سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1955ع

مضمون

صفحو :9

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو

(قسط 2)

3. ’سنگار رس‘ يعني ’هندي عشقيہ شاعريءَ‘ جو سنڌي شاعريءَ سان لاڳاپو.

مغلن جي دؤر ۾ هندوستان کي هڪ پائيدار نظام حڪومت نصيب ٿيو. اڪبر جي دؤر حڪومت ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ قريب تر تمدني اتحاد پيدا ٿيو. ملڪ جو اقتصادي نظام به سڌريو ۽ ماڻهن کي به اڳئين کان نسبتاً وڌيڪ خوشحالي ۽ فارغ البالي حاصل ٿي. علم ۽ فضل، حڪمت ۽ هنر جي قدر داني ٿي. حڪومت جي حسن نظام، انساني زندگيءَ جي حسن نظام کي به چمڪايو، ۽ حسن جي تلاش ۽ تعريف هڪ محبوب ترين مشغلو بنجي ويو جئن مصوري، موسيقي ۽ عمارت سازي مڙيئي حسن جي تلاش جا مظهر بنيا، تئن شاعريءَ به حسن محبوب کي پنهنجو خاص عنوان بنايو. هندي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ اڃا ’ڀڳتي شاعريءَ‘ جو دؤر دوءرو هو، مگر هاڻي ان سان گڏ نئين حسن نواز عشقيہ شاعري، ’سنگار رس‘ جي دلچسپ نالي سان نعرو هڻي نروار ٿي. مغليه دؤر کان اڳ جي هندي شاعرن پڻ پنهنجي ڪلام ۾ گاهي به گاهي محبوب جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نهايت مؤثر نموني ۾ نباهيو هو مثلاً ملڪ محمد جائسي پنهنجي شاهڪار ’پدماوت‘ ۾، سلطان علاؤالدين جي آڏو، راگهو پنڊت جي زباني، جيڪو پدماوت راڻيءَ جي حسن ۽ سينگار جو منظر چٽيو آهي، سو هندي شاعريءَ اندر هن معنيٰ ۾ ڄڻ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. مگر شهنشاهه اڪبر جي دؤر حڪومت کان ”سنگار رس“ يا عشقيہ شاعري، هندي شاعرن جي ذوق ۽ تخيل جو خاص عنوان بني، ۽ ڀڳتي شاعريءَ جي بجاءِ عام توڙي خاص جو ان ڏانهن زياده توجهه ٿيو.

بهاري لال:

عشق ۽ محبت جو عنوان ۽ محبوب جي حسن ۽ سينگار جو بيان، ٻئي هن نئين شاعريءَ لاءِ نهايت ئي موافق زمين ۽ ميدان بنيا، جن ۾ حسن نواز شاعرن دل کولي پنهنجا ڪؤنتل ڪڏايا. ڪرپا رام پهريائين ان ڏس ۾ قدم وڌايو، مگر مڙني جو مهندار ۽ هن ميدان جو شهسوار مهاڪوي بهاري لال هو. بهاري لال پٽ ڪيشوراءِ، سنبت 1660 (1603ع) ۾ گوبند پور ضلع گواليار ۾ ڄائو، ۽ سنبت 1720 (1663ع) ۾ گذاري ويو، جيپور جي راجا جئسنگ کيس جيپور ۾ گهرائي پنهنجي درٻار جي خاص شاعرن جي صف ۾ جڳهه ڏني، ۽ جڏهن بهاري لال پنهنجي مشهور شاعرانه شاهڪار ”ست سئي“ کي پورو ڪيو، ته راجا جئسنگ کيس ست سؤ اشرفيون انعام ڏنيون. بهاري لال جو عاشقانه ڪلام هندي شاعريءَ ۾ اُتم مڃيو ويو آهي، ۽ ”سنگار رس“ ۾ سندس درجو مڙني شاعرن ۾ مٿاهون تسليم ڪيو ويو آهي. سندس شعر جا مثال ملاحظه هجن.

بهوشن بهار سنبهار هي کيون يه تن سکمار
سودهي پائي نه دهر پر
ين سوبهائين کي بهار

(اي نازنين! تون پنهنجي نازڪ بدن تي ڳهن جو بار ڪيئن سنڀاليندينءَ،

جو تنهنجا ته پير به جوانيءَ جي بار کان زمين تي سڌا نه ٿا پون)

نينا نيک نه مان هي کتو کهو سمجهائي
تن من هاري هو هنسين تن سون کيا بسائي

(مون انهن اکين کي ڪيترو ئي سمجهايو آهي، پر مڃين ئي نٿيون:

جي تن من هارائڻ بعد به پيون کلن، تن سان ڪهڙو وس هلي سگهي ٿو!)

اڪبر جي عهد جا ٻيا شاعر جن عشقيہ شاعريءَ ۾ شهرت حاصل ڪئي، سي هي هئا (1) نواب عبدالرحيم خان خانان جنهن پنهنجي شاعريءَ جي ٻين تصنيفن سان گڏ ”سنگار سورٺا“ نالي پڻ ڪتاب لکيو (2) فيضي (3) گنگ (4) تان سين (5) سيناpتي (6) مبارڪ جنهن جا ڪي دوها بهاري لال جي دوهن سان مناسبت رکن ٿا (7) بلڀدر مصر جنهن جي تصنيفن مان هڪ ”سنگار گوبر ڌن“ آهي. انهن کانسواءِ سنه 1631 ۾ سندر نالي هڪ شخص کي ’ڪوي راءِ‘ جو خطاب ڏنو ويو، ۽ هن شاعريءَ جي فن تي ”سندر سنگار“ نالي ڪتاب لکيو جنهن جو ترجمو برج ڀاشا ۾ ٿيو. عالم، سنبت 1735 ڌاري، ”سگنگار رس“ (عشقيہ شاعريءَ) جو نالي وارو شاعر ٿيو. هو پهريائين برهمڻ هو پر پوءِ هڪ رنگريزڻ جي عشق ۾ مسلمان ٿيو، ”عالم کيلي“ نالي سندس ڪتاب مشهور ٿيو. 1784-1800 سنبت ڌاري ”ديوڪي نندن“ نالي مشهور شاعر ٿيو جنهن جو ڪتاب ”سرنگار چرتر“ نهايت مقبول پيو. سنبت 1796 وڪرميءَ ڌاري، اعظم خان نالي شاعر مشهور ٿيو، جنهن جو ڪتاب ”سنگار درپن“ مقبول پيو. سيد عبدالجليل بلگراميءَ جي ڀاڻيجي سيد غلام ني بلگراميءَ جو ”رس لين“ جي لقب سان مشهور ٿيو. تنهن سنه 1701ع ۾ ”انگ درپن“ ۽ سنه 1731ع ۾ ”رس پرٻوڌ“ نالي ڪتاب تصنيف ڪيا.

رس جي حقيقت: ”رس“ سنسڪرت زبان جو هڪ جامع لفظ آهي جنهنجي لفظي معنيٰ آهي ”انتهائي لطف، لذت، خوشي يا مسرت“. اصطلاحي معنيٰ موجب ”رس“ سنسڪرت ۾، جماليات (Aesthetices) جي دائري ۾ هڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اسباب، اثرات ۽ علامات سان آهي. ”سنسڪرت ادب جي تاريخ“ جي مصنف ”بيرائيڊيل ڪيٿ“ ان کي ”قلبي واردات ۽ ڪيفيات جي نظريه“ سان تعبير ڪيو آهي. محقق پنڊت حبيب الرحمان صاحب، ان کي ”فلسفہء انبساط“ قرار ڏنو آهي. جئن ته هن صاحب مستند سنسڪرت ماخذن جي تصديق سان رس تي ”رس يعني فلسفہء انبساط“ جي نالي سان هڪ مستقل ڪتاب لکيو آهي، انهي ڪري اسان رس جي معنيٰ ۽ ماهيت کي واضح ڪرڻ لاءِ هيٺ سندس تحقيقي نتيجا پيش ڪريون ٿا.

1.           مثلاً: بهار جي موسم آهي، جُهڙ بادل ڇانيل آهي ۽ هڪ حسينه نهايت ئي مٺي آواز سان ڳائي ٿي ٻڌندڙ، جو هن نظاري ۾ محو آهي، تنهن جي دل ۾ محبت پيدا ٿئي ٿي. اهي مڙيئي ظاهري اسباب سندس محبت کي ويتر ڀڙڪائين ٿا. ان جذبي جي اثر هيٺ کيس لڙڪ لڙي پون ٿا ۽ پريشاني پيدا ٿئي ٿي. ان بعد سندس اها نفسياتي ڪيفيت اميد، مايوسيءَ، جنون ۽ شڪسته دليءَ ۾ تبديلي ٿئي ٿي. هاڻي هن منظر ۾ محبت ”جذبه مستقل“ آهي، بهار، بادل، حسينه ۽ راڳ ان جذبي جا ”محرڪات“ آهن، اشڪباري ۽ سراسيمگي (واردات قلبيه کي ظاهر ڪرڻ واريون ڪيفيات) ان جذبي جا ”اثرات“ آهن ۽ اميد، مايوسي، جنون ۽ شڪسته دلي ”منقلبات“ يعني عارضي جذبات آهن. ناٽڪ ۽ شاعريءَ ۾، محرڪات، اثات ۽ منقلبات جي منظر (scene) پيدا ڪرڻ سان جذبهء مستقل ۾ هڪ غير محدود لذت، وجداني لطافت ۽ پاڪيزه روشني پيدا ٿئي ٿي، ۽ ان وقت انهيءَ جذبهء مستقل کي ”رس“ چئجي ٿو. اهڙيءَ طرح نو 9 مستقل جذبات، پنهنجي ارتقائي منزلن مان گذري، علي الترتيب (1) عشق (2) کل (هنسي) (3) رحم (4) غضب (5) بهادري (6) دهشت (7) نفرت (8) حيرت ۽ (9) سڪون جا ”رس“ بنجن ٿا، جن کي سنسڪرت ۾ (1) شڙنگار رس (2) هاس رس (3) ڪرڻ رس (4) رودر رس (5) وير رس (6) ڀيانڪ رس (7) ويٽبس رس (8) اوڀت رس ۽ (9) شانت رس چيو وڃي ٿو. مطلب ته 9 مستقل جذبات جي سببان ’رس‘ جا به 9 قسم بنيا. (ص ص 4-5)

2.          مگر هن فن جي استادن ”رس“ جي جا حقيقت سمجهائي آهي ان مان، ۽ پڻ تجربي مان، معلوم ٿئي ٿو ته رس واري لذت هر حال ۾ ساڳي آهي، يعني ته نوَن رسن مان ڪنهن به هڪ جي لذت ساڳي اهڙي آهي جهڙي باقي ٻين اٺن ۾ آهي. پنڊت وشوناٿ ”ساهتيه درپن“ ۾، معتبر عالمن جي سند سان هي نظريو پيش ڪيو آهي ته ”تجربو ٻڌائي ٿو ته هرهڪ ’رس‘ جو اصلي جوهر ’تحير‘ آهي، ۽ انهيءَ ڪري هر جاءِ ’حيرت‘ جو ئي رس هئڻ گهرجي“ (ص ص 60-61).

