻس هِري مري
وڃي، پوءِ سندس اکين واريون ڏوريون صفا ڪڍي اکيون
کولي ڇڏيندا آهن ۽ هٿ تي رکي خوب گهمائيندا آهن
جيئن سندس خوف اصل لهي وڃي ۽ ڪنهن به شئي کان نه
ڊڄي . ان کان بعد ۾ کيس شڪار ڪرڻ لاءِ هيرائيندا
آهن، ائين ڪرڻ لاءِ تتر يا ڪنهن ٻئي پکيءَ جي کَل
لاهي گوشت جدا ڪري ۽ ان کل کي ڪپهه سان ڀري هڪ
بوتو تيار ڪندا آهن ۽ ان کي باز جي سامهون بال
وانگر اڇلائيندا آهن جنهن کي باز اڏامي وڃي
جهليندو آهي. اهڙي استعمال بعد جنسي جيئرو پکي
کنڀن ڪٽيل اڏائيندا آهن، ان کي باز وڃي پڪڙيندو
آهي.اهو شغل ايستائين جاري رکندا آهن جيستائين باز
مڪمل شڪار جي لائق بنجي وڃي. انهيءَ عرصي اندر
شڪاري جهنگلي ننڍا پکي، تتر، ڳيرا، ڪٻرون ، هيڙها،
بربلا وغيره ڦاسائي اچي باز کي کارائيندا آهن، ۽
جڏهن باز خود شڪار جي لائق ٿيندو آهي ته پوءِ
کيس ڪيل شڪار وارن پکين مان کارائبو آهي. باز کي
اڪثر مٿي ۾ چمڙي جي ٽوپي وجهي ڇڏيندا آهن جيئن هو
گهڻو اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ پريشان نه ٿئي. پاليل
باز کي پيرن ۾ سنهڙيون گهنگهريون وجهي ڇڏيندا آهن
جيئن خبر پوي ته هي پاليل باز آهي ۽ شڪار وقت
جيڪڏهن مالڪ کان جدا ٿي وڃي ته ان کي سولائيءَ سان
ڳولي سگهجي. باز کي جنهن ڏينهن شڪارڪرائڻو هوندو
آهي ان ڏينهن صبح جو کيس کاڌو نه ڏنو ويندوآهي۽
سويل ئي ٻه ٽي ڄڻا باز کي جهنگل ۾ وٺي ويندا آهن
۽ بازدار خود باز کي سنڀاليندو آهي، باقي ٻيا
ماڻهو جهنگل مان يا پوکن مان ٺڪائي پکين کي
اڏائيندا آهن. بازدار باز کي بڇڻ مهل سندس پيرن
مان دواليون ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ سندش مٿي مان چمڙي
جي ٽوپي لاهي، باز کي مُٺ ۾ قابو جهليندو آهي ۽
تتر جي اڏامڻ سان بروقت مُٺ سان بال وانگي باز کي
ان تتر جي پٺيان ڦٽو ڪندو آهي. باز گهڻو ڪري تتر
جي هيٺان اڏامندو ويندو آهي ۽ جنهن مهل تتر هيٺ
ڪنهن وڻ ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، انهيءَ وقت باز
لُوهه ڏيئي کيس وڃي پنهنجي چنبن ۾ ضبط ڪندو آهي ۽
پوءِ ٻئي يڪو اچي پَٽ تي ڪِرندا آهن ۽ باز چنبن ۾
دٻائي تتر مٿان چڙهيو ويٺو هوندو آهي. پوءِ شڪاري
وڃي باز جي چنبن ۾ بند ٿيل تتر کي تڪبير وجهندو
آهي ۽ رت باز کي پياريندو آهي، جو رت باز سندس
چهنب سان چوسيندو آهي. ان بعد آهستي آهستي بازجي
چنبن مان تتر کي ڪڍبو آهي. پر جيڪڏهن تتر جيئرو
ڇڏائڻو هوندو آهي ته پوءِ تتر کي قابو جهلي ان بعد
تتر جو بوتو جو شڪاري پاڻ سان کڻندا آهن. اهو ان
جي سامهون مٿي هوا ۾ اڇلبو آهي ته باز ازخود ان
ڏانهن اڏامندو آهي ۽ جهليل تتر کي آزاد ڪرائي وٺبو
آهي. ڪنهن به صورت ۾ باز جي چنبن مان شڪار زوريءَ
نه ڦريندا آهن. جيڪڏهن هن کان شڪار زوري کسيو ويو
ته هو بد دل ٿي پوندو جنهن کي ”ڪم ليرو“ چئبو آهي.
پوءِ وري اهو شڪار نه ڪندو اهڙي خراب ٿيل باز کي
وري شڪار لائق بنائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي
، ۽گهڻو وقت لڳي ويندو آهي، تترن جو شڪار ٻين بازن
سان به ڪري سگهبو آهي، پرهن شڪار لائق هڪ خاص قسم
جو باز هوندو آهي جنهن کي ”بانشو“ چوندا آهن ۽ هي
باز ڪاري تتر کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي ۽ شڪار ۾
تمام ڦڙت ۽ هوشيار پکي ٿيندو آهي، ۽ ساڻس روانو اٺ
ڏهه تتر شڪار ڪري سگهبا آهن. شڪار ختم ٿيڻ بعد کيس
کارائي ڍو ڪرائبو آهي. هن نموني باز جي شڪار ڪرڻ
سان ڪارا ۽ ڀورا سڀيئي تتر، نر توڙي ماديون انهن
جو شڪار ڪيو ويندو آهي. هي شڪار تمام مزيدار ٿيندو
آهي ۽ خاص طرح امير ماڻهو هن جو گهڻو شوق ڪندا
آهن ۽ ڳريون رقمون ڏيئي پاليل باز خريد ڪندا آهن
۽ هرهڪ باز جي سنڀالڻ لاءِ هڪ هڪ علحدو ماڻهو
هوندو آهي جنهن کي بازدار چوندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن
کي کاڌي ۽ڪپڙي کان علاوه چڱا پگهار به ڏبا آهن.
پسنديده شڪار ڪرائڻ تي کين انعامن سان به نوازيو
ويندو آهي.
لائوي ”پاليل“تتر شڪار ڪرڻ: ڪاري پاليل نر تتر کي جهنگ ۾ انهيءَ
هنڌ جي نزديڪ کڻي ڇڏبو آهي، جتي جهنگلي تتر
ٻوليندڙ هوندو آهي، اتي پهچڻ بعد ٻن لاڳيتن وڻن
جي وچ واري گهٽ کي يا ڪنهن وڏي وڻ جي وچان ڪنهن
ڳڙکيءَ ۾ لڪل طرح کنڌي (ڦاندو) ٻڌي ڇڏبي آهي يا
انهيءَ گهٽ جي پٺئين پاسي سنهي مضبوط سُٽ جورڇ
(ڄاري) جنهن کي لاڙڪي چئبو آهي ۽ گيڙو رنگ جي
هوندي آهي جا ظاهر ڏسڻ ۾ نه اچي اها وڻ کي ڦيرائي
ڇڏبي. انهيءَ انتظام ڪرڻ بعد لائوي تتر کي
انهيءَ گهت جي سامهون کليل هنڌ تي رکي سندس پڃري
مٿان مُٺ کن ٽارين جي ڏيئي ڇڏبي آهي، ان بعد شڪاري
بلڪل انهيءَ گهٽ جي سامهون ٻئي طرف تتر کان ڪجهه
پرڀرو لڪي وڃي ويهندو اهي ۽ تتر کي ٻولڻ لاءِ
ڳٽڪار ڪندو اهي يا سيٽي وڄائيندو آهي جنهن به
نموني تتر ٻولڻ لاءِ هيرايل هوندو آهي. انهيءَ
آواز تي تتر ٻه چار دفعا ٽچڪ ٽچڪ ڪري پوءِ ٻولڻ
شروع ڪندو آهي. پر جيڪي تتر ٻولڻ جا تِکا آهن.
