سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :4

·    سليم سرهندي

ڳلن تي زلَف جي جهرَڪن ته  وه واه،

ايهي بادَل  ڀِڄي بَرسن ته  وه واه

اُداس آهي خدائي، گل َ روئن پيا،

کڻي اکڙيون سڄڻ مُرڪن ته وه واه.

اُڃايل آهي جڳ، نيڻن  جا ساغر،

 مَچي مَستيءَ ۾ جي ڇلڪن ته وه واه.

مَتي محفل مليون اکڙين سان اکڙيون،

 ملي دلڙيون ٻئي ڌڙڪن ته وه واه.

تصورّ ۾ ڪو آهي  ڀاڪُرن ۾،

  هينئر جي پاڻ اچي سهڙن ته وه واه.

ازل ۾ روح کي جن ريبيو هو،

 وري آلاپ  سي ٻڌجن ته وه واه.

سندن مرضي رکن جنهن حال ۾ هُو،

رڳو پنهنجو ڪري سمجهن ته وه واه.

مَٽائي منهن وڃن ٿا هُو ته هي هي!

 ورائي منهن نظر جان ڪن ته وه واه.

ڪيو ديوانو جن زلفن ”سليم“آ،

ڪڏهن هنج ۾ اچي مَهڪن ته وه واه!.

·    سليم ڳاڙهوي

مهربان جاڳي پيا، نامهربان جاڳي  پيا.

ديس دلبر ۾ عجائب داستان جاڳي پيا.

ياالاهي خير اڄ، هن باغ ۽ گلشن جو خير،

باغبانيءَ  واسطي سَوَ  باغبان جاڳي پيا.

هاڻ ڏسڻو آهي جاڳڻ مان وٺي ٿو ڪير جس،

 ڪرّ موڙي ڪيترا پير و جوان جاڳي پيا.

دور کان حيران منزل هي تماشو ٿي تڪي،

راهبر جهُولي رهيا ۽ ڪاروان جاڳي پيا.

شور ۽ شر جي اُٿي اهڙي ته شدت اي عزيز،

 ڪيترائي  زخم دل جا ناگهان جاڳي پيا.

چشم، عبرت کي نظر آيو زماني ۾ تضاد،

 عزم جا شهپر ڇڳا، جادو بيان جاڳي  پيا.

اڄ الائي ڇو غزل هي گنگنائي ٿو ”سليم“

ننڊ جي ديوي ڏسي نغما نوان جاڳي پيا.

·    عبدالقيوم ”صائب“

زندگي ملت جي بدلي ٿو سگهي هر هڪ حڪيم،

پر ملي ڏاهپ ٿي ان کي جنهن تي قادر ٿئي ڪريم.

آهه گردش ۾ زمانو، ٿو ڪري حق جي تلاش،

اهڙي حالت ۾ کپي انسان کي قلب ِ سليم.

مرد حق آگاهه بڻجن لاءِ ڏورڻ ڏوربا،

تات ٿيندي، طور ڏسبا، پوءِ  سڏبو ڪو ڪليم.

ڪو حرا جي غار ۾ ۽ ڪو مڇيءَ  جي پيٽ ۾،

محنتن ۽ تجربي  کان پوءِ ٿئي ٿو ڪو عليم،

سرمد و منصور سان پڻ آهه ويڌن ڪا ضرور،

ورنه ڳالهين تي وجهن ها، هو ڪا چادر يا گليم.

ڪئي بطليموس و افلاطون  ونخشب ٿيا  عزيز،

پر! پهتا، تن کي جن  ڪيو، ماه و دريا کي دونيم.

منهنجي دنيا   نيڪ کي  نيڪن ۾ ليکي ٿي جناب،

تنهنجي دنيا آهه تنهنجن لئه فقط نعيم..

تنهنجي دنيا کي ته  ٽي سئو سٺ به پورا ڪين پيا،

منهنجي دنيا لاءِ ڪافي آهه هڪڙو ئي قسيم.

تو گهڙيا هر دؤر ۾ پنهنجا هبل، لات ومنات،

منهنجي لئه بس وحدہۡ ۽ لاشريڪ آهي رحيم.