3.          ويد جي قولن يعني ”شرتين“ ۾ آتما (خدا) کي رس چيو ويو آهي جئن ته ”تيتريہ اپنشد“ ۾. عقلي دليلن موجب پڻ اهو نظريو صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته ”رس“ ۾ به انتهائي مسرت (آنند) آهي ۽ پڻ خدا ۾. انهيءَ ڪري ”شرتيءَ“ ۾ خدا کي ”رس“ چوڻ بالڪل صحيح آهي. ساهتي شاستر (فن شاعريءَ) جي ڪتابن ”ڪاوي پرڪاش“، ”رس گنگا ڌر“، ”ساهتيه در پن“ وغيره مان پڻ هن نظريه جي تائيد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن مڙني ۾ ”رس“ ۾ انتهائي مسرت جو هجڻ تلسيم ڪيو ويو آهي. پڻ ”برهم سوتر“ (ويدانت فلسفي جي پهرئين باب جو ٻارهون سوتر)، جو ”شرتين“ تي ٻڌل آهي، ان جو مطلب به اهو آهي ته خدا ۾ انتهائي مسرت آهي ڇاڪاڻ ته ويدن ۾ خدا لاءِ ’مسرت‘ جو لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيو ويو آهي. (ص 38-39) ”رس“ جي هن تشريح مطابق سنسڪرت جو هي مقولو بالڪل درست آهي. ته مطلب شاعريءَ ۾، محويت ذريعي خدائي مسرت جي لطف اندوزي ’رس‘ آهي“ (ص 48). جڏهن (محبت، بهادري وغيره جا) عملي واقعات شاعريءَ يا ڊراما ۾، مصنوعي محرڪات، اثرات ۽ منقلبات ذريعي، ڏسندڙ (يا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ) جي آڏو پيش ڪجن ٿا، ته اهي سندس وحدت نما احساس کي جاڳائي هڪ قسم جو عالم محويت ۽ تحير پيد ڪن ٿا. ان محويت جي عالم ۾ شاعرانه لٽريچر پڙهندڙن ۽ ڊرامه جي ڏسندڙن جو وجدان جنهن ”مسرت رباني“ مان لطف اندوز ٿئي ٿو اهوئي ”رس“ آهي (ص 161).

’رس‘ جي معنيٰ ۽ ماهيت بابت مٿيان ٽي نظريا اصولي حيثيت رکن ٿا. (1) پهرئين ۾، سنسڪرت جي جمالياتي فڪر جي دائري ۾، ’فن شاعريءَ‘ جي ماتحت ’رس‘ جي علمي نظريه جي تشريح ٿيل آهي، ۽ ’رس‘ جي معنيٰ توڙي قسمن کي واضح ڪيو ويو آهي. قدريءَ انهيءَ ساڳيءَ معنيٰ ۾ سنڌي زبان م پڻ ”رس“ جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ’رس‘ جو پيدا ٿيڻ، ’رس‘ جي لذت جو پيدا ٿيڻ آهي. انهيءَ ڪري مجازاً چئي سگهجي ٿو ته ’رس پيدا ٿيو.‘ سنڌيءَ ۾ چوندا ته ’رس لڳو.‘ سنڌيءَ ۾ اهو اصطلاح ’راڳ جي رس‘ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چوندا ته ”فلاڻي ڳايو ۽ واهه جو رس لڳو“؛ يا چوندا ته ”فلاڻي (ڳائيندڙ) جو رس لڳو“. ساڳيءَ طرح ڪنهن به محفل جي ميٺاج ۽ سرور کان متاثر ٿي ان کي مجازا ”رس ڀري محفل“ يا ”رس ڀري رهاڻ“ چوندا. ”رس رهاڻيون“ ۽ ”رس رواڻا“ ساڳيءَ معنيٰ ۾، سنڌي جا عام مروج اصطلاح آهن. انهن اصطلاحن مان ظآهر آهي ته سنڌيءَ ۾، لفظ ’رس‘ جي اصل معنيٰ ۽ ماهيت وارو تخيل موجود آهي. (2) ٻئي نظريه ۾ ’رس‘ جي سمجهاڻي نفسياتي نقطه نظر کان (Psychological Interpretation) ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد آهي ته جيتوڻيڪ مختلف جذبات (Emotions) جي بناء تي ’رس‘ کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آهي، مگر حقيقت ۾ ’رس‘ اهو لطف ۽ لذت وارو اصولي احساس (Sentiment) آهي، جو هر جذبي جي اثر ۽ ڪيفيت جو ماحصل آهي. (3) ٽئين نظريه جو تعلق ’رس‘ جي حقيقي معنيٰ سان آهي، جنهن کي ويدانت توڙي اسلامي تصوف جي روشنيءَ ۾ ”ذات الاهي“ سان تعبير ڪيو ويو آهي، ڇو ته ”ذات الاهي“ ئي لامحدود مسرت ۽ وجداني تجليءَ جو واحد سرچشمو آهي. ”والله نورالسموات والارض“ ۽ ”ان الله جميل يحب الجمال.“

سنگار رس: مٿيئن وضاحت مان معلوم ٿيو ته انسان جا 9 مستقل جذبات جن جي بناء تي آسانيءَ خاطر ’رس‘ جا به 9 قسم تجويز ڪيا ويا آهن، انهن مان هڪ ”شرنگار رس“ آهي. ”شرنگار رس“ هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي، جنهن جي ارتقائي درجي کي عشق ۽ محبت سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. اصل سنسڪرت نظريہ موجب ”شرنگ“ محبت جي ديوتا ’ڪامديو‘ جي اڀرڻ کي چئجي ٿو. هن اڀرڻ جي سبب ۽ اعليٰ ترين هيرو (Hero) جي رس کي عشق جو رس چئجي ٿو“

انهيءَ مناسبت سان هندي زبان جي نئين عشقيہ شاعريءَ تي ”سنگار رس“ جو اصطلاحي نالو پيو. مگر انهيءَ اصطلاحي نالي ۽ اصل ”شرنگار رس“ ۾ فرق آهي تنهن کي سمجهڻ ضروري آهي. ”شرنگار رس“، ”رس“ جي فلسفي جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ ”رس“ جي 9 قسمن مان هڪ قسم جو نالو آهي، مگر ’سنگار رس‘ پوءِ جو اصطلاحي نالو آهي، جنهن جو تعلق هندي عشقيہ شاعريءَ سان آهي. ”شرنگار رس“ اها بي انتها سرور ۽ لطف واري نفسياتي ڪيفيت آهي، جنهن کي شاعريءَ يا ڊراما ذريعي، محبت جي مستقل جذبي جي محرڪات، اثرات ۽ عارضي علامات جي عملي يا بياني مناظر پيش ڪرڻ سان، پيدا ڪيو وڃي، مگر ”سنگار رس“ هندي زبان ۾ هڪ شاعريءَ جو قسم آهي جنهن جو عنوان اڪثر عشق و محبت آهي. اها عشقيہ شاعري (يعني سنگار رس) بذات خود ”شرنگار رس“ ناهي، مگر ان جي ذريعي ”شرنگار رس“ پيدا ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي سوال آهي ته ”سنگار رس“ ذريعي، خود هندي شاعر ڪيتري قدر ”شرنگار رس“ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا؟ هن مسئلي تي هندي شاعريءَ جي عالمن شايد ڪا روشني وڌي هجي، مگر هن سوال جو ڪو فيصله ڪن جواب به ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ان جواب لاءِ ضروري آهي ته ڪو اهل ذوق محقق، هندي شاعرن مان هرهڪ جي ڪالم جو اطمينان سان مطالعو ڪري، ۽ هر شاعر جي ڪلام پڙهڻ سان جي جذبات، احساسات ۽ قلبي واردات خود سندس اندر پيدا ٿين، تن جو جائزو وٺي ته واقعي اهي ”شرنگار رس“ واري لذت ۽ سرور جا متحامل آهن يا نه؟ مگر اهڙي متلاشيءَ جو اهڙو نظريو به بهرحال سندس شخصي نظريو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هرشخص جي جذبات ۽ احساسات جي دنيا نرالي آهي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي نموني ۾ متاثر ٿيندو. البته جيڪڏهن ڪنهن شآعر جو ڪلام سندس اڪثر پڙهندڙن ۾ ”شرنگار رس“ وارو انتهائي سرور پيدا ڪري ٿو، ته پوءِ چئبو ته واقعي سندس شاعري صحيح معنيٰ ۾ ”سنگار رس“ آهي.

”رس“ جي اصلي نظريه موجب، مرد (هيرو) توڙي عورت (هيروئن)، ”رس“ جي بنيادي محرڪات (اڀاريندڙن) ۾ شمار ٿيل آهن، ۽ ”شرنگار رس“ جو بنيادي محرڪ خصوصاً عورت آهي انهيءَ لحاط سان عورت ۽ سندس حسن ۽ سينگار، هندي عشقيہ شاعريءَ جا مرڪزي پهلو بنجي ويا، اهڙيءَ طرح ”مقصد“ (قلبي سرور) جي بجاءِ سمورو توجهه ”اسباب“ (عورت جي حسن ۽ سينگار) تائين محدود رهجي ويو، ۽ ”معنيٰ“ جي بدران سڄو خيال ”صورت“ ۾ سمائجي ويو. ”سنگار رس“ يا عشقيہ شاعريءَ جي علمبردارن ”حسن خوبان“ جي بيان ۾ حسن خيالي پيدا ڪئي مگر نفس مضمون جي معنيٰ ۽ بلند خياليءَ ۾ ڪو خاص اضافو ڪونه ڪيائون. خود ”سنگار رس“ جي بلند شاعر، بهاري لال، متعلق هڪ مضمون نگار لکي ٿو ته ”بهاريءَ جي ڪلام ۾ شاعرانه حسن حد درجي آهي مگر بلند خياليءَ جو پتوئي ڪونهي. پر رڳو بهاري لال ڇا، ”سنگار رس“ جي سڀني شاعرن جو اهو حال آهي“.

