سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :19

اسان ۾ هنن ڪانفرنس جي اخراجات جي برداشت هن وقت گهٽ آهي ۽ ممڪن آهي جن ته اسان لاءِ ڪجهه ڪيو آهي، انهن جي بلن جي پوري ادائگي ممڪن نه ٿئي. اسين فقير، سندن محبت ۽ وسعت قلبيءَ ۾ اميد رکون ٿا.

عزيزو، هن قسم جا ادارا جيئن مون اڳي عرض ڪيو آهي هڪ نه مگر ڪيترا هئڻ گهرجن. هنن ادارن جو وجود معاشري جي صحت جي نشاني آهي، تازو اسان جي حڪومت ڪي فيصلا ڪيا آهن، جن جي تڪميل لاءِاديبن، عالمن، شاعرن فنڪارن، استادن ۽ شاگردن کي ڪم ڪرڻو پوندو. معاشري جي صحت ۽ ترقيءَ جي اميد لکيل، پڙهيل جي جذبي، احساس ۽ قربانيءَ تي منحصر آهي، جنهن معاشري جي پڙهيل، لکيل طبقي ۾ ثقافتي اخلاقي ۽ علمي شعين لاءِ محبت عزت ۽ جدوجهد جي قوت نه آهي، ان جو مستقبل پر اميد نه سمجهيو. اهي سڀ هن قسم جا ادارا آهن، جي حڪومت جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ اسان سائين جتوئي صاحب کي پنهنجو خدمتون هميشه حاضر رکنداسين اهو هن وقت هڪ عين خدشو ۽ ڊپ آهي ته چند گزريل سالن ۾ اسان جو معاشرو اخلاقي علمي ۽ فڪري الحطاط طرف ڊوڙي رهيو آهي، ۽ ان کي بچائڻ ۽ صحيح راه تي هلائڻ مفڪرن، عالمن، اديبن، شاعرن۽ استادن جو ڪم آهي.

عزيزو، منهنجي تصور ۾ هن مقام تي هڪ نمائش گهر هوندو، هڪ لائبري هوندي ريڊنگ روم هوندي، هڪ ڏيڍ  يا ٻن هزارن جي ماڻهن جي ويهڻ جو آڊيٽوريم هوندو، هڪ اوپن ايئر ٿئيٽر  هوندو، هڪ اديبن  لاءِ رهائشگاهه ۽ ڪلب هوندي مطلب ته سنڌ جي هر ادبي ۽ ثقافتي  ضرورت  کي پوري ڪرڻ جو مرڪز هوندو مگر ان کي وڌائڻ، خوبصورت  بنائڻ چمڪائڻ  ۽ مقبول بنائڻ جو گهر هوندو، آئينده پنجن کان ستن سالن ۾ اسين اهڙُو ادارو ۽ گهر ٺاهي تيار ڪريون، جو دنيا جا ماڻهو  ڏسڻ لاءِ اچن . مونکي يقين آهي ته اسين حڪومت سنڌ ۽ حڪومت پاڪستان جي علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي پروگرام ۾ آساني ۽ فخر سان جاءِ حاصل  ڪري سگهنداسين سائين ڀٽائي، عوام جو شاعر  آهي، اڄ عوامي راڄ آهي ۽ نوجوانن  جي حڪومت آهي. عوام جون اميدون ۽ نوجوانن جي همٿ گڏبا ته ڇا نه ڪري سگهبو.  سائين ، اسان جي ”شاهه گهر“ ٺاهڻ ۾ مدد ڪريو.

سائين، توهان اڄ هن مجلس ۾ هڪ چڱي خاصي پروگرام جو افتتاح ڪري رهيا آهيو. اڄ رات جو ڪجهه ڳائڻ  جو پروگرام آهي، جنهن ۾ اسان اهو ڪجهه ڏيکارينداسين ۽  ٻڌائينداسون جو هن وقت تائين گهڻو ڪجهه اسٽيج تان ريڊيو يا ٽيليوزن تان نه آيو آهي. سائين توهان کي خبر نه اهي ته ڪراچي ريڊيو اسٽيشن جي سنڌي پروگرام ۽ ان لاءِ وقت جو مقدار ۽ ڪراچي  ٽيليويزن  جي سنڌي پروگرام جي نوعيت ۽ شرم آڻيندڙ مقرر ڪيل وقت کي ڪڏهن بند ڪرائيندا. سنڌي پروگرام لاءِ رکيل وقت ۽ ان جي پاڪيزگيءَ تي شرم ٿو اچي. آءٌ نه ٻڌندي ۽ ڏسندي اکيون بند ڪري، خدا ڏانهن هٿ کڻندو آهيان. سائين ڪراچي ريڊيو جا سنڌي پروگرام ۽ ڪراچيءَ ٽيليويزن جا سنڌيءَ جا پروگرام ۽ انهن لاءِ ڏنل وقت عين تمسخر ۽ توهين آهي، خدارا اسان کي بچايو، اگر صحيح  هلائڻ جي نيت نه آهي ته بند ڪرايو. ان سنڌي پروگرام لاءِ وقت جي وڌائڻ جي تقاضا ۽ ان کي اهميت ڏيڻ، فقيرن، پينن ۽ جاهلن جي تقاضا نه آهي. خدارا اسان کي هن رسوائيءَ کان بچايو، هي ٻئي ادارا ڪم از ڪم ڏين نه، ته ڏکوئين ته نه.