منهنجي حڪمت جو مدار ڪل فقط توحيد آهه،

مون کي گهرجي  ڪين تنهنجي جاه و عظمت زر ّ وسيم.

باده و ساغر کڻي ’.صائب‘ جو دامن ڌوئبو،

ورنه ٿيندو ڪين ڪي هو پاڪدامن اي نديم.

محبوب سروري.

(مستزاد)

نازڪ بدن سان نينهن ته زوريءَ  به لائبو، ناتو نڀائبو،

هو ٿو اگر ڦٽائي، نه ان سان ڦٽائبو، ناتو نڀائبو،

دل ٿي سڙيو سڙي ته سڙڻ ڏيوس ڀل سڙي، ڳوڙهو نه پر ڳڙي،

پنهنجو جگر جلائي، جلائي جلائبو، ناتو نڀائبو.

ڪنهن دم  مليو ته پيار مان دامن  جهلي سندس،  هڪڙي صدا ڪندس،

مسڪين ڪنهن کي هيترو آهي ستائبو؟ ناتو نڀائبو.

پنهنجو ڪري ڪري  نه ڪري، اُن جو آهيان،ٻئي ڪنهن جو ناهيان.

هو منهنجو آهي پاڻ کي اُن جو سڏائبو، ناتو نڀائبو.

ان کي هي منهنجو حال جي ناهي ٻڌڻ پسند، رکبي زبان بند،

هو جي نٿو ٻڌي ته نه ٻئي کي ٻڌائبو، ناتو نڀائبو

اُن جي رضا اٿم بسروچشم دائما، صد مرحباجفا!

دل ٿي جلي، نه لڙڪ اکين مان وهائبو، ناتو نڀائبو.

ڪاتيءَ مڏيءَ سان مون کي جي ڪهندو، نه ڦٿڪندس، لرزي نه هٿ سندس!

دامن کي داغدار ٿيڻ کان بچائبو، ناتو نڀائبو.

تنهنجي هي عشق و پيار جو محبوب متزاد،  هرڪنهن کي رهندو ياد،

سهڻن محفلن ۾ هميشه پيو ڳائبو، ناتو نڀائبو.

·    عنايت  بلوچ

مون کي سنسان ڏسي  يار تون حيران  نه ٿي،

مان ته ويران سهي،تون ته پريشان نه ٿي.

بي سبب ڏاڍ َ ڏمر مون تي ڀلي  ٿين، پو ڀي،

مان پشيمان سهي، تون ته پشيمان نه ٿي.

نيڻ ڇُلڪيا ته چيو هينئن ڌتاري دلبر،

راز کي راز رک ۽ ايترو نادان نه ٿي.

سُورَ منهنجا ٿيا سڱڻيا، نه وڃي سُورن ساءُ،

ڏي ڀلي دردَ اڃا، درد جو درمان نه ٿي.

عيش عشرت به ملي، زندگي سُک سان گذري،

شرط آهي ته ٿي سڀڪجهه، مگر انسان نه ٿي.

پرت جو پيچ وجهي پوءِ نه پٺتي پئجي،

عشق جي واٽ اڻانگي اٿئي آسان نه ٿي.

·    تاج جويو

اڄ پرين جي پسڻ لئه اکڙيون آتڙيون،

وڃ کڻي ”تاج“ ڳوڙهن جون سوغانڙيون.

ڄاڻ آيا پرين،ڄاڻ آيا پرين،

 ڪانگ ويٺو  صبح کان لنوين لاتڙيون!

سون- ورنو سهاڳڻ  جو چهرو پَسي،

چنڊ پائي پيو اڀ مان جهاتڙيون!

ٻار روئي پيو، ماءُ ڪلهه کان بُکي،

 ٿڃُ ڏينديون ڀلا ڪيئن سُڪل ڇاتڙيون!

ڏور ويهي رهئين ، ڏينهن  لاتئي  گهڻا،

مُون ته ڏُسڪي ڪٽيون  ڪانڌ پرڀاتڙيون!

دڳ تي ِ پيوپني ٻار ڇورو ڇِنو،

پيٽ ۾ بُک جون ڪاتڙيون ڪاتڙيون!