هي نظريو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، مگر ان جو وڏو سبب اهوئي آهي جو شروع کان ئي ”شرنگار رس“ ۽ ”سنگار رس شاعري“ ۾ ڄن ”حقيقت“ ۽ مجاز“ وارو فرق آهي، ۽ چئي سگهجي ٿو ته ”سنگار رس“ جا اڪثر شعراء پنهنجي نئين فن جي مجازي دلچسپين ۾ ئي محو ٿي ويا. سندن شاعريءَ جي اڪثر تصنيفن جي نالن ۾ ”رس“ جو لفظ داخل آهي، جنهن شاعرانه احساسات ۽ جذبات شرنگار رس“ جي بنيادي محرڪ (عورت) ۾ محو ٿي ويا، ۽ سندن معجز نما اشعار پڻ عورت جي ظاهري حسن ۽ سينگار جو نذر بنجي ويا.

”سنگار رس“ شاعريءَ جا عنوان: شروع کان ئي هندي عشقيہ شاعريءَ جا رجحانات ”نايڪا ڀيد“ ۽ ”سنگار“ جي عنوانن سان نمودار ٿيا. انهن ٻن مضمونن جي علاوه ٽيو موضوع وري ”پدمڻي“ عورت جي مخصوص ۽ معياري سونهن سوڀيا ۽ عادات اطوار جي خيالي نظريه جي صورت ۾ نروار ٿيو.

نايڪا ڀيد:

”نايڪ“ يا ”نائڪ“ جي معنيٰ قافلي جو سالار، سردار، مربي يا سرتاج. ”نايڪا“ يا ”نائڪا“ معنيٰ نايڪ جي زال. عشقيہ يا ڊرامائي شاعريءَ جي خاص اصطلاح ۾ ”نايڪا“ معنيٰ سورمي (هيروئن). انهيءَ لحاظ سان ”نايڪا ڀيد“ معنيٰ سورمي يا هيروئن جي دل جو راز يا محبت جي مام جنهن کي هوءَ پنهنجي الفاظن ۾ ڪناين ۽ اشارن سان ظاهر ڪري. عشقيہ شاعريءَ جي استاد شاعرن، هيروئن جي زباني، محبت جي مام کي نهايت نازڪ خياليءَ ۽ حسن بياني سان پنهنجي اشعار ذريعي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ شاعريءَ جي انهيءَ موضوع کي ”نايڪا ڀيد“ نالو ڏنو. هن فن جي شروعات، ڪرپا رام ڪئي ،نواب عبدالرحيم خان خانان هن فن ۾ ”بردي نائڪ ڀيد“ نالي ڪتاب لکيو، ۽ ديوڪي نندن ”نايڪا ڀيد“ ۾ ”سرنگار چتر“ نالي ڪتاب لکيو جو نهايت مقبول پيو.

عورت جو ساٺ سينگار:

”شرنگا رس“ جي بنيادي اڀاريندڙ (عورت) جي سهڻيءَ ۽ سينگاريل تصوير کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ، نڪته دانن هيٺيان اٺاويهه زيور، جوان عورت جي حسن کي چمڪائڻ لاءِ“ ڪارگر قرار ڏنا آهن.

(1) ڪيف شوق (2) وجد محبت (3) جوش محبت (4) رنگ ۽ روپ يعني جسماني حسن (5) رعنائي (6) جمال (7) محبوبيت (8) پخته ڪاري (9) نرمائي (10) ثابت قدمي (11) مماثلت يعني ته اندام، لباس، زيورات ۽ محبت ڀريل ڳالهين ذريعي محبوب سان مشابهت پيدا ڪرڻ (12) ادا (13) سينگار يعني فطري حسن کي چمڪائڻ خاطر ٿورو ظاهري سينگار ڪرڻ: مثلاً شفاف پاڻيءَ سان غسل ۽ بدن جي صفائي، پان سان لب ڳاڙها ڪرڻ ۽ نرم، نازڪ ۽ صاف ڪپڙا پائڻ (14) غرور حسن (15) رنگين ڪرشما يعني ته انتهائي مرغوب شيء جي حاصل ٿيڻ واريءَ خوشيءَ سبب ذرا مرڪ، ذرا گريه خشڪ، ذرا کل، ذرا خوف، ذرا ڪاوڙ، ۽ ذرا انوکي ٿڪ جو اظهار ڪرڻ (16) محويت جي ادا (17) جهجهڪ (18) گهٻراهٽ (19) نزاڪت (20) ناز (21) شرميلائي (22) ونجهل (23) ڄاڻي اڻ ڄاڻائي (24) اُس (25) اشتياق (16) ٽهڪ (27) ڇرڪڻ، ۽ (28) چلولائي.

ظاهر آهي ته هن اصلي ۽ اصولي نظريه موجب، جوانيءَ ۾ حسن جا مٿيان چمڪائيندڙ اسباب زياده تر محبوب جي محبت جي جذبات ۽ احساسات، نازو ادا جي نفسيات، مخصوص رد عمل ۽ حرڪات، حسن اطوار ۽ عادات سان تعلق رکن ٿا. محبوب جو جسماني ۽ ظاهري سينگار انهن اڍاويهن ذريعن مان فقط ٻه ذريعا آهن. ”سنگارس“ جي استاد شاعرن، پنهنجي شعرن ۾ مجموعي طور انهن سڀني حسين ادائن ۽ دلفريبين کي بيان ڪيو، مگر سندن خاص توجهه ٻن مخصوص خوبين يعني حسن جسماني ۽ ظاهري سينگار ڏانهن ئي مائل رهيو.

محبوب جي جسماني حسن جو موضوع بذات خود ڪافي ڪشادو هو، قد قامت، شڪل شبيهه، چهري جي رونق، رفتار ۽ گفتار جي مختلف نمونن ۾ ڪيترائي مضمون مخفي هئا، اکين جي اشارن ۽ زلفن جي پيچن ۾ ڪيترائي بيان بيتاب هئا، ازانسواءِ ڏندن، چپن، نڪ، پيشاني، آڱرين ۽ ٻين اندامن ۾، تشبيهات جا دفتر سمايل هئا. مطلب ته شارعن لاءِ محض محبوب جي فطري حسن جي تعريف جو مضمون ڪافي وسيع هو. ان سان گڏ محبوب جي ظاهري هار سينگار جي شامل موضع ويتر هن ميدان کي ڪشادو ڪيو. فطري حسن جي گونا گون رعناين جي ته انتهائي ڪانه هئي، مگر ظاهري هار سينگار جي قسمن کي شمار ڪرڻ نسبتا آسان هو، انهيءَ ڪري هن فن جي ماهرن عورت جا جملي ”سورهن سينگار“ قرار ڏنا: ان بعد ”سورهن سينگار“ بذات خود هن فن جو هڪ خاص مضمون بنجي ويو.

سورهن سينگار:

چئي نٿو سگهجي ته ’سورهن سينگارن‘ جي حدبندي ڪڏهن ٿي، بقول پياري لال، ”اسان جي ديس ۾ استرين جا سورهن سينگار پراچين زماني کان هلندا اچن ٿا“ (شرنگار شاستر) مگر ”شرنگار رس“ جي محرڪات جي اصولي نظريه موجب، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي، عالم شباب ۾ جي زيور عورت جي حسن کي چمڪائين ٿا سي جملي 28 قرار ڏنل آهن ۽ نه 16 ازانسواءِ انهن اٺاويهن وصفن ۾ ”ظاهري ساٺ سينگار،“ محض هڪ زيور طور شمار ٿيل آهي. ظاهر آهي ته ”سورهن سينگار“ جو اصطلاح پوءِ جي ايجاد آهي ۽ ان جو تعلق ”ظاهري ساٺ سينگار“ جي سورهن قسمن سان آهي. ڀانئجي ٿو ته هندي شاعريءَ، پنهنجي اوائلي آزاد تخيل وارا دؤر طئي ڪري، جڏهن ”سنگار رس“ جي نسبتا تصنع ۽ تڪلف واري دؤر م قدم رکيو، تڏهن هن فن جي سگهڙن ۽ شاعرن محبوب جي ظاهري سينگارن متعلق اهي اشارا ۽ ڪنايا جي ڪلاسيڪل شاعرن جي شعر ۾ اچي چڪا هئا ۽ جن سان ذهن مانوس ٿي چڪا هئا، تن جو انداز لڳائي مجموعي طور جملي سور هن قسمن جا سينگار تسليم ڪيا. ٻيو ته ”سورهن سينگارن“ جي نظريه جي رائج ٿيڻ سان محض سينگارن جي قسمن جي مجموعي عدد جي تخصيص ٿي ته سينگار جا قسم مجموعي طور 16 آهن. مگر اهي ڪهڙا ڪهڙا آهن ان بابت ڪا لازمي حد بندي مقرر ڪانه ٿي، جئن ته هيٺين مثالن مان ظاهر آهي.

(الف) هندي شاعريءَ مان مثال:

هنديءَ جو استاد شاعر، ملڪ محمد جائسي (وفات 1049هه/1639ع)، پنهنجي مشهور نظم ”پدماوت“ ۾، سلطان علاؤالدين جي آڏو، پدماوت راڻيءَ جي حسن جو بيان راگهو پنڊت جي زباني، هن طرح ڪري ٿو ته.