عزيزو سڀاڻي صبح جو اسان جو نوجوان وزير تعليم اسان جي ڪتابي  ۽ ثقافتي نمائش جو افتتاح ڪندو. ان کان پوءِ سنڌ مدرسه ۾ صبح ۽ شام مضمون ۽ مقالا پڙهيا ويندا. صبح جي مجلس جي صدارت منهنجو دوست شيخ اياز ڪندو ۽ شام جو مجلس  جي صدارت سيد سبط حسين ڪندو. سڀاڻي رات  جو اسين سنڌي مشاعرو ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ چند دوست اردو شاعر به هوندا ۽ ان جي صدارت سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪندو.

عزيزو، پاڻ کي وڏي جهنجهٽ ۾ وڌو اٿئون الله اڪاري پار ڪندو. سائين آءٌ توهان جي انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۽ محڪمه تعليم جو مشڪور آهيان جن اسان جي مدد ڪئي آهي. آءٌ ڪيترن ادارن  ۽ بزرگن جو مشڪور آهيان. جن اسان سان تعاون  ڪيو آهي ۽ هن ڪانفرنس  جي هر مجلس جي ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد ڪئي آهي. آءٌ ان ڏس ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي“، ”شاهه ولي الله اڪيڊمي“ جو مشڪور آهيان، جن اسان جي مهمانن کي خوش رکڻ ۾ مدد ڪئي آهي. آءٌ گورنمينٽ گرلس ڪاليج، فريئر روڊ جي پرنسپال صاحب ۽ ان جي استادن جو مشڪورآهيان، جن اسان جي هن انتظام  ۾ مدد ڪئي آهي. آءٌ هر ننڍي يا وڏي، پوڙهي يا نوجوان  ڪارڪن جو مشڪور آهيان، جن هيتري جفاڪشي ۽ ڀڄ ڊوڙڪئي. آءٌ سنڌ جي سڀني  اخبارن ۽ اخبارنويسن ۽ خبرايجنسين جو مشڪور آهيان. جن اسان تي رحم کاڌو آهي ۽ اسانجي مدد ڪئي آهي. الله تعاليٰ کين اجر ڏيندو.

سائين جتوئي صاحب، توهان اسان وٽ هتي اچي شرڪت  ڪري اسان کي وڏو ٿورائتو  ڪيو آهي. هاڻي مهرباني ڪري، سنڌ جي وڏي وزير  جي حيثيت ۾ ۽ سنڌ جي خليق فرزند جي صورت ۾ اسان کي دعا به ڏيو ۽ دوا ۽ ديا به ڪريو. مهرباني.

ومنہ المستمان وعليہ التڪلان

جناب غلام مصطفيٰ  خان جتوئي، وزير اعليٰ سنڌ جي تقرير

جناب چيئرمن سيد غلام مصطفيٰ شاهه، عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جا ميمبر، خواتين ۽ حضرات.

اڄ هن ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جي افتتاح جي سلسلي ۾ آءٌ پاڻ کي اوهان جي وچ ۾ موجود ڏسي، سچ پچ نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، ۽ مون کي اُميد اهي ته هي ڪانفرنس نه رڳو اسان جي ماضيءَ کي زنده رکندي، ۽ اسان جي عظيم ورثي سان اسان جي دلچسپيءَ کي وڌائيندي، بلڪ اها اسان جي آئيندي جي اديبن، فنڪارن، شاعرن ۽ هنرمندن ۾ به نوان جذبا جاڳائيندي.

جناب چيئرمن، مون کي خبر آهي ته اوهين هن ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوري خلوص ۽ سچائيءَ  سان پاڻ پتوڙيندا رهيا آهيو. آءٌ اوهان کي پنهنجي نيڪ ڪوشش جي هن ڪاميابيءَ لاءَ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. آءٌ سوسائٽيءَ جي تنظيمي ڪاميٽيءَ جي ميمبرن  کي به مبارڪباد  ٿو ڏيان، جن پوري جوش ۽ جذبي سان رضاڪارانه طور تي هن سلسلي ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي.