ڪُنوار نيٽي ننڍي ، گهوٽ کائي چڙهيو،

ڪيئن وسائن نه پوءِ  نيڻ برساتڙيون!

ماءُ پيئي ٺري، ٻارڙي جون ٻڌي،

ٻولڙيون ٻاتڙيون ٻاتڙيون ٻاتڙيون ٻاتڙيون!

گيت ڪنهن لاءِ شاعر لکين ٿوپيو؟

 ننڊ پنهنجي ڦٽائي سڄيون راتڙيون!

”تاج“ تو ترجماني ڪئي قوم جي،

 ڏيهه ساري ۾ تنهنجون پيون باتڙيون!

·    الهداد ”عاصم“ ٻوهيو

ساقي! آ، ڀَر، اُٻاڻڪائي آ،

 دل کي ڪا سخت چوٽ آئي آ.

ڪو نه ڪو  غم لڳو رهيو، توڙي،

 غم جانان کان واندڪائي آ.

هي سڀيئي  لڙڪ! ۽ هي سڀ آهون،

 توکان مون ڪهڙي شيءِ  لڪائي آ.

مون تي الزام بيوفائيءَ  جو،

 هيءَ ته ڪنهن کار ُ ڌوڙ  چائي آ.

هو ڪي ٻيا، جن ها جام ٽڪرايا،

مون ته اک ساڻ اک ملائي آ.

ٽوڙي  سگهجي ٿي شيخ  جي تقويٰ،

پر هي رندن جي پارسائي آ.

منهنجو  ڪل ڏوهه ايترو آهي،

جو مون  توساڻ  دل لڳائي آ.

تنهنجي مرضي تون جيئن وڻيئي هَلُ،

 مون ته پنهنجي اچي نڀائي آ.

هو جو عاشق  آ سو ڪو ٻيوهوندو،

هي جو ”عاصم“ آ سو فدائي آ.

·    ”ولي“ دائود پوٽو

تون اَن منهنجي  منَ جو موتي،

آءُ ته جرڪي، ،جيون جوتي.

تنهنجي سار، سجايون سرتا،

مَن آ موتين مالها پوتي.

مند مستاني ڦڳڻ ڦلاريو،

ڦولن ڦولن اَرتي اوتي.

تارن کي ترسائي تولئي،

راتين جي مون ڪارنهن ڌاوتي.

ويل وئي جا ورڻي ناهي،

ڪهڙي آهي ڳڻ تو ڳوتي.

اُڌيءَ اُڌيءَ اڌمان کائن،

گهايل امنگون ٻاري جوتي.

جيوت، جيوت اُ جل_فوٽو،

اک اک آهي، رتين روتي.

رات پروڪيءَ ۾ چانڊوڪيءَ،

ڪهڙي ڪهڙي مئي ٿي اوتي.

تون ته”ولي“ جو سڀڪجهه آهين،

ٻي نه کپي ٿي، ڪا مڃوتي.

·    نقاش

مست نيڻن مان ڪجهه ته پيار اڃا،

ڪر سڄڻ ڪجهه ته بيقرار اڃا.

زندگي خشڪ خشڪ پئي ٿي لڳي،

 سرڪ منهنجي چپن تي هار اڃا.

ورهيه ٿيا ميڪہ و ڇڏي ويا جي،

 تن جي پئي ٿي هلي پچار اڃا،

مونکي دانا نه سمجهه ديوانا،

 منهنجو دامن آ تار تار اڃا.

رنگ ۾ ڀنگ وجهه نه اي زاهد،

 ڏي ٿيڻ ڪجهه گناهگار اڃا.

ڪيئن بغاوت کان باز رهنداسين،

اُهه رڳ رڳ ۾شوق، دار اڃا.

سچ چوڻ جي اڃانه ڪوشش ڪر،

 ناهي ماحول سازگاراڃا.

دشمنن کان نه بي نياز ٿِجو،

دوستن ۾ آ انتشار اڃا

وجد ۾ آهه ڪائنات سڄي،

سونهن جي پئي وڄي ستار اڃا.

ساز ِ اُلفت وڄائيندارهجو،

 بزم ڏسجي ٿي اشڪار اڃا.