انهن کي سيٽي هڻڻ جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ هو
ازخود ٻولڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ۽ سندس ٻولڻ تي
يڪدم جهنگلي تتر ٻولڻ بند ڪري ڊوڙي ايندو آهي ۽
سندس ظاهر ٿيڻ تي پاليل تتر به ٻولڻ بند ڪري
ڇڏيندو آهي ۽ جنهن طرف تتر هوندو آهي انهيءَ طرف
منهن ڪري پڃري ۾ منهن هڻندو آهي ٻاهر نڪري وڃي
وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ٻئي پاسي جهنگلي تتر به
پڃري جي چوڌاري گهيري ۾ ڦرندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن
نهاريندو آهي.جڏهن خاطري ڪندو آهي ته ڪو خطرو ڪونه
آهي تڏهن ويجهو چڪر هڻڻ لڳندو آهي. آخر اچي پڃري
جي ٻاهران چهنبون هڻي پاليل تتر سان وڙهڻ شروع
ڪندو آهي. سندس ڦاسائڻ جي ترڪيب هيءَ آهي جو جڏهن
هو تتر جي چؤگرد وڏو گهيرو ڏيندو آهي ۽ جنهن مهل
گهٽ جي سامهون ايندو اهي ان وقت شڪاري ڪنهن رومال
يا ٽوال سان هٿ کڻي کيس ٽاهه ڏيندو آهي. هٿ جي
تڪڙي چرپر اهڙي نموني ڪندو آهي جيئن تتر مجبور ٿي
سامهون واري گهٽ ڏانهن ڊوڙي ۽ پاندي پاڄاريءَ ۾
وڃي ڦاسي. اهوڪم تمام تڪڙو ۽ جلديءَ ۾ ڪبو آهي
جيئن تتر کي پاندي يا ڄاريءَ هجڻ جو سماءُ ئي نه
پوي. پرجي ڍر ڪبي ۽ کيس ٿورو شڪ پيو ته ڊوڙڻ بند
ڪري سڌو آسمان طرف اڏامي ويندو. هيءُ شڪار تمام
ڏکيو ۽ چالاڪيءَ وارو هوندو آهي. هيءُ پکي تمام
سجاڳ هوندو آهي. پهريائين اچڻ سان چوڌاري چڪر
ڏيئي ڏسندو اهي ۽ جي اوچتو ڦاندي تي يا ڄاريءَ تي
نظر پئجي ويس ته اتي بيهي ٻه چار دفعا ڪِٽ ڪِٽ ڪري
پوءِ چڪر ڏيڻ چالو رکندو آهي ۽ ٻين طرفن کان پيو
گهمندو آهي ۽ انهيءَ گهت کي سامهون ايندوئي نه
آهي. پر جي زوريءَ انهيءَ طرف ڊوڙائبو اٿس ته
يڪدم ٻئي طرف ڀڄي ويندو آهي يا مٿي آسمان طرف
اڏامي ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جنهن طرف ڊوڙندو
آهي، وري ٻيو ڦاندو انهيءَ پاسي ڪنهن گهت کان آڏبو
آهي، جتان پهريائين مٽيو هوندو پوءِ اوچتو وڃي ان
۾ ڦاسندو ڇو ته هيءُ پکي تمام ضدي ٿيندو آهي ۽ وري
لائويءَ جي ٻوليءَ تي يڪدم ڊوڙي ايندو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪيترائي ڀيرا کيس ڦندو ڏبو آهي ته وري
وري پيو ايندو آهي. جيستائين، يا ته ڦاسي پوي يا
شڪاري بيزار ٿي کيس ڇڏي هليو وڃي.
ڪاري تتر جي ماديءَ سان شڪار ڪرڻ:
هيءُ شڪار اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي مادي تتريءَ جي ٻوليءَ
ڄاڻندا آهن. جيڪا ٻوليءَ مادي تتري لڳ وقت نر تتر
کي ڳولڻ لاءِ ڪندي آهي. هن نموني تتر ڦاسائڻ لاءِ
دام تيار ڪبو آهي جو لوهي ڪاسن جو ٺهيل هوندو آهي.
ان جا چؤڪيدار خانا هوندا آهن جن ۾ ڌاڳن جون تندون
مڙهبيون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ گهوڙي جي پُڇ جي وارن
مان ٺهيل ڦاندا پيل هوندا آهن. اهڙي دام جي هرهڪ
پٽيءَ ۾ ٽي يا چار ور هوندا آهن، يعني هر پٽي
۾ويهارو ڦاندا هوندا آهن. شڪار لاءِ تتري کڻي اتي
پهچبو آهي جتي نر تتر ٻوليندو هوندو آهي. پوءِ
اچي ميدان ۾ هڪ ڪِلي کوڙي، ان ۾ تتريءَ کي پڃڙي
مان ٻاهر ڪڍي سندس هڪ ڄنگهه ڪليءَ سان ٻڌي ڇڏبي
آهي ۽ ٻي ڄنگهه سندس گوڏي وٽ ٻڌي کيس هڪ جاءِ تي
بيهاري ڇڏبو آهي، جيئن هيڏانهن هوڏانهن نه ڊوڙي ۽
نڪي ڦٿڪي بلڪ هڪ جاءِ تي بيٺي رهي. پوءِ سندس
چوڌاري دام ڦيرائي ۽ شڪار يڪدم لِڪي ماديءَ تتر
جي ٻولي وڏي آواز سان ڪندو آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان
نر تتر يڪدم وڻن يا ڪکن ڪانن مان ڊوڙي نڪري ايندو
۽ جڏهن مادي تتر تي نظر پوندي اٿس ته بي خطا وٺي
ان ڏانهن ڊوڙ ڪندوآهي هن لاءِ ته لڳ ڪرڻ واسطي
ماديءَ تي چڙهي وڃي. انهيءَ شوق ۾ ايترو ته
مدهوش ٿي ويندو آهي جو کيس دام جو سماءُ نه پوندو
آهي ۽ اوچتو ئي اوچتو دام ۾ ڦاسي ويندوآهي، جنهن
بعد شڪاري، تترکي ڪليءَ مان ڇوڙي پڃڙي ۾ وجهي کڻي
وڃي ٻئي تتر جو شڪار ڪندو آهي. هيءُ شڪار ٿوريءَ
محنت وارو ۽ آسان آهي پر هرڪو ماڻهو ڪري نه سگهندو
ڇو ته مادي تتر جي ٻولي ڄاڻڻ هن شڪار لاءِ خاص شرط
آهي.