هيءَ ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي ته اسان جو صوبو تاريخ، ادب، ثقافت ، فن ۽ دستڪارين  جي سلسلي ۾ عظيم ورثي  جو مالڪ آهي. اسين پنهنجي قيمتي ورثي کي پنهنجن روايتي  فني نمونن ۽ دستڪارين ۾ سموهي ڪيئن زنده رکندا ٿا اچون، ان جو مشاهدو ڪو به ٻاهريون ماڻهو، اسان جي پرانهين کان پرانهين ڳوٺ ۾ وڃي، بخوبي ڪري سگهي ٿو.

هن موقعي تي آءٌ اهو جتائڻ به ضروري  ٿو سمجهان ته هاڻ اسان جي هنن روايتن لاءِ هڪ زبردست خطرو پيدا ٿي پيو  آهي. مشيني زندگي اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ  ۽ لاڙن تي غالب پوندي پئي وڃي، جنهنڪري اسين پنهنجي لوڪ ناٽڪ ۽ ناٽڪي فن جي روايتن جو ڪيترو حصو هٿان وڃائي چڪا آهيون، ساڳيءَ  ريت، اسان جون ڪيتريون دستڪاريون ۽ فني نمونا پڻ خطري ۾ اچي ويا آهن.

ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ اڪيلي سر وڃايل دستڪارين، ناٽڪ يا ٻين ادبي  ۽ ثقافتي نمونن کي زنده ڪرڻ ۽ همٿائڻ ممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ،جيئن اوهان سڀني کي خبر آهي ته فن کي جيارڻ ۽ ادب ۽ ثقافت ۾ دلچسپي  پيدا ڪرڻ خاطر رواجي ڪوششن سان ڪم نٿو هلي سگهي. پر ان لاءِ لاڳيتي  ۽ ڊگهي  جدوجهد جي ضرورت آهي. بلڪ ان لاءِ اوهان جي سوسائٽيءَ جهڙين ثقافتي تنظيمن جي موجودگي ضروري  آهي، ته جيئن انهن جي سهاري هيٺ  دانشور گڏجي بهتر خدمتون ڪري سگهن. پر، هن سلسلي ۾ آءٌ ٻه چار ڳالهيون چوڻ ٿو گهران. اسان ماضيءَ  ۾ ڪيتريون ئي ادبي سوسائٽيون ۽ جماعتون  جڙنديون ڏٺيون آهن، جيڪي وقت گذرڻ  سان پنهنجي موت مري ويون يا بي يار ۽ مددگار رهجي ويون ۽ انهن جا ميمبر  ڇڙوڇڙ ٿي ويا. اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ۽ هنئين سان هنڊائڻ جوڳي به ڇاڪاڻ ته دانشورن کي دٻائي ڪنهن ڪارب ۾ وجهي نٿو سگهجي، ۽ نه وري اديبن ۽ فنڪارن کي آزاديءَ سان پنهنجي جذبات جي اظهار کان روڪڻ سان ڪو مقصد حاصل ٿي ٿو سگهي. ان جي اُبتٿر، جيڪڏهن اسان کي ڪي وسيع ۽ ديرا مقصد حاصل ڪرڻا آهن، ته پوءِ ان لاءِ ڪنهن جماعت جو پايو وجهڻ ضروري ٿيو پوي. ڇاڪاڻ ته وقت جي نزاڪت جي پيش نظر اهو طريقو وڌيڪ اثرائتو پائدار آهي.

انهيءَ ڪريءَ  آءٌ اوهان کي عرض ڪندس ته هن ڪانفرنس  جي ڪارروائيءَ دوران يا ان جي پچاڻيءَ کان پوءَ، اوهين سوسائٽي لاءِ هڪ مستقبل  سيڪريٽر يٽ قائم ڪرڻ جي معاملي  تي ويچار ڪندا ڇاڪاڻ ته رواجي  اجلاس ، ڪانفرنس  ۽ سيمينار  ڪوٺائڻ جي سلسلي ۾ رٿائون  ۽ تفصيل تيار ڪرڻ جي منجهائيندڙ  ڪم کي هيءَ سيڪريٽري آسانيءَ سان جائزو وٺي انهن جو حل ڳولي سگهندا. هن سلسلي ۾ اوهانکي حڪومت  جي جيڪا به مدد درڪار ٿيندي، اها وڏي  خوشيءَ  ۽ ڪشاده دليءَ سان ڪئي ويندي.