دير گهه چار، چار لگهه سوئي سبهر چار، چهون کهيني سوئي

(سندس بدن ۾ چار شيون ڊگهيون، چار ڇوٽيون، چار ٿلهيون (نرم) ۽ چار سنهيون آهن)

پرتهم کيس ديرگهه سر مونهين
اور دير گهه اونگرين کر سونهين
ديرگهه نين تيکهه تيتهه ديکها
ديرگهه گبوب کنڻهه تر ريکها

(يعني ته: چئن ڊگهين شين ۾ پهريان سر جا وار، ٻيون آڱريون، ٽيون اکيون، چوٿين ڳچي ۽ ان جي هيٺان خط)

پنهه لگهه دسن هونهه جن هيرا
او لگهه کچ اوننگ جن بهيرا
لگهه للاٽ دويج پر گاسو
اونا بهي لگهه چندن باسو

(ڇوٽين شين ۾، هڪ سنديس هيرن جهڙا ڏند، ٻيو نارنگيءَ جهڙا پستان، ٽيو پهرينءَ جي چنڊ جهڙي پيشاني ۽ چوٿون چندن بوءِ دن.)

ناسک کهين کهرک کي دهارا
کهين لنک جن کيهر بارا
کهين پيڻ جانو نه آنتا
کهين ادهر بد رم رنگ راتا

(باريڪ شين ۾، هڪ تلوار جي ڌار مثل سندس نڪ، ٻيو چيتي کي شهه ڏيندڙ چيلهه، ٽيو لڪدار پيٽ جنهن ۾ ڄڻ آنڊائي ڪين آهن، چوٿان چپ جي مرجان مثل آهن)

سو بهر کپول ديکهه ديکهه سوبها
سبهر تنب ديگهه من لوبها
سبهر کلائين ات بني، سبهر جنگهه گج پال
سوره سنگار برن کي کرنهه ديوتا مال

(ڀريل ۽ نرم شين ۾، پهريان سندس ڀريل ڳل، ٻيو ڀريل ٻُنڊڻ، ٽيون ڀريل ڪارايون، ۽ چوٿون ڀريل رانون” بدن جي سورهن سينگارن جي، ديوتا به تعريف ۽ پوڄا ڪن ٿا.)

مٿئين مثال مان ظاهر آهي ته شاعر ”پدماوت“ جي سورهن سهڻن عضون ۽ اندامن جي تعريف ڪئي آهي ۽ انهن کي سورهن سينگار سڏيو آهي. هت ”سورهن سينگار“ جي اصطلاح جو استعمال ”پدماوت“ جي فطري حسن سان تعلق رکي ٿو، ڇو ته هت سندس ”ظاهري هار سينگار“ سان شاعر جي وصف بيانيءَ جو ڪوبه واسطو ڪونهي.

(ب) اديبن جا نظريا:

هنديءَ جي ڪن اديبن ۽ لغت نويسن جن ”سورهن سينگارن“ جي تشريح ڪئي آهي، تن فقط سورهن ”ظاهري هار سينگار“ ڳڻيا آهن، ۽ ان ۾ به هرهڪ اديب جي پنهنجي پنهنجي راءِ آهي، يعني ته سورهن ظاهري سينگارن جي قسمن بابت سندن مختلف رايا آهن. مثلاً ڪن جي خيال ۾ عورت جا ”سورهن سينگار“ هي آهن (1) بدن جي صفائي ڪرڻ (2) ڏندڻ ڪرڻ (3) صاف ڪپڙا پهرڻ (4) ڪجل لڳائڻ (5) لاک وغيره سان هٿن پيرن تي لالائي لائڻ (6) وار سنوارڻ (7) سينڌ ۾ سنڌر لڳائڻ (8) ڀرن جي وچ ۾ ڳاڙهو تاڪ لڳائڻ (9) کاڏيءَ ۾ تل بنائڻ (10) ميندي لائڻ، (11) خوشبوءِ لڳائڻ (12) پان چٻاڙڻ (13) گلن جا هار پائڻ (14) ڏندن کي ڳاڙهيرو ڪرڻ (15) لبن کي لال ڪرڻ (16) ۽ زيور (ڳچيءَ جا هار) پائڻ.

پليٽس (Platts) جي ’هندوستان لغت‘ ۾ ”سولهه سنگار“ اصطلاح جي تشريح طور عورت جا هيٺيان سورهن ظاهري سينگار شمار ڪيل آهن: 1. ڏندڻ 2. منجن (ڏندن صاف ڪرڻ جو ڪوبه خوشبوءِ دار ٻورو) 3. اُٻٽڻ (يعني ’ٻاٽڻ‘: ڪڻڪ جي اٽي کي سرهي تيل ۽ ٻين خوشبوءِ دار شين ۾ ڳوهي، صابڻ طور بدن تي صفائي خاطر مهٽڻ) 4. سينڌر (سينڌ ۾ وجهڻ لاءِ) 5. ڪيسر (پيشاني تي زعفران ملي وچ ۾ سنڌر جي تلو ڪڙي بنائڻ، يا ستارن سان چمڪندڙ نشان بنائڻ.) 6. آنجن (يعني سرمون يا ڪجل) 7. بيندي (يعني سنهڙي ’آلي‘ وارو ڳهه جو پيشاني تي لٽڪي بيهي) 8. سرهو تيل (وارن لاءِ) 9. ڪنگي (ڦڻي وارن سنوارڻ لاءِ) 10. ارگجا (پيلي رنگ جو خوشبوءِ دار مرڪب جو چندن، ڪافور، مشڪ، عنبر، مکڻ ۽ عرق گلاب ۾ تيار ڪجي ۽ ڪنوار جي ڪپڙن تي نشانن لڳائڻ خاطر استعمال ڪجي) 11 پان (وات جي صفائي ۽ خوشبوءِ لاءِ) 12. مسي (لوهه جي ٻُري، ڦٽڪي، ۽ مازو ڦل جو مرڪب) ڏندن ۽ چپن جي صفائيءَ ۽ سونهن (هلڪي ڳاڙهيري رنگ) لاءِ. 13 نير (سونهن خاطر تلڪوڙين ۽ ترن بنائڻ لاءِ) 14. ميندي هٿن پيرن جي لالائيءَ لاءِ 15. گل (گلن جي ڪنڍي گلي يا وارن ۾ سونهن خاطر) 16. آلتا (لاک جي رنگ ۾ ٻڏل لال ڪپہ، پيرن کي لالائيءَ لائڻ واسطي).

هاڻي اديبن ۽ لغت نويسن جي مٿين تحقيق، توڙي خود هنديءَ جي استاد شاعر ملڪ محمد جائسي جي شعر مان پدماوت راڻيءَ جي سونهن جي تعريف وارو مثال، ثابت ڪن ٿا ته هندي شاعريءَ ۾ ”سورهن سينگارن“ جي قسمن بابت ڪو متفقہ طور فيصلو ڏنل نه آهي ته اهي فلاڻا فلاڻا آهن. محض سورهن جي عدد بابت ئي اتفاق آهي. ٻيو ته آيا ”سورهن سينگارن“ جو تعلق محض ”جسماني حسن“ سان آهي، يا فقط عورت جي ظاهري ۽ مصنوعي ”هارن سينگارن“ سان آهي، ان بابت به ڪو متفقہ نظريو موجود ناهي. بلڪ ائين معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ باري ۾ ٻه مختلف نظريا آهن (1) پهرئين نظريه جو اندازو ”شرنگار رس“ جي محرڪ اساسي يعني ”هيروئن“ جي فطري حسن کي جي 28 وڌيڪ اسباب چمڪائين ٿا تن مان ۽ خود ”پدماوت“ جي حسن جي تعريف بابت ڏنل شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو. ظاهر آهي ته هيروئن جي انهن ڄاڻايل اٺاويهن اسبابن ۾ جسماني حسن توڙي ظاهري هار سينگار شامل آهن. ”پدماوت“ واري بيان جو تعلق پڻ فطري حسن آهي. ان مان هيءُ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ’سنگار رس‘ شاعريءَ جي اصلي سرچشمي توڙي ان جي هڪ استاد شاعر جي تخيل موجب ’سورهن سينگارن‘ ۾ فطري حسن توڙي ظاهري هار سينگار جون وصفون اچي وڃن ٿيون. (2) ٻئي نظريه جو مدار اديبن ۽ لغت نويسن جي ڪيل تحقيق تي آهي، ۽ ان تحقيق جو مدار غالباً هندي شاعريءَ جي پوئين تڪلف ۽ تصنع واري دؤر تي آهي جڏهن عام شاعرن ’سورهن سينگارن‘ جي بيانن کي محض عورت جي ظاهريءَ هارن سينگارن تائين محدود ڪري ڇڏيو.

هندي عشقيہ شاعريءَ جي شروعات واري تاريخي دؤر جي واقفيت، ۽ ’سنگار رس‘ نالي جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ’رس‘، ’سنگار‘ ۽ ’سورهن سينگارن‘ جي ايتري اصولي وضاحت بعد، اسان هن ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته هندي عشقيه شاعريءَ جي هن مخصوص تخيل ۽ ان جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن جو سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪيتري قدر چرچو پيدا ٿيو، ۽ انهن ۾ هندي ۽ سنڌي تخيل جي آميزش ڪهڙي صورت اختيار ڪئي.

”سنگار رس“ شاعريءَ جي مضمونن اندر هندي ۽ سنڌي تخيل جو سنٻنڌ

سنڌ ۾ جوڳ واري شاعريءَ جو تخيل ۽ هٽ يوگي فقيرن جا نظريا ان طبقي جي سيلاني جوڳين فقيرن جي ذريعي پهتا ’ڀڳتي شاعريءَ‘ وارا نظريا صوفي تارڪن ۽ درويشن جي ذريعي رائج ٿيا، ۽ هندي ’سنگار رس‘ يا عشقيه شاعريءَ جا عنوان ۽ اشعار سگهڙن ذريعي پهتا. اسان جي خيال ۾ حسن ۽ عشق جا اهي مضمون غالباً اول اول راجسٿان جي سگهڙ ڀاٽن ۽ چارڻن اُتي جي راجائن، سردارن ۽ عوام جي وندر ۽ ورونهه خاطر ياد ڪيا ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي سرحدي ۽ پاڙيسري رياستن، بيڪانير، جوڌ پور ۽ جيسلمير ۾ انهن جو چرچو پيدا ٿيو. ان بعد ’سنگار رس‘ شاعريءَ جا اهي دلچسپ عنوان ۽ اشعار سنڌ جي سگهڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻهارن ۽ ٻين سجاڳ سگهڙن سنڌ ۾ رائج ڪيا. مغلن جي دؤر حڪومت ۾ ’سنگار رس‘ شاعري عروج کي پهتي ۽ ڀائنجي ٿو ته اُنهيءَ دؤر جي آخر ڌاري مغل سلطنت جي ٻين صوبن ۾ به ان جو عام چرچو ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي (ميان نورمحمد) دؤر ۾ ان جو نئون ۽ نرالو سنڌي تخيل پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ حڪومت ۾ سنڌ ۽ ان جي مذڪور پاڙيسري رياستن، يعني بيڪانير، جوڌپور ۽ جيسلمير جي درميان نسبتاً گهاٽا سياسي ۽ تمدني تعلقات پيدا ٿيا ۽ انهيءَ ڪري غالباً سنڌ ۽ انهن رياستن جي سگهڙن جون باهمي محفلون متيون، ذهن کليا، ۽ نه فقط هن نئين شاعرانه فن ترقي ڪئي پر ان ۾ نوان نوان نقطا پيدا ٿيا.