تنهنجي زلفن جي ڇانوُ ۾ ويهي،

ڪا گهڙي مان و‎ٺان قراراڃا.

ريءَ سفارش نه ڪم ٿئي”نقاش“،

 وجهه حسينن تي زور بار اڃا.

·    ولي محمد ”وفا“ ڀلي

اسان کي وجهين ڇو ٿو ناحق وڇوڙي،

ڪلهن تي نه ڪاڪل پرين ڇڏ تون ڇوڙي.

اکين جا اشارا وڏي ڳالهه آهن،

ڪوئي سمجُهوسمجهي ڪوئي سي پروڙي.

اسين تن جي لئي اڄ به روئون رڙون پيا،

ويا رشتا ناتا ڪڏهوڪا  جي ٽوڙي.

جنين لاءِ دنيا کان ٿي دور وياسين،

وڃي پيو اسان کان مَٽي  منهن کي سو، ڙي،

”وفا“ پنهنجو پرين سوا ڪير آهي،

جي چاهي ته تاري جي چاهي ته ٻوڙي.

·       ”خاڪي“ جويو

هن عشق ۾ ته اهڙو بدنام ٿي وياسين،

رُسوا ڳليءَ ۾ ، هر گام ٿي وياسين،

محبت  جي مئڪدي  ۾ مستن جو موت آيو،

ارمان  عاشقيءَ جو انجام ٿي وياسين.

 ڪٿ مينهن ٿي پياسين،  ڪٿ کنوڻ ٿي کنيوياسين

 هر پنڌ ۾ پريمي پيغام ٿي وياسين.

منصور  کي اٿاري، هر واٽ تي ويهاري،

مڪر وفريب  جي لئي ماتام  ٿي وياسين.

هِن  ڀونءِ  تي ڀلي جو ڀڳوانَ  ڀرجهلو ٿي،

انسانيت  جو اونو احرام ٿي وياسين.

 وڍ جي ٽُڪر ٿي ڪپجي، ماکيءَ ڪنا مِٺو  ٿي،

هر هڪ بکئي لئي تهريءَ جو طعام ٿي وياسين.

ڪا ڳالهه  ڪانه آهي، ڪو شور زور ناهي،

گوشه نشين ”خاڪي“  گمنام ٿي وياسين.

·       ”بشير “ سيتائي

هي چاهه چي چڻنگ  وِسائي وڃ يا ٻارڻ ٻاري وڃ پيارا،

يا هيڏي  ڪريا هوڏي ڪر، هڪ نِياءَ بيهاري وڃ پيارا!

منجڌار  ۾ جيوَن جي ڪَشتي ڪئي موجن جا  موڳاٽي آ،

تون هٿ  سان ان کي ٻوڙ اچي، يا پار اُڪاري وڃ پيارا.

هڪ درد گهَٽيو، ٻيو درد اُٿيو، هن حسرت ههڙو  هال ڪيو،

تون ٻيهر  ڳَل تان اشڪ اُگهي ۽ وار  سنواري  وڃ پيارا.

تون ايندين اڱڻ  تي يارڪڏهن، جو پوندا  رئندڙ نيڻ کِلي،

جي واري واري وَچَن ڪيئي سي پنهنجا پاري وڃ پيارا.

هي هيڏا  وِڇوڙي وڍ ڏنا، هر رات رنا مون رت ڦڙا،

تون قطري قطري مان ڪيئي، طوفان اڀاري وڃ پيارا.

هي برهه جو هيڪر ڀانءِ پيو، ٻيو وهم نه ڪو ويچار رهيو،

پو هڪ تي ڇو محدود ڪرين ٻئي جَڳّ ّ جياري وڃ پيارا.

ٻي بات ”بشير“ نه ڪر ڪائي، اُٿ ساز ٽٽل کي ڇيڙ وري،

ڪو راڳ چئي ۽ رمندو وڃ، پٿرّ به پگهاري وڃ پيارا.

·       ”عزيز “ ڳاڙهوي

نظر کائي ٿي ناز وارن جو ڌوڪو،

نظاري ۾ آهي نظارن جو ڌوڪو.