آءٌ اوهان جي طرفان اديبن ۽ شاعرن لاءِ هڪ ڪلب قائم ڪرڻ جي تجويز جي به آجيان ڪندس. اهڙي ڪلب جي تنظيم لاءِ منهنجيون نيڪ تمنائون اوهان سان شامل رهنديون. هن سلسلي ۾ به جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت پئي، ته اها وڏي خوشيءَ سان ڪئي ويندي .

هاڻ آءٌ هڪ ٻئي معاملي بابت اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ ٿوگهران . مون محسوس  ڪيو آهي ته ڪجهه عرصي کان اسان جي اخلاقي  معيارن ۽ نظرين  کي قبر ڏانهن گهليو پيو وڃي. جنهن لاءِ ڪجهه ڏوهه سستين فلمن تي مڙهيو ٿو وڃي ته ڪجهه نام نهاد ثقافتي نمائشن تي. بهرحال، ان جو سبب ڪهڙو به هجي، تاهم، ايترو ضرور چئبو ته اها غريب  ماڻهن جي تفريحي  ضرورت  سان ظالماڻي  هٿچراند  آهي. انهيءَ دکدائڪ صورتحال جو وڏو  ڪارڻ رڳو هيءُ  آهي ته حقيقي فن عام ماڻهوءَ  جي پهچ کان گهڻو پري ٿي ويو آهي.

آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ بدحاليءَ  جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جي فنڪارن پنهنجو پاڻ کي نظرين جي بنيادن کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو آهي. دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته ثقافتي  نمائشون ۽ ڪانفرسون رڳو وڏن  شهرن ۾ ڪوٺايون وينديون آهن. جنهن جي نتيجي  ۾ اسان جا فنڪار ۽ اديب ٻهراڙين ۽ اتي  جي رهاڪن کان الڳ ٿيندا ويا. آهن. حالانڪ اسان جي ماضيءَ  ۽ عظيم ورثي جي پرورش  اتان ئي ٿيندي رهي آهي اسان جي فنڪارن مان ڪي ٿورا ڳوٺن  ۾ وڃي پنهنجي فن جي مظاهري ڪرڻ تي آماده ٿين ٿا. اسان کي انهيءَ  معاملي  جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺي، ان جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي. مونکي اميد آهي ته اڳتي هلي اوهين  فنڪارن جون اهڙيون گشتي جماعتون منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب  ٿي سگهندا، جيڪي  ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي ماڻهن آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪنديون. هيءَ ڳالهه هڪ طرف اسان جي ليکڪن ۽ فنڪارن لاءِ قيمتي تجربن جو باعث ٿيندي  ته ٻئي پاسي ان  سان ڳوٺاڻي فن ۽ لوڪ فنڪارن جي همت افزائي ٿيندي. اهڙي ريت اسان کي پنهنجن لاڙن جي سلسلي  ۾ به نوان موڙ ملندا.

آخر ۾ آءٌ اوهان سڀني جا ٿورا ٿو مڃيان، جو اوهان مون کي هن ڪانفرنس جي افتتاح  ڪرڻ جو موقعو ڏنو. آءٌ اميد ٿوڪريان ته اوهين پنهنجي ڳالهين ٻُولهين  ۾ ضرور  سوڀارا ٿيندا.

مسٽر مظهر يوسف، اعزازي سيڪريٽريءَ جي تقرير

 آءٌ شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ  جي طرفان سنڌ جي وڏي وزير مانواري سائين غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جو بيحد شڪرگذار آهيان، جي ڪيترن مشغولين  جي باوجود اڄوڪي هن ميڙ ۾ شريڪ ٿيا آهن، جتوئي صاحب جن نه رڳو اڄوڪي هن ميڙ جو افتتاح ڪرڻ قبول ڪيو، پر شاهه لطيف جي ڪلام ۽ دانائيءَ سان ڀرپور تعليمات  ۾ سندن ورتل چاهه  ۽ دلچسپي، اسان جي خوشيءَ ۽ همت افزائيءَ جو پڻ سبب بني آهي.

مان سنڌ جي ناميارن شاعرن اديبن، تعليمي  ماهرن ۽ فنڪارن جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي عاجزانه دعوت تي هتي اچي شريڪ ٿيا آهن ۽ اسان کي عزت بخشي  اٿن.

هن جلسي ۾ سنڌ جي عالمن ،اديبن ۽ شاهه جي فن جي پارکن ۽ سڀني باصلاحيت ۽ محب وطن دانشورن ۽ سامعين جي هڪ مقام تي گڏجاڻي، مون کي انڊلٺ جيان معلوم ٿئي ٿي انهن رنگ برنگي خوشبوءِ سان واسيل روشينن کي ڏسي آءٌ دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته لطيف جي هن عظيم ڌرتيءَ  جو آئيندو بيحد روشن آهي.