اسان جي خيال ۾ پهريائين پهريائين هندي ’سنگار رس‘ شاعريءَ جا عنوان ۽ اشعار سنڌ جي ٿرپارڪر واري حصي ۾ رائج ٿيا ڇاڪاڻ ته اهو ڀاڱو، جيسلمير، جوڌپور رياستن جي علائقن سان مليل هو ۽ انهيءَ ڀاڱي جي ڀٽن، چارڻن ۽ سگهڙن جو راجسٿان جي سگهڙن سان زياده گهاٽو تعلق هو. ٻيو ته انهيءَ ڀاڱي جا سگهڙ جي سنڌي ٻوليءَ جي ”ٿري-ڍاٽڪي“ محاوري سان آشنا هئا تن لاءِ هندي اشعار سمجهڻ نسبتاً آسان هئا. انهن سگهڙن جي پنهنجي طبعي شگفتگي خواه سندن مجلسن جي مخصوص رنگ رهاڻ سبب، اهي اشعار جي حسن ۽ مجاز متعلق هئا سي انهن خاص طور ازبر ڪيا. انهيءَ لحاظ سان پدمڻيءَ جي وصفن ۽ ’سورهن سينگارن‘ جهڙن رنگين عنوانن سان سندن خاص دلچسپي رهي ۽ انهن بابت جوڙيل افسانن ۽ بيتن کي پنهنجي سگهڙپائيءَ جي محفلن ۽ مجلسن ذريعي عام رائج ڪيائون.

اهوئي سبب آهي جو اهي عنوان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي سگهڙن جي مارڪن جا خاص موضوع آهن. ٻيو ته انهن عنوانن بابت جي اشعار ملن ٿا تن کي جي گهريءَ نگاه سان ڏسجي ٿو ته انهن ۾ سنڌي ۽ سنڌيءَ جي ’ٿري ڍاٽڪي‘ محاورن جا الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا، جن مان اسانجي مٿئين نظرئي جي تائيد ٿئي ٿي ته غالباً انهن شعرن جي روايت سنڌي ٻوليءَ جي ’ٿري ڍاٽڪي‘ محاوري ذريعي ئي سنڌ ۾ عام رائج ٿي. يعني ته اول اول سنڌ ۾ اهي عنوان ۽ اشعار ٿرپارڪر جي ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻهارن جي زباني عام رائج ٿيا. ان جي مزيد تصديق هيٺ ”ڍول مارو“ جي عنوان هيٺ ڏنل بيتن مان ٿئي ٿي، ڇو ته ”ڍول مارو“ جو افسانو جيتوڻيڪ راجسٿان جي ڪن ڀاڱن، ڪڇ، گجرات توڙي ڪاٺياواڙ ۾ عام مشهور آهي، مگر سنڌ ۾ ان جي شهرت ۽ مقبوليت جو تعلق خاص طرح ٿرپارڪر جي ڀاڱي سان آهي.

(1) پدمڻيءَ جون وصفون:

پدم سنسڪرت لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي پٻڻ جو ’ڪنول گل‘ يا گل نيلوفر. هن گل جي نزاڪت ۽ سونهن جي لحاظ سان سنسڪرت ۾ نازڪ ۽ حسين عورت کي ’پدمني‘ جو صفاتي نالو مليو، ۽ جنسيات جي لحاظ سان عورت جي چئني قسمن (1. پدمني 2. چترني 3. سنکني 4. هستني) ۾ ’پدمني‘ قسم جي عورت کي سڀني جو سر تاج ڪري مڃيو ويو. هنديءَ ۾ ’پدمني‘ جو تلفظ ڦري ”پدمڻي“ ٿيو. جئن جنسياتي نظريه جي موجدن ’پدمڻي‘ قسم جي عورت جا اوصاف لکيا، تئن سگهڙ شاعرن به پنهنجي تخيل جو گهوڙو ڊوڙايو ۽ ’پدمڻي‘ عورت جي حسن جون خاص خوبيون بيان ڪيون.

سنڌ ۾ ’پدمڻي‘ جي وصفن بابت جي اشعار مشهور آهن، تن جي ابتدا اسانجا سگهڙ اڪثر هڪ خيالي قصي سان ڪندا آهن جنهن جو حاصل مطلب هي آهي ته اڪبر بادشاه، بيربل کي پنهنجي حرمسراءِ ۾ وٺي ويو انهيءَ لاءِ ته هو فيصلو ڪري ته حرمسراءِ جي بيگمات مان ڪا پدمڻي به آهي يا نه؟ اڪبر ڇهه چونڊ زالون هڪٻئي پويان بيربل کي ڏيکاريون ۽ هن هرهڪ بابت نظم جي هڪ مصرع ۾ جواب ٿي ڏنو ته انهن مان ڪابه پدمڻي ڪانهي.

(”کهي بيربل سني شاهه اکبر، اسي گهر نهين نار پدمڻي“)

در حقيقت نظم جون اهي مصراعون ڪنهن سگهڙ شاعر جي تخيل جو نتيجو آهن، جنهن ۾ هن نشست برخواست جي ڪن خاص سنجيده اوصاف کي مد نظر رکي ’پدمڻي‘ ۽ ٻين عام رواجي عورتن جو فرق بيان ڪيو آهي. انهن مصراعن جو مٿئين قصي سان ڪوبه تعلق ڪونهي. اهي مصراعون هي آهن.

1. پدمڻي تو پلڪ نيندر، پهر نيندر ڪامڻي،
اڌ رات جاگي استري، اور سورج جاگي سنکڻي.

(يعني ته پدمڻي اهڙي ته نازڪ ۽ بيدار آهي جو ان جي ننڊ هڪ پلڪ کن مس آهي، جيڪا عورت هڪ پهر ننڊ ڪري سا پدمڻي نه چئبي مگر اها ’ڪامڻي‘ يا هڪ چڱي معياري عورت آهي ۽ جيڪا عورت ٻه پهر ننڊ ڪري ۽ اڌ رات جو جاڳي سا ڄڻ استري يا ۽ عام رواجي زال آهي ۽ جيڪا سڄي رات سمهي ۽ سج اڀريي اک پٽي، سا ’سنکڻي‘ يعني خالي نالي زال آهي.)

2. پدمڻي تو پون جاگي، پائون جاگي ڪامڻي،
سڏ جاگي استري، اور سٽ جاگي سنکڻي.

(يعني ته پدمڻي ايڏي حساس آهي جو ذرا تيز هوا هڻڻ سان سجاڳ ٿيو پوي جيڪا پير جي اشاري سان سجاڳ ٿئي اها ڄڻ ’ڪامڻي‘ آهي. جيڪا سڏ سان جاڳي اها عام رواجي استري آهي باقي جنهن کي سٽ ڏيئي پٽي سجاڳ ڪجي سا ته خالي نالي زال آهي.)

3. پدمڻي تو پانچ تولا، ڏس جهيمي ڪامڻي،
پاء جهيمي استري، اڌ سير جهيمي سنکڻي.

(پدمڻي جو قوت پنج تولا، جيڪا ڏهه تولا يا اڌ پاءُ کن کاڌو کائي سا ڪامڻي چئبي، جيڪا پاءُ ويلي تي کائي، سا ڄڻ عام رواجي استري آهي، باقي اها جا اڌ سير ويلي تي چٽ ڪري سا ڄڻ ٺلهي نالي زال آهي.)

4. پدمڻي تو سات برسي، پانچ برسي ڪامني،
تين برسي استري، اور بارهن ماسي سنکڻي.

(پدمڻي ستن ورهين بعد ٻار ڄڻي، جيڪا پنجن ورهين بعد ٻار ڄڻي سا ڪامڻي چئبي، جيڪا ٽن ورهين جي وٿي بعد ٻار ڄڻي سا ڄڻ عام رواجي زال آهي، باقي جيڪا ٻارهين مهني ويامي سان ڄڻ خالي نالي زال آهي.)

5. پدمڻي تو هنس چالي، گج چالي ڪامڻي،
مور چالي استري، اور ڍور چالي سنکڻي.

(پدمڻي هلي ته ڄڻ هنج وانگر ٽلي جنهنجي هاٿي (گج) جهڙي سهڻي چال آهي سا ڪامڻي، جا مور وانگر هلي سا به استري چئبي باقي جا ڍورن وانگر هلي سا ته خالي نالي زال آهي.)

6. پدمڻي توکڙيان ڪيسي، ڪڙيان ڪيسي ڪامڻي،
اُرهه ڍڪي استري، اور ڍور چالي سنکڻي.

(پدمڻي عورت اها آهي جنهن جا ڊگها (ڪيس) وار پويان کڙين تي پيا پون، جنهن جا وار چيلهه تائين بيهن سا ’ڪامڻي‘ چئبي، جنهن جا وار ارهه ڍڪي بيهن سا ڄڻ عام رواجي استري آهي، باقي جنهن جا وار ايترو ڇوٽا هجن جو ڪنن تائين پهچن، سا ته خالي نالي زال آهي.)

مٿين مصراعن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اهي سگهڙ شاعرن جي تخيل جو نتيجو آهن. صرف مصرع 5. ۾ ’پدمڻي تو هنس چالي‘ وارو فقره اصلي آهي، ۽ غالباً ان کان متاثر ٿي سگهڙن مٿيون مصراعون بنايون آهن. هنن مصراعن جي زبان به هندي ڪانهي، بلڪ سنڌي ۽ ان جي ’ٿري ڍاٽڪي‘ محاوري جو مٿس رنگ چڙهيل آهي. اڌ رات، سڏ، سٽ، اڌسير، ڍور، کڙيان، ۽ ڍڪي الفاظ سنڌي آهن ۽ ”ڏس جهيمي“، ’کڙيان ڪيسي‘، ’ڪڙيان ڪيسي‘، ۽ ’ڪنان ڪيسي‘ جا اصطلاح زياده تر ’ٿري ڍاٽڪي‘ محاوري ۽ لهجي جي ساک ڀرين ٿا. انهن اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي مصراعون غالباً سنڌ جي سگهڙن جون ئي بنايل آهن.