ڀوري تتر جوشڪار: هيءُ شڪار اڪيلي پاليل نر يا نرمادي گڏ، ٻنهي
نمونن ۽ وسيلن سان ڪري سگهبو آهي. ان لاءِ بانس جي
ڪاٺين يا لئئَ جي ڪاٺين مان اهڙي نموني دام ٺاهبو
آهي جهڙي نموني ڪارڙي تتر ڦاسائڻ وارو دام ٺاهيو
ويندو آهي. شڪاري، دام پُٺن پويان ۽ پڃرو هٿ ۾ کڻي
جهنگ جو رخ ڪندا آهن ۽ اتي سيٽي وڄائي تتر کي
ٻولائيندا آهن. تتر جي ٻوليءَ تي جهنگلي تتر به
ٻوليندا آهن، پوءِ ماٺ_ ميٺ ۾ اُتي دامٰ پکيڙي
لائودي تتر کي ڪنهن وڻ مناسب هنڌ رکي پڃري کي ٽارن
سان مضبوط ڪري ڇڏبو آهي، جيئن جهنگلي تتر پڃري ۾
بند ٿيل تتر کي ڏسي ٽهي ڀڄي نه وڃن ، پوءِ شڪاري
ڪنهن گهاٽي وڻ ۾ لِڪي ويهي سيٽي وڄائي تتر کي
ٻولائيندو آهي. ڪي تتر شڪاريءَ جي ڇپڻ سان گڏ
يڪدم ازخود ٻولڻ شروع ڪندا آهن جنهن جي جواب ۾ يا
ته جهنگلي تتر ٻوليندا ۽ ڊوڙندا ايندا آهن يا ته
ماٺ ڪري اچي تتر تي حملو ڪندا آهن. ڇو ته جهڙيءَ
طرح زميندارن جون زمينون ورهاست ٿيل هونديون آهن ۽
پنهنجي حد ۾ ٻئي زميندار جو دخل برداشت نه ڪندا
آهن. ساڳيءَ طرح تتر به پنهنجي جوءِ ۾ ٻئي تتر کي
اچڻ نه سهندا آهن ۽ کيس ماري هڪالي ڪڍڻ لاءِ مٿس
ڪاهه ڪندا آهن. هيءَ تترن جو مقابلو عجيب نموني ۽
حيرت انگيز به هوندو آهي ته عبرتناڪ به هوندو
آهي. هڪ طرف تماشو هوندو اهي ته ٻئي طرف خدا پاڪ
جي قدرت جواهڙو مشاهدو هوندو آهي. جو عين انسانن
جي فطرت مطابق هوندو آهي. جهڙيءَ طرح انسانن ۾
ڪنهن قبضيداريءَ تي وڏو فساد ٿيندو آهي ۽ ٻنهي
طرفن جا ماڻهو وڏي هُل ۽ گوڙ سان پنهنجي طاقت جو
مظاهرو ڪندا آهن. ۽ هڪٻئي کي هڪلون ۽ دڙڪا ڏيندا ۽
گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن اهڙيءَ طرح هي پکي جڏهن
آمهون سامهون ٿيندا آهن؟؟ سندن ئي آواز هوندو آهي.
”هون هون ڪهڙو ڪڪڙو“ اهڙي طرح هڪلون ڪندا ۽
ٻوليندا رهندا آهن ۽ ٻئي وطن جي آزاديءَ ۾ غيرن کي
تڙي ڪڍڻ جو هڪ انوکو ڪردار ادا ڪندا آهن. جنهن
جهيڙي دوران ڪي دام ۾ ڦاسي وطن مٿان پنهنجي جان
جي قرباني ڏيندا آهن. هر هڪ دام تي هڪ کان چئن
پنجن تائين تتر ڦاسندا آهن. اهڙيءَ طرح روزانه
شڪاري پندرنهن ويهه تتر شڪار ڪري سگهندو آهي. ڪڏهن
دام خالي به ويندو آهي. پرڪڏهن ائين به ٿيندو آهي
ته سڄي ڏينهن جي شڪار ۾ ماري کي ڪجهه به هٿ نه
ايندو آهي انڪري چوڻي آهي ته شڪار بيڪار آهي، هن
شڪار وقت ته تتر اچي دام ۾ ڦاسي پوندا آهن يا
جيڪڏهن ڦري دام جي پاسي کان اندر لنگهي ايندا آهن
ته انهن کي کنگهار ڪرڻ سان ڊيڄاري ڀڄائبو آهي ۽
موٽ ۾ ڊوڙندي دام ۾ ڦاسي
پوندا آهن ڪي وري دام ڦاسڻ بعد ڦاندا ٽوڙائي ڀڄي
ويندا آهن ته ڪي وري پيرن جي ننهن سان ڦندا کولي
آزاد ٿي ويندا آهن، ڪي ته ڦاندي ۾ گهٽجي مري به
پوندا آهن، اهڙيءَ طرح ڦاسڻ بعد جيڪي بچندا آهن،
اهي في الحال ٽڙي پکڙي ويندا آهن ۽ پوءِ هڪٻئي کي
ڳولڻ لاءِ ڪيڙو ڪيڙو جي ٻولي هڪٻئي کي سڏيندا آهن،
جنهن بعد گڏ ٿيڻ تي کين خبر پوندي آهي ته ڪهڙا
سندن رفيق گم آهن ۽ پوءِ کين هٿ ڪرڻ لاءِ رکي کين
سڏيندا آهن. اهو عمل ٻه ٽي ڏينهن جاري رکندا آهن
جنهن کان پوءِ تسلي ڪرڻ تي سندن انتظار لاهي
ڇڏيندا آهن. اهڙا ڪڙايل تتر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا
وري دام تي نه ايندا آهن ۽ جڏهن وري به نئين سر
ٻچا ڪندا آهن ۽ اهي جوان ۽ وڙهڻ جهڙا ٿيندا آهن
ته انهن سان گڏجي وڙهڻ لاءِ ايندا آهن، مگر
جيڪي دام سان ڦاسي پوءِ ان مان آزاد ٿي ويندا آهن
اهي يا ته دام وٽ اچي اتي بيهي رهندا آهن ۽ اتي ئي
پيا ٻوليون ڪندا ۽ هڪلون ڏيندا آهن يا ته دام مٿان
ٽپي اندر لنگهي ايندا آهن ۽ پڃري واري وڻ جي هيٺان
بيهي پاليل تتر سان وڙهندا آهن ۽ سندس منهن ۾ مٽي
وجهندا يا وري ٻه ٽي گڏ پڃري تي چڙهي ويندا آهن
۽ پاليل تتر کي ايترو پريشان ڪندا آهن جو هو نه
رڳو وڙهڻ ڇڏي ڏيندو آهي پر ٻولڻ به بند ڪري پڃڙي
۾ لڪڻ لڳندو آهي، ۽ اهڙو هيسيل تتر گهڻو وقت شڪار
کان بيڪار ٿي ويندو آهي، يا اصل هميشه لاءِ شڪار
کان بيڪار ٿي ويندو آهي. پڃري تي چڙهي ويل تترن کي
ڦٽُ ڏيئي ڍوڙائبو آهي ته اهي سڌو اڏامي هليا ويندا
آهن ۽ جيڪي هيٺ لهي ڊوڙندا آهن اهي به دام وٽ رهجي
ان مٿان ٽپي هليا ويندا آهن، اهرا تتر ڪهن اتفاقي
ڦاسندا آهن.