اکين کان ملي ٿو ڪٽارن جو ڌوڪو،

مليو آهي وارن کان مارن جو ڌوڪو.

 ادائن تي دل ڪيترن ئي ڦرائي، 

گهڻا کائي ويٺا اشارن جو ڌوڪو.

 چپن ۾ گهڻا  لعل موتي  بکن ٿا،

ڳلن تي گلابي  انارن جو ڌوڪو.

انڌيري رهي عاشقن جي گهرن ۾،

نرالو نئون ماهپارن جو ڌوڪو.

لبن تي ڏسي آب ِ ڪوثر جو جلوو،

نظر کاڌو ڪيڏو نظارن جو ڌوڪو.

اکيون عاشقن جون سدائين وهن ٿيون،

انهن تي ڏسو آبشارن جو ڌوڪو.

”عزيز“ اڄ چيا شعر ڏاڍا عجائب،

ٿئي ٿو پيو شاهڪارن جو ڌوڪو.

·       ”جوش “ سولنگي

نرالي نرالي روايت اسان جي،    ڀلاڪير سمجهي حڪايت  اسان جي.

 نه منصور مجنون نه  فرهاد وامق،

 سوائي سڀن کان آ چاهت اسان جي.

 ازل کان گرفتار الفت ٿياسون،

پڇو آسمان کان حقيقت اسان جي.

 خوشيءَ جا خزانا لٽيا سڀ ستمگر،

سکي ڪين گذري ٿي ساعت اسان جي .

ڀلي ڪن هو نفرت  اسان ڇو ڌڪاريون،

 ٿي مشهور جڳ ۾ شرافت اسان جي .

عداوت جي بدلي محبت  ڪريون ٿا،

سِکي ڇڏ زمانا هي عادت اسان جي.

 ڪئيسون ادا توڙي رسم وفا ته به،

 جهان ۾ هلي ٿي شڪايت اسان جي.

حسينن جي آڏو اچي سر جهڪايون،

هي افضل آ سڀ کان عبادت اسان جي.

 کڻي نيڻ مرڪي چيو ”جوش“ کي هن،

اها آهي توتي عنايت اسان جي.

·       ”عاجز، اُڄڻ

يار هلي آ، سور کڻي آ،

مٺڙا مٺڙا پور کڻي آ.

جنهن کي ساريان شام و سحر ٿو،

 تنهن ته پرينءَ جا پور کڻي آ.

هر دم هينئڙو هر کي جنهن لئي،

 نيڻن جي سا گهور کڻي آ.

مَن جو مندر، ٻاٽ اونداهي،

ڀٽڪي ڀٽڪي نور کڻي آ.

پوڄاريءَ جو پيٽ نه ڀريو،

سجدي ۾ سَوَ، سور کڻي آ.

هاءِ اُڃايل! گهايل گهايل،

منهنجي ڪويتا، حور کڻي آ.

·       الطاب عباسي

هيانءَ منهنجي تي مڱ ڏرڻ وارا،

تون !، ڄاڻين ٿو مان پٿر آهيان.

منهنجو احساس سوجهرو  آهي،

 ساده لوحن جي لئي ثمر آهيان.

انت جنهن جو سگهيو نه ڪو به لهي،

آءُ بي انت سو بحر آهيان.

جنهن مان بدبو اچي ٿي دنيا  کي،

 مان سو مظلوم جو پگهر آهيان.

 خون منهنجون شفق  جيان ڳاڙهو،

 تون ٿو ڄاڻين ته، خوبتر آهيان.

 ڪير ٿو ساٿ ڏئي  هتي ڪنهن جو،

 پاڻ ئي پنهنجو هم سفر آهيان.

 پاڻ راهي  ۽ پاڻ ئي رهزن،

پاڻ ئي پنهنجو راهبر آهيان.

ساري دنيا کي ڏيان آجهو توڙي،

 پنهنجي گهر ۾ ته دربدرآهيان.

هيانءُ منهنجي تي مڱ ڏريو بيشڪ،

آءٌ شيشي نماپٿر پٿر آهيان.

·       نعيم ”تقوي“

پاڻ جرڪائي ٿو دل کي پانڌيئڙو،

جيڪو ڳوڙهو ڳڙي ٿوٿئي ڏيئڙو.