(6) ڍول مارو بابت اشعار:

اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته جيتوڻيڪ ڍول مارو جو افسانو سنڌ کان ٻاهر به مشهور آهي مگر سنڌ ۾ ٿرپارڪر وارو ڀاڱوئي ان جي عام مقبوليت جي خاص ايراضي آهي. ’ڍول مارو‘ افسانه جا هيٺيان اشعار سنڌي ٻوليءَ جي ’ٿري ڍاٽڪي‘ محاوري ۾ رچيل آهن ۽ انهن جي مطالعي مان صاف ظاهر آهي ته اتي جي سگهڙن ساڳي ”سنگار رس“ واري زمين ۽ اسلوب بيان ۾ پنهنجي مڪاني افساني کي نظم ڪيو آهي. مطلب ته تخيل ۽ اسلوب بيان هندي آهن ته افسانو ۽ زبان سنڌي آهن، جن جو سنٻڌ هنن اشعارن ۾ بالڪل نمايان آهي.

1. اجچر، گجچر، ڪسمچو، انگچر اڌڪار،
سو سندر نه بسري، جس ڪا سورهن هي
سينگار.

(جنهن دلبر جو حسن سڀني جاندارن جي سهڻين صفتن جو جامع آهي. مثلاً سندس ڪارا وار واسينگ نانگ مثل (اجچر) آهن سندس سهڻي هلڻي هاٿي جهڙي (گجچر) آهي وغيره سو سهڻو سڄڻ ڪٿان ٿو وسري جنهن جا ويتر سورهن سينگار آهن.)

2. سَت رِپ ڪي چال هي، آڪا رپ ڪا نيڻ،
سو واهڻ ڪي لڪ هي، جيون آنبا رپ ڪا ويڻ.

(هنج (ست رپ = موتين جي آفت = يعني هنج، جو موتي چڳي) جهڙي سندس تور آهي، هرڻ (آڪا رپ = اڪن جي آفت = هرڻ، جو اڪن کي کائي) جهڙا سندس نيڻ آهن، چيتي (سو واهڻ = شو ديوتا جي ويهڻ يعني سواري = شينهن، جنهن تي شو ديوتا سواري ڪئي) جهڙي سندس چيلهه آهي، ۽ ڪوئل (آنبا رپ = انبن جي آفت) جهڙي سندس ٻولي آهي.)

3 هيم برن، ٻالڪ بدن، جهيڻ لڪ، مرگهه چک،
سو سندر ڪب بسري، جهڙو ايڪ جيو گڻ لک.

(سندس سون جهڙو لال رنگ، ٻار جهڙو نرم نازڪ بدن، سنهي چيلهه، ۽ هرڻ جهڙيون اکيون آهن: اهڙو سهڻو سڄڻ ڪئن وسري، جنهن جي جان هڪ ۽ گڻ لک آهن.)

4. ڪٽ ڪيهر، بال ڀوينگ، ڪونج بدن ڪنٺ لنڪ،
هيرا دسن، ڀودرڪ بهن (؟)، مارو منگهٽ مهنڪ.

(سندس چيلهه چيتي جي چيلهه وانگر سنهي، وار واسينگ وانگر ڪارا، ۽ ڳچي ڪونج جهڙي ڊگهي، ۽ سنهي، ۽ ڏند هيرن جهڙا آهن (ڀودرڪ بهن، جي معنيٰ تحقيق طلب آهي)، ۽ پڻ ان مارو (محبوب) جو موڙ منگهٽ مڻيادار آهي.)

5. اک ڪاجل، نڪ سل، خنجر نين ختنگ،
مارو تراٺوڙي مرگهه جيون اوڀي موڙي انگ.

(سندس اکيون ڪجليون، نڪ سنهي سوراخ وارو، ۽ اکيون تلوار مثل آهن، منهنجي مارو (محبوب) ڄڻ ٽهندڙ هرڻ وانگر، ڪر موڙي ناز سان پئي نهاري.)

6. پاتر پينڊي، پينگهه ڌن (؟)، ونءِ واسينگان جيون وٽ،
ڍولا! تميڻي مارو، جيون ڀلي گهوڙي ڪا نٽ.

(سنهي پنڊي، پينگهه جي لوڏ، ۽ رفتار ۾ انتظار يا نازن سبب واسينگن وارا وٽ ۽ پيچ اي ڍوليا! تنهنجي مارو کي ڄڻ ڀلي گهوڙي وارا گهُنڊ ۽ ناز آهن!)

7. پاتر پهرڻ، ڀل چڙهڻ، ڀوم تريان اُتم ڪل،
لالچ ڪيڻي نه لڀڻا، ڍولا! لکيا لاڀيا ول.

(نازڪ نفيس ڪپڙا پهرڻ ۽ اهڙين ڀلين گهوڙين تي چڙهڻ جن جو بڻ روءِ زمين جي بڻن ۾ اُتم آهي، ڍوليا! اهو بخت لالچ ڪندي نه ملي، البت لکيي سان نصيب ٿئي.)

(3) سورهن ۽ ٻارهن سينگار:

مٿي سينگار جي اصولي نظريه توڙي هندي شاعريءَ ۾ ’سورهن سينگارن‘ جي اصطلاحي معنيٰ تي روشني وڌي وئي آهي. ’شرنگار رس‘ جي محرڪات جي اصولي نظريه موجب عورت جي فطري حسن جا اوصاف توڙي ظاهري ساٺ، ’سينگارن‘ ۾ شآمل آهن. ملڪ محمد جائسي پڻ پدماوت جي فطري حسن جا اوصاف بيان ڪندي سورهن سينگار جو نالو کنيو آهي. مگر هندي شاعريءَ جي پوئين تڪلف ۽ تصنع واري دؤر ۾ غالباً هندي شاعرن محض عورت جي ظاهري سينگارن کي ڳايو ۽ انهيءَ ڪري اديبن ۽ لغت نويسن ’سورهن سينگارن‘ جي تشريح ڪندي انهن جو تعلق محض عورت جي ظاهري سينگارن سان ئي ڄاڻايو. البته پليٽس (Platts) پنهنجي ’هندستاني لغت‘ ۾ لفظ ”سنگار“ هيٺ ”سولهه سنگار باره اڀرن (يا ابرن)“ جو اصطلاح بنا تشريح جي ڏنو آهي، ۽ لفظ ’اڀرن‘ يا ’ابرن‘ جي معنيٰ لفظ ”آڀرن“ هيٺ هن طرح ڄاڻائي آهي. ”جواهرات زيور، زيب وزينت.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ’آڀرن، يا ’ابرن‘ جو لفظ هندي ٻوليءَ ۾ ٻارهن قسمن جي ڳهن ۽ زيورن جي معنيٰ ۾ آيل آهي. آيا اهو لفظ هندي شاعرن به استعمال ڪيو ۽ محبوب جي سينگارن کي واکاڻيندي انهن ٻارهن قسمن جي ڳهن ۽ زيورن جو به ذڪر ڪيو، اهو اسانکي معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ممڪن آهي ته هندي شاعرن محبوب جي ٻارهن قسمن جي زيورات جو ذڪر پنهنجي اشعار ۾ ڪيو هجي، مگر غالباً سندن اهو مضمون مشهور ڪونه ٿيو.

بعد ۾ جڏهن هندي عشقيہ شاعريءَ جا عنوان سگهڙن جي رس رهاڻ جا موضوع بنيا تڏهين سندن سگهڙپائي انهن کي سموهي سنواري نوان معنوي نقطا ايجاد ڪيا. اسانجي خيال ۾ اهو سنڌ ۽ ٿرپارڪر جي سگهڙن جو انوکو تخيل هو جن انهن عنوانن کي نئون رنگ ڏنو بلڪ منجهن نئين جان پيدا ڪئي. هنن ’سنگار رس‘ جي اصلي نظريه توڙي ’سورهن سنگارن‘ جي پوءِ واري اصطلاحي معنيٰ، يعني ’فطري حسن‘ ۽ ’ظاهري سينگار‘ جي ٻنهي عنوانن کي پنهنجي نئين تخيل ۾ سموهي ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جو هڪ نئون نظريو قائم ڪيو، جنهن موجب ’سورهن سينگار‘ عورت جي فطري حسن سان مخصوص ڪيائون، ۽ باقي ’ٻارهن سينگار‘ عورت جي جڙتو جنسارن سان مخصوص ڪيائون. جيتوڻيڪ انهن ٻارهن بناوتي سينگارن لاءِ هندي لفظ ’ابرن‘ مان صفت ”ابر نوي“ استعمال ڪيائون، مگر سندن هن تقسيم جو بنياد غالباً ’شرنگار رس‘ جي نظريه تي ٻڌل هو جنهن موجب ’شرنگار رس‘ جي اساسي محرڪ (عورت) جي جوانيءَ کي چمڪائڻ لاءِ جملي 28 اوصاف مقرر ڪيا ويا هئا جن ۾ ناز و ادا، فطري حسن، توڙي ظاهري سينگار شامل هئا. هنن سگهڙن ڄڻ انهن اٺاويهن وصفن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري، 16 اوصاف فطري حسن لاءِ مخصوص ڪيا ۽ 12 اوصاف عورت جي پنهنجي سينگارن لاءِ مقرر ڪيا. انهيءَ تقسيم جي علاوه هنن سگهڙن انهن ٻنهي قسمن جي تشريح ڪري سورهن ۽ ٻارهن سينگارن مان هرهڪ جي سڃاڻپ جا اصول مقرر ڪيا. اسانجو هيءُ خيال ته غالباً اهو نئون نظريو سنڌ جي سگهڙن پيدا ڪيو، هن حقيقت تي مبني آهي ته انهيءَ نظريه جي وضاحت ۾ جي اشعار ملن ٿا تن جي ٻولي ۽ اسلوب بيان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تخيل جو دخل آهي، جئن ته هيٺين تشريح مان واضح ٿيندو.