پاليل تترن جي حفاظت ڪرڻ:
ڪاري تتر کي رات جو سيءُ کان بچائڻ لاءِ يا ٻلن وغيره کان
محفوظ ڪرڻ لاءِ ماڻهو کيس پنهنجي ڀر ۾ يا کٿيءَ
سان ڍڪي رکندو آهي، ۽ ڏينهن جو ڪنهن مٿاهين هنڌ تي
يا ڪنهن وڻ ۾ ٽنگي رکندو آهي، جتي ٻلو يا نور
وغيره کيس نقصان پهچائي نه سگهي ۽ پڃري مٿان ڪپڙي
جو پوش، يعني چولي وجهي ڇڏبي آهي، جيئن هو ڪنهن
شئي کان نه ڊڄي فقط شڪار تي رکڻ مهل چولي لاهي
ڇڏبي آهي، ۽ ٽارن جي مُٺ پڃري مٿان رکبي آهي جيئن
جهنگلي تتر کي شڪ نه پوي ۽ سانڍيل تتر کي مٿان
اوچتو پازڌڪ نه اچي هڻي، هيءُ تتر سندس هم جنس
لاءِ سخت ضدي هوندو آهي. ان جي باجود حد درجي جو
ڊڄڻو هوندو آهي ، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت جهگراڙ ٻلي،
نور، ڪتي يا باز جو اوچتو حملو ٿيو ته“ پوءِ ڪيترا
ڏينهن ٻوليندو ئي نه آهي، جنهن بعد گهر ۾ ته
ٻوليندو آهي پر جهنگ ۾ شڪار تي ڪو نه ٻوليندو
آهي، رڳو ڪِٽ ڪِٽ جو آواز ڪري خطري جو اطلاع ظاهر
ڪندو آهي. پر ڪي تتر هميشه جي لاءِ ٻولڻ ختم ڪري
شڪار کان بيڪار بنجي ويندا آهن. جنهن سبب شڪاري کي
وڏو نقصان رسندو آهي، ڇو ته ڪارو تتر گهٽ انداز ۾
پالڻ سبب وڏي قيمت تي ملندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾
شڪاريءَ کي سَوَن رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو
پوندو آهي، انهيءَ ڪري هن جي بچاءَ ۽ حفاظت جو
خاص انتظار ڪبو آهي ۽ شڪار جي وقت تمام چوڪس رهڻو
پوندو آهي، ڀوري تتر جي بچاءَ لاءِ به ساڳيا
انتظام ڪبا آهن، مگر ان جي پڃري جي مٿان چوليءَ
ڍڪڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. رڳو شڪار جي وقت جهنگ
۾ کين ڍڪيل رکبو آهي، جيئن مناسب وقت ۽ شڪار جي
نشان بغير نه ٻولي، ڇو ته جتي راها هوندا آهن اتي
تتر جي ٻوليءَ ٻڌڻ ساڻ ڊوڙي ايندا آهن ۽ دام رکڻ
کان اڳ اچي شڪاريءَ کي ڏسي ٽهي ويندا آهن، پوءِ
تتر ڪهڙو به کڻي ٻولي ته به وري ويجهو نه ايندا
آهن، رڳو پري کان ٻُوليندا رهندا آهن، ڀوري تتر
کي جيتوڻيڪ شڪار وقت مٿي وڻ تي لڪائي رکبو آهي،
جيئن گدڙ،جهگراڙ ٻلي، نور ۽ باز جي حملي جو خطرو
نه رهي، ڇو ته شڪاري تتر کان پرڀرو ۽ لڪل رهندو
آهي ۽ تتر کي ڏسي نه سگهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾
تتر تي حملي هئڻ جو وڏو خطرو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته
لائي تتر جو منهن جهنگلي تترن ڏانهن هوندو ۽ هو
انهن سان وڙهڻ ۽ ٻولڻ ۾ مشغول هوندو آهي ته جانور
اوچتو مٿس حملو ڪري ڏيندا آهن ۽ اهڙن جانورن ۽
بازن جو جيڪڏهن حملي کان اڳ پاليل تتر کي پتو
پوندو آهي ته ٻولڻ بند ڪري زور سان چرڙاٽ ڪرڻ
شروع ڪندو آهي جنهن آواز تي شڪاري سجاڳ ٿي سندس
بچاءَ پهچي ويندو آهي. پر جيڪڏهن بيخبريءَ ۾ مٿس
حملو ٿي پوندو آهي ته مالڪ جي پهچ کان اڳ کيس
نقصان پهچي ويندو آهي. نور سندس سنهو منهن پڃري جي
ڪاٺين جي وٿين مان اُڪاري تتر جي ڄنگهن يا
کنڀڙاٽين مان جهلي سندس عضوا ڀڃي وجهندو آهي. ۽
جهنگ پار يڪدم وات جهلي پڃرو ڀڃي تتر کي ماري
وجهندو آهي، يا کيس سخت نقصان پهچائيندو آهي. ان
کان سواءِ ڪارن توڙي ڀورن تترن کي گهمڻ ۽ واريءَ
۾ ليٽڻ ۽ سائي گاهه ۾ جيتن چڻڻ لاءِ پڃري مان
ٻاهر ڪڍي ڇڏبو آهي، تڏهن سندس بچاءُ لاءِ خاص چوڪس
ٿي ويهڻو پوندو آهي.
ڳارين يعني کنڌين سان شڪار ڪرڻ :
گهوڙي جي پڇ جي وارن مان ڏهه ٻارهن وار پاڻ ۾ ملائي انهن چوٽين
کي پاڻ ۾ گڏي ڳنڍ ڏيئي بند ڪبو آهي ، پوءِ انهن کي
وٽ ڏيئي تند تيار ڪبي آهي، جنهن کي ڦاندو چئبو
آهي. اهو ڦاندو ڪاري توري ڀوري تترن جي دام ٺاهڻ
۾ به ڪم آڻبو آهي. اهڙا ٽي يا چار ڦاندا هڪ نميءَ
۽ وٽيل ڏور جيڪا فوٽ کن ڊگهي هوندي آهي، ان ۾
ڌار ڌار وٿين تي ٻڌي کين گول ڇلي وانگر سرڪڻ ٺاهي
تيار ڪبو آهي، انکي ڳاري يا کنڌي چئبو آهي پوءِ
اهڙيون ويهارو يا گهٽ وڌ انداز ۾ وقت ۽ حالت جي
لحاظ سارو تيار ٿيل کنڌيون کڻي جهنگ ۾ جنهن جاءِ
تي تتر گهمندڙ هوندا آهن اتي وڃبو آهي ۽ ننڍي
ڀروٽي سارين جي تهن (توترن ) جي ساڻ نبي آهي،
پوءِ اتي وڃي گسن ۾ وڻن جي وچ وارين گهٽين ۽ وٿين
۾ جتان پکين جي اچ وڃ جو لنگهه سمجهبو آهي اتي وڻ
جي ٽارين جون ڪليون کوڙي انهن ۾ کنڌيون ٻڌي وڃبو
آهي رهيل وٿين ۾ ٽار هڻي بند ڪبو اٿن،
ڄڻڪ هڪ قسم جو لوڙهو ٺاهبو آهي، جو جهنگ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي
ڇيڙي تائين يڪو ڳنڍيل هوندو آهي، ۽ جن گهٽين تي
کنڌيون اڏيل هونديون آهن تن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به
هنڌان اچڻ وڃڻ جو رستو نه هوندو آهي، پوءِ جنهن
وقت جهنگلي تتر چوڳي ۽ گهمڻ لاءِ نڪرندا آهن،
ان وقت ٿمن کي ڏسي ان کي پيرن سان ڦولهيندا آهن ۽
ان مان ريون ۽ ان جا سنها داڻا کائيندا آهن۽ وري
ٻيءَ ڍڳيءَ ڏانهن ڊوڙندا آهن . اهڙي ءَ هلچل سبب
کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن. پوءِ جڏهن ٻن چئن ڪلاڪن
بعد شڪاري سڌ سماءُ لهڻ لاءِ ويندو آهي، تڏهن
وڃي ڦاٿل تترن کي پڪڙيندو آهي. هن نموني ڪارا توڙي
ڀورا، نر ۽ ماديون ڦاسايون وينديون آهن. اهڙي
نموني واري شڪار کي ٽانڪ وارو شڪار چئبو آهي. هن
شڪار مان شڪاريءَ کي وڏو فائدو نه پهچندو آهي،
ڇو ته ڪوتتر ڪڏهن ڦاسندو آهي ته ڪو ڪڏهن. ڦاٿل
تتر کي شڪاري ڪڍڻ لاءِ ويندو آهي ته کيس ڏسي ٻيا
تتر اڏامي هلياويندا آهن،انهيءَ ڪري ماري ٻن چئن
ڪلاڪن بعد گهمرو ڪندو آهي. انڪري ڪي ڦاٿل تتر
ڦاندو ٽوڙائي ويندا آهن ته ڪي گهٽجي مري ويندا
آهن، ٽانڪ جو ٻيو نمونو هن ريت هوندو آهي ته تترن
کي ڪن وڻن ۾ ويٺل ڏسي، انهن جي هڪ پاسي ٽانڪ ڏيئي
پوءِ پوئين پاسي کان آهستي آهستي وڻن کي ٺڪائبو
آهي ته تتر اڳتي ڊوڙندا ويندا آهن ۽ وڃي کنڌين ۾