سائين اهو لطيف جي ڪلام، فڪر ۽ دانائيءَ جو کليل ثبوت  آهي، جو اسين سڀئي ڀائر هتي اچي گڏ ٿيا آهيون سچ پچ لطيف جو فلسفو انسان جي عظمت رواداري جنس اخلاق جي جوهرن سان مالا مال آهي اسان کي شدت سان احساس آهي ته ڪن حالتن  ۾ سنڌ جي محبت  واري جذبي  ۽ ماکيءَ  جهڙي مٺي  ثقافت  کي ڪن غلط  ماڻهن طرفان ڪڙي قاتل بنائڻ  جي ڪوشش پڻ ڪئي ويئي، جنهن  ۾ انسان دشمنن کي شڪست ڏسڻي پئي اسان کي اعتماد  آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت  ان مٺائيءَ کي  ڪڙائيءَ ۾ تبديل  نٿي ڪري سگهي.

جناب غلام مصطفيٰ  شاهه جن هينئر پنهنجي استقباليه خطي  ۾ شاهه گهر،  شاهه سينٽر، يا شاهه باغ قائم  ڪرڻ جي تجويز ٿي جيڪو  روز ڀريو آهي ۽ سرڪار کان امداد پڻ گهري آهي، جيڪڏهن هن سلسلي ۾ اسان کي ڪاميابي حاصل ٿي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته هن ملڪ جا سڀئي ترقي پسند دانشور ۽ شاهه جا پارکو هڪ هنڌ تي ضرور گڏ ٿيندا ۽ کين ٿيڻ به گهرجي، جيڪي شاهه جي ڪلام فلسفي ۽ آرٽ کي پوريءَ دنيا ۾ ڦهلائي هن ڌرتيءَ جو مان مٿاهون ڪري سگهن ٿا.

مون کي اهو ظاهر ڪندي، بيحد خوشي ٿئي ٿي ته هن ڌرتيءَ  تي وسندڙ ٻين انسانن سان گڏ نون آيل ماڻهن مان محب وطن دانشورن به هن ڌرتيءَ  کي نه رڳو زبان سان پنهنجي ماءُ چيو آهي، پر عملي طرح سان پڻ هن ڌرتيءَ جي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ، پنهنجي تخليقي عمل ۾ مصروف  رهندا آيا  آهن. جيڪو هن ڌرتيءَ جو ڪرشمو ۽ ڪمال آهي، هيءَڌرتي هر نئين ايندڙ کي پنهنجي رنگ ۾رنگي ڇڏي ٿي ۽ سڀني کي هڪجهڙائيءَ سان ۽ هڪ جيترو ڀانئين ٿي ۽ جيءَ ۾ جايون ڏئي ٿي.

اسان سڀ هتي اڄ دل جي صدق سان اهو قول ڪريون ٿا ته سنڌ جي ريگستانن کي پنهنجي ترقي پسند رويي، علم ۽ هنر سان نيون روشنيون بخشينداسين ۽ کيس گل وگلزار  بڻائينداسين

آخري ۾ آءٌ ”شاهه عبداللطيف ڪلچر سوسائٽي“ ڪراچيءَ جي لائيف ميمبرن ۽ ٻين ڪرمفرمائن جو شڪر گذار آهيان، جن مخلصانه تعاون ۽ مالي مدد سان هي پروگرام عمل ۾ آيو آهي ۽ ڪانفرنس ڪامياب ٿي آهي.

لائيف ميمبر صاحبن جا نالا هي آهن:

1.           جناب سيد غلام مصطفيٰ شاهه،

2.          ليڊي هدايت الله .

3.          ڊاڪٽر خورشيد سعيد.

4.          ڄام امير علي  خان.

5.          محمد ايوب  کهڙو.

6.          محمد عثمان چاليهو.

7.          ظهيرالدين پٺاڻ.

8.          شبير احمد شاهه.

9.          مسٽر نواب،

10.      مسٽر غزالي.

11.       بيگم نعيمسلطانه صاحبه.

12.      دادا مهتاڻي.

13.      ڊاڪٽر لالواڻي.