(الف) سورهن فطري سينگار:

هن نئين تخيل موجب، ’سورهن سينگارن‘ جو اصطلاح خاص طرح حسن جي سورهن فطري وصفن لاءِ مخصوص ٿيو، ۽ انهن سورهن فطري وصفن جي تقسيم هن طرح ڪئي وئي ته:

”چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول، ڦل چار،
اهي سورنهن ئي سينگار، ابر نوي اٺ چار.“

يعني ته محبوب حسن جي سورهن فطري وصفن سان سينگاريل هجي، جن مان چار وصفون زمين تي هلندڙ جاندارن (چلنت) واريون سهڻيون وصفون هجن، چار وصفون اڏامندڙن (اڏنت = پکي وغيره) واريون هجن، چار وصفون گلن (ڦول) واريون هجن، ۽ چار وصفون ڦلن (ڦل) واريون هجن، حسن جا فطري سينگار اهي ئي سور هن آهن، باقي ابرنوي يعني بناوتي سينگار ٻيا جدا ٻارهن (اٺ + چار) آهن.

سورهن سينگارن جي مٿين اصولي تشريح نهايت ئي شاندار آهي. اول ته سورهن وصفن کي چئن مقرر قسمن ۾ وراهي انهن جي سڃاڻپ کي زياده واضح ڪيو ويو آهي، ٻيو ته انهيءَ سڃاڻپ جون فقط وسيع حدون مقرر ڪيون ويون آهن، هنديءَ ۾ ’سورهن سنگار‘ جي وضاحت وانگر هرهڪ وصف جو نالو وٺي هر وصف کي محدود ڪونه ڪيو ويو آهي. هندي اديبن ۽ لغت نويسن جي تشريح موجب سورهن سينگارن جا نالا جيتوڻيڪ مختلف نظرين موجب مختلف آهن ته به هر حالت ۾ مقرر ٿيل آهن جنهنجي معنيٰ ته هر شاعر محض اهي ئي مقرر ڪيل سينگار پنهنجي شعر ۾ بيان ڪري سگهي ٿو. مگر هن نئين نظريه موجب سندس آزاد تخيل لاءِ ڪافي ڪشادو ميدان ڇڏيو ويو آهي، شاعر ڪهڙن به جانورن، پکين، گلن يا ميون جون ڪهڙيون به چار سهڻيون وصفون تشبيهه طور آڻي سگهي ٿو. مثلاً هڪ سگهڙ اهي سورهن وصفون هن طرح بيان ڪيون آهن.

مرگهه جون ماتهي نين هي، ڪٺ چيتي بنراج،
گهنگهٽ وان ڪو تريءَ ڪو، درگهه چالي گجراج.

(مرگهه = هرڻ، ڪٺ = چيلهه. بنراج = شينهن. وان ڪو = اُن جو. تري = گهوڙي درگهه چالي = آهسته ڊيگهه وارا قدم کڻي هلڻ. گجراج = هاٿي. هن مصرع ۾ سگهڙ، محبوب جي حسن جون چار جانورن واريون فطري وصفون بيان ڪندي چوي ٿو ته: پيشانيءَ ۾ هرڻ واريون اکيون اٿس ۽ چيلهه چيتي شينهن جهڙي سنهي اٿس، سندس گهنڊ ۽ ناز ڀلي گهوڙي جهڙو آهي، ۽ سندس خرامان خرامان ٽور هاٿي جي سهڻي هلڻي وانگر آهي.)

ناس ڪيل، ڪوڪيل بولي، ڪنٺ گلي سر مور،
ڀرون سجن کي سيام هين، جون چمپا تي ڀونر.

(ڪيل = چٽون. ڪوڪيل = ڪوئل. ڪنٺ = ڳچي. سيام = ڪارا. چمپا = چنبيلي گل. هن مصرع ۾ سگهڙ محبوب جرن پکين واريون چار وصفون بيان ڪندي چوي ٿو ته سندس نڪ طوطي جهڙو، ٻولي ڪوئل جهڙي مٺي، ۽ ڳچي مور جي ڪنڌ جهڙي ڊگهي ۽ سنهي آهي. سڄڻ جا ڀرون اهڙا ڪارا آهن جئن ڄڻ چنبيلي جي سفيد گل تي ڀؤنر ويٺا آهن.)

آڌر ڪپول گلاب هين، ڪيس سوسن ڪي ريهه،
ڪيسر روپ، مکهه ڪنول، اڻهه ساجن وصل لي.

(اڌر = چپ ڪپول = ڳل ڪيس = وار. سوسن = ڪارو گل. ريهه = ليڪون (ڪاريون). ڪيسر = گل زعفران. ڪنول = گل نيلوفر. هن مصرع ۾ سگهڙ محبوب جون گلن واريون چار وصفون بيان ڪندي چوي ٿو ته : لب ۽ رخسار گلاب جي گل وانگر لعل آهن، ۽ وار سوسن گل وانگر ڪارا آهن، بدن جو رنگ ڪيسر مثل ڳاڙهو ۽ منهن ڪنول جي گل وانگر سهڻو ۽ ٻهڪندڙ آهي. اهڙي حسن وارا سهڻا سڄڻ! اٿي ڪو وصل جو لطف وٺ.)

ڪر ڪيلي، دڇن انار هين، اُري سوپاري تان،
اسٿن ڪامن ناريل هين، انگيا سوڀيا مان.

(ڪر = ڪرايون. دڇن = ڏند اُري = کڙي. تان = وانگر. اسٿن = پستان. انگيا = چولي، سوڀيا = سونهن. هن مصرع ۾ سگهڙ محبوب جون چار ڦلن واريون سهڻيون وصفون بيان ڪندي چوي ٿو ته سندس ڪرايون ڪيلي جي ڦريءَ جهڙيون آهن، ڏند ڏاڙهون جي داڻن جهڙا آهن، ۽ پير جي کڙي سوپاري جهڙي گول ۽ ننڍي آهي، ڪامڻيءَ جا پستان سندس سهڻي چولي اندر ران ڄڻ ناريل آهن.)

مٿين مصراعن جي پڙهڻيءَ جو مدار لس ٻيلي جي سگهڙن جي روايت تي آهي. مرحوم آخوند عبدالرحيم وفا پڻ پنهنجي هڪ قلمي بياض ۾ اهي اشعار قلمبند ڪيا آهن ۽ سندس روايت ۾ ٻي مصرع (جنهن ۾ پکين واريون وصفون شمار ڪيل آهن) جي ٻي سٽ هن طرح آهي ته ”ٽريهر چيها ڪي شام هين جيئن چنپا تي ڀؤنر“. مگر انهيءَ پڙهڻيءَ مان ڪو صاف مطلب ڪونه ٿو نڪري. سنڌ جي ٻين موجوده سگهڙن کي اهي مصراعون بالڪل ناقص نموني ۾ ياد آهن. ٻي مصرع جي ٻيءَ سٽ ۾ سندن متفقه روايت موجب ’چرن چيهي جهڙا‘ واري مشابهت هئڻ گهرجي، يعني ته محبوب جا پير اهڙا لعل رتل هجن جهڙا چيهي پکيءَ جا پير. مجموعي طور مٿيون مصراعون هندي ٻوليءَ جي اسلوب بيان ۾ چيل آهن ۽ انهيءَ ڪري يا ته سنڌ ٿرپارڪر جي ڪنهن وڏي سجاڳ سگهڙ جون چيل آهن يا ته ٻاهرئين ڪنهن سگهڙ جون آهن. البته ’گهنگهٽ وان ڪو تريء ڪو‘ واري جملي ۾ ’ٿري ڍاٽڪي‘ محاوري جو ذرا عڪس نظر اچي ٿو ۽ ”اڻهه ساجن وصل لي“ واري فقره ۾ ’سجن‘ جي بدلي ’ساجن‘ ۽ خاص طرح عربي لفظ ’وصل‘ جو استعمال خالص هندي بيان جي برعڪس آهي. ازانسواءِ ٻي مصرع جي ٻي سٽ جي ڏنل پڙهڻي جيڪڏهن صحيح آهي ته پوءِ ان ۾ ’ڀرون‘ (ف ابرو) جو لفظ ڄڻ سنڌي ٻولي جو لفظ آهي ۽ پڻ ڀرون جي ڀونئر سان تشبيهه خاص طرح سنڌي تخيل مطابق آهي. ”ڀؤنر ڀرون ڪارا“ جو فقره ته سنڌ ۾ زبان زد عام آهي، مگر سنڌي شاعرن جي شعر مان پڻ هن تشبيهه جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، جئن ته:

’لڪ ليئي، آهر ڪپور، ڀروان ڀؤنر ڀونگ‘ (جلال)

اُلڊه انگ عجيب جا، ڀؤنر ڀرون بنسئا‘ (دوس محمد)

’ڀرون تنهن جا ڀوءنر جان، اکيون ميگهه ملار‘ (خضر)

’ڪنگوؤرن ڪرائيون، ڀرون ڀؤلر ڀونگ‘ (سليمان)

مگر هندي شاعريءَ ۾ ڀرن جي ڀونئر سان تشبيهه عام مروج ناهي. خصوصاً ڪنول يا چنبيلي گل تي ويٺل ڀؤنر کي هندي شاعري محبوب جي اکين سان تشبيهه ڏني آهي، جئن ته هنديءَ جو استاد شاعر ملڪ محمد جائسي، پدماوت راڻي جي حسن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته:

نين چتر دي روپ چتيري،
ڪنول پتر پر مدهکر پهيري.

(محبوب جون هوشيار تيز نظر اکيون ۽ حسين چهرو ائين پيو معلوم ٿئي جو ڄڻ ته ڪنول گل جي پن تي ڀؤنر ويٺو آهي.)

فطري حسن جي 16 وصفن کي ڪن سگهڙن وري هن طرح شمار ڪيو آهي ته:

مرگهه نين، ڪيهر لڪ، اسپ گهونگهٽ، گج گام،
ڪوئل ٻُلي، طوطي نڪ، مور ڳچي، پاريور قدام،
سوسن بال، مک ڪنول، ڏند چنبيلي، اڌر گل لالافام،
اونڌ سوپاري، نيڀو پپيهل، مڱ ڦر انگلي، ٺڊي آم.