ڦاسندا آهن. هيءُ شڪار ٻنپهرن جو گرميءَ ۾ ڪبو
آهي، جڏهن تتر اڏامڻ بدران پيرڙيون ڊوڙندا آهن
۽ سڀيئي ڦاٿل تتر شڪاري بروقت حاصل ڪري سگهندو
آهي. ٽانڪ جو مٿيون هيءُ طريقو هوندو آهي جو صبح
جو يا شام مهل جهنگ ۾ ٺڪائي تترن جي ولر کي
اُڏائيندا آهن، جنهن سبب تترپکڙي ويندا آهن۽ پوءِ
سندن وچان ٽانڪ جلدائيءَ سان ڪڍي ان ۾ کنڌيون ٻڌي
لِڪي وڃبو آهي، پوءِ تتر هڪٻئي سان ملڻ لاءِ
ٻوليون ڪندا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڊوڙندا آهن. اهڙي ئي
ڊوڙ ۾ هو کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن جن کي شڪاري
بروقت هٿ ڪري وٺندا آهن. هن نموني واري شڪار ۾
فقط ڀورا تتر خاص ڪري ڦاسندا آهن، بعضي ڪاري تتر
جا ٻچا جيڪي جوانيءَ کان اڳ ماءُ سان گڏ گهمندا
آهن ۽ اهڙي ٽاهه پوڻ وقت اڏامي ماءُ کان جدا ٿي
ويندا آهن، اهي به سندن ماءُ جي سڏڻ تي ان سان ملڻ
لاءِ اوڏانهن ڊوڙندا آهن. پوءِ جيڪڏهن وچ ۾ ٽانڪ
هوندي آهي ته اهي به ڦاسي پوندا آهن. کنڌين سان
شڪار جو چوٿون طريقو هن ريت هوندو آهي ته جهنگ ۾
تهه پکيڙي وڃبا آهن ۽ هڪ هنڌ جهنگ جي وچ ۾ وڏي
ڍڳي تهن جي ڪري ڇڏبي آهي ۽ ان جي چوڌاري ٽارين جو
لوڙهو ڏيئي ان جو پنج چار گهٽيون کليل ڇڏبيون
آهن ۽ تهن جي ڍڳيءَ ۾ ڪجهه آن جا داڻا به ملائي
ڇڏبا آهن پوءِ تتر جهنگ ۾ گهمندي تهن جي ننڍين
ڍڳين کي ڦولهيندا، آخر وڏي ڍڳيءَ تي پهچي ويندا
آهن ۽ ان کائي خوش ٿيندا آهن انهيءَ آسري تي ٻئي
ڏينهن
سويل اٿي تنهن جي ڍڳيءَ تي اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،
مگر سندن اچڻ کان اڳ ماري انهن گهٽين تي فجر محل
کنڌيون ٻڌي ويندو آهي، يا اڳئي ڏينهن سڄ لهڻ مهل
کنڌيون ٻڌي ڇڏيندو آهي. پوءِ جيئن تتر اندر لنگهڻ
جي ڪوشش ڪندا آهن تئين کنڌين ۾ ڦاسي پوندا آهن
پوءِ جيڪڏهن شڪاري لڪل هوندو آهي ته بروقت شڪار کي
هٿ ڪري وٺندو آهي. ٻيءَ صورت ۾ جهنگلي جانور ۽ نور
وغيره کين لقمو بنائي ڇڏيندا آهن پر جيڪڏهن کين
ٻچن لاءِ کڻي وڃڻو هوندو آهي ته پوءِ سنڌي جي
پهاڪي واري ڪاروائي ٿيندي آهي.” گهاٽ ته چٽ پر
گهڙائي به گم .“ ساڳئي طرح شڪار ته ويو پر ڪنڌي به
ساڻ گڏ وئي ، هن نموني واري شڪار کي پونگلي چئبو
آهي. هن ۾ ڪارا توڙي ڀورا تتر نر توڙي ماديون
ڦاسائي سگهبا آهن.
ڪڙهيءَ سان شڪار ڪرڻ: ڪڙهي اهو رڇ آهي جنهن سان مهاڻا يا ملاح
ڍنڍن ۾ مڇي جهليندا آهن،. هن جو هيٺيون پاسو
ويڪرو ۽ مٿي چوٽي سوڙهي ٿيندي آهي. هيءَ ڇهن
ڪاٺين تي مخروظي نموني هوندي آهي. هن نموني جو
شڪار پونگليءَ واري شڪار وانگر ڪبو آهي، مگر
تفاوت فقط هيءُ هوندو آهي ته پونگليءَ واري
شڪار ۾ تهن جي ڍڳيءَ کي چوڌاري ٽارين جو ويڙهو
ڏيئي ڳليون کليل ڇڏبيون آهن، پر هن شڪار لاءِ
تهن جي ڍڳي مٿان ڊگهين ٽارين جو هڪ جهوپڙو
ٺاهبو آهي .انهن ٽارين جون پاڙون پري پري کوڙي فقط
انهن جون چوٽيون ملائي ڇڏبيون آهن، پوءِ ٻه ٽي
ڏينهن روزانه انهن تهن ۾ ان جا داڻا وجهي ڇڏبا آهن
جيئن تتر چڱيءَ طرح هِري مِري ۽ ڊپ ڊاءُ جهلي وڃن
پوءِ شڪاري کليل ڪڙهي کڻي وڃي انهيءَ جهوپڙيءَ جي
چوٽيءَ جو جيڪو پاسو ماريءَ جي طرف هوندو آهي،
ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي جنهن سبب ڪڙهيءَ جو
جيڪو پاسو ماريءَ جي طرف هوندو آهي اهو زمين تي
ڄميل رهندو آهي ۽ ٻيو پاسو مٿي کڄي ويندو آهي،
پوءِ شڪاري اها رسي ڪِليءَ ۾ ٻڌي ڇڏيندو آهي ۽
تترن جي اچڻ جو انتظا ر ڪندو آهي. سج اُڀرندي ئي
بکايل تتر سڌو چوڳي لاءِ پهچي ويندا آهن ۽ سڀيئي
گڏجي ان ڍڳيءَ کي چؤگرد ڦولهڻ لڳندا آهن. انهيءُ
ٽائيم تي شڪاري پنهنجو پاڻ تي اهڙو ضبط رکندو
آهي جو سندس ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌي نه سگهبو
آهي، جڏهن سڀئي تتر تڪ هيٺ اچي ويندا آهن. تڏهن
شڪاري ڏور،ڪِليءَ مان ڍري ڪندوآهي تهڪڙ۽ شڪاري
يڪدم کڏڙيءَ مان نڪري ڪڙهيءَ هيٺ سمورا تتر جهلي
پنهنجي قبضي ۾ ڪندو آهي. هن طرح واري شڪار مان ڪو
اتفاقي تتر سلامت بچندو آهي، جو ڪڙهيءَ جي رڇ کان
ٻاهر رهجي ويندو آهي.
ڍٻيءَ سان شڪار ڪرڻ:
هن شڪار لاءِ سخت ڌاڳن وارو رڇ (ڄاري) تيار ڪبو آهي، جنهن جي
ڊيگهه ڇهه فوٽ ۽ ويڪر پنج ڇهه فوٽ هوندي اٿس. سندس
رنگ هلڪو ڀورو يا هلڪو ناسي هوندو آهي. اهو رڇ
ڪاٺين جي چونڪ سان ٻڌل هوندو آهي جو چونڪ سنهين
ڪاٺين مان تيار ڪبو آهي. ۽ اهوچونڪ کلي ۽ بند ٿي
سگهندو آهي. سندس ٻنهي ڇيڙن جي سامهون چوٽين وٽ به
ڪليون لڳل هونديون آهن، جن ۾ رڇ جون ڏوريون ٻڌل
هونديون آهن ۽ هڪ ڊگهي ڏوري وچ ۾ پيل هوندي اٿس،
جنهن جي ڇڪڻ سان چونڪ بند ٿي رائنٽي (ننڍو قبو) جي
موني بنجي ويندو آهي. ۽ چوڌاري وچ جو دائرو ڦري
ويندو ۽ ڏور ڍري ڪرڻ سان چونڪ ڌرتي تي ليٽي پوندو
آهي. رڇ زمين تي پاٿارجي ويندو آهي. اهڙي رڇ تيار
ڪرڻ بعد تهن جي چوڳ وڃي جهنگ ۾ وجهبي آهي. جهڙيءَ
طرح ڪڙهي يا ڀونگلي واري شڪار لاءِ ڪبو آهي.مگر هن
۾ نه ٽارن جوويڙهو ڏبو آهي ۽ نه وري ٽارن مان
جهوپڙي ٺاهبي آهي پرڪنهن وڻ جي ويجهو وڻ ۾ شڪاري
سندس لڪڻ لاءِ کڏڻو ٺاهيندو آهي. اتي ظاهر اڇي پٽ
تي تهن جي ڍڳي ڪبي آهي. جنهن ۾ ان جا داڻا خاصي
انداز ۾ ملائي ڇڏبا آهن، جيئن پکي چڳيءَ ريت هري
سگهن ٻه ٽي ڏينهن اهڙيءَ طرح اناج کارائڻ تي پکي
روزانه اچڻ لاءِ هري ويندا آهن پوءِ ماري سج لهڻ
وقت اتي وڃي تهه ميڙي هڪ طرف ڪري زمين تي ڍٻي
اڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح جيئن ڍٻيءَ جي چونڪ جون
ڪاٺيون ۽ ڏوريون زمين ۾ بند ٿي وڃن ائين ڪرڻ لاءِ
انهن جي مٿان ٿوري مٽي وجهي انهن کي ڍڪي ڇڏبو آهي
۽ ڄاري مٿان ٿورا تهه وجهي ان کي به لڪائي ڇڏبو
آهي، مطلب ته ان جو ڪو به نشان ظاهر ڏسڻ ۾ نه اچي.