14.      خواجه نسيم احمد

 

جناب ۽ خانم ڪيوان شڪوهيءَ جي عزاز ۾ دعوت استقباليه

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي عالمن جا اڳوڻي زماني ۾ فارسي ۾ لکيل جيڪي ڪتاب شايع ڪيا آهن، اهي ايران، افغانسستان  ۽ ٻين فارسي ڳالهائيندڙ علائقن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا آهن. انهن ڪتابن جي اشاعت  ڪري، سنڌ جي تاريخي ۽ علمي حيثيت نروار ٿي بيٺي آهي ۽ اها ايتريقدر  ته بلند  و بالا ۽ ڀرپور آهي، جو فارسي ڳالهائيندڙ ملڪن ۾ عالمن  کي اهل سنڌ  ۽ عظمت  جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ۽ سندن ڪارنامن تي تحسين۽ آفرين ڏيڻي پوي ٿي. ايران ۽ افعانستان جا ممتاز عالم جناب مائل هروي، جناب عبدالحي  حبيبي، آقاي سعيد نفيسي، پروفيسر زرني ڪوب، پروفيسر فروزانفر، پروفيسر منوچهره ستوده، آقاي محمد نقي دانشبيوه، جناب ايرج افشار، ڊاڪٽرعلي اڪبرجعفري ۽ ٻيا کليءَ دل سان بورڊ جي علمي ڪم جي، تقريرن ۾ توڙي تحريري طورتمام گهڻي تعريف ڪندا رهيا آهن. ايران سرڪار سنڌي ادبي بورڊ جي  محقق ۽ سنڌ جي باڪمال عالم جناب پيرحسام الدين  راشديءَ  کي سندس فارسي علمي ڪم جي قدرشناسي  ڪندي تازو ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. اهو اعزاز  پوري برصغير پاڪ و هند ۾ فقط انهيءَ سنڌي عالم کي ڏنو ويو تازو اعليٰ حضرت شهنشاهه  ايران جو ڀيڻويوو ۽ ايران جو وزير هنر و فرهنگ، جناب مهرداد پهلد جڏهن پاڪستان  جي علمي دوري تي آيو ته هن مسٽر غلام رباني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ نواب  نور احمد خان لغاري، صدر سنڌ  ايران دوستي انجمن کي ايران سرڪار طرفان شايع ڪيل ”قرآن پهلوي“ پنهنجي اخلاص ۽ محبت  جي نشانيءَ طور موڪليو.

حيدرآباد ۾ ايران  سرڪار  جي خانه فرهنگ ۽ سنڌي  ادبي بورڊ جا لاڳاپا شروع کان وٺي نه فقط دوستانه رهيا آهن بلڪ حقيقت  اها آهي ته  اهي ٻئي ادارا جيئن پوءِ تيئن  هڪٻئي  کي ويجهو ايندا رهيا آهن ۽ علمي ۽ ثقافتي  سطح تي باهمي  تعاون جي مثالي روايت قائم ڪئي اٿن. 16 _ مئي 1974ع تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان خانه فرهنگ  ايران جي موجوده ڊئريڪٽر ۽ خانم آقاي يوسف ڪيوانش ڪوهيءَ  جي اعزاز ۾ هڪ دعوت   استقباليه ڏني ويئي جنهن ۾ حيدرآباد جا ممتاز سنڌي اديب، تعليمدان  ۽ دانشور شريڪ ٿيا. ان تقريب ۾ جناب  ڪيوان شڪوهيءَ  سنڌ ۽ ايران جي قديم لاڳاپن جي مد نظر ۽ سنڌ سان پنهنجي شخصي محبت جي اظهار طور سنڌي زبان ۾ تقرير  ڪئي. جناب  ڪيوان شڪوهيءَ فرمايو.

مان اوهان جو نهايت  ممنون ۽ مشڪور آهيان جو اوهان مون کي هي بلند مقام ڏنو آهي. ان جو مان قطعاً مستحق نه آهيان. اڄ شام مان اوهان جي نه پر پنهنجي زبان  ۾ مخاطب  ٿيڻ جي خواهش رکان ٿو ته جيئن ڪم از ڪم هتي ويٺل عالمن  جي ڪهڪسان  جي اکين کي ٿڌي ڪندڙ روشنيءَ  مان ڪجهه وڌيڪ حاصل ڪري سگهان.