يعني ته هرڻ جهڙيون اکيون، شينهن (چيتي) جهڙي سنهي چيلهه، گهوڙي واري گهُنڊ ۽ ناز، هاٿي واري سهڻي ٽور، ڪوئل جهڙي مٺي ٻولي، چتون جهڙو ڪنڍو نڪ، مور جهڙي سهڻي ڳچي ۽ ڪبوتر جهڙا گلابي پير، سوسن گل جهڙا نرم ڪارا وار، ڪنول گل جهڙو سهڻو منهن، چنبيلي گل جهڙا سفيد ڏند ۽ لاله جي گل جهڙا لعل لب، سوپاريءَ جهڙي گول ننڍي کڙي، ليمي جهڙا پستان، مڱ جي ڦريءَ جهڙيون سنهيون آڱريون، ۽ انب جي هيٺين چوٽي جهڙي سهڻي کاڏي.

(ب) ابرنوي يا ٻارهن بناوتي سينگار:

اسان مٿي چئي آيا آهيون ته پليٽس جي ’هندوستاني لغت‘ ۾ ”سولهه سنگار بارهه اڀرن (يا ابرن)“ جو اصطلاح ملي ٿو، ۽ ’اڀرن‘ جي معنيٰ ”جواهرات زيور، زيب و زينت“ ڏنل آهي. سنڌ جي سگهڙن ’ابرن‘ مان ”ابرنوي“ (يعني ’ابرن‘ سان تعلق رکندڙ) صفت بنائي اهو نالو عورت جي ٻارهن بناوتي سينگارن کي ڏنو. ڪنهن سگهڙن هيٺيس نظرم ۾ اهڙن ٻارهن سينگارن جا مثال ڏنا آهن.

1. بوکن، ڪئنچن قسم ڪي ست پاٿر نيني نار.
2. ڪاٺ سنوارت، بيني، رپ، بن ڇوڏو بازار.
3. درپن شاهي سجو ڪي، سينڌر سينڌ سينگار.
4. چوئا، چندن، ميندي، تيل، اي سڀ ڪامن ڪي ڪار.
5. سنت ڪهي سچ بوليا، هي ابرنوي اٺ چار.

يعني 1. ڪپڙا (بوکن = بوڇن) 2. زيور (ڪئنچن = ڪنچن = سون) اهي ٻئي قسم قسم جا، 3. سرمون (ست پاٿر = پٿر جو پٽ = سرمون جو کاڻين مان نڪري ۽ هڪ قسم جو پٿر آهي) جو عورت جي اکين ۾ سونهي 4. ڦڻي (ڪاٺ جي ڦڻي جا وار سنواري) 5. ڏوري يا سينڌ (بيني رپ = نڪ جي آفت ڏوري به نڪ جي مٿان بيهي، ۽ جي سينڌ ڪڍجي ته به نڪ مٿان سڌي آڱر مٿي ڏيئي ان جو نشان ڪجي) 6. مساڳ (بن ڇوڏو = وڻ جو ڇوڏو) لبن جي لالائي لاءِ 7. وڏي آرسي (درپن) جا جواني کي چمڪائڻ ۾، يا سينگار جي تياري ۾ مدد ڪري (سجوون = جواني ماڻيندڙ، جواني وارو. سجوانا = تيار ڪرڻ، تياري ڪري رکڻ) 8. سينڌر، جو سينڌ جو سينگار آهي 9. خوشبوءِ دار چوئو 10. چندن يا سر کنڊ جو پيشاني تي ملجي 11. ميندي جا هٿن پيرن کي لائجي، ۽ 12. تيل هر قسم جو، جو وارن ۾ وجهي يا خوشبوءِ ۽ چمڪ خاطر منهن تي مکجي اهي جملي شيون ڪامڻ (ڪامڻي) جي ڪم جون آهن. درويش چوي ٿو ته، مون سچ چيو آهي ته ’ابرنوي‘ يا بناوتي سينگار ٻارهن (اٺ + چار) ئي آهن.

مٿين مصراعن ۾ ’ڪاٺ سنوارت‘، ’بن ڇوڏو‘، ’سينڌ‘ ۽ ’اٺ چار‘ جا الفاظ سنڌي آهن ۽ ازانسواءِ قسم، بيني ۽ شاهي جهڙا عربي ۽ فارسي الفاظ به ڏيکارين ٿا ته هي نظم سنڌ جي ڪنهن ملسمان سگهڙ جي شگفته طبع جو نتيجو آهي.

نتيجه: مٿي ڏنل ٽن عنوانن، يعني 1. پدمڻي جي وصفن، 2. ’ڍول مارو‘ جي افساني وارن شعرن ۽ 3. سونهن ۽ ٻارهن سينگارن، جي وضاحت مان معلوم ٿيو ته هندي عشقيہ شاعري جا مضامين ۽ عنوان سجاڳ سگهڙن ذريعي سنڌ تائين پهتا، سنڌ جي سگهڙن پنهنجي هڪ مڪاني افساني ’ڍول مارو‘ توڙي هندي ادب جي عنوانن ذريعي پنهنجي انوکن خيالن کي هندي اسلوب بيان ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خاص طرح عورت جي سينگارن جي ’سورهن ۽ ٻارهن‘ واري تقسيم کي پنهنجي انوکي تخيل ذريعي نئين تشڪيل ڏني. اهو وچ وارو دؤر هو جڏهن هندي مضمونن ۽ عنوانن ۾ سنڌي تخيل جي آميزش سان نوان نقطا پيدا ٿيا. تاريخي لحاظ سان غالباً اهو ڪلهوڙن کان اڳ ۽ ڪلهوڙن جو اوائلي دؤر هو. انهيءَ دؤر ۾ سنڌي سگهڙن اڃا پنهنجي خيالن کي هندي اسلوب بيان ۾ اظهار ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اندازاً ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ کان سنڌي جي پخته مشق شاعرن هنن عنوانن تي خاص سنڌي زبان ۾ پنهنجا شاعرانه جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا، ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل طور فن ’سينگار‘ جو بنياد رکيائون.


* مهراڻ جي اڳئين جلد (1/1955ع) ۾ سنڌي شاعريءَ ۽ هندي شاعريءَ (”جوڳ واري تخيل“ ۽ ان بعد ”ڀڳتي شاعريءَ“) جي لاڳاپي تي قدري روشني وڌي وئي هئي. هن مضمون ۾ هندي شاعريءَ جي ٽئين دؤر يعني ”عشقيہ شاعري“ (سينگار رس) ۽ سنڌي شاعريءَ جي لاڳاپي کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. (ن - ب)

(1)  Discussion on Poetics occurs for the first time “as a subordinate element in chapter XVI of the Bharatiya Natyacastra…. It develops the doctrine of sentiment, Rasa, with its eight subdivisions as erotic, comic, pathetic and those of horror, heroism, fear, disgust and wonder. Sentiment is a condition of mind of a spectator of a drama, or we may add, the hearer or reader of a poem……’’ A History of Sanskrit Literature by Keith, Oxford University Press, London, 1953, Page 272.

(1) محترم مولوي حبيب الرحمان صاحب شاستري B.A (بعد ۾ پنڊت M.A) سنسڪرت ليڪچرر، مسلم يونيورسٽي ڪاليج علي ڳڙه جو هي ڪتاب، مسلم يونيورسٽي پريس مان 1349هه/1930ع ۾ شايع ٿيو.

(1) مولوي پنڊت حبيب الرحمان صاحب جو مذڪور ڪتاب ”رس يعني فلسفہ البساط“، ص 127

(1) ايضاً

(1) سريواستو: ”هندي شاعري مين روحانيت کا دور،“ رساله ”اردو“ ماه اپريل 1942ع، ص ص 240-241.

(1) ”رس با فلسفهء انبساط“ مذڪور، ص 82

(1) هي اشعار اسانکي مٺي، ضلع ٿرپارڪر جي سگهڙ عارب فقير مڱڻهار جي زباني مليا، ۽ انهيءَ اڪيلي روايت جي بناء تي هي اشعار قلمبند ڪيا وڃن ٿا. ٻي ڪا روايت ملي ها ته شايد انهن جي صحت کي بهتر بنائي سگهجي ها ۽ پڻ ڪن لفظن جي معنيٰ وڌيڪ واضح ٿئي ها. جئن ته مضمون پريس ۾ وڃي رهيو آهي، انهيءَ ڪري لفظن جي تحقيق جو موقعو ملي نه سگهيو آهي. طوالت جي خوف کان تفصيلي تشريح کي پڻ درگذر ڪيو ويو آهي.

(2) مضمون لکڻ وقت ’ڪسمچر‘ ۽ ’انگچر‘ لفظن جي تحقيق لاءِ وقت ملي نه سگهيو آهي. عارب فقير جي زباني موجب ’ڪسمچر‘ معنيٰ شينهن آهي ۽ انگچر معنيٰ هرڻ آهي (۽ انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ٿيندي ته سندس چيلهه چيتي جي مثل سنهي آهي ۽ اکيون هرڻ مثل آهن.) مگر انهن لفظن جي معنيٰ اڃا تحقيق طلب سمجهڻ گهرجي. ’اجچر‘ ۾ ’اج‘ معنيٰ نانگ، ’گجچر‘ ۾ ’گج‘ معنيٰ هاٿي. ’چر‘ جي پڇاڙي چال چلت ۾ مشابهت ڏيکاري ٿي. مثلا ’سهچر‘ معنيٰ ساٿي.

* هن نظم جون ٻه ٽي روايتون آهن. 1 ۽ 2 مصرع سڀني روايتن ۾ متفقہ طور آيل آهن، باقي پوين ٽن مصراعن جي روايتن ۾ اختلاف آهي. انهن مصراعن جون ٻه مکيه اختلافي روايتون هيٺ ڏجن ٿيون.

(الف) ڌر پت شاهي سجر ڪي، سنڌر سينڌ سينگار،
عطر، ميندي، تيل، اي سڀ ڪامن ڪي ڪار،
سچ ديکيا جو ڪچ ڪها، ابر نوي اٺ چار.

(ب) سياهي، سرخي سڀ رنگ قد ڪامن ڪي ڪار،
چوئا، چندن، ميندي، سينڌر سينڌ سنوار،
سنت ڪهي، سچ بولي، هي ابر (ن) ڀي اٺ چار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com