جنهن بعد اڏيل ڍٻيءَ جي وچ تي تازن تهن جي ڍڳي
ٺاهي ان ۾ آن جا داڻا وجهي ڇڏبا آهن ۽ صبح جو فجر
مهل شڪاري وڃي سندس ٺاهيل کڏڙيءَ ۾ (کڏني) لِڪي
ويهندو آهي ۽ ڍٻيءَ واريءَ ڏوريءَ جو ڇيڙو پنهنجي
هٿ ۾ جهلي ويندو آهي. صبح ٿيڻ سان ڪارا تتر ۽ ڀورا
تتر نر توڙي ماديون يا ڳيرا ڪٻرون ، سيڙها،
جهرڪيون مطلب ته جيڪي به پکي انهيءَ هنڌ چوڳي تي
هريل هوندا آهن، اهي اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ جڏهن
شڪاري ڏسندو آهي ته پکي چڱي انداز ۾ اچي ويا آهن
ته ان وقت ڏور کي ڇڪ ڏيندو اهي ته اوچتو سڀني
پکين جي مٿان ڍٻيءَ جي ڄاري ويڙهجي ۽ ڦري ويندي
آهي، پوءِ ڏوري کي ڪنهن ڪلي يا وڻ سان ٻڌي ڇڏيندو
آهي. جيئن ڍٻي وري پٽ تي ڪِري کلي نه وڃي ان بعد
هڪ هڪ پکيءَ کي ڍٻي مان ڪڍندو بند ڪندو ويندو آهي،
هي طريقو خاص طرح تترن لاءِ پاراتو آهي. جهڙي طرح
ڪنهن ماڻهوءَ کي پٽبو آهي ته شل بنياد بس ٿئيئي
يعني انهيءَ آڪهه مان ڪو به سلامت نه رهي، تهڙيءَ
طرح تتر به جيڪي ڍٻي تي ايندا آهن، سي گهڻو ڪري
سمورا وٺجي پوندا آهن ۽ منجهانئن ڪو به سلامت واپس
ڪو نه ويندو آهي.
رڇ يا ڄاريءَ سان تترن جو شڪار ڪرڻ:
هن شڪار لاءِ هڪ قسم جو خاص رڇ تيار ڪبو آهي، جو
سنهي ۽ مضبوط سٽ مان ٺاهبو آهي. سندس رنگ هلڪو
ڀورو يا هلڪو ناسي هوندو آهي. ۽ اهڙو نفيس هوندو
آهي. جو بلڪل ويجهو وڃڻ بعد ڏسي سگهبو آهي. سندس
ويڪر ڇهه ست فوٽ ۽ ڊيگهه اسي کن فوٽ يا ان کان به
وڌيڪ هوندي آهي. هن قسم جو شڪار ٻن طريقن سان ڪبو
آهي، پهريون طريقو هيءُ آهي ته وڻن جي قطار جيئن
واهن ۽ ڪڙين جي ڪپن تي هوندي آهي، انهن وڻن ۾
ٻوليندڙ تترن جي هڪ پاسي ڪنهن وڏي گهاٽي وڻ جي ٽن
طرفن کان اها ڄاري (رڇ) ڦيرائي ڇڏي آهي. جنهن جو
ٿورو هيٺيون حصو زمين تي به پٿارجي ويندو آهي. اهو
رڇ اهڙي طرح وڻ تي وجهبو آهي. جيئن هيٺان ڪنهن به
هنڌان ڪا به وٿي نه رهي جتان تتر ٻاهر نڪري سگهن.
پوءِ وڻن جي قطار جي ٻئي پاسي کان جتان تتر هوندا
آهن اتاهين وڻن کي آهستي آهستي ٺڪائبو آهي، جنهن
آواز تي تتر اڳتي ڀڄڻ شروع ڪندا آهن، هيءُ شڪار
گهڻو ڪري ٻنپهرن جو ڪبو آهي، جنهن وقت تتر گهڻو
اڏامندا نه آهن مگر پيرن ڀر ڊوڙندا هڪ وڻ مان ٻئي
وڻ ۾ هليا ويندا آهن. هن نموني وارو شڪار ٻه ڄڻا
گڏجي بهتر نموني ڪري سگهندا آهن، ڇو ته هو ٻنهي
وڻن کي ٻنهي پاسن کان ٺڪائيندا ايندا آهن.
جنهنڪري تتر ڪنهن پاسي نڪري نه سگهندا آهن ۽ صرف
انهيءَ وڻ تي هليا ايندا آهن، جنهن وڻ تي رڇ پيل
هوندو آهي، ان وڻ ۾ رڇ مان بچيل حصي مان اندر
لنگهي ايندا آهن، انهيءَ وقت شڪاري تڪڙو تڪڙو
انهيءَ کليل طرف کان وڻ کي ڦري ايندا آهن ۽
ڳالهائڻ ۽ زور سان وڻ کي ٺڪائڻ لڳندا آهن، جنهن
سبب تتر ڊڄي وٺي زور سان ڊوڙندا آهن جيئن وڻ
مان ٻاهر نڪري اڏامي وڃن. زور سان ڊوڙڻ سبب وڻ مان
نڪرندي ئي ڄاريءَ ۾ اٽڪي پوندا آهن ۽ ڄاري کين
ويڙهي ويندي آهي. پوءِ شڪاري هڪ هڪ تتر کي چونڊي
چاريءَ مان ڪڍي ٻڌي پاڻ وٽ قابو ڪندو آهي. اهڙن
تتر مان ڪي اتفاقي تتر بچي به ويندا آهن. جيڪي
يا ته ڄاريءَ ۾ پوريءَ ريت نه وڪوڙبا آهن يا
پاسي کان ڄاريءَ کان ٻاهر مٿي وڻ مان نڪري ويندا
آهن ۽ ڪي وري سڌو وڻ جي چوٽيءَ کان آسمان طرف
اڏامي ويندا آهن، هن نموني جو شڪار هڪ ماڻهو ئي
ڪري سگهندو آهي
ٻيو طريقو:
سياري جي موسم ۾ جڏهن وڻن ۾ ڏٿ وغيره گهٽ ٿي ويندو آهي ان وقت
خاص طرح ڀورن تترن جا ولر پوٺن تي نڪري زمين کوٽي
ڌاڃورا ڪڍي کائيندا آهن جنهن لاءِ هو ڪنهن گهاٽي
وڻ جو انتخاب ڪري ان جي ڀر ۾ زمين کوٽي ڌاڃورا ڪڍي
کائيندا آهن ۽ خوف جي وقت يڪدم ڊوڙي وڃي وڻ ۾
پناهه وٺندا آهن. اهڙي نموني چوڳ صبح جو ۽ شام جو
ڪندا آهن ۽ ٻنپهرن توڙي رات جو گهاٽي جهنگل ۾
پهچي آستانن تي وڃي آرام ڪندا آهن. شڪاري سندن چوڳ
واري جڳهه جاچي ان جي ڀر واري وڻ کي ٻاهران ٽن
طرفن کان ڄاري ويڙهي چوٿون چوڳ وارو پاسو کليل ڇڏي
پوءِ ان جي سامهون ڪٿي لڪي ويهندو آهي ۽ جڏهن تتر
چوڳ ۾ مشغول ٿيندا آهن تڏهن ڪپڙي لوڏڻ سان يا ڪنهن
ٻئي نموني اهڙي ريت ٽاهه ڏيندو آهي، جيئن هو
اڏامي نه وڃي پر ڊوڙي وڻ اندر عارضي پناهه وٺڻ
لاءِ لڪي وڃي. تترن جي وڻ ۾ وڃڻ بعد شڪاري نڪري
نروار ٿيندو آهي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ ڏانهن ڊوڙندو آهي،
جنهنڪري تتر هر نجي خوف وچان تڪڙو وڻ مان ٻاهر
نڪري اڏامڻ لاءِ جيئن وڻ اندران ٻاهر ڊوڙي نڪرندا
آهن، تيئن ڄاري ۾ ڦاسي قابو ٿي پوندا آهن. هنن مان
جيڪي ڄاري ۾ پوريءَ ريت نه ٻڌبا آهن يا پاسن کان
نڪري ويندا آهن يا سڌو ئي آسمان طرف اڏامي ويندا
آهن. سي بچي ويندا آهن.