پاڪستان پل خصوص سنڌ سان ايران جي مشترڪہ همبستگي هخا منشي دور کان وٺي هن وقت تائين جهڙيءَ طرح رهي آهي سان عالمن ۽ محققن کان مخفي نه رهي آهي. تاريخ ۾ اهڙو ڪو به مثال نٿو ملي ته ايران ۽ سنڌ جا روابط ڪڏهن به خراب رهيا هجن انگريزن کان اڳ سنڌ جي علمي ، ادبي ۽ دفتري زبان فارسي هئي ۽ ان اثر ڪري سنڌ جي لغت ۾ وڌيڪ تعداد  فارسي  لفظن  جو آهي. سنڌ جي تاريخ جو وڏو  حصو فارسي زبان ۾ لکيو ويو آهي. سنڌ جي مشهور عالمن کي فارسيءَ تي  پنهنجي مادري زبان  وانگر عبور حاصل رهيو آهي. اسين نه صرف زبان جي لحاظ  کان نزديڪ آهيون پر اسان جي پوشاڪ، کاڌو، رهائش ۽ ثقافتي زندگي مطلب ته هر مظهر  شاهد آهي ته اسين ٻئي هڪ آهيون.  مان جڏهن سنڌ اچي رهيو هوس  ته مون سوچيو  هو ته اتان جا رهواسي   ڪهڙا هوندا؟ مان انهن سان رلي ملي رهي به سگهندس يا نه؟ پر ائين نه آهي. منهنجي سوچ  غلط  هئي. سنڌ جا ماڻهو پيارا، يارويس ۽ مٺيءَ زبان وارا آهن. مون هنن ۾ جو قرب پاتو، دنيا جي ٻيءَ ڪنهن ڪنڊ ۾ شايد اهڙو نه حاصل ڪيو هجي. هي زندگيءَ جا چند سال مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. مون کي اوهان جي زبان  سمجهڻ  ۾ ڪا دشواري نه ٿي ڇاڪاڻ  ته اوهان جي زبان ۾ اڌ کان وڌيڪ فارسي  لفظ آهن. اوهان کي اهو معلوم ڪري نهايت  خوشي ٿيندي ته مان اها ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي  زبان ۾ مستعمل فارسي لفظن کي جدا ڪري انهن جي آسان لغت ٺاهجي ۽ وقت جي اهم ضرورت  يعني سنڌي فارسي لغت، تيار ڪجي.

      منهنجا دوست تعجب ۾ هوندا ته مون ايترو جلد سنڌي سمجهڻ شروع ڪري ڏني آهي، صاحبو ! اهو انڪري نه آهي ته مون ڪا ڪوشش ڪئي آهي، پر اهو صرف سنڌي ۽ فارسي زبان جي فرهنگ هڪ هجڻ ڪري آهي. جڏهن مان سنڌ جي ديهاتن جو سير ڪيو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته مان ايران  جي ڪنهن علائقي ۾ ئي آهيان. هن محل ۾ سنڌ جا دانشور ويٺا آهن، انهن سڀني کي فارسي اچي ٿي ۽ جي نه ته سمجهندا ضرور هوندا. هاڻي ٻڌائيندا ته اوهان ۽ اسان ۾ باقي ڪهڙي شئي آهي، جا مشترڪ نه آهي؟ توهان منهنجي نزديڪ آهيو ۽ مان توهان جي. هي چند لفظ چوندي مون کان تلفظ يا ٻوليءَ  جون ضرور  چُڪون ٿيون آهن، پرمون جيڪا ڪوشش ڪئي آهي ، ان ۾ محبت خلوص  ۽ سچائي آهي.

آخر ۾ مان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان.

انهيءَ کان اڳ، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر غلام رباني، جناب ڪيوان شڪوهيءَ  جي خدمتن  جو اعتراف  ڪندي چيو ته خانه فرهنگ حيدرآباد جي ڊئريڪٽر جي حيثيت ۾ جناب ڪيوان شڪوهيءَ جنهن مستعديءَ سان ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طرح سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي حلقن ۾ جيڪا مقبوليت حاصل ڪئي آهي، هيءَ تقريب ان حقيقت جي اعتراف ڪرڻ ۽ جناب ڪيوان شڪوهيءَ  کيس خلوص  دل سان مبارڪباد ڏيڻ لاءِ منعقد  ڪئي ويئي آهي. مسٽر غلام ربانيءَ جناب ڪيوان شڪوهيءَ کي سنڌي ادبي  بورڊ طرفان سمورن علمي ۽ ثقافتي  معاملن  ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. نواب نوراحمد خان لغاري  صدر سنڌ ايران دوستي

انجمن ان موقعي لاءِ پنهنجي لکيل تقرير ۾ جناب ڪيوان شڪوهيءَ  جي همہ  اوصاف شخصيت  جي تعريف ڪئي ۽ خانه  فرهنگ حيدرآباد  کي اهل سنڌ  ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ جناب  شڪوهيءَ  جي اڻٿڪ ڪوششن  جو تفصيل سان ذڪر  ڪيو ۽ کيس پنهنجيءَ شاندار  فرض  ادائيءَ  تي تحسين ۽ آفرين ڏني .ان موقعي تي جناب پيرحسام الدين  راشديءَ  سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن تي تفصيلي  روشني وڌي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سنڌي ادبي بورڊ جهڙن  علمي ۽ ثقافتي ادارن ۽ خانه فرهنگ  حيدرآباد جهڙن فعال ۽ مستعد تعليمي  مرڪزن جي ڪم ۽ ڪوشش سان ايران ۽ پاڪستان جا دوستانا تعلقات باهمي محبت  ۽ اخلاص جي بنيادن تي مضبوط ۽ پائدار ڪرڻ ۾ وڏي  مدد ملندي.