اُڀ آسائتو آهي پياراسڄڻ،

 سهڻا تارا ڏسي پيو ڏڪي هينئڙو.

جيءَ جهوري وڌو پرت جي واءُ اڄ،

ساهه جو آ قسم پيو ڪنبي جيئڙو.

ڪونج  ڪرڪي ٿي يادل جو آواز آ،

 ويو ڇڏي هڪ اثر  دل تي سانگيئڙو.

ڇو نه ويتر اچي ياد ”تقوي“  پرين،

 هير پڻ ٿي نچي پيو وسي مينهڙو.

·       ”وفا“ناٿنشاهي

چهرن ي پردو ورائي ڇڏيو.

يا منهنجي نظر کي مڃائي ڇڏيو

سوبرن جي تائيد جا دشمنو!

 مون کي گولين سان اڏائي ڇڏيو.

جي چاهيو ته مخمور اکيون کڻي،

زمين، آسمان سان ملائي  ڇڏيو.

نه پيرين اُگهاڙين گهمو باغ  ۾،

 متان ڪنهن جا جذبات گهائي ڇڏيو.

 بهارن جي ڪهڙي ٿا موسم پُڇو ،

 جڏهن ڀي اوهان مسڪرائي ڇڏيو.

”وفا “موت جي ڇا تقا ضا ڪبي،

 حياتيءَ  ئي مون کي وڄائي ڇڏيو.

قطعا

·    نديم انصاري

(1)

خدا اوهان کي سدا شاد و ڪامران رکي،

نگاهه لطف رکي، دور امتحان رکي.

جتي هجو، ته بهار دل و نگاهه هجو؛

مسرّتن کي خدا توتي مهربان رکي.

 

(2)

گل بهرصورت رهي گل، باغ ۾ يا هارَ ۾،

عشق وارا خوش سدا آهن جفا يا پيار ۾،

بوءِ  گل ڪنهن کان ڪڏهن وانجهي نٿو اي همنيشن؛

خوءِ ساڳي آ سندس پربحر ۾ بازار ۾،

(3)

نه نوازشن جو ليکو نه شمار شفقتن جو،

تنهنجي هڪ نظر سان ٻيڻو ٿيو لطف انجمن جو.

تون سڄو ئي مهرباني مان سراپا ناشناسي؛

مون کي اعتراف آهي پنهنجي ڪوجهڙن ڪمن جو.

(4)

نانگ تو پاليو مگر توتي ئي شوڪارا ڀري،

ٻير تو پوکي  مگر پٽڪي جو ڀائو خير گهر.

جي اکيون ٻوٽي اڃا هلندين ته ڪِرندين ڪُن ۾،

واءُ جو رخ ڏس، سڃاڻي تار مان وٺ يار سُر

·    ”بشير“ سيتائي

(1)

ٿورڙو ڪجهه سوچ اي اشڪ، روان خاموش رهه،

ماجرائي غم نه ڪر ڪڏهين بيان خاموش رهه.

حسرتون، آلام غم، دل ۾ سدا دٻيل رهن؛

ڪير ٿو ڪنهن جو ٻڌي اڄ داستان خاموش رهه.

(2)

مست اکڙيون  کڻي مٺا سائين!

ڏي ڀري ڪو ”بشير“ کي ساغر.

غم گذشته ۽ فڪر  مستقبل؛

درد - دوران وڃن اڏي هيڪر.

(3)

منهنجي اکڙين جي آرزو آهين،

دل جي ڌڙڪن جو ماحصل آهين.

پيار مان توکي ٿو ڏسان هر هر؛

ڄڻ ته منهنجو ئي هڪ غزل آهين.

(4)

مون کي دنيا سڏي ٿي ديوانو،

تنهنجي عهد شباب جو آ قسم.

مئڪشي جو لڳائي ٿي الزام؛

تنهنجي لب جي شراب جو آ قسم.

(5)

مان نياپن تي نياپا ٿو ڪيان،

تون ٻڌائين ٿو پنهنجو ن مجبوريون.

مان به  پابند، تون رهين  مجبور؛

هجر ۾ ٿينديون حياتيون پوريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com