ڀڳو يا ڍٻوءَ سان تترن جو شڪار ڪرڻ:
هڪ شڪار لاءِ اٽڪل ڏيڍ وال ڊگهو ۽ سوا وال ويڪرو ڪپڙو ٺاهبو
آهي، جنهن جي هڪ طرف وچ ۾ ٻه ننڍا سوراخ ڪبا آهن
جن جي وچ ۾ ايترو وٿي هوندي آهي. جيتري ٻن اکين
جي وچ ۾ ٿئي ٿي. ان ڪپڙي کي هٿراڌو گيڙو رنگ ۾
ٻوڙبو آهي. ڪپڙي تيار ٿيڻ بعد ان کي بانس جي
ڪاٺين واري ڪئنچيءَ ڇاپ ڪمانن مٿان ٻڌي هڪ ڇٽيءَ
جي نموني تيار ڪبو آهي. ڪپڙو ڪمانن مٿان اهڙو
ڇڪيل هوندو آهي جو هوا لڳلڻ سان به چرپر نه ڪندو
آهي. ان کان سواءِ هن شڪار لاءِ خاص قسم جو هڪ رڇ
تيار ڪبو آهي. جنهن جي ڊيگهه اٽڪل ڏهه ٻارهن فوٽ ۽
ويڪر پنج ڇهه فوٽ هوندي آهي، انهيءَ رڇ جي ڊيگهه
وارا ٻئي پاسا پاڻ ۾ ملائي ان کي بند ڪبو آهي.
جيئن هڪ ڪؤلرو ٺهي پوي. پوءِ سندس هڪڙي پاسي کي
بند ڪري ڇڏبو آهي. جيئن هڪ ڳوڻ وانگر بنجي وڃي ۽
سندس کليل پاسي ۾ هڪ چوڪنڊو ۽ سنهين ڪاٺين جو
چونڪ اهڙي طرح بند ڪبو آهي، جيئن اهو پاسو هميشه
کليل رهي ۽ ڪونري اندر سنهين ڪاٺين واريون ڪمانون
ٻڌي اهڙي نموني تيار ڪبو آهي، جو بند ڪرڻ مهل هڪ
پاڪيٽ وانگي بند ٿي وڃي ۽ ماڻهوکيس ڪلهي تي رکي يا
هٿ ۾ جهلي کڻي هلي سگهي پر جڏهن کيس کولجي ته هڪ
گنديءَ (ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اناج رکڻ لاءِ مٽيءَ
مان هڪ وڏو ٿالو ٺاهيندا آهن) وانگر يا تيل جي
خالي ڊم وانگر اهڙي نموني بنجي وڃي جيئن پاڻيءَ
جو پائيپ پاسيرو رکيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. شڪار وقت
ماري، ڪپڙي واري ڇٽي منهن آڏو ڏيئي تترن جي
ڳولا شروع ڪندو آهي. پاڻ سڄو ڪپڙي جي ڇٽيءَ اندر
لڪل رهندو آهي. فقط گوڏي کان هيٺ ڄنگهون ظاهر
ڏسڻ ۾ اينديون آهنس ۽ شڪار ي ڇٽيءَ وارن سوراخن
مان سڀڪجهه ڏسندو رهندو آهي. جيئن برقعي پاتل عورت
ڏسي سگهندي آهي. جڏهن تتر اهڙي ڇٽي ڍڪيل ماڻهوءَ
کي ڏسندا آهن تڏهن ڊڄي ڀڄڻ جي بجاءِ حيرت سان ٻن
ڏانهن بيٺا ڏسندا آهن ڪي ڪي ته انهيءَ ماڻهوءَ جي
سامهون ڊوڙي ايندا ۽ سندن وچ ۾ ست اٺ گز مفاصلو
باقي هوندو آهي. ان بعد پنهنجي منهن بيخوفائيءَ
سان چڳندا ۽ گهمندا ۽ مٽيءَ ۾ ليٽندا وتندا آهن،
۽ مٿن خوف جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي. ان بعد
شڪاري ڪو وزنائتو گهٽ ڏسي اهو رڇ جنهن کي گودر
چئبو آهي، سو ڊگهو ڪري اڏي ڇڏيندو آهي ۽ سندس پاسا
ٽارن سان بند ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ ڦري تترن جي
پٺئين پاسي کان اچي کين رڇ جي طرف ڪاهڻ شروع ڪندو
۽ کين آهستي آهستي اهڙيءَ طرح ڪاهيندو ويندو آهي،
جيئن ٻئي پاسي ڀڄي نه وڃن، پر سڌو گودر ڏانهن
هليا وڃن. کين اهڙي نموني آخري قطار ۾ آڻبو آهي،
جهڙي نموني ڍور چرڻ لاءِ وڃڻ وقت سڌو گس (پيچرو )
وٺي هلندا آهن، پوءِ جڏهن گودر اندر لنگهڻ شروع
ڪندا آهن، تڏهن کين تيز ڪبو آهي جيئن سمورا
جلدائيءَ سان اندر هليا وڃن، پر جيڪڏهن ڪجهه
ڍرائي ڪئي ويئي ۽ پهريون تتر گودر اندر ڇيڙي تائين
پهچي ويو ۽ پريان رڇ کي بند ڏسڻ تي هڪدم تيزيءَ
سان واپس هٽندو ۽ ٻين کي به اڳتي وڌڻ کان روڪيندو
جنهن سبب سمورا تتر واپس دروازي مان نڪري اڏامي
هليا ويندا، تنهنڪري هن شڪار لاءِ وڏي ڄاڻپ ۽
جلدائيءَ جي ضرورت هوندي آهي، ۽ مشڪلات وارو ۽
ڏکيو شڪار آهي. شڪار وقت جڏهن سمورا تتر گودر اندر
هليا ويندا آهن، ۽ ڏسبو آهي ته تتر واپس ورڻ وارا
آهن ته ان وقت شڪاري جُتي ڦِٽي ڪري گودر طرف تڪڙو
ڊوڙندو آهي، جنهنڪري جيڪي تتر گودر کان ٻاهر
هوندا آهن سي اڏامي ويندا آهن، باقي اندرين کي
روڪي وٺندو آهي، ۽ يڪدم گودر اندر هيڏانهن
هوڏانهن ڊوڙڻ ۽ ڦٿڪڻ شروع ڪندا آهن، جن کي شڪاري
هڪ هڪ ڪري جهلي گودر مان ڪڍي ڇَٻيءَ يا ٽوڪريءَ ۾
، جيڪا پاڻ سان شڪار رکڻ لاءِ رکبي آهي، ان ۾
وجهدو ايندو آهي. سمورن تترن ڪڍڻ بعد گودر کي
ويڙهي رکندو آهي ۽ ڇٻي پٺن سان ٻڌي ڀڳوءَ واري
ڇٽي هٿ ڪري ساڳئي نموني سان ڦاسائيندو آهي. اهڙي
نموني روزانو ڪڏهن گهڻا ڪڏهن ٿورا تتر هٿ ڪندو
آهي، ڪڏهن پنجويهه ٽيهه تتر به جهليندو آهي ته
ڪڏهن صفا خالي به رهندو، هي شڪار صبح جو وقت يا
شام جو ڪري سگهبو آهي، جڏهن تتر چوڳ تي نڪرندا
آهن، ۽ ظاهر ڏسي سگهبا آهن، مگر ٻنپهرن وقت شڪار
جيتريقدر فائديمند آهي اوترو نقصانڪار به آهي، ڇو
ته شڪاريءَ جي منهن آڏو ڪپڙو آيل هوندو آهي فقط
اکين وارن سوراخن سان ڏسي سگهندو آهي، سا به پري
پري نظر ڪري سگهندو آهي، ان کان سواءِ سندس خيال
سڄوتترن طرف هوندو آهي ۽ کيس پنهنجي اڳيان واريءَ
ويجهيءَ سرزمين جوڪوبه سڌو سماءُ نه هوندو آهي،
جنهنڪري ڪٿي کڏن کوٻن ۾ ٿاٻڙيجي ڪِرندو آهي، ڪٿي
وڻن جي سڪل کتين سان ٽڪرائجي ويندو آهي، جنهن مان
کيس جاني نقصان پهچندو آهي ۽ بعضي ڪنهن عضوي کي
ضرب به اچي ويندي اٿس، ان کان سواءِ ڪنهن وقت ٻر
تي ويٺل يا پاٿاريل بلا سان سندس ٽڪر ٿيندو آهي،
جنهن کان ڏنگجي حياتي وڃائڻي پوندي اٿس.