آخر ۾ سنڌي اديبن ۽ عالمن پاران جناب پير حسام الدين راشديءَ ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران محترم آغا عبدالنبيءَ جناب ڪيوان شڪوهيءَ ۽ سندس خانم کي سنڌ جي روايت موجب اجرڪ ۽ لونگي پارايا.

سويت يونين ۾ سنڌي زبان جو مطالعو

ماسڪو ۽ لينن گراڊ ۾ اوڀر وارين قومن جي زبانن جا ٻه وڏا مرڪز آهن، جتي ايشيائيءَ  ملڪن جي عوام جون زبانون پڙهايون وينديون آهن ۽ مٿن تحقيق ڪئي ويندي آهي. ماسڪو جي اوڀر وارين زبانن جي اداري ۾ ٻين دوست ملڪن جي زبانن وانگر پاڪستان جي زبانن جو هڪ شعبو  پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. هن شعبي  ۾ اردو، سنڌي، پشتو، پنجابي ۽ پاڪستان جون ٻيون وڏيون زبانون پڻ شامل آهن. مشرقي علمن جي پاڪستاني شعبي  جي سنڌي زبان جون ٻيون وڏيون زبانون پڻ شامل آهن. مشرقي علمن جي پاڪستاني  شعبي جي سنڌي  زبان جي ذيلي شعبي جي اڳواڻ محترمه  ر- ايگوروا  آهي، جيڪا سنڌي زبان جي محقق ۽ ماهر آهي، هن سنڌي زبان ۽ ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري  حاصل ڪئي آهي. سوويت شاگردن جو هڪ وڏو تعداد سنڌي زبان  سکي رهيو آهي. پاڪستان  جي ٻين زبانن وانگر سنڌي  شعبي  کي به سندس الڳ لائبريري آهي، جنهن ۾ سنڌي  زبان ادب ۽ تاريخ  تي ڪافي ڪتاب موجود آهن. هيءَ لائبريري پاڪستان جي مختلف ادارن ، خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ کان باقاعدي ڪتاب ۽ رسالا گهرائيندي آهي. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستاني شعبي جي سنڌي اداري طرفان مختلف  سنڌي  ڪتابن جي سوويت زبانن  ۾ ترجمي جي نتيجي ۾ اڄ  سوويت  عوام سنڌي  زبان جي ڪيترين ئي ادبي  ۽ عوامي شخصيتن کان واقف  ٿي چڪو آهي. انهن ادبي ۽ عوامي شخصيتن  ۾ مرحوم حيد ربخش جتوئيءَ جو نالو سر فهرست  آهي، جنهن جو ڏينهن سوويت  يونين  ۾ هر سال  باقاعدگيءَ  سان ملهايو ويندو آهي. هن اداري سنڌي زبان،سنڌي صوتيات ۽ گرامر تي سوويت شاگردن لاءِ ڪيترائي  ڪتاب  ڇپايا آهن، جن ۾ سنڌي روسي ۽ روسي سنڌي ڊڪشنريون پڻ اچيو ٿيون وڃن. ان کان سواءِ  هن اداري هيستائين سنڌي زبان، ادب ۽ سماجي زندگي ۽ سڀيتا تي پڻ ڪيترائي مقالا پڻ ڇپايا آهن اڳتي  هلي انهيءَ  ڪم کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوان  تي ڪم  ٿي رهيو آهي. مشرقي  علمن جي سنڌي لائبريري مان سوويت محقق ۽ اسڪالروقت بوقت فائدو وٺندا رهندا آهن. پروفيسرگانڪووسڪيءَ پاڪستان جي باري  ۾ پنهنجين تصنيفن ۾ انهيءَ لائبريري  جي ڪتابن ۽ ٻئي ڪيتري مواد جا ڪيترين جڳهين تي حوالا ڏنا آهن. جيئن پوءِ تيئن سنڌي لائبريريءَ  جي ڪتابن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. اها ڳالهه سوويت- پاڪستان  لاڳاپن  ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي ۽ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي عوام ۾ وڌندڙ دوستيءَ مفاهمت ۽ هڪجهڙائيءَ جو کليل ثبوت آهي. [پاڪستان ۾ روسي سفارتخاني جي اطلاعات کاتي طرفان جاري ڪيل خبر]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com