تترن جي شڪار جا مکيه هنڌ:
ڪارا تتر پوٺن تي گهٽ ۽ ڍنڍن يا گهاٽين هُڙين ۽
ٻيلن وارن هنڌن تي گهڻا هوندا آهن ۽ ان جي برعڪس
ڀورا تتر وري پوٺي ۽ خشڪ جهنگل واريءِ ايراضي کي
پسند ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ بدين تعلقي جا ڏکڻ
وارا حصا، سيراڻي، ٻهڊمي، ڪڍڻ، لنواري، نندو شهر ۽
ٽنڊي باگي تعلقي جا انهن ڳوٺن ۽ حصن کي ويجهڙائيءَ
وارا علائقا تترن جي شڪار لاءِ موزون هوندا هئا.
خاص طرح ڪڍڻ شهر جي اردگرد وارو خِطو سڀني کان
وڌيڪ هو، ڇو ته هن جي ڀر ۾ وڏا ٻوٽا، وسيع جهنگل
۽ هُڙيون هونديون هيون، ان کان سواءِ کيرٿر سيراب
۽ پپر جو ڍورو وتهاري بڙ جو ڍورو ، واري جون ڀٽون
۽ سرسبز ميدان، چرانڊ وارو تلاءُ ۽ ٻيا اهڙا
قدرتي نظارا گهڻا هئا، جنهنڪري تترن جو ايڏو وسيع
انداز موجود هوندو هو جو سارو ڏينهن چپي چپي تي
تترن جون تنوارون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون پر ڪن هنڌن
تي، جتي تترن جي گهڻائي هوندي هئي اتي سياري جي
موسم ۾ رات جي پوڃاڻيءَ ۾ به تتر وڏي زور سان
ٻُوليندا رهندا هئا. ٿر پارڪر ضلعي جو پراڻ وارو
حصو ته تترن جي خاص آماجگاه هو جتي ٻارهن ئي
مهينا شڪاري شڪار ڪندا رهندا هئا ته به کوٽ ڪانه
هوندي هئي. بدقسمتيءَ سان محمد ايوب خان پنهنجي
دور ۾ هن شڪار تي اهڙي ءَ طرح بندش نازل ڪئي جو
غريبن لاءِ شڪار جا دروازا بند ڪري اميرن جي موجن
وٺڻ جو انتظام ڪيو ويو ته رب پاڪ جي قدرت غيض و
غضب ۾ اچي، سال 1963۽ 1964ع واري طوفاني برسات
نازل ڪئي، جنهن جي سخت شدت سبب گهڻي انداز ۾ تتر
مري ويا باقي رهيل تترن کي 1970 واري برسات ، جا
لاڳيتو ٽي چار روز هلي، تنهن پورو ڪري ڇڏيو. ائي
پائي جيڪي ڪي چند داڻا بچيا هئا اهي وڏن ماڻهن ۽
ڪامورن جي شڪارين ماري ختم ڪري ڇڏيا. جن شڪارين
کان گيم وارڊن وارا منٿليون وٺندا رهندا هئا ۽ جن
ملڪ جي ستياناس ڪري ڇڏي. اهڙا شڪاري هاڻ ٿر ضلعي
جي ڏيپلي تعلقي اندر وڃي شڪار ڪري، تتر جهلي ايندا
آهن ۽ وڏن سرمائيدارن کي ڏيندا آهن جن جي طفيل کين
شڪار جي عام آزادي هوندي آهي. اهي شاهوڪار ماڻهو
کوکن جي ڄاري، لوهه لڳل پڃرن ۾ اهڙي پڪڙيل تتر
بند ڪري رکندا آهن ۽ ضرورت وقت پاڻ کائيندا آهن.
باقي وچولن طبقن جي سفيد پوش ماڻهن کي ڪنهن
بيماريءَ (اڌرنگ) وغيره جي علاج جي لاءِ به تتر
جو ملڻ دشوار هوندو آهي. گهڻين مٿن ۽ زور بار بعد
کين هڪ ٻه تتر وڏي انتظار بعد ملندا آهن، جنهن جي
قيمت ڪارو تتر ڪم از ڪم ٽي ۽ ڀورو تترٻه رپيا في
ننگ ادا ڪرڻو پوندو آهي، باقي غريب ماڻهو تتر
کائي، اها ناشدني آهي. رڳو تتر جو نالو وٺڻ به
غريب لاءِ گناهه برا بر آهي. لاڙ خطي ۾ لکين
ڪروڙين تعداد ۾ تتر هوندا هئا. اتي هينئر ڀوري
تتر جي ته ٻولي ڪٿي اتفاق سان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي نه
ته اصل خير ئي خير لڳو پيو آهي،البت ڪاري تترجي
ڪڏهن ڪڏهن ٻولي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو
آهي ته ڀورو تتر ولر ڪري رهندو آهي، جنهنڪري ماري
هنن کي پڪڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي. پر ڪارو تتر لڳ وقت
شڪار ڪري نه سگهبو آهي. هو لڳ کان پوءِ ويڙهه لاءِ
اڪيلو ايندو آهي جنهن کي شڪاري ڦاسائيندا آهن مگر
انهن جون ماديون سلامت رهنديون آهن ۽ اتي ئي آرو
ڪري ٻچا ڦوڙينديون آهن، جن مان جيڪي نر پيدا ٿيندا
آهن اهي جوان ٿي ٻُوليندا آهن ۽ نئين سر لڳ ڪري
پنهنجو نسل باقي پويان ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ شڪارين جي
ڦندي ۾ اچي موت جي حوالي ٿي ويندا آهن.سندن
جوانيءَ جي موج فقط چند مهينا هوندي آهي. شڪار تي
بندش پوڻ کان اڳ اتي ڏهن سالن وارا کڙپيل يعني
پوڙها تتر عام هوندا هئا مگر هن وقت اهڙو حال آهي
جو رهي نام الله جو. |